آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

8. لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو (آڪٽوبر 1988 کان جنوري 1992)

15 آڪٽوبر کان لاڙڪاڻو ڊويزن وري وجود ۾ اچي وئي. جنهن لاءِ ڪمشنر هفتو اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي پهتو. چيف منسٽر قاضي اختر صاحب جو کيس وڏو ٽيڪو هيو. فنڊز جي رليزر ۽ اسٽاف جي پوسٽنگ وغيره ۾ کيس ڏکيائي نه ٿي. پر اصل ۾ ’ڪجهه به نه‘ مان محل ٺاهڻو هيو، پورو سسٽم کڙو ڪرڻو هيو، جيڪو مناسب طريقي سان اڳتي به هلي سگهي.

[b]ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو
[/b]قاضي صاحب جيڪو ٻيو اهم ڪم ڪيو، اهو Cadet Collage لاڙڪاڻي جو قيام هيو. اهو خواب ۽ سوچ ته ڀٽي صاحب جي هئي، پر وقت کيس مهلت نه ڏني. قاضي صاحب کي انهن ڳالهين جي سُڌ هئي. لوڪيشن جي به خبر هئس. ٻيلي کاتي جي 350 ايڪڙ زمين ڪيڊٽ ڪاليج لاءِ هڪدم منظور ڪري ان جو قبضو ڏنو ويو. ڪجهه پيسا به ڏنا ويا. ڪم شروع ٿي ويو.

[b]ڪمشنر آفيس
[/b]شيخ زيد وومين هاسپيٽل جي ڀرسان نرسنگ هاسٽل ٺهي رهي هئي ۽ تقريباً مڪمل هئي. ڪمشنر فيصلو ڪيو ته ان بلڊنگ کي ڪمشنريٽ ۽ آءِ جي آفيس ۽ ڊويزنل آفيسن لاءِ حاصل ڪيو وڃي. ايئن ئي ٿيو، نرسنگ هاسٽل جو پروجيڪٽ ٻي هنڌ شروع ڪيو ويو.
ضلع ڪائونسل جو ريسٽ هائوس هيو، جيڪو خالد کرل صاحب ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ ٺهرايو هيو. اهو، ان سان لاڳاپيل ٻه ٽي ٻيون عمارتون ڪمشنر هائوس ۽ ڪيمپ آفيس لاءِ حاصل ڪيون ويون.
انهن بلڊنگز جي ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي. جيئن ڪمشنر ۽ ان جي اسٽاف لاءِ آفيس ۽ گهر جي استعمال لائق بڻائجي. وڏو مرحلو هيو، آفيس به اتي هلي رهي هئي. بلڊنگ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم به شروع ٿي ويو هيو. فرنيچر به وٺڻو هيو. اسٽاف به ڀرتي ڪرڻو هيو ۽ 16 نومبر تي اليڪشن به ٿيڻي هئي. ان جي تياري به ڪرڻي هئي. ڪمشنريٽ جو رڪارڊ، جيڪو سکر ڊويزن مان لاڙڪاڻي گهرائڻو هيو، اهو به گهرائي رهيا هئاسون. گهڻو اسٽاف ڪونه هيو، ٻه اسسٽنٽ، ٻه جونيئر ڪلارڪ ۽ ٻه پٽيوالا سکر کان مليا هئا. ظاهر آهي ته اڌو اڌ ته نڪما هئا، پر اسان وٽ ته اهي انڌن ۾ ڪاڻا هئا. هدايت الله مهر، امير بخش چنا، جبار مهر، اسان لاءِ ڏاڍا ڪارگر ثابت ٿيا. خاص طور هدايت مهر اسان کي 16 کان 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو ٿي پيو.

[b]اسٽاف جي ڀرتي
[/b]نوڪرين لاءِ اشتهار ڏنو ته ماڻهو اچي ڪڙڪيا. اسسٽنٽ، سينئر ڪلارڪ، جونيئر ڪلارڪ، ڊرائيور، پٽيوالا ۽ چوڪيدار. اسان جي ڪوشش هئي ته جلد کان جلد ڀرتيون ڪري Merit تي نوجوان کڻجن ۽ جلدي ڪم کي اڳڀرو ڪجي. ڏاڍا سٺا نوجوان آيا. لاڙڪاڻي جي اميدوارن جو ته جواب ئي ڪونه هيو. انهن مان اڪثريت اهڙن جي آهي، جيڪي RQE ڪري مختيارڪار ۽ اسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويا آهن.

[b]اليڪشن 1988ع
[/b]ضياءُ الحق جي مرڻ کان پوءِ چيئرمين سينيٽ غلام اسحاق خان ايڪٽنگ صدر ٿي ويو هيو. جنرل مرزا اسلم بيگ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو سنڀاليو. نئون رنگ نئون ڍنگ شروع ٿي ويو. 16 نومبر 1988ع تي اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي. حالات اهڙا هئا جو جنرل مرزا اسلم بيگ ۽ اسحاق خان مارشل لا به لڳائي ٿي سگهيا. ايمرجنسيءَ جي بهاني اليڪشن پوئتي به ڪري ٿي سگهيا، پر اهي ٻئي ان ڳالهه تي بيٺا رهيا ته اليڪشن مقرر وقت تي ڪرائي وڃي.
بينظير صاحبه کي بلاول پيٽ ۾ هيو ۽ Establishment جو خيال هيو ته هوءَ اليڪشن جو ورڪ نه ڪري سگهندي. پر هن 21 سيپٽمبر 1988ع تي بلاول کي جنم ڏنو ۽ جلدي ئي اليڪشن لاءِ ميدان تي لهي پئي. سرڪاري حلقن ۾ وڏو زلزلو اچي ويو. آءِ ايس آءِ، سياسي جماعتن جو اتحاد آءِ جي آءِ ٺاهي ورتو. انهن پي پي پي مخالف جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو. آءِ ايس آءِ ۽ آءِ جي آءِ جي رهنمائي جنرل حميد گل ڪري رهيو هيو. جيڪو افغان جنگ جو پاڻ کي هيرو سڏائيندو هيو. ان ڪوشش جي باوجود پ پ پ اسيمبلي ۾ اڪثريت سان کٽي آئي ۽ وڏي ۾ وڏي پارٽي ٿي اڀري، جنهن قومي اسيمبليءَ ۾ 93 سيٽون کنيون. سنڌ ۾ به سندس اڪثريت رهي.

[b]اليڪشن کان پوءِ
[/b]اليڪشن ۾ اهو واضح ٿي ويو ته مٿي ۽ سنڌ ۾ حڪومت پ پ پ جي ٺهندي. معنيٰ نئين حڪومت ڪامورن جي موجوده مقررين تي نظرثاني ضرور ڪندي. ڪمشنر ڪي بي رند تي ته اڳي ئي ليبل لڳل هو ته هُو غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ماڻهو آهي. پر پوءِ ڇا ٿيو، انتظاميا جي ڪنهن به آفيسر جي بدلي نه ٿي. ڊي سي ايوب شيخ اصل ۾ اي ڊي ايم هيو، ان کي اليڪشن دوران ڊي سي جي چارج هئي. ان کي Regular ڪرڻ جي بدران مسٽر بخشل خان گدارو کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪري موڪليو ويو. منهنجو BS-18 ۾ پروموشن کان پوءِ مون کي ايڊيشنل ڪمشنر-II ڪري مقرر ڪيو ويو. گل حسن اڳ ۾ ئي ايڊيشنل ڪمشنر-I هيو.

[b]بي نظير صاحبه وزيراعظم ٿي وئي
[/b]محترمه بينظير صاحبه 35 سالن جي عمر ۾ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم جي عهدي جو قسم کنيو. غلام اسحاق خان کانئس عهدي جو قسم کڻايو. بيگم نصرت ڀٽو، صنم ڀٽو، آصف علي زرداري صاحب، پارٽي جي ليڊرن ۽ ورڪرن جي موجودگيءَ ۾ نعرهءِ ڀٽو جي نعرن سان ايوان صدر گونجڻ لڳو. ڪي ماڻهو کلن پيا ته ڪي روئن پيا ۽ ڪي کلن به پيا ته گڏ روئن به پيا. قسم کڻڻ جي رسم کان پوءِ ٽينا ثاني، ٽي ويءَ تي فيض احمد فيض جو هي نظم ڳايو:

بہار آئی تو جیسے یک بار
لَوٹ آئے ہیں پھر عدم سے
وہ خواب سارے، شباب سارے
جو تیرے ہونٹوں پہ مر مٹے تھے
جو مٹ کے ہر بار پھر جیے تھے
نِکھر گئے ہیں گلاب سارے
جو تیری یادوں سے مُشکبو ہیں
جو تیرے عُشّاق کا لہو ہیں
اُبل پڑے ہیں عذاب سارے
ملالِ احوالِ دوستاں بھی
خمارِ آغوشِ مہ وشاں بھی
غُبارِ خاطر کے باب سارےترے ہمارے
سوال سارے جواب سارے
بہار آئی تو کھِل گئے ہیں
نئے سرے سے حساب سارے

جيترا ماڻهو ٽي وي تي ويٺا هئا، انهن به ڀُٽي شهيد کي ياد ڪري رُنو پئي، پر ساڳئي وقت بيبيءَ جي حلف برداريءَ جي خوشيءَ ۾ ٽڙيا به پئي.

[b]سنڌ جو وزير اعليٰ قائم علي شاهه
[/b]سنڌ ۾ سائين قائم علي شاهه، سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ٿيو. پ پ پ سنڌ ۾ MQM سان سياسي طرح گلي ملي. محترمه عزيزآباد نائين زيرو تي پهتي. جتي الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کين 45 مطالبا پيش ڪيا. نيٺ ڇڏ ڇوٽ کان پوءِ ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ ۽ سنڌ ۾ حڪومت سان شريڪ ٿي بيٺي. ڪيترائي دبنگ سياستدان سنڌ ۾ پ پ پ جي اميدوارن کان هارائي ويا. جن ۾ پير سائين پاڳاري، پرويز علي شاهه کان هارايو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي زرداريءَ / رحمت بهڻ کان هارايو.

[b]ياسر عرفات
[/b]جڏهن بينظير صاحبه حلف کڻڻ کان پوءِ پهريون دفعو لاڙڪاڻي آئي ته شهر ۾ خوشيءَ جي لهر اچي وئي. فلسطين جو گوريلو ويڙهاڪ سربراهه ياسر عرفات به ساڻس ملڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو آيو ۽ پهريون دفعو پنهنجي يار ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار تي دعا گهري ۽ خوب رنو.
ڀٽي صاحب جي جيل دوران اهي به افواهه هليا ته ياسر عرفات پنهنجا گوريلا موڪلي. ڀٽي صاحب جو جيل ڀڃي کيس آزاد ڪرائي ويندو. اهي به خبرون هيون ته ڀٽي صاحب کي جنهن جيل جي کوليءَ ۾ رکيو ويو آهي. ان کي جنگي بنڪر وانگر ٺاهيو ويو آهي ته جيئن ان کي ٽوڙي نه سگهجي. اهڙا مثال ملڪن جي سياسي ۽ جنگي تاريخ ۾ گهٽ ٿا ملن. ويجهو مثال ٻي جنگ عظيم جو آهي، جنهن ۾ هٽلر، ميسوليني کي انگريزن/ فرانسيسين جي قيد مان ڇڏايو هيو.

[b]ڪمشنر صاحب جا قرب!
[/b]منهنجِي ڪي. بي. رند، ڪمشنر صاحب سان ويجهڙائيءَ جي ڪري، ڪيترائي ڊپٽي ڪمشنر صاحب مون کي پسند نه ڪندا هئا. جيڪڏهن سندن ڪنهن ڪمي بيشيءَ تي رند صاحب کين ڪجهه چوندو هيو ته سمجهندا هئا ته اها ڪارروائي عبدالقادر منگي ٿو ڪرائي. بلڪه حقيقت اها آهي ته جيڪي مٿن ڪارروائيون نه ٿيون، مان انهن جو ذميدار هئس. مان ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪئي ته ڪمشنر ۽ ڊي سين جي وچ ۾ سٺي ورڪنگ رليشن شپ هجي. ڪي بي رند جهڙو ڏکيو، هارڊ ٽاسڪ ماسٽر، هر ڪنهن کي شڪ جي نظر سان ڏسڻ وارو آفيسر، اهڙو ٻار به نه هيو، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ تي هلائجي. ان دور ۾ مون 16 کان 18 ڪلاڪن تائين ڪم ڪيو ته جيئن وڌندڙ ڪم جي پريشر کي منهن ڏئي سگهون.
ان وچ ۾ لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا ڊي سي بدلي ٿيندا رهيا، هڪڙا ويندا رهيا ۽ ٻيا ايندا رهيا. ڪڏهن ڪمشنر صاحب مون کان پڇي به وٺندو هيو ته فلاڻو آفيسر شڪارپور لاءِ ڪيئن رهندو؟ مان هر آفيسر لاءِ هائو ڪندو رهيس. پر انتظار رهيو ته ڪنهن ڏينهن ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي بي رند صاحب مون کان به پڇندو ته “عبدالقادر منگيءَ کي ڪنهن ضلعي جو ڊي سي لڳائجي، ته ان باري ۾ ڇا خيال آهي؟” مون کي سندس اهڙن لفظن جي انتظار ۾ سال گذري ويا، پر وٽانئن اهڙا لفظ مون نه ٻڌا. ايستائين جو هو پاڻ ئي بدلي ٿي هليو ويو.

[b]سيد سردار احمد، چيف سيڪريٽري
[/b]سيد سردار احمد سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي آيو. هو صاحب مون کي تڏهن کان سڃاڻندو هيو، جڏهن هو نوڪريءَ ۾ بحال ٿي سنڌ ريجنل پلان آرگنائيزيشن (SRPO) ۾ ڊائريڪٽر ٿي لڳو. اتي ايم بي عباسي صاحب به ڪم ڪندو هيو ۽ مان گهاري ۾ SDM هوندو هئس.
سردار صاحب نوڪريءَ مان نڪرڻ کان پوءِ علي حسن منگي صاحب جو رائيس ايڪسپورٽ ۾ پارٽنر ٿي ويو هيو. منگي صاحب جي ڪري هو منهنجو خيال ڪندو هيو. SRPO جي زماني ۾ ايم بي عباسي سان گهاري ۽ ڪيٽي بندر ايندا رهندا هئا. منهنجي تاريخ جي ڄاڻ ۽ ادب سان چاهه جي ڪري هي ٻئي مون کان ڏاڍا متاثر ٿيا.
سردار صاحب لاڙڪاڻي سرڪٽ هائوس ۾ امن امان جي گڏجاڻي لاءِ آيو. ڊويزنل، ضلعي آفيسر ۽ IG ويٺل هئا. سردار صاحب جي، سامهون واري سيٽ تان مون تي نظر پئي. منهنجي طبيعت پڇيائين. جتي منهنجو وقت ڊي سي ٿيڻ جي اميدن ۽ آسرن ۾ گذري رهيو هيو.
سردار صاحب پڇيو، ”منگی صاحب آج کل کیا لکھ رہے ہو؟“ مان به ڀريو ويٺو هوس. سردار صاحب سان حجت به هئي، جنهن ڪري چيم “سر آج کل ورکنگ پیپر لکھ رہا ہوں.” هن مسڪرايو ۽ چپ ٿي ويو.
انهي تاريخي ميٽنگ ۾ مولابخش انصاري ايس پي شڪارپور هڪ تاريخي جملو چيو هيو “سر ڈاکو ہو نہ ہو، ہم لگے پڑے ہيں.” سڀ کلي پيا هئا.

[b]پيپلز پروگرام جو پي ڊي
[/b]پ پ پ حڪومت 1989ع جي آخر ۾ پيپلز پروگرام شروع ڪيو. ان وقت ۾ مان ڪمشنر آفيس ۾ ٻين ڪمن سان گڏ ڊولپمينٽ ورڪس جي مانيٽرنگ ڪندو هوس. جنهن جي هر مهيني هڪ رپورٽ پي ايم هائوس اسلام آباد موڪليندو هوس. جتي باباءِ بيوروڪريسي سلمان فاروقي ڊيل ڪندو هيو. اهڙي طرح سلمان فاروقيءَ سان به واسطو پيو. پوءِ جڏهن پيوپلس پروگرام شروع ڪيو ويو ته ڪمشنر صاحب مون کي Nominate ڪيو ۽ منهنجي پوسٽنگ جو حڪم PM House مان نڪتو. مون ايڊيشنل ڪمشنر جي چارج ڇڏي ۽ PD پيپلز پروگرام ٿيس. مون کي ڏاڍو رنج ٿيو.
شايد ڪي بي صاحب به مون مان تنگ ٿي ويو هيو ۽ پنهنجي جان ڇڏائڻ پئي چاهي. ماڻهو کيس چوندا رهيا ته ڪمشنر تون آهين يا منگي؟ هو پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندو ٿو وڃي. منهنجو قصور اهو هو، جو مان ڪمشنر صاحب جي ڏنل حڪمن تي عمل ڪندو هوس ۽ عمل ڪرائيندو به هوس. سندس پنهنجا ئي کيس منهنجي خلاف ڀريندا رهيا. هن مون کي هر طرح پرکيو. جاچ ڪئي ته ڪٿي مان ڪو غلط ڪم ته نٿو ڪريان يا سندس خلاف جاسوسي ته نٿو ڪيان. بهرحال هن مون مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هيو. مان ساڻس ڪافي عرصو ڪم ڪري چڪو هوس. سندس Body Language مان چڱي طرح واقف هوس.

[b]پيپلز پروگرام جو ائڊمنسٽريٽر ماهوٽو صاحب
[/b]مان پيپلز پروگرام جو پي ڊي ته ٿيس، ان پروگرام جو لاڙڪاڻي ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر محترم غلام الله ماهوٽو هيو. ماهوٽو صاحب، پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو. دلبر ماڻهو هيو، ڀٽي صاحب جو حبدار هيو ۽ خاص طور محترمه جو به. بي انتها ايماندار ۽ Committed ساٿي هيو. محترمه به مٿس ايترو ئي ڀروسو ڪندي هئي. بئلنسڊ ۽ کليل دل جو ماڻهو هيو. لڳائي بجهائي کان اڻ واقف. سياسي ڌرين سان رابطي ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ سرڪاري ڪامورن کي مدد ڪندو هيو. سندس راءِ کي محترمه تمام گهڻي اهميت ڏيندي هئي. ڪي بي رند صاحب جا محترمه ۽ ٻين رهنمائن سان تعلقات بهتر ڪرڻ ۾ هن مثبت ڪردار ادا ڪيو.
پيپلز پروگرام جو سربراهه ته ماهوٽو صاحب هيو، پر اصل ۾ پروگرام، ڪمشنر صاحب هلائيندو هيو. ماهوٽي صاحب کي هر ڳالهه جي واقفيت هئي ۽ هر فيصلي جي کانئس ئي منظوري ورتي ويندي هئي. جيڪڏهن سندس راءِ ٻي هوندي هئي ته ان کي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ سندس مرضيءَ مطابق عمل ڪيو ويندو هيو.

[b]غلام الله ماهوٽي جو اغوا
[/b]1990ع واري دور ۾ به اغوا براءِ تاوان جا ڪيس ڏاڍا ٿيندا هئا. بهمڻ ٻيلي کان لکيءَ تائين، لاڙڪاڻي سکر لنڪ روڊ سان ڏاڍيون وارداتون ٿينديون هيون. اغوا وارين ڪاررواين سبب مغوين کي خيرپور جي ٻيلي ۾، سکر جي شاهه ٻيلي ۾، ڳڙهي ياسين جي گولي دڙي ٻيلي يا بلوچستان نيو ويندو هيو.
هڪ شام جو غلام الله ماهوٽو ڪراچيءَ کان ايندي سکر ايئرپورٽ تي لٿو. ڪار ۾ لاڙڪاڻي ايندي، لکي ۽ نئين ديري وچ تان اغوا ٿي ويو. ڄڻ کيس زمين ڳهي وئي هئي. اهو ماهوٽي جو اغوا نه هيو، پر ڄڻ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه تي حملو هيو. ماهوٽو لاڙڪاڻي جو سرڪرده رهنما هيو ۽ محترمه کي تمام گهڻو ويجهو هيو. محترمه به ڏکياري ٿي وئي. پارٽيءَ پوري ڪوشش ڪئي، پر ماهوٽي صاحب جي رهائي جلدي ڪونه ٿي، تقريباً ٻه ٽي هفتا لڳي ويا. نيٺ ماهوٽي صاحب جي ٽن هفتن کان پوءِ جان آزاد ٿي.
جنهن لاءِ پوءِ هيءَ ڳالهه مشهور ٿي ته پيپلز پروگرام جا ٽي ڪروڙ رپيا ڏئي کيس آزاد ڪرايو ويو آهي. پيسن جو ڪنٽرول ته مون وٽ هيو. مون ته ان مد ۾ هڪ رپيو به نه ڪڍيو. حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته اها ڳالهه ڪيئن مشهور ڪئي وئي.

[b]جيالا ڪلچر
[/b] سائين قائم علي شاهه، بيبي صاحبه جي پهرين دور ۾ وزيراعليٰ سنڌ ٿيو هو. جيڪي جيالا مير مرتضيٰ جي الذوالفقار جا سڏائيندا هئا، اهي ته ڪنهن کي وٺ ئي نه ڏيندا هئا. هڪ ته انتظاميه کي واضح هدايتون ڪونه هونديون هيون، ٻيو انتظاميه ۽ پوليس جيالن کي هڪ حد تائين ته روڪيندي هئي، پر پوءِ جتي لاٺي چارج ۽ روڪ ٽوڪ ڪرڻ جو عمل ڪرڻو هوندو هيو، اتي پوليس بي وس ٿي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن جيالا ته پوليس سان هٿين پئجي ويندا هئا. جيڪڏهن جيالن کي جهلبو هيو ته محترم نصرت ڀٽو صاحبه دخل اندازي ڪندي هئي ته ”يه ميري بچي هين تنگ نه کرو ان کو“.
هڪ ڏينهن ته جيالن المرتضيٰ جا ٻاهريان شيشا ڀڃي ڇڏيا. سڄي سرڪٽ هائوس تي قبضو ڪري ورتو، جتي وزيراعليٰ صاحب کي رهڻو هيو. مس مس کين ايلاز ڪري هڪ سُوٽ خالي ڪرايو ويو. ان ۾ سائين قائم علي شاهه ترسيو. حالانڪه اهو Security جي حساب سان صحيح ڪم نه هيو. صبح جو سائين قائم علي شاهه باٿ روم ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ ويو ته گرم پاڻي گم! خبر پئي ته جيالا سارو گرم پاڻي کپائي ويا آهن ۽ گڏ بورچي خانو به خالي ڪري هليا ويا آهن. وزيراعليٰ صاحب لاءِ سڄو بندوبست ٻيهر ڪرڻو پيو. وزيراعظم جي ميٽنگ ۾ پهچندي پهچندي وزيراعليٰ کي دير ٿي وئي.

[b]لاڙڪاڻو- ويڳاڻو
[/b]لاڙڪاڻي شهر جِي ڀٽي صاحب جي وقت ۾ جيڪا Face Lifting ٿي، ان کان پوءِ يارهن ٻارهن سالن تائين ڪنهن به انتظاميا لاڙڪاڻي شهر توڙي ضلعي جو منهن نه ڌوتو. نتيجي ۾ ضلعو کنڊر لڳي رهيو هيو. لاڙڪاڻو شهر، جنهن کي ڀٽي صاحب ڪنوار وانگر سينگاريو هيو، اهو ڄڻ رن زال وانگر لڳي رهيو هيو. ڊرينيج سسٽم تباهه، گندي پاڻيءَ جا ڊسپوزل بند، ڪچري جا ڍڳ، ڪو به نئون پروجيڪٽ شروع نه ڪيو ويو. ان صورتحال جي ڄاڻ محترمه کي به پئي، تنهن ڪمشنر لاڙڪاڻي کي چيو ته هلندڙ ڪمن (پروجيڪٽن) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي. شهر ۽ ضلعي جي لاءِ ننڍي مدت وارا (short term) ۽ ڊگهي مدت وارا (long term) منصوبا شروع ڪيا وڃن. جن منصوبن لاءِ صوبو يا مرڪز جلد پئسا نه ڏئي، انهن ڪمن لاءِ پيسا پيپلز پروگرام مان حاصل ڪيا وڃن. انهن سڀني ڪمن جو مون کي Coordinator مقرر ڪيو ويو.
مون پهرين ڪم اهو ڪيو ته جيڪي جلد مڪمل ڪرڻ وارا منصوبا هئا، انهن کي شروع ڪرايو، جن جي مدت ٽن کان ڇهه مهينا هئي. جيڪي مرمت جهڙا ڪم هئا، اهي شروع ڪرايا. جتي face lifting ڪرائڻي هئي، انهن تي ڪم مڪمل ڪرايو ويو. شهر ۾ ساوڪ ۽ صفائيءَ تي ڌيان ڏنو ويو. شهر ۾ ۽ روڊن تي وڻ پوکائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو. ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ عبدالرشيد کرل، لاڙڪاڻي- نئين ديري روڊ تي جيڪي وڻ پوکايا هئا، اهي وڌي وڏا ٿي ويا هئا. منهنجي به دل چوي پئي ته لاڙڪاڻي کي ڳنڍيندڙ روڊن تي اهڙيءَ طرح وڻ پوکرايا وڃن. ان سان ماحول بهتر ٿيندو ۽ شهر جي سونهن ۾ به اضافو ٿيندو، گڏوگڏ روڊ رستن جي حفاظت به ٿيندي رهندي. جيڪي سرڪاري استعمال جون عمارتون هيون، انهن جي مرمت ڪرائي وئي. اهڙي طرح هر سرڪاري روڊ رستي جي مالڪي ٿيندي رهي. باقراڻي روڊ جي ڊرينيج تباهه ٿيندي ٿي وئي، انهن سان رستا به ڊهندا پئي ويا. روڊن ۾ کڏا پئجي رهيا هئا، انهن جي مرمت، وقت سر ڪرائي پئي وئي ۽ لانگ ٽرم ۾ پوري شهر جي ڊرينيج سسٽم کي ٻيهر ٺهرائڻ جو پروگرام به رٿيو ويو.
مکيه منصوبن ۾ هيٺيان منصوبا شامل هئا:

• ايم ايف ريڊيو اسٽيشن
• ڪلچرل ڪامپليڪس
• شهر جي چوطرف سرڪولر روڊ
• اهم روڊن کي ڊبل ڪيريئج (ٻٽو روڊ ڪرڻ)
• آرٽس ڪائونسل کي جيارڻ
• نوان باغ ٺهرائڻ ۽ پراڻن جي مرمت
• اسپورٽس ڪامپيليڪس
• ميونسپل اسٽيڊيم جي مرمت
• انجنيئرنگ ڪاليج
• چانڊڪا جو رتي ديري ۾ ڪئمپس قائم ڪرڻ.
• چانڊڪا جي ڊاڪٽرن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلي ۽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ.

ڪمشنر صاحب، پرائيم منسٽر صاحبه کي بريفنگ ڏني. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي. شهر ۾ به ائڪٽوٽي شروع ٿي وئي هئي. جڏهن پاڻ ايندي هئي ته ڏسندي هئي. مان هونءَ به پي ايم هائوس کي ۽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري جناب سلمان فاروقيءَ کي هر مهيني رپورٽون موڪليندو رهندو هئس.

[b]ڀُٽي صاحب جي مزار
[/b]شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مقبري ٺهڻ جي ڳالهه شروع ٿي. طئي اهو ڪيو ويو ته ترڪيءَ جي Architects کان مقبرو ڊزائن ڪرائجي ۽ مقبري تي عوام ۽ ڀٽي صاحب جي ٻاهرين سربراهه دوستن کان Donation وٺي مقبرو ٺهرائجي. چيف منسٽر هائوس ڪراچيءَ ۾ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ وزيراعليٰ صاحب ته شريڪ ڪونه ٿيو هيو، پر ٻيا سڀ ڪرتا ڌرتا هئا. سلمان فاروقي صاحب به هيو ۽ مون کي به گهرايو هئائين. ميٽنگ جي صدارت آصف علي زرداريءَ ڪئي هئي.
KDA جي آرڪيٽيڪٽ ضيغم جعفريءَ کي ترڪي موڪليو ويو هيو ته جيئن هو ڪمال اتاتُرڪ جو مقبرو ڏسي اچي ۽ ٻين آرڪيٽيڪٽ سان به ملي اچي. هن به ان ميٽنگ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. ٻين ڳالهين کان علاوه ڳڙهي خدابخش ۾ قبرستان لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو به مسئلو هيو، ان متعلق مون رپورٽ پيش ڪئي. زمين سڄي ڀٽو فيمليءَ جي هئي، پر اها به نياڻين سياڻين ۾ ۽ پونئيرن ۾ ورهايل هئي. انهن جا فوتي کاتا تبديل ٿيل نه هئا. وڏي محنت ڪري مون انهن جا فوتي کاتا تبديل ڪرايا.
طئي اهو ٿيو ته اهي زمينون بطور مدد يا گفٽ ڀٽو فيمليءَ کان حاصل نه ڪبيون، پر کانئن مارڪيٽ ريٽ تي خريد ڪيون وينديون. جيڪڏهن ڪو فرد پنهنجي زمين جو ٽڪرو گفٽ ڪندو ته ان کي خوش آمديد چيو ويندو ۽ سندس ٿورن سان اها زمين ورتي ويندي.

[b]ڀُٽي صاحب جي مقبري جو پي. ڊي
[/b]اتي اها ڳالهه به زير بحث آئي ته في الحال پروجيڪٽ جو انچارج/ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رکجي. سلمان فاروقيءَ منهنجو نالو تجويز ڪيو. ان لاءِ اهو دليل ڏنائين ته هي پيپلز پروگرام جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر آهي، ان پروجيڪٽ جي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ ٻين ترقياتي ڪمن جي به نظرداري ڪري رهيو آهي. زرداري صاحب ۽ ٻين ان ڳالهه جي تعريف ڪئي. اهڙيءَ ريت مون کي ”ڀٽو مزار“ ڪميٽيءَ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نامزد ڪيو ويو.
ڪم ڏکيو هيو ۽ اُهو به زرداري صاحب سان ڪم ڪرڻ. مون صرف ڳالهيون ٻڌيون هيون. اسان جو ساٿي احمد فهيم مغل، زرداري صاحب جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هيو. اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڏاڍي خوشي ۽ اتساهه جو سبب هئي ته مون کي ڀٽي صاحب جي مزار جو پي ڊي مقرر ڪيو ٿو وڃي. پر سياسي مقررين ۾ ڪيريئر آفيسر لاءِ جيڪي مسئلا هوندا آهن، اهي ضرور هئا. مون رب پاڪ تي ڇڏي ڏنو. جيڪي ڪندو، اهو ئي بهتر.
ميٽنگ کان پوءِ زرداري صاحب سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ فاروقي صاحب به موجود هيو. زرداري صاحب گهڻو ڪري مون بابت ۽ منهنجي موجوده پوسٽنگ بابت خبرچار ورتي. اهو به چيائين ته لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جون رپورٽون کيس به موڪليان ۽ فون تي به ساڻن رابطي ۾ رهان. جڏهن ڪراچي يا اسلام آباد اچان ته ساڻس ملاقات ڪندو رهان. مون موڪلايو. هو عزت ڀرئي طريقي سان مليو. سلمان فاروقي صاحب پٺي ٺپي ۽ Good Luck چئي موڪلايو.

[b]محترمه جي حڪومت ختم
[/b]اهو سلسلو اڳتي نه هليو. جلدي بيبي صاحبه جي حڪومت تي راتاهو هنيو ويو. زرداري صاحب کي جيل ۾ وڌو ويو ۽ اسحاق خان اسيمبلين کي ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪيو. وري جڏهن 1993ع ۾ بيبي صاحبه جي ٻي حڪومت آئي ته اها ڳالهه ئي ختم ٿي وئي. نئون زمانو، نيون حڪومتون، نوان پي ڊي هئا. الله سائين بهتر ڪيو. سندس بي حد شڪرانا.

[b]فهيم مغل جيل ۾
[/b]منهنجي دوست احمد فهيم مغل کي جيل ۾ وجهي مٿس سختي ڪئي وئي ته زرداري خلاف شاهدي ڏئي. پر هن مڙس جي پٽ ڪا غلط ٻولي نه ٻولي، اڃا تائين زرداري صاحب سان نڀائي ٿو ۽ ساڻس گڏ آهي.
ڀٽي شهيد جو مقبرو به ٺهي ويو آهي، جنهن ۾ ٻيا ڀٽي فيملي جا وڏا به دفن آهن. محترمه بي نظير ڀٽو شهيد، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ۽ ٻيا ڪيترائي شهيد. هي صرف ڀٽي شهيد جو نه پر ٻين ڪيترن شهيدن جو قبرستان ٿي ويو آهي. ڀٽي صاحب ۽ شهيد راڻي جي جنم ڏينهن ۽ شهادت جي ڏينهن تي هتي ميلو مچي ٿو ۽ هزارين نه پر لکين چاهيندڙ اچي مڙن ٿا.
1993ع کان 1996ع تائين بي نظير ڀٽو صاحبه جي ٻي حڪومت آئي. اڳوڻي حڪومت ۾ ٺاهيل پلان هن حڪومت ۾ به جاري رکيا ويا ۽ ڪي ته هن وقت به روبه عمل آهن، ۽ ڪي وري ان پلان مان ڪڍيا ويا هئا. خاص طور انجنيئرنگ ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج رتو ديرو جي ڪئمپس ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج/ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرس کي ٻاهر موڪلي ٽريننگ/ تعليم ڏيارڻ وغيره. جيڪڏهن سنڌ رورل جا پروفيسر ٻاهران تعليم ۽ تربيت پرائي اچن ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي بهترين فيڪلٽي بڻجي سگهن ٿا. ملڪ ۽ ادارا سالن ۽ صدين ۾ ٺهندا آهن. اسان کي اڄ سان گڏ، پنهنجي سڀاڻي تي به نظر رکڻ گهرجي.

[b]محترمه سان ملاقات
[/b]محترمه جي پهرين حڪومت ڊهڻ کان پوءِ ڪمشنر ڪي. بي. رند صاحب، ڊي آءِ جي راهو خان بروهي، ڊي سي اسحاق لاشاري، ايس پي محمد رمضان چنا ۽ مون کي وٺي المرتضيٰ هائوس تي ساڻس آخري سلام ڪرڻ لاءِ پهتو. محترمه اسان کي ڏسي ملي ڏاڍي خوش ٿي ته لاڙڪاڻي جي ٽيم ملڻ آئي آهي. مون جڏهن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ کيس ٻڌايو ته مان رتي ديري جو آهيان ته محترمه Loud مسڪراهٽ ڏني ۽ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مون کان دير تائين منهنجو، منهنجي فيملي جو حال احوال وٺندي رهي. ان اميد جو به اظهار ڪيو ته وري گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو.

[b]ڄام صادق نگران وزير اعليٰ/ڪمشنر جي بدلي
[/b]بدليون ٿيون ته هرڪو ٽڙي پکڙي ويو. ڪمشنر ڪي بي رند کي ڄام صاحب جي دوستيءَ جي وڏي هام هئي. چوندو هيو ته لنڊن مان جڏهن سندس واپس ڪراچي پوسٽنگ ٿي رهي هئي ته ڄام صاحب سندس وڏي دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ سئو کن معززين کي سڏايو هئائين. هت به جڏهن ڄام صاحب لاڙڪاڻي ايندو هيو ته پهرين ڪمشنر صاحب جي گهر ايندو هيو. چپ آلا ڪري پوءِ PM هائوس ويندو هيو.

[b]غلام عباس سومرو ائڪٽنگ ڪميشنر
[/b]ڄام صاحب، رند صاحب کي ڊائريڪٽر انڊسٽري ڪري رکيو هيو. راهو خان بروهي آءِ جي جيل ٿيو هو. اسحاق لاشاري ڊپٽي سيڪريٽري ٿيو هيو ۽ رمضان چنا جي مقرري سي ايم هائوس ۾ ٿي هئي. منظور اعوان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ مان اتي ئي پيپلز پروگرام کي گول ڪرڻ لاءِ هئس. چاچي غلام عباس سومري، ايڊيشنل ڪمشنر-I کي ائڪٽنگ ڪمشنر ڪيو ويو. سائين غلام عباس سومرو به مَنُ ماڻهو هيو. غلام عباس سومرو صاحب، جيڪو CM ممتاز علي ڀُٽي صاحب جو PRO هيو. سومرو صاحب ويسٽ پاڪستان سرڪار ۾ لاهور ۾ به انفارميشن آفيسر جي نوڪري ڪري آيو هيو ۽ 1970ع جي جولاءِ کان سنڌ ۾ آيو هيو. ممتاز صاحب گورنر ۽ سي ايم ٿيو ته سندس پي آر او ٿيو، جنهن بطور اسسٽنٽ ڪمشنر جي کيس PCS۾ شامل ڪيو. هاڻي سومرو صاحب BS-19 ۾ هيو. ايڊيشنل ڪمشنر هيو ۽ ڄام صاحب جي حڪومت ۾ اليڪشن دوران ائڪٽنگ ڪمشنر ٿي ويو. سومرو صاحب اصل ۾ عثمان علي عيساڻي ۽ غضنفر علي عيساڻيءَ جي ڳوٺ جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندو هيو، سندن ڳوٺ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ هيو ۽ رتي ديري کان 6 ميل پري هيو. رتي ديري ۾ به سندن مٽ مائٽ وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. چاچي غلام عباس جو پٽ علي اڪبر سومرو لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙهندو هيو ۽ مون سان هاسٽل ۾ روم پارٽنر هيو. هڪ سال گڏ رهياسين ۽ ٻئي سال ٻنهي کي الڳ روم مليا. اڪبر BA-1 ۾ هيو ۽ مان فرسٽ ايئر ۾ هئس. اڪبر سان اڄ به ڀت برادري آهي ۽ ٻارن ٻچن سميت اچ وڃ آهي. اڪبر اسان جي ڪلاس فيلو جاڙن ڀائرن منظور ۽ قربان سومرو جو سؤٽ آهي.

[b]ڄام صاحب وزير اعليٰ ٿي ويو
[/b]اليڪشن جي گرما گرمي تيز ٿيندي وئي. لڳو پئي ته 1990ع واريون چونڊون پ پ پ کي کٽڻ نه ڏنيون وينديون. لاڙڪاڻي ۾ سردار الله بخش خان جلباڻي ۽ سرائي نور نبي جوڻيجو ڄام صاحب کي ويجهو هئا. قربان عباسي مرحوم جان محمد عباسيءَ جو پٽ ڄام صاحب جي ويجهڙائي جي هام هڻندو هيو. کيس لاڙڪاڻي ميونسپل جو ائڊمنسٽريٽر ڪيو ويو. شفيق کوسي کي ڊي سي لاڙڪاڻي مقرر ڪيو ويو. جيڪو ڄام صاحب کي چاچو چوندو هيو. شفيق جو نيڪ والد دريا خان کوسو صاحب پراڻو پارليامينٽرين هيو ۽ ڄام صاحب سندس نيازمند هيو.
اليڪشن جا نتيجا اچي ويا. جيڪي ڄام صاحب جا مخالف اميدوار سي ايم ٿي سگهيا پئي، اهي هارائي ويا. جن مان لاڙڪاڻي ضلعي مان ممتاز علي ڀٽو به هيو. ڄام صاحب جو اسيمبليءَ ۾ هڪ ووٽ هيو، پر مٿين جي ٽيڪ ۽ پنهنجي مڙسيءَ تي وزيراعليٰ ٿي ويو. نگران وزيراعليٰ ته اڳ ۾ ئي هيو. باقي ميمبرن جي ٻانهن مروڙڻ ڪو ڄام صاحب کان سکي. ڄام صاحب لنڊن ۾ 11 سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ واپس آيو ته کيس وزيراعظم جو ايڊوائيزر بڻايو ويو. ڄام صاحب خوش نه ٿيو. کيس اميد هئي ته کيس سنڌ جو وزيراعليٰ بڻايو ويندو. پر ايئن نه ٿي سگهيو. سنڌ ۾ قائم علي شاهه صاحب جي جڳهه تي آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي وڏو وزير بڻايو ويو.
پوءِ جڏهن پ پ پ جي حڪومت جي خلاف جوڙ توڙ شروع ٿي ته وفاقي ادارن، صدر صاحب، جتوئي صاحب سان ڳجهي طرح ڄام صاحب به ملي ويو. جڏهن حڪومت ڊٺي ته ڄام صاحب حسب توقع وزيراعليٰ ٿي ويو. هن پ پ پ جي ليڊرن کي ڊوڙايو. سندن نقصان ڪيو ۽ تڪليف پهچائي، اها پ پ پ کان ڪڏهن به نه وسرندي. اها ڳالهه بينظير صاحبه جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي ته هڪ موقعي تي قائم علي شاهه ۽ آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي چيو هئائين ته توهان به وڏ وزارت ڪئي. هاڻي ڏسو ته ڄام صادق علي ڪيئن ٿو حڪومت ڪري. هڪ موقعي تي وزيراعظم نواز شريف ۽ بيبيءَ جو ڪن ڳالهين تي ٺاهه ٿي ويو. نوازشريف ڄام صاحب کي چيو ته زرداريءَ کي آزاد ڪر. ڄام صاحب پڙ ڪڍي بيٺو ته زرداريءَ کي نه ڪڍندس. اهو تنهنجي ئي ڀلي ۾ آهي. زرداريءَ کي وزيراعظم هائوس ۾ رهڻ جي عادت پئجي وئي آهي. سڌو توڏي ايندو. کيس آزاد نه ڪيائين، پر وقت ثابت ڪيو ته نوازشريف کان پوءِ محترمه جي حڪومت اچي وئي.

[b]لاڙڪاڻي ۾ نوڪريون مقامي ماڻهن کي مليون!
[/b]محترمه جي حڪومت ۾ سندس حڪمن تي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ خالي پيل نوڪريون لاڙڪاڻي ڊويزن جي ماڻهن کي ڏنيون ويون. ڪمشنر لاڙڪاڻي کي خاص طور اها هدايت ڪئي وئي ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي اتي خالي پيل جاين تي رکي، خالي پوسٽون هڪدم ڀريون وڃن. ڪمشنر صاحب اهو ڏاڍو حساس ڪم منهنجي حوالي ڪيو. جنهن ۾ شڪايتن جو وڏو خدشو هيو. ان کان علاوه رشوت هلڻ ۽ پيسي وٺڻ جو به خوف هيو، ڪنهن به ڪمشنر آفيسر جي ماڻهو تي الزام لڳي پيا سگهن. پر جيڪڏهن ڪو سچو الزام لڳو ته پوءِ ان سان ڪمشنر ۽ ڪمشنر آفيس جي عزت داءُ تي لڳي سگهي پئي. هڪ طرف ڪمشنر آفيس هئي، ٻئي طرف وزيراعظم آفيس هئي. جيڪڏهن ڪنهن ڪرپشن ڪئي ته پوءِ ڇوٽڪارو ڪونه هيو.
ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هڪ مخصوص ڪوٽا نوڪرين جي ڏني وئي. اهي درخواستون منهجي آفيس کي ملنديون هيو، جيڪي واسطيدار کاتن کي موڪليون وينديون هيون. جن جون خالي جاين جون لسٽون اسان وٽ موجود هونديون هيون. واسطيدار کاتا جاچ جوچ کان پوءِ نوڪري جون ڪارروايون پوريون ڪري آرڊر ڪڍندا هئا. آرڊر ڪڍي اسان کي موڪليندا هئا. جيڪي اسان واسطيدار ايم اين اي يا ايم پي اي کي موڪليندا هئاسون، جنهن جي لسٽ ڪمپيوٽر تي رکندا هئاسون. ڪمپيوٽر 1989ع ۾ آفيس ۾ آيا هئا پر ايترا سٺا ڪونه هئا.
هڪ دفعي منهنجي ڳوٺ جي چونڊيل نمائنده خاتون ميٽنگ ۾ الزام لڳايو ته نوڪريون پيسن تي ٿيون وڪامن! ڪمشنر رند صاحب ايترو پراعتماد هيو، جو محترمه کي چيائين ته “جيڪڏهن عبدالقادر منگيءَ ۽ سندس آفيس جي ڪلارڪ تي هڪ روپيو ثابت ٿئي ته اهو سمجهيو وڃي ته اهو پئسو ڪي. بي رند ورتو آهي.”
لاڙڪاڻي ضلعي جون هڪ هزار کان وڌيڪ خالي پيل جايون ڀريون ويون. ان کان علاوه لاڙڪاڻي جا ڪيترا نوجوان Placement Bureau جي معرفت، جنهن جي محترمه مسز بي اي قريشي سربراهي ڪندي هئي انهن کي PIA، FIA، ڪسٽم ۽ ٻين کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن مان ڪافي ڀرتين ۾، قاعدي قانون جي پوئواري گهٽ ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري نواز شريف جي حڪومت ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ محترمه جي ٻيءَ حڪومت کين بحال ڪري پڪو ڪيو. انهن نوجوانن کي هاڻي به جڏهن 25-30 سالن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته دل خوش ٿي ويندي آهي. اهي نوجوان خاص طور FIA ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي محنت سان نوڪريون ڪري رهيا آهن.
*
جڏهن اسان نرسنگ هاسٽل کي ڪمشنر آفيس ۾ تبديل ڪري رهيا هياسون ته ان جي اندر ۽ ٻاهر مون ڪجهه ايڊيشن ۽ الٽريشن ڪيون. ڪمشنر آفيس، ڪمشنر جو ڪميٽي روم، ويٽنگ روم وغيره ٺاهياسين. هيٺئين فلور تي ڪمشنر آفيس، پهرئين فلور تي ڊي آءِ جي آفيس ۽ ٻي فلور ٻين ڊويزنل آفيسن کي ڏني وئي. ڪافي سهوليت ٿي وئي. آفيس جي ٻاهرئين حصي کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ مون آفيس ۽ رائيس ڪينال جي وچ واري پٽيءَ ۾ ديسي گلاب جا ٻوٽا لڳايا. ديسي گلاب ان ڪري لڳايو هئم، جو اهو تمام گهڻو سخت جان آهي ۽ خراب حالتن ۾ به زندهه رهي سگهندو آهي. ان جي بچاءَ لاءِ ان جي چوڌاري لوهي گِرل لڳرائي. روڊن ۽ رستن تي گُلِ مُهر ۽ املتاس جا وڻ لڳرايا. بهار جي مند ۾ گلِ مُهر نارنگي رنگ جا خوبصورت گُل جهليندو آهي ۽ املتاس (املتاس ۽ ان جي ميوي کي عام زبان ۾ ڇمڪڻي چئبو آهي) ۾ پيلا گل ٿيندا آهن. سال ٻن ۾ اهي وڌي وڏا ٿيا ۽ گُل ڏيڻ لڳا. گلاب جا ٻوٽا به جوان ٿي ويا. هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪمشنر آفيس ويندو آهيان، ته مالهين کان انهن گلن جي سار سنڀال لاءِ حال احوال وٺندو آهيان. ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي جي هڪ هڪ شيءِ مون محنت ۽ محبت سان ٺاهي هئي، جيڪا مان اڃا تائين ياد ۽ محسوس ڪندو آهيان.
*
سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ امان الله شيخ سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. محمد بچل تنيي، عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب، الاهي بخش ڪيهر ۽ ٻين سينئر وڪيلن کان به درس ملندا هئا. ڪنهن معاملي يا مسئلي ۾ منجهندو هئس ته عبدالرزاق سومري صاحب کان رهنمائي حاصل ڪندو هئس. سائين ديدار شاهه ته سدائين مهربان هوندو هو.
*

[b]شاهه لطيف لائبرري رتوديرو کي ڪتابن جو تحفو
[/b]1989ع ۾ جڏهن مان لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر هيس، ته هڪ ننڍي لائبرري رتوديرو واٽر سپلاءِ جي گرائونڊ ۾ ٺهرائي، جتي ننڍڙو پارڪ به ٺهيل هيو. ڪي. بي رند صاحب ان لائبرريءَ جو افتتاح ڪيو. پوءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ان کي وڌايو. 2006 ۾ مان ڪلچر جو سيڪريٽري ٿيس ته ان ۾ ڪجهه واڌ ڪئي سون. 11 اپريل 2015 تي مون شاهه لطيف لائبرري، رتوديرو کي تقريباً ٻه هزار ڪتاب، رسالا، ميگزين تحفي ۾ ڏنا، جتي منهنجي ئي نالي سان بوڪ ڪارنر قائم ڪري، ان جو مون کان افتتاح ڪرايو ويو. هن وقت اها لائبرري ڊاهي پٽ ڪئي وئي آهي، ان کي نئين سر ٺهرايو ٿو وڃي.

[b]مامي ديدار حسين جو انتقال
[/b]بابا جي رحلت کان پوءِ منهنجو سنڀاليندڙ يا Guardian منهنجو مامون ديدار حسين منگي ٿي ويو. بابا جي وفات وقت منهنجي عمر 14 سال هئي ۽ اٺين جماعت ۾ پڙهندو هئس. بابا جو جڏهن اوج هيو ۽ نوڪريءَ ۾ هيو، ان وقت ته آءٌ ننڍو هئس، مامو ديدار سندس پٽيلو هيو. پٽن وانگر پاليو هئائين. سندس اهڙو ڪو انگل نه هيو، جيڪو بابا پورو نه ڪيو هجي. مامو مون کان 15 سال کن وڏو هيو. ان دؤر ۾ تعليم گهٽ هوندي هئي. سو مامو به نه پڙهيو. سندس والد جان محمد عرف جانڻ فقير به سيلاني هوندو هيو. راڳ رنگ سان روح ريجهائيندو هيو. اڪثر سچل سائينءَ جي فقيرن سان سير سپاٽي ۾ گذاريندو هيو. سندن وڏن جون ملڪيتون، ٻنيون ۽ رتيديري شهر ۾ جايون هونديون هيون، ٻيو ڪم ڪار گهٽ ڪيائون، پر زمينون گروي رکڻ ۽ وڪڻڻ تي زور رکيائون. آهستي آهستي ڪم خلاص ٿي ويو. ايستائين جو اڪثر زمينون گروي مان، واڻين مٽائي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي نالي تي ڪري ڇڏيون هيون. ٻنيون ۽ جايون وڪرو ڪيون ٿي ويون، اسان جا ناناڻا اڻ پڙهيل ۽ اڻ ڄاڻ هيا. بابا مديجيءَ مان رتيديري آيو. شادي ڪيائين، منهنجي ناني جان محمد جو لاڏاڻو ٿي ويو هيو. پوءِ مامو ۽ ناني به بابا سان گڏ رهڻ لڳا هئا.
مامي جي شادي آگاڻي ڳوٺ لڳ منگين جي ڳوٺ مان ڪرائي وئي، پر اسان جي اها مامي ويم دوران جلد ئي گذاري وئي. کيس ٻي شادي ناپرن لڳ جهان خان مان ڪرائي وئي. گهر وارن مٿس زور رکيو ته ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري. پوءِ مختلف ڌنڌا شروع ڪيائين. آخر ٻيڙين وڪڙڻ جو دڪان کوليائين، جيڪو زندگيءَ جي آخر تائين هلايائين. پاڻ به ٻيڙيون ٻڌندو هيو، ٻيا ڪاريگر به هئس. ڌنڌو هلي پيو ۽ گذرسفر سٺو ٿي پيو هو. مان سندس اثر ۾ هوندو هئس. هر طرح سان سندس خيال ڪندو هئس. سڄي عمر کيس ماما سائين ڪري مخاطب ڪيم. ايستائين جو کيس منهنجا دوست ته ماما چوندا ئي هئا، پر سڄي شهر وارا به کيس مامو ڪري سڏيندا هئا. عمر ۾ کانئس ننڍا هجن يا وڏا، سڀ کيس ‘ماما’ چوندا هئا. ڪيترن کي ته سندس نالي جي به خبر ڪانه هئي.
جڏهن بابا سائين الله کي پيارو ٿيو ته مڙسيءَ سان گهر کي سنڀاليائين. ڪيڏانهن ويون بي پرواهيون، مستيون، بي اعتداليون. کيس پنج ڌيئر ڄايون، پٽاڻو اولاد ڪونه هيس. سڀني جي خواهش هئي ته پٽ ڄميس، پر الله جي مرضي.
جنوري 1989ع تي کيس برين هيمريج ٿيو. 18 تاريخ تي الله کي پيارو ٿي ويو. الله جي شيءِ الله ڏانهن راهي ٿي وئي.
مان انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هئس.
مامي جي فوتيءَ کان پوءِ مون کي وڏو ڌڪ رسيو. ڄڻ منهنجو والد هڪ دفعو ٻيهر فوت ٿي ويو هو.

[b]ڄام صادق علي
[/b]آگسٽ 1990ع ۾ راڄ بدلجي ويو هيو، هاڻي سنڌ جو بادشاهه سائين ڄام صادق علي خان، ڄام ڪانڀو خان جو پٽ هيو. هڪ طرف سردار غيبي خان چانڊيو هيو، ٻئي طرف ڄام ڪانڀو خان هيو، جيڪو سخي، سخنوار ۽ راڄ ڀاڳ جو سرپرست ۽ ڏک سک جو ساٿي هيو. ايترو سخي مڙس هيو، جو سندس نالو ملڪان ملڪ مشهور هيو. سندس پٽ ڄام صادق علي به اهڙو ئي هٿ جو کليل هوندو هيو. سندس در تان سوالي خالي نه ويندو هيو. جيڏو هٿ جو ڪشادو هيو، ايڏو زبان جو تکو ۽ ڏکيو به هيو. ڏاڍو سٺو دوست، پر جنهن جو دشمن، تنهن جو تمام وڏو دشمن به. جنهن سان نه لڳس ته پوءِ ٻچا ٻير تي ٽنگي ڇڏيندس. ڪن آفيسرن سان ته اهڙيون جٺيون ڪيائين، جو اهي ضرب المثل ٿي ويون. ڏاڍو بي ڀروسي هيو. سندس خبر نه پوندي هئي ته ڪهڙي ڳالهه تي راضي ٿيندو ۽ ڪهڙي ڳالهه تي رنج.
جڏهن ڄام صاحب چيف منسٽر سنڌ جو حلف کنيو ته ڏنڊو کڻي پ پ پ جي ڪڍ پئجي ويو. محترمه کي به بخش نه ڪيائين. سندس لاءِ ڏاڍي تلخ زبان استعمال ڪيائين. زرداري صاحب کي جيل ۾ وڌائين ۽ مٿس بي حساب سختيون ڪيائين. ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍڻ وارو ڪونه هئو. بادشاهه هيو.

اسلم سنجراڻي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ جلد بدلي
1990ع جي اليڪشن کان پوءِ اسلم سنجراڻي صاحب کي لاڙڪاڻي جو ڪمشنر مقرر ڪيائين. جيترو اسلم سنجراڻي کيس ويجهو هيو، اهڙا ٿورا آفيسر ئي کيس ويجهو هوندا هئا. جن مان ڀائي جان محسن قريشي به هڪ هيو. احمد مقصود حميدي به سندس ويجهو دوست هيو. اهي سڀ آفيسر صبح جو ڄام صاحب جي حاضري ڏيندا هئا. سندن ڄام صاحب سان ايتري عقيدت هوندي هئي، جو کيس بابا سائين ڪري مخاطب ٿيندا هئا.
اسلم صاحب به هڪ اسٽائيلش آفيسر هيو. رهڻ، کائڻ، پيئڻ، هلڻ، چلڻ ۽ روين ۾ سندس اسٽائيل پيو ظاهر ٿيندو هيو.
پوسٽنگ ٿيڻ سان پهريون ڪم اهو ڪندو هيو ته آفيس ۽ گهر کي پنهنجي ضرورت ۽ موڊ آهر ٺاهيندو هيو، جنهن مان سندس شان پيو ظاهر ٿيندو هيو.

[b]اسلم سنجراڻيءَ جي بدلي
[/b]غلام مصطفيٰ جوکيو، ڪنڌڪوٽ جو AC/ SDM هيو. ڪمشنر کي سندس ڪا شڪايت ملي. هن به نه ڪئي همَ نه تمَ. کڻي جوکيي جي بدلي ڪري ڇڏيائين. جوکيو به مقامي سياستدانن جو پيارو هيو، وري اهي سياستدان ڄام صاحب کي اسلم صاحب کان وڌيڪ پيارا هئا. سي ايم صاحب اسلم سنجراڻيءَ کي چيو ته جوکيي جي بدلي رد ڪئي وڃي. هن حجت ۾ ڄام صاحب کي چيو ته جي مان جوکيي جي بدلي به نه ٿو ڪري سگهان ته پوءِ مون کي به ڪراچيءَ گهُرايو وڃي. ڄام صاحب چيس ته ٺيڪ آهي، تون ڪراچي هليو اچ.
اسلم صاحب ٻئي ڏينهن ميٽنگ تي ڪراچي وڃڻو هيو. هو جيئن ڪراچيءَ ويو ته وري نه موٽيو. اهو هيو ڄام صاحب بي ڀروسي، بادشاهه ماڻهو! ان کان پوءِ اسلم صاحب هڪ ڊگهي عرصي تائين بنا پوسٽنگ جي گهر ويٺو رهيو. ڏهاڙي ڄام صاحب سان ملاقات، نيازمندي، اٿڻ ويهڻ، اچ وڃ، سلام دعا، گپ شپ، اها ئي ’بابا‘ واري نيازمندي. پر ڄام صاحب سنوت ئي ڪٿي ٿو ڏئي. اسلم صاحب جڏهن به پوسٽنگ جي ڳالهه ڪري ته ڄام صاحب لنوائي وڃي. آخر محترم احمد مقصود حميدي صاحب جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جيڪو ڄام صاحب کي ڏاڍو پيارو هيو ۽ سندس هم پياله ۽ هم نواله هيو. سندس لاءِ مشهور هيو ته صبح جو چانهن بدران ڊرنڪ وٺندو هيو ۽ سندس آفيس گلاس ۾ به پاڻيءَ جي بدران ووڊڪا پيل هوندي هئي. هر ماڻهو جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي. سندس گهر واريءَ جي فوتگي ٿي ته هندستان مان شادي ڪري آيو. احمد مقصود حميديءَ جي فيملي ڏاڍي هوشيار، ٽئلينٽڊ ۽ هر فن مولا آهي. تاريخ، موسيقي، ادب ۽ ڪلچر ته سندن گهر جي ‘ٻانهي’ آهي. هو انور مقصود حميدي ۽ آپا ثريا بجيا، زهره نگاه ۽ زبيده آپا جو ڀاءُ هيو.
هاڻي احمد مقصود حميدي ڄام صاحب جي آڏو بينسري وڄائي. پوءِ مس مس وڃي ڄام صاحب جي اسلم صاحب تان ناراضگي هٽي ۽ کيس حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، جيڪا هڪ سٺي چارج سمجهي ويندي آهي.
مان پيپلز پروگرام ۾ هئس. آگسٽ کان وٺي ڊسمبر 1990ع تائين پروگرام کي roll back ڪرڻ ۾ لڳو پيو هوس. سرڪار حڪم ڪيو هيو ته وڌيڪ ان پروگرام تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو. جتي آهي، اتي رهڻ ڏيو.
ان کان پوءِ تفتيش ۽ انڪوائري شروع ٿي وئي. مون وٽ هر شيءِ Computer تي موجود هئي. مون وٽ اهم شخصيتون هيون، جن جي سفارشن تي پروگرام ۾ اسڪيمون شروع ڪيون ويون هيون. مون کي خبر هئي ته اهو سياسي پروگرام آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڦاٽ ڦاٽندا. تنهن ڪري هر شيءِ شفاف ڪئي وئي هئي. ڪنهن کي به cash پئسا نه ڏنا ويا هئا. جيڪا اسڪيم ڏيندا هئاسين، انهن جون واسطيدار انجنيئر کان estimate ٺهرائي، چيف انجنيئر کان منظور ڪرائي پئسا سندن حوالي ڪري پوءِ اسڪيم مڪمل ڪرائيندو هئس. ٺيڪيدارن سان ته منهنجو واسطو نه هيو. نه ئي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو واسطو هيو، جيڪو عام سرڪاري سسٽم آهي، ڪم به ان وانگر ڪرايو ويو.
جيڪا به ايجنسي انڪوائري ڪرڻ ايندي هئي ته ان کي پروگريس رپورٽ ڏيندو هوس. هو اڪائونٽ به چيڪ ڪندا هئا. سر زمين به ڏسي Verify ڪندا هئا. انجنيئرن کان به پڇاڻو ڪندا هئا. وري مون ڏي سوال جواب لاءِ نه موٽندا هئا، نه ته سندن ارادا هئا ته بي بي صاحبه کي يا بيگم نصرت ڀٽو کي ڪيسن ۾ اڙائجي. خير ٿي ويو. منهنجي دور انديشي ڪم اچي وئي.
31 ڊسمبر 1990ع تي پيپلز پروگرام کي رسمي طرح بند ڪيو ويو ۽ مون سنڌ گورنمينٽ ۾ پوسٽنگ لاءِ ڊيوٽي رپورٽ ڪئي. اسلم صاحب جي مهرباني سان مون کي پهرين جنوري 1991ع کان وري ايڊيشنل ڪمشنر روينيو لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ڪمشنر آفيس ۾ ٻي اننگ شروع ٿي.

[b]غلام عباس سومرو (ٻيو)
[/b]اسلم صاحب کان پوءِ سائين غلام عباس سومرو لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿي آيو. سومرو صاحب ٻيو غلام عباس سومرو هيو، جيڪو پراڻو Ex-pes آفيسر هيو. 1400 آفيسرن سان ڀٽي صاحب جي دور ۾ نڪتو هيو ۽ پوءِ ضياءَ الحق جي دور ۾ سينارٽيءَ سان بحال ٿيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين مقرر ٿيو. 20 هين گريڊ ۾ پروموشن کان پوءِ لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿيو هيو.
هو ڪم سان ڪم رکڻ وارو هڪ پروفيشنل آفيسر هيو. سندس نوڪريءَ ۾ جيڪو ڇهن سالن وارو وقفو آيو، ان ۾ وقت وڃائڻ جي بدران هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين وڪالتون ڪيائين ۽ پنهنجو پاڻ کي بطور روينيو ۽ سول وڪيل جي مڃرايائين ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجو چيمبر قائم ڪيائين. نوڪريءَ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ به ڏاڍو سٺو آفيسر ثابت ٿيو. هو هڏ ڏوکي ۽ خدا ترس ته هو ئي، پر جادوگر آفيسر به هيو. هن وٽ ڪنهن به قانوني نقطي کي صحيح يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل هوندا هئا. جيڪا منهنجي ويجهو هڪ خطرناڪ آفيسر يا وڪيل جي نشاني آهي، پر سومرو صاحب ايڏو خطرناڪ ناهي. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وري وڃي ڪراچيءَ ۾ پنهنجو چيمبر سنڀاليائين، جتي هينئر مصروف وڪيل آهي. سندس پٽ ناصر عباس سومرو ويجهڙائيءَ ۾ دادوءَ ۾ ڊي سي هيو.
منهنجو غلام عباس سومري سان به ڏاڍو سٺو وقت گذريو. مون کانئس قاعدي قانون کان سواءِ ادب، انسانيت، رسمن ۽ لحاظ جا به سبق سکيا.
ڇهن مهينن کان پوءِ سومري صاحب جي ڪمشنر لاڙڪاڻي واري حيثيت تان بدلي ڪري کيس بطور سيڪريٽري لئنڊ يوٽيلائيزيشن (Land Utilization) واري وڌيڪ اهم ۽ بيحد حساس ذميواري ڏني وئي. هي اها پوسٽنگ آهي، جنهن ۾ زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڏيتي ليتيءَ جو سڄو بار سيڪريٽريءَ تي هوندو آهي. اهو ڄام صاحب جو دور هيو ۽ لئنڊ يوٽيلائيزيشن جو ان وقت وزير موجوده پير صاحب پاڳارو سائين صبغت الله شاهه راشدي هيو. سومري صاحب اهو کاتو به ڏاڍو عقلمنديءَ، فهم ۽ فراست سان هلايو.

[b]محمد صلاح الدين قريشي
[/b]سومري صاحب کان پوءِ صلاح الدين قريشي (ٽيون) لاڙڪاڻي جو ڪمشنر ٿي آيو. مان اڃا ائڊيشنل ڪمشنر روينيو هئس. ساڳئي وقت مان لاڙڪاڻي ڊويزن جي شروع ڪرڻ وارن (Pioneers) مان هئس. اها ٻي ڳالهه هئي ته اتي منهنجون پوسٽنگس تبديل ٿينديون رهنديون هيون. اي سي (G)، ايڊيشنل ڪمشنر روينيو، پيپلز پروگرام ۽ وري ايڊيشنل ڪمشنر روينيو. پر تاثر اهو پئي ويو ته مان پڪو پڪو اتي هڪ پوسٽنگ تي ويٺو آهيان. ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ڊي سي ۽ ايس پي بدلي ٿيندا پيا وڃن پر عبدالقادر منگيءَ جي لاڙڪاڻي مان بدلي نه ٿي ٿئي. قربان عباسي، ايڊمنسٽريٽر لاڙڪاڻو، منهنجي بدلي نه ٿيڻ تي ضرور ڳالهائيندو هيو. هو منهنجو ڪاليج زماني کان دوست هيو. اسان کيس 1967ع ۾ ڊگري ڪاليج (لاڙڪاڻي) جي اسٽوڊنٽ يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊرايو هيو. ساڻس سڪ ۽ پنهنجائپ جو رستو آهي. مون صلاح الدين قريشي ‘ٽيون’ ان ڪري لکيو آهي ته هڪ ئي دور ۾ ٻه صلاح الدين قريشي اڳي ئي نوڪري ڪري چڪا هئا. هڪڙو صلاح الدين قريشي ته پراڻو CSP آفيسر، پنجاب جو هيو. جيڪو سانگهڙ ضلعي جي رڪارڊ ٽائيم ڊي سي 1964ع کان 1969ع تائين رهيو هيو. ڀٽي صاحب جي 1400 ڪڍيل آفيسرن جي لسٽ ۾ هن جو نالو به هيو. هي پنجاب جو هيو. هن جو نالو 1990ع تائين ٻڌڻ ۾ نه آيو. پوءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٿي سنڌ ۾ آيو هيو ۽ هتان ئي رٽائرڊ ڪيائين. ٻيو صلاح الدين قريشي Ex-PCS جو آفيسر هيو. نوابشاهه ضلعي جو ڊي سي رهيو. جتوئي صاحب جي وقت ۾، هو ڪجهه وقت کان پوءِ فوت ٿي ويو. ٽيون هيو اسان جو پيارو ڪمشنر لاڙڪاڻو صلاح الدين قريشي (III)، جيڪو Ex-PCS جو جهونو آفيسر هيو. اهو به ڀُٽي/ جتوئيءَ جي وقت ۾ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هيو، جڏهن هو نوشهري فيروز ۾ AC/SDM هيو. صلاح الدين قريشي شڪارپور ۾ پراڻو سيٽلر هيو. هاڻي ته پاڻ ۽ سندس فئملي سنڌين جهڙا سنڌي آهن. سندس گهر واري شڪارپور جي صديقي آهي. غوث بخش مهر صاحب ۽ پاڻ سنڍُو آهن. اتان نوڪريءَ مان نڪرڻ بعد پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪيائين. اتي به وڏو عرصو رهيو. ٻي شادي به ڪيائين. پر اها شادي گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي.
نوڪريءَ جي بحاليءَ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين. نيٺ بحال ٿيو. هوشيار ماڻهو هيو، سينيارٽي به ورتائين. ڪراچي سائوٿ جو ڊي سي رهيو. ڄام صاحب کي به ويجهو ٿيو ۽ نيٺ ڪمشنر لاڙڪاڻو ٿي آيو. عجيب خوبين ۽ خصلتن جو مالڪ هيو. سندس زيردستن سان ورتاءُ ڏاڍو سٺو هوندو هيو. رشيد ميمڻ ۽ مان ٻئي وٽس ايڊيشنل ڪمشنر هئاسون. اسان ٻنهي جو تمام گهڻو خيال ڪندو هيو. ڏک سک ۾ مدد ڪندو هيو. اسان چوندا هئاسون ته آفيسر ته زيردستن کي پٽيندا آهن. توهان اسان کي ’رشوت‘ ٿا ڏيو. چوندو هيو اولاد کي خرچي ڪا رشوت سمجهي ته نه ڏبي آهي. مان سندس اها ادا اڃا تائين نه وساري سگهيو آهيان. سندس اها خوبي منهنجي لاءِ ڏاڍي فائديمند هوندي هئي. رٽائرڊ آهي، ڪراچي ڊفينس ۾ رهي ٿو. سندس ٻار به نوڪرين ۾ آهن. سندس نياڻي لبنيٰ صلاح الدين منهنجي ڊپٽي سيڪريٽري ٿي رهي آهي. پي سي ايس آهي ۽ هاڻي 20هين گريڊ ۾ آهي.
افسوس ته صلاح الدين صاحب جنوري 2017ع ۾ گذاري ويو.