13. آگسٽ 1997ع کان 20 جولاءِ 2002
[/b]لاڙڪاڻي مان بدلي ٿي وئي. مون رب پاڪ جو شڪرانو بجا آندو. ڪيترائي پريشر وڌي ويا هئا. پنهنجن جا سور لاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. مون کي آرڊر ڪيو ويو ته آءٌ ڪراچيءَ ۾ S&GAD ۾ رپورٽ ڪريان. جنهن آفيسر لاءِ فوري جڳهه نظر نه ايندي اٿن. ان کي اتي رپورٽ ڪرائيندا آهن يا جنهن کي وڏي سزا ڏيڻي هوندي اٿن ان کي اتي گهرائي پوءِ وساري ڇڏيندا آهن. ميرن جي ڪاٺ وانگر. هڪڙو واقعو ٿو ياد اچي ته هڪ مير صاحب جيل گهمڻ نڪتو، هڪڙو عجيب غريب قيدي نظر آيس. سندس متعلق پڇيائين ته هي ڪير آهي؟ سرڪار مير صاحب کي ٻڌايائون ته سائين هيءُ ننڍڙو ڇوڪرو هو، مڇن جي ساول به ڪونه نڪتي هئس ته ڪُڪڙ چورائڻ جي ڪوشش ۾ هن کي پڪڙيو ويو ۽سرڪار وڏيءَ توهان جي والد صاحب هن کي جيل ۾ وڌو. هاڻي ته ڏاڙهي به اڇي ٿي وئي اٿس. مير صاحب اهو قصو ٻڌي ڏاڍي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته هيءُ قيدي اسان جي وڏڙن جي نشاني آهي، کيس هت رهڻ ڏيو.
مان ڪجهه ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽريءَ سان ملاقات ڪئي. اڃا تائين سعيد مهدي صاحب چيف سيڪريٽري هو. کيس منهنجي بدليءَ جي چڱيءَ پر خبر هئي ۽ وڌيڪ مون کي پنهنجي بپتا بيان ڪرڻي نه پئي. کيس ٻڌايو ته رپورٽ ڪري ڇڏيو آهي. سندس باڊي لئگئيج مثبت هئي. محسوس ڪيم ته جلد ڪٿي پوسٽنگ ٿي ويندي. مون کين عرض ڪيو ته سڄي حياتي فيلڊ ۾ گذاري آهي. جيڪڏهن ايڊيشنل سيڪريٽري ڪندؤ ته وڏي مهرباني. هن ڪنڌ ڌوڻيو. مان سلام ڪري نڪري آيس. اهو آگسٽ 1997ع جو زمانو هو. غلام سرور کيڙو سيڪريٽري سروسز هو. پاڻ سنڌ سيڪريٽريٽ سروس جو سينئر آفيسر هو. 21 گريڊ تائين پروموٽ ٿيو ۽ پوءِ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊولپمينٽ به ٿيو ۽ اتي کيس ايم ڪيو ايم جي وزير شعيب بخاري جي دور ۾ ڪجهه ايڪسٽينشن به ملي هئي. هي صاحب ان سروس جو پهريون ۽ اڃا تائين آخري آفيسر آهي جيڪو Acs (Dev) رهيو آهي. سڌو ڳالهائڻ وارو ۽ پنهنجي باس جي طبيعت موجب ڪم ڪرڻ وارو. هروڀرو ڪنهن کي نه ڏيندو، ته ڏکوئيندو به نه هو. گهڻو عرصو سروسز جو سيڪريٽري رهيو آهي. ساڻس ملاقات ٿي، سندس اکين مان منهنجي بدليءَ لاءِ افسوس ۽ همدردي ظاهر ٿي رهي هئي. چيائين جيڪو حڪم ٿيندو صاحب (CS) جو ائين ڪبو.
سيڪريٽري سروسز جي پوسٽ به عجيب پوسٽ آهي. ڪجهه به سندس اختيار ۾ ناهي پر پوءِ به سڀ ڪجهه جو مالڪ آهي. سيڪريٽري سروسز هميشه چيف يڪريٽريءَ جو ڪن ۽ اکيون رهيو آهي.
[b]SESSI ۾ پوسٽنگ
[/b]ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي وائيس ڪمشنر سيسي
(Sindh Employess Social Secretray Institute) SESSI ڪيو ويو. ايڊيشنل سيڪريٽري پوءِ به ڪونه ٿيس. سيسيءَ جو سڄو ڪرتا ڌرتا ڪمشنر سيسي آهي. وي سي کي جيڪو ڪم حوالي ڪيو ويندو آهي، اهو ڪمشنر جي طرفان ڪندو آهي. آهي ته ڊمي، پر پوءِ به هن جو قدر هوندو آهي. وي سي دراصل ڪمشنر جو ٻانهن ٻيلي آهي. جيڪڏهن ڪمشنر جي پوسٽ خالي هوندي آهي ته پوءِ وائيس ڪمشنر پڻ ڪمشنر جا اختيار استعمال ڪندو آهي. اهڙو اختيار کيس سيسيءَ جي Act ۾ ڏنل آهي. شايد اهو طريقو ايوب خان جي دور ۾ جڏهن سيسي ائڪٽ ٺهيو ته امريڪا جي صدر وانگر ۽ نائب صدر وانگر سيسيءَ جو ڪمشنر ۽ وائيس ڪمشنر کي ڏنو ويو.
سڄي ڊاڪ وائيس ڪمشنر جي معرفت ويندي هئي. ميڊيڪل جي ڊاڪ ميڊيڪل ائڊوائزر جي معرفت ويندي هئي. ميڊيڪل ته ڪمشنر جي ڪجهه مجبوري هئي جو اهو ٽيڪنيڪل ڪم هو پر وائيس ڪمشنر جو ته عام رواجي انتظامي ڪم هو، جنهن ۾ خاص طور فنانس جا ’حساس‘ فائيل وي سيءَ کي باءِ پاس ڪري، ڪمشنر صاحب سڌا گهرائيندو هو.
ان وقت سيسيءَ جو ڪمشنر خاور جميل هو. جيڪو 19 هين گريڊ ۾ هو. کيس ايم ڪيو ايم جي وزير شعيب بخاري ۽ ايم ڪيو ايم جي مرڪز جي به ٽيڪ هئي. پاڻ محترم ڊاڪٽر جميل جالبي ڃاتل سڃاتل اردو اديب ۽ محقق جو پٽ آهي. کيس ڪا دل جي يا بلڊ پريشر جي بيماري هئي. تنهن ڪري مٿن اثر هلائي، اهو سبب ڄاڻايو هئائين ته سيسيءَ ۾ علاج لاءِ سهوليتون موجود آهن، تنهن ڪري کيس اتي ئي مقرر ڪيو وڃي.
سيسي ۾ ڪو ڪم جو مزو ته ڪونه هو، سواءِ گاڏي پيٽرول، ميڊيڪل ۽ ڪجهه ٻين الائونسن جي. منهنجي پگهار به تقريباً ٻيڻي ٿي پئي وئي. خوش گهڻو نه، ته رنج به ڪونه هئس.
[b]شڪر آ منهنجي بدليءَ سان توهانجو معاهدو بچي ويو
[/b]جڏهن منهنجي پوسٽنگ ٿي ته وزير صاحب ملڪ کان ٻاهر جنيوا ۾ بين الاقوامي ليبر ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ويو هو. مهيني ٻن کان پوءِ اسان جي ڪنهن ميٽنگ ۾ ملاقات ٿي. مون کان پڇيائين ”توهان ڪير آهيو؟“ ڪمشنر تعارف ڪرايو. چيائين چيف سيڪريٽريءَ مون کان پڇڻ کان سواءِ توهان جي پوسٽنگ منهنجي کاتي ۾ ڪيئن ڪئي آهي. ڪمشنر ٻڌايس ته توهان ملڪ کان ٻاهر هئا. وري چيائين ”اهڙي ڪهڙي تڪڙ هئس، منهنجو انتطار ڪري سگهيو پئي.“ نالي ۾ ته لياقت علي خان وڏو وزير هو، پر اڪثر کاتا ۽ اهم کاتا ايم ڪيو ايم جي وزيرن جي حوالي هئا. هر وزير پنهنجو پاڻ ۾ وزيراعليٰ هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو مان اڳ ۾ محسوس ڪري رهيو هوس. بدلي. وري بدلي!
وري S&GAD ۾ رپورٽ ڪرايو ويو.آخري ڀيرو منهنجي ڪنهن ميٽنگ ۾ شعيب بخاريءَ سان ملاقات ٿي. ميٽنگ کان پوءِ چوڻ لڳو، مون کي توهانجي پوسٽنگ تي اعتراض ڪونه هو، توهان سٺو ڪم ڪري رهيا هئا. اسان جو حڪومت سان معاهدو هو ته اسان جي کاتن ۾ ڪا به ٽرانسفر پوسٽنگ اسان جي مرضيءَ کان سواءِ نه ٿيندي!”
مون چيو “سائين! شڪر آهي، منهنجي بدليءَ سان توهان جو معاهدو ته بچي ويو.” مان ائين چئي. بنا هٿ ملائڻ جي سندس آفيس مان نڪري آيو هئس.
محمد اسدالله خان، پوسٽ ٿيو هو. ظاهر آهي هو سنديافته آهي. هن جو نوڪريءَ ۾ سال رهيل هو. مان سيپٽمبر 1997ع جي آخر ۾ سيسيءَ ۾ بدلي ٿي آيو هئس ۽ 31 ڊسمبر 1997ع تي چارج ڇڏي. ٽيبل جي خانن ۾ رکيل ذاتي ڪاغذ ۽ ٻيو سامان، هڙ ٻڌي گهر کڻي پهتس.
سوچيم پئي ته هيءَ ننڍڙيون ننڍڙيون حرڪتون ڪهڙين محبتن جو ٻج ڇٽي رهيون آهن. ڇا سنڌي به ائين ڪن ٿا؟ مون کان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به ان بنياد تي ڪنهن سان به ذاتي تڳائي ۽ مَٺائي نه پڳي. ڇا اسان جي رت ۾ ڪو فرق آهي! خدا واسطي ڪنهن سان دشمني نه ٿي پڄي.
[b]سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ!
[/b](فيبروري 1998ع کان نومبر 1999ع)
وري ورندا واءَ، وري وسندا مينهن،
سڄڻ گڏبا سڄڻين، نوان ٿيندا نينهن،
وڇوڙي جا ڏينهن، رهي رهندا ڪيترا.
ٽن مهينن کان پوءِ وري سعيد مهديءَ جو منهن ڏسڻ نصيب ٿيو. هو مسڪرائي مليو. مان موٽي اچي پنهنجي پوسٽنگ جو انتظار ڪرڻ لڳم. منهنجي پوسٽنگ، ڊائريڪٽر پرائيس ڪنٽرول ٿي. ايگريڪلچر کاتي ۾ سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر سومرو هو ۽ وزير سائين مراد علي شاهه ڀريا وارو. جنهن جا اڌ روڊ ۾ ٺهندڙ دوڪان، ڪپهه جي ڪارخاني جي ٻاهران، مان نيشنل هاءِ وي تي خيرپور ضلع ۾ ڪوٽڏجيءَ جي ڀرسان ٺهڻ نه ڏنا هئا ۽ اڌ ٺهيل دڪان به ڊهرائي ڇڏيا هئا. ان کي مان ناپسنديده شخصيت لڳس ۽ هن به سيڪريٽريءَ کي چيو ته “مون کي چارج وٺڻ نه ڏئي. مون کي هدايت ڪري ته واپس چيف سيڪريٽريءَ کي وڃي سلام ڏيان.”
مان وري سڙڪ تي اچي ويس. ويچارو سعيد مهدي منهنجي ڪري پريشان هو. لڳي پيو ته کيس مون سان همدردي ٿيندي پئي وڃي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سنڌ جي پوسٽ خالي ٿي. اتي ڪو به وزير ڪونه هو، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، وڏو عرصو ڊائريڪٽر جنرل انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسيءَ ۾ رهي هئي. هينئر هوءَ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ماحولياتي بچاءَ جي سيڪريٽري ٿي ويئي هئي. ڊي جي انوائرمينٽ جي به چارج هئس، جيستائين برگيڊيئر اختر ضامن ڊي جي ماحوليات اچي ٿيو. هي اهو دور هو جو مشرف اڃا صرف آرمي چيف هو. ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ڪونه ٿيو هو. شايد ان جي ئي ٽيڪ تي برگيڊيئر اختر ضامن صاحب رٽائر ٿيڻ کان پوءِ 20 گريڊ ۾ ڊي جي ماحوليات ٿي لڳو هو. مون کيس ميڊم مهتاب جي اڳيان هٿ ٻڌي سر جهڪائي ويٺل ڏٺو. پوءِ جڏهن جنرل مشرف CEO ٿي ويو ته برگيڊيئر اختر ضامن سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويو. سنڌ جي سڄي بيوروڪريسي سندس اڳيان ڪنڌ جهڪائي هٿ ٻڌي ويٺل هوندي هئي. ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو سٺو هو. ڪم جي لائين اها ئي مولائين واري ۽ ايم ڪيو ايم واري رهيس.
جڏهن ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر (ڪيپٽن) زاهد سعيد پنجاب بدلي ٿي ويو ته اها جڳهه خالي ٿي. پوسٽنگ پروپوزل چيف سيڪريٽريءَ وٽ ويا. هن مون کي اتي پوسٽ ڪيو. حالانڪه ڪجهه DMG آفيسر به انتظار ۾ هئا ۽ ميڊم مهتاب راشدي، احمد بخش کوکر جو به DO ڪيو هو، جيڪو وٽس ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو هو.
پوسٽنگ آرڊر کڻي ميڊم وٽ ويس ته خوشدليءَ سان آڌرڀاءُ ڪيائين. مون کي پاڻ ٻڌايائون ته پاڻ احمد بخش کوکر جو DO ڪري چڪيون هيون. پر مون کي به خوش آمديد ڪن ٿيون.
[b]سماجي بهبود جو کاتو
[/b]سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ به عجيب ٿڪل ۽ گهٽ اهميت وارو کاتو هو. حالانڪه ان ۾ ڪافي ڪم ڪرڻ جي گنجائش هئي. هڪ آفيسر ٻئي آفيسر جو دشمن. پاڻ ۾ بيهندا ته هڪ ٻئي جي تعريف ڪري نه ڍاپندا. سندن آئوٽ لڪ اهڙو عجيب هوندو هو جو ڪو به ماڻهو ڏسڻ سان مشڪل سان آفيسر سمجهندو.
هڪ دفعي گورنر هائوس کان فون آيو ته 14 آگسٽ لاءِ اهڙن معزور ماڻهن جي لسٽ ڏيو، جن کي گورنر هائوس ۾ گهرائي گفٽ ڏنا وڃن. جڏهن مون اها ڳالهه ميڊم سان ڪئي ته وڏو ٽهڪ ڏيئي چوڻ لڳي ته “ادا ڪن آفيسرن جا نالا ڏئي ڇڏيو.” هتي ان کان بهتر ان وقت جي سوشل ويلفيئر جي کاتي کي بيان نٿو ڪري سگهجي. باقي سازشن ۾ ڀڙ هئا. ان وچ ۾ ميڊم مهتاب بدلي ٿي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ٿي. عبدالوحيد پيرزادو سيڪريٽري ٿي ويو. نسرين پرويز ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي، جيڪا مشهور براڊ ڪاسٽر هئي. جنهن آفيسرن تي نازيبا مضمون به لکيا.
[b]سيد ممنون حسين!
[/b]ان وچ ۾ ايندڙ وقتن جو هڪ اهم ماڻهو جيڪو مسلم ليگ (ن) ۾ شامل هو، اهو هن کاتي جو ائڊوائيزر ٿيو. سندس نالو سيد ممنون حسين هو. هُو ماٺيڻو، خدا ترس، صوم صلواة جو پابند. وچولي درجي جو، واپاري لڏي جو روح روان. بي انتها ايماندار، پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو. سندس ناشتي جي دعوت جو نواز شريف گرويده هوندو هو.
مون کي جنون ته کاتي کي اسٽريم لائين ڪريان، سٺيون سروسز هيون، جنهن ۾ دارالامان، ٻارن جا حق، معذورن جا مرڪز، معذور ٻارن جي بحالي جا مرڪز، سماجي بهبود جا مرڪز، ٻارن جا مرڪز، ڊي ڪيئر سسٽم ۽ گهڻو ڪجهه. پر انهن جي حالت زار ڏسي روئڻ پيو اچي. مون دارالامان لاءِ لکيوته اتي عورت پوليس ڪانسٽيبل رکيون وڃن ۽ انهن کي هوم ڊپارٽمينٽ جي ماتحت ڪيو وڃي، پر ايئن نه ٿيو.
Child Right لاءِ يونيسيف کان اسڪيم حاصل ڪئي وئي، ٻين سروسز لاءِ انهن جي بهتري لاءِ ADP ۾ پيسا رکرايا ۽ ڪي سروسز ختم ڪيون.
محترمه حجاب منظر صاحبه جيڪا منظر ايوبي (شاعر) جي ڌيءَ هئي ۽ پاڻ به شاعره هئي، هي اصل خيرپور جا هئا. ان ممنون صاحب کي مهاجر سمجهي منهنجي شڪايت ڪئي ته مان مهاجر آفيسرن تي سنڌين کي ترجيح ڏئي رهيو آهيان. ممنون صاحب ڪجهه ڏينهن مون کي جاچيو، جڏهن مطمئن ٿيو ته حجاب منظر کي گهرائي ڇنڊ پٽي ته تو ڪوڙو الزام ڇو لڳايو. سندس اچ وڃ پنهنجي آفيس به بند ڪري ڇڏي. اها مون کي پوءِ خبر پئي. هو مون کي ان ڳالهه کان پوءِ وڌيڪ عزت ۽ مانُ ڏيڻ لڳو. اسان جي پاڻ ۾ ڄڻ دوستي ٿي وئي. مون کي جيم خانه ڪراچيءَ جو ميمبر به ممنون صاحب ئي ڪرايو.
[b]ممنون صاحب جي گاڏي
[/b]ممنون صاحب وٽ هڪ پراڻي گاڏي هئي، شيراڊ مون کي ٻڌايائين ته “ڪجهه هليل گاڏي KIA ٽن لکن ۾ ملي ٿي، اها وٺان ٿو.” مون چيو “سائين! مون کي به وٺي ڏيو. ٻه گاڏيون گڏ وٺنداسون ته ايجنٽ ڪجهه پيسا گهٽ ڪندو.”
[b]ممنون حسين صاحب گورنر ٿي ويو
[/b]چئن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته ممنون حسين صاحب کي گورنر نامزد ڪيو ويو آهي. غوث علي شاهه صاحب ائڊمنسٽريٽر ڪيو ويو آهي. پرائيم منسٽر جي طرفان سنڌ اسيمبليءَ کي آئين مان ڏنل اختيارن هيٺ سسپينڊ ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ تبديلي ڪئي وئي. حڪيم سعيد سابق گورنر سنڌ جي قتل کان پوءِ وزيراعليٰ لياقت جتوئي صاحب کي هٽايو ويو.
گورنر جي حلف برداريءَ جي موقعي تي مون کي به گورنر صاحب دعوت ڏني هئي. قسم کڻڻ کان پوءِ کيس مبارڪ ڏيڻ لاءِ ڀاڪر پائي مبارڪ ڏنم، کيس آهستگيءَ سان چيم ته “سائين! ڪار جي خريداريءَ جو پروگرام آهي يا تبديل ڪري ڇڏيو؟” کلي چوڻ لڳو “منگي صاحب! سب رب کا کرم هئي!” سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا!
پوءِ جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل مشرف جو تختو اونڌو ڪندي، نواز شريف جي پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ٿي پيو ته ممنون حسين صاحب کي هٽائي ايئر مارشل عظيم دائودپوٽي کي ڳولهي سولهي سنڌ جو گورنر ڪيو ويو. نواز ليگ جا ڪيترائي رهبر جهليا ويا ۽ ڪيترا ئي زير زمين ٿي ويا، پر ممنون صاحب پنهنجي فليٽ ۾ ڌڙلي سان رهندو هو. اهو سڄو عرصو نواز شريف جلاوطن هو. ممنون حسين صاحب سندس نالي ۽ پارٽيءَ جا نعره هڻندو رهيو.
منهنجي نياڻي ذڪيه قادر جي شادي حيدرآباد سنڌ ميوزيم ۾ رکي وئي هئي. مون ممنون صاحب کي سندس گهر واريءَ سميت شرڪت جي دعوت ڏني. هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچي پهتو. منهنجي نياڻيءَ کي پاڻ ۽ سندس گهر واري دعائن سان وداع ڪيو.
[b]ممنون حسين صاحب صدر ٿي ويو...
[/b]اهو ئي ممنون صاحب، وقت مٽيو ته صدر ملڪت پاڪستان ٿيو.
یہ سب تمہارا کرم ہے آقا
کہ بات اب تک بنی ہوئی ہے۔
اهو ويجهي ماضيءَ جو قصو آهي. زرداريءَ صاحب جي صدارت جي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ پيشنگوئيون شروع ٿي ويون ته سائين غوث علي شاهه، ممتاز علي خان ڀٽو يا سابق صدر رفيق تارڙ وري صدر ٿيندو. پر الله سائين ممنون حسين تي وڌيڪ مهربان هو. هو صدر ٿي ويو. جيڪو صوم و صلواة جو پابند آهي. ايوان صدر ۾ نماز جي امامت ڪندو آهي. مدينه پاڪ ۽ مڪه پاڪ ۾ به پنهنجي ملڪ جي سفارتخانن ۾ رمضان ۽ عام ڏينهن تي نماز جي امامت ڪندو رهيو.
سندس صدر ٿيڻ کانپوءِ مون جڏهن کيس مبارڪ ڏيڻ لاءِ فون ڪئي ته چوڻ لڳو “منگي صاحب! يه رب پاڪ ڪا ڪرم هئي. ميري کيا حيثيت. مين تو نهايت ڪمتر اور غريب بندا هون اُسڪا” سندس آواز ڀرجي آيو هو. شايد اکين ۾ ڳوڙها به هئس.
[b]نيپا ٽريننگ
[/b]مان نيپا ۾ ٽريننگ ڪئي، 4 مهينن لاءِ اهو ڪورس هوندو آهي، جيڪو 19 گريڊ کان 20 گريڊ ۾ پروموشن لاءِ ضروري هوندو آهي. هن ڪورس ۾ اڳ ۾ آفيسرن کي ٻاهرين ملڪ جو به ڪورس ڪرائيندا هئا، پر هن سال کان ’بچت‘ ڪرڻ لاءِ سرڪار ٻاهر جا دورا معطل ڪري ڇڏيا، باقي ملڪ جي اندرين علائقن جو دورو به ڪرايو.
هن ڪورس ۾ به وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي جمع ٿيندي آهي. سنڌ Ex-Pcs مان شفقت علي ٽالپور، شمس الدين لغاري ۽ مان هئاسون. PSP مان جيڪي سنڌ پوليس ۾ نوڪري ڪندا هئا، انهن مان فياض لغاري صاحب هو، جيڪو پوءِ سنڌ جو ٻه ٽي ڀيرا آءِ. جي ٿي رهيو. رسول بخش ساند ريلوي جو، يعقوب علي زرداري، DMG جا آفيسر جيڪي سنڌ ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا انهن ۾ ملڪ اسرار حسين، خسروپرويز خان ۽ عباسي عبدالرزاق هو. انڪم ٽيڪس گروپ وڏو هو جنهن مان عزيز ميمڻ، ظفر اقبال، زرخليل ۽ سنڌ جو مشهور ڪردار عبدالماجد ڀرڳڙي جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي فانٽ به متعارف ڪرايو ۽ اڃا تائين ان ڏس ۾ جدوجهد ڪري رهيو آهي. اسان جي گروپ جي سعيد احمد خان، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽم سروس آف پاڪستان جي محترم رفعت ناصر زيدي، اڪيلي عورت/ ڇوڪري 17 آفيسرن ۾ هڪ هئي. هئي هڪ پر 16 جي برابر هئي.
اسان سان جيڪو اهم ترين ۽ دلچسپ برجستو ۽ سڀني جي ڪم اچڻ وارو ڪيريڪٽر هو اهو هو احسن بصير صاحب . پاڻ پوسٽل سروس آف پاڪستان جو آفيسر هو. احسن صاحب موقعو ڳوليندو وتندو هو ته ڪنهن کي سندس مدد جي ڪڏهن ضرورت آهي. وڃي ان وٽ پهچندو. روزي نماز جو پابند، خوش مزاج. محمد طالب مرزا، جيولاجي سروس آف پاڪستان جو هڪ لائق آفيسر هو. سندس هيڊ ڪوارٽر ڪوئيٽا هو، ٻار ڪراچيءَ ۾ رهندا هئس. منهنجي ساڻس ’ٿرڪول‘ تي اڪثر ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. جڏهن ڪوئلو ٿر مان دريافت ٿيو هو ته پاڻ به ان ٽيم ۾ شامل هو. منهنجي سوالن جي جواب ۾ چوندو هو ته ’ٿر ڪوئلو مفيد ٿيندو پر وڏي محنت ۽ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي‘
يعقوب علي زرداري ريلوي گروپ جو هو. ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿي ويو آهي. پاڻ صاحب طرز اديب ۽ سنڌ جو عاشق ۽ شاگرد سياست ۾ اڳرو رهي چڪو هو. ڪافي ڪانفرنسون ڪيون هئائين. سائين نبي بخش خان بلوچ جو پوئلڳ آهي. ٻن حصن ۾ پنهنجي آپ بيتي نالي ‘وائيءَ ۾ ور گهڻا’ سندس پٽن: سڪندر علي زرداريءَ ۽ محمد علي زرداريءَ، آگسٽ 2013ع ۾ ڇپائي آهي. سندس پٽ صاحب حيثيت ۽ سرڪاري نوڪرين تي آهن. يعقوب علي زرداري اسان سان گڏ نيپا ۾ شامل ٿيو، جنهن جو ذڪر آپ بيتيءَ جي ٻئي حصي جي آخري صفحي تي ڪيو اٿائين. جنهن ۾ صرف نالا لکيل آهن، پر زرداري صاحب کي موت مهلت نه ڏني. منهنجي سندس اولاد کي گذارش آهي ته سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون حصو به ڇپرائين، ڇوته سندس زندگيءَ جو آخري ۽ اهم حصو اڃا رهيل آهي. جنهن جا اهم واقعا پڙهندڙن سان ونڊڻ گهرجن.
1970ع کان پوءِ وري ڄڻ نئين سر ڪاليج لائيف شروع ٿي وئي هئي. پر هتي تربيت ۾ امتحان ڪونه هو، پر انسٽرڪٽر ۽ چيف انسٽرڪٽر ۽ ڊائريڪٽر پنهنجي طرفان هڪ پرک رپورٽ (Assessment Report) سرڪار کي موڪليندا هئا، جيڪا ذاتي فائيل ۾ سالياني رپورٽن جي رڪارڊ سان شامل ڪئي ويندي هئي. جيڪا آفيسر جي پروموشن جي وقت استعمال ٿيندي هئي. گهڻو ڪري رپورٽ خراب نه هوندي هئي. جيستائين ڪو آفيسر صفا بدتميزي نه ڪري ويهي. رابطي لاءِ گروپ مان هڪ گروپ ليڊر چونڊبو هو، جيڪو گروپ جي طرفان ڊائريڪٽر سان انتظامي مسئلن ۽ معاملن ۾ لهه وچڙ ۾ رهندو هو.
ملڪ اسرار، خسرو پرويز ۽ فياض احمد خان لغاري ڊائريڪٽر کي ان ڪم لاءِ منهنجي پرپُٺ نالو ڏنو. پوءِ اچي مون کي ٻڌايائون ۽ پوءِ سڄي ڪلاس ۾ منهنجي لاءِ لابنگ ڪيائون ته جيئن ڪو به اعتراض نه ڪري. آخر ڊائريڪٽر ڪلاس ۾ اچي منهنجو نالو بطور گروپ ليڊر جي ٻڌايو. ڪنهن کي به اعتراص ڪونه هو. سڀني ڊيسڪون وڄايون. ڄڻ آءٌ ڪلاس جو مانيٽر ٿيو هجان. پر هيءَ ڪم ڏکيو ۽ وڌيڪ ذميداريءَ جو هو. گروپ جي خدمت ڪرڻي هئي.
ڊائريڪٽر نيپا اسان جي دور ۾ محترمه ڊاڪٽر معصومه حسن صاحبه هئي. سندس گهر وارو فتح ياب علي خان، مزدور ڪسان پارٽيءَ جو ليڊر هو. محترمه معصومه حسن پاڻ به ڄاڻو ۽لائق عورت آهي. نوڪريءَ جو گهڻو وقت نيپا ۾ گذاريو اٿائين. مشرف جي دور ۾ ڪابينه جي سيڪريٽري رهي. جنهن جو پورٽ فوليو مشرف صاحب وٽ هو. دبنگ آفيسر آهي، ماشاءَ الله منهن مهانڊي سان به خوبصورت ۽ گريس فل خاتون آهي. ڪيترن ادارن ۽ ملڪن جي ٿنڪ ٽئڪ آهي.
ڪراچيءَ جو مشهور مفڪر ۽ آرڪيٽيڪٽ عارف حسن، جنهن جو ڪراچيءَ جي پراڻين عمارتن جي بچائڻ ۾ اهم حصو آهي. ان جي ڀيڻ آهي. عارف حسن منهنجي ڪزن، آفتاب علي حسن منگي (مرحوم) جو اسڪول جو دوست آهي. اهي ڄڻ هڪ خاندان جا آهن. ان حوالي سان منهنجي به عارف حسن ۽ ڊاڪٽر معصومه حسن سان ويجهڙائي وارو رشتو رهيو آهي. منهنجي ٿر جي دؤر ۾ عارف حسن صاحب اُتي ايندو رهندو هو. ۽ اسان جي ملاقات ٿيندي رهندي هئي. ٿر ديپ جي منصوبن ۾ عارف حسن صاحب جو وڏو ڀاڱو آهي. ننگر پارڪر ۾ ٿرديپ جو ريسٽ هائوس ٺاهيو /پلان ڪيو آهي. يا گهٽ قيمت وارا منصوبا به گهڻو ڪري عارف حسن پلان ڪيا آهن. ڪراچيءَ جي مسئلن ۽ عمارتن بابت ڪافي ڪتاب به لکيا اٿائين.
نياز صديقي صاحب نيپا ۾ سينيئر موسٽ چيف انسٽرڪٽر هو. پر اسان جي گروپ جو ليڊر لطيف صاحب هو. صديقي صاحب اسان سڀني پي سي ايس، ڊي ايم جي ۽ پوليس آفيسرن کي ويجهو هو. ڪو ڪم ڪار نه هوندي به اسان وٽس وڃي ويهندا هئاسون ۽ ڪچهري ڪندا هئاسون. نياز صديقي صاحب پويون مهينو اسان جي ٽريننگ دوران اسان سان رهيو. هو اسان مان اڪثر آفيسرن جو واقف هو، فيلڊ آفيسر هو تنهن ڪري سندس فيصلن ۾ لچڪ هوندي هئي. جيڪا هن کي ۽ اسان کي مسئلن کان بچائيندي رهندي هئي.
[b]بلوچستان/ ڪوئيٽه جو ٽوئر
[/b]گرمين ۾ اسان جو ٽوئر بلوچستان جو شروع ٿيو. هوٽل ڪوئيٽا سيرينا ۾ رهائش ٿي. ڪوئٽا سيرينا اسلام آباد سيرينا جهڙو ته نه آهي، پر پوءِ به غنيمت آهي. ڪوئيٽا ۾. ٻيو ڪو اهڙو سٺو هوٽل هو به ڪونه. اسان جي گروپ جا 17 مان 10 ساٿي خشڪ هوا جي ڪري فلو ۾ وٺجي ويا. هئا. ٻئي ڏينهن تي ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڊفينس ڪاليج ڏسڻ وياسين ۽ اتي ڪمانڊمنٽ جو ليڪچر ٻڌوسين. ڊفينس ڪاليج پاڪستان جي ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. تقريباً هر جنرل هتي نوڪري ڪئي آهي.
هتي اڙڪ ۽ حنا ڍنڍون به ڏٺيون سين، جتي صوفن جا باغ هئا. حنا ليڪ سُڪي وئي هئي. ٿورو ڪو پاڻي هئس. اهي ٻئي جڳهون منهنجي ٻيلي کاتي جي ٽريننگ ۾ به ڏٺل هيون. هينئر ڪافي ويران نظر اچي رهيون هيون. ڪوئٽا ۽ ان جي آس پاس بدامني ته ڪونه هئي پر هڪ قسم جي اندورني بي چيني نظر اچي رهي هئي.
گورنمينٽ آف بلوچستان جي پاران اسان کي حڪيم بلوچ صاحب جيڪو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هو، ان بريفنگ ڏني ۽ ڏاڍي اطمينان بخش طرح پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو. بلوچ صاحب صوبي جي PCS جو آفيسر هو. موضوع تي سندس مڪمل گرفت هئي. بلوچ صاحب هاڻي منهنجو ذاتي دوست آهي. قوم پرست آهي. سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. ڪتاب بلوچ قوم ۽ قوميت تي لکيل آهي. آءٌ جڏهن مارچ 2007ع ۾ ڪوئٽا ۾ Cultural Diversity جي سيمينار تي ويو هئس ته بلوچ صاحب سان ملاقات ٿي هئي. منهنجي رات جو دعوت ڪئي هئائين.
ان ڏينهن شام جو اسان جي ساٿين ڪوئٽا جي مشهور بازارن مان سڪل ميوي ۽ ٻاهران آيل ڪپڙن ۽ ٻئي اليڪٽرڪ سامان جي خريداري ڪئي.
اسان جي ڪوئٽا جي ٽرپ ۾ اسان جو انچارج لطيف صاحب هو. ماڻهو ته سٺو هو پر ڊاڪٽر معصومه حسن صاحبه کان ڊڄندو ڏاڍو هو. اسان جو سڄو گروپ تقريباً بيمار ٿي پيو هو. مان ڪجهه بهتر حالت ۾ هئس. لطيف صاحب جي مدد ۾ محترمه زرين اسسٽنٽ چيف انسٽرڪٽر هئي. زرين ۽ ڪن دوستن لطيف صاحب کي اهو اطلاع ڏنو ته سڀ ساٿي تقريباً بيمار آهن. اڳتي سفر جاري رکڻ مشڪل ٿيندو. ممڪن آهي ته کين وڌيڪ تڪليف ٿئي. ٻيو ته سسئي پنهون جي قبر ڏسڻي هئي، اتي ٻه ڏينهن رهڻا هئا ۽ ٻه ڏينهن گوادر ۾ رهڻا هئا. اتي جي موسم جي ناهمواري آفيسرن لاءِ مشڪل پيدا ڪري سگهي پئي. آخر بطور گروپ ليڊر جي اهو ذمو منهنجي حوالي ڪيو ويو ته ٻليءَ کي گهنڊڻي مان ٻڌان.
لطيف صاحب پنهنجي ضد تي ته صبح جو باءِ ايئر ضرور قلات ڊويزن جي هيڊ ڪوارٽر تي پهچنداسون. مون کيس آخري ڀيرو ڏاڍي عزت سان چيو ته صبح جو جيڪي آفيسر هلڻ جهڙا هوندا، اُهي ئي هلندا ٻيا نه هلندا. جيڪڏهن توهان ضد ڪري سڀني کي وٺي هليا ته سندن ذميداري توهان جي هوندي.
ٻئي ڏينهن مان بطور گروپ ليڊر سامان پيڪ ڪري بيگ کڻي لابيءَ ۾ آيس، لطيف صاحب پڇيو... ۽ ٻيا؟“ مون کيس چيو ته اهي بيمار آهن، هلڻ جهڙا نه آهي. ان حقيقت ۾ گهڻو سچ به هو. هن کي صرف مون سان ٽوئر جاري رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. ناشتو ڪيوسين. مون کيس چيو ته “هلو ته هلون سر”. هو منجهي پيو ۽ چوڻ لڳو “ٺيڪ آهي ٽن ڏينهن کان پوءِ فلائيٽ آهي. تربت (مڪران) ڊويزن جي هيڊ ڪوارٽر تي هلنداسين. اتان ئي بس تي گوادر هلنداسون. ساڳي ڏينهن تي ۽ ٻئي ڏينهن تي گوادر ڏسي شام جو ڪراچيءَ باءِ ايئر هلنداسون.”
مون سندس تعاون جو ٿورو مڃيو ۽ کيس وٺي اچي آفيسرن جي ڪمرن تي ڪن آفيسرن سان ملاقات ڪرائي ۽ کيس سندن حالت ڏيکاري. ڪجهه هو به مطمئن ٿي ويو ته اسان هرو ڀرو ‘بدمعاشي’ نه ڪري رهيا هئاسون. ٽي ڏينهن وڌيڪ سيرينا ڪوئٽا ۾ رهياسون. ڪجهه آرام ڪيو. دوائون کاڌيون، چوٿين ڏينهن تربت جي لاءِ روانا ٿياسون.
اتي ڪمشنر صاحب سان لنچ ڪئيسون. هن ليڪچر ڏنو. پوءِ پنهونءَ جو قلعو ڏٺوسين ۽ هڪڙي اذيت ناڪ ‘ڪوچ’ ۾ گوادر جو سفر ٽين وڳي شروع ڪيوسين، ڪوچ نان ايئر ڪنڊيشنڊ هئي. رستو پڪو نه هو، پر ان کي ‘شنگل’ روڊ چيائون، جيڪا مٽي ان روڊ تان اٿي پئي اها اسان جي ڪوچ ۾ داخل پئي ٿي. اسان جي گروپ جي ‘رفعت’ جيڪا نئين سنئين تربت مان لنچ کان پوءِ ميڪ اپ ڪري ڪوچ ۾ چڙهي هئي ان جي حالت ڇا هوندي؟ سعيد احمد خان به محفل کي تربت کان گوادر تائين ‘رفعت’ سان ‘ڊوئيٽ’ ڳائي ڏاڍو مچايو. آخر 10 بجي رات جو اچي گوادر ريسٽ هائوس تي پهتاسون. ميزبان، ڊي سي گوادر اعجاز خان پٺاڻ جيڪو لاڙڪاڻي جو آهي ۽ شڪارپور ۾ به 91-1990ع ۾ ڊي سي رهيو آهي. اهو ماني رکرائي وڃي ڊي سي هائوس تي ٿانيڪو ٿيو. سندس عملو اسان لاءِ ماني رکي انتظار ڪري رهيو هو. اعجاز خان ويجهڙائپ ۾ سنڌ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) سنڌ رهيو، جتان پروموٽ ٿي 22 گريڊ ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي سيڪريٽري مقرر ٿيو آهي.
[b]گوادر[/b]
سعيد احمد خان، ملڪ اسرار حسين ۽ مان داروءَ جا پيالا ڀري سمنڊ ۾ ڪاهي پياسون. خسرو پرويز خان اسان جي واهر لاءِ اسان جي ڪڍ هو. خسرو صوفي آهي پر هن مناسب سمجهيو ته اسان ٽنهي کي اڪيلو نه ڇڏي.سمنڊ ۾ لهڻ کان اڳ ۾ ڪمرا والارياسين. سٺ کن ڪمرا Curve ٽائيپ ۾ وڪڙ تي سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل هئا. وڏي ڇولي انهن ڪمرن جي آڳر ۾ به اچي رهي هئي. اهو 1998ع جو شايد آڪٽوبر جو مهينو هو. گوادر ترقي ڪري رهيو هو پر اڃا ترقي جي رفتار تيز ڪونه ٿي هئي، هت رهائش لاءِ آيلن لاءِ صرف اهي سٺ ڪمرا هئا. ڪمرا ويڪرا ۽ خوبصورت هئا. سمنڊ جي مهاڙي سندن سونهن وڌائي رهي هئي. وري جو چوڏهين جي رات ۽ مڌ جو ‘سرور’، ڇا ڳالهه ڪجي!
اسان به ڪجهه پنهنجي مٽي سمنڊ ۾ لاٿي، ۽ ڪجهه اچي باٿ روم ۾ لاٿي. مانيءَ کائڻ کان پوءِ هڪ دفعو وري سمنڊ جو پاسو ڏئي چڪر ڏنوسين. چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ به روپو لڳي رهيو هو. هوا، زندگي بخشيندڙ هئي.
صبح جو ناشتي کان پوءِ ڊي سي اعجاز خان سان ملاقات هئي. جنهن گهڻن ئي دوستن کي سڃاتو پئي. هو جڏهن شڪارپور ۾ ڊي سي هو ته مان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هئس، هن گوادر جو تعارف ڪرايو ۽ جيڪي ترقياتي ڪم ٿي چڪا آهن انهن جو ذڪر ڪيو. هوٽل PC ۽ نئون ايئرپورٽ اڃا ڪونه ٺهيا هئا. گوادر تي به ڪجهه گوديون ٺهيون هيون. وڌيڪ ڪم اڳتي ٿيڻو هو. ”سنگهار“ ڪالوني ڏٺيسون. جنهن جو وڏو چرچو هو. سڀني وڏن سياستانن، جنرلن ۽ واپارين اتي پلاٽ ورتا هئا. بينظير صاحبه کان جنرل مشرف تائين ۽ نواز شريف تائين. اڃا جنرل مشرف کي ڪنهن به حڪومت سنڀالڻ لاءِ ڌڪوڪونه ڏنو هو.
گوادر ملاحن جي ننڍڙي بستي هئي. اها ڏٺيسين، ٻن پهرن جي ماني اعجاز خان سان کاڌي سين ۽ شام جي پرواز ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿياسون. ايئر پورٽ سنڌڙيءَ جي ايئرپورٽ وانگر هو. ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳا، ڪراچي تائين پهچڻ ۾ هاڻي ته گوادر جو ايئرپورٽ ڏاڍو شاندار ٺهي ويو آهي.
گوادر اصل ۾ عَمان جو حصو هو، پرائيم منسٽر فيروز خان نون 1958ع ۾ اهو پاڪستان حڪومت جي پاران خريد ڪيو هو. ڪراچي ايئرپورٽ تي منهنجي گهر واري ۽ منهنجو ننڍڙو ڏيڍ سال جو پٽ محمد عريس خان منهنجي استقبال لاءِ موجود هئا. کين ڏسي منهنجا سفر وارا ٿڪ ئي لهي ويا.
[b]سرحد صوبي جو دورو
[/b]ڇو ته گهڻا آفيسر سنڌ مان هئا يا سندن نوڪريون سنڌ ۾ هيون، تنهن ڪري فيصلو ڪيو وويو ته اسان کي ٻين ٽن صوبن جو Study Tour ڪرايو وڃي. ڪوئيٽا جو/ بلوچستان جو ٽوئر ته ٿي ويو. اسان جي ٻي منزل سرحد هئي جنهن جو نالو هاڻي خيبر پختونخوا آهي.
اسان جي پهرين منزل هو پشاور، جتي ٻئي ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ شڪيل دراني صاحب وٽ صوبي جي ترقيءَ ۽ ٻين ڳالهين جي بريفنگ لاءِ حاضر ٿياسون.
شڪيل صاحب ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هيو. شڪيل دراني صاحب ملڪ جي بهترين آفيسرن مان ڄاتو ويندو آهي. شڪيل دراني صاحب ٿوري وقت لاءِ سنڌ جو به 2006ع ۾ چيف سيڪريٽري رهيو. سندس دور ۾ مان ڪلچر جو سيڪريٽري هئس. هو ڪلچر جو دلداده هو. هتان وڃڻ کان پوءِ ريلوي جو چيئرمين ۽ آخر ۾ واپڊا جو به چيئرمين ٿيو.
[b]پشاور[/b]
دراني صاحب اسان کي صوبي جي متعلق سٺي ڄاڻ ڏني. چانهن پياري ۽ چانهن تي گپ شپ ڪئي. پشاور ۾ ميوزيم ڏٺوسون، فاريسٽ ڪاليج جو رسمي دورو ڪيوسين، جيڪو منهنجو المامتر هيو. پراڻن ساٿين مان راجا ظريف اتي هو. ان سان ملاقات ٿي. انهن ڏينهن ۾ اڃا پشاور يا سوات ۾ طالبان جو دور شروع نه ٿيو هو. ملڪ پرامن هو، ڪن دوستن باڙا مان شاپنگ به ڪئي.
[b]سوات[/b]
اسان جي ٻي منزل سوات هئي. مردان تخت بائي، درگئي، بٽ خيلا ۽ مالاڪنڊ کان ٿيندا منگورا پهتاسون. اسان جي رهائش هوٽل سيرينا سوات ۾ هئي.
هوٽل دراصل واليءِ سوات جو مهمان خانو هئي، جنهن ۾ چوئيتاليهه ڪمرا، اٺن سوئيٽس سميت هئا. اهو مهمان خانو هاڻي سرحد سرڪار جي ملڪيت آهي. حڪومت اها عمارت سيرينا هوٽل کي ڪرائي تي ڏني آهي. جنهن ۾ هو هوٽل هلائي رهيا آهن. ڪشادي ايراضي ۽ کليل ڇٻراٽا آهن، جنهن هوٽل جي سڪون ۽ سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي.
رات جو هلڪي هلڪي سردي محسوس ٿي رهي هئي. اسان مرڪزي لان جي وچ تي مچ ٻاري مچ ڪچهريءَ جو مزو ورتوسين ۽ بار بي ڪيو به اتي کاڌوسون.
ٻئي ڏينهن گروپ جو پروگرام ڪالام، بحرين ۽ مداين ڏانهن هو. ڪالام تقريباً سوَ ڪلوميٽر کان ڪجهه سرس هو، بحرين 80 ڪلوميٽر کن ۽ مداين 65 ڪلووميٽر سعدو شريف ۽ منگورا کان پري هو. رستو سٺو نه هو.
ٻئي ڏينهن جڏهن گروپ ناشتو ڪري تيار ٿيو ته مون محسوس ڪيو ته منهنجو پيٽ خراب آهي ۽ مون اڳتي وڃڻ کان معذرت ڪئي. هوٽل ۾ ئي ترسي پيس ۽ سوات جي متعلق ڪتاب وٺي پڙهيا ۽ هوٽل جي مئنيجر سان حال احوال ويهي ونڊيا.
سعيدو شريف ۽ منگورا ڄڻ ٻه جاڙا شهر آهن. سعيدو شريف سوات جو انتظامي تخت گاهه آهي ۽ منگورا واپاري مرڪز. سوات ڪنهن شهر جو نه پرعلائقي جو نالو آهي. ڊويزن جو نالو مالاڪنڊ آهي، پر ان جو هيڊ ڪوارٽر سعدو شريف آهي. 1913ع ۾ سوات کي رياست ڪري واليءِ سوات کي ڏنو ويو. ڀٽي صاحب ان جو رياست جو درجو ختم ڪري خيرپور وانگر ڊويزن بڻايو. واليءِ سوات اورنگزيب خان، ايوب خان جو ناٺي، بيگم نسيم جو مڙس هو. ايوب خان جڏهن به ٻاهرين ملڪ جي دوري تي ويندو هو ته بيگم نسيم. اورنگزيب کي وٺي ويندو هو.
سوات کي الله سائين ڏاڍين نعمتن سان نوازيو آهي. سوات جي وچان وچ درياءِ سوات گذري ٿو. زمين سرسبز ۽ آباديءَ لاءِ موزون ترين آهي. خاص ڪري ميوي جا باغ، جنهن ۾ بادام، آلو بخارا ۽ خوبانيون شامل آهن. نارنگيون، مالٽا ۽ اسٽرابيري وڏي تعداد ۾ پوکي وڃي ٿي.
بارش به جهجهي آهي، بارش جي پاڻيءَ جي نيڪال دريا ۽ پهاڙي نظام جي ذريعي آهي. الله هن علائقي کي انسانن جي سونهن ۽ زمين جي سونهن سان مالامال ڪيو آهي. مان سوئيزرلينڊ ته نه ڏٺو آهي، پر هن علائقي جي خوبصورتي ۽ شادابي سوئيزرلينڊ کان ڇا گهٽ هوندي. بس ڪجهه محنت ۽ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي.
مک شهرن ۾ هوٽل ڪاري ۽ سياحت وڏو ڪاروبار آهي، زرعي آباديءَ کان علاوه. ماڻهو خوشحال ۽ صاف سٿرا نظر آيا. تعليم به جهجهي نظر آئي. اها ماڻهن جي روين مان به ظاهر هئي.
منهنجا ساٿي ڪالام مان ٿڪا ٽٽا موٽي آيا. علائقي جي سونهن جا ڍڪ ڀري رهيا هئا. هن علائقي ۾ نه پگهر نڪري نه ٿڪ ٿئي. ماني جيڪا ۽ جيتري کائو، پاڻي ايترو مٺو جو هر شيءِ هضم ٿيو وڃي. اها شام هر ساٿيءَ ڊنر ڪري باقي وقت ڪمرن ۾ گذاريو. مون به اسپنگر ۽ کچڙي کائي، ٻه Flagyl جون گوريون ڦڪي، پاڻ کي ٻئي ڏينهن لاءِ مالم جبه لاءِ تيار ڪيو هو.
[b]مالم جبه - سوات
[/b]ٻئي ڏينهن اسان جو قافلو مالم جبا روانو ٿيو. منهنجن ساٿين مون کي به هشاش باش ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. مالم جبا مٿاهين علائقي ۾ آهي. هتي تقريباً سڄو سال برف رهي ٿي. PTDC (پاڪستان ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن) وارن هتي هڪ شاندار تفريحي ماڳ ٺاهيو آهي. سٺو هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ۽ برف تي هلڻ وارن شوقينن لاءِ Sking جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ٻارن ۽ عورتن ۽ خاندانن لاءِ لفٽ چيئر جو به بندوبست هو. اسان انهن سڀني مزيدار شين مان مزو ورتوسين. Sking پاڻ ته نه ڪئي، پر ٻين شوقينن کي ڏٺوسين. چيئر لفٽ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ايوبيه ۾ لڳو پوءِ مريءَ ۾ لڳو ۽ ڪجهه ٻين شهرن ۾ به آهي.
هاڻي ته سنڌ جي گورک هل تي به ان جو چيئرمين رفيق جمالي ان لاءِ ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي اميد ته ان ڪم کي جلدي اُڪلائيندو. گورک جي اوچائي 5688 فوٽ سمنڊ کان مٿي آهي، جيڪا مداين، بحرين ۽ سعيدو شريف ۽ مالاڪنڊ کان به مٿي آهي، پر وڏو علائقو ان اوچائي تي نه آهي.
[b]ڀوربن[/b]
مٿئين ڏينهن تي اسان جي سوات مان روانگي هئي. ٻئي ڏينهن آرام سان اٿياسين. پيڪنگ ڪئي، ناشتو ڪري ڀوربن لاءِ روانو ٿياسون. 20 کن مسافر هئاسون ۽ هڪ سٺو ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ. پر پوءِ به ڀوربن تائين 8 ڪلاڪ لڳي ويا. جڏهن پي سي ڀوربن ۾ چيڪ ان ڪيوسين ته رات جا اٺ ٿي چڪا هئا. ڀوربن جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل جي سن سيٽ (سج جو لهڻ) جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. ٻئي ڏينهن اسان کي سج لهڻ کان اڳ ۾ روانو ٿيڻو هو. تنهن ڪري اهو منظر ڏسڻ کان محروم رهياسون.
گرم پاڻيءَ سان باٿ ورتو. گرم چانهن جا ٻه ڪپ پيتا. لابيءَ ۾ نڪري آيس. پويان ڪنهن ڪلهي تي اچي هٿ رکيو! مڙي ڏٺم ته اسان جو يار عبدالغني چنا مسڪرائي رهيو هو. هن به ساڳيو سوال پڇيو جيڪو مون پڇيو ’تون هتي ڪيئن؟‘ چوندا آهن ته ٻه ڳالهائڻ وارا جڏهن زبان مان ساڳيا لفظ ڪڍن ته ڪنهن ڪاٺ جي شيءِ کي هٿ لائجي Touch wood. مڙئي انگريزن جا وسوسا آهن. پر پوءِ به مون ڀرسان رکيل ٽيبل کي هٿ لاتو ۽ چنا کي به چيو ته هٿ لاءِ. هن به ائين ڪيو. عبدالغني چنا منهنجو 1972ع کان وٺي شڪارپور کان دوست آهي. تنهن زماني ۾ خانداني منصوبه بندي کاتي ۾ هيڊ ڪلرڪ هو. ان سال ئي سي ايس ايس ڪيائين ۽ انڪم ٽيڪس گروپ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو. جڏهن اسان جي ڀوربن ۾ ملاقات ٿي ته هو اڻويهين گريڊ ۾ ايڊيشنل ڪمشنر اسلام آباد هو. ۽ مان سنڌ ۾ سوشل ويلفيئر کاتي جو ڊائريڪٽر هئس.
اها شام اسان ڪچهري ڪئيسين. ماني گڏ کاڌي سين ۽ پراڻيون يادون ساريون سين. جڏهن ڪو دوست ايئن اوچتو ملي وڃي ته ان جو مزو ئي اور آهي. هو به پي سي ڀوربن ۾ انڪم ٽيڪس آفيسرن جي ڪانفرنس ۾ ڀوربن ۾ آيل هو.
ٻئي ڏينهن اسان ڀوربن جي لاهين چاڙهين تي گهمياسون. علائقي جي land scape کي ڀوربن جي انتظاميه ڏاڍو دلڪش ڪيو آهي. اسان لنچ به ڀوربن جي ورانڊي ۾ ويهي ڪئيسون. جتان سڄو منظر نظر اچي رهيو هو ۽ ٿڌي ۽ گرم موسم ۾ ويهڻ جو مزو اچي رهيو هو. ٻن پهرن جي مانيءَ کان پوءِ ٽپڙ ويڙهياسين. اڳين منزل لاهور هئي.
[b]پنجاب - لاهور
[/b]لاهور ۾ به رهائش پي سي ۾ هئي، ٻئي ڏينهن تي گورنر سردار ذوالفقار علي خان کوسا سان ملاقات هئي. کوسو صاحب اسان جي ساٿي فياض علي خان لغاريءَ جو ڳوٺائي، ديره غازي خان جو آهي. ٻئي سردار سياسي طرح هڪ ٻئي کان جدا رستن تي هئا، پر راڄوڻي طرح هڪ ٻئي جي عزت ۽ مان ڪيائون پئي. گورنر صاحب فياض صاحب سان وڏي اتساهه ۽ پيار سان مليو. جڏهن تقرير ڪيائين ته ان ۾ به سردار فياض خان جو نالو ڏاڍو عزت ۽ احترام سان ورتائين پئي.
[b]سردار ذوالفقار علي خان کوسو
[/b]کوسو صاحب ڏسڻ ۾ ته ڳوٺاڻو پئي نظر آيو. پر ايچيسن ۽ آڪسفورڊ جو پڙهيل آهي. ملڪ جي سياست جي نبض تي سندس آڳريون آهن. 2008ع جي دور ۾ سندس پٽ سردار دوست محمد خان کوسو پنجاب جو وزيراعليٰ به رهيو. پر پوءِ شريفن سان سندس اختلاف ٿي پيا. ٻي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جي بدران خاموشيءَ سان پاسيرو ٿي ويهي رهيو. سردار ذوالفقار علي خان کوسي خوبصورت انگريزيءَ ۾ دلڪش لهجي ۽ انداز ۾ صوبي جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي روشني وڌي ۽ اسان جي سوالن جا مدلل جواب ڏنا.
آخر ۾ رسمي طرح اسان جي گروپ پاران مان يا ڪو ٻيو ساٿي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪندو آهي. مان موقعو ڏسندي فياض لغاري صاحب کي چيو ته گورنر صاحب کي Vote of thank ۽ مومينٽو (Momento) پيش ڪري.
[b]منهنجو برٿ ڊي
[/b]ٻئي ڏينهن تي اسان جي گروپ کي ڪجهه جڳهون وزٽ ڪرڻيون هيون. اها 26 تاريخ نومبر هئي. منهنجي ڄم جو ڏينهن. مان گهر واري ۽ ننڍي پٽ کي لاهور گهرائي ورتو.
اسان جي ساٿين منهنجي لاءِ برٿ ڊي ڪيڪ ۽ پارٽيءَ جو هوٽل پي. سي ۾ ئي بندوبست ڪيو، جنهن ۾ منهنجي گهر واري ۽ منهنجي ڏيڍ سال جي پٽ محمد عريس خان شرڪت ڪئي. عريس خان ڪيڪ ڪٽڻ ۾ ۽ منهنجي زال ميڻ بتي وسائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. ان موقعي تي منهنجي گهر واري جيڪا 26 نومبر تي ئي لاهور پهتي هئي ان به ڪيڪ آندو هو. ان ڪيڪ کي به سڀني ساٿين سان گڏجي ڪٽيوسين ۽ کاڌوسون.
مون سڀني دوستن جو، ان مانَ ڏيڻ لاءِ ٿورو مڇيو. 27 نومبر تي اسان جي ٽيم واپس ڪراچي رواني ٿي. مان ٻارن سان 30 نومبر تائين لاهور ۾ ترسي پيس. لاهور جو ميوزيم ۽ ٻيون تاريخي جايون ڏٺيوسون. ننڍڙي عريس خان ميوزيم ۽ Zoo (چڙياگهر) ۾ ڏاڍو مزو ورتو. همراهه هاٿيءَ تي چڙهي ويو. کلي به رهيو ته جوش ۽ خوشيءَ يا وري ڊپ ۾ روئي به رهيو هو. پوءِ جڏهن هيٺ لٿو ته ڳلن تي ڳوڙها هئس ۽ چپن تي مسڪراهٽ. ٻارن جو اهو معصومانه انداز به ڪيترو نه دل لڀائيندڙ هوندو آهي.
شاليمار باغ ۽ ديوان خاص به ڏٺوسون. شاليمار باغ کي ته ڀٽي صاحب سياسي دعوتن لاءِ عالمي حڪمرانن کي گهرائي کين مغلن جي دور ۾ وٺي ويندو هو. پوءِ اهي سحرزده معزز مهمان جڏهن صبح جو ڀٽي صاحب سان ڳالهين جي ٽيبل تي ويهندا هئا ته سڀ ڪجهه هارائي بوڇڙ ڇنڊي خوش خوش روانا ٿيندا هئا. ڪي ڪي عالمي رهبر ته ڀٽي صاحب سان ڳالهين جي ٽيبل تي ويهڻ کان به لنوائي ويهندا هئا.
ڀٽي صاحب پنهنجي آخري سياسي جنگ ڳالهين جي ٽيبل تي پي اين اي کان ته کٽي ورتي. ٺهراءُ به ٿي ويو. پر اهو صلح فوجي جنتا کي نه وڻيو. انهن کي ڀٽي صاحب جو شملا ۾ ڪيل اندرا گانڌيءَ سان ٺهراءُ ته وڻيو، پر نوابزاده نصرالله خان، مفتي محمود ۽ پروفيسر غفور سان 4 جولاءِ تي ڪيل ٺهراءُ وڻيو. ’جنرل چشتي ڀٽي صاحب کي مريءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪري وٺي ويو.
واگها بارڊر تي به عريس خان کي ويڙهه ڏيکاري، جتي هن توتارن جو ۽ طُرن جو مزو ورتو. هن کي وڌ ۾ وڌ مزو Zoo ۾ مور جي ناچ ۾ ٿي آيو. پوءِ هڪ ڀيري ڏهن سالن جي ڄمار ۾ عريس خان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ علي حميص مورن جا ڪٽڪ ننگر پارڪر ۾ نچندي ڏٺا ته هنن کي لاهور جي زُو جا مور ياد آيا هئا. هاڻي ته عريس خان 19 سالن جو ٿيڻ وارو آهي. سندس قد مون کان سوايو آهي. سندس شناختي ڪارڊ به ٺهي ويو آهي. سندس ڊرائيونگ جو لائينس به ٺهيو آهي. ڪيمبرج سسٽم ۾ A ليول فائنل جي تياري ڪري رهيو آهي. الله پاڪ سندس آئيندو چڱو ڪندو.
[b]ڪينجهر[/b]
مان جڏهن کان گهاري ۾ پوسٽ ٿيو هيس، تڏهن ڪوشش ڪري سج کي ڪينجهر مٿان لهڻ جو منظر ڏسڻ جو موقعو نه وڃايم. ائين ڪڏهن ته سيڙجي سج لهڻ جو نظارو ڏسڻ لاءِ ڪينجهر جي نوري ريسٽورينٽ ۾ انتظار ڪندو هوس. يا حيدرآباد کان ٺٽي ويندي اهڙو وقت چونڊيندو هوس، جنهن ۾ شام ڪينجهر تي گذري. ڏينهن جي ڪينجهر تي گذارڻ جو پنهنجو لطف ۽ پنهنجو سُرور آهي.
نيپا ۾ اسان جي ساٿين کي به شوق ٿيو ته هڪ ڏينهن ڪينجهر تي گذارجي. انهن ڏينهن ۾ نياز صديقي اسان سان وابسته ٿي ويو هو. اسان به اهو پئي چاهيو ته ان ٽرپ تي نياز صاحب اسان سان هجي، نياز صاحب ڊائريڪٽر معصومه حسن لاءِ هڪ اثاثو هو. ايڊمنسٽريشن جو ته ماڻهو هو، پر انفارميشن ٽيڪنالاجي (IT) ۾ به ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي هئائين. جيڪا نيپا ۾ شريڪ ٿيندڙن کي سيکاريندو هو ۽ ان سان گڏ شارٽ ڪورسز به ترتيب ڏيندو هو، جنهن جي ڪري نيپا جي آمدنيءَ ۾ به واڌ ٿيندي هئي.
هن ڪينجهر جي انتظام کي خوش اصلوبيءَ سان ترتيب ڏنو هو.
هڪ سٺي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ منجهند ڌاري اسان جو گروپ ڪينجهر تي پهتو. مانجهاندي کان پوءِ چئن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪينجهر جو چڪر لڳايو ۽ نوريءَ جي قبر تائين پهتاسون. ڪي دوست مٿي چبوتري تي به چڙهي ويا. اتي ٻه قبرون آهن. هڪ ته نوريءَ جي، ٻي قبر لاءِ ٻڌايو ويو ته اها نوريءَ جي مرشد ‘هوندل’ شاهه جي آهي، جنهن جي دعا سان نوري راڻي ٿي هئي.
جڏهن اتر اولهه واري کيرٿر ڪوٺي ويندڙ جابلو رينج تي مينهن پوندو آهي ته ان سان ڍنڍ ڀرجي ويندي آهي. هتي ڪئين قسمن جي مڇي ٿئي ٿي، جنهن مان ڏنڀرو، ڪرڙو يا روهو مشهور ۽ ذائقيدار آهي. اها ڍنڍ سمن بادشاهن جي ملڪيت هئي. اتي جيڪي مقامي ملاح رهندا هئا، انهن کان حڪومت ايترو ته ٽيڪس وٺندي هئي، جو مهاڻن کي بس ڏهاڙي ئي وڃي بچندي هئي. جڏهن ڄام تماچيءَ (جيڪو ان وقت جو بادشاهه هو)، نوري کي ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيو ۽ بادشاهه نوريءَ کي شاديءَ جو پيغام موڪليو. نوريءَ جا مائٽ ڏاڍا خوش ٿيا، پر نوري به اڄ جي ملاح ماين وانگر ڪا ڏاڍي ڏاهي هئي. هن بادشاهه سلامت کي شاديءَ لاءِ ٻه شرط رکيا: هڪ ته ڪينجهر ڍنڍ جو محصول مهاڻن کي معاف ڪيو ويندو. ۽ ٻيو ته نوريءَ کي ڪينجهر تي اچي پنهنجن مائٽن سان ملڻ جلڻ تي پابندي نه هوندي.
بادشاهه سلامت ٻئي شرط قبول ڪيا. سندن شادي ٿي وئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ‘شاهه جو رسالو’ ۾ ستن سورمين کي ڳايو آهي، جن مان نوري به هڪ آهي.
نوري جي قبر تي پهتاسون ته پاڻيءَ ۾ هڪ ٿَلهوَ نظر آيو. جڏهن نوريءَ کي دفن ڪيو ويو هوندو ته اها ته ڪنڌيءَ جي جاءِ هوندي، ۽ سُڪل هوندي، سندس مرشد اڳ ۾ ئي اتي دفن ٿيل هوندو. هاڻي ڪينجهر کان هڪ ننڍڙي ڊيم جو ڪم وٺي، ڪراچيءَ جي واٽر سپلاءِ جو مُک وسيلو بڻايو آهي. K-4 ڪراچيءَ لاءِ پاڻيءَ جو منصوبو منظور ٿيو آهي. اهو پاڻي به ڪينجهر مان کنيو ويندو. جيئن جيئن ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جي ضرورت وڌي آهي، تيئن تيئن ڪينجهر جي ليول وڌائي وئي آهي. ان سان گڏ نوريءَ جي قبر جو ٿَلهَو به مٿي ڪيو ويو آهي. هاڻي ته سندس قبر تقريباً وچ ڍنڍ ۾ اچي وئي آهي.
اسان جو گروپ سوچيندو ڍنڍ ۾ ئي سج لهڻ جو منظر ڏسندو ريسٽ هائوس تي آيو. نياز صديقي صاحب ڳائڻ وڄائڻ جو متوالو آهي. هن پاڻ سان ساز سرود به آندا هئا. راڳ جي محفل شروع ٿي وئي. صديقي صاحب خوب محفل مچائي. صديقي صاحب سڀني کان ڳارايو. آخر ۾ موقعي جي لحاظ کان ٺهڪندڙ ‘کبهي الوداع نه کهنا’ ڳارايو. ڇو ته اسان جا نيپا ۾ اهي آخري ڏينهن هئا.
نيپا ۾ پويون هفتو هو. انتظاميه پاسنگ آئوٽ جي تيارين ۾ لڳل هئي، اهو طي ڪيو ويو هو ته گورنر سنڌ جناب جنرل (ر) معين الدين حيدر کي چيف گيسٽ ڪري گهرائجي. هو آرميءَ جو به نمائندو هو ۽ سول انتظاميه سان به بطور گورنر لاڳاپيل هو. هن لاءِ اهو به مشهور آ ته آرميءَ جو هوندي به عام ماڻهن جو هڏڏوکي ۽ همدرد آهي. جيڪي آفيسر سياسي حڪومت کان ڌڪبا هئا، انهن تي جنرل صاحب مرهم پٽي رکندو هو. ان جو هڪ اڻ وسرندڙ مثال اسان جو پيارو دوست امتياز قاضي هو، جنهن کي سياسي سببن جي ڪري حدرآباد جي ڪمشنريءَ تان هٽائي، ڊگهي وقت لاءِ گهر ويهاريو ويو ته جنرل صاحب ان کي زڪوات جو ائڊمنسٽريٽر ڪرايو جيڪو سندس هٿ وس هو.
هڪ ڏينهن مئڊم معصومه حسن، ڊائريڪٽر نياز صديقي صاحب ۽ لطيف صاحب اسان جي ڪلاس ۾ پاسنگ آئوٽ لاءِ اسان سان صلاح ڪرڻ ۽ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ آيا. هنن کي اها به ڳڻتي هوندي آ ته متان تقرير دوران ڪا شڪايت ڪئي وڃي. حالانڪه ڪجهه گهاٽيون واڌيون هيون، پر اسان جو ڪو ارادو ڪونه هو ته ڪا شڪايت ڪجي.
ڳالهائيندي ڊاڪٽر معصومه حسن پڇيو ته “الوداعي تقرير ڪير ڪندو؟” هن مون کي مخاطب ٿي چيو هو. مون کيس جواب ڏنو ته “اسان طي نه ڪيو آهي!” مون وڌيڪ پڇيو ته “ڪنهن مخصوص ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ جي پابندي آهي ڇا؟” نياز صديقيءَ منهنجي شرارت کي محسوس ڪندي معصومه حسن کان اڳ ئي جواب ڏنو ته ‘نه’، مون چيو ته سنڌيءَ ۾ به تقرير ڪري سگهجي ٿي؟ هن چيو ‘ها’. مون ڏٺو ته ڊاڪٽر معصومه حسن پريشان ٿي وئي.
ٽي بريڪ تي چانهن پيئڻ اٿياسون. ان کان پوءِ اسان جي گروپ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ گروپ اهو ذمو مون تي رکيو ته مان تقرير ڪريان ۽ جيڪو مناسب سمجهان اهو ڳالهايان. اهو به طي ٿيو ته تقرير اڳ جي روايت موجب اردو يا انگريزيءَ ۾ ڪئي وڃي.
[b]پاسنگ آئوٽ
[/b]اسٽيج تيار ٿي وئي هئي. مهمانن نيپا جي ڪشادي هال ۾ ويهڻ شروع ڪيو هو.اسٽيج جي مٿان پٽ تي ڪيليگرافيءَ ۾ ”يارب“ لکيل هو. شايد اڃا تائين به لکيل هجي. ڪافي پراڻا رٽائرڊ ۽ سرونگ ڪامورا به آيا هئا. جن مان اسلم سنجراڻي، قاضي اقبال، انوار حيدر، شريف بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي هئا. اسان جو 17 ڄڻن جو گروپ اسٽيج جي ساڄي پاسي کان ويٺل هو. پهريون پهريون مان ويٺو هيس، مائيڪ به اسٽيج جي ساڄي پاسي هو.
گورنر صاحب ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) جناب معين الدين حيدر، سنجيدگيءَ سان مسڪرائيندي اسٽيج تي اچي ويٺو. سندس ساڄي پاسي ڊاڪٽر معصومه حسن صاحبه ۽ کاٻي پاسي ڊاڪٽر لطيف صاحب ويٺا. نياز صديقيءَ هر فن مولا، مائيڪ سنڀاليو.
قاري صاحب قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري تقريب جي شروعات ڪئي.
ڊاڪٽر لطيف لکيل سپاسنامو پڙهيو، ڊاڪٽر معصومه پنهنجي لکيل تقرير ۾ نيپا جو، ڪورس جو ۽ ڪورس ڪرڻ وارن جو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ ڪورس جي شريڪن مان مون کي تقرير لاءِ گهرايو ويو. منهنجا مختلف تاثرات هيٺيان هئا:
• دوستن جو مختصر تعارف
• فيڪلٽي جي ڊائريڪٽر ۽ اسٽاف جو تعاون
• ڪورس جو مختصر تعارف ۽ ٻاهرين ملڪن جي ٽرپ کي ڪورس مان ڪڍڻ تي احتجاج.
• ٻيون ننڍيون وڏيون اوڻايون.
• جيڪو سکيوسين ان جو تت، خاص طور Vituous Individual (ڳڻن واري فرد) جي اهميت تي زور.
• ان کان پوءِ آءٌ بي لگام ٿي ويس.
مون وٽ لکيل تقرير ڪونه هئي. مون دل جون ڳالهيون ڪيون ته “آفيسرن کي هر وڀرو نالائق ۽ راشي ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟ جڏهن ته اهي فرد نوڪريءَ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ڳڻائتا آهن!”
“جيڪڏهن ڪو راشي ۽ نالائق ٿئي ٿو ته ان ۾ سسٽم جي ڪمي بيشي آهي، ان جو تجزيو ڪري سسٽم کي بهتر ڪرڻ گهرجي. سڀ آفيسر اهڙا ناهن جو اهي پنهنجي سياسي آقائن جا جوتا صاف ڪن.”
مون نيپا تي ڇوهه ڇنڊڻ بدران نظام (System) تي حملو ڪيو. جنهن جي مون کي خبر هئي ته اسان جو اڄوڪو خاص مهمان به ان نظام کان بڇان ڪندڙ هو. گورنر صاحب سان منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جي دور ۾ اڪثر ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي.
منهنجي تقرير دوران منهنجي دوستن ۽ ٻين سينئر ڪامورن جي منهن تي سرهائي هئي. منهنجي تقرير کان پوءِ گهڻي دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون. ڄڻ منهنجا لفظ سڀني جي دلين جو آواز هجن. ان هجوم ۾ منهنجي زال به ويٺي هئي. اها به ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. جڏهن اسٽيج تان لٿس ته منهنجي ساٿين مون کي مبارڪ ڏني ۽ ڪن چيو ته “اسان کي توهان مان اها ئي اميد هئي.”
منهنجي تقرير کان پوءِ اسان کي سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل ۽ مومينٽو ڏنو ويو. ان کان پوءِ خاص مهمان پنهنجي تقرير شروع ڪئي. عام رسمي ۽ روايتي لفظن کان پوءِ سنئون سڌو منهنجي تقرير جي جواب ۾ تقرير شروع ڪئي ۽ خراب حڪمرانيءُ تي مون جيڪا تنقيد ڪئي ان جو جواب ڏنو. جنرل صاحب منهنجو نالو 5 ڀيرا پنهنجي تقرير ۾ ورتو. هن منهنجي خيالن جي پٺڀرائي ڪئي. آفيسرن جي تعريف ڪئي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته آفيسرن کي جيترو ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي اهو فراهم نه ٿو ڪيو وڃي. شعيب صديقي، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڊگهي عرصي تائين ڪراچيءَ جو ٿورن ڪمشنرن وانگر ڪامياب ڪمشنر رهيو ۽ هينئر 22 گريڊ ۾ گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري طور اسلام آباد ۾ پوسٽ ٿيل آهي، اهو ان وقت 18 هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر پروٽوڪول هو. قاضي اقبال، اسلم سنجراڻي، سيد انوار حيدر ۽ فيڪلٽي جي استادن ۽ ٻين شريڪن به ساراهيو. ڊاڪٽر معصومه حسن ۽ نياز صديقي صاحب تمام گهڻو خوش ٿيا.
مان پنهنجي پراڻي عهدي تي واپس آيو هئس، ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي به بدلي ٿي تعليم کاتي ۾ وڃي سيڪريٽري ٿي هئي. سندس جاءِ تي عبدالوحيد پيرزادو صاحب آيو هو. چيف سيڪريٽري سعيد مهدي به بدلي ٿي پرائم منسٽر نواز شريف جو پرنسيپل سيڪريٽري وڃي لڳو هو. سندس جاءِ تي زبير احمد قدوائي صاحب اچي چيف سيڪريٽري ٿيو هو. زبير قدوائي سخت مزاج ۽ سخت اصول پسند آفيسر مشهور آهي. پڪو ايماندار، قائدن قانونن تي هلڻ وارو، بي نظير صاحب جي پهرين دور ۾ 1988ع ۾ جڏهن سائين قائم علي شاهه سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ سندس ڪابينا ۾ منظور وساڻ صاحب به پهريون دفعو سنڌ جو ٽرانسپورٽ جو وزير ٿيو، زبير قدوائي ٽرانسپورٽ جو سيڪريٽري هو. منظور وساڻ صاحب ان زماني ۾ ڏاڍو تيز مزاج ۽ پڪو جيالو هو. قدوائي صاحب ڪو ڪم منظور صاحب جي چوڻ تي نه ڪيو ته کيس آفيس ۾ گهرائي منظور صاحب ڇنڊ به پٽي ۽ هن جي گن مين ۽ ڊرائيور قدوائي صاحب کي بندوق جا بٽ هنيا ته ڳالهه وڌي وئي. چيف سيڪريٽري عبدالڪريم لوڌي صاحب هو. هن لاءِ به مشهور هو ته ڏاڍو تيز ماڻهو هو، هر ڪنهن آفيسر ائين پئي سمجهيو ته شايد سرڪاري ڪاروهنوار بند ڪرائي ڇڏيندو، پر ائين ڪونه ٿيو. معاملو ڪجهه ڏينهن ڇڪتاڻ ۾ گذريو، پر وڏن وچ ۾ پئي ٺاهه ڪرايو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ قدوائي صاحب بدلي ڪرائي ويو.
اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو ارباب غلام رحيم صاحب جي وڏ وزارت جي دؤر ۾ به ٿيو، جڏهن ايم ڪيو ايم جو هر وزير پاڻ کي وڏو وزير سمجهندو هو. نرگس گهلو، اسان جي عزت واري خاتون آفيسر آهي، ڏهين ڪامن بئچ جي آهي، ان وقت سيڪريٽري سروسز هئي، عادل صديقي ليبر جو وزير هو. هو صاحب ڪنهن ڪم نه ٿيڻ تي نرگس تي ناراض ٿيو ۽ اچي کيس آفيس ۾ گاريون ۽ ڌمڪيون ڏئي ويو. آفيسر ۽ عورت ڇا ڪندي، ٻه ٽي ڏينهن رسي وڃي گهر ويٺي. روئي ڌوئي چپ ڪري آفيس موٽي آئي ۽ پوءِ جلد بدلي ڪرائي اتان هلي وئي. ان دور ۾، اسلم سنجراڻي چيف سيڪريٽري هو.
غوث علي شاهه صاحب اِن ۽ ممنون حسين گورنر
حڪمراني ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏکيو صوبو آهي، حڪيم سعيد جي شهادت کان پوءِ، لياقت علي خان جتوئيءَ جي حڪومت ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي سسپينڊ ڪيو ويو. سائين غوث علي شاهه کي وفاق جي طرفان سنڌ جي انتظامي سربراهه (ايڊمنسٽريٽر) طور مقرر ڪيو ويو. سيد ممنون حسين صاحب کي گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو. اهو عام خيال آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ وفاق حڪومت بدلائيندو آهي ته وفاقي حڪومت به بدلجندي آهي. ڪجهه مثال اهڙا ٿيا به آهن. مارچ- اپريل 1988ع ۾ چيف منسٽر سنڌ سائين غوث علي ساهه جي حڪومت هٽائي وئي ته مئي 1988ع ۾ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي حڪومت کي به ضياءُ الحق معطل ڪيو. مئي 1990ع ۾ قائم علي شاهه صاحب کي هٽائي آفتاب شعبان ميراڻيءَ کي چيف منسٽر سنڌ ڪيو ويو ته مرڪز ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي به اسحاق خان آگسٽ 1990ع ۾ معطل ڪري ڇڏيو. ساڳي طرح جڏهن لياقت علي خان جتوئي جي حڪومت کي جون- جولاءِ 1999ع ۾ معطل ڪيو ويو ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي نواز شريف جي حڪومت جو تختو به اونڌو ڪري جنرل پرويز مشرف ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو.
[b]جنرل مشرف چيف ايگزيڪيوٽو
[/b]
[b]ايئر مارشل دائودپوٽو سنڌ جو گورنر مقرر
[/b]اهو 12 آڪٽوبر 1999ع وارو به وڏو ڊرامو هو! صوبائي حڪومتون به ختم ڪيون ويون. جنرل صاحب طرفان گورنر مقرر ڪيا ويا. سنڌ جو گورنر ايئر مارشل رٽارئرڊ عظيم دائودپوٽي کي مقرر ڪيو ويو. اهو اڃا تائين پهرين سنڌي هو جو فورسز جي وڏي عهدي تي پهتو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايئر فورس جو چيف آف ايئر اسٽاف نه پر رٽائرڊ ٿي ويو هو.
شمس العلماءَ عمر بن محمد دائودپوٽي جي پٽ هئڻ جي ڪري سندس لاءِ سنڌين ۾ وڏي عزت ۽ احترام هو. پر صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي ذميدارين کي دائودپوٽو صاحب ڇهه مهينا به مس ڇڪي سگهيو.
[b]مان سسپينڊ ٿي ويس
[/b]يونيسيف جي محترمه زيبا بخاريءَ پاران چيف سيڪريٽري سالڪ نظير صاحب کي منهنجي خلاف رپورٽ موڪلي هئي، جنهن قرب ڪري سخت ۽ مثالي قدم ءِ سالڪ صاحب بنا جاچ يا انڪوائري ڪرڻ يا مون کان پڇڻ جي اها سائين غوث علي شاهه صاحب کي ڏياري موڪلي. اهو فائيل اتي ئي پيو رهيو، سالڪ صاحب کان پوءِ واجد رانا ٿوري وقت لاءِ ايڪٽنگ چيف سيڪريٽري ٿيو. هن سالڪ صاحب جي ريمارڪس جي مٿان اهو لکي موڪليو ته تفصيلي انڪوائري ڪرائجي. پر دائودپوٽي صاحب واجد صاحب جي ريمارڪس ڏسڻ کان سواءِ، سالڪ صاحب جي ريمارڪس تي ئي منهنجي خلاف ‘جيل ۾ وجهڻ’ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن سمري موٽي ته زبير قدوائي صاحب چيف سيڪريٽري هو. هن مون کي سسپينڊ ڪيو ۽ انڪوائري ائنٽي ڪرپشن کان ڪرائي.
جيستائين انڪوائري مڪمل ٿئي، مان ڀڄي ڀورا ٿي پيو هئس. ٽينشن جي ڪري، عزت نفس جي ڪري، سسپينڊ ٿيڻ جي ڪري. انڪوائريءَ جي ڪري. نتيجي ۾ شگر ٿي پئي ۽ اڃا تائين ان ۾ لوڙيان ٿو. ڇهن مهينن کان پوءِ انڪوائري مڪمل ٿي ته انهيءَ ڏوهه منجهان آجو ڪيو ويو.
يونيسيف جي مائيءَ اهو الزام لڳايو ته مون پئسا کائي کپائي ڇڏيا آهن، پر پوءِ جڏهن اسان سڀ ثبوت ڏيکاريا، جيڪي اسان هر ايڪٽوٽي جا وڊيو ۽ فوٽو ڊاڪومينٽ ڪرايا هئاسون، جيڪي پاڻ ڳالهائي رهيا هئا ته ڪم جنهن ۾ ٽريننگ وغيره به شامل هيون، ته پوءِ مائي ڦيرو کاڌو ته اڪائونٽ صحيح نموني سان نه ٺاهيا ويا آهن. اهو اهڙو الزام نه هو، جو ڪنهن کي به بنا انڪوائريءَ جي ايتري سزا ڏجي يا پريشان ڪجي، نيٺ ساڳي قدوائي صاحب ئي گورنر صاحب کان آرڊر وٺي مون کي Reinstale ڪيو. گورنر دائودپوٽو صاحب ئي هو. مطلب ته الله ڪريم مدد ڪرڻ وارو آهي. مون کي ڪنهن گناهه جي ڪا سزا ملڻي هئي، سا ملي، پر ڏاڍي سخت سزا هئي.
ان حوالي سان منهنجي گهر واريءَ، جا پاڻ سرڪاري ملازم هئي، ڏاڍي ٽيڪ ڏني. ان کان علاوه سڀاڳي خان جتوئي، مير شفقت ٽالپر، ڊاڪٽر مصطفيٰ سهاڳ، سوشل ويلفيئر جي آفيسرن، منهنجي وڏي همت افزائي ۽ مدد ڪئي.
مون تي چارج شيٽ ته ڪونه هئي، تنهن ڪري صرف مون کي بحال ڪري ‘ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ’ ۾ مقرر ڪيو ويو.
[b]ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پوسٽنگ
[/b]“ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي” 1994ع ۾ ڪي ڊي اي جي طرز تي ٺاهي وئي ته ان ۾ پلاٽ گهڻو تڻو ڪراچيءَ جا يا ٻاهران ايندڙ سنڌي ماڻهو وٺندا. پر ايئن ڪونه ٿيو. ڏهه هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سنڌ سرڪار ملير اٿارٽيءَ کي سستي اگهه تي وڪرو ڪري ڏني. ڪجهه پيسا سرڪار کي ڏنا ويا ڪن جو واعدو ڪيو ويو.
ايم ڊي اي ڪراچيءَ جي ڪي ڊي اي وانگر سونو بيدو ڏيڻ واري ڪڪڙ هئي. ان جو آپريشن ڪري، سڀ انڊا ڪڍي، وري ان جو پيٽ بند ڪيو ويو. ان پروجيڪٽ کي ويهن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. پر اڃا تائين ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. اتي ۽ تاثير ٽائون ۾، جيڪو ملير جو حصو آهي، سنڌي ماڻهن بدران ڌارين پلاٽ وٺي ڇڏيا آهن. ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ گهر ٺهيو آهي. شروع ۾ ته اتي بلڊر ۽ هڪ سيڪريٽري ڏيتي ليتي جو مسئلو ٿي پيو ته بلڊرن، سيڪريٽري ۽ سندس گهر واريءَ جا آواز رڪارڊ ڪري احتساب جي بيورو حوالي ڪيا.
سنڌ ۾ جڏهن به سنڌين جي مالڪي جي دعويدار، شهيد ڀٽي جي پارٽيءَ جي حڪومت هوندي آهي ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ اٿارٽيون ٺاهيندي آهي. مثلاً سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽي، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي، ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، گورک هلز ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ آخر ۾ ذوالفقار آباد ڊولپمينٽ اٿارٽي. سندن ارادن تي شڪ ته نه ٿو ڪري سگهجي، پر عملي طرح جيڪو ٿيو آهي، اهو حد کان وڌ ڏک ڀريو آهي. هن مهل تائين ڪنهن به هڪ اٿارٽيءَ کي ائين توڙ تائين رسندي نه ڏٺو ويو آهي. ڪي اڌ ۾ ته ڪي پنڌ ۾. جيڪي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن، تن کي ڪڏهن پگهار ملي ته ڪڏهن نه ٿي ملي.
هاڻي به وقت ويو نه آهي. انهن سڀني اٿارٽيز جو جائزو وٺي، جن ۾ ڪا سگهه (Potential) آهي، انهن کي هلائين. ٻين جي اسٽاف کي انهن ۾ ضم ڪري ڇڏين. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سرڪار پنهنجي خانداني منصوبه بنديءَ جي کاتي جي نعري/ سلوگن “بچي کم هي اچهي” مان ئي ته ڪجهه سبق حاصل ڪن.
[b]ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد
[/b]نومبر 2000ع ۾ امتياز قاضي حيدرآباد جو ڪمشنر هو. اها سندس “ٻي اننگ” هئي حيدرآباد ۾. پهرين اننگ ۾ ته سياسي سببن جي ڪري Retired Heart ٿي پويلين ۾ هليو ويو هو. هاڻي جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ انقلاب آيو ۽ قدوائي صاحب به موٽي آيو. ائين سرڪار کي مظلوم آفيسرن جي تلاش شروع ٿي ته امتياز قاضيءَ کي به زڪوات جي ائڊمنسٽريٽر مان واپس حيدرآباد جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. امتياز صاحب پنهنجي ٽيم ٺاهڻ شروع ڪئي. شمس جعفراڻي اڳ ۾ ئي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو ائڊمنسٽريٽر ٿيو هو. عبدالجبار عباسي (مرحوم) واسا حيدرآباد جو ايم ڊي ٿيو، علم الدين بلو ايڊيشنل ڪمشنر-II ٿيو. هاڻي منهنجو وارو هو. منهنجي MDA مان بدلي بطور ايڊيشنل ڪمشنر-I حيدرآباد ٿي. شمس لغاري کان پوءِ مان ائڊيشنل ڪمشنر ون ٿيس. سڀاڳو خان جتوئي اڳ ۾ ئي بورڊ آف روينيو ۾ “پروجيڪٽ ڊائريڪٽر-ڳوٺ آباد” هو.
منهنجي ضرورت ڪهڙي؟ گاڏي ته ملي وئي، پر گهر جنهن ۾ شمس الدين لغاري رهيو پيو هو، اهو هن خالي نه ڪيو. چيائين “منهنجي بدلي به حيدرآباد ۾ ٿي آهي. مان گهر خالي نه ڪندس ۽ ان گهر ۾ ئي رهندس.” ڪجهه اسان جا دوست نوڪريءَ جي معاملي ۾ “حيدرآباد جا پکي” رهيا آهن. جن ۾ شمس الدين لغاري، پير ضيا، شمس جعفراڻي، عبدالجبار عباسي ۽ آفتاب سومرو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمشنر صاحب هڪ ٻيو بنگلو نمبر 15 الاٽ ڪيو، تيستائين مان فئمليءَ سان سرڪٽ هائوس جي انيڪسيءَ ۾ رهيو پيو هئس.
اهو گهر شفيق موسوي صاحب SE هاءِ ويز کي الاٽ ٿيل هو. پاڻ پنهنجي گهر سول لائين ۾ رهندو هو ۽ اهو گهر آئي وئي لاءِ اوطاق ڪري استعمال ڪندو هو. شفيق موسوي ڏاڍو تيز ۽ وڏي اثر رسوخ وارو آفيسر آهي ۽ اِمسا (IMSA) نالي هڪ تعليمي اداري جو به مالڪ آهي. ڪافي سال آسٽريليا ۾ به رهيو آهي.
اهو وڃي امتياز صاحب وٽ پهتو ۽ کيس ڏاڍيون لهواريون اوڀاريون ٻڌايون، کيس چيو ته ”جيڪڏهن اهو گهر توهان مون کي واپس نه ڪندؤ ته انجنيري برادري ۾ وڏو اشتعال ۽ بي چيني پيدا ٿيندي!“ نيٺ قاضي صاحب منهنجي گهر جي اها الاٽمينٽ ڪئنسل ڪئي. مون کي چار مهينا ٻارن سميت سرڪٽ هائوس ۾ ٻن ڪمرن ۾ رهڻو پئجي ويو.
چئن مهينن کان پوءِ مارچ ۾ جي او آر ۾ بنگلو C-6 الاٽ ٿيو، جنهن ۾ مان 2005ع تائين ٻارن سان رهندو آيس. منهنجي بدلي ان وچ ۾ نواب شاهه ۽ سکر ۽ آخر ۾ ڪراچيءَ ٿي وئي. اهو عرصو منهنجا ٻار اتي پڙهندا به رهيا ۽ گهر واريءَ جي نوڪري به حيدرآباد ۾ رهي. ان بنگلي جي حالت ايتري خراب هئي، جو جيترو وقت اسان وٽ هو، قاضي فاروق (انجنيئر) ان جي مرمت ڪرائيندو رهيو. 2005ع جي آخري مهينن ۾ جڏهن مون کي ڪراچي ۾ گهر مليو ته C-6 خالي ڪيو ويو.
[b]قاضي امتياز
[/b]امتياز قاضي صاحب جي شخصيت جا به انيڪ پهلو آهن. منهنجي ساڻس 1978ع کان دعا سلام آهي، جڏهن کان هو سکر ۾ اي سي انڊر ٽريننگ هو. سندس ذات تي ڪيترا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. سندس شخصيت جو مختصر تعارف هيٺ لکان ٿو:
- سندس پهرين نوڪري بئنڪ ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر جي هئي، جتان پنجين ڪامن ۾ CSS ڪيائين.
- 1978ع ۾ سکر ۾ (UT) رهيو. جتي اسان جي ملاقات ٿي.
- قاضي صاحب هالا ۾ 1978ع کان 1981ع تائين اي سي رهيو. جتي وڏو مانُ ڪمايائين. مخدوم صاحبان سميت ڪيترائي اڄ به سندس دوست آهن.
- مدد علي سنڌي ۽ ظهير بابر قريشي (اعجاز قريشيءَ جو ڀاءُ) سندس اوائلي دوست آهن.
- 1981ع ۾ ترقي ڪري ڊي سي حب بلوچستان ٿيو.
- شادي جوکين جي خاندان ۾ ڪيائين. سندس سهرو چيف انجنيئر رهيو آهي.
- سندس والد ڪيپٽن سچيڏنو قاضي سنڌ جو ناميارو ڪامورو رهيو آهي. هن تقريباً سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي نوڪري ڪئي آهي. سندس وڏو ڀاءُ اشفاق قاضي سيڪريٽري رهيو آهي. نوڪريءَ دوران ئي فوت ٿي ويو.
- سندس ٻيو ڀاءُ قاضي اعجاز به 21 هين گريڊ ۾ سيڪريٽري رهيو آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي.
- سندس ٽيون ڀاءُ قاضي ابرار ڪاروبار ڪري رهيو آهي. هينئر بلڊر آهي ۽ قوم پرست سياست ڪري ٿو.
- سندس هڪ ڀاءُ ارشاد قاضي آمريڪا ۾ رهي ٿو.
[b]ڪمشنر جي ڀاءُ جو سياسي جلسو
[/b]- قاضي امتياز جڏهن ڪمشنر حيدرآباد هو ته قاضي ابرار 2001ع ۾ مٽياريءَ ۾ سياسي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. حڪومت نه پئي چاهيو ته هڪ ڀاءُ ڪمشنر هجي ۽ ٻيو حڪومت جي خلاف سياست ڪري. آرميءَ جو (پرويز مشرف جو) دور هو، قاضي امتياز کي چيو ويو ته ڀاءُ کي منع ڪيو! قاضي امتياز چيو ته “هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ٻيو ته هن جو پنهنجو رُخ آهي، منهنجو پنهنجو رُخ آهي.”
- آخر ان رات قاضي صاحب کي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي قاضي ابرار کي قيد ڪرايو ويو.
[b]ابرار قاضي جيل ۾ !
[/b]- هڪ ڀاءُ ڪمشنر هائوس ۾ هوندي به ٻيو نارا جيل ۾ قيد ڪيو ويو.
- ان وقت ايترو ٽينشن ٿي ويو، جو اسان محسوس پئي ڪيو ته امتياز صاحب جي نوڪري وئي. پر هن توڪليءَ ماڻهو رتيءَ ڀر پرواهه نه ڪئي.
- قاضي ابرار به پنهنجيءَ تي رهيو.
- سندس ٽي ڀيڻيوا! ڊاڪٽر عالماڻي سيڪريٽري صحت رهيو آهي. ٻيو ڀيڻيويو مسعود عالم رضوي به فيڊرل سيڪريٽري رهيو آهي. ٽيون ڀيڻيويو اوٺو صاحب، فارين سروس ۾ هو. ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيو آهي.
- قاضي صاحب جو اصل ڳوٺ خيرپور ميرس (لقمان) آهي.
- عام طرح اهو خيال آهي ته قاضي امتياز ذات جو جوکيو آهي، پر حقيقت ۾ پاڻ هوت بلوچ آهن. اهو مون کانئس معلوم ڪيو هو.
- شاديءَ کان پوءِ ڪجهه وقت آمريڪا ۾ پڙهائي لاءِ ويو.
[b]قاضي صاحب سائين جي ايم سيد کي گرفتار نه ڪيو
[/b]- جيڪب آباد ۾ ڊي سي هو ته کيس ۽ ايس پي اختر جانوريءَ کي حڪم مليو ته “سائين جي. ايم. سيد کي گرفتار ڪيو.” ٻئي سائينءَ کي گرفتار نه ڪري سگهيا. تنهن ڪري، بي نظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ کين سسپينڊ ڪيو ويو.
- انڪوائري هاشم لغاريءَ ڪئي ۽ ٻنهي کي آجو ڪيو.
- قاضي امتياز صاحب جو والد صاحب به جيڪب آباد ۾ ڊي سي رهيو. شايد ان دوران ئي قاضي صاحب جو جنم به ٿيو.
- 1991ع ۾ قاضي صاحب لاڙڪاڻي جو ڊي سي رهيو.
- پوءِ ڪجهه وقت لاءِ آمريڪا ۾ زرعي اتاشي ٿي رهيو.
- واپسيءَ ۾ جڏهن عبدالرشيد کرل صاحب سيڪريٽري هو، قاضي صاحب هوم ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو.
- سندس کرل صاحب سان مرڻ گهڙيءَ تائين تعلق رهيو.
- ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ڪمشنر حيدرآباد رهيو.
- قاضي صاحب مزاج ۾ به عجيب آهي، ڪڏهن درياءُ ٽپي وڃي ته ڪڏهن اڏ تي بيهي رهي.
- ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ سندس بدلي اڏ تي بيهي رهڻ جي ڪري ٿي. جيڪا ڳالهه سهي سمجهندو، ان تي گوڏو ٻڌي بيهي رهندو.
- After Sooper Walk a mile وانگر کيس رات جي کاڌي کان پوءِ پسار جي عادت به آهي.
- هڪ دفعي اسان طئي ڪيو ته چوٽياريون ڊيم ڏسجي. مان خيرپور ۾ ڊي سي هئس، رات جو مان سانگهڙ ۾ سندس مهمان ٿيس. رات جي ماني کارائي چيائين ”هل ته چڪر هڻون،“ ٻاهر نڪتاسون ته اچي ڪتن ورايو، نه ماڻهو نه ڇيڙو، اٽڪل سان ڪتن کان جان بچائي ريسٽ هائوس تي پهتاسون.
- حيدرآباد ۾ هڪ دفعي دوستن وٽ رات جي ماني تي نڪري ويو. پروٽوڪول جي بدران سوزوڪي جيپ تي چڙهي ويو. واپسيءَ ۾ جيپ ۾ پيٽرول کپي ويو. آخر رڪشو ڪري ڪمشنر هائوس پهتو. ڪمشنر هائوس ته پهتو، پر FC واري پٺاڻ چوڪيدار در کولڻ کان جواب ڏنس ته، “تون ڪمشنر ڪيئن هوندين. اجنبي ماڻهو رڪشي ۾ آيو آهين.” آخر پي اي کي گهرايائين. ان در کولايو. قاضي صاحب اندر ٿيو ته رڪشي واري رڙ ڪئي: “سائين منهنجو ڪرايو.”
قاضي صاحب هڪ خوبصورت لفظ چوندو آهي: ٺيڪ ٿيو! هڪ دفعي ڪنهن دوست جي خاندان ۾ فوتي ٿي پئي. سندس والد صاحب گذاري ويو هو. بزرگ ۽ نيڪ ماڻهو هو، سڀ راڄ ڀاڳ وارا تڏي تي ويٺا هئا، قاضي صاحب به سنجيده سنجيده اتي پهتو. دعا گهريائين، عذر خواهي ڪيائين، حال احوال وٺڻ لڳو. ان دوست حال احوال ڏنو. ٻڌايو ته “ڪافي عرصي کان بيمار هو، عمر به وڏي هئس، آخري وقت تڪليف ۾ هو. ڪالهه گذاري ويا.” قاضي صاحب امالڪ چيو: “ٺيڪ ٿيو!”
- قاضي صاحب ترڻ جو ڏاڍو شوقين آهي، سندس صحت، نفاست ۽ سمارٽنيس جو راز به اهو آهي.
- بطور ڪمشنر جي حيدرآباد ڪلب جو صدر به هو. سڀاڳو خان ڪراچيءَ بدلي ٿيو ته مون کي سيڪريٽري ڪيائين، جتي آءُ 2000ع کان 2002ع تائين جيستائين آءٌ نوابشاهه بدلي ٿي نه ويس، ان عهدي تي رهيس.
- قاضي امتياز، شيخ اياز جي شاعريءَ جو عاشق آهي. جڏهن موڊ ٿيندو هئس ته اياز جو دودي سومري تي لکيل منظوم ڊرامي جا بند ٻڌائيندو هو:
دودا تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهن جو ويساهه نه ويندو.
- ان عشق جي احترام ۾ وحدت ڪالونيءَ کان هاءِ وي ڏي ويندڙ روڊ تي “شيخ اياز روڊ” جو نالو رکيائين.
- منهنجي نوابشاهه بدلي ٿي ته چيائين ته “نوابشاهه جي ڊي سي (ڊي سي او) هائوس ۾ “سمر هائوس” آهي. ان جي مرمت ڪراءِ ته مان دوستن سان ايندڙ مهيني ايندس.” سمر هائوس کي ٺيڪ ڪرايم. ٻئي مهيني آيو. محفل متي، قاضي صاحب پنهنجون پراڻيون يادگيريون ورجايون، سندس والد صاحب اتي ڊي سي رهيو هو ته قاضي صاحب به ان گهر ۾ ڳچ عرصو رهيو.
- مان گرلز اسڪول لاءِ اريگيشن جو پلاٽ دوڙ مان گهريومانس، اهو چڪاس ڪري پوءِ ڏنائين.
- کيس نيون نيون جڳهون ڏسڻ جو شوق رهيو آهي. هڪ دفعي سڄي ٽيم کي ڪنداهه ٻيلي، جو سيوهڻ تعلقي ۾ آهي، ۾ گهرايائين. هتان درياهه جي ٻي ڀرتي نوابشاهه ضلعي جو تعلقو دولت پور آهي. ڪنهن زماني ۾ ڪنداهه ٻيلو بدنام ڌاڙيلن جي رهائشگاهه طور مشهور هو. سائين عبدالله شاهه جي وقت ۾ اتي ريسٽ هائوس کي سٺو فرنش به ڪيو ويو.
- ان رات بارش به ڏاڍي وٺي، بجلي بند. مڇر ۽ مڪڙيون گڏ ٿيون. قاضي صاهب چوي ته جنريٽر نه هلايو، ان جو آواز ڊسٽرب ٿو ڪري. آخر سڄي رات بي چينيءَ ۾ گذاري سون.
- واپسيءَ ۾ رني ڪوٽ تي آياسين، پاڻ ته رني ڪوٽ جي ڏاڪڻن تي چڙهي وڃي چوٽيءَ تي پهتو. اسان جهڙا اڌ تي بيهي رهيا. نه هيٺ جا، نه مٿي جا. واپسيءَ ۾ ٻه ڏينهن گهر ۾ بيمار پيو هئس.
- ايريگيشن کاتي جو سنڌ ۾ سيڪريٽري به رهيو. هڪ دفعي صدر پرويز مشرف ڪالا باغ ڊيم جي متعلق سنڌ ۾ ميٽنگ ڪئي، پاڻيءَ جي انگن اکرن تي قاضي صاحب، صدر صاحب جي ڏنل انگن اکرن سان ميٽنگ ۾ اختلاف ڪيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس بدلي ٿي وئي. حڪم ته صدر صاحب جيل ۾ وجهڻ ۽ نوڪريءَ مان ڪڍڻ جو ڪيو هو، پر سندس نيڪ نامي ڪم آئي.
- اها قاضي صاحب جي سنڌ ۾ آخري پوسٽنگ هئي، پوءِ اسلام آباد بدلي ٿيو. پيٽرول جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اتان ”وفاقي محتسب“ جو سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ڪيائين. هاڻي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي.
- اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس ۾ رهي ٿو. يارن جو يار. ماني صرف کائيندو ناهي پر کارائيندو به آهي. عزت وٺندو ناهي، پر عزت ڪري به ڄاڻندو آهي.
هينئر ڪميشن ۾ پنهنجو tenure پورو ڪري ڪراچيءَ پهتو آهي. رسول بخش بلوچ ۽ ڪن ٻين دوستن Nation Reforms Forum ماڻهن جي خدمت لاءِ ٺاهيو آهي، پاڻ به ان فورم جو ميمبر آهي.
*
[b]حيدرآباد ڪلب
[/b]سنڌ ۾ “سنڌ اسپورٽس بورڊ” نالي راندين جو هڪ ادارو آهي، جنهن جو صدر، سنڌ جو گورنر ۽ سيڪريٽري، اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري آهي. بورڊ جا قاعدا ۽ اصول اهي آهن ته اهو صوبي ۾ راندين کي منعقد ڪرائين ۽ انهن کي هٿي ڏئي. جنهن وقت جو سنڌ جو گورنر محمود هارون صاحب هو، ته ان وقت ان جو سيڪريٽري عبدالحميد آخوند هو. آخوند صاحب! ان زماني ۾ ڪلچر جو به سيڪريٽري هو ۽ گورنر جو به سيڪريٽري هو. ان سان گڏوگڏ اسپورٽس بورڊ جو به سيڪريٽري هو.
ان دور ۾ محسوس ڪيو ويو ته راندين جون ڪجهه سهولتون حيدرآباد ۾ ڏنيون وڃن. ان مقصد لاءِ حيدرآباد ۾ راندين جي سهولتن لاءِ سويمنگ پول، بيڊمنٽن ڪورٽس، اسڪوائش ڪورٽس، ٽينس ٽيبل، باسڪيٽ بال، ڪرڪيٽ لاءِ لان (ڇٻراٽو)، جاگنگ جو ٽريڪ، جيم (GYM) ۽ ڪينٽين ٺاهي وئي.
حيدرآباد ۾ انگريزن جي دور جو جيم خانو ته آهي، 1996ع تائين ته ان جو پريزيڊنٽ ڊي سي حيدرآباد هوندو هو پر پوءِ ان جي قاعدن کي بدلائي ان ۾ چونڊيل پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري رکيو ويو. ائين جيم خاني ۾ آفيسرن جي اهميت گهٽبي وئي ۽ خانگي ۽ واپاري ماڻهو وڌي ويا ته حميد آخوند، جنهن هڪ برجستي آفيسر طور نئين سوچ سان نيون شيون پيدا ڪندي حيدرآباد اسپورٽس ڪلب ٺهرائي. جڏهن حيدرآباد ۾ اسپورٽس ڪلب ٺهي وئي ته ڪمشنر سان صلاح ڪري ان کي حيدرآباد ڪلب جو نالو ڏنو ويو ۽ اهو طي ڪيو ويو ته ان جي ميمبرشپ آفيسرن مان ڪئي وڃي. شام جو اهو ڪلب ميمبرن لاءِ ڪتب اچي ۽ ڏينهن جو اهو اسپورٽس بورڊ جي ڪم اچي. ان مقصد لاءِ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسپورٽس ۽ ٻيو اسٽاف به مقرر ڪيو ويو. حيدرآباد ڪلب لاءِ صدر به ڪمشنر کي مقرر ڪيو ويو. بورڊ جو پهريون سيڪريٽري حيدر علي قاضي کي مقرر ڪيو ويو. چيف منسٽر سنڌ لياقت علي خان جتوئي، ان ڪلب جو افتتاح ڪيو ۽ ايئن حيدرآباد ڪلب هلي پيو.
عبدالحميد آخوند کي ادارن ٺاهڻ جو وڏو ڏانءُ آهي. حيدرآباد ڪلب به حيدرآباد وارن لاءِ وڏو خراج ۽ زبردست تحفو آهي.
جڏهن مان بطور ايڊيشنل ڪمشنر جي بدلي ٿي آيو هئس ته ان وقت قاضي امتياز ان ڪلب جو صدر ۽ سڀاڳو خان جتوئي سيڪريٽري هئا. ميمبر نالي ماتر هئا، ڪوشش ۽ ارادو اهو هو ته 18 هين گريڊ کان گهٽ درجي وارا آفيسر ميمبر نه ڪيا وڃن. جيڪي صدر ۽ سيڪريٽري رهن انهن کي لائيف ميمبر ڪيو وڃي. ائين منهنجون شامون به “واڪ” ڪندي يا بئڊمنٽن کيڏندي حيدرآباد ۾ گذريون هيون ته صحت به سٺي رهڻ لڳي، ۽ پاڻ کي چست ۽ جوان محسوس ڪرڻ لڳس.
سڀاڳي خان جي ڪراچيءَ بدلي ٿي وئي. سيڪريٽريءَ جي ڳولا شروع ٿي ته هڪ ڏينهن مون کي سيڪريٽري حيدرآباد ڪلب جو آرڊر اچي مليو. قاضي صاحب ڳجهه ڳوهه ۾ ئي ڪم ڪرڻ جو عادي آهي. مون کي خبر ئي نه پئي ته مان سيڪريٽري ٿي ويس، ان سان گڏ ڪلب جو لائيف ٽائيم ميمبر به. منهنجو نمبر 10 هو يا 11 هو.
ڪجهه اسان به ميمبر وڌاياسون پر سختي ڪئي سون، فيمليز کي ترجيح ڏنيسون. عورتن لاءِ جيم ٻه ڪلاڪ ڏهاڙي مخصوص هوندو هو. ٽريڪ به واڪ ڪرڻ لاءِ مردن ۽ عورتن لاءِ کليل هو. ڪنهن به قسم جو ڪنهن سان به مسئلو نه ٿيندو هو. گرميون شروع ٿيون ته سويمنگ پول به کلي پيو. ٻار ۽ وڏا سکندا به هئا ۽ سويمنگ به ڪندا هئا. منهنجو وڏو پٽ انيس، ڪجهه سويمنگ سکيل هو. باقي پريڪٽس هتي ڪيائين. ٻه ننڍا پٽ عريس خان ۽ علي حميص سويمنگ هتي سکيا. انيس بيڊمنٽن به کيڏندو هو. منهنجي گهر واري به هتي اچي واڪ ڪندي هئي. ٻيون به ڪيتريون ئي فيمليز اينديون هيون، جن ۾ چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ جا گهر وارا به شامل هئا. افتخار اسان جو ڪلب ۾ اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪيل هو. هو ايماندار ۽ محنتي ڇوڪرو هو.
گرمين ۾ وڏو خرچ وهنجڻ وارن تلائن جي صفائي ۽ ڪيميڪلز تي ٿيندو هو. جيترا خرچ ٿيندا هئا، ايترا پيسا سويمنگ پول جي ميمبرشپ مان نه ملندا هئا. تنهن هوندي به رهيل پيسا ڪلب جي فنڊن مان خرچ ڪري ميمبرن کي سهولتون ڏيندا هئاسون.
[b]اياز گل ۽ صادق فقير سان شام
[/b]جڏهن 2 مئي کان پوءِ، مان ڪلب جو صدر ٿيس ته هڪ شام اياز گل ۽ صادق فقير سان به ملهائي سون. هڪ شاعر ٻيو راڳي. مون کي ٻئي فنڪار وڻندا آهن ۽ ذاتي طرح پيارا به آهن. منهنجو ارادو هو ته اڳتي هلي سحر امداد ۽ امداد حسيني سان، شام ملهائجي پر پوءِ مصروفيتن جي ڪري اهڙو موقعو نه ملي سگهيو.
[b]نئون نظام- ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ
[/b]ان ئي دور ۾ جنرل پرويز مشرف ضلع سرڪار جو نئون نظام آندو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ مئجسٽريسيءَ جي اداري کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ضلع ناظم مقرر ڪيو ويو ۽ پوليس کي وڌيڪ اختيار ڏئي آزاد ادارو قائم ڪندي کين امن امان ۽ ڏوهن جو سڌو سنئون ذميدار مقرر ڪيو ويو. ائين مئجسٽريسيءَ جا اختيار جوڊيشريءَ کي منتقل ڪيا ويا.
ضلع سطح تي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر (DCO) مقرر ڪيا ويا، جنهن جو بنيادي ڪم رابطيڪار وارو هو. ناظم جيڪو چونڊيل هو، ان کي ضلعي انتظام جو سربراه مقرر ڪيو ويو. ائين ڪمشنريون ختم ڪندي سڄو نظام ضلعن تي منتقل ڪيو ويو.
چون ٿا ته ان نظام جي پويان ڪي نفسياتي سبب هئا، ڪنهن زماني ۾ جنرل مشرف ۽ جنرل تنوير نقويءَ سان ڊپٽي ڪمشنرن چڱو ورتاءُ نه ڪيو هو، تنهن جي ڪري نفسياتي طرح هنن ٻنهي جنرلن ڊي سي کي زيرو ڪري DCO ڪري ڇڏيو، پر ان سان عام انتظام جو ٻيڙو ٻڏي ويو. بنيادي سطح تي ننڍا ننڍا انتظامي قدم، جيئن قيمتون، قبضا، ننڍا ڏوهه ڪنٽرول مان نڪري ويا. ان نظام هيٺ ٻه چونڊون ٿيون. هڪ 2001ع ۾ ۽ ٻي 2005ع ۾، جنهن کانپوءِ 10-2009ع ۾ هي سسٽم پنهنجا تڏا ويڙهي وڃي گهر ڀيڙو ٿيو. پر ان جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو، ان جو ڪفارو اڃان تائين ادا ٿي رهيو آهي. 2010ع کان 2016ع تائين مقامي ادارن ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي، ان جو مثال نه ٿو ملي. مقامي ادارن جون چونڊون اڻ مڪمل ٿيون آهن. جنهن سبب نيب، ايف آءِ اي ۽ آرميءَ اک پٽي آ. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر بحال ٿي ويا آهن، پر انهن کي مئجسٽريسيءَ جا اختيار نه مليا آهن. پوليس اڃا تائين ڇڙواڳ آهي، هاف فرائي ۽ فل فراءِ جو رواج پئجي ويو آهي. دهشتگرديءَ ۽ امن امان جي وڳوڙن کي روڪڻ لاءِ صوبن ۾ رينجرز ۽ آرمي کي آئين ۾ ترميم ڪري اختيار ڏنا ويا آهن. رينجرز، ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪري ڪيترن مهينن کان جيل ۾ رکيو آهي. ڊاڪٽر عاصم، صوبائي هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين آهي. جنهن جو رتبو وزير جي برابر آهي. ان کي رينجرز سندس آفيس ۾ ميٽنگ ڪندي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڪجهه ٻيا وزير به وزارتون ڇڏي ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن.
*
جنرل مشرف جي آندل بلدياتي نظام تحت 20هين گريڊ جي ڊي سي او جون مقرريون اپريل مئي 2001ع کان شروع ڪيون ويون. اي ڊي اوز وري 19هين گريڊ جا هئا. سرڪار اهو طي ڪيو ته ان سسٽم ۾ سينئر ماڻهو رکجن ته جيئن سسٽم کي ڪامياب ڪن. ان سوچ سبب قاضي امتياز کي به خيرپور جو ڊي سي او ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ضلع گورنمينٽ ۾ پنجاب کان آيل هڪ آفيسر طارق ايوب کي رکيائون.
ڪمشنرن کان چارجون ڇڏايون ويون ۽ ڊي سي به بدلي ڪيا ويا . ڪمشنر جتي هئا اتي ايڊيشنل ڪمشنرن کي ڪمشنرن جي چارج ملي ۽ ڊي سي جي چارج اي ڊي ايم کي ملي.
2 مئي 2001ع کان مون کي ڪمشنر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، جيڪا چارج نئين نظام هيٺ 14 آگسٽ تي ناظم جي حوالي ڪرڻي هئي. اهڙيءَ طرح منهنجي ڪمشنري 13 آگسٽ 2001ع تائين هئي، جو بعد ۾ محترم مخدوم رفيق الزمان کي ناظم جي چارج سنڀالڻي هئي. امتياز قاضي صاحب، گهر، گاڏي ۽ آفيس طارق ايوب کي سنڀالي ڏني، جنهن ۾ گهر واري آفيس، مين آفيس ۽ انهن جو اسٽاف، گاڏي ۽ گن مئن به طارق صاحب جي حوالي ٿي ويو. عبدالقادر منگي رڳو نالي جو ڪمشنر رهيو. حالانڪ ذميداريون منهنجي حوالي هيون، جيئن 13 آگسٽ تائين ڪا ڪمي بيشي ٿئي ته ان جو مان ذميوار هجان. باقي ڪم هلائڻ لاءِ “رهي نالو رب جو” ڪجهه به نه هئو.
ڪمشنر حيدرآباد جي حيثيت ۾ مان حيدرآباد ڪلب جو صدر هئس. اهو شايد پهريون ۽ آخري دفعو هئو، جو مان هڪ ئي وقت ٻئي عهدا سنڀالي رهيو هئس. پوءِ جڏهن ناظم صاحب پهتو ته اهو صدر ٿيو.
حيدرآباد ڊويزن ۽ شهر ڏاڍو ڏکيو ۽ اهم آهي. جڏهن ته اتي ايم ڪيو ايم جو به ڪافي اثر آهي. خوش نصيبيءَ سان ڊي آءِ جي سعود مرزا، ڊي سي حيدرآباد رضوان احمد ۽ ايس ايس پي معظم جاهه سٺا آفيسر آهن. انهن مون سان پورو پورو تعاون ڪيو. ٽنهي کي مون پروفيشنل آفيسر ڏٺو. شمس جعفراڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي چارج سنڀاليون ويٺو هو. جيڪو 13 آگسٽ تائين رهيو.
صدر مشرف جوهيءَ ۾
دادوءَ ۾ ڊي سي ڏيپلي وارو ڊاڪٽر رياض ميمڻ هو. اتي زم زم آئل فيلڊ جوهيءَ جي افتتاح لاءِ صدر جنرل پرويز مشرف آيو. سندس آجيان مون ۽ ڊي آءِ جي سعود مرزا ڪئي. باقي ته سڄو انتظام آئل فيلڊ ۽ گيريزن جي حوالي هو. ڊي سي صاحب اسان کان پري پري اوپرن وانگر گيريزن تي هڪ ميجر جي اڳيان پٺيان هو. جڏهن ته ايس ايس پي دادو ۽ ڊي آءِ جي مون سان گڏ هئا.
ٻئي دفعي گورنر محترم محمد ميان سومرو ڪوٽڙيءَ ۾ اينگرو شيٽ جو فيلڊ ۾ افتتاح ڪرڻ آيو هو. ڊي سي دادوءَ کي سندس اڳواٽ پروگرام مليل هو. ڊي سي دادو پاڻ ته نه آيو، پر اي ڊي ايم، ايس ڊي ايم ۽ مختيارڪار کي به دادو گهرائي ورتو. مان حيدرآباد جي ايس ڊي ايم کي ڊيوٽيءَ تي لڳايو. وقت خير خوشيءَ سان گذري ويو.
[b]طوفان ۾ ماڻهو مئو ته ڪمشنر ذميوار هوندو!
[/b]لوڪل باڊيز جي اليڪشن ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻي هئي، جنهن جي ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد ڊويزن جا بدين ۽ ٺٽو ضلعو شامل هئا.
ٻه سال اڳ ۾ سامونڊي طوفان آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪئين ماڻهو مئا هئا. جيڪا تاريخ اليڪشن جي رکيل هئي، انهن تاريخن تي موسميات کاتي طرفان اهو ريڊ الرٽ آيو ته انهن تاريخن تي وڏو طوفان سامونڊي ان پٽيءَ ۾ ايندو. مون جنرل طارق سليم، جنرل آفيسر ڪمانڊر (GOC) حيدرآباد سان رابطو ڪيو، جنهن کي مون اليڪشن ٻن هفتن لاءِ پوئتي ڪرائڻ جي صلاح ڏني، وڏي ڇڪ ڇڪان کان پوءِ اها ڳالهه مڃي ۽ اليڪشن ٻه هفتا پوئتي ڪئي وئي.
ان دوران گورنر محمد ميان سومري طرفان سندس سيڪريٽري مون کي اهو پيغام ڏنو ته “گورنر صاحب چئي پيو ته طوفان ۾ جيڪڏهن هڪ به ماڻهوءَ جي جان وئي ته ان جو ذميدار ذاتي طرح ڪمشنر حيدرآباد هوندو!” واهه جو انصاف هو، ڪجهه ته اپاءُ ورتاسون. ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪرائي، پر شڪر آ ته طوفان ٽري ويو. نقصان ڪونه ٿيو. گورنر صاحب جي ڳالهه رهجي وئي.
[b]چيني سفير جو دادوءَ جي جهنگ ۾ هيليڪاپٽر خراب
[/b]چائنا جو ڪائونسلر جيڪو اردو ڳالهائي سگهندو هو، ٻه ٽي ٻيا چائنا جا Investors، ۽ خادم علي شاهه بخاري، ڪمپنيءَ جو ناصر شاهه، گورنمينٽ آف سنڌ جي هيليڪاپٽر ۾ رني ڪوٽ کان موٽي رهيا هئا ته هيليڪاپٽر کوسن ڌاڙيلن جي علائقي ۾ خراب ٿي لهي پيو. مون کي خبر پئي ته مان پاڻ DIG ڪنٽرول ۽ ايس پي ڪوٽريءَ جي ڪنٽرول روم کي اطلاع ڪري نڪري پيس. آخر جهنگ ۾ وڃي ڳولهي لڌم. مون وٽ هڪ پوليس موبائيل وئن هئي، جنهن سان سندن پروٽيڪشن ڪرايو ۽ ٻيون گاڏيون گهرايون. گورنر هائوس کي اطلاع ڪيو، گاڏيون ۽ پوليس موبائيل ڏئي کين ڪراچيءَ روانو ڪيو. هيليڪاپٽر ٻئي ڏينهن مرمت کان پوءِ روانو ٿي ويو.
اهو ڌاڙيلن جو علائقو هو، جيڪڏهن مان سستي ڪريان ها ته ڪجهه به ٿي سگهيو پئي. ٻئي ڏينهن گورنر، چيف سيڪريٽري ۽ پرنسپل سيڪريٽري ٽو گورنر محترم اختر ضامن حيدرآباد آيا. ايئرپورٽ تي چانهن پيئندي هيليڪاپٽر جي ڳالهه نڪتي ته سڀئي ڊي سي حيدرآباد رضوان احمد کي شابس ڏيندا رهيا، هو به ڪنڌ لوڏي شابسون ميڙيندو رهيو. دادو ته سندس ضلعو ئي ڪونه هو ۽ نه وري هو آيو هو، پر منهنجي چوڻ تي ٻه ٽي گاڏيون موڪلي ڏنيون هئائين. اِها آهي پي آر!
*
جڏهن حڪومت اٿل کاڌي ته ان وقت لياقت علي خان جتوئيءَ سان چيف سيڪريٽري سالڪ نذير صاحب هو. سالڪ صاحب ۽ جتوئي صاحب جي پاڻ ۾ سٺي لڳندي هئي. فنانس جي دور ۾ به ٻئي وزير ۽ سيڪريٽري رهيا هئا. سرڪار سالڪ نذير صاحب جي به ڪڍ پئجي ويا. نيب (احتساب بيورو) غيرقانوني مڏي گڏ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سالڪ صاحب ڪڍ پئجي ويا ۽ سندس فيمليءَ جي ٽنڊوالهيار ۾ زمين هئي، ان جو سالڪ صاحب کي انڪم سرٽيفڪيٽ گهربل هو، ڪوشش ڪيائين پر سڀ آفيسر نيب جي ڊپ جي ڪري سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان لنوائي رهيا هئا. سالڪ صاحب مون کي فون به ڪئي ته جاويد ميمڻ جي معرفت پيغام به ڪيو ته کين سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيان.
سالڪ صاحب جنهن ڪنهن وقت ننڍڙو ڪامورو سمجهي مون کي ڌڪ ڪڍايو هو، جنهن سبب مان معطل ٿي ويو هئس. اها مڙسي ڪونهي ته مان هن ڏکئي وقت ۾ سندس اهڙا ليکا پاڙيان.
مون مختيارڪار کي چيو، جيڪا سندن انڪم آهي، ان جو سرٽيفڪيٽ ڪڍي. جاويد ميمڻ کي موڪلي ڏنو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو پي اي جهامنداس منهنجي گهران، جتي هو ڊيوٽي ڪري رهيو هو، گم ٿي ويو. ڳوٺ به ڪونه هو. حيدرآباد ۾ به ڪونه هو. آخر ايس ايس پيءَ کي ٻڌايو ويو ۽ اين سي داخل ڪرائي سين.
ٽن ڏينهن کان پوءِ جهامن ظاهر ٿيو. ٻڌايائين ته هو منهنجي گهر فون تي ڊيوٽي ڪري رهيو هو ته ٻه ماڻهو آيا ۽ منهنجي گهر کان ٻاهر سڏي کيس کنڀي کڻي ويا. نيب جي (ر) ميجر طارق کانئس منهنجي لاءِ پڇا ڪئي. پوءِ سالڪ صاحب ۽ منهنجي ملاقات لاءِ پڇيو. منهنجي مختيارڪار کي فون ڪرڻ لاءِ پڇيو. ٻه ٽي ڏينهن رکي پوءِ ڇڏي ڏنو. هنن مختيارڪار ٽنڊوالهيار کي به کنڀيو هو ۽ ان کان به معلومات ورتي هئائون.
هڪ ڏينهن ميجر (ر) طارق منهنجي آفيس ۾ آيو، تعارف ڪرائڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: ”توهان سالڪ صاحب جي ناجائز مدد ڪئي ۽ مختيارڪار کان ڪوڙو سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو ته جيئن هن کي نيب جي ڪيس مان ڇوٽڪارو ملي!“ مون کيس چيو ته ”تو غلط ڪم ڪيو آهي ڇو منهنجي پي اي کي بنا مون کي ڄاڻ ڏيڻ جي کنڀيو ۽ مون کي اطلاع نه ڏنو. ٻيو تو مختيارڪار ٽنڊوالهيار کي کنيو. تون خسرو پرويز جو ڀاءُ آهين، ڪجهه ته شرم ڪر.“ منهنجا تيور ڏسي همراهه ڪجهه ٿڌو ٿيو.
[b]فنانسE.D.O
[/b]چوڏهين تاريخ جناب مخدوم رفيق الزمان ناظم بڻجي آيو. طارق ايوب صاحب ڊي سي او اڳ ۾ ئي پهتل هو. طارق صاحب ڊي ايم جيءَ جي انهن آفيسرن مان هو. جن نئين نظام کي دل سان قبول نه ڪيو هو. احمد بخش کوکر منهنجو پيارو دوست ۽ بئچ ميٽ ڪراچيءَ مان بدلي ٿي حيدرآباد ۾ اي ڊي او فنانس ٿيو هو. کيس منهنجي ئي آفيس ملڻي هئي. 15 آگسٽ تي جنرل طارق سليم (GOC) مون کي فون ڪري ٻڌايو ته منهنجي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ئي ٿيندي ۽ جيڪو آفيسر منهنجي جاءِ تي اچي ٿو اهو دادوءَ ويندو. مون احمد بخش کوکر کي چيو ته في الحال ٻن ڏينهن لاءِ آفيس ۾ نه ويهه. هن ها ته ڪئي. پر خبر ناهي ته الائي ڪهڙي تڪڙ هئس، هو 15 آگسٽ ئي اچي آفيس ۾ ويٺو. 16 آگسٽ تي منهنجو آرڊر اي ڊي او فنانس حيدرآباد ٿيو ۽ کوکر صاحب دادوءَ بدلي ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن چارج وٺي جنرل صاحب کي Thanks ڪرڻ ويس، خوش ٿيو. منهنجي بدليءَ جو پسمنظر ٻڌائيندي چيائين ته هڪ ته جيڪا چڻنگ امتياز ڀٽي تنهنجي خلاف لڳائي ويو، اها ڀڙڪي ڀڀڙ ٿي هئي. ٻيو نئين ڊي سي او طارق ايوب سرڪار کي چيو هو ته عبدالقادر منگيءَ جون ماڻهن ۽ اسٽاف ۾ پاڙون آهن، ان کان سواءِ ضلع ناظم جو به دوست آهي، جيڪڏهن هو حيدرآباد ۾ هوندو ته مون لاءِ ڊي سي او طور ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿيندو، تنهن ڪري کيس بدلي ڪيو وڃي. جنرل صاحب ٻڌايو ته هن پنهنجي ذميداريءَ تي منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ڪرائي آهي. تنهن ڪري مان پاڻ کي Low Profile تي رکان ۽ ڊي سي او کي شڪايت جو موقعو نه ڏيان.
[b]نوان رشتا، نئون نظام- ڊي سي او طارق ايوب- ناظم مخدوم رفيق الزمان
[/b]طارق ايوب سان نئون رشتو ڊي سي او ۽ اي ڊي او جو قائم ٿيو. ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، جنهن آفيس ۽ سسٽم ۾ ويهي مون ڪمشنري ڪئي هئي، اتي اٺن ٻين اي ڊي اوز وانگر مان به هڪ هئس. انهن ڏينهن ۾ ڪي بي رند صاحب حيدرآباد آيو. گپ شپ پئي هلي. مون کي ڏسي مسڪرائي چوڻ لڳو. “ڇا ڪمشنر ۽ ڇا اي ڊي او! ڪيئن ٿو لڳي؟ وقت ۽ حالات! ان جو نالو ته نوڪري آهي نه!”
طارق ايوب ڊي سي او ۽ مخدوم رفيق الزمان ناظم، شروع کان ئي پاڻ ۾ نه ٺهيا. مخدوم صاحب ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪم هلي پئي، مان ڊي سي او کي ته ڪجهه نه پئي چئي سگهيس. ڪوشش ڪئي ته ناظم صاحب کي ڪجهه ٿڌو ڪجي. ناظم جي دال ڳرندي نظر نه آئي، ڊي سي او هر شئي کي بريڪ لڳائي سسٽم کي ئي بيهاري ڇڏيو. انهن حالتن ۾ مخدوم صاحب سندس بدليءَ لاءِ زباني چرپر ڪئي. طارق صاحب اهو تاثر پئي ڏنو ته کيس مٿين صاحبن جو حڪم آهي ته مخدوم صاحب کي قابو ڪري ڇڏ، آخرڪار مخدوم صاحب استعيفيٰ جي ڌمڪي ڏني.
اهڙا مسئلا جتي ڪٿي پيدا ٿيا، هڪ سسٽم نئون، ٻيو آفيسرن سنڀالي وک کڻڻ پئي چاهي. سڀ ڊي سي او ويهين گريڊ ۾ سيڪريٽريءَ جي ليول جا. مخدوم صاحب ته هوم منسٽر رهيو هو. ٻين ناظمن کي ايترو تجربو ڪونه هو. نوابشاهه ۾ ميڊم فريال ٽالپور ناظم هئي ۽ محمود احمد خان ڊي سي او هو. شروعات بدلين جي محترمه فريال ٽالپر ڪئي. جيئن نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس (2000ع) ۾ لکيل هو ته ناظم جي رپورٽ تي ڊي سي او جي بدلي ضرور ٿيندي. محترم فريال ٽالپر، ڊي سي او محمود احمد خان لاءِ رپورٽ ڪئي. ڊي سي او جي بدلي ٿي ۽ خالد محمود سومرو مقرر ٿيو.
[b]مان عارضي ڊي سي او حيدرآباد
[/b]مخدوم رفيق الزمان به دير نه ڪئي. هن به طارق ايوب جي خلاف رپورٽ ڪئي. طارق صاحب به بدلي ٿي ويو. في الحال ڪنهن کي به ڊي سي او مقرر نه ڪيو ويو. مان سڀني اي ڊي اوز ۾ سينئر هئس، مون کي ڊي سي او حيدرآباد جي چارج عارضي طور ڏني وئي. الله جا پنهنجا فيصلا آهن. جنهن ماڻهو مون کي قبول نه پئي ڪيو، ان جي ڪرسيءَ تي ويهاريائين. ان دوران ئي اسلام آباد ۾ جنرل پرويز مشرف ڊي سي اوز ۽ ناظمن جو اجلاس طلب ڪيو. مان ۽ مخدوم صاحب اتي پهتاسون، جنرل صاحب تقرير ۽ پريس ڪانفرنس ڊگهي ڪندو هو ۽ تيار ٿي ايندو هو، جنرل صاحب جي تقرير مان فيض حاصل ڪيوسون.
[b]ڊي سي او حيدرآباد- مير حسين علي مقرر
[/b]حيدرآباد واپسيءَ ۾ ئي خبر پئي ته مير حسين علي، ڊي سي او ميرپورخاص، حيدرآباد جو ڊي سي او مقرر ٿيو آهي. مير صاحب Ex-PCS آفيسر هو ۽ دوست هو، هو جڏهن بدين جو ڊي سي هو ته مان ٿر جو ڊي سي هئس. چرچي ڀوڳ جو رشتو آهي، هو ٺپ ايماندار ۽ پڪو مولائي آهي، ڊي سي او هائوس ۾ فيملي هوندي هئس ته چلهو ٻرندو هو نه ته دال سبزي هوٽل تان گهرائي کائيندو هو. مخدوم صاحب ۽ سندس تعلقات آخر تائين قائم رهيا. ناظم، ڊي سي او ۽ مان گهڻو ڪري اهم آفيس جا مسئلا زباني ڪلامي شام جو حيدرآباد ڪلب ۾ واڪ کان پوءِ ويهي ڊسڪس ڪندا هئاسون ۽ ٻئي ڏينهن انهن تي عمل ڪندا هئاسون. مخدوم صاحب ڪلب جو صدر، ڊي سي او نائب صدر ۽ مان سيڪريٽري هئس.
مخدوم صاحب ڪجهه هٿ کوليو ۽ ڪلب ۾ ڪجهه غير سرڪاري ۽ پنهنجا ذاتي دوست به ميمبر ڪيا، مون مخالفت به ڪئي، پر مخدوم صاحب ڪن ئي نه ڏئي. ميمبرن جي وڌڻ سان چهل پهل وڌيڪ ٿي. مخدوم رفيق الزمان جو به پنهنجو living style ۽ ڪم ڪرڻ جو به پنهنجو ڏانءُ آهي. ظاهر ۾ ته سولو پر اصل ۾ ائين ناهي. ٽارگيٽ تي سندس نظر هوندي آهي. توهان سان جيڪڏهن ملڻ جو واعدو ڪري ته پڪ نه هوندي ته ايندو به يا ڪٿي ٻئي هنڌ هوندو.
مون سندس ٻه ڀيرا گهر تي ماني جهلي، اسان ٽيبل تي ماني رکي مکيون هڪليندا رهياسون، خبر پئي ته سائين خير سان وڃي ڪراچيءَ پهتو، نه ڪو اطلاع، نه ئي ڪا خبرچار نه وري سڏ ڪو نياپو. مون سان دوستن ۽ ڀائرن وانگر هو. جيڪو رشتو اڳ ۾ هو، اهو اڃا تائين قائم آهي.