آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

16. فيبروري 2005 کان سيپٽمبر 2006

[b]ڪلاچيءَ جو ڪُنُ ...
[/b]17 فيبروري 2005ع تي آرڊر پهتو. آرڊر اوچتو هيو. مون ذهن ڪونه ٺاهيو هيو. هڪ ٻه ڏينهن ذهن کي ٺاهڻ ۽ سامان کي سانڍڻ ۾ لڳي ويو ۽ ڪجهه دوستن جون دعوتون کاڌيون.
آخري دعوت نثار احمد صديقي، ڊائريڪٽر آءِ. بي. اي سکر طرفان هئي. سکر جي آءِ. بي. اي جو ڪجهه وقت آئون بطور ڊي سي او بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين به هيس. جڏهن آءِ. بي. اي جو بنياد 1996ع ۾ وڌو ويو ته مان به صديقي صاحب سان ڊي سي خيرپور جي حيثيت ۾ ٻانهن ٻيلي هيس، ۽ بي. او. جي (BOG) جو ميمبر به هيس.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اچي ڪراچي ۾ اسپيشل سيڪريٽري ايڊيوڪيشن جي چارج سنڀالي... مون کان اڳ ۾ سهيل اڪبر شاهه صاحب اتي اسپيشل سيڪريٽري هيو.
مون کي سنجراڻي صاحب چيو هيو ته تو کي ۽ سيڪريٽري کي ڪم ورهائي ڏبو جيئن اسپيشل سيڪريٽري جي هجڻ جو فائدو ٿئي ۽ فائيلن جو اڪلاءُ به جلد ٿئي.
مان ان پاور جي ورهاست جو انتظار ڪندو رهيس پر پاورن جي ورهاست ڪونه ٿي. نه ئي اسلم صاحب کي ضرورت محسوس ٿي هوندي، نه ئي مون ساڻس ملاقات ڪري ياد ڏياريو.
هاڻي منهنجو ڪم اهو رهيو هيو ته جيڪي به فائيل ايڊيشنل سيڪريٽرين کان ايندا هئا، انهن تي صحيح ڪري سيڪريٽري ڏانهن موڪليندو رهيس. سيڪريٽري محمد هاشم لغاري هيو، جيڪو سنڌ ۾ تمام گهڻن ڊپارٽمينٽن ۾ سيڪريٽري رهيو هيو.
اهي فائيل جڏهن مون وٽ ايندا هئا سيڪريٽريءَ جي آرڊرن سان ته انهن تي وري صحيح ڪري واسطيدار ايڊيشنل سيڪريٽرين ڏانهن بنا ڏسڻ جي روانو ڪندو هيس.
جيڪڏهن مان اهي فائيل پڙهان ۽ انهن تي پنهنجو Input/ راءِ ڏيان ته پوءِ ڏهاڙي جا فائيل ڏهاڙي نه پئي نڪري سگهيا.
مون هڪ ڏينهن هاشم لغاري صاحب سان ڳالهه چوري ته مان ته فائينلن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ ٽائيم ڪونه ٿو ڪڍي سگهان. جيئن جو تيئن فائيل توهان وٽ موڪليان ٿو ۽ توهان جا فائيل واپس هيٺ موڪليان ٿو. تنهن ڪري سڀ فائيل مون وٽ نه موڪليو، پر اهي ونگ جيڪي توهان سمجهو ٿا ته توهان جي توجه جون محتاج نه هجڻ گهرجن، اهي منهنجي حوالي ڪيو ته توهان تان به بار هلڪو ٿي ويندو ۽ مان به پاڻ کي ڪنهن ڪم جو سمجهندس. مثلاً تعليم بالغان، مدرسه اسڪول، اسپيشل ايڊوڪيشن، انفارمل ايڊيوڪيشن ۽ مانيٽرنگ ۽ ايووليوشن يا ڪي اهڙا ٻيا فالتو ڪم.
ان زماني ۾ صرف هڪ اسپيشل سيڪريٽري ۽ چار ايڊيشنل سيڪريٽري هئا. حميده کهڙو صاحبه هاشم لغاري جي اچڻ کان اڳ ۾ ٽي چار سيڪريٽري 6 مهينن ۾ بدلائي چڪي هئي. سندس معاملا مسعود کهڙو صاحب هلائيندو هيو. نه هو سيڪريٽرين مان خوش ۽ نه وري سيڪريٽري منجهانئن راضي هئا. پئي ڇڪتاڻ هلندي هئي. منسٽر صاحبه ۽ مسعود کهڙو مون سان ڏاڍو راضي هئا. ڇو ته مان کين ڏاڍي عزت ڏيندو هيس، پر ڇو ته منهنجي اختيار ۾ ڪجهه ڪونه هيو تنهن ڪري منهنجا دامن آجا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن وزير صاحبه ۽ سيڪريٽري صاحب جي وچ ۾ مسئلا ٿيندا هئا انهن جو به حل ڪڍي مان کين راضي پازي ڪندو هيس. وزير صاحبه ۽ مسعود صاحب جو مون ڏانهن راضپو محسوس ڪري سيڪريٽري صاحب مون کان ڪجهه پاسيرو ٿي ويو. هن کي اهو لڳو ته مان کيس هٽائي سيڪريٽري ٿيندس. منسٽر ۽ مسعود کهڙي کي مان ئي برغلايان ٿو. پر ڳالهه ان جي ابتڙ هئي. الله اهڙو ظرف نه ڏنو آهي ته پنهنجي باس جون ٽنگون ڇڪيان. مون کيس يقين ڏياريو پر مون کي خبر ناهي ته هاشم صاحب کي يقين ٿيو يا نه.
پهريان ته هاشم صاحب منهنجو اهو پروپوزل قبول ڪيو، پر ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي چيو ته هو اهي پاور مون کي نه ارپيندو.

[b]سيڪريٽري G.A جي مقرري
[/b]اپريل جي آخر ۾ چيف منسٽر منهنجون سيڪريٽري GA جي پوسٽنگ جون هدايتون ڪيون. پر اسلم سنجراڻي صاحب منهنجو آرڊر روڪي ڇڏيو. جنهن ڏينهن پاڻ بدلي ٿي چارج ڇڏيائين، تيستائين آرڊر نه نڪتو.
فضل الرحمان صاحب 5 مئي 2005ع تي چارج ورتي ان ڏينهن ئي منهنجو آرڊر نڪتو. مون تعليم کاتي مان چارج ڇڏي سيڪريٽري سروسز جنرل ائڊمنسٽريشن ۽ ڪو آرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري جنرل ائڊمنسٽريشن (G.A) جي چارج ورتي.
(S.G.A.& C.D.) هيءُ عجيب کاتو آهي. دراصل اهو کاتو ئي چيف سيڪريٽري جي حوالي آهي. هن ۾ سروسز، جنرل ائڊمنسٽريشن ۽ ڪو آرڊينيشن جا کاتا شامل آهن. انهن جي مدد لاءِ سيڪريٽري سروسز ۽ جنرل ائڊمنسٽريشن، چيف سيڪريٽري جا مددگار آهن. انهن کي پنهنجا کاتا ڪونه آهن. چيف سيڪريٽري کان ڪجهه اختيارات کين transfer ڪيل آهن، باقي حڪم چيف سيڪريٽري جو هلندو آهي.
سيڪريٽري سروسز ته نوڪرين جا مسئلا ڏسندو آهي. باقي ٻيا جيڪي اختيارات يا ڪم آهن اهي سڀ سيڪريٽري (G.A.) جي حوالي ئي هوندا آهن. بي انتها دلچسپ پر مٿي جو سور آهي.
جيئن: ڪيبينيٽ جو ڪم، جنهن ۾ چيف منسٽر، گورنر ۽ وزيرن جي حلف برداري جو بندوبست، ڪيبينيٽ ميٽنگ ڪرائڻ ۽ انهن جا منٽس ۽ انهن جو عمل درامد.
هر قسم جو سنڌ ۾ پروٽوڪول جو انچارج سيڪريٽري (G.A) ئي هوندو آهي. ان جي مدد لاءِ ڊائريڪٽر جنرل پروٽوڪول ۽ ٻيا پروٽوڪول آفيسر شامل آهن. جنهن ۾ وزيرن جون گاڏيون، آفيسون، گهرن ۽ انهن جي سنڀال جو بندوبست ڪرڻ آهي.
سرڪاري گاڏيون، جهازن تائين انهن جي خريداري سيڪريٽري (G.A.) جي ذميداري آهي. سڄي سنڌ جي ملازمن جي بينووليٽ فنڊ جو انچارج به سيڪريٽري G.A. آهي. ڪن ملازمن کي سيڪريٽيريٽ مان ته ڪن کي ضلعن مان فنڊ ملندو آهي، ان فنڊ کي هلائڻ لاءِ مون بهتر طريقو اختيار ڪيو ته جيئن ضرورتمندن کي تڪليف نه ٿئي. ان مد ۾ پيل پئسا بئنڪ ۾ رکيا ويا ۽ اتان به سال ۾ ڪروڙين رپيه سرڪار جي بچت ٿيندي رهي.
سنڌ سرڪار جون ملڪيتون، انهن جي سنڀال ۽ خريداري وغيره يا الاٽ مينٽ به سيڪريٽري G.A. جي حوالي آهي.
آفيسرن جا ميڊيڪل جا ٻيا بل به سيڪريٽري جي اي معرفت ئي منظور ٿيندا آهن. انهن جي پيمينٽ، ناڻو کاتو ڪندو آهي. ناڻي کاتي جي بجيٽ منظور ڪرڻ. ٽريننگ جي ذميداري به جنرل ايڊمنسٽريشن کاتو سنڀاليندو آهي.
هر اهو ڪم جيڪو سروسز کان علاوه چيف سيڪريٽري جو آهي ان جو ذميدار سيڪريٽري جي اي هوندو آهي. سنڌ سرڪار جي سڄي ملڪيت جو رکوالو به جنرل ائڊمنسٽريشن کاتو آهي.

[b]چيف سيڪريٽري فضل الرحمٰن
[/b]فضل الرحمان صاحب آڊٽ ۽ اڪائونٽ سروسز جو 22هين گريد جو سينئر آفيسر هو. پاڻ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فنانس سنڌ به رهيو. ڪي بي رند صاحب جي وقت ۾ اي سي ايس فنانس هيو. حالانڪه ڪي بي صاحب کان سينئر هيو پر پوءِ به ساڻس ڀرپور تعاون ڪيائين. ڪي بي رند جڏهن جون 2002ع ۾ چيف سيڪريٽري ٿيو ته کانئن 7 ٻيا آفيسر سنڌ گورنمينٽ ۾ سنيئر هئا، جن ۾ ٽي چار ته ڊي ايم جي جا آفيسر هئا.
منهنجي فضل صاحب سان اڳ ۾ رسمي ملاقات هئي. گهڻو گهرا ڪونه هئاسون. نه وري ڪڏهن گڏ ڪم ڪيو هيوسين، پر جلدي ئي اسان هڪ ٻئي کي پرکي ۽ هڪ ٻئي جي طبيعت کان واقف ٿي وياسون. فضل صاحب مون کي ڪم ڪرڻ جي پوري آزادي ڏئي ڇڏي ۽ پورو پورو اعتماد ڪرڻ لڳو هيو. ان صورتحال ۾ منهنجو ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو. ڪنهن به قسم جو اهڙو ڪم ڄاڻي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ به نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو غلط هجي ۽ سندس اعتماد کي ڌڪ رسي. مان وڌيڪ محتاط ٿي ڪم ڪرڻ لڳس. رب ڪريم جي مهرباني ۽ ڪرم ساڻ هيو. ڏيڍ سال ۾ ڪڏهن به اهڙي صورتحال نه ٿي، جو چيف سيڪريٽري منهن گهنجايو هجي. پت رهجي آئي. جڏهن به ڪنهن رهنمائي جي ضرورت هوندي هئي، آءٌ کانئس پڇي وٺندو هيس. سيڪريٽري سروسز ۽ G.A کي اها آزادي هوندي هئي ته جڏهن چاهين وٽس وڃي سگهيا پئي. مان اهو خيال ڪندو هيس ته جڏهن وٽس ڪو ماڻهو نه هوندو هيو، فائل ڊسڪس ڪرڻ لاءِ کڻي ويندو هيس. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ويٺل هوندو هيو ۽ ڪم ضروري هوندو ته پوءِ انٽرڪام تي کانئس اجازت وٺي ويندو هيس.
مون کيس هميشه شفيق ۽ محبت ڪرڻ وارو ڏٺو. ڪڏهن به ڪنهن تي شائوٽ ڪندي نه ڏٺو. ڪڏهن به منفي انداز اختيار نه ڪيائين. هميشھ ان ڪوشش ۾ هوندو هيو ته ڪو ڪم وارو ماڻهو اچي ته ان جو ڪم ڪريان. هن وٽ ته سنڌي، مهاجر، پنجابي جو مت ڀيد ڪونه هيو. مون کي اڃا تائين اها خبر ڪونه آهي ته هو پنجابي آهي يا مهاجر. سندس دوستن ۾ هر طبقي، هر فرقي، هر صوبي ۽ هر نسل جا ماڻهو شامل آهن. سندس وڌ ۾ وڌ دوست سنڌي آهن. نه صرف ڪراچي جا پر ٻهراڙين جا به. سندس سنڌي، مهاجر ۽ پنجابي هڪ جيتري عزت ڪندا هئا. هن سنڌ ۾ ٻه ڊگها ٽينيئور گذاريا.
مئي 2005ع کان اڍائي سالن لاءِ چيف سيڪريٽري رهيو. اهو ارباب صاحب جو دور هيو جڏهن بدلي ٿيس سرحد جو ڊي ايم جي آفيسر شڪيل دراني صاحب چيف سيڪريٽري ٿيو. پر ٽن مهينن کان پوءِ شڪيل صاحب بدلي ٿي ويو. ان جي وقت ۾ مان سيڪريٽري ڪلچر هيس. شڪيل صاحب جي جڏهن بدلي ٿي ته هن سڀني سيڪريٽرين جو ٿورو مڃيو، پر منهنجو ۽ حميد آخوند صاحب جو نالو وٺي اسان جي تعريف ڪئي هئي.
شڪيل صاحب کان پوءِ اعجاز قريشي صاحب سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿيو. سنڌ گورنمينٽ اعجاز صاحب مان به خوش نه رهي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ فضل صاحب ٻيهر چيف سيڪريٽري ٿيو. سندس اهو دور سندس رٽائرمينٽ 30 آگست 2010ع تائين جاري رهيو. پوءِ به سنڌ سرڪار سان ‘ذوالفقارآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي’ تي ۽ ٻين خاص پروجيڪٽن تي ايڊوائيزر ۽ ايم ڊي رهيو. هاڻي به ‘سنڌ لئنڊ بئنڪ ڪميٽي’ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي.
هن جو حافظو به واهه جو هيو. سڄي سنڌ جي ڄاڻ سندس آڱرين تي هوندي هئي. هڪ ڀيري ائڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج جا شريڪ آفيسر سنڌ جي دوري تي آيا. چيف سيڪريٽري هنن کي بريفنگ ڏني، وٽس نه نوٽس هئا ۽ نه ڪو ڪاغذ، پر جيڪا بريفنگ ڏنائين، سنڌ جي مسئلن کي ڪو ٻيو اهڙو اجاگر نٿو ڪري سگهي. وري جڏهن انهن ڪالاباغ ڊيم تي، نيشنل فنانس ايوارڊ تي ٻين اشوز جيڪي چڀندڙ سوال ڪيا، اهي گهڻو ڪري ته پنجاب ۽ مرڪز سان لاڳاپيل هئا. انهن تي اطمينان ڏياريندڙ جواب همت سان فصل صاحب ڏنا، شايد ڪو سياستدان به ايتري جرائت نه ڪري.

[b]ڊاڪٽر حميده کهڙو سان عادل صديقيءَ جي بدتميزي
[/b]ڪيبينيٽ جون ميٽنگون هر مهيني ٿينديون هيون. وزيراعليٰ ارباب صاحب هيو. ڪيبينيٽ ۾ ايم ڪيو ايم جو وڏو زور هوندو هيو. سڄي ڪيبينيٽ تي ڇانيل هوندا هئا.
محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙو تعليم جي وزير هئي. وئڪيشن ۽ امتحانن جي شيڊيول تي اسلام آباد ۾ وفاقي وزير ۽ سڀني صوبن جي ميٽنگ ٿي. ان تي هڪ گڏيل پروگرام ٺاهيو ويو. ميڊم به جيڪو مناسب سمجهيو، اهو فيصلو ڪيو. ايم ڪيو ايم هميشه پنهنجيون ڳالهيون ڪندي آهي. ٿوري ڳالهه تي آسمان مٿي تي کنيون، چي: ”توهان ڪير ٿيندا آهيو بنا اسان جي پڇڻ جي فيصلو ڪري آيا.“ ميڊم کهڙو سان عادل صديقي ڏاڍي بدتميزي سان ڳالهايو. ارباب صاحب دخل ڏنو ۽ عادل کي شرم ڏياريو. پوءِ وڃي خاموشي ٿي. ميڊم کهڙو، هڪ عزتدار ۽ عمر رسيده خاتون جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. توبه! ڪڏهن ڪڏهن ته ارباب صاحب سان به ڳنڍجي پوندا هئا.
*
چيف منسٽر ايندو هيو ته چيف سيڪريٽري ۽ مان کيس سيڪريٽريٽ جي پورچ ۾ آڌر ڀاءُ ڪندا هئاسون ۽ لفٽ ۾ وٺي سندس آفيس ايندا هئاسون، جيڪا ڪيبينيٽ ڪميٽي روم سان لڳ ستين فلور تي آهي.
هڪ دفعي مان سنڌي ٽوپي پائي آيو هيس ته جڏهن لفٽ ۾ چڙهياسين ته ارباب صاحب کلي چوڻ لڳو “اڳ ۾ ئي مڇريا ويٺا آهن تون وڌيڪ مڇرائيندين!”
ارباب صاحب لاءِ به وڏو ڏچو پيدا ڪيائون. پر جنرل مشرف کين چيو ته “هر هر وزير اعليٰ ڪونه بدلبو.” تڏهن وڃي ڪجهه ٺاپر ۾ آيا ۽ ارباب صاحب پنهنجون رهيل ٽينيوئر ساڍن ٽن سالن جو پورو ڪيو. جيڪو ان وقت تائين شايد غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب کان پوءِ وڏو ٽينيوئر هيو. پوءِ سائين قائم علي شاهه نوان پراڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
*
ڪيبينيٽ سائيڊ تي، ڪم ڪندڙ عملي ۾ هڪ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ هڪ سيڪشن آفيسر هئا. جيڪي ميٽنگ هلائڻ ۾ به مدد ڪندا هئا. ميٽنگ جا ڊرافٽ منٽس به تيار ڪندا هئا، جيڪي بعد ۾ چيف سيڪريٽريءَ کان منظور ڪرائي الڳ الڳ کاتن کي موڪليا ويندا هئا.
ڊپٽي سيڪريٽري لبنيٰ صلاح الدين ۽ سيڪشن آفيسر انتظار حسين هيو، جيڪو ڪافي تجربيڪار ۽ ڪافي وقت کان اتي ڪم ڪندڙ هيو.
*
سڄي نظام ۾ چيف سيڪريٽري جو مک ۽ بنيادي رول آهي. جيئن نالي مان لڳي ٿو. سيڪريٽري هڪ کاتي لاءِ ذميدار هوندو آهي. پر چيف سيڪريٽري سڀني سيڪريٽرين جو چيف آهي ۽ سڀني جي ڪم تي نظر رکندو آهي، تنهن ڪري چيف سيڪريٽري اهڙو آفيسر مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪو تمام گهڻو تجربيڪار، ديانتدار، ڄاڻ رکندڙ، وچولي طبيعت وارو، ڪامورا شاهي ۽ وزارت جي وچ ۾ توازن رکندڙ ۽ انتهائي ذهين ۽ ڏاهو آفيسر هجي. چيف سيڪريٽري جي پوسٽ 22 هين گريد جي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن 21 هين گريڊ جو برجستو، بي انتها خوبين جو مالڪ به چيف سيڪريٽري رکيو ويندو آهي. ڪنهن وقت ته ڪنهن جڏي آفيسر جو به ڪڻو نڪري ايندو آهي.
جتي چيف سيڪريٽري کي صوبي جي ڪامورا شاهي ۽ ڪاروهنوار کي هلائڻو پوندو آهي ۽ اتي چيف سيڪريٽري، چيف منسٽر جو به مک صلاحڪار آهي. هر فائيل تي چيف سيڪريٽري پنهنجي راءِ چيف منسٽر کي ٻڌائيندو آهي، جيڪا سهي صورتحال جي فيصلي ڪرڻ لاءِ مددگار هوندي آهي، پر جيڪڏهن چيف منسٽر چيف سيڪريٽري جي راءِ جي خلاف ڳالهه ڪري ۽ چيف سيڪريٽري سمجهي ته فيصلو قانون، انصاف ۽ عوام جي مفاد جي خلاف آهي ته چيف سيڪريٽري هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي دليلن سان ٻيهر چيف منسٽر کي رجوع ڪري سگهي ٿو. ٻيهر به چيف منسٽر جو ساڳيو فيصلو آيو ته، چيف سيڪريٽري ان فيصلي تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.
ڪابينه جو ڪو وزير، وزيراعليٰ کي ڪو پروپوزل موڪليندو ته اهو چيف سيڪريٽري جي معرفت ويندو ۽ چيف سيڪريٽري ان پروپوزل تي پنهنجي قانوني راءِ ڏئي چيف منسٽر کي موڪليندو. سندس راءِ کان سواءِ چيف منسٽر جو حڪم اڻ پورو ۽ غيرقانوني هوندو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي اهو رواج يا قانون رهيو آهي ته صوبن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي وفاقي حڪومت، صوبي جي مشوري سان مقرر ڪندي آهي، جنهن حالت ۾ جيڪڏهن وفاق ۽ صوبي ۾ به سياسي ٺهراءُ ڪونهي ته صورتحال ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي. ماضي، حال ۾ اهڙا ڪئين مثال اسان جي اڳيان آهن. هينئر آءِ جي سنڌ الهڏني خواجه جو مثال سامهون آهي.
*
ڪجهه سالن کان سنڌ صوبي ۾ اها بدعت اچي پئي آهي ته جڏهن نئين سال لاءِ بجيٽ ٺهندي آهي، اها اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندي آهي ۽ آخر منظور ٿي ويندي آهي ته ناڻو کاتو پنهنجي عملي ۾ چوڪيدار کان سيڪريٽري تائين ٻن يا ٽن بنيادي پگهارن جي برابر انعام ڏيندو آهي. اهو انعام سيڪريٽري اي جي، جي توسط سان چيف سيڪريٽري منظوري ڪندو آهي. حالانڪه اهو Honoraria ان آفيسر يا عملدر کي ملڻ گهرجي جيڪو پنهنجي عام ڪم کان وڌيڪ ڪو خاص ڪم ڪندو هجي. (Beyond call of duty) بجيٽ ٺاهڻ ته ناڻي کاتي جي فرضن ۾ شامل آهي. پوءِ بجيٽ ٺاهيائون ته ڪهڙو تير هنيائون. نتيجي طور ايڊمنسٽريشن جي عملي به سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري تي اهو پريشر وڌو ته جيڪڏهن ناڻي کاتي جي ملازمن کي اهو نذرانو/ انعام ملي ٿو ته هو به غريب آهن. کين به ملڻ گهرجي. انهن جو انعام منظور ٿي ويو. هاڻي ته ٻيا کاتا به اهڙا انعام (Honouraria)، جيڪي ڪروڙين ۾ آهن، پنهنجي ملازمن کي ڏين ٿا.
*
هاڻي ته هڪ ٻي روايت به پئجي وئي آهي. ڪن کاتن ۾ ڪن پوسٽن لاءِ پگهار کان وڌيڪ لک لک، ٻه ٻه لک ڏنا ٿا وڃن. الائي ڇو هاڻي ويجهڙائي ۾ تعليم کاتي ۾ پي سي ايس يا ڊي ايم جي جي آفيسرن کي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (DEO) مقرر ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي هڪ کان ٻن لکن تائين وڌيڪ الائونس ملندو. ڇو؟ اهو ڪو نه ٻڌايو ويو آهي، پر اهو ضرور ٿيو آهي ته اهڙين رعايتن سان ٻين عملدارن ۾ بي چيني پيدا ٿئي ٿي. جيڪڏهن اهڙا انعام، اڪرام ۽ وڌايل الائونس ڏيڻا آهن ته پوءِ پوليس آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏنا وڃن. ڪن پروجيڪٽن تي به الائونس رکيل اهن. انهن تي ٺيڪيدار کان ڪميشن به ملي ۽ سرڪار کان به ڪميشن ملي. ڊبل ڪميشن. اهي الائونس منظور ڪرڻ وارو به ناڻو کاتو ۽ فائدي وٺڻ وارو به ناڻو کاتو.
اڳ سختي سان ان ڳالهه تي عمل ڪرايو ويندو هيو ته ناڻي کاتي کي ڪنهن به پروجيڪٽ تي عمل ڪرائڻ جي ذميداري نه ڏني ويندي هئي، ڇو ته جيڪڏهن هو پاڻ ئي پروجيڪٽ ٺاهي. پاڻ منظور ٿو ڪري ۽ پاڻ انهن تي پيسا رکي پاڻ ٿو خرچ ڪري ۽ پاڻ ئي واهه واهه ٿو ڪري. پر هاڻي ائين ناهي. هاڻي ته ناني رڌڻ واري ڏوهٽا کائن وارا. ملڪ منصور ٿي ويو آهي. ٿورو رک رکاءُ به ڪونهي. هاڻي ناڻي کاتي، انرجي کاتي ۽ پلاننگ ۽ ترقيات جو وزير به ساڳيو آهي.

[b]ماحوليات ۽ ٻيلن جي تباهي
[/b]اڄڪلهه اپر سنڌ ۾ گرمي جو پد 54 ڊگري سينٽي گريڊ کي پهچي رهيو آهي. ماڻهو ٽهڪن ٿا. لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، نوابشاهه، شڪارپور ۽ دادو ته صفا توبهه زاري لڳي پئي آهي. سرڪار اعلان پئي ڪري ته ڏينهن لڳڻ، گرمي جي اثرن کان بچاءُ لاءِ هر شهر ۾ بچاءُ جون ڪيمپون لڳايون ويون آهن، جيڪو گرمي جي ڪري متاثر ٿئي، اهو اتي هليو وڃي. پر ان جي باوجود اڄ 21 مئي 2016ع جي اخبارن م اها خبر آئي آهي ته گرميءَ جي ڪري 9 ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي بيهوشيءَ جي عالم ۾ اسپتالن ۾ داخل آهن.
تعليم کاتي عقلمندي کان ڪم وٺندي پهرين جون جي بدران 19 مئي 2016ع کان 25 جولاءِ 2016ع تائين اسڪولن ۾ گرمين جون موڪليون ڪيون آهن. پر جيئن حڪومت جي ٻين حڪمن تي عمل درامد گهٽ ٿو ٿئي، تيئن خانگي اسڪولن به ان حڪم تي اڌو گابرو عمل ڪيو آهي. سيڪريٽري تعليم کين ڌمڪين ڏيڻ ۾ پورو آهي.
اسڪول ته بند ڪيون ٿا، پر اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ايتري گرمي هن پاسي وڌي ڇو وئي آهي. چون ٿا ته سج اُلا ٿو وسائي. سج نيزي پاند ٿي اچي بيٺو آهي. اها ته قيامت جي نشاني آهي جڏهن سج نيزي پاند ايندو ۽ هي دنيا تباهه ٿيندي ۽ روز حساب ايندو.
اسان ساوڪ، وڻ، ٽڻ، سڀ تباهه ڪري ڇڏيا آهن. اها مڃيل حقيقت آهي ته ڪنهن به ملڪ جي موسمي ۽ سماجي ۽ معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ان جي ايراضي جو گهٽ ۾ گهٽ به چوٿون حصو وڻن جي آبادي ۾ هجي. ڀارت ۾ ته 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ايراضي ٻيلن ۽ وڻن ۾ آهي، پر سنڌ ۽ پاڪستان جو حشر نشر خراب ٿيندو ٿو وڃي. اسان هر دور ۾ نيون ڳالهيون ۽ نيون فلاسافيون ايجاد ڪري وڻن کي تباهه ڪري رهيا آهيون. پوين ڪجهه ڏهاڪن ۾ “ڌاڙيل” فيڪٽر جي ڪري ٻيلن کي تباهه ڪيو ويو. هڪ ته اصلي ڌاڙيل جي آڙ ۾ ڏوڪڙ ڪمائڻ وارن ڌاڙيلن، سرڪاري ملازمن سان ملي ڀڳت ڪري ناجائز طور وڻ وڍائي پيسا ڪمايا. آفيسرن کي اهو ڊپ ڏئي کين ٻيلن جو معائنو ڪرڻ کان روڪيو ويو ته “سائين ڌاڙيل توهان کي اغوا ڪري ويندا.” ائين خوف پکيڙڻ لاءِ ڪجهه حقيقي ته ڪجهه نقلي واقعا به ٿيا.

[b]ڌاڙيل ۽ ٻيلا
[/b]اهو 80 يا نوي جو ڏهاڪو هئو، جڏهن ڌاڙيل فيڪٽر جي نالي ۾، امن امان قائم ڪندڙ ادارن پاران ٻيلن مان بلڊوزر هلائي وڻن کي ناس ڪيو ويو. خاص طور ڪچي جي علائقن مان ته اهي ڪچي جا ٻيلا ڌاڙيلن جا پناهه گاهه آهن. هڪ طرف جهنگلي ڌاڙيل هئا، ٻئي طرف شهري ڌاڙيل ۽ دهشتگرد هئا. جهنگلي ڌاڙيلن جي ڪري ٻيلا ته ناس ٿيا پر ڌاڙيل ته اڃا تائين پنهنجي ڌنڌي کي لڳل آهن.
اهو نه سوچيو ويو ته وڻن جي تباهه ٿيڻ جي ڪري ماحوليات تي ڪهڙو اثر ٿيندو؟ اهي سڀ سبب ڄاڻايل آهن، پر پوءِ به انهن جو بلو نه ڪيو ويو. گهٽ ۾ گهٽ پڪي تي جيڪي آبپاشيءَ وارا ٻيلا آهن، انهن کي ئي بهتر ڪجي ها، وڻ لڳائجن ها، زمينداري اهڙيون پوکيون وڃن ها. روڊن، رستن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ وڻ پوکيا وڃن ها.

[b]عرب ۽ وڻ
[/b]منهنجو ڪجهه سال اڳ ابوظهبي کان دبئي تائين 80-70 ميل روڊ رستي سفر ڪرڻ جو اتفاق ٿيو هو. اهو علائقو سڄو وارياسو ۽ ريتيلو آهي. پر اتي به هٿرادو پاڻي جون لائينون پهچائي روڊ جي ٻنهي طرفن کان وڻن جون قطارون لڳائي ڇڏيون اٿائون. ان سان اُتي اهو فائدو ٿيو آهي ته مقامي موسم خوشگوار ٿي وئي آهي ۽ تيز هوائن جي طوفانن جي ڪري جتي وارِي وسندي هئي ۽ روڊ رستن تي واريءَ جا ڍير گڏ ٿي روڊ بند ڪري ڇڏيندا هئا، هاڻي اتي صورتحال بدلجي وئي آهي. اهي وڻ ان واري کي روڪين ٿا ۽ روڊن رستن تي هلندڙ گاڏين جي سفر کي محفوظ ڪيو اٿائون.
مڊل ايسٽ ۾ نه زمين سٺي ۽ نه ئي پاڻي موجود آهي. سندن پاڻي به پيسن جو آهي. اصل ڳالهه حڪومت پاران فوقيت ڏيڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي ضرورتن کي محسوس ڪرڻ آهي!
اسان جي روڊ رستن جي پاسن کان پاڻي به آهي ۽ زمين به سٺي ۽ مٺي آهي، پر ڇاڪجي! اسان پنهنجا پاڻ دشمن آهيون، اربين رپين جي خرچ سان اٺن اٺن لائينن جا موٽر ويز ٺهن ٿا، پر انهن جي وچ تي ۽ پاسن کان وڻڪار ڪونهي. جيترا روڊ جا ٽريڪ آهن جيڪڏهن ايتريون وڻن جون قطارون لڳائجن ته جيڪر روڊن جي عمر وڌي وڃي ۽ سفر ڪرڻ وارن مسافرن کي به ماحول سٺو ملي وڃي ۽ آسپاس به بهتري ٿئي ۽ اکين کي راحت ملي.

[b]نم ۽ جيل
[/b]سنڌ جي چيف سيڪريٽري سائين محمد صديق ميمڻ کي به ميسيج ڪري فون تي سڄي وارتا کان واقف ڪيو.
انتظاميا جا سڀ عملدار روشن خيال ۽ روشن دماغ آهن. مون کي اميد هئي ۽ اڃا تائين به يقين اٿم ته هو ان ڏس ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪندا. ڪراچي کان گهاري تائين سنڌ سرڪار جي ٻيلي کاتي نم جا وڻ لڳايا آهن. ان کي پنج سالن جو عرصو ٿي ويو آهي. اڃا تائين به لڳائين ٿا. اهو اِهو دور هيو جو سنڌ سرڪار ”نم“ کي سنڌ جو وڻ ڊڪليئر ڪيو هيو. صحيح فيصلو هيو، نم ۽ سنڌ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن. جيڪڏهن تاريخ ۾ ڏسبو ته نم جو وڻ اسان کي ايترو ئي پراڻو نظر ايندو، جيترو سنڌ آهي. جيڪو وڻ يا فصل جنهن علائقي ۾ ٿيندو هجي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهو وڻ ۽ ان علائقي جي زمين هڪ ٻئي کي قبول ڪن ٿا.
ڇا ٿيو ته ٽن سالن تائين ٻيلي وارن نم کي پاڻي ڏنو. پوءِ پاڻي بند ڪري ڇڏيو. وڻ جون پاڙون جر تائين نه پهتيون هيون جنهن جي ڪري جر جو پاڻي وڻ کي نه مليو، برسات به ڪونه پئي، هٿرادو پاڻي به بند. نتيجو اهو نڪتو ته جيڪي وڻ وڏا ٿي ويا هئا، اهي به سڪڻ لڳا!
جڏهن مان ٻيلي کاتي وارن صاحبن سان ڳالهايو ته انهن محبت سان جواب ڏنو ته “سائين! توهان جي ڳالهه سچي آهي، پر اسان جا آفيسر ڪجهه جيل ۾ پيا آهن، اڌ کان وڌيڪ نيب وٽ انڪوائرين ۾ ڇڪجن پيا، ٻيا باقي خوف ۽ حراس ۾ واسوڙيل آهن.” کلي وڌيڪ چوڻ لڳو “توهان کي ان ماحول ۾ نم جي وڻن جي پاڻي جو فڪر لڳو پيو آهي.”
مان به کيس ساڳي لهجي ۾ کلي جواب ڏنو ته “ادا! جيڪڏهن توهان نم کي پاڻي صحيح نموني سان ڏيو ها ته اڄ اهو ڏينهن توهان کي ڏسڻو نه پوي ها. هاڻي ئي خيال ڪريو.”

[b]ٻيلن جي نامناسب واڍي
[/b]چيف سيڪريٽري فضل الرحمان صاحب سان گپ شپ دوران ماحول، وڻن ۽ ٻيلن جو ذڪر نڪتو. ڳالهين ۾ ذڪر ڪندي مون کين مشورو ڏنو ته ”وڻن لڳائڻ ۾ ۽ انهن کي وڏو ڪرڻ ۾ ته وقت ٿو لڳي. سرڪار ان معاملي ۾ جيڪو ڪم ڪري ٿي اهو ته ڪري ٿي. پر جيڪا سالياني ڪٽائي (Tree cutting) کاتي جي طرفان ٿئي ٿي ان کي جيڪڏهن ڪجهه سالن لاءِ بند ڪجي ته ڪجهه صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.“
پاڻ ان ڳالهه سان متفق ٿيا ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري، چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ، ڪجهه سينئر ڪنزرويٽرس فاريسٽ جي گڏجاڻي ڪوٺايائون. سندن حڪم تي مان ميٽنگ وارن کي ميٽنگ جي مول متي جو ٻڌايو ۽ چيف سيڪريٽري ڳالهه تي وڌيڪ روشني وڌي.
ٻيلي کاتي وارن جي رهنمائي ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري شمس الحق ميمڻ صاحب ڪري رهيو هيو ۽ جيڪو گهڻي عرصي تائين سيڪريٽري ۽ چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ رهيو آهي.
ڊپارٽمينٽ ان ڳالهه تي قائم رهيو ته ان واڍي کان سواءِ ته ٻيلو کاتو نه هلندو. اسان جا ايشين ڊولپمينٽ ۽ ورلڊ بئنڪ سان معاهده ٿيل آهن ته اسان ساليانو پاڻ به ڪمائينداسون ۽ انهن جي ڏنل گرانٽ يا قرض ۾ شامل ڪري پوءِ اسان خرچ ڪنداسون.
چيف سيڪريٽري ٻيلي وارن کي چيو ته جيترو توهان ٻيلي جي واڍي مان ڪمايو ٿا ساليانو، اسان ان کان 25 سيڪڙو وڌيڪ توهان کي سنڌ گورنمينٽ جي طرفان ڏينداسون، پر چوندا آهن ته ننهن کي نوَ ڪوٽ، ڳالهه اڳتي نه چري، گاڏي جتي هئي اتي ئي بيٺي رهي.
مان هي اکر لکڻ کان اڳ ٻيلي کاتي کان 14-2013ع ۽ 15-2014ع جا واڍيءَ جا انگ اکر ورتا ته پاڻ ڪيترو ڪمايو اٿائون.؟ خبر پئي ته انهن ٻنهي سالن ۾ صرف (700000) ست لک رپيا ڪمايا اٿائون.
اسان جي حڪومت جا ادارا نين ڳالهين کي ۽ نيُن حقيقتن کي قبول ڪرڻ بجاءِ رڳو اسٽيٽسڪو تي هلي رهيا آهن. مان هاڻي به ان خيال جو آهيان ته جيستائين ٻيلي کاتي جي فاريسٽ پاليسي کي ماحوليات سان گڏي نئين سر ترتيب نه ڏنو ويندو، تيستائين نه ته ماحوليات ۾ ۽ نه ئي ٻيلي کاتي ۾ بهتري ايندي. نتيجو اسان جي سامهون آهي.

[b]سڄڻ سفر هليا
[/b]مون کي سيڪريٽري جنرل ائڊمنسٽريشن طور ڪم ڪندي سيپٽمبر 2006ع ۾ هڪ سال ۽ چار مهينا ٿيا هئا. انهن حالتن ۾ ٻي ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ٿيڻ به عذاب جي برابر هيو. اڌ کان وڌيڪ اهم کاتا ته ايم ڪيو ايم جي حوالي هئا، ٻيا جيڪي کاتا سنڌي وزيرن وٽ، انهن جون پنهنجون گهرجون، بلڪه انهن ته پنهنجا پنهنجا ‘ماڻهو’ سيڪريٽري ڪري رکيا، جيڪي سندن هر غلط حڪم تي لبيڪ ڪندا هئا! باقي هڪ ٻه کاتو رهيو، جو سيڪريٽري چيف سيڪريٽري يا چيف منسٽر کي جواب ڏيندڙ هو، جنهن ۾ سيڪريٽري جي اي به هيو. اسان الله جا ماڻهو، وزيرن ڪبيرن کان لڪيل ويٺا، چيف سيڪريٽري جي پاڇي ۾ پيا ساهه کڻندا هئاسين. مان ڏاڍو سڪون سان هيس، هڪ ماڻهو جي پناهه ۾. اهو به چيف سيڪريٽري. ٻئي ڪنهن سان نه ڏيڻ نه وٺڻ. پر اها ڳالهه به ڪن ‘خير خواهن’ کي نه وڻي. اتي به سندن نظر پهتي ته پوسٽنگ ڪرائين. آفتاب ميمڻ صاحب جيڪو ڊي ايم جي جو سينئر سيڪريٽري هيو ۽ انٽر پراونشنل ڪو آرڊينيشن (IPC)ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري هيو، ان جي پوسٽنگ جو آرڊر منهنجي جڳهه تي ڪيو ويو.
چيف سيڪريٽري فضل الرحمان صاحب کي ڏاڍو صدمو ٿيو. هن چيف منسٽر سان ڳالهايو ته منگي صحيح ڪم پيو ڪري، چيائين ته “ان کي ڪافي عرصو ٿي ويو آهي. آفتاب بدلي پيو چاهي، سو آفتاب کي اتي رکو. ”
قمر منصور صاحب ايم ڪيو ايم جو وزير هيو، جنهن کي پنجن کاتن جو قلمدان مليل هيو. جنهن ۾ ڪلچر، ٽوئرزم، سوشل ويلفيئر، رانديون ۽ نوجوانن جو کاتو هئا. سندس سيڪريٽري محترمه مهتاب اڪبر راشدي هئي. جيئن ايم ڪيو ايم وارن کي ڪو به عزت وارو ۽ پنهنجي پر ۾ سٺو ڪم ڪرڻ وارو سيڪريٽري نه وڻندو آهي، تيئن قمر منصور کي به محترمه جي بدلي ڪرائڻ جي ضرورت پئجي وئي. محترمه مهتاب اڪبر راشدي کي بدلي ڪيو ويو ۽ سندس جاءِ تي ڊائريڪٽر اسپورٽس اڪبر شاهه صاحب کي سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي. جيڪو اسپورٽس بورڊ جو 19هين گريڊ جو نان سول سرونٽ ايمپلائي هيو. سندس اها پوسٽنگ رولز جي خلاف هئي.
ڪجهه ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم وارن پنهنجن وزيرن جون بدليون ڪيون. قمر منصور وارو کاتو ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. رانديون ۽ نوجوانن جي ڀلائي جو کاتو قمر کي ڏنو ويو، باقي ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سماجي ڀلائي جو کاتو هوم ڊپارٽمينٽ تان هٽائي رئوف صديقي کي ڏنو ويو. ڇا داخلا جو محڪمو ڇا ڪلچر ۽ ٽوئرزم، سيڪريٽري ٻنهي وزيرن جو هڪڙو ئي هيو. جنهن تي اڪبر شاهه قائم مقام سيڪريٽري جو ڪم ڪري رهيو هيو.
چيف سيڪريٽري کي وجهه ملي ويو، هن منهنجي پوسٽنگ چيف منسٽر ۽ رئوف صديقي سان ڳالهائي بطور سيڪريٽري ڪلچر ڪئي. مان ٻئي ڏينهن تي چارج وٺي ڪم کي لڳي ويس. پر قمر منصور جو زور هيو ته کيس سيڪريٽري اڪبر شاهه گهرجي. حالانڪ هاڻي سندس کاتا اڌ کان به ننڍا ٿي ويا هئا، پر پوءِ به ضد تي قائم هيو.
چيف سيڪريٽري کاتن کي ورهايو ۽ ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر جو سيڪريٽري ته مون کي رهڻ ڏنو باقي راندين ۽ نوجوانن جي کاتي جو سيڪريٽري اڪبر شاهه کي (قانون جي خلاف) مقرر ڪيو ويو. وري قمر منصور جو ضد ته جيڪا اصل ڪلچر جي آفيس، جنهن ۾ مان ويٺو هيس، اها به اڪبر شاهه جي حوالي ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري هن جي ڳالهه ڏاڍي دير کان پوءِ مڃي ۽ مون کي به مڃرائي، اها ڳالهه اصول جي خلاف هئي. جڏهن کان کاتو ٺهيو هيو ته اها ڪلچر جي آفيس هئي. پر زور اڳيان زاري آهي. هنن جو هروڀرو انا جو مسئلو ٿي ويو هيو. مون ڏکويل دل سان آفيس ڇڏي. اها آفيس حميد آخوند صاحب قائم ڪئي هئي. هن مون کي ميار به ڏني، پر اسان شايد هن جهڙا مڙس ماڻهو ثابت ڪونه ٿيا هئاسون. حميد صاحب جي مڙسي جا ڪيترائي قصا مشهور آهن. جڏهن جناح ڪورٽس جي بلڊنگ رينجرز کي منتقل ڪئي پئي وئي ته حميد صاحب ضد ٻڌي بيهي رهيو ته بطور سيڪريٽري ڪلچر هُو اها عمارت رينجرز جي حوالي نه ڪندو. ان وقت سنڌ ۾ رينجرز جو ڊي جي جنرل عبدالقادر بلوچ هيو، جيڪو هاڻي مسلم ليگ (ن) ۾ وفاقي وزير آهي. جهيڙو وڌيو. آخر حميد آخوند صاحب کي آخري ڀيرو ڪلچر مان بدلي ڪيو ويو.

[b]هندو جيم خانو ۽ ناپا
[/b]اهڙو ٻيو قصو به ٿيو، جڏهن هندو جيم خانه جي بلڊنگ ضياءُ محي الدين کي 30 سالن جي مقاطعي تي صدر جنرل پرويز مشرف جي حڪمن تي ڏيڻي پئي.
ڪيترا فرد هوندا آهن جيڪي پاڻ کي وقت سان ڪيش ڪرائيندا آهن. ضياءُ محي الدين مشهور اداڪار، صداڪار ۽ ڊرامه نگار وغيره پنهنجي ساٿين سان (NAPA) ”نيشنل اڪيڊمي فار پرفارمنگ آرٽس“ ٺاهي، جنهن ۾ آرٽس جي تعليم ڏيندو آهي. جنهن ۾ ڊرامه، راڳ ۽ ڊانس وغيره شامل آهن. مشرف صاحب جي نياڻي عائله مشرف به ضياءُ جي گروپ ۾ شامل هئي. ضياءُ سندس توسط سان مشرف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي ڪارڪردگيءَ متعلق ٻڌايو. کيس وڌيڪ ٻڌايو ته کيس مهرباني ڪري هندو جيم خانه جي عمارت ٽيهن سالن جي ليز تي ڏني وڃي. ڊڪٽيٽر جي گهران ڇا ٿو وڃي. نه صرف زبان سان حڪم ڪيائين نه پڇا نه ڳڇا. پر حڪمنامو به نڪري ويو. چيف منسٽر/ چيف سيڪريٽري کي مليو. سيڪريٽري ڪلچر محترمه مهتاب اڪبر راشدي هئي، ان چيف مسنٽر لاءِ سمري ٺاهي. مخالفت ڪيائين. چيف سيڪريٽري سمري رکي ويٺو. هن کي پرنسيپل سيڪريٽري ٽو پريزيڊنٽ ٽي ڀيرا فون تي به حڪم پهچايا. آخر چيائين ته “ڇا تو کي پنهنجو پاڻ سان دشمني آهي ڇا، صدر صاحب جي حڪمن جي پوئواري نٿو ڪرين؟” چيف سيڪريٽري جڏهن ڳالهه هٿن مان نڪرندي ڏٺي ته سمري چيف منسٽر ڏانهن موڪلي. چيف منسٽر ارباب صاحب هيو، هن سيد سردار احمد کان راءِ وٺڻ لاءِ به سمري اوڏانهن موڪلي. هن به سخت لفظن ۾ هندو جيم خانه کي NAPA کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. پر سائين ڪمانڊو صدر جي ڪيئن حڪم عدولي ڪري. سو زور اڳيان زاري هئي.
آخر محترمه مهتاب اڪبر راشدي 2006ع ۾ ناپا سان ايگريمينٽ ڪري هندو جيم خانه جي عمارت سندن حوالي ڪئي.
*
سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهاڪ ۽ سابق وزير ۽ هاڻي سينيٽر محترمه سسئي پليجو ان مسئلي کي پنهنجي وزارت جي دور ۾ هٿ ۾ کنيو. مشرف اڃا صدر هيو. پر هي ويڙهاڪ ڇوڪري ڊڄي چپ ڪري نه ويٺي. ناپا کي بلڊنگ خالي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ناپا وارا ڪورٽ سڳوري ۾ ويا. اڃا تائين معاملو اتي اٽڪيل آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن ٽيهن سالن مان “ڏهه سال گذري ويا آهن.”
*