آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

7. اسان ماڻهو لاڙ جا، دريا جي پڇاڙ جا

[b]سجاول بدلي
[/b]جون 1986ع ۾ منهنجي سجاول بدلي ٿي. جون 1984ع ۾ منهنجي ٽنڊي الهيار پوسٽنگ ٿي هئي ۽ زندگيءَ جا ٻه سال اتي گذري ويا هئا.
سجاول سب ڊويزن خالي پئي هئي. ايس ڊي ايم لطف علي ڪلهوڙو اڳ ۾ ئي ٽنڊو محمد خان بدلي ٿي ويو هيو. مون پنهنجو خالي سب ڊويزن تي پوسٽنگ جو رڪارڊ بحال رکيو.
شام جو ڊي سي ٺٽو ڪامران لاشاريءَ جو فون آيو. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي ايس ڊي ايم جي زماني کان سڃاڻندا هئاسون. هو 6 ڪامن Batch جو هڪ شاندار آفيسر هيو. ڪلچر ۽ لٽريچر جو گرويدهه هيو. ان ڪري به ويجهڙائي هئي. liberal آفيسر هيو. هن ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان چيو ته “اسان توهان کي خوش آمديد ڪرڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهيون.” مون چيو “مان صبح جو ايندس. توهان کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو. هن به ٽهڪ ڏنو ۽ مون به.” ائين ٻئي ڏينهن آءٌ سجاول روانو ٿي ويس.
آفيس اچي چانهن لاءِ چيو. سجاول ۾ به هيڊ منشي نور محمد ڀان هيو، جنهن مون سان گهاري ۾ ڪم ڪيو هيو. ٻيو اسٽاف به سڌي اڻ سڌي طرح مون کان واقف هيو. سجاول جا ماڻهو به مون کان چڱي طرح واقف هئا. مون چانهن پيئندي هيڊ منشيءَ کي چيو ته بابو شاهه کي گهرائي وٺ.

[b]بابو شاهه
[/b]بابو شاهه پ پ پ جو اهم ترين ورڪر ۽ عهديدار هيو. سندس اثر رسوخ سجاول جي شهر ۽ ٻهراڙين ۾ تمام گهڻو هيو. ٻئي طرف سيد شفقت شاهه هيو، اعجاز شاهه شيرازيءَ جو ڀاءُ ۽ قادر ڏني شاهه جو پٽ. ضلع ڪائونسل جو چيئرمئن به ٿيو هيو. بابو شاهه ۽ شفقت شاهه ٻئي ارڏا هئا. شفقت شاهه ۽ اعجاز شاهه تي چيف منسٽر سنڌ سيد غوث علي شاهه جو هٿ هيو ۽ کين پنهنجو پٽيلو بڻايو هئائين. هو ٻئي گورنمينٽ سان گڏ هئا. هرو ڀرو امن امان جي صورتحال پيدا نه ڪندا هئا. پر پ پ پ جي ۽ بابو شاهه جي ماڻهن کي ٻڌائيندا ڇوڙائيندا رهندا هئا. بابو شاهه وارن وٽ ڪا ٻي واهه ڪونه هئي. تنهن ڪري هو هر ننڍي وڏي ڳالهه تي هڙتال ڪرائيندا هئا. سرڪاري ملڪيت جو نقصان ڪندا هئا.
بابو شاهه چانهن پيتي. چيائين “سائين حڪم ڪيو.” مون چيو “دوستي يا دشمني” چيائين “دوستي. اَسان دشمني ته ڄاڻون ئي ڪونه، پر انتظاميه شفقت شاهه شيرازيءَ جي چوڻ تي دشمني ٿي ڪري، ته پوءِ اسان جتي دوستي نڀائي ڄاڻون، اتي دشمني به ڪري ڄاڻون.”
مون چيو ته “دوستيءَ جا اصول طئي ڪيون.” چيائين “جيئن توهان چئو.” مون چيو “توهان پنهنجو ڪم ڪيو. اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. جڏهن توهان پرامن جلسن جلوسن کان ٻاهر نڪري نقصان ڪيو، ته پوءِ انتظاميا ايڪشن ۾ ايندي. توهان زوري ڪنهن جو دڪان بند نه ڪرائيندا. توهان پرامن call ڏيو. ماڻهن دڪان بند نه ڪيا ته توهان ڀڃ ڊاهه ڪري سندن دڪان بند نه ڪرائيندا.”
هن چيو ته “اسان جي ماڻهن کي ناحق بند ٿو ڪيو وڃي.” مون چيو ته “شريف ماڻهوءَ کي بند نه ڪيو ويندو. باقي ڏوهي ماڻهوءَ جو پاسو توهان به نه کڻو. توهان کي به خبر آهي ته ڪير ڏوهي آهي ۽ ڪير چڱو!” بابو شاهه منهنجي ڳالهه مڃي. مون سان سندس اهو معاهدو تقريباً سوا سال کن هليو. اهڙو به وقت آيو، جو سجاول جي شهر ۾، جتي هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا هڙتال ٿيندي هئي، اتي هڙتال جو نالو ئي نه رهيو. بابو شاهه جا جائز ڪم ٿيندا هئا ۽ شفقت شاهه جا غلط ڪم نه ٿيندا هئا. ٻنهي سان سماجي طرح اٿڻ ويهڻ ۽ دعا سلام هئي. ٻنهي کي خوب خبر هئي ته منهنجي حد ڪيستائين هئي ۽ سندن حد ڪيستائين.
بابو شاهه جو ڳوٺ ٽماڙي، سجاول شهر کان 4-5 ڪلوميٽر پري هيو. سندن والد شير علي شاهه پراڻي دور جو ايم پي اي هيو ۽ علائقي ۾ وڏي اثر رسوخ وارو هيو. سندس وڏي پٽ بابو شاهه پنهنجي پيءُ جو نالو روشن ڪيو. 1988ع جي اليڪشن ۾ ايم پي اي ٿيو. پر ڄام صاحب 1990ع جي اليڪشن کان پوءِ ريهي ريبي ۽ لٺ ۽ چٺ ڏيکاري سندس وفاداريون بدلائي ورتيون ۽ دل جي دوري ۾ فوت ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي پ پ پ جي سياست ڪن ٿا. شفيق شاهه 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي سجاول جو چيئرمئن ٿيو هيو، جنهن کي مون عهدي جو قسم کڻايو هيو. ساڻس اڃا تائين دعا سلام آهي. سال 1984ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ بابو شاهه وڻ وڄائي ڇڏيا، پر ميانه رويءَ ۽ مون سان رواداريءَ کان منهن نه موڙيو.

[b]ميرپور بٺورو
[/b]ميرپور بٺورو، سجاول سب ڊويزن جو ٻيو اهم تعلقو هيو. پهرين ته سجاول کي شاهه بندر سب ڊويزن چيو ويندو هيو. پر پوءِ نالو مٽائي سجاول ڪيو ويو. شاهه بندر ڪنهن وقت بندر هيو ۽ سٺو شهر هيو. پر پوءِ صفا ڦِٽي ويو. تعلقي جو نالو ته شاهه بندر آهي، پر سندس وڏو شهر چوهڙ جمالي آهي ۽ مختيارڪار، لاڏيون شهر ۾ ويهندو آهي. هاڻي جيڪي سجاول ضلعي ۾ تعلقا آهن. اهي سجاول سب ڊويزن ۾ هئا، ويندي کارو ڇاڻ ۽ جاتي تعلقو به.

[b]شاهه عنايت
[/b]ميرپور بٺوري جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي. ان زماني ۾ هن تعلقي کي ويٽنام چوندا هئا. هتان جا ماڻهو سياسي طرح ويٽنامين وانگر ويڙهاڪ هئا. تعلقي جا مُک شهر ۽ ڳوٺ: دڙو، جهوڪ شريف ۽ ٻنو، جيڪو سائين غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالحئي ۽ ارباب نور محمد پليجي جو ڳوٺ آهي. هن تعلقي جا ماڻهو سياسي طرح پڙهيل لکيل، سجاڳ ۽ ويڙهاڪ هئا. جهوڪ جي انقلابي ليڊر صوفي شاهه عنايت شهيد جي مزار به هتي آهي، جيڪو پهريون اشتراڪي ليڊر هيو. لينن ۽ ڪارل مارڪس کان به آڳاهون ۽ جهونو جنهن نعرو هنيو هيو ته: ”جو کيڙي سو کائي“. هن جي درگاهه تي شام جو پاڻيءَ جا مٽ اونڌا ڪيا ويندا هئا. رب تي توڪل جي هيءَ انتها ته صبح جو مالڪ ”پاڻ“ ڏيندو.

[b]عوامي تحريڪ
[/b]ان سر زمين تي عوامي تحريڪ ڏاڍي سٺي نموني سياسي طرح ڪم ڪري ماڻهن کي تيار ڪيو. هڪ طرف عملي انسان فاضل راهو هيو ته ٻئي طرف هڪ Tactician ۽ Strategist رسول بخش پليجو هيو. جنهن پنهنجي عملي زندگي مال چارڻ سان شروع ڪئي هئي. سندس والد تپيدار هيو، پر هن کي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙو استاد نصيب ٿيو، جنهن اتي ماستريءَ دوران هڪ ڪتاب لکي، پنهنجي نوڪريءَ وڃائي. ان ڪتاب جو نالو هيو. Save Sindh, Save Continut.
14 آگسٽ 2015ع تي سنڌ مدرسته الاسلام جي BOG مٿس الزامن کي رد ڪيو ۽ سندس نوڪري بحال ڪئي ۽ Award ڏنو. اهو جويو صاحب جو سنيچري سال هو.
پليجي صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪئي انقلابي ڪم ڪيا آهن، جن مان هڪ ڪم اهو به آهي ته هن ورڪرن جي سياسي سکيا ڪئي آهي ۽ سندس مرڪز ميرپور بٺورو هيو. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گهڻو ڪري عوامي تحريڪ جا ورڪر جيل ۾ ويا. عوامي تحريڪ نه صرف سياسي ورڪرن جي تربيت ڪئي، پر عورتن ۽ ٻارن جي به تربيت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ٺاهي ۽ عورتن کي شعور ۽ آگاهي ڏني. پهريان پنهنجي گهر جي نياڻين کي پليجي صاحب ۽ فاضل راهو صاحب سياسي پليٽ فارم تي آندو، جن وقت اچڻ تي گرفتاريون به پيش ڪيون. ٽيون جيڪو عوامي تحريڪ ڪم ڪيو، اها هئي ٻارن جي تربيت. مون سجاول ۾ کين ڪم ڪندي ڏٺو ته ننڍا ننڍا ٻالڪ انتظاميا جي جاسوسي ڪندا هئا.
عوامي تحريڪ نه صرف بٺوري، دڙي ۽ جهوڪ ۾ ڪم ڪيو، پر اها سڄيءَ سنڌ ۾ پڻ ڦهلجي وئي هئي. جامي چانڊيو، ايوب شيخ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ورڪر جيڪي هاڻي قومي ڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي به عوامي تحريڪ جا ڪيڙيل آهن.
ٻيون پارٽيون جيڪي سجاول ۽ بٺوري ۾ هيون، انهن به تحريڪ جي ديکاديکي Approach Millitant اختيار ڪئي. پ پ پ قومي يا سنڌ جي سطح تي Millitant ڪونه هئي، پر ان پارٽيءَ به ٻين ڌرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساڳيو روح پاڻ ۾ داخل ڪيو. ارباب وزير محمد صاحب وڏي عرصي تائين ضلعي ٺٽي جو پ پ پ جو مهندار رهيو آهي. ايم اين اي ۽ صلاحڪار به رهيو آهي. هر حلقي ۾ سندس مانُ آهي. طبيعت جو به امن پسند ۽ ٿڌو مٺو ماڻهو آهي.

[b]ممتاز صاحب جو فرنٽ
[/b]SBP Front (سنڌ بلوچ پختون فرنٽ) ممتاز علي ڀٽي صاحب به انهن ئي سالن ۾ ٺاهي. نواب يوسف ٽالپر، حفيظ پيرزادو، بلوچ رهنما ۽ پختون رهنما به ساڻس گڏ هئا. ٺٽي مان اعجاز علي خواجه، شير خان لنڊ ۽ ٻيا مرڪز ۾ ساڻن گڏ هئا. پر اها پارٽي به هت Millitant هئي. تنهن ڪري هر دور ۾ ورڪرن جون گهڻيون گرفتاريون هن تعلقي مان ئي ٿينديون هيون. سجاول تعلقي جا شير علي شاهه ۽ قادر ڏنو شاهه شيرازي پراڻا سياستدان هئا. قادر ڏني شاهه جو بنياد ٺٽو هيو، پر سندن ڳوٺ سعيدپور سجاول هو. شفقت شاهه پنهنجو بنياد سجاول کي ٺاهيو آهي ۽ سجاول جي سياست ڪري ٿو. سندس وڏو ڀاءُ اعجاز علي شاهه ٺٽي ضلعي جي سياست ٿو ڪري. يا ايئن چئجي ته سياست ڪرڻ جي حوالي سان اعجاز شاهه درياهه جي ساڄي ڪڙ تي آهي ته شفقت شاهه وري درياهه جي کاٻي ڪڙ تي.

[b]ايم آر ڊي- 1986
[/b]1986ع ڌاري ايم آر ڊي جي تحريڪ شروع ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر ڪامران لاشاري ميٽنگ ڪري سڀني آفيسرن کي چيو ته سرڪار جو حڪم آهي ته ڪنهن به قيمت تي جلوس ڪڍڻ نه ڏنو وڃي. مون احتجاج ڪندي چيو ته جلوس ته ڏهاڙي پيا نڪرن، پر جيڪڏهن جلوس پرامن ناهي ته انتظاميا ايڪشن کڻندي. جنهن ۾ لاٺي چارج ۽ فائرنگ به شامل آهي. مون کيس سجاول جو 1983ع وارو ماڻهو مرڻ وارو مثال به ڏنو هيو، جنهن سجاول ۽ ٺٽي ۾ جيل ڀڳا هئا، آفيسن کي ساڙيو ويو هيو ۽ وڏا نقصان ٿيا هيا. هاڻي يا ته توهان اهو پاليسي بيان withdraw ڪريو يا پاليسي طور ايس ڊي ايم کي اهو اختيار ڏنو وڃي ته هو صورتحال پٽاندر قدم کڻي ۽ گهٽ ۾ گهٽ فورس استعمال ٿئي. قانون به اهو آهي Self defence ۾ به ايتري ئي فورس استعمال ڪري سگهجي ٿي، جيترو نقصان جو خطرو هجي ٿو. ڊي سي هوڏ تان نه لٿو.
سرڪار، احتجاج واري ڏينهن کان اڳ سياسي ڌرين جي ليڊرن کي مقامي جيلن ۾ وڌو. مون ان ۾ اها ترميم ڪئي ته هر تعلقي ۾ هڪ سياسي ليڊر جيل ۾ رکيو. ٻين کي سينٽرل جيل حيدرآباد يا ٺٽي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلي ڇڏيو. ميرپور بٺوري تعلقي جي مختيارڪار کي چيو ته ڪو به ايڪشن نه کڻي، جيستائين مون کان ڪليئرنس نه وٺي. جاتي ۽ شاهه بندر تعلقن ۾ ڦڏو فساد ڪونه هيو. مون کي سجاول وارن جلوسن مان خطرو هيو. بابو شاهه پنج ڇهه هزار ماڻهو پنهنجي ڳوٺ ۾ گڏ ڪري ڇڏيا هئا ۽ سجاول جي هزار کن ورڪرن کي به تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي هئي. پنج ڇهه هزار ماڻهو ۽ ڪجهه هٿياربند ورڪر، جن کي هٿيار هلائڻ جي نڪا هئي جهل نه پل. جڏهن ته اسان وٽ پوليس جا 100 کن جوان هئا. جيڪڏهن هو هٿيار ڇڏي هٿين خالي پوليس کي ٻکين پون ته به اسان جي دفاع جو حصار ٽوڙي پئي سگهيا.

[b]آگسٽ 1986ع جو جلوس
[/b]بابو شاهه جو جلوس شهر ڏانهن اچي رهيو هيو. پاڻ نعرا هڻندا شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مون به گئس جا شيل هلرايا. جلوس ٻنهي پاسن ڏانهن ڇڙوڇڙ ٿي ويو. پر اهي سڀني پاسن کان شهر جي مرڪزي پاڙي ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. اسان اتي به مٿن گئس جا ڦوهارا وسايا. ان جڳهه کان ڪجهه وکن تي مختيارڪار جو گهر، آفيس ۽ جيل هئا، ۽ ڪجهه قدمن تي ئي منهجي آفيس ۽ گهر هيو. گهر ۾ منهنجا ٻار به هئا. گيس ايتري هلائي سين، جو ڪيترا ماڻهو بي هوش ٿي ويا. گئس جا گولا گهرن ۾ وڃي ڪريا. بابو شاهه به بي هوش ٿي ويو، ان کي گهر کڻي ويا. منهنجا ٻار نيم بيهوش هئا. ڊي ايس پي چيو ته گئس جا شيل ختم ٿيڻ وارا آهن. پوليس ٿاڻي ڏي موٽ ڪئي. انهن جي پويان ڊي ايس پي ۽ ان جي پويان مان به اچي ٿاڻي تي پهتاسون. ٿاڻو، منهنجي آفيس، منهنجو گهر، مختيارڪار جي آفيس، جيل گهر، چانڊيو اسڪول، مين چوڪ، هر طرف صرف ماڻهو ئي ماڻهو هئا. ان هجوم پٿر وسائڻ شروع ڪيا. ٿاڻي تي مان ۽ ڊي ايس پي بيٺا هئاسون. ممڪن هيو ته ماڻهو ٿاڻي ۾ گهڙي اچن ۽ پوءِ اسان جي گهرن ۽ جيل ۽ آفيسن ۾ داخل ٿين ۽ انهن کي تباهه ڪن. ڊي ايس پي چيو ته مان فائرنگ ٿو ڪريان. همراهه Hyper ٿي ويو هيو. کيس پنهنجي سر جو خوف ورائي ويو هيو. مون جلوس جو رويو جاچيو، ته ان حالت تائين بي ضابتگي نظر نه پئي آئي. بابو شاهه بي هوش ٿيڻ کان پوءِ محسن سنڌي ۽ يونس ڀان جلوس جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا.

[b]مڇريل هجوم ۾ ڪاهي پيس
[/b]مون ڊي ايس پي جي ڌمڪيءَ کان پوءِ کيس منع ڪئي. مان پراميد هيس، ته نتيجو منهنجي اميدن مطابق نڪرندو. قُل پڙهيم. الله جي آسري تي پنهنجي ڊرائيور رمضان کي وٺي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آيس. يونس ڀان ۽ محسن سنڌيءَ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيم ”توهان کٽيو، اسان هارايو. هلو ته چوڪ تي هلي جلسو ڪيون.“ جلوس جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. مان هڪ هٿ سان يونس کي ته ٻئي هٿ ۾ محسن جي ٻانهن جهلي کين واپس ورايو. ورڪرن پوليس تي لعنتون وڌيون. اهي اسان سان واپس ٿي ويا. جيئي ڀٽو جي نعرن ۾ اڃان به زور اچي ويو. مان جڏهن گهر وٽ پهتس ته، يونس ۽ محسن کي چيو، توهان وڃي جلسو ڪيو. مون سندن پٺي ٺپي ۽ گهر هليو آيس.
مون گهر پهچي ڊي سي کي فون ملائي ته پهريون اهو سوال ڪيائين ته ”تون خيريت سان آهين؟“ چيومانس: ”آءٌ ٺيڪ آهيان.“ ”ڪو نقصان نه ٿيو؟“ سندس سوال هيو. ”نه سائين، نقصان ڪو نه ٿيو آهي، جلوس هاڻي پنهنجي حسب منشا تقريرون پيو ڪري ۽ سرڪار ۽ انتظاميا کي گهٽ وڌ پيو ڳالهائي.“
منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ٺٽي جو ڊسٽرڪٽ جيل ڀڄي پيو آهي. ايستائين جو مختيارڪار جي آفيس ۽ ميونسپل آفيس کي باهه ڏئي رڪارڊ ساڙي ڇڏيو اٿائون. گهاري جو به اهو حال آهي.
منهنجي هيڊ منشيءَ مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته جاتي، لاڏيون ۽ شاهه بندر ۾ خير لڳو پيو آهي. ميرپور بٺوري ۾ جلوس نڪتو آهي. مختيارڪار جي آفيس ۽ جيل ڏانهن پيو وڃي. مون مختيارڪار سان فون تي رابطو ڪيو. هن اها ئي صورتحال ٻڌائي. چيائين ته، “جلوس منهنجي آفيس ۾ پيو اچي.” اڪيلي قيديءَ، وزير ميمڻ کي به مون آزاد ڪرڻ جو مختيارڪار کي حڪم ڏنو.
مون ٻين دوستن کان به خبرچار ورتي. ٺٽي ۾ ايس ڊي ايم آغا قادرداد دراني هيو. جيڪو سکر جو آهي. جڏهن ڊي سي وٽ ميٽنگ ٿي رهي هئي ته قادرداد درانيءَ چيو ته “جنهن به گوڙ ڪيو، ان کي وات ۾ هڪ گولي ٺوڪبي.” کيس عادت هئي، جو اسان ٻنهي، ايس ڊي ايم کي ‘سئوٽ’ ڪري سڏيندو هيو. مون خبرچار وٺڻ لاءِ پهرين سؤٽ دراني کي فون ڪئي. چيائين: “سئوٽ ڪهڙي ٿو خبر پڇين، هتي ته ڪم ئي لهي ويا آهن. جيل، مختيارڪار جي آفيس، ايستائين ٻيون سڀ آفيسون، جيڪي مڪليءَ کان هيٺ هيون، سڀ ساڙي ڇڏيون اٿن. هت به مڪليءَ تي ڊي سي صاحب، فوج کي گهرائي ورتو هيو، نه ته اسان جي آفيس به سڙي وڃي ها.”
هاڻي ٻئي سؤٽ، اي سي گهارو کي فون ڪيم. گهاري ۾ سڀاڳو خان هيو. ان به چيو ته: “سؤٽ، ڪم لهي ويا آهن. سڄي سب ڊويزن جا جيل ۽ مختيارڪار جو آفيسون، ايتري قدر جو اي سي جي گاڏي ۽ مختيارڪارن جون گاڏيون به ساڙيون ويون آهن.”
ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب سجاول آيو. خبرچار پڇيائين. مون به پنهنجي سورهيائيءَ جي ڳالهه ڪئي. صفا ناراض ٿي ويو. چيائين ”توکي قتل ڪن ها ته پوءِ؟“ سندس ڪاوڙ ۾ وڏڙن واري شفقت هئي. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. هو به پنهنجيءَ جاءِ تي درست هيو.


[b]ملڪاڻي[/b]
منهنجي نيازمندي سجاول ۾ پوسٽنگ کان اڳ ۾ سجاول جي سڀني سرڪرده اڳواڻن سان هئي. جن ۾ مامون خان ملڪاڻي، جيڪو غلام قادر ملڪاڻي ۽ حاجي محمد عثمان ملڪاڻيءَ جو والد صاحب ۽ جت قبيلي جو ملڪ، سرواڻ ۽ سردار هيو. سندس پٽ غلام قادر ملڪاڻي 1985ع جي اڻ ڌري اليڪشن ۾ ايم پي اي ۽ پوءِ سائين غوث علي شاهه جي Cabinet ۾ وزير چونڊيو ويو.
موجوده پير صاحب پاڳاري، سيد صبغت الله شاهه راشديءَ سان به پهرين ملاقات سجاول ريسٽ هائوس ۾ 1986ع جي سياري ۾ ٿي هئي. جڏهن پاڻ ملڪاڻي صاحب جي دعوت تي شڪار تي آيا هئا ۽ اريگيشن کاتي جا وزير هئا. ملڪاڻي صاحب جي خاندان سان اڃا تائين پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ آهي. اڪثر ملڻ جلڻ ۽ فون تي به دعا سلام ٿيندي رهندي آهي. انهن ڏينهن ۾ مظفر علي خان لغاري، ايم پي اي ۽ احمد خان ميمڻ ايم اين اي ٿيا هئا. جڏهن ته ڄام بجار ايم پي اي ۽ حاجي عثمان جلباڻي ايم اين اي ٺٽو- گهارو مان ٿيا هئا. اعجاز شاهه به ايم پي اي ٿيو هيو. جلباڻي صاحب وري 2008ع ۾ به ايم پي اي ٿيو هيو، پر احمد ميمڻ، شاهي خان، ڄام بجار خان وري ايم پي يا ايم اين اي چونڊجي نه سگهيا. سندن جاءِ نون چهرن ۽ نون سياستدانن والاري. غلام قادر ملڪاڻيءَ جي سؤٽ محترم محمد علي ملڪاڻي، شيرازي گروپ سان گڏجي ويو ۽ غلام قادر ۽ ملڪاڻي فئمليءَ کي سياسي طرح وڏو ڌڪ رسيو. شيرازي صاحب به پنهنجي سياست ڪندا رهيا. ٺٽي جي سياست ۾ ڪافي لاها چاڙها ايندا رهيا. پ پ پ جي سياسي طاقت جو، شيرازي برادران ڀرپور مقابلو ڪندا رهيا.

[b]غلام قادر پليجو ۽ سسئي پليجو
[/b]ميرپور ساڪري جي سياست ۾ هڪ نئون ڪردار غلام قادر پليجو به شامل ٿي ويو. جيڪو رسول بخش پليجي ۽ عبدالرحمان پليجي جو ڀاءُ آهي. هن پهريان ته ڏاڍي محنت ڪئي. ٺيڪا کنيا، ضلع ڪائونسل جي ايڪسپورٽ ٽيڪس ۾ به جام پئسو ٺاهيو. رسول بخش پليجي جي پارٽي ”عوامي تحريڪ” ۾ وڃڻ بدران پ پ پ جوائن ڪيائين. 1993ع ۾ اسلام آباد واري ريليءَ ۾ جڳديش ملاڻي، فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اُڍيجي صاحب سان زخمي ٿي پيو. هو ٽيئي الله کي پيارا ٿي ويا. هن کي خدا حياتي ڏني آهي.
1997ع واري اليڪشن ۾ کيس ساڪري مان پ پ پ جي ٽڪيٽ ملي ۽ هو چونڊجي ويو. 2002ع جي اليڪشن ۾ سندس نياڻي سسئي پليجو اليڪشن ۾ بيٺي. ڇو ته پاڻ گرئجوئيٽ نه هيو، تنهن ڪري چونڊ جو شرط پورو نه پئي ڪري سگهيو. سندس ڌيءَ 2002ع ۾ چونڊجي وئي ۽ هن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنهنجو پاڻ موکيو. نوجوان ۽ خوبصورت سسئي پليجو پ پ پ جي قومپرست رهنمائن جي پهرئين صف ۾ شمار ٿيڻ لڳي. جڏهن به کيس موقعو مليو، ته هن پنهنجو پاڻ ملهايو. 2008ع جي چونڊ ۾ سسئي پليجو وري چونڊجي آئي. هن ڀيري پ پ پ سائين قائم علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ حڪومت جوڙي. آصف علي زرداري صاحب، جنرل مشرف کي لاهي پاڻ صدر پاڪستان ٿيو.
سسئي پليجو لاءِ اهو به اعزاز هيو ته هوءَ سنڌ اسيمبلي ۾ 2002ع ۽ 2008ع ۾ سڌي چونڊ ۾ چونڊيل ايم پي اي هئي. 2008ع ۾ ثقافت ۽ سياحت جي وزير به ٿي. پنج سال وزير رهي. پر ڪڏهن ڪڏهن Party line کان هٽي بيان ڏيڻ تي Port folio واپس به ورتو پئي ويو. پر هن پنهنجي قومپرستيءَ واري لائين نه ڇڏي. 2013ع جي اليڪشن ۾ سسئي پليجو چونڊن ۾ ٿورن ئي ووٽن تان هارايو. ڪي ته چون ٿا ته سندس قومپرستيءَ جي وڌيل تقريرن جي ڪري فرشتن اچي سندس پتو ڪٽيو. پر هوءَ ماٺ ڪري ويهي رهڻ واري ڪٿي هئي. سينيٽ جي ميمبر چونڊجي وئي ۽ هاڻي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبر آهي.

[b]ضلع ڪائونسل ٺٽو
[/b]ضلع ڪائونسل ٺٽي جي چونڊ هميشه هتان جي سياستدانن لاءِ عزت ۽ وقار جو مسئلو رهي آهي. ضياءَ جي پهرين چونڊ ۾ مشهور شخصيت اڪبر ڪلهوڙي ۽ ايوب خان جي ذاتي دوست رئيس محمد يوسف چانڊئي جي پٽ محمد موسيٰ جي وچ ۾ سياسي معرڪو ٿيو هيو. ڏسڻ ۾ اڪبر ڪلهوڙي کي سرسي حاصل هئي، پر ضلعي جا سياستدان پاڻ ۾ گڏجي ويا ۽ محمد موسيٰ هڪ ووٽ تان کٽيو. هونءَ به اليڪشن آهي ته هڪ ووٽ جي. اها ئي ته جمهوريت جي خوبصورتي آهي. محمد موسيٰ چيئرمين ٿي ويو. ڇا ته ماڻهو موتيءَ داڻو هيو. ٺٽي ضلعي ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ آهن. مون سان ياري هئس. ڪراچيءَ ويندي اڪثر مون وٽ گهاري ايندو هيو. بردبار ۽ سڀني ساٿين کي گڏ کڻي هلڻ وارو نوجوان هيو. پر اهڙا ماڻهو گهٽ جيئرا رهندا آهن. کيس دل جو دورو پيو ۽ هو الله کي وڃي پرتو.
ضلع ڪائونسل جي ننڍي چونڊ قادر ڏني شاهه شيرازيءَ کٽي. 1983ع واري ضلع ڪائونسل جي چونڊ به قادر ڏني شاهه کٽي هئي. اڳتي هلي قادر ڏني شاهه جي مرڻ کان پوءِ 1985ع ۾ شفقت شاهه ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو.
1987ع ۾ ضياءَ جي دور ۾ لوڪل باڊيز جي ٽئين ٽرم جون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. سنڌ جو وڏو وزير سائين غوث علي شاهه هيو. ان جي ڪري شيرازي برادران جو پلڙو ڀاري هيو، پر ٻيا سياستدان به کين سولو ڪٿي ٿا ڇڏين.

[b]حمزو خان پليجو
[/b]حمزو خان پليجو، جيڪو ضلع ڪائونسلن جي آڪٽراءِ جو وڏو ٺيڪيدار هيو. جنهن نه صرف ٺٽي مان، پر پوري ملڪ مان جام پئسا ٺاهيا هئا. ٺٽي جي سياسي ڌرين کيس ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ راضي ڪيو. حمزي خان پليجي جِي پير سائين پاڳاري سان نيازمندي هئي. ٺٽي جي سياستدانن سائين غوث علي شاهه ۽ شيرازين سان منهن ڏيڻ لاءِ هنن پير صاحب پاڳاري جي مدد ورتي.
حمزي خان کي ضلع ڪائونسل لاءِ غوث علي شاهه متفقه اميدوار فائز ڪيو هيو. ٺٽي جي سياستدانن ۽ حمزي خان پليجي جي بظاهر فتح ٿي، پر قدرت کي ٻيو ڪجهه منظور هيو، ان ڪري اها دراصل حمزه خان جي تباهي ثابت ٿي.
شفقت شاهه کي راضي رکڻ لاءِ ساڻس سينيٽ جي ٽڪيٽ جو واعدو ڪيو ويو. جيڪا اليڪشن به ويجهڙائيءَ ۾ ٿيڻ واري هئي. حمزي خان ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ۽ شفقت شاهه سينيٽ جو ميمبر ٿي ويو. پر ڌرين جون دليون نه ٺريون.

[b]سيد عبدالستار شاهه شيرازيءَ جي شهادت
[/b]قصو هلندو رهيو. ضلع ڪائونسل ۾ حمزي خان سان کئونس ٿيندي رهي. ايستائين جو، ٻنهي ڌرين پنهنجا آرمڊ گارڊ به ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ آڻڻ شروع ڪيا. ان دور ۾ ٺٽي جو ڊي سي عابد شيخ هيو، جيڪو پوءِ 1996ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر ٿيو.
هڪ اهڙي ميٽنگ ۾ هڪ خاتون ڪائونسلر، جيڪا شيرازي ڀائرن جي نوڪرياڻي هئي، ان حمزي پليجي کي ان وقت چمپل اڇلي هئين. جڏهن حمزو خان ضلع ڪائونسل جي ميٽنگ جي صدارت ڪري رهيو هيو. حمزو خان ڪرسي ڇڏي چيمبر ۾ ڀڄي ويو. سندس گارڊ به تيار بيٺا هئا. انهن فائر کوليا. هال مان به فائر هليا، ٽي ماڻهو مري پيا. جنهن ۾ شيرازي برادران جو ٽيون ڀاءُ سيد عبدالستار شاهه شيرازي به مارجي ويو. وڏو نقصان ٿيو. ستار شاهه عاليشان ماڻهو هيو. ڏاڍو اڳتي وڃي ها، پر سندس عمر ايتري هئي. حمزي خان پليجي ۽ ٻين تي ڪيس ٿيا. وڃي جيل ۾ پيا. اهو هيو سياست ۾ ضد جو نتيجو. ڪيس هليو، ۽ حمزي خان جو ڌنڌو ڌاڙي ئي ڦٽي ويو. کيس اچي سر جي لڳي.
حمزي خان، عبدالوحيد ڪٽپر کي پنهنجو وڪيل ڪيو. وڏي مشڪل کان پوءِ سندس ضمانت ٿي. ڪيس نه بيٺو. حمزو خان ۽ ٻيا جوابدار ڇُٽي ويا، لکاڻي کي ٽي سال سزا آئي. پر ٻئي ڌريون پوءِ به سخت رساڪشيءَ ۾ هيون. حمزي خان کي خطرو هيو ته شيرازي ڏاڍا مڙس آهن. ضرور پلاند ڪندا. هو به پنهنجي سيڪيورٽي کڻي هلندو رهيو. اڳتي هلي مٿس هارٽ اٽيڪ ٿيو، فوت ٿي ويو ۽ اهو قصو ڪوتاهه ٿيو. الله سڀ تي رحم ڪري.

[b]روشن ضمير
[/b]علي محمد شيخ صاحب لوڌي صاحب کان پوءِ حيدرآباد جو ڪمشنر ٿيو. اتفاق سان الله بخش سومرو، عبدالله جي ميمڻ، عبدالڪريم لوڌي ۽ علي محمد شيخ صاحب، حيدرآباد ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر به رهيا هئا. ساڳي طرح چارئي ڄڻا حيدرآباد ڊويزن جا ڪمشنر به رهيا. 1986ع ۾ شيخ صاحب چئن مهينن جي موڪل تي ويو. سندس جاءِ تي روشن ضمير، جيڪو پاڻ به اڳي ڊي سي حيدرآباد رهيو هيو. اهو ڪمشنر ٿي آيو. هاڻي روشن ضمير صاحب آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ رهي ٿو. سندس والد محمد الياس صاحب اسان جي ڳوٺ رتيديري جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ هيڊماستر رهيو هيو. روشن ضمير صاحب به اتي پڙهيو هيو. سندس ڪلاس ميٽ هئا: محمد ابراهيم گهانگهرو ۽ محمد صديق گهانگرو. محمد صديق ته سول جج ٿيو، پوءِ ايڊيشنل جج ٿيو ۽ آخر ۾ Laterel Entries ۾ Joint Secretary اسلام آباد ۾ وڃي نوڪري ڪيائين. اتي ئي جوانيءَ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيس ۽ فوت ٿي ويو.
روشن ضمير CSP آفيسر هيو. ڊي سي حيدرآباد جي زماني ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون هيون. سنڌي سٺي ڳالهائيندو هيو. پر رهڻ سهڻ، هلڻ چلڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ پورو انگريز هيو. ڊي سي هائوس ۾ هڪ وڏي پراڻي بڙ جي وڻ تي Tree House ٺهرايو هئائين. جتي يار دوستن سان موڪلن ۽ واندڪائيءَ جي وقت ۾ تاش، برج راند ڪندو هيو. پائيپ پيئندو هيو. اسٽائيل وارو آفيسر هيو. خالد صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو ائڊمنسٽريٽر به رهيو هيو. شڪار جو شوقين هيو. پاڻ 1986ع ۾ ٿوري وقت لاءِ حيدر آباد جو ڪمشنر به ٿي رهيو. پوءِ سکر جو ڪمشنر به ٿيو.
هڪ ڏينهن سجاول دوري تي آيو. مختيارڪار مڱريو جيڪو وڏو تجربيڪار هيو. مانيءَ جو بندوبست ان جي حوالي هيو. ماني لڳايائين. مهمانن کي مانيءَ تي سڏڻ کان اڳ مون هڪ ڀيرو ٽيبل تي نظر وڌي. مون ٽيبل ڏٺي، نه ٻوڙ، نه دال، نه سبزي. جيڪي به ڊش هئا، سڀ Dry هئا. ماني هرڪو عام طور ٻوڙ ۾ ٻوڙي کائيندو آهي. مون مختيارڪار کي چيو ٻوڙ کٽل آهي. هو ويو، ڀڄندي ڀڄندو. موٽيو ته منهن لٿل هوس. چيائين سائين ماني اها ئي آهي. وڃي مهمانن کي سڏي آيس. ان وچ ۾ مون ماڻهو گهر ڀڄايو ته ڪو ٻوڙ تيار هجي ته اهو کڻي اچن. هڪ ٻيو ماڻهو شهر جي هوٽلن تي ڀڄايو ته دال ۽ سبزي وٺي اچي.
ڪمشنر ٽيبل تي ويهندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. “عبدالقادر! توکي ڪيئن خبر پئي ته مان ٻوڙ نه کائيندو آهيان.” وري چوڻ لڳو. ٻنپهرن جو مان ڪڪڙ جو هڪڙو پيس، پيالو ڏهيءَ جو ۽ ٻه ڪيلا کائيندو آهيان. رات جو ماني دٻائي کائيندو آهيان. ڊي سي ڪامران لاشاري منهنجي منهن ڏانهن ڏسي رهيو هيو. ماني شروع ڪئي سون. ان وچ ۾ گهر جو ٻوڙ، دال ۽ سبزيءَ سميت ڊش ٽيبل تي پهچي ويا.
هر ماڻهوءَ جو رهڻ سهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. اها ننڍي ننڍي ڳالهه پوري نه ٿي ته ڄڻ ماني بي مزي ۽ زندگي بي چين.
ٻئي دفعي علي محمد شيخ صاحب سجاول آيو. روشن صاحب جي بدلي ٿي وئي هئي ۽ شيخ صاحب وري پوسٽ ٿي ويو هيو. ٻنپهرن جي سٺي ماني ٺهرائي هئي. سلاد، رائتو وغيره به هئا. مون خاص طرح ڏٺو ته ٻوڙ هجي، متان رهجي نه وڃي. ٻوڙ به هيو، دال ۽ مڪسڊ ويجيٽيبل به هئي.
مون کي خبر آهي ته شيخ صاحب کائڻ جو نفيس ۽ سٺي مانيءَ جو شوقين آهي. مون پنهنجي ليکي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ نه ڇڏي. شيخ صاحب ماني کائيندي رڙ ڪئي. ليمون ڪونهي ڇا؟ ليمون ڪونه هيو. ماڻهو ڀڳو شهر مان ڪلو ليمان وٺي آيو. ٻه ٽي ليمان وڍي ٽيبل تي رکياسين. شيخ صاحب ليمن کي انجواءِ ڪيو. ماني کائڻ کان پوءِ ليمن جو پاڻي ٺهرائي به پيتو. جنهن مان اسان به مستفيد ٿياسون.
جنرل ضياءَ صاحب ٺٽي آيو. فون تي ان جي اي. ڊي. سي اها تاڪيد ڪئي ته جنرل صاحب جي باٿ روم ۾ سرنهن جو تيل هجڻ گهرجي، پر جيڪڏهن اها سُڌ نه هجي ها ته اوچتو سرنهن جو تيل ڪٿان اچي ها!

[b]وڏا ماڻهو ننڍيون عادتون
[/b]سائين غوث علي شاهه جي هدايت هوندي هئي ته باٿ روم ۾ صابڻ جون ٻه چڪيون هجن!
ڪي. بي رند صاحب بريانيءَ جو شوقين آهي. نواب شاهه ۾ مون سندس ماني جهلي. چيائين ٺيڪ آهي. ماني تنهنجي کائينداسون، پر منهنجي فارم هائوس تي. جڏهن ڊشز کولياسين ته برياني ڪونه هئي. مون کي پڪ هئي ته برياني تيار ڪئي وئي هئي، پر اسان وٽ پهچي نه سگهي هئي. منهنجي پڇڻ تي بورچيءَ ٻڌايو ته مون بريانيءَ جو ڊش ڪڍي ڊرائيور کي ڏنو هو، هُو بورچيخاني ۾ ئي وساري ويو آهي. ٽيبل تي تيستائين انتظار ۾ ويٺا رهياسون، جيستائين نوابشاهه کان اها ڊش سڪرنڊ پهچي.
فضل الرحمان صاحب، سابق چيف سيڪريٽري پاون کائڻ جو شوقين، پر ڪير سندس گهر ۾ وڃي ته ان کي اسنيڪ کارائي چوندو ته باقي ماني پنهنجي گهر کائجو. هاڻي ته وٽس ويندو آهيان ته ڊنر ڪري ويندو آهيان، باقي سندس Snaks کي Enjoy ڪندو آهيان.
ڪي ماڻهو چانور اڳ ۾ ۽ چپاتي پوءِ کائيندا آهن. ڪي وري چپاتي اڳ ۾ ۽ چانور پوءِ. ڪي ماڻهو ماني کائي پوري ڪري پوءِ چپاتي يا نان جو گرهه ڀڃي اهو چٻاڙيندا، چوندا ته تيل يا گهه جيڪو نڙيءَ ۾ ڄمي ويو آهي اهو ٿو لاهيان. هر ماڻهوءَ کي هر ڪم لاءِ پنهنجو جواز هوندو آهي.
ارباب غلام رحيم صاحب نان صفا نه کائي. ڪنهن دوست وٽ ماني کائي يا سي ايم هائوس ۾، پر سندس مانيءَ ۾ منجهند جو قيمي جو هڪ ڊش ضرور هوندو آهي. سي ايم هائوس جا بورچي قيمو ڏاڍو سوادي ٺاهين ٿا. هاڻي جي خبر ناهي ته ڪيئن ٿا ٺاهين.
اسلم سنجراڻي صاحب وري گهرن ۽ آفيسن کي Renovate ۽ Addition & Altration ڪرڻ جو شوقين آهي. لاڙڪاڻي ۾ ڪمشنر هيو ته اتي ڪمشنر هائوس ۽ آفيس جي ڇهن مهينن ۾ شڪل ئي مٽائي ڇڏيائين. حيدرآباد ۾ به گهر ۽ آفيس کي صفا تبديل ڪري خوبصورت بڻائي ڇڏيائين. حيدرآباد جي گهر ۾ Swimming Pool ٺهرايائين. هو نفيس ماڻهو آهي. کائڻ پيئڻ ۾ به نفيس، ۽ سٺي ٽيسٽ جو مالڪ آهي. سگريٽ نه پيئي، پر سگار پيئي.
منهنجو دوست پرڪاش کٽواڻي، ڊنر کان پوءِ جيستائينDessort (مٺو) نه کائي، تيستائين پريشان رهندو. مِٺي ۾ ڀلي پوءِ کجور، مٺائيءَ جو ٽڪرو يا کنڊ جي چپٽي ئي ڇو نه هجي.

[b] جلسا جلوس ۽ يوسف ڪيراڻو
[/b]بٺوري/ دڙي ۾ آئي ڏينهن جلسو جلوس نڪرندو رهندو هيو. ڪڏهن ڪهڙي پارٽيءَ جو ته ڪڏهن ڪهڙيءَ پارٽيءَ جو. هڪ پارٽيءَ ڪو جلوس ڪڍيو ته ٻي پارٽي وري ان کان وڏو جلوس ڪڍندي. اسان جي به عادت ٿي وئي هئي، انهن کي منهن ڏيڻ جي. هڪڙي اهڙي ئي جلوس جو اعلان عوامي تحريڪ پاران ڪيو ويو. يوسف ڪيراڻو ان جلسي جي سرواڻي ۽ بندوبست ڪري رهيو هيو. جيڪو ڪجهه انتظاميا کي ڪرڻو هوندو آهي، مان اهي انتظاميا جي طرفان اُپاءَ وٺي رهيو هوس. مون کي انهن جي مزاج جي خبر هئي ۽ منهنجي مزاج کان هُو واقف هئا. ڊي سي عبدالقادر ابڙي کي شوق ٿيو ۽ چيائين ته انهن مان پنجن ستن ليڊرن کي شام جو ستين بجي منهنجي آفيس ۾ گهرايو، مان ساڻن ميٽنگ ڪرڻ ٿو گهران. مون کيس منع ڪئي ته اهي گرم طبيعت جا ماڻهو آهن. توهان کين نه گهرايو. مون کي هينڊل ڪرڻ ڏيو. هن وڌيڪ زور ڏنو. مون بحث ڪرڻ بيڪار سمجهيو، دل ۾ سوچيم، ڀل ته اهي انب ڊي سي صاحب به چکي ڏسي. شام جو ڊي سي آفيس ٺٽي ۾ ميٽنگ ٿي. ڊي سي صاحب اٿندي ئي چيو: اها ڪهڙي مشڪري لڳائي ويٺا آهيو؟ ڏهاڙي هڙتالون، ڏهاڙي جلوس جلسا ٿا ڪڍو. سڀاڻي اگر توهان جلسو ڪڍيو ته توهان کي جيل ۾ وجهي ڇڏيندس. يوسف ڪيراڻو، جيڪو هميشه وانگر ڦاٽل ڪپڙن ۽ سنڌي ٽوپي پايو ويٺو هيو. شايد ڊي سي صاحب به هن کي هاري سمجهيو هيو. ان جواب ڏنس: ”پوءِ وجهو نه جيل ۾، ٻيو توهان ڪري به ڇا ٿا سگهو؟“ تنهن تي ڊي سي چيو: ”باقي آيا ڇو آهيو؟“ يوسف چيو: ”اسان ڪٿي آيا آهيون، توهان جو مختيارڪار جيپ تي وٺي آيو آهي.“ چانهن ٽيبل تي پئي هئي. هُو اُٿي کڙا ٿيا، چانهن اتي ئي رهجي ويئي.
هو نڪتا ته ڊي سي چيو ته “هي ڪي ڏکيا ماڻهو آهن،” مان چپ چاپ چانهن پيئندو رهيس.
ٻئي ڏينهن اخبارون حسين بخش ناريجي، جي بيان سان ڀريون پيون هيون، جيڪو ايم آر ڊي جو ان ٽرم جو صدر هيو، ۽ عوامي تحريڪ جو به ايڪٽنگ صدر هيو، ڪوٽڙيءَ ۾ ڊي سي ٺٽو عبدالقادر ابڙي جي خلاف هن پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن گذريل ڏينهن واري واقعي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو.

[b]عبدالغفور قاسمي
[/b]جتي سياسي ڌرين جو اهو حال هيو، اتي مذهبي ڌريون ۽ خاص طور JUI سرگرم هوندي هئي. JUI سنڌ جو سيڪريٽري جنرل عبدالغفور قاسمي سجاول جو هيو. پارٽيءَ ۾ سندس وڏي مڃتا هئي. قاسمي صاحب کان پوءِ شهيد خالد محمود سومرو جي يو آءِ سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. بدين ۾ ڪو مذهبي مسئلو ٿي پيو. ان ۾ قاسمي صاحب جو به اثر هيو. با اصول ماڻهو هيو. مون سان خاص قرب هئس. خبر ناهي منهنجي ڪهڙي ڳالهه کيس وڻي وئي هئي. سجاول ۾ پوسٽنگ کان پوءِ مون کيس ماڻهو موڪليو ته مون کي ٽائيم ڏيو. مان سلام ڪرڻ لاءِ اچڻ ٿو چاهيان. منهنجي ماڻهوءَ کي چيائين ته، “نه بابا، منگي صاحب اسان جو صاحب ٿي آيو آهي. هاڻي منهنجو فرض آهي ته مان وٽن ڪهي وڃان. اڄ شام جي مغرب جي نماز کان پوءِ آءٌ وٽس حاضر ٿيندس.” قاسمي صاحب وعدي مطابق آيو. اڇو پٽڪو ٻڌل، اڇا ڪپڙا پاتل، بوڇڻ ڪلهي تي، ننڍو قد، نوراني چهرو، سفيد ڏاڙهي، ڪجهه دير ڪچهري ٿي، موڪلائي هليو ويو. پوءِ مان به وٽس ويندو هوس ۽ پاڻ به دعا سلام ڪرڻ ايندا هئا.
هڪ ڏينهن علي محمد شيخ صاحب، ڪمشنر حيدرآباد فون ڪري مون کان پڇيو: “مولوي عبدالغفور قاسمي سان واقفيت اٿئي؟” مون ها ڪئي. چوڻ لڳو “عجيب ماڻهو آهي.” مون کيس چيو ته ميٽنگ تي بدين اچ. چوڻ لڳو: “مان نه ايندس. اهڙي ماڻهوءَ کي وڌيڪ مان ڇا چوان.” شيخ صاحب بيوسيءَ ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ لڳي رهيو هيو. مون کي چيائين ته “ڪنهن طريقي سان کيس سڀاڻي 11 بجي ڊي سي بدين جي آفيس ۾ وٺي اچ.” شيخ صاحب جو مطلب هيو ته مان کيس زور زبردستيءَ سان به وٺي اچان. مون چيو: سائين “هُو ڏکيو ماڻهو آهي. هن تي ڪا به زور زبردستي نه هلندي. ڪوشش ڪري ٿو ڏسان،” مون کي به حڪم هيو ته مان به بدين پهچان. مون قاسمي صاحب کي فون ڪئي. هو کِليو. “چيائين ڪمشنر چيو ٿي نه، ته قاسميءَ کي وٺي اچ؟” مون ها ڪئي. چيائين “توتي بار آهي. تنهنجي عزت اسان لاءِ محترم ۽ مقدم آهي. ٻڌاءِ ڪائين بجي بدين پهچڻو آهي؟” وڌيڪ چيائين، “مان پاڻ ئي پنهنجي سواريءَ جو بندوبست ڪري پهچي ويندس.” قاسمي ڊي سي آفيس ۾ يارهين کان 5 منٽ پهريان پهتو. فيصلي ۾ به مثبت رول ادا ڪيائين. معاملو طئي ٿي ويو. هلندي هلندي ڪمشنر صاحب کي چيائين، “اهو سڀ منگي صاحب جي طفيل ٿيو آهي. کيس دعا ڪيو.”

[b]اعجاز خواجي جي گرفتاري
[/b]هڪ رات دير سان ڊي سي ٺٽي فون ڪئي ته مشتاق علي شاهه اي ايس پي ٺٽو توهان وٽ ايندو، ان سان Raid تي گڏ وڃڻو آهي. تفصيل توهان کي روبرو ٻڌائيندو. ڪجهه دير ۾ مشتاق علي شاهه اي ايس پي آيو. ٻڌايائين ته بٺوري هلڻو آهي. اعجاز خواجه کي گرفتار ڪرڻو آهي. مقامي پوليس کي به اطلاع ڪونه هيو. پوليس جون ٻه ٽي وئن گڏ هيون. بٺوري پهچندي ڪلاڪ کن ٻيو لڳي ويو. اعجاز خواجه منهنجو پيارو دوست هيو ۽ آهي. دانشورانه بحث ڪندا هئاسون. اهڙا ٿورا ماڻهو آهن، جن سان ملي دل ۽ روح خوش ٿيندا آهن. نظرياتي سياستدان آهي. ڪنهن ڀڃ ڊاهه کان پري آهي. کيس فون تي ئي چوان ها ته سجاول ايس ڊي ايم جي گهر تي اچ ته توکي گرفتار ڪيون ته به هليو اچي ها ڀڄي ڪونه ها. اهڙي ماڻهوءَ کي اي ايس پي ۽ پوليس جو اٽالو وٺي گرفتار ڪرڻ نڪتو آهيان. هو جڏهن به ملندو هيو ته چوندو هو ”منهنجي گهر چانهن اچي پيءُ.“ مان به دل سان سندس گهر وڃي چانهن پيئڻ جو واعدو ڪندو هوس. کيس ڇا چوان ته “تنهنجي چانهن پيئڻ آيا آهيون.” نوڪري ته نوڪري آهي. پر هُو به سياسي پکيئڙو آهي، سڀ سمجهي ٿو. منهنجي مجبوري به سمجهي ٿو.
اي ايس پي مشتاق علي شاهه به پوليس جو چمڪندڙ ستارو آهي. سنڌ جو انسپيڪٽر جنرل ٿيو، جتان تازو رٽائرڊ ڪيائين. يارن جو يار آهي. ڪهڙي به سياسي مند هجي، يارن سان ياري نه ڇڏيائين. اسان جو پاڻ ۾ عزت، سڪ ۽ قربت جو رشتو آهي. لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي هو ته مان اتي Additional Commisioner هئس. حيدرآباد ۾ ايس ايس پي هيو ته مان مٺيءَ، ٿر ۾ ڊي سي هئس. ٻئي گڏ نوڪري ڪندا رهياسون.
سو اڄ اسان اعجاز خواجه کي جهلڻ پئي وياسون. سندس در تي پهچي آواز ڏنوسون. ڇوڪرو نڪري آيو، ان مون کي سڃاتو پئي. پوليس کي به ڏٺو. اعجاز ڀڄي وڃي سگهيو پئي. منهنجي دل به ائين پئي چاهيو ته شل جواب اچي ته، اعجاز گهر ڪونه آهي ۽ هُو گهر جي ڇت ٽپي مائٽن جي گهر هليو وڃي، پر شايد هن سوچيو ته دوست کي هيئن خالي هٿين ڪيئن روانو ڪيان...! اعجاز تيار ٿي آيو ۽ اسان سان گڏ هليو.

[b]يوسف چانڊيو
[/b]مون فيلڊ مارشل ايوب خان جون ڇپيل ڊائريون پڙهيون آهن. ڪتاب جو نالو آهي:
Diaris of Field Marshal Mohammad Ayoub Khan (1966-1972)
ان ڪتاب ۾ اڪثر ڪينجهر ڍنڍ تي رهڻ ۽ محمد يوسف چانڊيي وٽ شڪار ڪرڻ جو ذڪر آهي. محمد يوسف چانڊيو، محمد موسيٰ چانڊيي جو پيءُ ۽ اڪبر ۽ اقبال موسيٰ جو ڏاڏو هيو. وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هيو. جنهن ماڻهوءَ وٽ ايوب خان مهمان ٿيندو هجي، ان جي پنهنجي علائقي ۾ ڪيڏي نه حيثيت هوندي. ايوب خان جي وفات کان پوءِ نه اهو چانڊيو رهيو، نه سندس اهو اثر رسوخ رهيو. سندس پٽ محمد موسيٰ ڪجهه ڌاڪو ڄمايو، پر اهو به جلد راهي ملڪ عدم ٿي ويو. پويان خان محمد چانڊيو 1985ع جي اليڪشن ۾ ايم پي اي ٿيو. ٻي سياست خير محمد چانڊيي ڪئي، پر ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. هاڻي اڪبر موسيٰ ۽ اقبال موسيٰ جوان ٿي ويا آهن. الله کين پنهنجي امانَ ۾ رکي.
محمد يوسف چانڊيو، وڏي اثر رسوخ وارو رهيو آهي. ٺٽي ضلعي کي ترقي وٺائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلن جي چونڊ کان وٺي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو. 1950ع ۾ هن سجاول ۾ چانڊيه اسڪول ٺهرايو، جنهن جو هن علائقي جي تعليم ۽ سماجي اوسر ۾ وڏو هٿ آهي. دولهه درياهه خان پُل (ٺٽو- سجاول) ٺهرائڻ ۾ به سندس وڏو حصو هيو. چانڊيو صاحب ايوب خان جو گهاٽو يار هيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ سجاول- ٺٽي مان ڀُٽي صاحب جي سامهون ايم اين اي لاءِ مقابلي ۾ بيٺو. جتان هن هارايو. ڀٽي صاحب پاران اها سيٽ خالي ڪرڻ کان پوءِ مخدوم امين فهيم صاحب اتان ضمني چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊجي آيو. محمد يوسف 1977ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي چونڊجي آيو ۽ 1978ع ۾ انتقال ڪري ويو. سندس پٽ محمد موسيٰ چانڊئي ٿورڙي وقت ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو ۽ سڄي ضلعي جي سياست کي پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏيائين. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ سندس گروپ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. سجاول ۾ ايم اين اي جي سيٽ تي مامون خان ملڪاڻيءَ کي، نئين سياستدان احمد خان شڪست ڏني ۽ ساڳيءَ طرح ٺٽو – ميرپور ساڪرو واري ايم اين اي جي سيٽ تي سندس گروپ جي حاجي محمد عثمان جلباڻي، قادر ڏني شاهه کي هارايو. پر موسيٰ چانڊيو الله کي پيارو ٿي ويو. سندس وڏو پٽ اڪبر چانڊيو گونگو آهي، ننڍو پٽ اقبال موسيٰ چانڊيو جوان آهي. ان جو پنڌ اڃا پري آهي.
مان ٺٽي ضلعي (پراڻي) جي ڪن سياسي خاندانن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هونءَ ته ٺٽو آهي ئي تاريخ جو قبرستان، مڪليءَ جو قبرستان. ٺٽي جو ٺهڻ، ڊهڻ، جلڻ ۽ هزارين تعليمي ادارن جو وجود، ان ڳالهه جي شاهدي ٿو ڏئي ته هتي واقعي ئي ڪنهن وقت وڏو علمي ماحول هيو. علاوه ان جي نوري ڄام تماچي، ڀنڀور/ ديبل ۽ ٻيا ڪيترائي بندر پڻ هتي هئا ۽ ڊگهي ڪوسٽل لائين ۽ سندس خوشحال ۽ اهم دفاعي بيهڪ جي ڪري به ڌارين جي ان تي نظر رهي. سڄي قصي کي نه ٿا وٺون، پر حال ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ ٺٽي جي جن سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو ٺٽي سجاول سميت ضلعي تي اثر پيو، انهن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. اهڙي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسي سگهجن ٿا: تحفة الڪرام، چچ نامو، تاريخ تازه معارڪ، سمن جي سلطنت ۽ ٻيا پراڻا ماخذ، جن ۾ ٺٽي جي عروج وارن زمانن جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي.
1955ع ۾ پير علي محمد راشديءَ، بطور روينيو وزير مڪليءَ جي پهاڙين کي نئين ضلعي جي هيڊڪوارٽر طور چونڊي اسان تي احسان ڪيو آهي.

[b]ٺٽي جا اهم خاندان
[/b]

[b]ملڪاڻي[/b]
اسان جي ئي دور ۾ مامون خان ملڪاڻي جو وڏو ڌاڪو هيو. اليڪشن کٽيندو به هيو ۽ هارائيندو به هيو. پر سجاول/ شاهبندر سب ڊويزنن ۾ سندس وڏو اثر هيو. جت قوم جو سردار هيو. جن جو خاص طور ضلعي جي ڪوسٽل زون ۾ وڏو اثر هيو. جنهن ۾ جاتي، شاهبندر، کارو ڇاڻ، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري ۽ ميرپور ساڪرو تعلقا شامل آهن. بدين ضلعي جا به اهي علائقا، جتي جت قوم رهي ٿي، اتي به سندس اثر رسوخ آهي. سندس پٽ غلام قادر ملڪاڻي ۽ حاجي عثمان ملڪاڻي به وقتاً فوقتاً ميمبر ۽ وزير رهندا آيا آهن. مامون خان جا نوجوان ڀائٽيا: رسول بخش، محمد علي ۽ شوڪت به ڪافي سياسي اثر رسوخ پيدا ڪري ويا آهن. محمد علي ملڪاڻي ڪڏهن غلام قادر سان گڏ ته ڪڏهن سندس مخالفت ۾ به اليڪشن وڙهندو رهيو آهي ۽ هميشه ڪامياب ٿيو آهي. هن جو اتحاد شيرازين ۽ پ پ پ سان به رهيو آهي. اڄڪلهه پ پ پ سان آهي. ايم پي اي آهي ۽ مال مويشي جو وزير آهي. محمد علي ملڪاڻي موجوده سڀني ملڪاڻين ۾ ڏاهو سياستدان آهي.
هن وقت هو غلام قادر ملڪاڻيءَ سان آهي ۽ ٻئي پ پ پ ۾ آهن. 2013 اليڪشن آزاد اميدوار طور شيرازين جي حمايت سان لڙيو. پوءِ به اليڪشن کٽي ويو ته پ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ وزير ٿيو. حاجي محمد عثمان ملڪاڻي سجاول ضلعي جو پهريون ضلعي ڪائونسل (2016) جو چيئرمئن چونڊيو ويو آهي.

[b]رئيس جمال خان لغاري
[/b]جمال خان لغاريءَ جو خاندان به سياست ۾ پراڻو آهي. هميشھ مسلم ليگ جي سياست ڪيائين. پير صاحب پاڳاري جو مٿس هٿ رهيو. جمال خان به ساڻس نڀايو. ضياءُ الحق جي دور ۾ مشاورتي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهي خان مشاورتي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو ۽ 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ مظفر علي خان لغاري (شاهي خان) ايم پي اي ٿيو.
ريحانه لغاري به سندس ويجهي عزيزه آهي. محترمه ٺٽي ضلعي جي پهرين خاتون وڪيل آهي. پ پ پ جي برجستي ليڊر ۽ ايم پي اي آهي. مون کي خوشي ٿي، جڏهن خبر پئي ته محترمه ريحانه سجاول شهر ۾ لئبرريءَ لاءِ ايم پي اي فنڊ مان هڪ هال ٺهرائي ڏنو آهي.

[b]محمد عيسيٰ خواجه
[/b]محمد عيسيٰ خواجه ان گروپ مان هيو، جنهن آغا خان سان بغاوت ڪئي ۽ جهرڪ ڇڏي ميرپور بٺوري ۾ رهيو. اهي پاڻ کي اثنا عشري خواجه سڏائين ٿا. هن جو ايڏو ڪو وڏو راڄ ڀاڳ يا پٺ ڪونه هئي، پر پنهنجي فهم ۽ فراست سان ميرپور بٺوري جي وڏي عرصي تائين خدمت ڪيائين. اٿيل ويٺل هيو. ياري باشي گهڻي هئس. سياسي جاڳرتا وارو هيو. سٺي ڳالهائڻ ۽ تقرير جو فن ڄاڻندو هيو. ماڻهن کي موهي ڄاڻي. سندس سڪ عقيدت جي حد تائين مخدوم طالب الموليٰ سان هئي. حالانڪه سندس مسلڪ الڳ هيو. ڪنهن وقت پاڻ کي”عيسيٰ خواجه سروري مست“ به سڏائيندو هيو. چون ٿا ته جمال خان لغاريءَ کي شهر بٺوري ۾ اوطاق قائم ڪرڻ ۾ ايتريون سياسي سماجي رڪاوٽون وڌائين، جو هو هتي اوطاق ٺهرائي نه سگهيو. تان ته وڃي آخري عمر ۾ سندن ٺاهه ٿيو. عيسيٰ خواجه صاف سٿرو ۽ اجرو رهڻ وارو ماڻهو هيو. 1987ع ۾ وفات ڪيائين.

[b] سردار محمد عثمان سومرو
[/b]سردار محمد عثمان سومرو، ڪراچيءَ جي اسڪول لوڪلبورڊ جو چيئرمين ۽ 1937ع کان 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به هيو. سردار صاحب اصول وارو ماڻهو هيو ۽ ڪنهن کي به منهن تي سچ چئي ڏيڻ جي سگهه رکندو هيو.
سردار واحد بخش خان ڀٽي، لاڙڪاڻي واري جو پڳ مٽ يار هيو. هڪ ڪيس ۾ ٻئي گڏ چالان ٿيا هئا ۽ گڏ ڇُٽا به هئا. ڀُٽي صاحب پ پ پ ٺاهي ته ساڻس گڏ هيو. سندس فوتگيءَ کان پوءِ محمد خان سومرو سندن پٽ پ پ پ ۾ رهيو ۽ وزير ٿيو. محمد خان جي مرڻ کان پوءِ ان جو پٽ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو پ پ پ جو ايم پي اي ۽ ايم اين اي ٿيو ۽ وزير به ٿيو. سندس سياست پ پ پ سان آهي.

[b]سيد شير علي شاهه بخاري
[/b]سيد شير علي شاهه بخاري، ڄائو ته ٺٽي ۾، پر سندس مسڪن سجاول ۾ رهيو. سندس زندگي اتي گذري ۽ ضلع لوڪلبورڊ ٺٽي جو چيئرمين ٿيو. 1965ع ۾ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ ۾ ايم پي اي به چونڊيو ويو. 1979ع ۾ وفات ڪيائين، جنهن کان پوءِ سندس ڇڏيل سياسي ورثي کي سندس پٽ شوڪت شاهه عرف بابو شاهه خوب سنڀاليو.
بابو شاهه شروع کان ئي پ پ پ جي سياست ڪئي. 1988ع ۾ ايم پي اي ٿيو. 1990ع ۾ به پ پ پ جي ئي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيو، پر ڄام صادق عليءَ جو مٿس جادو به هليو ته جبر به. دل جي دوري ۾ جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. سندس ڀاءُ شفيق شاهه ڄام صاحب جي مدد سان ايم پي اي ٿيو ۽ ڄام گروپ ۾ هليو ويو. شفيق شاهه 1987ع ۾ سجاول ٽائون ڪميٽي جو چيئرمئن به ٿيو. هن وقت پ پ پ ۾ آهي. 2015ع جي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ بابو شاهه جو پٽ شير علي شاهه به ميونسپل ڪميٽيءَ مان ڪائونسلر چونڊجي ويو آهي ۽ چيئرمئنيءَ جو منتظر آهي. شفيق شاهه جي گهر واري فهميده شاهه به پ پ پ جي زناني ونگ جي ورڪر آهي.

[b]سائين قادر ڏنو شاهه شيرازي
[/b]سائين قادر ڏنو شاهه شيرازي، مقامي سياست ڪندو رهيو. ٺٽي جي شاهه مراد شاهه شيرازيءَ جو چشم چراغ هيو، سندس راڄن ۾ وڏي عزت ۽ مانُ هيو. جمال خان لغاري جو دوست هيو ۽ سائين جي ايم سيد سان ويجهي نيازمندي هئس. ضياءَ جي دور ۾ ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. سندس پٽ اعجاز شاهه شيرازي 1985، 1988، 1990، 1993 ۽ 1997ع ۽ سال 2013ع ۾ به ايم پي اي ٿيو.
اعجاز شاهه ائڊوائيزر ۽ وزير ٿيندو رهيو. سندس ٻيو پٽ سيد شفقت شاهه ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ۽ سينيٽ جو ميمبر به رهيو. سندن پُٽَ ۽ پوٽا ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿيا آهن. ٺٽي ضلع جي سياست کي پنهنجي هلت چلت سان ۽ زور زبردستي سان پنهنجي هٿ ۾ رکيو اٿائون. جنرل پرويز مشرف واري دور ۾ ته وڏي دٻدٻي سان ضلعي کي هلايائون. سندن حڪم کان سواءِ پن به نه چُرندو هيو. منهنجي هنن ٻنهي ڀائرن اعجاز شاهه ۽ شفقت شاهه سان دعا سلام رهي آهي. ايس ڊي ايم سجاول جي زماني (88-1986ع) ۾ ساڻن ڪڏهن ڪڏهن کِٽ پِٽ به ٿيندي هئي. 2013ع جي اليڪشن ۾ پ پ پ پاران کين ۽ سندن ساٿين کي اسيمبلين جون ٽڪيتون مليون. پ پ پ پنهنجو ڪو به ڪورنگ اميدوار نه بيهاريو. عين وقت تي شيرازي برادران پنهنجو پاسو مٽايو. جڏهن فارم ڀرجڻ جي تاريخ ختم ٿي وئي ته پ پ پ جون ٽڪيٽون واپس ڪري آزاد اميدوار ٿي بيٺا، جنهن ۾ پ پ پ جون ڇهه به ويون ته ٻه به ويون. سجاول طرف ٺٽي جون ٽئي سيٽون شيرازين کٽيون. ايم اين اي (ٺٽو)، ايم پي اي (ٺٽو) ۽ ايم پي اي (ميرپور ساڪرو) سيٽون به شيرازي کٽي ويا. صرف سڄي ضلعي مان هڪ سيٽ ايم پي اي جي سيد مظفر حسين (ٽپيءَ) کٽي. سسئي پليجو کي به شڪست آئي.

[b]سائين نور محمد پليجو
[/b]ارباب نور محمد پليجو صاحب ڳوٺ ٻني جو وڏو زميندار هيو. شروع کان ئي ترقي پسند سياست جو حصو رهيو. ڪانگريس ۽ هاري تحريڪ سان رهيو. سائين جي ايم سيد جو پيارو دوست هيو. ضلع ڪائونسل ڪراچي ۽ ٺٽي جو برجستو ميمبر رهيو. سندس پٽ عبدالحئي پليجو سياست ۾ گهڻو ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. هو بنيادي طرح ڪلچر، ادب ۽ سياحت جو ماڻهو آهي. ڪيترائي سفرناما لکيا اٿائين. سندس پٽ نور محمد پليجو به آڪسفرڊ جو پڙهيل آهي. UK جي نيشنلٽي مليل اٿس. نوڪري به اتي ئي ڪري رهيو آهي.

[b]لائبرريون
[/b]
[b]عبدالعزيز مينڌرو ۽ سجاول لائبرري
[/b]سجاول ۾ هڪ ڪمري جي ننڍڙي لئبرري هوندي هئي. هڪ دڪان ۾ اها لائبرري ٺاهي وئي هئي. جنهن به هي نيڪ ڪم شروع ڪيو. سٺو ڪم ڪيو.
اتي 1977ع ۾ هڪ پٽيوالو مقرر ٿيو. نالو هئس عبدالعزيزمينڌرو. نان مئٽرڪ هيو. بس دل جي سوجهري تي پيو هلندو هيو. عزيز مينڌري کي ڪتابن سان عشق هيو. جيستائين ڪتابن جي خوشبوءِ نه اچيس، تيستائين سندس آرام حرام. پاڻ لک پڙهه ڪري نه ڄاڻندو هيو، پر ان جي باوجود دنيا جي وڏن ادارن جون ائڊريسون هٿ ڪري، لکيل پڙهيل ماڻهن کان اوڏانهن خط پٽ موڪلي، ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون گهرائي وٺندو هيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب هر مهيني اڃا تائين ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهريان به هن لئبرريءَ ۾ ايندا رهندا آهن.
مون کي خوشي ٿي جڏهن خبر پئي ته خاتون ايم پي اي ريحانه لغاري، جيڪا وڪيل به آهي، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري ٿي، ان مذڪوره لئبرريءَ لاءِ ايم پي اي فنڊ مان هڪ هال ٺهرائي ڏنو آهي. جنهن ڪري پڙهندڙن جو تعداد ۽ سهوليتون وڌي ويون آهن.
هن وقت ان لئبرريءَ ۾ 50000 کان وڌيڪ رسالا ۽ ڪتاب موجود آهن. عبدالعزيز مينڌرو هاڻي پٽيواليءَ تان به رٽائرڊ ٿي ويو آهي. پر بنا پگهار جي اتي اڃا تائين ڪم ڪري پيو ۽ ڪو ٻيو ماڻهو سندس مدد لاءِ اتي موجود ڪونهي.
اهڙا ڪردار هميشھ زندهه رهندا آهن ۽ پنهنجي بي لوث خدمت جي ڪري ملڪ ۽ قوم جي فردن کي به جيئاري ويندا آهن.
عبدالعزيز مينڌرو ويجهڙائيءَ ۾ سال 2017ع ۾ گذاري ويو آهي.

[b]رشيد ڀٽي، فقير محمد لاشاري ۽ سليم چنا
[/b]هڪ شام جو منهنجي پياري دوست عبدالغني چنا (سينيئر سليم چنا)، جيڪو انڪم ٽئڪس جو ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ افسانا پڻ لکندو آهي، سندس هڪ ڪتاب ‘لاس اينجلس جي هڪ شام’ شايع ٿي چڪو آهي. رشيد ڀٽي ۽ فقير محمد لاشاريءَ سان اوچتو اچي پهتو. ڏاڍي خوشي ٿي، پر اوچتو اچڻ تي حيراني ۽ حيرانيءَ کان وڌيڪ پريشاني ٿي. ٻڌايائون ته، “سمنڊ ۽ سنڌوءَ جو سنگم ڏسڻ آيا آهيون. ٻڌو آهي ته هتي قدرت واري جي عجيب قدرت نظر ايندي آهي.” پوءِ چيائون اسان جي ‘خدمت ڪر’ ۽ ‘ڪمپني ڏي.’ سندن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري ورتم. مان ڪمپنيءَ کان معذرت ڪئي، پر ساڻن گڏ ويٺو رهيس. کين تاڪيد ڪيم ته سوير سمهجو ته جيئن سوير هلي سگهجي، ڇو ته پنڌ پري آهي. ٻيڙين جو به سفر آهي.
اهو مند بهار وارو ڏينهن هيو. مان، رشيد ڀٽي، فقير محمد لاشاري ۽ عبدالغني چنا صبح جو سوير سجاول مان نڪتا هئاسون. اهو ماڳ ڏسڻ لاءِ مشهور هيو، جتي سنڌو درياهه هيڏو سارو پنڌ ڪندي هماليه کان هلندي، ملڪ لتاڙي، اچي عربي سمنڊ جي عشق ۾ هت پهچي کيس پاڻ ارپي ٿو.

[b]سنڌوءَ ۽ سمندر جو سنگم ۽ فقير محمد لاشاري کاري ڇاڻ جيل ۾
[/b]سنڌوءَ ۽ سمنڊ جي اهڙي دلفريب سنگم کي ڏسڻ لاءِ اسان جنگيسر، تعلقي ڪيٽي بندر پهتاسون. هوڙا ڪاهي، اسان سڀ ساٿي ان منزل ڏانهن ڪاهي پيا هئاسين. ٻيڙين ۾ موٽر لڳل هئا، رفتار سٺي هئي. سونهن جو اهو نظارو ڏسڻ جي لاءِ ستت ئي ان جاءِ تي پهتاسون، جتي ٻئي وهڪرا پاڻ ۾ ملي رهيا هئا. درياهه جو پاڻي گدلو، ميٽُوڙو ۽ سمنڊ جو پاڻي نيرو هيو. اسان انهن ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ ٻيڙيون بيهاريون. هڪ ئي هنڌ ٻه پاڻي، هڪڙو کارو ۽ ٻيو مٺو. قدرت جو پنهنجو نظام ۽ پنهنجو سسٽم آهي. ڪجهه وقت اتي گذاري اسان ٻيڙيون ڪاهي کاري ڇاڻ طرف روانا ٿيا هئاسون. کارو ڇاڻ سجاول سب ڊويزن ۾ آهي. درياهه ۽ سمنڊ جي ڇاڙن (وهڪرن، شاخن) کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر تعلقن کي حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. کاري ڇاڻ جو ڪجهه حصو ٺٽي طرف آهي ته ڪجهه حصو سجاول طرف. اسان کارو ڇاڻ ڳوٺ ۾ پهتاسون. مختيارڪار جو سرڪاري هيڊڪوارٽر اتي آهي، پر مختيارڪار ٻگهاڻ ۾ ويهي ٿو. مهمانن جي ويهارڻ لاءِ نوان ڇنا ٺاهيا ويا هئا. هونئن به سڄو ڳوٺ جهوپڙين تي مشتمل هيو. مهاڻن جو ڳوٺ هيو. ٻني ٻارو ويجهو ڪونه هيو. ماڻهو پيئڻ جو پاڻي به، درياهه مان ٻيڙين تي ڀري ايندا آهن. جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سياري ۾ ڌيمون هوندو آهي ته پوءِ اڃا به اڳتي جنگيسر يا ٻگهاڻ مان پاڻي آڻيندا آهن. سنگت ساري ڳوٺ جو جائزو ورتو. جيڪو سڄو جهوپڙين تي ٻڌل هيو، پر ڳوٺ ۾ هڪ ئي پڪي بلڊنگ هئي، جيڪا ‘جيل’ جي هئي. ائين ٿي لڳو ته ڄڻ شايد ڪنهن نيپولين لاءِ سينٽ هيلينا جي ٻيٽ يا ڪنهن نيلسن منڊيلا کي قيد رکڻ لاءِ روبن ٻيٽ جو جيل ٺاهيو ويو هيو. پر اڃا تائين هتي نه ڪو نيپولين آيو ۽ نه ئي ڪو نيلسن منڊيلا. جيل اداس هيو. ڪو به قيدي ڪونه هيو. نه ڪو سپاهي، نه سنتري. سارو جيل غيرآباد. مون دل ۾ دعا گهري، شل سڄي سنڌ جا جيل کارو ڇاڻ جي هن جيل وانگر غيرآباد هجن. اهڙن موقعن تي فقير محمد لاشاريءَ جي ظرافت اڀرندي ڏٺم. چيائين ”مان جيل ۾ ٿو وڃان، مون کي ٻاهران تالو هڻي توهان هليا وڃو.“ هو جيل ۾ گهڙي ويو. اسان کيس ٻڌايو ته تالو ته ڪونهي، تو کي ڪڙو ٿا ڏيون، پر تون نڪري ڀڄي نه وڃجان. سمجهه ته اهو Open جيل آهي. ان وقت مون کي علي احمد بروهي صاحب ياد آيو. ڳالهه ڪندو هيو ته “جڏهن سندس نوڪري بهاولپور ۾ هئي، ته ان دور ۾ ملڪ ۾ راندين جو گهڻو زور هيو. ايستائين جو جيل ۾ قيدين کي به صحتمند رکڻ لاءِ رانديون ڪرايون وينديون هيون. سو هڪ ڀيري اولهه پاڪستان جو گورنر صاحب، اتي چيف گيسٽ ٿي آيو. ٽي قيدي ڊگهي ڊوڙ ۾ وٺي جو ڀڳا، ته اڃا تائين ڀڳل آهن.”
ان وچ ۾ ماني اچي وئي، فقير محمد چيو ته قيديءَ کي راشن جيل ۾ پهچايو. مان آرڊر ڪيو ته قيدي کي آزاد ڪيو ٿو وڃي. پوءِ لاشاري صاحب کي جيل مان ڪڍي مانيءَ تي ويهاريو ويو.
ميزبانن ماني دل سان ٺهرائي هئي. جيڪا کائي، سير سپاٽا ڪري وري درياهه ۽ سمنڊ جو سنگم ڏسي، ڪيئي خوبصورت يادون کڻي، واپس گهاري پهتاسين. جتان مهمان ڪراچيءَ هليا ويا ۽ مان سجاول روانو ٿي ويس.

[b]منهنجي سجاول مان بدلي
[/b]اپريل جي هڪ صبح جو اخبار ۾ پڙهيم ته بخشل خان عباسيءَ کي AC/SDM سجاول مقرر ڪيو ويو آهي ۽ مون کي بدلي ڪري موبائيل مئجسٽريٽ هاءِ ويز حيدرآباد طور رکيو ويو آهي. منهنجا ته طاق ئي لڳي ويا. نه جن نه ڪن، اوچتو ٺڪاءُ ٿي ويو.
ملان جي ڊوڙ مسيت تائين. اخبار ۾ اها خبر پڙهڻ سان مون ابڙي صاحب کي فون ڪيو. جنهن ٻڌايو ته هن کي خبر آهي. ڪمشنر شيخ صاحب کيس ڪلهه ٻڌايو هيو ته “منگيءَ جي بدلي ٿو ڪريان. تو اڳ ۾ به سندس بدلي روڪرائي هئي. هاڻي هر هر تنهنجي چوڻ تي بدلي نه روڪيندس.” منهنجون ته ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. جنهن تي آسرو ڪيو ويٺو هوس، اهو ئي صاحب پير کسڪائي ويو.
بدليءَ جو افسوس نه هيو، پر مئجسٽريٽ جي پوسٽنگ جونيئر پوسٽنگ سمجهي ويندي آهي. ميٽنگ ۾ به مئجسٽريٽ SDM کان پوءِ ويهندو آهي. ڪيترائي منهنجا زيردست مختيارڪار هئا ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ SDM هئا. مون کي اها پوزيشن قبول نه هئي. ان کان علاوه مئجسٽريٽ کي سرڪاري گهر ڪونه ملندو آهي. جتي هو منجي وجهي وڃي ويهي.

[b]ڏکيو وقت
[/b]اپريل 1988ع کان آڪٽوبر 1988ع تائين منهنجي نوڪري جو ڏکئي ۾ ڏکيو وقت هئو. سجاول مان بدليءَ وقت ڪوشش ڪيم ته شيخ صاحب ڪمشنر ڪٿي ڪا سولي جڳهه ڏئي، پر هن کي الائي ڇو خدائي وير پيو هيو مون سان. صفا “مين نه مانو” ٿي پيو هيو. مون ته کيس چيو هيو ته پاڻ وٽ ڪمشنر آفيس ۾ رکي، پر ڪا ڳالهه قبول نه هئس. آخر چيائين ته مون کي پرائيم منسٽر به چوندو ته تنهنجي بدلي ٻئي هنڌ نه ڪندس. پرائيم منسٽر جوڻيجو کيس گهڻو پسند ڪندو هيو ۽ ڄڻ سندس دوست هجي. سندس جواب ٻڌي منهنجي دل ٽٽي پئي هئي. نڙي ڳوري ٿي پئي هئي. ڏڪندڙ آواز ۾ چيو “سائين پرائيم منسٽر منهنجو مائٽ ته ڪونهي، توهان سان چار سال نوڪري ڪئي آهي. پنهنجو چين سڪون سجاول ۾ ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ڦٽائي ڇڏيو هيو. توهان ئي قدر نٿا ڪيو ته ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي پئي آهي، جو منهنجي مدد ڪندو.” مون به دل ۾ پڪو پهه ڪيو هيو ته ڪجهه به ٿي پئي، پر آءٌ هاڻي حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪم نه ڪندس. سائين عبدالله ميمڻ کي قصو ٻڌايم. کيس چيم ته هاڻي مان حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪم نه ڪندس.
سائيڊ پوسٽنگ KMC ۾ مئجسٽريٽ جي ورتي. اتي ميئر ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. ملاقات ٿي. ساڻس منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. چيائين “تون ڪيئن پوسٽ ٿيو آهين؟ مون کي ته خبر ئي ڪونهي!!!”
هت به دال نه ڳري. هٿ جي وڍي هئي، پنهنجن ڪهڙا گل وڌا هئا، جو هنن کان چڱائيءَ جي توقع ڪجي ها.

[b]گهاري ۾ شرنارٿي
[/b]هاڻي مسئلو هيو ته منجي ڪٿي وجهجي. منهنجا بنگلا ڪراچي ۾ ته ڪونه پيا هئا. نيٺ رشيد عباسيءَ جي مهربانيءَ سان گهاري فلٽر پلانٽ تي هڪ گهر خالي ٿي مليو. جتي سجاول مان سامان کڻي شرنارٿي رهيس. صبح جو ڪراچي ويندو هوس. شام جو دير سان موٽندو هوس. گهاري ۾ Rock House ۾ محمد صديق ميمڻ رهندو هيو، جيڪو هن وقت (2016 جي آڪٽوبر ۾) سنڌ جو چيف سيڪريٽري آهي. اصل ٽنڊي الهيار جو آهي. پيٽارين آهي. ڊاڪٽري ڪيائين. سٺي پوزيشن ۾ CSS ڪيائين. DMG گروپ ۾ آيو. ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي. ڄاتل سڃاتل، ديانتدار (Honest) آفيسر آهي. پيءُ جو هڪ ئي پٽ آهي. ٽنڊي الهيار جي هزارين ايڪڙ آباد زمين سندس والد صاحب ڇڏي ويو آهي. جن تي انبن جا باغ آهن. انهن مان ڪروڙن رپين جي آمدني اٿس. جيڪا گذرسفر لاءِ گنج اٿس.”بکيو“ پاڻ به ڪونهي.
سٺو ماڻهو آهي. سٺن ۽ غريب ماڻهن جو قدر ڪندو آهي. ڏيندو آهي، ڪنهن کي ڏکوئيندو ناهي. ڌيمي طبيعت جو، ملڻو جلڻو. ڪوشش ڪندو ته عرضدارن جا عرض اگهائي. الله کيس هر طرح نوازيو آهي، اهو ئي ماڻهن کي موٽائي ڏئي ٿو. کيس هڪڙو پٽ آهي. ماشاءِ الله پيارو ۽ سلڇڻو جوان آهي، جنهن کي لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس (LSE) مان تعليم ڏياري اٿائين.
صديق صاحب سان پراڻي ماڳ راڪ هائوس تي ڪچهريون پيون ٿينديون هيون. عبدالرشيد عباسي ۽ نور محمد چوهاڻ سان به ملاقاتون ٿينديون هيون. منهنجو سؤٽ، محمد پريل ڌاٻيجي ۾ رهندو هيو. اهو به پيو ڀيرو ڀڃندو هيو. زندگيءَ سان سرچاءُ ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. اميدون ۽ توقعات ڪنهن مان گهڻيون نه رکجن ته چڱو. جذباتي نه ٿجي ۽ جذباتي فيصلا به نه ڪجن. هر حال ۾ رب سائين جو شڪر ادا ڪجي. هو جيڪو ڪري ٿو، اهو چڱو ئي ڪندو آهي. هر مشڪل وقت ۾ موقعو ڳولجي. ان جو انتطار ڪجي. ڏينهن رات هڪ جهڙا نه ٿيندا آهن. ڪڏهن جا ڏينهن وڏا ته ڪڏهن جون راتيون وڏيون. الله پاڪ جيڪو ڏئي ٿو اهو به آزمائڻ لاءِ، ۽ جيڪو واپس ٿو وٺي، اهو به آزمائڻ لاءِ.
پنجابيءَ ۾ چوندا آهن: “نوڪر، تي نخرا ڪي!” اهو نوڪر سرڪار جو هجي يا ڪنهن سيٺ جو. فرق ڪجهه روين جو هوندو آهي. سرڪاري وڏا آفيسر توڙي ننڍا آفيسر به ڪڏهن وڏيرن وانگر ته ڪڏهن سيٺين وانگر رويو رکندا آهن.
مون کي بطور مهاجر جي گهاري واري گهر ۾ ٽي مهينا گذري ويا. پوءِ وڃي سرڪاري فليٽ ‘همايون هائوس’ ۾ مليو. اتي پهتاسون ته اسان جي فيمليءَ جي ڪريم بخش سروهيءَ جي فيمليءَ سان ملاقات ٿي وئي. سروهي صاحب دلبر ماڻهو آهي. هاڻي ته مان وانگر رٽائرڊ ٿيو آهي، پر ساڻس اسان جا فيملي واسطا اڃا قائم آهن.
‘همايون هائوس’ ۾ ٻارن سان هاڪي کيڏندي، منهنجي پٽ انيس کي اک جي مٿان ڀرونءَ ۾ هاڪي لڳي هئي. انيس اڃا 12 سالن جو به نه هيو. ڀرون ڦاٽي پيس. سڄو رتو رت ٿي ويو. همدرد هاسپيٽل ڪامپيلس ۾ کڻي آياسونس. جتي کيس نَوَ ٽاڪا لڳا. همت وارو ٻار هيو ۽ هاڻي همت وارو مڙس آهي. مون کي ڀؤ پئي ٿيو ته اکين جي نظر نه متاثر ٿي هجيس، پر رب پاڪ فضل ڪيو. انيس کي به ڪراچيءَ ۾ تاريخي NJV اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني هئي، جتي هو ڪجهه مهينا پڙهيو.

[b]سنڌ جي حڪومت ۽ انتظاميه ۾ تبديليون
[/b]ان وچ ۾ سنڌ ۽ وفاق جي حڪومت ۽ سياست ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون. پر ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته 1988ع جي آخر تائين تبديليءَ اندر تبديليون ٿينديون رهيون. جن لاءِ ملڪ جي ماڻهن يارهن سالن کان دعائون پئي گهريون.
شروعات سنڌ سان ٿي. اپريل 1988ع ۾ سائين غوث علي شاهه استعيفيٰ ڏني، يا کانئس استعيفيٰ ڏياري وئي. قاضي اختر جنهن بابت اهو تاثر ٺهي ويو هيو ته هن تعليم کاتي کي سڌو ڪيو آهي ۽ ڏاڍو ديانتدار ماڻهو آهي، ان کي وزيراعليٰ سنڌ ڪيو ويو.

[b]اوجهڙي ڪئمپ
[/b]اوجهڙي ڪئمپ راولپنڊيءَ ۾ جتي ملٽريءَ جي بارود جو ذخيرو هيو، اتي باهه لڳي ۽ ميزائيل ڦاٽا. چون ٿا ته هزار کن ماڻهو ان ۾ اجل جو شڪار ٿيا هئا. مريءَ جو ويٺل هڪ وفاقي وزير ان ميزائيل جو کاڄ ٿي ويو. انڌيون ميزائيلون اهو ٿورئي ڏسي رهيون هيون ته خاقان عباسي وفاقي وزير آهي، تنهن ڪري کانئس ٽارو ڪجي. سندس پٽ شاهد خاقان عباسي هينئر وزيراعظم آهي.
وزيراعظم جوڻيجي ان تي انڪوائري ويهاري. انهن فيصلو ڪيو ته ذميدارن کي سزا ڏجي. ذميدار ٻيا ڪير؟ ضياءُ الحق جا پنهنجا هئا. هونءَ به جوڻيجو صاحب، جنهن لاءِ شروع ۾ اهو تاثر هيو ته ڌيمون ماڻهو آهي. جنرل کي کانئس ڪو خطرو ڪونهي. تنهن اچي پنهنجو پاڻ کي مضبوط جمهوري اڳواڻ ثابت ڪرڻ شروع ڪيو. چوڻ لڳو: ”جمہوريت اور مارشل لا ساتھ نہیں چلتی“. جنرلن ۽ ڪامورن کي سوزوڪي ڪار ۾ ويهاري ڇڏيائين، ۽ سندس اها پاليسي مسلسل هجي ها ته ملڪ ۽ قوم جو رنگ ئي اَور هجي ها.

[b]جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم
[/b]جنرل صاحب جي افغان پاليسيءَ تي جوڻيجي صاحب ڦيرو کاڌو ۽ جنيوا ڪنوينشن تي صحيح ڪري آيو. مقامي سطح تي بينظير ڀٽو ان جي پهرين گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿي ۽ سرڪاري ٽي ويءَ تي سندس جهلڪ ماڻهن ڏٺي. هوءَ جوڻيجي صاحب سان گڏ ويٺي هئي. ضياءَ صاحب اهڙين ڪيترين ڳالهين ڪري لاڏ ڪوڏ سان آندل پنهنجي هن پياري وزيراعظم محمد خان جوڻيجي کي 29 مئي 1988ع تي واپس سنڌڙي موڪلي ڇڏيو ۽ 8 ترميم موجب B-58 وارن اختيارن تحت اسيمبلي ئي ٽوڙي ڇڏي.
صوبائي سرڪارون به گهرن ڀيڙيون ٿيون. وفاق ۾ ٻي عبوري حڪومت قائم ٿي. وزيراعظم ڪو به ڪونه هيو.

[b]جنرل رحيم سنڌ جو گورنر
[/b]سنڌ ۾ به مهينو اڳ ۾ آيل قاضي اختر، سندس Cabinet ۽ سنڌ اسيمبليءَ کي به ٽوڙيو ويو. گورنر اشرف ڊبليو. تاباني صاحب کي هٽائي بلوچستان جي گورنر ۽ قلم قبيلي جي چيئرپرسن Graceful خاتون خانم ثاقبه رحيم الدين جي مڙس ليفٽيننٽ جنرل رحيم الدين خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ان جي سنڌ جي گورنر ٿيڻ سان لڳو ته سنڌ ۾ هڪ دفعو مارشل لا ٻيهر لڳي آهي ۽ اُها به سخت مارشل لا.
حيدرآباد جو اڳيون ميئر وصي مظهر ندوي، جيڪو جماعت اسلاميءَ جو پڪو ڪارڪن هيو، اهو حيدرآباد جو هڪ وفد وٺي صدر صاحب وٽ شهر جا مسئلا پيش ڪرڻ ويو هيو ته ان تي صدر ضياءَ صاحب ايترو ته مهربان ۽ اڪن ڇڪن ٿي پيو، جو کيس پراڻي شيروانيءَ ۾ ئي قسم کڻائي وفاقي وزير بڻائي حيدرآباد موڪليو.
هڪ طرف مهاجر ۽ مهاجرپرست اهلڪارن ۽ سياستدانن تي نوازشن جي بارش ڪئي وئي ته ٻئي طرف عوام جي چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ سنڌي چيف منسٽر قاضي اختر ۽ غوث علي شاهه کي نيڪالي ڏني وئي. نه صرف سياستدانن کي شٽ اپ ڪيو ويو، پر سٺي رتبي، اهليت ۽ عزت نفس وارن ڪامورن، عبدالله ميمڻ ۽ علي محمد شيخ ۽ ٻين کي سنڌ بدر ڪري، اسلام آباد روانو ڪيو ويو ۽ کين 24 ڪلاڪن جو ٽائيم ڏنو ته سنڌ ڇڏي اتي پهچن. عبدالله ميمڻ صاحب هڪ دفعي الطاف حسين جي بيان تي کيس مخاطب ٿيندي، سڌو جواب ڏنو هيو. جيڪو پريس ۾ به ڇپيو هو. عبدالله ميمڻ صاحب نه فقط شاندار ڪامورو هيو. پر اسان جهڙن سيکڙاٽن جو استاد ۽ آدرشي ڪامورو پڻ هوندو هيو.
ايم آر ڊي ۾ هيترا ماڻهو مارائي ۽ سٽائي سندن پيٽ ڪونه ڀريو هيو. ڀٽي صاحب جي شهادت وقت منهنجي هڪ دوست فضل احمد ٻيلائيءَ (ڊي. ايف. او) مون کي چيو هيو ته خدا کان دعا آهي ته اسان کي تيستائين نه ماري جيستائين ڀٽي جي قاتلن جو انجام نه ڏيکاري. ڀُٽي جو وڏو قاتل 17 آگسٽ 1988ع تي C-130 ڦاٽڻ تي دُف ٿي ويو.
عبدالله ميمڻ صاحب اسلام آباد ۾ پهچي پنهنجي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني. ان وقت تائين سندس 25 سال نوڪري به پوري ڪونه ٿي هئي. هن جيڪا اوائلي زندگيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪري ڪئي هئي، اُها به شامل ڪرائي ۽ وقت کان اڳ ۾ پاڻ کي آزاد ڪرائي ڇڏيو. ان ڪري جو هن جي آسپاس سڀ لوهار هئا، ۽ هيرن جو قدر ڪنهن جوهريءَ وٽ ئي هوندو آهي.
جنرل رحيم الدين اچي اٿل پٿل شروع ڪئي. سندس ارادا ظاهر ٿي رهيا هئا. ان وچ ۾ ڪمشنر حيدرآباد سالڪ نذير صاحب آيو، جنهن منهنجي لاءِ ڪوشش ڪئي ته مان سجاول واپس ٿيان. خبر پئي ته، گورنر صاحب حڪم ڪيو آهي ته KMC مان ڪوبه آفيسر بدلي نه ڪيو، جيستائين ميئر صاحب NOC نه ڏئي. سو 17 هين گريڊ جي آفيسر جي بدلي ميئر صاحب ۽ گورنر صاحب جي اجازت کان سواءِ ڪونه ٿيندي. هي قدرت جا ڪرشما هئا. ٺاهڻ وارو به اهو آهي ته ڊاهڻ وارو به اهو آهي.

[b]جنرل ضيا جو موت
[/b]17 آگسٽ 1988ع تي سڄي صورتحال سنڌ ۽ پاڪستان جي بدلجي وئي. اياز شايد اهڙن موقعن لاءِ چيو آهي:
ڪيسين رهندي نيٺ ته ڊهندي،
دوکي جي ديوار، او يار...
نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا،
ڪنبندي نيٺ ڪٽار، او يار...
جنرل رحيم الدين، صدر ۽ جنرل ضياءُ الحق جي ڪفن دفن لاءِ جيئن اسلام آباد ويو ته وري نه موٽيو.

[b]قاضي اختر نگران وزير اعليٰ ٿيو
[/b]قاضي اختر Caretaker وزيراعليٰ سنڌ ٿيو. قاضي صاحب جو اچڻ منهنجي لاءِ هڪ کان وڌيڪ سببن جي ڪري لاڀائتو ۽ نيڪ فال ثابت ٿيو. پاڻ لاڙڪاڻي لاءِ ڊويزن جو درجو بحال ڪيائين، جيڪو ڀٽي صاحب 1977ع ۾ ڏنو هيو.
قاضي صاحب، رند صاحب کي ڊويزنل ڪمشنر مقرر ڪيو، جنهن مهرباني ڪري منهنجي بطور AC (G) تقرري ڪرائي ۽ اهم ترين ڳالهه ته ساڍا 13 سالن تائين منهنجو پروموشن ئي نه ٿيو هيو.
قاضي اختر صاحب کي الله سائين جنت ۾ جايون ڏئي. هن نومبر 1988ع ۾ اسان جو پروموشن ڪيو. اسان جا ڪيترائي ساٿي ته 18 هين گريڊ ۾ ئي رٽائر ٿي ويا. اڪثريت 19 هين گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيا. مون کي به جڏهن نوڪريءَ ۾ اچي 4 سال بچيا هئا ته پوءِ 20هين گريڊ ۾ پروموشن مليو.

[b]حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪوس- زال ۽ ڌيئرن کي هٿيار هلائڻ سيکاريا
[/b]30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 1988ع تي سوين سنڌي ۽ مهاجر مئا. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ محشر برپا ٿي ويو. نتيجي ۾ اسان سنڌي جيڪي ڪراچيءَ ۾ هئاسين، تن جو ساهه مُٺ ۾ هيو. مون به پنهنجي دفاع لاءِ هٿيارن کي ڇنڊي ڦوڪي لوڊ ڪري رکي ڇڏيو. پنهنجي زال ۽ ڌيئرن کي به سيکاريو ته هٿيار ڪيئن هلائجي، جيڪڏهن ڪو حملو ڪري مارڻ آيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ته اسين به ڪيرايون، پوءِ کٽي قسمت.