آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

14. 20 جولاءِ 2002ع کان ڊسمبر 2003ع

[b]چيف سيڪريٽري – ڪي بي رند
[/b]مشرف سرڪار ڪورٽ جي فيصلي پٽاندر اهو طي ڪيو ته آڪٽوبر 2002ع تائين چونڊون ڪرائيندو. سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري بدلائي، ڪي بي رند صاحب کي مقرر ڪيو ويو. جون 1994ع کان پوءِ سندس سنڌ ۾ واپسي بطور چيف سيڪريٽري ٿي، هڪ پنهنجو ئي مهربان، چيف سيڪريٽري ٿي آيو، خوشيءَ جي ڳالهه هئي.
مان به حيدرآباد کان ڪراچي کيس مبارڪ ڏيڻ پهتس، هو پاڻ سنڌ جي ٻچي ٻچي کان ۽ ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف هو. ملاقات ۽ دعا سلام ٿي، سڄي آفيس ملڻ وارن سان ڀري پئي هئي. ملاقاتين کي فارغ ڪري چيف سيڪريٽري هائوس تي وٺي آيو. لنچ ڪئي سون، حال احوال ٿيو. پڇيائين ته “پوسٽنگ ڪٿي وٺندين؟” مون چيو “پهريون پروموشن ڪريو، پوءِ جتي مناسب سمجهو. پوسٽنگ ڪريو!”
اليڪشن جي به تياري شروع ٿي وئي هئي، ”سرڪار“ سنڌ ۾ ”سنڌ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس“ ٺاهيو، جنهن جا ارباب غلام رحيم، غلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ امتياز احمد شيخ مهندار هئا ۽ ٽئي گڏجي فيصلا ڪندا هئا. ارباب صاحب مون کي چيو ته مان ميرپورخاص جي ڊي سي او لاءِ تياري ڪريان.
ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي ڪي بي رند صاحب فون ڪري چيو ته تنهنجي پوسٽنگ ڊي سي او نوابشاهه طور ڪئي پئي وڃي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ آرڊر نڪرندو. مان پريشان ٿي ويس، نوابشاهه زرداريءَ صاحب جو ضلعو هو. پي پي پي هاڻي اپوزيشن ۾ هئي. ڏکي صورتحال هئي. نواب شاهه منهنجي لاءِ بلڪل نئون هو. ٻيو ته اهو چيف سيڪريٽريءَ جو ضلعو به هو. پاڻ سخت مانيٽرنگ ڪندو آهي، پر هتي ته منهنجي لاءِ وڌيڪ سختي هوندي. ٻيون پارٽيون پي پي پي جي مخالف هيون ۽ مشرف سرڪار سان ياريءَ ۾ هيون، فريال صاحبه ناظم هئي، اها به ڏکي ائڊمنسٽريٽر هئي. مون ڪي بي صاحب کي چيو ته “نواب شاهه منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.”
بي پرواهيءَ سان چيائين ته “ڏکيو ته ٿيندو، پر تون هلائي ويندين!”

[b]ڊي سي او نوابشاهه
[/b]20 جولاءِ تي مون خالد محمود سومري کان ڊي سي او جي چارج ورتي، جيڪو اتي ٽي مهينا مس رهيو هو. خالد محمود سومرو صاحب نيڪ نمازي ۽ بي انتها ديانتدار آفيسر هو. هر ڪم ميرٽ تي ڪرڻ وارو، محترمه ان مان به گهڻو خوش ڪونه هئي. 20 جولاءِ 2002ع تي ئي چيف سيڪريٽريءَ وٽ ڊي سي اوز جي ميٽنگ هئي. مان ان تاريخ تي ڪراچيءَ ميٽنگ تي چيف سيڪريٽريءَ وٽ پهتس. پير ضيا ۽ اعجاز منگي جن کي ترتيبوار سکر ۽ خيرپور ضلعا مليا هئا، اهي به آيا.

[b]محترمه فريال ٽالپر سان پهرين ملاقات!
[/b]ميٽنگ کان پوءِ مون محترمه فريال ٽالپر جو پتو رکيو ته خبر پئي ته ڪراچيءَ ۾ زرداري هائوس ۾ رهيل آهي، مون کيس فون ڪئي، پنهنجو تعارف ڪرايو، ۽ ساڻس ملڻ جي خواهش ڏيکاري، چيائين ته ”ڀلي اچو.“
مون پنهنجو پاڻ سان طي ڪيو هو ته مون کي نوابشاهه ۾ نوڪري ڪيئن ڪرڻي آهي. هڪ ڏينهن يا هڪ سال، سڀني سان عزت ۽ احترام سان هلڻو آهي، ڪم پروفيشنلي ڪرڻو آهي. صحيح ڪم ڪبو، غلط ۽ نامناسب ڪم ڪنهن جو نه ڪبو، ڀلي چيف سيڪريٽريءَ جا ڀائر هجن يا ايس ڊي اي جا سربراهه. ناظم سان بدتميزي نه ڪبي. جيڪو جائز ڪم هوندو اهو ڪندس. کيس هرو ڀرو تنگ يا پريشان نه ڪندس. سندس دٻ ۽ ڌونس ۾ به نه ايندس، پير پختا جهلي بيهندس، وڌيڪ مولا مالڪ آهي.
ڪجهه ئي دير ۾ زرداري هائوس جو در کڙڪايو. ملازم مون کي وٺي اندر ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. محترمه فريال ٽالپر اندرئين دروازي مان ظاهر ٿي. مان احترام ۾ اٿي بيٺس، ويهڻ کان اڳ ۾ ئي چوڻ لڳي، “توهان کي نوابشاهه ڪنهن موڪليو آهي؟” مون مختصر چيو “سرڪار”. سرڪار کي ڪنهن چيو؟ “اها ته مون کي سُڌ ڪونهي؟” توهان کي هدايتون ڪهڙيون مليون آهن؟“ تيستائين ميڊم سامهون واري صوفي تي ويهي چڪي هئي. هوءَ منهنجو جائزو وٺي رهي هئي. مان فارمل پينٽ ۽ شرٽ ۾ هئس، سندس تکن سوالن جا به جواب ڌيرج ۽ آرام سان مسڪرائي ڏئي رهيو هئس. سندس پوئين سوال جو جواب ڏيندي چيو:
“مون کي اها هدايت ملي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڌر ٿيڻ بجاءِ، هر ڪنهن سان فيئر ٿيڻو ۽ ڪنهن جي به ناجائز اثر ۾ اچڻو ناهي.”
“اُهي هدايتون توهان کي ڪنهن ڏنيون؟”
“چيف سيڪريٽريءَ”. مون وراڻيو
“چيف سيڪريٽري توهان کي اڳ ۾ سڃاڻندو آهي؟”
“ها.” مون چيو.
“نوابشاهه جي ڪهڙن ماڻهن سان واقفيت آهي؟” هن سوال کي ڦيرايو. مون چيو: “رند صاحب ۽ سندس خاندان کان سواءِ ڪنهن سان به نه.”
“ڏاهرين سان؟”
“نه”.
شايد هن کي اطمينان نه ٿيو. چانهن آئي، پيتي سين، ڪجهه رليڪس ٿي.مان پنهنجي نرڙ تان پگهر اگهيو، موڪلائي ٻاهر آيس، مون کيس جيترو سادو سمجهيو، هوءَ اوتري سادي ڪونه هئي. مون جيترو ميٽنگ کي گرما گرم سمجهيو هو، ايتري ميٽنگ ۾ گرمي ڪونه هئي.
هڪ عورت جنهن سٺا وقت ڏٺا هجن، ان جو مڙس ملڪ کان ٻاهر هجي، ڀاڄائي جيڪا ملڪ جي نالي واري وزيراعظم رهي چڪي هجي، اها به ملڪ کان ٻاهر ۽ ڀاءُ جيل ۾ هجي. سندس نوجوان پٽ تازو ئي مري ويو هجي. نوابشاهه ۾ انهن سڀني جي سياسي ورثي جي اڪيلي وارث هجي.
هن عورت حڪومتي ادارن سان ۽ سياسي مخالفن سان چومکي جنگ اڪيلي سر لڙي ۽ ضلع ڪائونسل جي ناظمي سردار خان محمد خان ڏاهريءَ کان کٽي. ان صورتحال ۾ شڪي مزاج ٿيڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ڪونه هئي.

[b]جنرل اليڪشن 2002
[/b]هاڻي جنرل اليڪشن جي تياري هئي. مون ميڊم تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته منهنجو رويو غيرجانبدارانه هوندو. منهنجو سياست يا اليڪشن سان ڪو به واسطو ڪونه آهي.

[b]اليڪشن جا نتيجا- نوابشاهه ۾ پ پ سڀ سيٽون ميڙي وئي
[/b]جڏهن اليڪشن جا نتيجا آيا ته پي پي پي ميڊم فريال جي قيادت ۾ سڀ سيٽون کٽيون، جنهن ۾ پنج ايم پي اي جون ۽ ٻه ايم اين اي جون هيون. ايم اين اي ۾ محترمه عذرا پيچوهو ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه (مير شاهه) ۽ ايم پي ايز ۾ مسعود طارق آرائين، علي احمد جلباڻي، احمد علي شاهه، ڄام تماچي ۽ غلام قادر چانڊيو ڪامياب ٿيا هئا.
ميڊم فريال ٽالپر خوش ٿي وئي. سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ به کيس شاباس ضرور ڏني هوندي. مون پنهنجي ليکي اڳڪٿي ڪئي هئي ته جيڪڏهن سينٽر ۾ پي پي جي حڪومت نه آئي ته به سنڌ ۾ پي پي پي جي چيف منسٽر فريال ٽالپر صاحبه ٿيندي. پر هوءَ چيف منسٽر ته ڪونه، پر چيف منسٽر کان وڌيڪ اختيار رکي ٿي. ڪاري اڇي جي مالڪياڻي آهي، الله پاڪ جا پنهنجا فيصلا آهن. پاڻ اسان جي تڪ رتيديري مان ايم اين اي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڀٽي صاحب ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو چونڊ تڪ هوندو هو. سڄي سنڌ ۽ خاص طور لاڙڪاڻي ضلع ۾ ته سندس ئي عمل دخل آهي.

[b]نوابشاهه جو تعارف
[/b]نواب شاهه واري علائقي کي سنڌ جو وچولو ساهتي پرڳڻو به چيو ويندو آهي. هي هڪ خوشحال علائقو آهي. چاهونءَ جي دڙي جي موجودگي هن علائقي جي قديم هجڻ جي علامت آهي. هن ضلعي جي لڳ ئي منصوره جا ڦٽل ڀڙا آهن جيڪو سنڌ ۾ مسلمانن جي 300 سال راڄ ڌاني رهيو. هاڪڙو درياءُ به هن جو پاسو وٺي لنگهندو هو ۽ ڪڇ جي رڻ پٽ مان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هيو.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ سڳوري مياڻيءَ ۽ دٻي جي لڙاين ۾ فتح ڪئي ته چارلس نيپئر صوبي جو گورنر ٿيو. هن سنڌ کي ٽن انتظامي ضلعن ۾ ورهايو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. پر 1847ع ۾ نيپئر جي هتان وڃڻ کان پوءِ سنڌ کي بمبئي صوبي جو ڪمشنريٽ بڻايو ويو ته ضلعن ۾ به واڌارو ۽ سڌارو آندو ويو. پهريان عمرڪوٽ ۽ پوءِ جيڪب آباد کي فرنٽيئر ريجن جي سپرنٽينڊنٽنگ جي نالي سان ضلعو بڻايو ويو. ڇو ته انهن علائقن کي راجپوتن ۽ بلوچن جي بغاوت جو خطرو هيو، پر جان جيڪب، جيڪب آباد کي سنڀاليو ۽ اتان جي ماڻهن جو هيرو ٿي ويو. ايستائين جو مرڻ کان پوءِ به دفن هتي ٿيو. ساڳي طرح ڪرنل تروٽ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ايستائين جو هو ٿرين جي لوڪ گيتن ۾ به زندهه آهي.
1901ع ۾ سکر ضلعو ٺاهي، شڪارپور کي ان جو حصو ڪيو ويو ۽ نئون ضلعو لاڙڪاڻو به 1901ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن کي ڪجهه شڪارپور جا علائقا ته ڪجهه ڪراچي ضلعي مان دادو تائين جا علائقا ڏنا ويا. انگريز بس ڪري ويهڻ وارا ته ڪونه هئا، هتي هو سڌارا ڪندا رهيا. ائين سال 1912ع ۾ سنجهورو، شهدادپور، سڪرنڊ، نوابشاهه، نوشهروفيروز، مورو ۽ ڪنڊيارو سميت ست تعلقا ڏئي هنن نوابشاهه جو نئون ضلعو ٺاهيو. 1954ع ۾ سانگهڙ جو نئون ضلعو ٺهيو جنهن ۾ نواب شاهه مان تعلقو سنجهورو ۽ شهدادپور ڌار ڪيا ويا. نوابشاهه ضلعي کي 2012ع ۾ جڏهن سؤ سال پورا ٿيا ته ضلع انتظاميا سوَ سالا جشن ملهايو. ان لاءِ مون کي به شيلڊ مليو، منهنجي لاءِ اهو به اعزاز آهي ته مان جولاءِ 2002ع کان ڊسمبر 2003ع تائين ضلعي جو انتظامي سربراهه ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينشن آفيسر (DCO) رهيو آهيان ۽ پنهنجي وس آهر ضلع جي ماڻهن جي خدمت ڪئي اٿم.

[b]نوابشاهه – ضلعو!
[/b]نوابشاهه جي سر زمين تي 1881ع ۾ نواب شاهه اچي ڳوٺ ٻڌو. اهو ڳوٺ ترقي ڪندي ڪندي تعلقو ٿي ويو. نواب شاهه پاڻ 1904ع ۾ هتي وفات ڪري ويو. 1912ع ۾ ئي ان کي انگريزن ضلعي جو درجو ڏنو. جيڪو هن وقت سنڌ جي اهم ترين ضلعن ۽ شهرن مان هڪ آهي. چون ٿا ته نواب شاهه کي پيدا ته سيدن ڪيو، پر ان ضلعي ۽ شهر کي جتوئين سجايو. ۽ اوج پ پ پ زرداريءَ صاحب جي معرفت وٺرايو.
1989ع ۾ نوابشاهه ضلعي کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري نوشهري فيروز کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. جنهن ۾ مورو ۽ ڪنڊيارو تعلقا ڏنا ويا. نواب شاهه ۾ نوابشاهه، سڪرنڊ ۽ دولت پور کي شامل ڪيو ويو. نوشهرو فيروز ٿيڻ سان جتوئي صاحبن جي سياست ان ضلعي طرف پاسيري ٿي وئي. نواب شاهه ضلعي ۾ زرداري صاحب جو عمل دخل وڌيو ته هتان جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو.

[b]شهيد بينظير آباد ضلعو ۽ ڊويزن
[/b]2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ضلعي جو نالو مٽائي شهيد بينظيرآباد ضلعو ڪيو ويو. نواب شاهه نالو شهر لاءِ برقرار رهيو. نواب شاهه ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي، انجنيئرنگ يونيورسٽي، جنرل يونيورسٽي ۽ سڪرنڊ ۾ جانورن جي وٽرنري سائنس يونيورسٽي کان علاوه اڻ ڳڻيا تعليمي ادارا قائم آهن. جيڪي ڪجهه ته ڀٽي صاحب قائم ڪيا ۽ ڪجهه هن دور ۾ قائم ٿيا آهن. شروعات ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ پيپلز گرلز ميڊيڪل ڪاليج کولي، نوابشاهه جي تعليمي ترقي جي شروعات ڪئي. عورتن لاءِ ميڊيڪل ڪاليج کلڻ سان پوري سنڌ جون نياڻيون ميڊيڪل جي تعليم ڏانهن مائل ٿيون، جنهن سان غريب خاندانن جون نياڻيون پڙهي پيون ۽ کين عزت ڀريون نوڪريون به مليون.
اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. نواب شاهه جي شخصيتن پوري سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ پاڻ موکيو آهي. محترمه بينظير جو ور آصف علي زرداري، نوابشاهه جو آهي. جيڪو 2008ع کان 2013ع تائين پاڪستان جو صدر مملڪت رهيو. جتوئي صاحب به پراڻي نوابشاهه ضلعي جو هيو جيڪو وزيراعظم رهيو. هاڻي سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو نواب شاهه تي قبضو آهي. هن وقت بي نظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز کي شهيد بينظير آباد ڊويزن جو حصو بڻايو ويو آهي.

[b]ترقياتي اسڪيمون
[/b]مون نوابشاهه پهچڻ سان گڏ ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن جو به جائزو ورتو. اهڙي وڏي ڪا اسڪيم ڪونه هئي جنهن جو ڪو وڏو اثر پوڻو هجي. سڀ ننڍيون ننڍيون اسڪيمون هيون. ضلع حڪومت جي فنڊن کان ٻاهر هڪ واٽر سپلاءِ نوابشاهه جي اسڪيم هئي، پر ان اسڪيم ۾ به وڏو خال اهو هو ته ان جي پاڻيءَ جي سپلاءِ روهڙي ڪينال جي بدران کڏهڙ شاخ مان هئي، جيڪا ڇهه مهينا هلندي ته ڇهه مهينا بند رهندي هئي. مون چيف سيڪريٽريءَ کي عرض ڪيو ته ان واٽر سپلاءِ جو پاڻي روهڙي ڪينال مان منظور ڪيو وڃي، جيڪا چيف سيڪريٽري رند صاحب جي ڪوشش سان جلد منظور ٿي وئي. ان اسڪيم ۾ ٻي ڳالهه اها شامل ڪئي وئي ته جيڪڏهن روهڙي ڪينال بند هجي ته ان جي تر مان بيٺل پاڻي پمپنگ ڪري واٽر سپلاءِ ۾ پهچايو وڃي، ٽيون ان اسڪيم ۾ ڊيزل پمپ رکرايا ۽ جنريٽر منظور ڪرايا ته جيئن ڪنهن به صورتحال ۾ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿئي.
شهر کي ته پاڻي جلدي ملي ويو، پر QUEST (قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي) ۽ PITE (پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن) لاءِ به پاڻي مين لائين مان منظور ڪيو.

[b]ٻارهن ڪروڙ گم
[/b]مان اي ڊي او فنانس حيدرآباد رهيو هئس، مون کي خبر هئي ته 40 ملين (4 ڪروڙن) روپين جون ٽي قسطون سرڪار هر ضلعي کي انفرا اسٽرڪچر لاءِ رليز ڪيون هيون ته جيئن گهرن ۽ آفيسن جي مرمت ڪجي ۽ گاڏيون خريد ڪجن يا فرنيچر به وٺجي.
مون جڏهن 12 ڪروڙن جي جاچ ڪئي، ته انهن جو پتو کرو ئي ڪونه مليو ۽ نه وري سنڪشن آرڊر ئي اسان جي آفيس ۾ موجود هئا. نوابشاهه ۾ اي ڊي او فنانس شفاقت انڙ هو، ان کان جڏهن پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته “هن کي ڪا به خبر ڪونه آهي، نه وري هن ڪو اهڙا سنڪشن آرڊر ڏٺا آهن.” مون اهي سنڪشن آرڊر حيدرآباد مان پنهنجي پراڻي آفيس مان حاصل ڪيا، اسٽيٽ بئنڪ حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر سان پئسن جي رليز لاءِ رابطو ڪيو. جنهن ان بهاني انڪار ڪيو ته پيسا جون کان اڳ ۾ ڪڍائڻا هئا. آگسٽ ۾ توهان جاڳيا آهيو. بهرحال مون فنانس ڊپارٽمينٽ کان اهي پيسا Revalidate ڪرائي ضلع حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪرايا.
هاڻي اسان جو ضلعو بادشاهه هو. خزانو ڀرجي ويو، مون اي ڊي او ورڪس سان گڏجي گهرن ۽ آفيسن جي مرمت ۽ فرنيچر جون اسڪيمون ٺاهيون. ڊي سي او هائوس جا فرش تباهه ٿيل هئا. انهن کي ٺهرايو، ڀتين جي پاسن کان پيراپيٽ والز ڪونه هيون. اهي گهر ۽ آفيس جي چوڌاري ڏياريونسون. گهر ۽ آفيس جا ڊسپوزل جا پائيپ نڪتل هئا. ان کي ٺيڪ ڪرايوسين. ڊي سي او واري آفيس ناظم پنهنجي استعمال ۾ ورتي هئي. مون ڊي سي او لاءِ چئن ڪمرن جو هڪ بلاڪ، جو پراڻي عمارت ۾ موجود هو، ان جي مرمت ڪرائي اتي آفيس رکي. آفيس جي اڳيان شاندار لان ٺهرائي، اي سي ۽ مختيارڪارن جي گهرن ۽ آفيسن جي مرمت ڪرائي، اسٽاف جي ڪواٽرن جي مرمت ڪرائي. انهن جي ڊرينيج ٺيڪ ڪرائي، باٿ رومن کي ٽائل لڳرايون ته جيئن گهرن ۾ صفائي رهي ۽ بيماري گهٽجي.
قلي بخش ڳوٺ جي روڊ تي روهڙي ڪينال تي نئين پل لاءِ چيف سيڪريٽري کان آئوٽ آف بجيٽ پيسا منظور ڪرايا. اها پل اسان رڪارڊ ٽائيم ۾ ٺهرائي.
*
ائين مون ضلع ۾ تعليم جي حوالي سان به ڪافي ڪم ڪيو، پراڻي استاد ۽ نوابشاهه جي محسن ايڇ ايم خواجه صاحب جي نالي تي آڊيٽوريم، ميوزيم، لائبرري ۽ اوپن ايئر ٿيٽر ٺهرايوسين. هڪ ٽيچرس ٽريننگ سينٽر ٺهرايوسين. جنهن جو افتتاح ڪي بي رند صاحب کان ڪرايوسين. دوڙ ۾ هڪ گرلس هاءِ اسڪول ٺهيو ۽ منهنجي ئي وقت ۾ شروع ٿيو، نه ته اسڪول ٺهڻ ۾ به سال لڳي ٿا وڃن. منهنجو طريقو اهو رهيو ته جيترا پيسا هجن اوتريون اسڪيمون کڻون، ته جيئن جلدي ٺهي وڃن ۽ انهن جو لاڀ ماڻهن تائين جلد از جلد پهچي.

[b]ٻارن جون اسڪالرشپ ۽ فارم
[/b]ائين هڪ ٻيو طريقو ڪڍيو ته غريب ٻارن جي تعليم کي هٿي ڏني وڃي، ان مقصد لاءِ ضلعي حڪومت ۽ تعلقه حڪومت جي فنڊن ۾ هوشيار ۽ غريب ٻارن جي پڙهائي لاءِ اسڪالرشپون ۽ امتحان جي فين لاءِ فنڊز رکرايا، جيئن انهن فنڊن سان غريب ٻارن کي تعليم ملي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. مان پاڻ به غريب ٻار ۽ ضرورت مند شاگرد رهيو آهيان. ان لاءِ هڪ هڪ رپيو ڪيتري اهميت رکندو آهي. ڪروڙن رپين جا اهي اسڪول ٺهرائڻ کان، جن ۾ گڏهه ۽ گهوڙا ٻڌل آهن، وڏيرن جون اوطاقون ٺهيل آهن، بهتر آهي ته ڪجهه ضرورت مند شاگردن جي مالي مدد ڪئي وڃي. اسان اسڪول به مناسب جڳهن تي ٺهرايا ته ٻارن ۽ ٻارڙين لاءِ سهولت ٿئي.
*
هڪ استاد آهي چانڊيو صاحب، قاضي احمد ۾ اهو ڪڏهن ڪڏهن مون کي فون ڪري ياد ڏياريندو آهي ته مون سندس امتحان جي في ادا ڪئي، هن امتحان پاس ڪيو. استاد ٿيو، ٻارن ٻچن وارو آهي ۽ پنهنجي خاندان سان بهتر زندگي گذاري رهيو آهي. اهڙا ڪيترائي ضرورتمند هوندا جيڪي پنهنجي روزگار سان لڳا هوندا.
*
ڪي آفيسر ۽ ماڻهو، محترمه صاحبه ۽ منهنجي وچ ۾ تعلقات خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا، پر اسان جي وچ ۾ عزت جو رشتو ۽ ذاتي تعلقات بهتر رهيا، ائين اصولي اختلاف ٿيندا به هئا، ٻئي پنهنجي پنهنجي ڳالهين تي قائم رهندا ۽ آخر ۾ اهو چئي ڳالهيون ختم ڪندا هئاسون ته:
We agree to disagree
هڪ دفعي چوڻ لڳي ته “توهان منهنجي مڙس مير منور صاحب جا به دوست آهيو، هو ته توهان جي ڏاڍي تعريف ڪندو آهي.” وري ڪڏهن چوندي ته “توهان ته ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ عباسي فيمليءَ جا به دوست آهيو، اهي ته توهان جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا، پر هتي توهان، منهنجي مرضي سان ڪم نٿا ڪريو.”

[b]پرائيم منسٽر جي روبرو جهيڙو محترمه فريال ٽالپر ۽ غلام الرسول جو سبب مان هيس
[/b]پرائيم منسٽر ظفر الله خان جمالي جولاءِ 2003ع ۾ ٻوڏن جي ڏينهن ۾ نوابشاهه آيو، جڏهن پرائيم منسٽر ايندو آهي ته پوءِ صوبي جي انتظاميا جو هر ننڍو وڏو موجود هوندو آهي. گورنر سنڌ عشرت العباد صاحب ، چيف منسٽر سردار علي محمد خان مهر صاحب، چيف سيڪريٽري سميت هاءِ بيورو ڪريسي، ڪافي وفاقي ۽ صوبائي وزير سڀ موجود هئا. جڏهن وزيراعظم خوش ٿي سڀني کان موڪلائي، جهاز جي ڏاڪڻين تي چڙهي رهيو هو ته غلام الرسول انڙ پرائيم منسٽر کي مخاطب ٿي ڳالهايو.
انڙ صاحب نوابشاهه جي ڀرسان ڳوٺ کڏهڙ جو آهي، انهن جي ڳوٺ ۽ ڳوٺ قلي بخش رند جي يونين ڪائونسل هڪ ئي آهي. هو هڪ ٻئي جا سياسي دنگئي مخالف آهن. کيس خبر آهي ته منهنجي رند صاحب سان نوڪريءَ کان علاوه به ذاتي دعا سلام ۽ خاندان سان ويجهو تعلق آهي. هن کي نوابشاهه ۾ منهنجي پوسٽنگ ذرو برابر به نه وڻي. مون کيس ڪڏهن به ڏک يا رنج نه ڏنو، هر جائز ڪم ڪيو. عزت ڏني، گهر تي مانيون کارائيون ۽ چانهيون پياريون، هو سردار علي محمد مهر صاحب وٽ ڪوشش ڪندو رهيو، ته منهنجي بدلي ٿئي. حالانڪه مهر صاحب ۽ رند صاحب جا تعلقات آخر ۾ ڪشيده ٿي پيا، پر مهر صاحب معتبر ۽ شريف ماڻهوءَ منهنجي بدلي نه پئي ڪئي. غلام رسول انڙ صاحب نوابشاهه ۽ سنڌ ۾ اهو مشهور ڪري ڇڏيو هو ته مهر سردار سندس ذاتي مهربان آهن. ان وچ ۾ هو بنا پورٽ فولئي جي چيف منسٽر جو ايڊوائيزر به ٿي ويو هو. هو وزيراعظم جي پروگرام کان هڪ رات اڳ ۾ ڳوٺ آيو هو. مون کي پنجاهه ماڻهن جي لسٽ موڪليائين ته انهن جون پاسون ڪڍرائي ڏيو. مون کيس ٻڌايو ته وزيراعظم ايئرپورٽ جي اندر ئي وفدن سان ملندو، ڪل ٽيهه ماڻهو هوندا، ڏهه ماڻهو توهان جا هوندا. هو ظاهر ۾ ته راضي ٿي ويو، پر من مان ڳالهه نه ڪڍيائين.
غلام رسول انڙ، پرائيم منسٽر کي ٻانهن کان جهلي منهنجي شڪايت شروع ڪئي ته ”هتي سڀ پي پي پي جا ماڻهو گهرايا اٿائين، ۽ مسلم ليگ جي ماڻهن کي پاسون نه ڏنيون اٿائين.” هن جو ايترو چوڻ ۽ ان کان اڳ جو وزيراعظم جواب ڏئي، محترمه فريال ٽالپر انڙ صاحب تي رڙيون ڪيون ۽ دٻ ڪڍي. ان حد تائين جو بعد ۾ وزيراعظم محترمه کي پرچائڻ ۾ پورو هئو. غلام رسول ته منهن وٺي بيهي رهيو، پرائيم منسٽر به منهجي ڀر وٺي چوڻ لڳو ته “منگي صاحب ته پروٽوڪول مطابق ڪم ڪيو آهي. باقي جيڪي جمالي آيا آهن، اهي منهنجي قوم ۽ راڄ جا ماڻهو آهن. انهن لاءِ مون ئي ڊي سي او کي چيو آهي ته گهراءِ. ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ٻئي دفعي جڏهن مان عوامي دوري تي ايندس ته سڀني سان ملندس.” محترمه به خاموش ٿي. غلام رسول به چپ. مون ته ڳالهايو ئي ڪونه. پرائيم منسٽر جي وڃڻ کان پوءِ گورنر ۽ وزيراعليٰ سائين مهر صاحب به پنهنجي جهاز ۾ چڙهيا.
ڪوشش کان پوءِ به جهاز چالو نه ٿيو. پائليٽ کين ٻڌايو ته جهاز چالو ٿيو ته واهه نه ته ٻيو ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو!“ ٻئي لهي آيا، مهر صاحب جي لهندي مون تي نظر پئي، چڱي خاصي دٻ ڪڍيائين. وڌيڪ دٻ ڪڍي ها پر محترمه وچ ۾ اچي وئي. شايد جهاز ان ڪري چالو نه پئي ٿيو ته وزيراعليٰ مون کي دٻ ڪڍي.
موٽي لائونچ ۾ آياسين، چانهن ٺهي ۽ گرم سئنڊوچ به. مهر صاحب کاڌي جو شوقين نه آهي، پر چاهيندو آهي ته جيڪا شي کائڻ لاءِ رکجي، اها سٺي هجي ۽ ڊشز وڏي تعداد ۾ هجن. اها خبر مون کي تڏهن پئي جڏهن سندن مهمانيون کائڻ جو موقعو مليو. پوءِ جڏهن سموسا ۽ تازه سينڊوچ کائڻ لڳا ته جهاز جي انجڻ جي چالو ٿيڻ جي خبر پئي، چانهن بنا پيئڻ جي اتي ئي ڇڏي گورنر صاحب ۽ چيف منسٽر ڪراچيءَ روانا ٿي ويا.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ غلام رسول مون کي چيو ته “مان توهان جي گهر هلان ٿو، اتي چانهن پيئندس.” مون چيو “sorry! مون کي مٿي ۾ سور آهي، ۽ بلڊ پريشر به وڌي ويو آهي! توهان ڪهڙي منهن سان چانهن پيئڻ ٿا هلو!” محترمه ويجهو ئي هئي، هن پاسيرو منهن ڪري کلي ڏنو. مون کي cheer up ڪري پوءِ گهر وئي. اهڙيون همت واريون عورتون مون بينظير ڀٽو صاحبه کان پوءِ ٻيون گهٽ ڏٺيون آهن. جهيڙي ۾ نفعي ۽ نقصان جو وٽس حساب ڪونه هوندو آهي.

ڪي بي رند صاحب جي بدلي ٿي چڪي هئي. چيف منسٽر مهر صاحب چاهي ها ته منهنجي بدلي به ڪري ڇڏي ها، پر مون ڏٺو ته ڪنهن جي ناجائز دل آزاري ڪرڻ ۽ تڪليف ڏيڻ مهر صاحب جي فطرت ڪونه هئي.

[b]گل حسن چنو، ڊي سي او نوابشاهه
[/b]ان واقعي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي بدلي جو آرڊر اچي پهتو. منهنجي جاءِ تي گل حسن چني کي موڪليو ويو. ماڻهن چيو “ڏٺوَ ڪي بي رند ويو هي به ويو.” مان الله تي رکي ويهي رهيس.
غلام سرور جمالي ايس ايس پي جي مهرباني، هو جانچ ڪرڻ ۾ لڳي ويو، هن سيڪريٽري ٽو سي ايم قاضي مصطفيٰ کان پڇيو. هن چيو ته ”مون کي ته بدلي جي خبر ڪونهي.“ هن وري سي ايم کان پڇيو، ان به اڻڄاڻائي ڏيکاري. مهر صاحب پنهنجي سيڪريٽري کي چيو ته ان بدليءَ جو آرڊر ڪينسل ڪراءِ ڇڏيو. هو ٻئي اسلام آباد ۾ صدر صاحب جي ميٽنگ ۾ هئا ته قاضي صاحب چيف سيڪريٽري کي به چئي ڇڏيو ۽ چني کي به چيو ۽ مون کي به چيو ته “چيف منسٽر آرڊر ڪينسل ڪيو آهي. توهان چارج نه ڇڏجو. صبح جو آرڊر نڪري ويندو.” ان وچ ۾ گل حسن چني مون سان ڳالهايو چيائين ته صبح جو مان چارج وٺڻ ايندس. مون کيس حقيقت ٻڌائي ته “بدلي بند ٿي وئي آهي.” هن چيو ته ٺيڪ آهي، هو نه ايندو. پر چني صاحب کي مان تڏهن کان سڃاڻان جڏهن هو اي سي نوابشاهه هو. پوءِ مون سان گڏ لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر هو. مون کي پڪ هئي ته هو صبح جو سوير اچي گوريلن وانگر آفيس ۽ گهر تي ريڊ ڪندو. مون پنهنجي پي ايس محمد قاسم کي چيو ته آفيس کي هڪ جي بدران ٻه وڏا تالا لڳائي ڇڏجو. هو چاٻي گهري ته چئجوس ته صاحب وٽ آهي.
جيئن مون سوچيو هو ايئن ئي ٿيو. صبح جو اٺين وڳي منهنجي پي ايس کي فون آيو ته “مان توهان جو نئون ڊي سي او گل حسن چنو نوابشاهه اسٽيشن تان ڳالهائي رهيو آهيان. مون کي ڊي سي او جي گاڏي موڪليو ته وٺي وڃي.” مون کي ٻڌايو ويو. مون چيو ته ڊي او روينيو منظور سومري کي چئو ته هو پاڻ پنهنجي سرڪاري گاڏي کڻي وڃي، کيس سرڪٽ هائوس تي اچي رهائي، سندس ناشتي پاڻيءَ جو بندوبست ڪري ۽ جيڏانهن وڃي ته هو گاڏي سوڌو گڏ هجيس. چنو صاحب سرڪٽ هائوس جي بدران آفيس ۾ آيو. پي ايس چيس “سائين چاٻي صاحب وٽ آهي.” هو پي ايس جي ڪمري ۾ ويهي رهيو. ڊي او سان ان جي آفيس ۾ به نه ويو. هن پي ايس کي چيو ته چارج وٺڻ جا ليٽر ٺاهي ڏي. هن مون کان پڇيو، مون پي ايس کي اجازت ڏني. هن اهي ليٽر چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز کي ۽ سيڪريٽري ٽو سي ايم کي موڪلي ڇڏيا. تيستائين سندس بدلي ڪينسل ٿيڻ جو آرڊر نڪري چڪو هو. مان ويٺي رنگيءَ جا رنگ ۽ گل حسن چني جون هميشه وانگر بيوقوفيون ڏٺيون. سيڪريٽري ٽو سي ايم چني کي فون ڪري دٻ ڪڍي ته “جڏهن توکي ٻڌايو ته سي ايم بدلي رد ڪري ڇڏي آهي، ته اتي ڇو پهتو آهين.” کيس بدلي ڪينسل جو آرڊر به موڪلي ڏنو.
ان وچ ۾ چنو صاحب نائب ناظم خالد حسين چني سان مليو، ان کي ڏاڍا آسرا ڏنائين، ان کي وٺي وڃي ضلع ناظمه محترمه فريال ٽالپر سان مليو! ان کي چيائين ته “مان توهان جي خدمت ڪندس، جيئن چوندؤ تيئن ڪندس.” هن ته پير کوڙڻ نه ڏنس. چيائينس ته “تون نوابشاهه ۾ ڪنهن جي اجازت سان آيو آهين؟ هاڻي جو هاڻي نڪر منهنجي ضلعي مان.”

[b]ڇا پرائيم منسٽر، ڇا تپيدار
[/b]ڪي بي رند صاحب جي خاندان مان سندس ڀاءُ علي اصغر رند ايس ڊي اي (امتياز شيخ) سان، ته پٽ سڪندر حيات رند محترمه فريال ٽالپور سان پي پي پي ۾ هئو. مٿس سرڪار جو بار ته تون سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ تنهنجو پٽ سرڪار مخالف سياست ڪري رهيو آهي. آخر سڪندر حيات سياست ۾ ڍلو ٿي پنهنجو منهن وٺي ويهي رهيو پر محترمه سان تعلق رهيس. پر ڪي بي رند صاحب جي بدلي کان ڪجهه وقت کان پوءِ هن به پارٽي مٽائي ۽ گهمي ڦري هاڻي وري به پي پي پي ۾ آهي.
منهنجي پوسٽنگ دوران اصغر صاحب اڪثر منهنجي ڪارڪردگيءَ تي ناخوش هوندو هو ۽ پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڀاءُ وٽ به ڪندو هو ۽ مون کي به ڏوراپا ڏيندو هو.
هڪ دفعي هڪ تپيدار جي بدلي جو معاملو سندس ۽ منهنجي وچ ۾ مسئلو ٿي پيو. ان تپيدار جي بدلي مون چيف سيڪريٽريءَ ۽ ناظم صاحبه جي علم ۾ آڻي ڪري ڇڏي. تپيدار جمالي هو، آخر جمالي وڃي پرائيم منسٽر جماليءَ تائين پهتا. رات هڪ بجي فون جي گهنٽي وڳي، ٻئي طرف چيف سيڪريٽري جو پي ايس فون تي هو، مون رب کان خيريت جي دعا گهري. ان وقت چيف سيڪريٽري جي فون نه ايندي آهي.
ڪي بي رند صاحب چيو ته “پرائيم منسٽر جي هينئر فون آئي آهي، ناراض هو، چئي ٿو ته توهان کي جمالين کان سواءِ ٻيو تپيدار نه ٿو نظر اچي. اسان جي جمالين جي ڪڍ ڇو پيا آهيو. جمالي تپيدار جي بدلي رد ڪري صبح جو آرڊر مون کي موڪلي ڏيو، تو صحيح پئي چيو ته اها بدلي مسئلو پيدا ڪندي!”
ڇا پرائيم منسٽر ڇا تپيدار!!

[b]گلن جي نمائش
[/b]نوابشاهه جي مٽي ڏاڍي زرخيز آهي، چون ٿا، ڪنهن زماني ۾ دريا جو پيٽ هو. سال 2003ع جي بهار ۾ دل چيو ته گلن جي نمائش لڳائجي. ٻه مهينا اڳ ۾ تياري ڪري چڪا هئاسون. واسطيدار شوقين ماڻهن ۽ ادارن کي به لکي چڪا هئاسون. صلاح مشوري کان پوءِ مارچ جي 15 تاريخ گلن جي نمائش لڳائيسون، ويجهڙائيءَ ۾ اهڙو پهريون موقعو هو. خواجه اسڪول جي ٻاهران خواجه گارڊن هو، ان ۾ نمائش جو بندوبست ڪيوسين. ان جو انچارج ڊي ايف او عرفان کي ڪيو، جنهن سخت محنت ڪري ان نمائش کي ڪامياب بڻايو. عورتن ۽ ٻارن لاءِ به پهريون ڀيرو تفريح جو موقعو فراهم ڪيو ويو. اها نمائش خواجه صاحب جي زندگي ۾ لڳندي هئي ان کان پوءِ بند ٿي وئي هئي.
خواجه صاحب جي گهر کي مان اڳ ۾ ئي لئبرري جو درجو ڏئي چڪو هئس، ان گهر جي ٺاهه ٺوهه ڪرائي ان کي لائبرريءَ لاءِ موزون ٺهرائي لائبرري ۽ ميوزيم ۾ تبديل ڪيوسين.
گهر جي آڳنڌ ۾ وڏو پلاٽ پيو هو، ان ۾ ڇٻر لڳائي سون ۽ ان کان اوپن ايئر ٿيٽر جو ڪم وٺڻ شروع ڪيو ويو.
مون پاڻ لائبرري جو افتتاح ڪيو هو، جنهن تي قاضي خضر حيات کان 12X8 انچن جي ڪاشيءَ جي پليٽ علامت طور لڳرائي ڇڏي هئي، پر پليٽ لڳرائڻ کان اڳ ۾ مون ضلع ناظم کي اطلاع ڪيو هو ته مان پليٽ لکرايان ٿو، منهنجي بدليءَ کان پوءِ ان جي حفاظت ڪيو ته لڳرايان نه ته نه لڳرايان. پاڻ خوشي سان اها ڳالهه قبول ڪئي هئائين. پر منهنجي وڃڻ کان ستت پوءِ محترمه ناظم صاحبه جي ڪن ‘خير خواهن’ منهنجي نالي جي پليٽ ڀڃائي ميڊم جي نالي جي پليٽ لڳائي ڇڏي. مان ڪو هندو ڀارت ته لڏي ڪونه ويو آهيان. ڳالهه منهنجي دل تي چڙهي بيٺي آ. اڃا تائين هضم نه ٿي ٿئي.

[b]نئين ڊي سي او آفيس
[/b]ڊي سي آفيس جڏهن ضلع ناظم پنهنجي استعمال ۾ آندي ته ڊي سي او صاحب پنهنجي گهر تي آفيس ڪندو هو جتي هر ماڻهو نه وڃي سگهندو هو. اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڏکي هئي ته ڪو مان ماڻهن کان پري رهان. مان پهرين ڏينهن ئي اي ڊي او عارف خان، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ به ڊي سي رهيو هو، ان جي آفيس ۾ اچي آفيس ڪئي. هي اهو عارف احمد خان نه آهي جيڪو هينئر انٽيريئر جو سيڪريٽري ۽ سنڌ ۾ به ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم ۽ فنانس ٿي رهيو آهي.
ڊي سي آفيس جي ڀرسان چار ڪمرا، ڀوت ڪمرا ٿيا پيا هئا. انهن کي خالي ڪرائي سندن جوڳي مرمت ڪرائي، در دريون ته پراڻي قسم جون هيون، انهن جي صفائي ڪرائي، فالس سيلنگ لڳرائي، بجليءَ جي وائرنگ ڪرائي، اي سي لڳرايا، ان بلاڪ کي تيار ڪرايو، نواب شاهه ۾ هڪ وڏو هال آهي، ميٽنگ لاءِ جنهن کي درٻار هال چوندا هئا. جتي انگريزن جي دور ۾ درٻار لڳندي هئي. سوَ ٻه سو ماڻهو اچي وڃن. هاڻي ڏهن ويهن ماڻهن جي ميٽنگ ڪرڻي هوندي هئي ته ان هال ۾ ٿيندي هئي.
چئن ڪمرن مان مون هڪ ڪمرو ميٽنگ لاءِ رکيو جيڪو ويهن ماڻهن تائين ڪافي هو، هڪ ڪمري کي آفيس ڪيو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪمري کي چيمبر ۽ هڪ کي پي اي روم ۽ ويٽنگ روم ڪيو، پي اي روم ۽ ويٽنگ روم خوبصورت ڪري ٺهرائي ته جيئن ملڻ وارا ماڻهو. آرام سان اي سي ۾ اچي اتي ويهي. مون پنهنجي ڪمري جي چيمبر ۾ مختصر فرنيچر رکرايو، جنهن سان ٻئي ڪمرا خوبصورت ۽ ڪشادا لڳندا هئا. چيمبر ۾ چئن ماڻهن جي کاڌي جي ٽيبل به رکرائي ڇڏي. ميٽنگ روم ۾ به مختصر ۽ ڪارپوريٽ قسم جو فرنيچر رکرايو. ڇو ته انهن ڪمرن ۾ ڪو گهڻو ڪم ڪونه هو. صرف ٽائل ۽ پلستر لڳايوسين. مهيني کن ۾ اهي ڪمرا آفيس لاءِ تيار ٿي ويا. آفيس جي ٻاهران وڏو ميدان هو، ان ۾ ديويون وڌي ويون هيون. انهن کي وڍرايو ۽ واٽر سپلاءِ جي تلاون مان مٽي نڪتي ان سان ڀرايوسين، ان سان اهو فائدو ٿيو ته مٽي به سٺي هئي ۽ کڏ ڀرائڻ لاءِ وڌيڪ خرچ نه ٿيو.
*
ڇٻر سڄي کڏ واري ميدان ۾ لڳائيسين ۽ پاسن سان گلاب ۽ بوگن ولا پوکياسون. بلڊنگ جا ڪجهه حصا پٿرن جا هئا انهن جي سئنڊ بلاسٽنگ ڪرائي، اهي نئين هجڻ جو ڏيک ڏيندا هئا. اسان جي هڪ دوست ڊي سي او سنڌيت جي شوق ۾ انهن مان ڪن پٿرن تي شبير واري ٽائيل لڳرائي ته ڪن پٿرن تي رنگ ڪرائي ڇڏيو.
11-2010ع ۾ جيڪي بارشون پيون انهن سڄي لان جو ستياناس ڪري ڇڏيو. پيرا پيٽ والز جي ڪري بلڊنگ جو بچاءُ ٿيو نه ته جيڪو پاڻي ڇهه مهينا اتي بيٺو رهيو، اهو بلڊنگ کي تباهه ڪري ڇڏي ها.

[b]ڪجهه اهم شخصيتون
[/b]
[b]سيد نواب شاهه
[/b]جن اهم شخصيتن جي ڪري نواب شاهه نالو ڪڍيو، انهن ۾ سيد نواب شاهه مک ماڻهو هو. پاڻ متعلوي ساداتن مان هو، هتي 1881ع ۾ اچي ديرو ڄمايائين. جنهن کان پوءِ هي ننڍڙو ڳوٺ وجود ۾ آيو. ڪجهه سگهاريون روايتون اهي به آهن ته هي ڳوٺ 1831ع ۾ قائم هو جنهن جو ذڪر هڪ انگريز پنهنجي رپورٽ ۾ به ڪيو آهي. هتي ٽي هندن جا دڪان ۽ 300 کن ماڻهن جي آدمشماري هئي. ممڪن آهي ته هي ننڍڙو ڳوٺ هجي ۽ جڏهن سيد بادشاهه سائين نواب شاهه هتي اچي ديرو ڄمايو ته ماڻهن سيدن جي احترام ۾ هن جو نالو به نوابشاهه ڳوٺ ئي رکيو هوندو، نه ته نواب شاهه 1904ع ۾ وفات ڪري ويو. هي ايترو وڏو ڳوٺ نه ٿي وڃي ها. ٿورن سالن ۾ ته هڪدم ضلعو ٿي ويو هجي ها. ضلعي جي ٺهڻ لاءِ نواب شاهه جي وڏي پٽ ٻڍل شاهه پنهنجي خاندان جي 60 ايڪڙ قبولي زمين بنان ڪو ملهه وٺڻ جي انگريز انتظاميه کي ڏني جنهن هتي شاندار عمارتون ٺهرايون. نواب شاهه ۽ ٻڍل شاهه جو خاندان اڄ به هتي نواب شاهه هائوس ۾ رهي ٿو، جيڪا متعلوي سيدن جي حويلي آهي. سندن پوين ۾ منهنجا ڪي دوست رهيا. اڃا ساڻن تعلق ۽ لاڳاپا قائم آهن. منهنجي لاءِ ان خاندان جو جنيد شاهه اهم آهي.

[b]ڪوٽائي سيد
[/b]سيدن ۾ ٻيا خير شاهه وارا سيد سڳورا به آهن جن جي پونئرن ۾ سائين نظر شاهه ۽ شوڪت حسين شاهه چڱو نالو ڪڍيو. انهن سيدن کي ڪوئٽائي (ڪوئٽا جا) سيد چون ٿا جيڪي ڪوئيٽه کان هتي آيا. ڪوئٽائي سيدن ۾ سيد احمد علي شاهه ۽ سندس پٽ فصيح شاهه به اهم آهن جيڪي پيءُ پٽ سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا. نوجوان فصيح شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي مانواري ميمبرياڻي سيده ماروي راشديءَ سان شادي ڪئي آهي.

[b]ايڇ ايم خواجه
[/b]حاجي خان پٽ مهر علي خواجه، نواب شاهه جي اعلى خدمتگارن مان هڪ آهي. هن 1936ع کان 1972ع تائين پنهنجي پوري حياتي هن خطي جي ٻارن جي تعليم ۽ انهن جي ذهني اوسر کي ارپي ڇڏي. سڄي عمر شادي نه ڪيائين.
هي صاحب 11 آڪٽوبر 1907ع تي حيدرآباد شهر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٽنڊي باگي ۾ ورتائين. 1932ع ڌاري ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج مان بي اي ڪيائين. 1936ع مان بمبئي مان بي ٽيءَ جو امتحان پاس ڪري نواب شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اسڪول ۾ اچي هيڊ ماسٽر لڳو. پورا ڇٽيهه سال مڙي پوئتي نه ڏٺائين. سندس هر وک نوابشاهه ضلعي جي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي هئي. وقت بدلبو رهيو پر هي شخص پنهنجي ڌن ۾ مگن رهيو. هن کي اسڪول ڇا مليو ڄڻ هند ۽ سنڌ جي شهنشاهي ملي وئي. اسڪولن ۽ انهن جي لاڳاپيل ادارن کي ڪنوار وانگر سجايائين ۽ اولاد وانگر انهن کي پاليائين ۽ پرجهيائين. جيڪو به صاحب اقتدار هتي آيو ان خواجه صاحب جو قدر ڪيو ۽ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي خواجه صاحب جو هٿ ونڊايو ۽ انهن ادارن کي ٺاهيو.
هن هاسٽل به ٺاهي. غريب غربي شاگرد جو خيال به رکيو ۽ کين سهي دڳ تي به رکيو.
سنڌ جو مشهور ليکڪ امر جليل جنهن مان سندس والد صاحب ڪنهن حد تائين تعليم مان نااميد ٿي ويو هو، خواجه صاحب جي حوالي ڪيو. جتان هو نئون ماڻهو ٿي نڪتو. قمر شهباز به امر جليل جو سينيئر ساٿي هو، هنن ٻنهي جو سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو حصو آهي.
جتوئي برادران به هتي پڙهيا، رند برادران، قلي بخش ۽ گل محمد رند به هتي پڙهيا. جن پنهنجو وڏو نالو ڪڍيو، نوابشاهه جا اڪثر پڙهيل نوجوان خواجه صاحب جا شاگرد آهن.
خواجه صاحب 1972ع کان 1981ع تائين بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن (BISE) حيدرآباد جو چيئرمين به رهيو. پاڻ 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن آهن.
ڪي ماڻهو خواجه صاحب کي نوابشاهه جو ٽيگور ۽ سندس اسڪول کي شانتي نڪيتن ۽ ڪي کيس سر سيد احمد خان چوندا آهن پر خواجه صاحب رڳو خواجه صاحب ئي هو.
مان جڏهن 2002ع جولاءِ ۾ نواب شاهه جو ڊي سي او ٿيس ته تعليم جي ميدان ۾ صرف خواجه صاحب جو ئي نالو هو. خواجه صاحب جو اسڪول، خواجه صاحب جو باغ، خواجه صاحب جي هاسٽل، خواجه صاحب جو لطيف هال، خواجه صاحب جي گارڊن ۾ گلن جي نمائش.
خواجه صاحب جو گهر جنهن ۾ هو رهندو هو، ڀوت بنگلو ٿيو پيو هو. مون ان کي ٺيڪ ڪرايو ۽ ان ۾ خواجه صاحب جي نالي سان لائبرري قائم ڪئي. ڀر ۾ ميوزيم ٺهرايو. گهر جي اڳيان ميدان ۾ اوپن ايئر ٿيٽر ٺهرايو. جيڪو هاءِ اسڪول ۾ هال هو، ان کي بهتر ڪري ايئر ڪنڊيشنڊ ڪري نئين سر ٺهرايو ۽ فرنشڊ ڪرائي نئون آڊيٽوريم ٺهرايو.

[b]قاضي خضر حيات
[/b]قاضي صاحب نواب شاهه لاءِ ته ڌاريو هو، پر هن به خواجه صاحب وانگر پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي نواب شاهه لاءِ ارپي ڇڏيو آهي.
قاضي صاحب 20 اپريل 1945ع تي رتيديري ۾ منهنجي استاد قاضي عبدالحي قائل جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
پاڻ هونهار شاگرد شمار ٿيو. علم، ادب ۽ آرٽ ۾ چمڪندڙ ستارو هو. بي اي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو مان ڪيائين. جتي مٿس ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان جو وڏو اثر ٿيو. شروع ۾ ته ايريگيشن کاتي ۾ سب انجنيئر/ سرويئر ٿيو، پوءِ اهو ڌنڌو ڇڏي نواب شاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اچي ليڪچرر ٿيو. اهو ئي وقت هو جيڪو هن لاءِ زندگيءَ جو اهم موڙ هو. رتيديري کي ڇڏي هتي اچي پڪو آباد ٿيو. سوسائٽي نواب شاهه ۾ گهر ۽ سڪندر آرٽ گيلري ٺاهي اٿائين. جنهن ۾ ميوزيم به آهي. سيرامڪس تي ڪاشيءَ جو ڪم به ڪري ٿو.
قاضي صاحب جو ڪمرشل بنياد تي ايجاد ڪيل هي عجيب فن سڄيءَ سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ نرالو ۽ مشهور آرٽ ثابت ٿيو آهي. قاضي صاحب ڪيترن ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي.
قاضي صاحب منهنجو ڳوٺائي ۽ مون کان ٻه سال اسڪول ۾ سينيئر هو. جنهن ڏينهن مون نوابشاهه ۾ چارج ورتي، ان ڏينهن منهنجي استاد ۽ سندس والد قاضي عبدالحئي قائل جي ورسي هئي.
جيترو وقت نواب شاهه ۾ هئس، سندس آرٽ، دوستيءَ ۽ مدد مان بهره ور ٿيندو رهيس.
قاضي صاحب جو سڄو خاندان ئي آرٽ سان پيار ڪندڙ آهي. سندس ڀائر قاضي مقصود گل، شاعر، آرٽسٽ، ليکڪ هو، قاضي اختر حيات به آرٽسٽ هو، قاضي منظر حيات، آل رائونڊر، ليکڪ، آرٽسٽ ۽ شاعر آهي. قاضي ياسر حيات ته اسٽيج جو بادشاهه، شاعر ۽ ليکڪ آهي. قاضي ياسر حيات، قاضي مقصود گل مرحوم جو پٽ ۽ قاضي خضر حيات جو ڀائٽو ۽ قاضي عبدالحئي قائل جو پوٽو آهي.
قاضي عبدالحئي اسان جو استاد، ڊرائينگ ٽيچر، آرٽسٽ، شاعر، ليکڪ ۽ صحافي هو. سندس فوتي حج دوران ٿي ته سندس مڙهه کي حرمين شريفين جي مٽي نصيب ٿي. پاڻ مڪه پاڪ جي قبرستان جنت البموليٰ ۾ دفن آهن.

[b]قاضي فيض محمد
[/b]قاضي صاحب 23 نومبر 1908ع تي هالاڻيءَ ۾ ڄائو ۽ سندس وفات 12 آڪٽوبر 1982ع تي نواب شاهه ۾ ٿي. سندس تدفين هالاڻي ۾ ٿيل آهي. باقي هن 74 سالن جو عرصو هتي نواب شاهه ۾ گذاري ڇڏيو. سندس حق ۽ سچ جي لڙائي ڪوڙ بدوڙ خلاف جنگ هئي. هن ماڻهوءَ جي زندگي جو سفر به عجيب سفر آهي. مسافريون به ڪيائين، جيلن ۾ ويو. 1919ع کان سياسي جاڳرتا ڏنائين ۽ 1928ع ۾ سائيمن ڪميشن جي خلاف پڊ عيدن اسٽيشن تي نعرا لڳايائين.
1933ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتائين، 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1948ع ۾ هاري ڪميٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1951ع ۾ هن ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. 1956ع ۾ عوامي لگ ۾ شامل ٿيو. مجيب جي وقت ۾ 1970ع ۾ عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر رهيو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ سياسي طرح ماٺ ٿي ويو ۽ وڪالت ڪرڻ لڳو.
هي سياسي طرح بي چين روح هو، جڏهن به کيس عام ماڻهو جو ڪنهن تحريڪ ۾ آجپو نظر آيو ان ۾ ڪڏي وڃي شامل ٿيو. نه نفعي جو فڪر نه نقصان جي ڳڻتي. پوءِ جيل به ويندو رهيو. جيل سندس ٻيو گهر ٿي پيو. قاضي فيض محمد جي پيءُ جو نالو قاضي نبي بخش هو.
سيد زين شاهه (سائين جي. ايم. سيد جو پوٽو)
منهنجي زين شاهه سان پهرين ملاقات ڪمند جي آبادگارن جي ميٽنگ ۾ نواب شاهه درٻار هال ۾ ٿي. اڳ ۾ ملاقات ٿي هجي ته ياد ڪونهي. مان پنهنجي ڀر ۾ ويٺل اي ڊي او روينيو کان پڇيو ته “ٽئين نمبر تي ويٺل نوجوان ڪير آهي؟” چيائين “سر! اهو زين شاهه آهي. سائين جي. ايم. سيد جو پوٽو!”
سندس اکين ۾ لازوال غير معمولي ذهانت واري چمڪ، هٿن ۾ چر پر، جيڪا سندس بي چين روح جي غمازي ڪري رهي هئي. رد عمل تيز، جنهن پاسي کان آواز ٻڌائين پئي، هڪ دم ڪنڌ اوڏانهن مڙيس پئي. ڳالهائڻ ۾ لڄ لحاظ ، محفل ۽ ميٽنگ جي ادب آداب کان واقف، توڙي جو سندس عمر ڪا گهڻي ڪونه هئي، پر مون کي تعليم يافته لکيو پڙهيو ۽ چڱي طرح ڪڙهيو لڳو. ميٽنگ جو توجه جلدي ئي پنهنجي طرف موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سيد منير شاهه به ان ميٽنگ ۾ هو، جنهن سان منهنجي اڳ ۾ ئي ڏيٺ ويٺ ۽ ملاقات هئي. پوءِ جڏهن ميٽنگ پوري ٿي ته مان زين شاهه ۽ منير شاهه کي روڪي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيس، چانهن تي ڪجهه دير گپ شپ ٿي. ان ملاقات دوران معلوم ٿيو ته زين شاهه سائين امداد محمد شاهه جو پٽ ۽ سائين جي. ايم. سيد جو پوٽو آهي.
“مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.” (شاهه)
زين شاهه 1966ع ۾ ڄائو. بي اي ايليڪٽرڪل ڪيائين، سنڌ جي ايريگيشن ۽ پاور کاتي ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿيو. مٿس الزام لڳو ته سياست ۾ حصو ٿو وٺي. نوڪريءَ مان 1996ع ۾ ڪڍي ڇڏيائونس. هونئن جي. ايم. سيد سائين جي پوٽي کي نوڪري ڪيئن راس ايندي. نه مزاج نوڪريءَ جو، نه ابن ڏاڏن نوڪري ڪئي. وري نوڪري کي پوئتي مڙي به نه ڏٺائون.
اچي مجيد ڪيريو ڳوٺ ۾ رهي پيو، جتي سندن والد امداد محمد شاهه جون ٻنيون ٻارا هئا. اهي سنڀاليائون ۽ سياست ۾ حصو ورتائون. جتي جلال محمود شاهه سان گڏ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري آهي.
زين شاهه صاحب سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. نواب شاهه کان پوءِ وقتي ويلي ملاقات ٿيندي رهي ٿي.
زين شاهه اهڙي نوجوان شخصيت آهي جنهن سان ملي دل خوش ٿيندي آهي.

[b]سيد محمد منير شاهه
[/b]سيد محمد منير شاهه ولد سيد احمد شاهه سائين سهڻو ذاڪري 10 آگسٽ 1960ع تي ڳوٺ پير ذاڪري تعلقه سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌ جو البيلو پير مخلص سياستدان، ناميارو اديب ۽ هر دلعزيز شخصيت ۽ پيارو دوست آهي. شاهه صاحب ديني تعليم سان گڏ ڊبل ايم به ڪيون آهن. سنڌي ۽ انٽر نيشنل رليشنز ۾. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ درگاهه ذاڪري جو سجاده نشين ٿيو. پاڻ پير سان گڏ، سماج سڌارڪ سياستدان ۽ عام ماڻهو جو درد پنهنجي دل ۾ رکڻ واري شخصيت آهي.
سنڌ جي ڪلچر، راڳ رنگ ۽ عمارت سازيءَ جي معاملي ۾ فنڪار جي نظر اٿس. سندس اٿڻ ويهڻ ۽ رهائش جو نمونو سنڌ جي ثقافت جو هڪ عملي نمونو آهي.
شاهه صاحب جو علم ادب سان به ذوق شوق آهي. پاڻ سرمد سيد جي نالي سان لکندو آهي. سندس ڪتاب ‘انقلاب جو فلسفو’ (ترجمو) ۽ ضيا شاهه سان گڏ ڪتاب ‘ڏونگر سي ڏورينديون’ لکيل اٿس.
سياست جو به شوقين آهي. 2002ع ۾ جڏهن مان نواب شاهه ۾ هئس ته شاهه صاحب پاڻ کي ضلع گورنمينٽ جو ليڊر آف آپوزيشن سڏائيندو ۽ اهو رول ادا ڪندو هو. حالانڪه مخالف ڌر جي رهنما جي قانون ۾ گنجائش ڪونه هئي، پر منير شاهه صاحب ان نالي سان مشهور هو ۽ محترمه فريال ٽالپر جي هائوس ۾ ۽ ٻاهر کلي مخالفت ڪندو هو. پر هاڻي شاهه صاحب 2010ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي، محترمه فريال ٽالپر جو ضلعي ۾ سياسي ٻانهن ٻيلي آهي.
منهنجي ساڻس سٺي گپ شپ ۽ عزت وارو رشتو هو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. ڪڏهن ڪڏهن ادبي نوڪ جهونڪ به ڪندا هئاسون، جيڪا اڄ به قائم آهي.

[b]قلي بخش رند ۽ رند برادران
[/b]رند فيملي موجوده دور ۾ محنت، جفاڪشي ۽ تعليم کان بهره ور ٿيڻ جو هڪ نادر نمونو آهي.
هنن جو وڏو قلي بخش (اول) جو پيءُ سال 1898ع ۾ بلوچستان جي ماڳ سورڻ مان هجرت ڪري موجوده جاءِ تي پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺو. 1925ع حاجي غلام نبي رند پيدا ٿيو ته اوڙي پاڙي جي زميندارن سان سٺا ناتا ٺاهيائين. جتوئي صاحب کي به ويجهو رهيو. محنتي ۽ ڏاڍو عقلمند ماڻهو هو تڏهن سڪرنڊ جون زمينون ڪافي غير آباد هجڻ سبب سستيون به هيون. سندس پيءُ ۽ ڏاڏي ڪجهه زمينون ورتيون هيون. جيترو ممڪن ٿي سگهس زمينون وٺندو ۽ ٺاهيندو ويو. ائين انهن جي لاءِ واهه کوٽايائين ۽ زمين جي آبادي جو سلسلو شروع ڪيائين.
حاجي صاحب، زمينن تي ته ڌيان ڏنو پر پنهنجن پٽن جي تعليم کان به غافل نه رهيو. سندس وڏو پٽ قلي بخش (ڪي بي) رند، جنهن تي سندس ڏاڏي جو نالو پيل آهي. ڏاڍو سدورو ۽ سڀاڳو ثابت ٿيو. هن انٽر ۾ ۽ ايم اي (انگلش) ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ان سال ئي 1974ع ۾ سي ايس ايس (سيڪنڊ ڪامن) ۾ پاس ڪيائين ۽ ڊي ايم جي پراڻي سي ايس پي گروپ ۾ آيو. 1980ع ۾ ڪي بي رند شڪارپور جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. پيءُ جو اهو وڏوي ۾ وڏو خواب هو جنهن کي ساڀيان ملي. حاجي صاحب وچ ٿرو زميندار هو. هن ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽرن جو اوج ۽ انهن جو نواب شاهه ۾ وڏو گهر ۽ وڏي آفيس ڏٺي هئي. هن جي دل مان به اها دعا ئي نڪتي هوندي ته ”يا الله منهنجي پٽن کي به ڪليڪٽر ڪر.“ سندس پهرئين پٽ جي شڪل ۾ سندس خواب حقيقت بڻيو. پوءِ ستت ئي حاجي غلام نبي رند صاحب 1980ع ۾ 28 مئي تي وفات ڪري ويو. ڄڻ خوشيءَ ۾ سندس دل بيهي وئي هجي.
حاجي صاحب کي 3 پٽ ٻيا به هئا، گل محمد رند، علي اڪبر رند ۽ علي اصغر رند. علي اڪبر رند جلد ئي هن دنيا جي خفن کان الڳ ٿلڳ ۽ بيزار ٿي ويو. 2003ع ۾ سندس انتقال ٿيو. سندس پٽ عمران اڪبر رند بئريسٽري ڪري هاڻي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.
ٻين ٻنهي پٽن، گل محمد ۽ علي اصغر به پنهنجو پاڻ موکيو آهي.
ڪي بي رند صاحب جنهن سال اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو، ان سال مان به صوبائي حڪومت ۾ اسسٽنت ڪمشنر ٿيس. مان کپري ۾ ايس ڊي ايم هئس ته پاڻ ڪوٽڙيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر/ ايس ڊي ايم هو. اسان جي سڃاڻپ تڏهن کان ٿي.
پر پاڻ انهن ڏينهن کان مشهور ٿيو جڏهن 1977ع ۾ پي اين اي جي تحريڪ دوران سانگهڙ ۾ حرن جي گهرن تي گولي هلرائڻ جي حڪم ٿيو، تڏهوڪي وزير جي مرضيءَ تي سيس نه نوايائين. هڪ طرح سان اسان آفيسرن ۽ دوستن جو، اهو انڪار ڪري هيرو ٿي ويو هو. پوءِ سندس زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترا موقعا آيا. ڪن جو ته مان به شاهد آهيان، جنهن ۾ کيس انڪار ڪرڻو پيو. ان انڪار جي ڪري تڪليف به ڀوڳيائين. پر انڪار ڪيائين، اهو جنهن جي سندس دل، دماغ ۽ ضمير اجازت ڏني.
ڪيترين اهم شخصيتن سان تعلقات خراب ڪيائين. سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ائين نه ڪري ها ته الائي ڪٿي کان ڪٿي هجي ها. مگر هو هاڻي به بنا پڇتاءُ جي ڏاڍو خوش آهي ۽ انهن ڳالهين تي فخر ڪري ٿو.
رند صاحب 1982ع ۾ جڏهن ٺٽي جو ڊي سي ٿي آيو ته ان وقت مان گهاري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هئس.
ان دور ۾ اسان جي ويجهڙائپ اڃا به وڌي. اهي ٻه سال منهنجي پوري نوڪريءَ جا شاندار سال هئا. جيڪي اسان گڏ گذاريا. ٺٽي ۾ به ڪافي زور بار هئا پر اهي ته مڙسيءَ سان face ڪيائين. 1984ع ۾ رند صاحب لنڊن جي سفارتخاني ۾ ڪميونٽي اتاشي ٿي ويو. جتي چار سال گذاريائين. اتي به سفارتڪارن جي تنظيم جو ليڊر رهيو. ليڊري سندس فطرت ۾ شامل آهي. اتي به ڪجهه مسئلا ٿيس پر خير ٿي ويو.
واپسي ۾ اپريل 1988ع ۾ پاڪستان ٿيس جتي ۽ خاص طور سنڌ ۾ سياسي ۽ انتظامي اٿل پٿل شروع ٿي وئي هئي. سائين غوث علي شاهه کي هٽائي سنڌ جي وڏ وزارت کان الڳ ڪري قاضي اختر کي وڏ وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.
اسلام آباد ۾ اوجهڙي ڪيمپ ڦاٽي پئي. ان جي انڪوائري جي نتيجي ۾ جوڻيجي صاحب پنهنجي وزارت عظمى تان به هٿ ڌوتا ۽ واپس سنڌڙيءَ اچي پهتو. سنڌ جو گورنر به بدلايو ويو.
بهاولپور جي مٿان 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق جي جهاز کي باهه لڳي ۽ جهاز ڦاٽي پيو. جنرل هن دنيا مان موڪلائي ويو. محترمه بينظير ڀٽو کي بلاول ڀٽو زرداري ڄائو.
جنرل اسلم بيگ، اسحاق خان کي ٽيڪ ڏني. هو قائم مقام صدر ٿي ويو. اليڪشن جي تاريخ نومبر 1988ع تائين وڌائي وئي.
ان دوران رند صاحب جنهن کي مان Man of crisis (بحرانن جو ماڻهو) چوندو آهيان اڳ ۾ ئي مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽريز ٿي چڪو هو. قاضي اختر جڏهن وري نگران چيف منسٽر ٿيو ته هن ڀٽي صاحب جي قائم ڪيل لاڙڪاڻي ڊويزن کي ٻيهر بحال ڪيو، ان بحال ڪيل ڊويزن جو پهريون ڪمشنر ڪي بي رند کي مقرر ڪيو ويو. جتي مان به اچي بطور سندس ٻانهن ٻيلي اسسٽنٽ ڪمشنر جنرل شامل ٿيس.
قاضي صاحب موهن جي دڙي ايئرپورٽ جي ڀرسان لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج به قائم ڪيو. اهو به ڀٽي صاحب جو خواب هو جنهن کي قاضي صاحب اچي ساڀيان ڏني. ان ڪاليج جي قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ جي ذميداري به رند صاحب جي حوالي ڪئي وئي. وڏي عرصي کان پوءِ، چونڊون ٿي رهيون هيون. انهن چونڊن کي غير جانبدار ڪرائڻ جي ذميداري به رند صاحب کي ملي. آخري ڪم قاضي صاحب جيڪو ڪيو، اهو 1988ع جون چونڊون ڪرائڻيون هيون، جنهن جي صاف سٿري تڪميل ڪي بي رند صاحب ڪئي ۽ قاضي صاحب اهي چونڊون عزت سان هارائي پنهنجي وڪالت جي چيمبر ۾ وڃي ويٺو پر قاضي صاحب هڪ ٻيو به نيڪ ڪم ڪيو. اسان جيڪي ليٽرل انٽريءَ ۾ 1975ع ۾ نوڪري ۾ داخل ٿيا هئاسون انهن جو ساڍن تيرهن سالن کان پوءِ 18 هين گريد ۾ پروموشن ڪيائين ۽ مون کي اتي ئي لاڙڪاڻي ۾ رند صاحب جي چوڻ تي ايڊيشنل ڪمشنر ڪري رکيو ويو.
رند صاحب کي نئين قائم ڪيل ڊويزن کي هلائڻو هو، بلڊنگ هٿ ڪري ان ۾ تبديلين جو ڪم شروع ڪيو ويو، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جا دورا ڪيائون، اسٽاف ڀرتي ڪيو ويو، اليڪشن جي ڏکئي ڪم کي منهن ڏنو. ان ڪم ۾ مون کي فخر آهي ته مان ساڻن گڏ هئس. ڪي بي صاحب سان ڪم ڪرڻ جيترو سٺو لڳندو آهي، اوترو ڏکيو به آهي. هڪ ته هو ڪم جي معاملي ۾ هارڊ ٽاسڪ ماسٽر آهي. ڪم ۾ ڪا به ڊسيپلن جي رعايت نه ڏيندو هو. بلڪه دٻ ڏيندي به دير نه ڪندو هو. ٽين جيڪا وڏي ۾ وڏي اسان لاءِ ڏکيائي هوندي هئي اها سندس شڪي مزاج، چوٿين ته کيس وفاداريون شڪ شبهي کان مٿي اڻ ورهايل گهربل هونديون هيون.
مون کي مون پرين، ٻَڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا ايئن چون، مڇڻ پاند پسائين!
(شاهه)

[b]رند صاحب جي لاڙڪاڻي مان بدلي
[/b]اليڪشن جي نتيجي ۾ محترمه بي نظير ڀٽو جي سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ حڪومت قائم ٿي.
رند صاحب تي اهو ٺپو لڳل هو ته پاڻ غلام مصطفى جتوئي صاحب جو ماڻهو ئي نه پر ڄڻ ته ڀائٽيو آهي. ان صورتحال کي رند صاحب ڪيئن منهن ڏنو جو محترمه کيس پنهنجي ڊويزن جو ڪمشنر رهڻ ڏنو ۽ مٿس پورو ڀروسو ڪيو. ڏکيا وقت به آيا، ماڻهن گلائون ۽ شڪايتون به ڪيون، پر محترمه مٿس پورو اعتماد ڪندي کيس پورا اختيار ڏنا. محترمه جي حڪومت جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ سندس سانگهڙ ۽ لنڊن جو دوست ڄام صاحب وزيراعلى ۽ سندس چاچو غلام مصطفى خان جتوئي مرڪز ۾ نگران وزيراعطم ٿي آيا، ٻنهي سندس بدلي ڪندي دير ئي نه ڪئي. حالانڪه رند صاحب کي اها خوش گماني هئي ته لنڊن ۾ ڄام صاحب سان ويجها لاڳاپا هئس. جڏهن رند صاحب جي بدلي واپس پاڪستان ۾ ٿي ته ڄام صاحب کيس گرانڊ پارٽي ڏني، جنهن ۾ 100-150 هاءِ پروفائيل ماڻهن شرڪت ڪئي. محترمه جي حڪومت ۾ ڄام صاحب محترمه جو ايڊوائيزر هو. ڄام صاحب جڏهن لاڙڪاڻي ايندو هو ته پهريون ڪمشنر رند صاحب وٽ چپ آلا ڪري، پوءِ پي ايم هائوس ويندو هو.
ڄام صاحب جي وفات کان پوءِ رند صاحب سيڪريٽري ايڪسائيز مقرر ٿيو. مظفر شاهه جي حڪومت ۾ مئي 1993ع ۾. وري سياسي ۽ انتظامي اٿل پٿل ٿي ته نواز شريف ۽ سائين مظفر حسين شاهه جي حڪومت به ڊاٺي وئي. مٿي معين قريشي صاحب آمريڪا مان پاڪستان اچي شناختي ڪارڊ ٺهرائي نگران پرائيم منسٽر ٿيو. سنڌ ۾ مدد علي شاهه (ر) جسٽس جيڪو 75 سالن جي پيٽي ۾ هو، اهو وزيراعليٰ ٿيو. سيڪريٽري ٽو سي ايم ڪي بي رند صاحب کي پورن اختيارن سان مقرر ڪيو ويو. اهو رند صاحب جي نوڪري جو معراج هو.
شايد مٿين جي پاليسي اها هئي ته جيڪي به خالي نوڪريون هيون اهي ڀري ڇڏجن. نه ته رند صاحب بنا اجازت جي ايئن نه ڪري ها. ڪي چون ٿا ته اهو تڪراري فيصلو هو.

[b]بي نظير صاحبه جي ٻي حڪومت
[/b]چونڊون ٿي ويون. جيئن اندازو هئو، بي نظير صاحبه جي ٻي حڪومت 1993ع ۾ ٺهي. سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ ٿيو. جلد ئي ڪي بي صاحب کي هٽائي، رسول بخش بلوچ کي سيڪريٽري ٽو سي ايم ڪيو ويو. رسول بخش بلوچ به رند ڀائرن جو جهڙوڪ ڀاءُ هو. پر ستت ئي منجهن اڻبڻت ٿي پئي. ڪي بي رند صاحب زراعت جو سيڪريٽري ٿيو ته اتان به جلدي کيس بدلي ڪري تعليم جو سيڪيٽري ڪيو ويو. مارچ 1994ع ۾ مون کي به تعليم کاتي ۾ بطور ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ مانيٽرنگ ڪري گهرايائون.

[b]رند صاحب اسلام آباد بدلي
[/b]جن ڏينهن ۾ مير مرتضى پاڪستان پهتو ته رند صاحب وٽ ‘هوم سيڪريٽري’ جي چارج هئي. کيس حڪم ڪيو ويو ته مير صاحب جو ضامن نه ٿئي، پر دهشتگردي ڪورٽ جي جج علي احمد جوڻيجي صاحب کي سرڪار کان ڪي شڪايتون هيون، کين جهٽڪو ڏيڻ لاءِ مير صاحب جو ضامن کڻي ڇڏيائين. ان ضمانت جو سڄو نزلو رند صاحب تي ڪريو، کيس اسلام آباد بدلي ڪيو ويو. جون 1994ع کان جولاءِ 2002ع تائين، سندس ڪيريئر جو هي مشڪل ترين وقت هو.
آرمي جي اسٽاف ڪاليج مان ايم ايس سي اسٽريٽجڪ سائنس ۾ ڪيائين. آرمي آفيسر ان ڪاليج ۾ هئا. انهن سان ياريون باشيون وڌايائين ۽ ان وچ ۾ کين 21هين گريڊ ۾ پروموشن به مليو. جولاءِ 2002ع ۾ سنڌ جا چيف سيڪريٽري ٿي آيا.
مشرف جي حڪومت ۾ ايس ڊي اي ٺاهي وئي ته جيئن اڳتي هلي اليڪشن جي نتيجي ۾ اتحادي حڪومت ٺاهجي. ان الائنس جا ٽي سربراهه هئا، ارباب ڊاڪٽر غلام رحيم، غلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ امتياز احمد شيخ. امتياز شيخ اليڪشن هارائي، جتوئي صاحب کي نااهل قرار ڏنو ويو. الائسن جي ميدان ۾ وڃي هڪڙو ليڊر ارباب غلام رحيم صاحب رهيو. سياست سياست آهي. پر پوءِ به پي پي جا چونڊيل ميمبر وڌيڪ هئا.
آصف علي زرداري صاحب جي والده جو انتقال ٿي پيو. زرداري صاحب ٻن ٽن ڏينهن جي پيرول تي نوابشاهه ۾ اچي رهيو. نواب شاهه سياست جو مرڪز ٿي ويو. محترمه بي نظير ڀٽو ملڪ کان ٻاهر جلاوطني ۾ ۽ پارٽي پي پي پي پارليامينٽيرين جي نالي سان مخدوم امين جي حوالي هئي. مولانا فصل رحمان به زرداري صاحب سان تعزيت لاءِ آيو. مخدوم صاحب گڏ هئس. سياسي ڳالهيون ٿيون. مخدوم صاحب کي وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي. کيس پٽ لاءِ وڏ وزارت سنڌ جي به آڇ ٿي. پر محترمه کين اجازت نه ڏني. زرداري صاحب به پنهنجي هوڏ تي بيٺو رهيو. مخدوم صاحب پوئتي هٽي ويو. سندس بخت تان پاڪستان جو وڏو عهدو کسجي ويو.
پي پي پي ۾ هڪ patriots جو گروپ ٺهيو، جيڪو سنڌ ۽ وفاق ۾ ڇڄي جنرل مشرف جي گروپ سان شامل ٿي ويو.
مهر بردارن جا هميشه طاقتور ادارن سان سٺا تعلقات رهيا آهن. انهن به ساڻن نڀايو آهي.
وفاق ۾ ظفر الله خان جمالي صاحب کي پي ايم ڪيو ويو، جيڪو هڪ ووٽ وڌيڪ کڻي وزيراعظم ٿيو. حساب ڪتاب رکڻ وارن جو ليکو صحيح هو. پرائيم منسٽر ٿيڻ لاءِ مخالف ڌر کان هڪ ووٽ ئي وڌيڪ گهرجي. سنڌ ۾ سگهارن ادارن پنهنجي ياري نڀائي ۽ سردار علي محمد خان مهر سنڌ جو نوجوان ترين وزيراعليٰ ٿيو. ان وقت سندس عمر 34 سال هئي. انتظامي تجربو به ڪونه ۽ وري سنڌ جو چيف سيڪريٽري رند صاحب. هڪ حلقي رند صاحب ۽ مهر صاحب جا تعلقات خراب ڪرائڻ جي شروعات ڪئي. ٻئي طرف مهر صاحب جي ناتجربيڪاريءَ کي ٽارگيٽ ڪري سندس ڪردارڪشي شروع ڪئي وئي. پنهنجا سندس ايمانداري ۽ ديانتداري مان تنگ ٿي پيا. سندن ڪم ڪار سندن مرضيءَ موجب نه پئي ٿيا. ايئن جو ايم ڪيو ايم جي ڪمن کي به گهڻي حد تائين لغام ڏنل هو.
ان سڄي قصي ۾ مهر صاحب کي شڪايت ته چيف سيڪريٽري تعاون نه ٿو ڪري، چيف سيڪريٽري کي اهو ڏک ته سندس پاڙيسري سياسي رقيب غلام رسول انڙ کي وڌيڪ اهميت آهي. اندر جا مسئلا ته الائي ڇا هئا، ان ڳالهه جي مون کي ذاتي خبر آهي ته هڪ رات چيف منسٽر سنڌ مهر صاحب، غلام رسول انڙ کي وٺي چيف سيڪريٽري وٽ آيو. انڙ صاحب چيف سيڪريٽري کان معافي ورتي، چيف منسٽر به رند صاحب کي سفارش ڪئي ته “ٻئي توهان جي در تي لنگهي آيا آهيون پنهنجي دل ٿڌي ڪيو.”
پر پوءِ به الائي ڇا ٿيو. مهر صاحب ڊسمبر 2002ع ۾ سي ايم ٿيو هو. رند صاحب 6 مهينن ۾ بدلي ٿيو. ان کان پوءِ جلد ئي مهر صاحب جي وڏ وزارت هلي وئي. ٻئي وڏا عهدا وڃائي وڃي گهر ڀيڙا ٿيا.
2005ع ۾ رند صاحب بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ٿيو جيڪو سندس ابن ڏاڏن جو علائقو هو. جتان 2008ع ۾ اليڪشن کانپوءِ کيس بدلي ڪري اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت ۾ غير اهم وزارتن جو سيڪريٽري ڪيو ويو. زرداري صاحب به صدر ٿيو. زرداري صاحب سان سندس پراڻا واسطا هئا. هو پنهنجن والدين کي چاچا، هڪ ٻئي کي سوٽ چوندا آهن. پر زرداري صاحب جي دور ۾ به سندس خيال نه رکيو ويو. ايستائين جو 2011ع ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪو مناسب عهدو نه آڇيو ويو. باوجود ان جي ته سندس سوٽ پاڪستان جو صدر ۽ اڇي ڪاري جو مالڪ هو.
هاڪس بي ڪراچي ۾ سمنڊ جي ڇولين جي مٿان خوبصورت گهر ٺهرايو اٿائين. چانڊوڪي رات ۾ سندس گهر جي ٽيرس تي ويهي چاندني رات ۾ سمنڊ جي لهرن ۽ چاندني جو پاڻ ۾ ٻکجڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي.
ڏهاڙي واڪ ڪرڻ جو پابند آهي. رات جو 11 بجي تائين آف ٿي ۽ صبح جو سوير ڪم تي تيار ٿي ويندو آهي. اهي سندس پراڻيون عادتون آهن. ساڍي نائين کان اڳ ۾ آفس ۾ هوندو، گهڻو وقت آفيس ۾ پبلڪ ڊيلنگ ۾ گذاريندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ ته سندس آفيس جي ٻاهران ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا. ڪي ماڻهو ته اهڙا به ايندا هئا جيڪي چوندا هئا ته ڪم ڪونهي، توهان سان ملڻ ۽ ڏسڻ آياسون. ساڳيو حال چيف سيڪريٽري ٿي رهڻ جو هين. ماڻهن جا ميڙ، غريب غربي سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو ۽ سندن ڪم اوليت جي بنياد تي ڪرڻ وارو. رشوت، مالي فائدن يا ٻين ڪنهن به قسم جي فائدن وٺڻ کان پري. صوفي فقير، ٻاهر جو سخت، پر اندران ٻار وانگر نرم ۽ معصوم لڳندو آهي. پنهنجي تعريف ٻڌي هر ماڻهو وانگر خوش ٿيندڙ، تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو گهٽ. پاڻ بابت ڪا غلط ڳالهه ٻڌي ويڳاڻو ٿي ويندو آهي. بي انتها حساس، سڀ اهي خوبيون ۽ خاميون جيڪي هڪ انسان ۾ ٿينديون آهن. همت ۽ حوصلي وارو، پنهنجي دل وڏي اٿس. دوستن، ساٿين، ڀائرن ۽ مائٽن کي به ڏکي وقت ۾ حوصلو ڏيندو رهندو آهي. ميوزڪ ۽ شاعريءَ جو شوقين، شاعرن ۾ لطيف سائين ۽ شيخ اياز سندس پسنديده شاعر آهن. اڪثر شيخ اياز جو هي شعر زبان تي هوندو اٿس:
هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا!
يا وري شاهه لطيف جي سِٽ زبان تي هوندي هئي:
پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ!
فنڪارن ۾ فقير عبدالغفور، علڻ فقير، جيجي زرينه بلوچ، روبينه قريشي، عابده پروين ۽ لتامنگيشڪر پسنديده فنڪار اٿس. سڄي زندگي گهران خرچ گهرائي پوري ڪئي اٿائين. زمينون ۽ ملڪيتون ننڍا ڀائر سنڀاليندا هئا ۽ اهي کيس هر مهيني پگهار ڏيندا هئا. هاڻي اهي ملڪيتون الڳ الڳ ٿي ويون آهن ته سندس پٽ سڪندر حيات زمينون ۽ ٻيو ڪاروبار سنڀالي ٿو ۽ ڪي بي صاحب کي هر مهيني پگهار ملندي آهي. هٿ جو ته ڇوٽ آهي. وٽس پوئين تاريخن ۾ پيسا گهٽ بچندا آهن. پر ماني شوق مان کارائيندو آهي. ٻوڙ ۾ به مرچن جو واهپو گهٽ ڪندو آهي. صحت جو تمام گهڻو خيال رکندو آهي. شام جو يا صبح جو واڪ عبادت وانگر ڪندو آهي.
نوڪرين ۾ به هر جڳهه تي گهڻو ڪري ڇڙو ۽ بنا ٻارن جي رهيو آهي. پر لنڊن ۾ ڪجهه عرصو فيملي به رکيائين جتي نياڻين کي تعليم به ڏياريائين. ياري باشي گهڻي. شام گهڻو ڪري سنگت سان گذريندو. يا ڪنهن وٽ هلي ويندو يا اڪثر وٽس مهمان هوندا. ٻيو نه هوندو ته الهه جڙيو، سندس مائٽ، هم ڪلاسي ۽ يار غار ته هوندو ئي هوندو. ڪچهري به ٿيندي ۽ ميوزڪ به ٻڌندو. ڪوئي ڪلام وڻي ويس ته ان جو آواز وڏو ڪندو، وڏو ڀاڳ وارو آهي. پوري پاڪستان ۾ سندس سنگت ساٿ آهي. ڪو نڀاڳو ماڻهو هوندو، جو کيس سندس نالي سان نه سڃاڻي. ڪنهن يار دوست يا ضرورت مند ماڻهو جو ڪنهن ۾ به ڪم هوندو ته ان کي چوڻ کان نه ڪيٻائيندو.
سندس پٽ شهزاد سيڪشن آفيسر ته ٿيو، پر پوءِ جلدي ئي فوت ٿي ويو. سندس ٻيو پٽ سڪندر حيات ٻني ٻارو ۽ ٻيو ڪاروبار ۽ سياست ڪري رهيو آهي. سياسي طرح محترمه فريال ٽالپر جو پوئلڳ آهي ۽ پي پي ۾ آهي. لائق ۽ عقلمند نوجوان آهي. سندس سياسي مستقبل شاندار ٿو نظر اچي. پيءُ واريون خوبيون اٿس. وڏي نظر ٿو رکي. منهنجي چاچي وانگر عزت ڪندو آهي ۽ هميشه جهڪي ملندو آهي. الله کيس آباد رکي.
بدنصيبيءَ سان ڪجهه عرصو اڳ ۾ ڀائرن ۾ ڪجهه ناچاقيون ٿي پيون، پر هاڻي کير کنڊ آهن. شل ايئن ئي هجن. سندن طاقت ٻڌي ۾ آهي. پاڻ ته ڪي بي رند صاحب سياست ۾ ڪونه آهي پر سندس ٻيو نمبر ڀاءُ گل محمد رند پي ٽي آءِ ۾ آهي، جڏهن ته علي اصغر مسلم ليگ (ن) ۾ آهي ۽ پٽ پي پي پي ۾ . ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ڪيترو آزاد خيال آهي ۽ سندن رستا ڪيترا الڳ الڳ آهن. حڪومت ڪنهن جي هجي، سندن خاندان مان ڪونه ڪو اقتدار ۾ هوندو. وري جي اچي آرمي ته اهي ته ڪي بي صاحب جا پراڻا دوست آهن.
ڪي بي رند صاحب ڄمڻ جو ڏينهن 15 نومبر تي ملهائيندو آهي. سندن ڄم جو سال 1951ع آهي.

[b]گل محمد رند
[/b]گل محمد رند صاحب، ڪي بي رند جو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي. پاڻ 11 آڪٽوبر 1953ع تي ڄائو. تعليم پنهنجي تر ۾ وٺڻ کان پوءِ نواب شاهه ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري ورتائين. پنهنجي ڀاءُ ڪي بي رند صاحب جي پوئواري ڪندي سي ايس ايس جو امتحان ڏنائين. آفيس مينجمينٽ گروپ ۾ آيو. سيڪشن آفيسر ٿيو، پوءِ سنڌ ۾ مختلف عهدن تي رهيو. سندس آخري پوسٽنگ سيڪريٽري انڊسٽري ۽ پروڊڪشن رهي. اهڙا گهٽ مثال آهن ته ٻه ڀائر هڪ ئي وقت وفاقي حڪومت جا سيڪريٽري هجن. 2013ع ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ سڪرنڊ ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجون زمينداريون ۽ ٻيو ڪاوبار به سنڀالي ٿو. ڪراچيءَ ۾ به گهر اٿس.
سندس وڏو ڪم اهو آهي ته هن پنهنجي والد جي نالي تي ‘حاجي غلام نبي رند ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن’ ٺاهي آهي. ان تنظيم جي معرفت خاص طور تعليم جي کيتر ۾ مختلف فلاحي ڪم ڪري رهيو آهي. ٻه آئيس فيڪٽريون ۽ هڪ شادي هال جي انڪم جو ڳچ حصو هن آرگنائيزيشن کي ملندو آهي، جنهن مان اسڪول ۽ ٻين ڪمن تي خرچ ٿيندو رهندو آهي. ڪو به چندو يا ٻي مالي مدد ٻاهران نه وٺندو آهي. عورتن جي ڀلائي جا مرڪز، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. ان ڏس ۾ گل محمد جي جيتري تعريف ڪجي، گهٽ آهي. پاڻ هڪ وقت وڏي عرصي تائين پاڪستان ٽي وي جي پروگرام ۾ هوسٽ طور ڪم ڪيائين. ڪپڙي ۽ پنهنجي فٽنيس جو خفت اٿس. تقريباً پوري دنيا گهمي چڪو آهي. سياسي طرح عمران خان جي پي ٽي آءِ ۾ سنڌ جو متحرڪ ميمبر به آهي. هي روائتي ٻروچ هوندي به روشن ضمير آهي. هن کي پٽ جو اولاد ڪونه آهي. کيس ٽي نياڻيون آهن. ٽنهي کي اعليٰ تعليم ڏياري اٿائين. وڏي نياڻي بئريسٽر آهي، ٻي نياڻي آرڪيٽيڪٽ انجنيئر آهي ۽ ٽين اڪانامسٽ. ٽئي نياڻيون نيويارڪ ۾ رهن ٿيون.

[b]علي اصغر رند
[/b]سندن چوٿون نمبر ڀاءُ علي اصغر رند آهي، کيس اسان ننڍي مان وڏو ٿيندو ڏٺي آهي. 2017ع ۾ اول خير پنهنجي پنجاهين سالگره ملهائيندو. ڪي بي رند 1982ع ۾ جڏهن ٺٽي ۾ ڊي سي هو ته سڪندر حيات ۽ علي اصغر اتي ايندا هئا. هاڻي ته ٻئي ماشاءَ الله جوان جماڻ آهن. ٻارن جا پيءُ آهن. زندگي جو ڪاروبار سولي نموني سان هلائي رهيا آهن ۽ خوش گذاري رهيا آهن. ڪي بي صاحب پنهنجي ڀائن کي به اولاد وانگر سنڀاليو آهي. ننڍي ٻوٽي مان کين وڏو وڻ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي نه صرف پاڻ ان ڇانءَ جو مزو وٺن ٿا، پر ٻين کي به ان ڇانوَ جي آسيس ڏين ٿا. علي اصغر لنڊن مان ايم بي اي ڪئي. سنڌ گورنمينٽ ۾ 18 هين گريڊ ۾ نوڪري ڪئي پر پوءِ جلد ئي استعيفيٰ ڏئي پنهنجي ڪاروبار، ٻني ٻاري ۽ زمينداري لاءِ وقت ارپي ڇڏيائين! هاڻي سياسي طرح مسلم ليگ (ن) سان گڏ آهي. سنڌ ۾ ليگ جو اهم رڪن آهي.
سابق وزير عبدالله بلوچ جي نياڻي سان شادي ٿيل اٿس. ان مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ اٿس. وڏي نياڻي لنڊن ۾ ميڊيڪل جي تعليم وٺي رهي آهي. ٻي نياڻي به بئريسٽري لاءِ تياري ڪري رهي آهي، اها به ايندڙ سال لنڊن لاءِ سنڀريل آهي. پٽ اڃا ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ پڙهي رهيو آهي.اصغر ۾ به ٻنهي ڀائرن واريون خوبيون آهن.

[b]حمل فقير لغاري
[/b]حمل فقير 1809ع ۾ خيرپور رياست ۾ ڄائو. 1879ع ۾ فوت ٿي ويو. سندن تربت ڳوٺ مير خان لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي.
منهنجي ساڻس ملاقات 1963ع ۾ ٿي جڏهن مون سندس ڪليات پڙهڻ شروع ڪئي.
حمل چئي هن ڳالهه جو ويهي ڪيم ويچار،
ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار،
اندر مان عقل چيو نڪتو هي نروار،
لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪو نه لهي.
حمل فقير جا اهڙا سوين هزارين بيت اسان جي ملاقات جو سبب بڻيا. مان اڃا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس، اها لوڪ ڏاهپ جي شاعري پڙهي ايئن لڳو ڄڻ حمل فقير عام ماڻهو جي دل جو آواز هو. عام فهم ٻولي ۽ عام سوچ عام ماڻهو واري ۽ نفيس ۽ موسيقيءَ ڀريل رڌم سان بيت ۽ بيتن مٿان بيت.
نواب شاهه کان حيدرآباد ويندي يا ايندي حمل فقير جو دائمي ڳوٺ منهنجي رستي ۾ پوندو هو. لڳندو هو ته حمل فقير ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ اڌ جاڳي اڌ ننڊ جي عالم ستو پر دل سجاڳ، روح سجاڳ آهيس. ڪڏهن ڪڏهن آءٌ لڙي ويندو هومانس، ڪچهري ڪرڻ. ڏاڍا حال احوال ڪندا هئاسون. پاڻ اڪثر بيت ۾ جواب ڏيندو هو. کيس شڪايت ته “سندس قدر نه ٿيو. سواءِ سيد امداد محمد شاهه جي.” مون کي ڪڏهن ڪڏهن ميار ڏيندو هو ته “‘وتائي فقير’ تي به ميلو مچايو ٿي. منهنجو خيال نه آيئه؟” مان کيس ڊڄي ڊڄي جواب ڏيندو هئس ته “فقير هو ته ننڌڻڪو واڻيو الائي جي شيخ! تون ٻروچ، ڌڻين سائين وارو. ٻيون تنهنجي وارثي جي. ايم. سيد جي پٽ ڪئي ٻيو ڇا گهرجئي.”
پوءِ هڪ ڏينهن حمل فقير لغاري جي يونين ڪائونسل جي چيئرمين کي آفيس ۾ سڏايم. حمل فقير جي پونئرن مان اهو به لغاري هو. سٺو، روشن دماغ نوجوان هو. هن سان ڳالهين ۽ ملاقاتين جا سلسلا چالو هئا ته منهنجي سکر بدلي ٿي وئي. “اها ڪئي ٻروچڪي ڏاڍ مڙسي نه ته تو سان ياري پختي ڪجي ها.”
هاڻي ته حمل فقير جو ڪليات به مارڪيٽ ۾ ڪونه ٿو ملي. سنڌي ادبي بورڊ وارا صرف جيئرن جون ڪليات پيا ڇپائين. مئل حمل فقير جي ڪير سفارش ڪري. هڪ ڊاڪٽر اين اي بلوچ هو اهو به حمل فقير سان وڃي مليو. بلوچ صاحب جي ڪرسي تي ڊاڪٽر يعقوب مغل ويٺل هو. ان کي به ڀڄائي گهر موڪليائون. سندس چيئر به خالي آهي. ڪو ايندو ! نيٺ ته ايندو!
سڪندي ٿيڙم سال، تو سڪ نه لاٿي سپرين،
اٺئي پهر اندر ۾، آ تنهنجي سڪ سنڀال،
اچين هوند حمل چئي، ڪري ڀلايون ڀال،
ته ملڪ مڙيون سڀ مال، سر سوڌو صدقي ڪريان.
(حمل)
(ڪليات حمل هينئر مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي.)

[b]نوجوان اديب
[/b]فياض چنڊ ڪليري، منور سراج، ضراب حيدر ۽ وسيم سومرو
مٿين نالن وارن نئين ٽهي جي شاعرن، ناول نگارن ۽ افسانه نگارن ۽ اديبن جو لڏو منهنجو پسنديده گروپ هوندو هو. نواب شاهه ۾ ساڻن ملاقاتون پيون ٿينديون هيون. اڄ جا نوجوان اسان واري سينيئر ٽهي کان وڌيڪ ڏاها، ذهين ڄاڻو ۽ محنتي آهن. مون ساڻن ملي هميشه اتساهه حاصل ڪيو. اسان جا نوجوان جيڪڏهن ههڙا ٿي پون ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي نه لهر، نه ڪو لوڏو.

[b]چيف منسٽر مهر صاحب کي عيد مبارڪ
[/b]2003ع جي نومبر جي آخر ۾ عيد سڳوري هئي. مان حيدرآباد آيو هئس. ٻارن ٻچن سان عيد ملهائڻ. حڪم ٿيو ته عيد کان پوءِ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن تي چيف منسٽر سنڌ سردار علي محمد خان مهر پنهنجي ڳوٺ خانڳڙهه شريف ۾ ميٽنگ رکي آهي. ڪيڏانهن حيدرآباد ڪيڏانهن خان ڳڙهه. گهوٽڪي کان 30 منٽ پري. چئن ساڍن چئن ڪلاڪن جو وقت، يارهن بجا ميٽنگ جو ٽائيم اها آهي نوڪري ٽوڪري. سکر ۽ لاڙڪاڻي، ڊويزنن جا ٻيا به ڊي سي اوز پهتل هئا. ڊي آءِ جي محمد رمضان چنا به آيل هو. پوءِ ڀيد کليو ته اها ميٽنگ نه، پر سي ايم سنڌ طرفان اسان کي عيدملن پارٽي هئي. اتي غير رسمي گپ شپ به هئي. هر آفيسر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو پئي ويو. جن شروعات ڪئي انهن غير واجب تعريف سان ڪئي. مان منجهي پيس. مون کي سي ايم صاحب جي نواب شاهه واري دٻ ياد پئي آئي. مان اهڙا لفظ چونڊڻ ۾ لڳي ويس جيڪي کيس وڻن به ۽ بي جا ساراهه ۾ به نه هجن.
جڏهن منهنجو وارو آيو ته مون چيو ته ”توهان جا coalation جا ساٿي آهن. ڪيترا ته اڪثر آفيسرن کان ناخوش به آهن. پر توهان آفيسرن تي بيجا عتاب نازل نه ڪيو آهي ۽ هو پاڻ کي توهان جي هوندي محفوظ ٿا سمجهن.” اها هئي به حقيقت. ڪجهه ٻيا لفظ چيا. آخر ۾ چيم ته “توهان اسان جو پروموشن به ڪيو آهي پر اهو نوٽيفاءِ نه ٿيو آهي. مهرباني ڪري اهو ڪم ڪيو.” سندس موڊ ڏاڍو سٺو هو. سيڪريٽري ٽو سي ايم کي ان وقت ئي فون ڪري چيائين ته منگي صاحب جو 20هين گريڊ جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻو آهي. کيس اهو به چيائين ته ڪراچي بدلي ڪرڻي آهي. پويان لفظ مون کي ٻڌائڻ لاءِ چيائين! فون رکي چوڻ لڳو موڪلن کان پوءِ توهان جي بدلي ڪري ڪراچي ۾ اوهان کي پوسٽنگ ڏينداسون.

[b]نوابشاهه مان بدلي
[/b]آءٌ نه بدلي لاءِ تيار هئس نه ڪراچي لاءِ. نواب شاهه ۾ مون کي ڏکين حالتن ۾ ڏيڍ سال ٿي ويو هو. نه ناظم صاحبه خوش هئي ته coalation جا ساٿي مون کي پڪ هئي ته ڪنهن ڪنڊ پاسي هڻندا. مان پريشان ٿي ويس. ان پريشانيءَ ۾ ماني به نه وڻي ۽ واپسي جو سفر به ڏاڍو بور گذريو.
عيد جون موڪلون ختم ٿيون، خبر پئي ته coalation پارٽنرس سڄي نواب شاهه ضلعي جا، جن جو تعداد 25 کن هئو، انهن هڪ نقاطي ايجنڊا تي چيف منسٽر سان ملاقات ڪئي. چيف منسٽر جو 15 ڏينهن کان پوءِ نواب شاهه جو دورو هو. سڀني کيس هڪ آواز ٿي چيو ته “جيستائين عبدالقادر منگي، ڊي سي او، نوابشاهه آهي تيستائين نواب شاهه نه اچجو.”
چيف منسٽر ذهن اڳ ۾ ئي ٺاهي چڪو هو، چيائين “ٺيڪ آهي، منگيءَ جي ٻن ڏينهن ۾ بدلي ٿي ويندي.” سڀ ڏاڍا سرها ٿيا ته وڏي کيپ کٽي اٿائون.
مون کي ٻين جو ڏک نه ٿيو پر ڪي بي رند صاحب جي ڀاءُ اصغر رند، سردار خان محمد خان ڏاهري جيڪو هر هفتي مون وٽ ايندو هو ۽ اسان جي رات جي ماني ڳوٺ ڪندو هو. ان سان ڏيڍ سال ۾ ڪڏهن به تعلقات خراب نه ٿيا. ٽيون ماڻهو جنهن جو مون کي ڏک نه ڪرڻ گهربو هو اهو هو کڏهڙ وارو انڙ غلام رسول. جنهن هرو ڀرو مون کي قرآن مٿي تي رکي چيو هو ته هو منهنجي ڪڏهن به مخالفت نه ڪندو.
هاڻي ڏاهري صاحب ۽ غلام رسول انڙ صاحب سياسي طرح پيپلز پارٽي ۾ محترمه فريال ٽالپر جي تابعداري ۾ آهن. باقي علي اصغر رند، هن پنهنجي ڀاءُ جو به لحاظ نه ڪيو. هاءِ سياست تون به ڏاڍي ڪني شئي آهين، پنهنجن کي پرائو ڪري ڇڏين ٿي.
علي حسن بروهيءَ ايڊيشنل سيڪريٽري ٽو سي ايم فون ڪيو ته ”توهان کي صاحب هڪ بجي ياد ڪيو آهي.“مون چيومانس ته مان هڪ بجي نه پهچي سگهندس ڪلاڪ ٻه دير ٿيندي، پنڌ وڏو آهي. وري پڇيومانس ته “ڪٿي ٿا موڪليو؟” چيائين “توهان کي سي ايم، صاحب پنهنجي ويجهو ٿو گهرائي.” مان سوچ ۾ پئجي ويس ته ڪراچي ۾ ڪا پوسٽ ئي خالي ڪانهي، ٻيو ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي بادشاهي آهي. مالڪ سائين خير ڪجانءِ.
علي حسن جي آفيس ۾ داخل ٿيس ته چيائين ته رليڪس ٿيو، لنچ ڪيو. مون چيومانس ته “ٽينشن ۾ ماني وڻندي؟” چيائين “توهان کي سٺي پوسٽنگ ملندي. توهان پريشان نه ٿيو. سي ايم صاحب توهان جي عزت ٿو ڪري.” ٻه گرهه ماني کاڌي. علي حسن کيس اطلاع ڏنو، چيائينس ويهاري ڇڏينس، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه ٿيا، مون کي سڏ ٿيو. دعائون گهرندو اندر داخل ٿيس، ڪمري ۾ پاڻ مسڪرائي اٿي مليا. سامهون ڪرسي تي ويهاريائون، ويهڻ سان سوال ڪيائون ته “ڪهڙو حال آهي؟” ايتري ته سٺي نموني پڇيائون، جو مون ۾ اعتماد آڻي ڇڏيو.
سائين نواب شاهه کان، توهان مون کان وڌيڪ واقف آهيو. ڳالهه سمجهي ويو. پوءِ هڪ ڏينهن پهريون وارو قصو ٻڌايائين. کلي چيائين ”انهن ماڻهن نواب شاهه ۾ ڪن ڪري ڇڏيو آهي. توهان نواب شاهه جي لائق ناهيو.“
”سکر منهنجو ضلعو آهي. مون فيصلو ڪيو آهي ته توهان اتي وڃو.“ انڌو گهري هڪ اک، مون کي ٻئي ملي رهيون هيون. علي حسن سچ پئي چيو ته مهر صاحب مون کي پنهنجي ويجهو پيو گهرائي. چانهن گهرايائين. گپ شپ ٿيندي رهي. سيڪريٽري گدارو صاحب کي گهرايائين. ان کي چيائين ته “منگي صاحب کي پروموشن سان گڏ سکر موڪلبو.” مون ڏي ڪنڌ ڦيرائي چوڻ لڳو ته “نواب شاهه ۾ ڪنهن کي موڪليون؟” ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو ته “گل محمد عمراڻي، ايم ڪيو ايم جي وزير کان تنگ آهي. اهو نواب شاهه لاءِ ڪيئن رهندو؟” مون عمراڻي صاحب جي تعريف ڪئي. بخشيل خان کي چيائين “ته پوءِ ايئن ڪريو.”
مون چانهن پوري ڪري اجازت گهري، اٿندي پڇيو “ڪا خاص هدايت هجي.” چيائين ته “غريبن جو ۽ خاص طور اسان جي غريب مهرن جو خيال ڪجو! باقي توهان کي خبر آهي ته ڊي سي او کي ڪيئن هلڻ گهرجي. اسٽرانگ ٿي نوڪري ڪجو، اسان جي توهان کي پوري سپورٽ رهندي.” علي حسن جا Thanks ڪيا. بخشيل خان گداري کان موڪلايو. هن سان لاڙڪاڻي ۾ سال کن سٺو وقت گذريو هو. هن چيف سيڪريٽري کي چئي ڇڏيو هو ته اڄ ئي آرڊر پروموشن سان گڏ ڪڍي اشو ڪري ڇڏي.
مان ڪراچي جي ٽول پلازا تي پهتس ته سيد جمال مصطفيٰ جو فون آيو چيائين! “سائين توهان ڪراچي ۾ واردات ڪيون ٿا وڃو؟” پاڻ ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز هيو ۽ منهنجو پيارو دوست آهي. نواب شاهه ۾ هن سان ڪچهريون ٿينديون هيون، کيس تاڪيد ڪيم ته، “پروموشن ضرور نوٽيفاءِ ڪجو.” مان حيدرآباد پهتس ته منهنجي گهر سکر ۾ پوسٽنگ جو آرڊر پيو هو.
Thanks to coalation partners
Thanks to CM Sindh.
ٻئي ڏينهن 3 ڊسمبر 2003ع تي شام جو نواب شاهه ۾ چارج ڇڏي، چئين بجي سکر لاءِ روانو ٿي ويس. ڊي سي او سکر جي چارج ٽن مهينن کان مبين خان اي ڊي او (روينيو) وٽ هئي. هن ڪوشش پئي ڪئي ته ڊي سي او ٿي وڃي پر ٽن مهينن جي آزمائش کان پوءِ وري پنهنجي اصلوڪي پوسٽنگ تي هليو ويو. مون پنهنجي نواب شاهه مان نڪرڻ جو کيس اطلاع ڏنو ته مان اڄ ئي پهچي چارج وٺندس.