آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

17. سيپٽمبر 2006 کان سيپٽمبر 2007ع

[b]سيڪريٽري ڪلچر
[/b]صوبائي ثقافت کاتي جي چارج ورتم ته هڪ خط مليو:
“توهان جي بطور سيڪريٽري ڪلچر مقرري جو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌ گورنمينٽ ويجهڙائي ۾ اهو ئي عقلمندي جو ڪم ڪيو آهي جو توهان کي هن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. توهان سان اسان جي مدد ۽ دعائون شامل حال رهنديون.”

[b]ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[/b]خط جو متن ڪجهه اهڙو ئي هيو ڪجهه ٻيون دل کي آٿت ۽ تسلي ڏيندڙ ڳالهيون به ڊاڪٽر صاحب جي طرفان لکيل هيون. مون اڳ ۾ به ڊاڪٽر صاحب جو ڪٿي ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جون مددون ۽ دعائون هميشه مون سان گڏ رهيون. جيستائين مان محڪمه ثقافت ۾ رهيس سندس مهربانيون گڏ رهيون. بدنصيبي منهنجي جو مان انهن مان پورو پورو فائدو نه وٺي سگهيس. هلندي هلندي هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان.
مون کي خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجا ڪتاب ڪنهن اداري کي ڏيڻ جو سوچي رهيا آهن. مون کي ٻڙڪ پئي ته مان به وٽن، عثمان منگيءَ سان گڏ، سندن اولڊ ڪئمپس واري گهر ۾ لنگهي ويس. دعا سلام کان پوءِ سندن ڪتابن لاءِ عرض ڪيم. مسڪرائي جواب ڏنائون، “منهنجو ارادو ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو هيو، پر بابا توهان لنگهي آيا آهيو، توهان مون کي پيارا به آهيو. ڪڏهن توهان ڪو ڪم نه چيو آهي، هي به توهان جو ذاتي ڪم ڪونه آهي. پيسا نه وٺندس، باقي ڪتاب ڍنگ سان دائودپوٽي لئبرريءَ ۾ ٺاهي رکجو! ته جيئن آيو ويو ان مان فائدو وٺي سگهي.” مون سندن ٿورا مڃيا. موڪلايو.
*
مان ڏاڍو خوش ٿيس. اها وڏي حاصلات هئي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ايتري وڏي موٽ ڏني هئي. سندس لائبريري جو هڪ ڪتاب به سون ڪتابن جي برابر هيو. عزت ۽ شان تنهن کان سواءِ.
اسان وٽ لائبريرين کي بهتر ڪرڻ ۽ وڌائڻ ۽ فرنيچر جي وڏي اسڪيم هلندڙ هئي، جنهن ۾ حيدرآباد جي مک علامه دائود پوٽو لائبريري به شامل هئي، جنهن جي مرمت ڪرائي رهيا هئاسون.
مان ته ڪراچيءَ ۾ هيڊ ڪوارٽر ڪري ويٺو هوس پر ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل شمس جعفراڻي، حيدرآباد جو پکي آهي. هو ان زماني ۾ موڪلون حيدرآباد ۾ گذاريندو هيو.
مون هن سان سربستي ڳالهه ڪئي، هن کي به سٺو لڳو. کيس چيم ته هو جڏهن جڏهن حيدرآباد وڃي ٿو، ته ڊاڪٽر بلوچ سان ان معاملي کي اڳتي وڌائي. لائبريريءَ ۾ بلوچ صاحب جي خواهش مطابق ڪٻٽ ٺهرائي ۽ اها ڪارنر به علامه دائود پوٽو لائبريريءَ ۾ ٺهرائي ته جيئن بلوچ صاحب کان ئي ان لاءِ صلاح مشورا وٺندا رهون ۽ ان جو افتتاح به کانئس ئي ڪرائجي.
جعفراڻي صاحب بلوچ صاحب سان ملاقاتون به ڪيون. مونکي حال ڏيندو رهيو، پر الائي ڇو ايتري دير ٿي وئي جو اها ڪارنر نه ٺهي سگهي ۽ مان به سال کن ۾ بدلي ٿي ويس.
منهنجو ارادو هيو ته ٻنهي عالمن ۽ اديبن کان به ڪتاب حاصل ڪجن، جنهن جي نالي تي ڪارنرس قائم ڪجن، پر پهريون ڪم ئي اڳتي نه هليو ته منهنجي همت به هيڻي ٿي پئي.

[b]ثقافت کاتو
[/b]منهنجي ڪلچر ۾ پوسٽنگ ته ٿي پر ڏينهون ڏينهن بي چيني وڌندي وئي هئي. وزير صاحب گهرو کاتي کان هتي بدلي ٿي آيو هيو، پر اڃان تائين وزير داخله وانگر پيو پاڻ کي محسوس ڪرائي.
وزير ته وزير پر هن جا پنج پرائيويٽ سيڪريٽري، انهن مان به هر هڪ وزير هيو. ايم ڪيو ايم کي ايتريون وزارتون ۽ ائڊوائيزريون مليون، جو ڪاميڊين عمر شريف کي به ايڊوائيزر ڪري رکيائون، اهو ائين پوز ڪندو هيو ته هو به ڪلچر جو ڊپٽي وزير آهي. ان صورتحال ۾ مون ڪلچر جي محڪمي جي چارج سنڀالي.
ان کان علاوه به مون ڪلچر ۾ نوڪريءَ کي سولو نه پئي سمجهيو. ڇو ته ڪلچر جي حوالي سان منهنجي ڪريڊٽ تي ڪجهه اهڙا ڪم هئا، جيڪي مون ڪلچر ۾ نه هوندي به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر طور ڪيا هئا، جيڪي سنڌي ماڻهن جي دل تي نقش هئا، ان ڪري سنڌي ماڻهن، سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪرڻ وارن جي مون سان محبت ، عزت ۽ اميدن جي گهرج اها هئي ته مان ڪجهه وڌيڪ ڪري سگهان، ڇو ته هاڻي سڀ ڳالهيون منهنجي فرضن ۾ شامل هيون.
اڳ ۾ جڏهن اهو سڀڪجهه مون ڪيو، ان وقت مان آزاد هيس، ڪنهن کي نه ته جواب ڏيڻو ۽ نه ئي ڪنهن جي هدايتن تي ڪم ڪرڻو هيو. اتي مون کي عوام، سول سوسائٽي ۽ پوري سنڌ جي ادبي لڏي جي مدد حاصل هئي ۽ هر ڪنهن کي خبر هئي ته مان خالي هٿن سان سڀ ڪجهه ڪري رهيو هيس، پر هتي هر ڪنهن کي اها اميد هئي ته ڪنهن به ڪم ڪاج لاءِ سرڪار جي بجيٽ مقرر ٿيل آهي.
پر هاڻي مان اهڙو پهلوان هيس، جنهن جا هٿ ٻڌي باڪسنگ جي رنگ ۾ لاٿو ويو ته ريسلنگ کٽي ڏيکاريان.
هتي ته بجيٽ به ناڪافي ۽ ٻيو ته ان تي به واسينگ ويٺل. بجيٽ جو ڳچ حصو ته اهڙو هيو جو مشاعرن ۽ مشهورين تي خرچ ٿي ويو.
ڀڱي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
(شاهه سائين)
مان هڪ سال ڀڳي سان ئي ڀيريو، پر رتو راس ڪونه ٿيو.

[b]ڪلچر جي آفيس کسجي وئي
[/b]پهريون جهٽڪو ته اهو آيو ته سيڪريٽري ڪلچر جي اها آفيس، جيڪا حميد آخوند صاحب ۽ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه چاهه ۽ چاء سان ٺاهي هئي، کي ڇڏڻ جو حڪم ٿيو. حالتن سان سرچاءُ ڪرڻو پيو. ايم ڪيو ايم جي وزير قمر منصور گورنر ۽ چيف منسٽر کي چئي اها آفيس پنهنجي سيڪريٽري کي ڏياري. زور اڳيان زاري! چيف سيڪريٽري چيو ته هو مونکي ٻي بهتر آفيس ڏيندو. آفتاب ميمڻ صاحب جيڪو مون کان پوءِ منهنجي جاءِ تي سيڪريٽري ٿيو، ان آفيس نه ڏني. کيس چيف سيڪريٽريءَ ٻه ٽي ڀيرا چيو، پر ميمڻ صاحب الائي ڪهڙو پلاند ٿي پاڙيو. هر هر چيف سيڪريٽريءَ کي ڇا چئجي، ٻيو سنڌائتو ڌڪ آفتاب ميمڻ صاحب اهو هنيو، جو هن منهنجي چارج ڇڏڻ جي ٻئي ڏينهن تي هڪ خط ڪڍيو ته مان گاڏيون گم ڪري ويو آهيان. جڏهن ته اهي گاڏيون اڳ ۾ ئي گاڏين جي پول ۾ محفوظ هيون. ميمڻ صاحب ان خط جي آفيس ڪاپي پريس کي ڏئي ڇپائي ڇڏي جنهن سان اهو تاثر مليو ته ڄڻ مان ڌاڙو هڻي ويو آهيان، ڳالهه چيف سيڪريٽري فضل الرحمان صاحب تائين وئي، ميمڻ صاحب ۽ مان حاضر ٿياسون. ميمڻ صاحب پنهنجي اٻهرائي قبول ڪئي ۽ مونکي چيف سيڪريٽريءَ جي روبرو هڪ نه ٻه ڀيرا Sorry چيو.
ان بيڪ ڊراپ ۾ وري ميمڻ صاحب جي آفيس نه ڏيڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي. مون کيس چيو ته توهان مون کي وڏي آفيس نه ڏيو، پر جيتري مان آفيس جي ايريا خالي ڪئي آهي، ايتري مهرباني ڪيو.... پر “مين نه مانون”.
آخر هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري منهنجي دربدري محسوس ڪري، پنهنجي آفيس خالي ڪئي.
ڪڏهن ائين هياس، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا،
هاڻ ائين ٿياس، جو جت نه نينم پاڻ سين.

(شاهه سائين)

ان وچ ۾ شمس جعفراڻي ۽ اسحاق لاشاري پنهنجي طرفان آفتاب صاحب وٽ لنگهي ويا ته “منگي صاحب کي آفيس ڏيو، پر جيڪڏهن توهان کي ڪا شڪايت آهي ته اها به حل ٿي سگهي ٿي!” پر پوءِ ٻئي لٿل چهرا کڻي موٽي آيا.
مون چارج ورتي ته قمر منصور راندين ۽ نوجوانن جو وزير هيو، کانئس ثقافت جو کاتو ڦرجي وڃڻ ڪري ناراض ۽ ناخوش هيو. ٻئي طرف رئوف صديقي داخله جي کاتي ڦرجي وڃڻ جي ڪري ناراض هيو ۽ مان مسڪين جنهن کي مجبوريءَ ۾ ثقافت کاتي ۾ چيف سيڪريٽريءَ جي مهربانيءَ سان جاءِ پناهه ملي هئي، اهو پنهنجو پاڻ کان ناراض ۽ بيزار هيو.

[b]شمس جعفراڻي ڊي. جي ڪلچر
[/b]مون کي ڪلچر ۾ آئي هڪ ٻه ڏينهن ئي گذريا هئا، مان اڃان پراڻي ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ ويهندو هيس ته هڪ ڏينهن شمس جعفراڻي آيو، ڪافي ڏينهن کانپوءِ ملي رهيا هئاسون. بي انتها خوش ٿيس، شمس ۽ اسان ڳڇ عرصو حيدرآباد نوڪري ۾ گڏ گذاريو آهي. ان کان علاوه اڳ ۾ به سنڌ ۾ گڏ سڏ نوڪري ڪئي آهي. هو به SDM هيو ته مان به SDM هيس، هو به DC هيو ته مان به DC هيس. تنهن هوندي به هڪ ضلعي ۾ گڏ نوڪري نه ڪئي آهي، پر شمس جعفراڻي جلد ئي پنهنجي لاءِ هڪ ذهين، محنتي، دورانديش ۽ سٺي آفيسر وارو تاثر قائم ڪري ورتو آهي. عوام ۾ توڙي آفيسرن ۾ سندس عزت آهي، مونکي خبر هئي ته هو سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ايم ڊي هيو، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن به ٻڏل کاتو هيو. ڪجهه وقت اڳ ۾ اهو بند ڪيو پئي ويو، شابس آهي سيد سردار احمد کي جيڪو ناڻي کاتي ۾ وزير هيو. هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ کيس سنڌ جي مسئلن بابت پروڙ هئي. پاڻ انهن تي همدردانه راءِ ۽ رويو رکي ٿو. هن بند ٿيندڙ سيڊ ڪارپوريشن کي چالو ڪرايو. پنجاب جي سيڊ ڪارپوريشن نه رڳو پنهنجو خرچ ڪڍي ٿي، آبادگارن لاءِ ريسرچ ڪري ٻج به پيدا ڪري ٿي ۽ سنڌ ۽ ٻين صوبن کي به ٻج وڪڻي ٿي. ان صورتحال ۾ شمس جعفراڻي کي ايم ڊي لڳايو ويو، پر جيڪو بورڊ ٺاهي ڏنو ويو، ان ۾ چوڌري اسلم ميرپورخاص واري زميندار جو عمل دخل تمام گهڻو هيو. چوڌري صاحب چيف منسٽر ارباب غلام رحيم جو ويجهو دوست هيو. ايم ڊي کي چيو ويو ته جيئن چوڌري صاحب جو مشورو هجي ان کي اوليت ڏجي.
پوءِ چوڌري ۽ شمس جا مسئلا ڳنڀير ٿيندا ويا. شمس جي بنا پوسٽنگ جي بدلي ڪئي وئي. شمس ڪافي عرصي کان پوسٽنگ جي انتظار ۾ هيو.
شمس کي ڏسي خوش ٿيس، حال احوال ٿيو، پوسٽنگ جو پڇيم، چيائين ته ڪونه ٿي آهي. وڌيڪ چيائين ته ڪوشش ڪريان ٿو. مون چيومانس ته اسان وٽ ڪلچر ۾ به 20 گريڊ جي پوسٽ خالي آهي، مان به ڪوشش ڪريان ٿو، توهان به ڏسو، چانهن پيئڻ دوران چيائين ته ”سيڪريٽري هوم، برگيڊيئر (ر) غلام محمد محترم سان سندس ڪنهن دوست جي حوالي سان ملڻو آهي، کيس ٽائيم ڏيڻ لاءِ چئو ته مان ساڻس ملي وٺان.“ مون محترم صاحب کي فون ڪيو. منهنجو به محترم صاحب جو سٺو واسطو ناتو هيو. ڪيبنيٽ يا چيف سيڪريٽريءَ جي ميٽنگ ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي هئي يا سندس منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ چيف سيڪريٽريءَ ۾ ڪم پوندو هيو ته ان ۾ به مان سندس مدد ڪندو هيس.
مون محترم صاحب کي فون ڪيو، سندس دوست جو نالو وٺي شمس جو ريفرنس ڏنو ته هو وٽس ملڻ لاءِ اچي ٿو ۽ سندس ڪم ۾ منهنجي به سفارش شامل سمجهو. مان سمجهي ويس ته اهو پوسٽنگ جي متعلق ئي هوندو، اسان جو وزير رئوف صديقي هيو، جيڪو هوم ڊپارٽمينٽ ۾ وزير رهيو هيو. مون جڏهن ڪڙيون ملايون ته مونکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، اهو ڪم DG ڪلچر جي پوسٽنگ لاءِ رئوف صاحب کي سفارش هوندو.
ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ جڏهن جعفراڻي صاحب موٽيو ته ٻڌايائين محترم صاحب سان ملاقات فائديمند رهي. ٻن ڏينهن کان پوءِ جعفراڻي صاحب جي ڊي جي ڪلچر طور مقرري ٿي وئي.
مون کليل دل ۽ کليل ٻانهن سان شمس جعفراڻي صاحب کي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ خوش آمديد چيو.
ثقافت کاتو، مان چئي آيو آهيان ته عجيب کاتو آهي، منهنجي نوڪريءَ جو پنهنجو هڪ طريقو ۽ رنگ ڍنگ رهيو آهي. ان ڳالهه ۾ ايمان رکندو آهيان ته جيڪو ڪم جنهن جو آ، ان کي ڪرڻ گهرجي. سيڪريٽريءَ جو ڪم سيڪريٽري ڪري ۽ ڊي جيءَ جو ڪم ڊي جي ڪري، ائين جيڪو ڊائريڪٽر جو ڪم آ، اهو ڊائريڪٽر ڪري. پر بدنصيبيءَ سان هتي ائين ٿيندو رهيو ته صاحب جنهن کي مناسب سمجهن، ڪم ان کان ڪرائين سڀني جا اختيار ڪڏهن ڪڏهن ته سيڪريٽري صاحب پاڻ وٺي رکن، ٻيا سندس منهن ويٺا ڏسن. يا وزير صاحب سيڪريٽريءَ جا هٿ ٻڌي ڇڏي، سيڪريٽري ويٺو تاڙيون وڄائي ۽ تماشو ڏسي. شروع ۾ مون کي به اها ترغيب ڏني وئي ته ڊي جيءَ کي واندو ڪري ڇڏيان، جيڪا ڳالهه منهنجي مزاج ۽ سوچ جي خلاف هئي، ان جي ابتڙ جيڪي منهنجا انتظامي ۽ مالي اختيار هئا اهي به مان ڊي جي کي ڏيندو ويس، دراصل مون جعفراڻي صاحب ۾ پنهنجو تسلسل پئي ڏٺو، مون اهو پئي چاهيو ته منهنجي ريٽائرمينٽ کان پوءِ شمس ئي کاتي جو سيڪريٽري ٿئي. سوچ جي پوئواري ڪندي مون کيس هر ڳالهه، هر فيصلي ۾ شامل ڪيو. هو جتي به اٽڪيو پئي اتي سندس رهنمائي ڪئي ۽ هٿ وٺي کيس اها اڏ پار ڪرائي. سندس ڏکيائي سکيائيءَ لاءِ آءٌ سندس ٽيڪ هيس، منهنجي سوچ موجب اهو بندوبست ٺيڪ پئي هليو. ڊي جي هر ڪم کان مون کي واقف رکيو پئي، جيڪا هڪ سٺي زيردست جي نشاني آهي.
شاعريءَ سان منهنجو ڏاڍو چاهه رهيو آهي، پر پوءِ جڏهن اسان جي کاتي ۾ مشاعرن جو دؤر هليو ته پهريون دفعو مون کي مشاعره کان ۽ شاعريءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي. مونکي پهريون دفعو راجائن، راڄ واڙن، مغلن ۽ ميرن جون درٻارون ياد اچي ويون، جتي ڪي ڪي راجا ڏينهن جو ننڊون ڪندا هئا. رات جو رات جڳيو ٿيندو هيو ۽ واهه واهه جا نعرا لڳندا هئا!
مون ڪراچيءَ کان ٻاهر صرف هڪ مشاعري ۾ عمرڪوٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي، ڇو ته اهو گهڻي مقصد وارو پروگرام هيو، جنهن ۾ فيسٽيول هيو ۽ مشاعرو به ان جو حصو هيو. مونکي اسٽيج تي ويهڻ جو سڏ ٿيو، پر مان اهو چئي هيٺ ويٺل رهيس ته مان مشاعري ۾ هيٺ ويهي وڌيڪ مزو وٺندو رهندس.
مون ان ڏينهن شمس جعفراڻي جي مشاعري جي نظامت ڏٺي، هن اطلاعات ۽ اخبارن واري نوڪريءَ ۾ به ڪمال ڪري ڇڏيو هيو، هاڻي به جنهن هنرمندي ۽ حرفت سان مشاعري جي سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ نظامت ڪيائين، نصير مرزا جي ڇا طاقت! مون محسوس ڪيو ته اسان جي وزير صاحب جا مشاعرا مضبوط هٿن ۾ آهن، مونکي هروڀرو پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي.
عمرڪوٽ کان علاوه سنڌي اردو مشاعرا لاڙڪاڻي، سکر، نوابشاهه ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ به ٿيندا رهيا ۽ انهن تي يادگار ڪتاب به شايع ٿيندا رهيا.
وزير صاحب جو ميڊيا ڪوريج سان به ڏاڍو چاهه هيو، ضرورت هجي نه هجي هڪ نه ته ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا پريس ڪانفرنس ضرور ٿيندي هئي، پريس وارن کي سڏائڻ جو ڪم سندس پريس سيڪريٽري جي حوالي هيو، باقي بندوبست ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ڪرڻو هيو.

[b]ڊرامه فيسٽيول جي قيمت 30 لک!
[/b]وزير صاحب ۽ عمر شريف جي چوڻ تي هڪ ستن ڏينهن جو ڊرامه فيسٽيول ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح وزير صاحب ڪيو، آخري ڊرامي جو زبردستيءَ مک مهمان مون کي ڪيو ويو. منهنجي لاءِ اعزاز ته ڪونه هيو پرعذاب هيو. وزير صاحب مونکي پاڻ ان ڊرامي ۾ وٺي هليو، وزير صاحب، عمر شريف ۽ ٻين منهنجي شان ۾ تقريرون ڪيون. آخر ۾ ٻڌايو ويو ته هن فيسٽيول تي پنجاهه لک خرچ ٿيو آهي. عوام جي تفريح لاءِ ان جي انٽري ان اميد سان فري رکيل آهي، ته صوبائي ثقافت کاتو اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري گرانٽ ڏيندو، جيترو خرچ ٿيو آهي. ۽ اها مليل گرانٽ، خدمت خلق فائونڊيشن لاءِ مفت علاج لاءِ ٺهندڙ اسپتال لاءِ چندي طور ڏني ويندي.
وزير صاحب انجنيئر صاحب هيو. هو صنعت، ايڪسائيز ۽ داخله کاتي جو وزير رهيو آهي. چندو وٺي ڄاڻي، ٻئي ڏينهن منهنجي وزير صاحب جي آفيس ۾ حاضري لڳي، وزير صاحب چانهن سان گڏ ٻن ٽن قسمن جي بسڪٽن سان منهنجي خاطر تواضع ڪئي، آخر مقصد تي آيو:
“بهائي وه عمر شريف بهائي کي گرانٽ؟”
مون کيس ٻڌايو ته سمري چيف منسٽرلاءِ تيار ٿي رهي آهي! چيائين ته “بهائي آپ تو اس مين دس لاک لکهه رهي هين، ليکن اس مين پچاس لاکهه لکهني هين!” مان سندس جاسوسي نظام تي کيس شابس ڏئي رهيو هوس، چيومانس “توهان کڻي پنجاهه لک لکجو.” چيائين “نه نه ائين ڪيئن! سمري ئي توهان پنجاهه لک جي ٺاهيو.”
مون کيس چيو ته فيسٽيول تي خرچ ئي ٻه ٽي لک ٿيو هوندو، ايترا پئسا نامناسب آهن. هاڻي سندس پارو چڙهڻ لڳو. مان اٿي آفيس آيس، جنهن ۾ مون لکيو ته ”هن فيسٽيول لاءِ آئوٽ آف بجيٽ، چيف منسٽر جي بلاڪ پئسن مان پنجاهه لک روپين جو گرانٽ ملڪ ۾ ثقافت ۽ ٿيٽر ۽ ادب کي زور وٺائڻ لاءِ ڏنا وڃن.“
سمري وزير صاحب جي طرفان رواني ٿي. ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ملڪ اسرار ۽ وزير ايم اي جليل وٽان ڦري، سي ايس کان ٿيندي وڏي وزير وٽ پهتي، سمري 30 لکن جي منظور ٿي، ڇو ته ناڻي کاتي جي سيڪريٽريءَ لکيو هيو ته ”آئوٽ آف بجيٽ، چيف منسٽر جي صوابديدي فنڊز مان ايتري گرانٽ نه ٿي ڏئي سگهجي، ڇو ته اهو پئسو اڳ ۾ ئي اهم رسمن تي ورهايل آهي، تنهن ڪري ثقافت کاتي جا جيڪي بلاڪ الوڪيشن مان 30 لک روپيه بچيا آهن، اهي گرانٽ ۾ ڏنا وڃن.“ ناڻو کاتو به خوش، وزيراعليٰ کي به پئسا نه ڏيڻا پيا. اسان جي وزير ۽ عمر شريف کي به ٽيهه لک ملي ويا، باقي ثقافت کاتي جا کيسا خالي. جيڪي اهم رسمن تي اسان کي پئسا ڏيڻا هئا، اهي رهجي ويا! الله الله خير صَلا!

[b]سنڌ صدين کان
[/b]Sindh Through the Centuries
هيءُ ايترو مهلائتو فنڪشن هيو، جنهن سنڌين ۾ نئون ساهه ۽ اتساهه وجهي ڇڏيو.
هي سيمينار يا ڪانفرنس بي انتها ڪامياب ويو، سنڌي ماڻهو، سنڌي راڳ ۽ لوڪ موسيقي، لوڪ ساز، لوڪ فنڪارن سان نئين سر واقف ٿيا، ملڪي ۽ پرڏيهي عالم، اسڪالر ۽ ملڪ ۾ موجود سفارتڪار به اچي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا هئا، انهن به ان ڪانفرنس ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ سان نئين سر واقفيت وڌائي. هي اهو وقت هيو، جڏهن سنڌ ۾ ثقافتي سرگرميون زور شور سان شروع ٿي ويون.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي، سنڌي ادارن ۽ سنڌ کي ڪراچيءَ کان ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيو ويو هيو. ڪراچيءَ کي وفاقي دارالحڪومت مقرر ڪيو ويو. لياقت علي خان وزير اعظم، وزيرن، وفاقي سيڪريٽرين ۽ وفاقي ادارن جو راڄ ڀاڳ قائم ٿيو. نيون نيون بستيون آباد ٿيون، لياقت آباد، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، انڊسٽريل ايريا، فيڊرل لاجز ۽ فيڊرل ڪوارٽرس ٻاهران آيل ۽ خاص طور پنجاب مان آيل آفيسرن ۽ سندن مائٽن لاءِ هئا. سنڌي ڪو آفيسر ڪونه هيو. ڪجهه سال اڳ ۾ سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن سوسائٽيءَ ۾ ۽ گرومندر جي لڳ ڀڳ ۽ سول لائين ۾ گهر ٺهرائي ورتا هئا. اتي به اهي ڄڻ اجنبي ٿي ويا هئا.
رهيل ڪسر ته ون يونٽ ڪڍي ڇڏي. جڏهن سنڌ جو نالو ئي نه رهيو.
سنڌڙي تنهنجو ناءُ وتو،
ڄڻ ڪار پهرتي پير پيو!
جڏهن سنڌ ئي نه رهي ته پو ڇا ڪراچي ڇا سنڌي ماڻهو!
شابس هجي هڪ “راشي” نااهل نالائق ماڻهو يحييٰ خان کي جنهن جولاءِ 1970ع کان ون يونٽ ٽوڙي “هڪ ماڻهو هڪ ووٽ” جو اعلان ڪيو. انهن ٻنهي ڳالهين تي پاڪستان پرستن ڏاڍي واويلا ڪئي.
1 جولاءِ 1970ع کان سنڌ وري ڄمي پئي. ڏاڍي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار رکجي. پر لک شابس هجي ان دور جي حڪومتن کي جن تاريخي حقيقتن تي سر نوايو ۽ ليفٽيننٽ جنرل رحمان گل سنڌ جي نئين ڄمڻ کانپوءِ 1970ع ۾، پندرهن سالن کان پوءِ وري سنڌ صوبي جو گورنر ٿيو.

[b]ڪلفٽن برج تي سنڌي ٽائيل
[/b]سنڌ جو نئون نسل ۽ ان دوران ڄميل ۽ جوان ٿيل نوجوانن کان ته ڪراچيءَ جو نقشو ئي وسري ويو هيو، انهن ڊڄي ڊڄي ڪراچيءَ اچڻ شروع ڪيو، ڪو سنڌي ٽوپي پائي ڪراچيءَ مان گهمي ڦري ايندو هيو ته ڳوٺ وڃي پنهنجي بهادريءَ جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو هيو. ڀٽي صاحب جڏهن ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪلفٽن برچ تي نج سنڌي ٽائيل لڳائي ته سنڌي ماڻهن جا حشام ٽولا ڪري هي ٽائيل ۽ ڪلفٽن برج ڏسڻ ايندا هئا.
ڪيڏي نه ڏک ڀري ڳالهه آ ته، اڄ ڀُٽي صاحب جي پوکيل پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، کين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبات جو اهو قدر آهي جو ٻن سالن کان ڪلفٽن برج تان ٽائيلون، مرمت جي نالي ۾ پٽائي ڇڏيون اٿائون، پر وري لڳرائڻ جو نالو به ڪونه ٿا وٺن، سائين وڏو وزير ڄام خان شورو ۽ کاتن جا سيڪريٽري ان برج وٽان ڏهاڙي ٻه ڀيرا گهٽ ۾ گهٽ به گذرندا هوندا پر سندن محسوس ڪرڻ واري حس جڏي ٿي وئي آهي. اسان سنڌين کي اهو احساس ٿيڻ گهرجي ته اها پل اسان جو قومي ورثو آهي. سنڌي ماڻهو سندن اها بي حسي گهڻو عرصو برداشت نه ڪندا. پر شايد اسان سنڌي به بي حس ٿي ويا آهيون. نه ڪو آواز، نه ڪو احتجاج، نه ڪو ڌرڻو ۽ نه ئي اخبار ۽ ميڊيا ۾ احتجاج. ڄڻ اسان جو حال به وزيرن ڪبيرن وارو هجي.
“سنڌ صدين جي آئيني ۾” واري هن سڄي ڪارج ۾ جتي پيار علي الانا، ڊاڪٽر حميده کهڙو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد آخوند ۽ سندس ساٿي ممتاز مرزا ۽ ظفر ڪاظمي پيش پيش هئا، اتي سنڌ جو هر سڄاڻ ساٿي ساڻن عملي يا جذباتي طرح گڏ هيو.
ان فنڪشن جون آڊيو ڪيسيٽس مون کي ٻڌڻ جو موقعو مليو، جنهن جو ڪليڪشن اڃان به مون وٽ موجود آهي، فقير عبدالغفور، استاد محمد يوسف ۽ سنڌ جي سازن جون ڇا ته ڪيسيٽس هيون، وري جو نسرين عسڪري پنهنجي آواز ۾ انگريزيءَ ۾ تعارف ڪرايو، ائين پيو لڳي ڄڻ نسرين ڳالهائي نه ٿي، پر ڄڻ انگريزي ساز وڄائيندي هجي. هيءَ اها ئي نسرين آهي، جيڪا حميد هارون جي ٽيم ۾ هينئر به ماهوٽه پيليس جي ميوزيم جي انچارج آهي. هوءَ جڏهن حميد آخوند جي توسط سان 1993ع ۾ پنهنجي مڙس سان ٿر ۽ ننگرپارڪر جي دوري تي آئي هئي ته منهنجون هنن زال مڙسن سان ڊگهيون ڪچهريون ٿيون هيون. سندس مڙس به ايڏو ئي زنده دل ۽ حس مزاج سان ڀريل آهي.
اها راڳ جي محفل ۽ ان فنڪشن جون ڪيسيٽون سنڌي ميوزڪ جي Lovers جي لاءِ هڪ وڏي تحريڪ ثابت ٿيون. پوءِ ته سنڌي ميوزڪ جي ڪيسٽ جو ڪاروبار شروع ٿي ويو. انهن جا اسٽوڊيو سڄي سنڌ ۾ کلي ويا ۽ هر شهر، هر ڳوٺ ۾ بازارون لڳي ويون، ڇا ته جلال چانڊيو، فوزيه سومرو ۽ هاڻي تازي دور ۾ غلام حسين عمراڻيءَ پنهنجي هڪ ڪلام جي زور تي ڪمايو:
“عاشق مجبور آ”
ڪلچر ۾ رڪارڊ ٿيل ميوزڪ کي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ وارو ڪم مون ڊائريڪٽر جنرل حوالي ڪيو ته ڪجهه ويڊيو، آڊيو، سي ڊي، ڊي وي ڊي ۽ ڪيسٽ تيار ڪرائي مارڪيٽ ڪيون وڃن ته سنڌ ۽ سنڌيءَ جي سنجيده ميوزڪ جو شوق رکندڙ، مقامي ۽ ٻاهريان شوقين پنهنجو شوق پورو ڪن، ان لاءِ منهنجو ٽارگيٽ ايئرپورٽ، شاپس، وڏا هوٽل، شاپنگ مالز ۽ ٻيا سٺا آئوٽ ليٽس هئا، ڪيسٽ تيار ٿي ويا، انهن سان گڏ سنڌيءَ، اردو ۽ انگريزيءَ جا ڪتاب به انهن دڪانن تي رکڻ ضروري هئا، پر افسوس! ان خيال جي پوري طرح پوئواري ڪونه ٿي سگهي.
اسان ضلع ڪمپليڪس ٺاهڻ شروع ڪيا هئاسون ته هر ضلع ۾ هڪ ڪامپليڪس هجي، جيڪو گهڻيون گهرجون پوريون ڪري. جنهن ۾ لائبرري، آرٽ گيلري، ميوزم، اوپن ايئر ٿيئٽر ڊسپلي ۽ سيلز سينٽر، آڊيٽوريم وغيره هجن، جن ضلعن ۾ اهو سهولتون ڪونه هيون، اتي اهي سهوليتون ڏيڻيون هيون. هر ضلعي تي بار رکيو ويو ته اهو جيڪڏهن ٻن کان چار ايڪڙ زمين اسان جي حوالي ڪري ته ان ضلعي ۾ ڪم شروع ڪرايون. اسان جو ارادو هيو ته هر سال ايترا ڪامپليڪس ٺهرائجن، جيڪي بجيٽ جي آڌار تي ان سال ئي مڪمل ڪري سگهجن.
ضلعي ناظم راحيلا مگسي ان معاملي ۾ پهل ڪئي، هن چار ايڪڙ زمين ضلع ڪامپليڪس لاءِ آڇي ۽ اسان جي سڄي ٽيم منسٽر جي رهنمائي ۾ اتي پهچي وئي ۽ ان پِلان جو پهريون سنگ بنياد ٽنڊي الهيار ۾ رکيو ويو.

[b]راحيلا مگسي
[/b]ٽنڊي الهيار جي ڊاڪٽر راحيلا مگسي ڏاڍي برجستي ۽ تيز فهم نوجوان ناظمه آهي. جيتري جوان ۽ دلڪش آهي، ايترو ئي ڪم ڪرڻ جي برجستي ۽ تيز آهي. پي آر ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين اٿس، جهڙي طرح ٽنڊوالهيار جي ضلعي ناظم جي سيٽ PPP کان کٽي وئي آهي، اهو سندس محنت، اورچائي، دورانديشي ۽ منصوبه بنديءَ جو ئي حصو آهي. پاڻ اصل ۾ سرهاڙي جا آهن، حيدرآباد وسايائون. سندس والد رئيس الله بخش خان مگسي ۽ سندس والده نسيم گل مگسي بزنيس، بلڊري ۽ زميداري اختيار ڪئي، منهنجو الله بخش خان مگسيءَ سان ۽ ڊاڪٽر راحيلا مگسي سان به اٿڻ ويهڻ رهيو آهي. ٽنڊي الهيار ۾ سندن زمينون آهن. الله بخش خان ٽنڊي الهيار مان به اليڪشن وڙهندو رهيو، پر کيس ڪاميابي نه ملي سگهي. 2002ع وارين چونڊن ۾ سندس پٽ عرفان گل مگسي چمبڙ مان ايم پي اي چونڊجي وزير روينيو ٿيو ۽ راحيلا گل مگسي ٽنڊو الهيار مان 2005ع ضلع ناظم چونڊجي وئي. پي پي کان سواءِ ٽنڊي الهيار مان ٻئي ڪنهن جو کٽڻ ناممڪن پئي نظر آيو، پر راحيلا گل جنهن نموني پنهنجا ڪارڊ کيڏيا، اهو ڪو بي انتها تجربيڪار سياستدان ئي ڪري سگهيو ٿي.
هن وقت سندس ڀاءُ عرفان گل ۽ ڀيڻ اديبه گل مگسي کيس ڇڏي پي پي ۾ هليا ويا آهن، پر پاڻ نااميد نه ٿي آهي. پوين چونڊن ۾ پاڻ اسلام آباد مان نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊجي وئي آهي. پاڻ اڃان تائين نواز ليگ سان نڀائي رهي آهي. هاڻي ته اسلام آباد ۾ مائٽيون به ڳنڍيون اٿائين.

[b]صوفي ميوزڪ فيسٽيول
[/b]رفيع پير پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ ٿيٽر جي بانيڪارن مان آهي، هن ٿيٽر کي پاڪستان ۾ اوج وٺرايو آهي. اسلم اظهر، ڪنور آفتاب احمد، ضياءُ محي الدين ۽ ٻيا سندس ٻانهن ٻيلي ۽ جونيئر رهيا آهن. ٿيٽر جهڙوڪ: رفيع پير جي رت ۾ شامل ٿي ويو ۽ اهو پنهجي اولاد فيضان پيرزاده، سلمان پيرزاده، عثمان پيرزاده ۽ عمران پيرزاده کي به منتقل ڪيائين. هي پيرزاده برادران ان ۾ وقت سان نواڻ پڻ پيدا ڪندا رهيا. ثمينه پيرزاده جيڪا عثمان پيرزادو جي گهرواري آهي، ٽي وي ۽ فلم جي مڃيل فنڪاره آهي، اها به ساڻن ٻانهن ٻيلي آهي، ڇو ته اها به ته ان عزم جو حصو آهي.
سلمان، عثمان ۽ ثمينه سنڌ جي گورنر جناب عشرت العباد سان ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته رفيع پير ٿيٽر ڪراچيءَ جي ٻارنهن دري عام پبلڪ لاءِ انٽرنيشنل صوفي ميوزڪ فيسٽيول رکڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ ايران، افغانستان، ترڪي، عراق، شام، مراڪش، بوسينا، ازبڪستان، انڊيا ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جا صوفي فنڪار ڪلاسيڪل صوفي راڳ کي ماڊرن ميوزڪ سان گڏي پيش ڪندا. گونر صاحب کي ڳالهه وڻي هو پاڻ به راڳ رنگ جو شوقين آهي. پاڻ به غزل ڳائي ڄاڻي ۽ ڪجهه ساز به وڄائيندو آهي. هن اصولي طرح ڳالهه مڃي ۽ اسان جي وزير صاحب کي چيائين ته سندن سرپرستي ڪيو.
هنن جون مون سان ملاقاتون ٿيون، ڳالهه ته ڏاڍي سٺي هئي پر مون کي اهو ڊپ لڳو ته سنڌ جا پيسا کڻي ويندا، ميٽنگس جو سلسلو جاري هيو. هڪ ڏينهن ارباب صاحب چيف منسٽر، صدر صاحب جي پروگرام جي سلسلي ۾ نئون ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ميٽنگ رکي هئي. مان ۽ ڊائريڪٽر جنرل اوڏانهن نڪري وياسون. پويان وزير صاحب کي اسان جي صوفي فيسٽيول لاءِ ميٽنگ جي اوچتي ضرورت پئجي وئي، ڏاڍو ناراض ٿيو. ثمينه به کيس روئي روئي منهنجي دانهن ڏني ته تعاون نه ٿو ڪري. هو ڪروڙ ٻه وزيراعليٰ کان ڪڍي چڪا هئا. وزيراعليٰ جي ميوزڪ سان ته گهٽ لڳندي هئي پر گورنر ۽ ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ گرانٽ ڏنائين.
منهنجي پرپٺ وزير صاحب هڪ خط چيف منسٽر، گورنر ۽ چيف سيڪريٽري کي منهنجي بدليءَ لاءِ مئي 2007ع ۾ لکي ڇڏيو. چيف سيڪريٽري شڪيل دراني هيو. هن سان ٻئي ڏينهن صوفي فيسٽيول ۾ ملاقات ٿي، کيس ٻڌايم ته بدلي ڪيو، پر ڪٿي پوسٽنگ ڏجو. هن کلي چيو: “بدلي نهين هوگي، ڪام ڪرتي رهو.”
واقعي بدلي نه ٿي.
هو فيسٽيول ڪري، پئسا ميڙي وڃي لاهور پهتا. بهرحال گهڻي وقت کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪو ميوزڪ جو پروگرام ٿيو هيو ۽ اعليٰ نموني جو ٿيو هيو.

[b]طاقت جو مظاهرو
[/b]صدر جنرل پرويز مشرف پنهنجي عوامي مقبوليت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پوري پاڪستان ۾ هڪ مهم هلائي.
ٻارهين مئي 2007ع تي چيف جسٽس افتخار چوڌري ڪراچي پهتو. کيس باباءِ قوم قائداعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ لاءِ وڪيلن جي جلوس ۾ وڃڻو ۽ بعد ۾ بار سان مخاطب ٿيڻو هيو. ڪراچيءَ جا روڊ رستا ائين بلاڪ ڪيا ويا جو شهر ۾ رڪشا به نه پيو هلي سگهي. فائرنگ ٿي. ڪافي ماڻهو مئا. جج صاحب ايئرپورٽ تي ئي رهجي ويو. صدر صاحب چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي جي محبت ۾ لاهور ۾ جلسو ڪيو، پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻئي مٺيون ڀڪوڙي ڌمڪيون پئي ڏنيون ۽ چيو:
“طاقت ڪا اظهار اس طرح هوتا هي، جيسي هماري حامي عوام ني ڪراچي مين ڪرڪي دکهايا هي.”
سندس اشارو ڪراچيءَ جي ماڻهن جي مارڪٽ ۽ انهن جي قتل ڏانهن هيو! ججن کي نه ته ڪورٽن ۽ نه وري کين ايئرپورٽ تي پنهنجي چيف جسٽس جي آجيان ڪرڻ لاءِ وڃڻ ڏنو ويو. بعد ۾ هنن به گهڻا آرڊر ڪيا، پر جيڪي ماڻهو مئا، انهن جا خون به لڙهي ويا ۽ جيڪي معذور ٿيا سي اڃان معذور ئي آهن.

[b]نئين ڪوٽ ۾ صدر جو جلسو
[/b]سنڌ جي وڏي وزير ارباب صاحب تي به اهو بار رکيو ويو ته سنڌ ۾ هو عظيم الشان جلسو ڪري. هن ان لاءِ نئون ڪوٽ چونڊيو. اسان جي کاتي کي اتي اها ڊيوٽي ڏني وئي ته 50 ماڻهن جي چانهن جو بندوبست پي سي هوٽل مان ڪيو وڃي.
شاميانو گرميءَ ۽ اس ۾ لڳل هيو، هڪ بجي جلسو شروع ٿيو، اسٽيج جي طرف ته ايئر ڪنڊيشنڊ لڳل هئا باقي عام خلق لاءِ ڪجهه پکا هئا. ڪلاڪ کن جلسو هيو، جنرل صاحب لاءِ هن ساري خلق خدا کي پري پري کان آندو ويو هيو. جنرل صاحب انهن کي ڏسي خوش ٿيو. عوام به پنهنجي ”محبوب ليڊر کي ڏسي گدگد پئي ٿيو.“
خير سان جلسو پوور ٿيو، ۽ جيڪو جتان آيو هيو، اهو اوڏانهن روانو ٿي ويو. تڏهن اسان پويان پير ڪيا.

[b]ظفر ڪاظمي جي قبر!
[/b]ظفر ڪاظمي صاحب ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت ته اها هئي ته کيس آمريءَ لڳ پنهنجي آباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي، پر خاندان گهڻي عرصي کان حيدرآباد اچي آباد ٿيو هيو، ان سبب جي ڪري سندس مائٽن جو خيال هيو ته کيس حيدرآباد ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو وڃي.
سنڌ ميوزيم جو پايو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ساٿين سان وڌو، پوءِ جڏهن ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو جنم ٿيو ۽ اهو تعليم کاتي جو حصو ٿيو ته ٽن وڏن شخصيتن جو ڪلچر ۽ سنڌ ميوزيم کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ وڏو هٿ رهيو، اهو Triokaحميد آخوند، ظفر ڪاظمي ۽ ممتاز مرزا تي ٻڌل هيو.
ظفر ڪاظمي پنهنجي ڌن جو ماڻهو هيو، هن جو رت ست سنڌ ميوزيم حيدرآباد کي ٺاهڻ ۾ خرچ ٿيو ۽ هن دل سان ئي نه پر پنهنجي روح سان سنڌ ميوزيم جي خدمت ڪئي. ڪجهه سال ٿيا ته ريٽائرڊ ڪيو هئائين ۽ ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ فوت ٿي ويو.
سندس خاندان فيصلو ڪيو ته کيس حيدرآباد ۾ ئي جاءِ ڏجي. ڪفن دفن لاءِ سندن خيال هيو ته ظفر ڪاظميءَ جي خدمتن جي پيش نظر ثقافت کاتي کي چئجي ته سندس جسم خاڪيءَ کي ميوزيم جي احاطي ۾ ئي دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان ڏس ۾ سندس پٽ مون سان فون تي رابطو ڪيو ۽ چيو ته کين اجازت ڏني وڃي ته ظفر ڪاظمي کي ميوزيم ۾ ئي دفن ڪيو وڃي، ڇو ته هن شخص سڄي عمر ميوزيم جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي آهي. اهو ميوزيم جو به شان ٿيندو ۽ سندس روح کي به راحت ملندي.
علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي به سنڌ يونيورسٽيءَ جي آڳنڌ واري پارڪ ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
مون اصولي فيصلو ڪيو ته ڪاظمي صاحب کي ميوزيم جي احاطي ۾ ئي دفن ڪيو وڃي. پر ڪٿي ڪبو؟ رات جو ٻي بجي مان ڪراچيءَ ۾ ويهي جڳهه جو فيصلو نه پئي ڪري سگهيس. موڪل جي رات هئي. ڊائريڪٽر جنرل جعفراڻي صاحب حيدرآباد هيو، ان کي فون ڪري چيم ته ڪاظمي صاحب جي، مائٽن سان صلاح مشورو ڪري قبر جي جڳهه طئي ڪئي وڃي.
جعفراڻي صاحب آفيسرن سان صلاح مشوري کان پوءِ جتي ڪاظمي صاحب هاڻي دفن آهي، اها جڳهه سندس وارثن جي حوالي ڪئي ۽ ڪاظمي صاحب اتي ئي دفن ٿيو.
مان حيدرآباد وڃي ڪاظمي صاحب جي تربت تي قل به پڙهيا ۽ سندس وارثن سان تعزيت به ڪئي. ظفر ڪاظمي صاحب جون آرٽ ۽ ميوزيم جي کيتر ۾ ڪيل خدمتن کي گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو.
سال 7-2006ع ۾ اسان ميوزيم کي وڌائڻ ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ اسڪيم منظور ڪرائي، ۽ ان تي ڪم پڻ شروع ڪيو. اها اسڪيم پوءِ 2009ع ۾ مڪمل ٿي.

[b]سچل سائينءَ جو عرس
[/b]سچل سائينءَ جو عرس ٽن ڏينهن لاءِ رمضان شريف جي چوڏهين تاريخ لڳندو آهي، روايت اها هئي ته درگاهه شريف تي درازا ۾ صبح جو خاص مهمان چادر چاڙهيندو آهي، اتي صوفي راڳ مزار جي چوديواريءَ جي اندر ٿيندو آهي. مهمان کي پٽڪو ۽ گيڙو چادر پارائي ويندي آهي. ٻين مهمانن کي به گيڙو چادرون اوڍيل هونديون آهن. اجتماعي طرح گيڙو رنگ تصوف جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو. چون ٿا ته اهو گيڙو رنگ ٻڌمت وارن ڀائيچاري جي علامت طور متعارف ڪرايو هو.
سچل سائين جا مريد هر رنگ، نسل ۽ مذهب جا آهن. هندوستان کان هندو به وڏي تعداد ۾ اچي حاضري ڀريندا آهن. پاڪستان ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جا هندو جيڪي سچل سرمست جا مريد، نه صرف هندوستان لڏي ويا آهن، پر پوري دنيا ۾ پکڙيل آهن، انهن جي سچل سائين جي درگاهه سان ايتري عقيدت، نياز مندي ۽ نوڙت آهي، جيتري سندن وڏن جي عقيدت هئي، هو جتي به هجن، گاديءَ جي گادي نشين سان نيازمندي سندن رت ۾ شامل آهي.
ڊپٽي ڪمشنر جي حيثيت ۾ مان يادگار ڪميٽيءَ جو چيئرمين به هيس. منهنجي وقت ۾ ٻه ميلا لڳا. مون ڪوشش ڪئي ته ميلي جي تقريبات کي رسمي طور ملهائڻ واري طريقي کي بدلائجي ۽ ان کي وسيع ڪجي. رمضان شريف جي مهيني هجڻ ڪري تقريبات کي احتياط سان منعقد ڪرڻو ٿو پوي. انهن سڀني ڳالهين جو خيال رکندي سچل سائينءَ تي ڪانفرنس کي واڌ ڏني وئي ۽ ٻين صوبن مان به دانشورن کي دعوتون ڏئي گهرايو ويو. اها ڪانفرنس خيرپور جي سچل آڊيٽوريم ۾ ٿيندي هئي. اهو آڊيٽوريم سائين غوث علي شاهه جي چيف منسٽريءَ جي دور ۾ مرحوم تنوير عباسيءَ جي ڪوشش سان ٺهيو هيو. ان آڊيٽوريم خيرپور جي ادبي، علمي ۽ سماجي حلقن جي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. خيرپور جي نوجوانن ان آڊيٽوريم ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور مان ڀرپور لاڀ پرايو آهي.
مان ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران هڪ ڪلچر ڪمپليڪس خيرپور ۾ شروع ڪرايو هيو، جيڪو هاڻي پنهنجي پوري اوج تي آهي.
اسان درازا شريف ۾ اوپن ايئر ٿيٽر جي اڏاوت منظور ڪرائي سون، درازن جي ماڻهن ۽ اديبن جي هڪ وڏي انگ جي اها خواهش هئي ته درازا ۾ ئي سچل جي عرس جون تقريبات ادبي ڪانفرنس سميت منعقد ڪيون وڃن، ان جائز خواهش ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي اهڙو ڪامپليڪس/ ٿيٽر اتي ٺهرايو وڃي جتي اهي سڀ تقريبات ڪوٺائي سگهجن. اهو سچل اوپن ايئر ٿيٽر مڪمل ٿي ويو آهي، اتي ئي سڀ تقريبات ٿي رهيون آهن. انهن ڏينهن ۾ ئي سچل يادگار ڪميٽيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ اديبن جهڙوڪ: ادل سومرو، اياز گل اختر درگاهي ۽ ڪن ٻين کي شامل ڪيو ويو.
قربان منگي ته سالن کان وٺي، سچل جي يادگار ڪميٽيءَ تي پرنٽنگ جو ڪم ڪندو رهيو آهي، پنهنجي ”منگي ٽيم“ سان، هن ان ڏس ۾ اديبن، فنڪارن، آرٽسٽن، فوٽو گرافرن جو هڪ وڏو لڏو تيار ڪري ڇڏيو آهي. عرس جي موقعي تي سوونيئير ۽ ڪتاب سچل سائينءَ تي ڇپجي اسان جي هٿن ۾ پهچي ويندا آهن. ڄڻ ڪا غيبات ڪم ڪندي هجي. نه پيسن جي طلب نه ٻي ڪا گهر. نه جهيڙو نه جهٽو. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سالن کان قربان منگي پنهنجي ان پيار ڀرئي پورهئي ۾ رڌل آهي. هاڻي پوپٽ پبلشنگ هائوس هلائي، مقامي اديبن جا جهجها ڪتاب به ڇپائي رهيو آهي.
سائين تنوير عباسي، جسٽس اسلم جعفري، مولا بخش لاڙڪ، سينيئرز مان سچل يادگار ڪميٽيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ منهنداري ڪندا رهيا. مختيار ملڪ به پنهنجو پاڻ موکيو آهي.
اسان ان دور ۾ به ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ سيڪريٽري ڪلچر جي وقت ۾ به ان شيءِ جو بنياد وڌو ته ڪلچر کاتي جي طرفان هر عرس جي موقعي تي سچل سائينءَ تي ڪجهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن. سچل سائينءَ جو سنڌ ۽ خاص طور سندس مڪتبه فڪر جي پوئلڳ ماڻهن تي وڏو قرض رهيل آهي. جيتري مٿس تحقيقي ٿيڻ گهرجي ان جو ڪجهه حصو به ڪونه ٿي سگهيو آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ سچل چيئر ته آهي، پر ان کي به پاڻ موکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.
درازا ۾ هڪ وسيع سچل ڪامپليڪس سيوهڻ ۽ ڀٽ شاهه وانگر ٺاهڻ گهرجي.
منهنجي نوڪريءَ جا ثقافت کاتي ۾ آخري ڏينهن هئا. ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هيو، جڏهن ترقياتي رٿائن ۽ بجيٽ جو آخري مهينو جون 2007ع آيو ته مون اهو سوچي ته اهي اسڪيمون ترقياتي پلان ۾ وجهجن، جن جو کاتي کي عزت ڏياريندڙ نتيجو نڪري ۽ کاتي تي ايندڙ وقتن ۾ سٺو اثر پوي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي به آفيسر ۽ وزير هجن انهن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪافي گنجائش هجي. مون کاتي جو جائزو ورتو! وقت سنڌ ۾ ثقافت کاتي جون 17 لائبرريون هيون، حيدرآباد ميوزيم هيو. ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۽ ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۽ ان جو ساز و سامان، مطلب ته جيڪي به مرمت طلب پراڻا ادارا هئا، انهن جي مرمت جي لاءِ وسيع رٿائون رکيونسين.
ٻيون اسڪيمون ٽن سالن لاءِ ڪتابن ڇپائڻ جون رکيون ويون ته جيئن نوان ڪتاب سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جي موضوع تي ڇپائي سگهجن. 2007ع کان پوءِ 2011ع تائين جيڪي ڪتاب ڇپبا رهيا، تن جو انتظامي ۽ معاشي بنياد منهنجو پيل هيو.

[b]شيخ اياز جي مزار ۽ ڪتابن جي ڇپائي جي رٿا
[/b]سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمين مدد علي سنڌي ۽ سيڪريٽري اعجاز منگيءَ ريجنٽ پلازا هوٽل ۾ شيخ اياز تي هڪ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم خاص مهمان هيو. مدد علي سنڌي ان دور ۾ چيف منسٽر جو پريس سيڪريٽري به هيو. هن ڪافي عرصي کان چيف منسٽر صاحب کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته شيخ اياز جي مزار تي مقبرو ٺهرائجي ۽ سندس ڇپيل، اڻ ڇپيل سڀني ڪتابن کي ڇپرائجي.
ان ڏينهن به مدد علي سنڌيءَ پنهنجي استقباليه تقرير ۾ ان ڳالهه جو سڳو سوريو. ائين تقريرون ٿي ويون. آخر ۾ ارباب صاحب جي تقرير ڪرڻ جو وارو آيو. مان پهرين قطار ۾ اسٽيج جي سامهون ويٺو هيس. تقرير ڪندي چيائين ته ”شيخ اياز اسان جو وڏو شاعر آهي. سندس سڀني ڪتابن کي ڇپايو ويندو ۽ سندس مزار کي به شايان سان ٺهرايو ويندو.“ مونکي مخاطب ٿيندي چيائين ته ”منگي صاحب توهان ڪلچر جا سيڪريٽري به آهيو ۽ ادب سان به واسطو اٿوَ، اهو ڪم توهان جي حوالي ڪريان ٿو.“ مدد، اعجاز ۽ اسان جو ڪم ٿي ويو. مون مدد کي چيو ته سي ايم هدايت ته ڪري ڇڏي آهي، پر ان جو سرڪاري طرح مون ڏي هدايت نامون ڪڍرائي موڪليو. ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم به ٿي ويو. سالياني ترقياتي رٿا صوبائي سطح تي تيار ٿي رهي هئي. مون اها رٿا به ان ۾ شامل ڪري ڇڏي. رٿا منظور ٿي وئي. سوچيم ته ڇهن مهينن ۾ مان ته ريٽائرڊ ٿي ويندس، پر ان جو پڻ بنياد اهڙو مضبوط ڪجي، جو جيڪڏهن سرڪار به چاهي ته ان رٿا کي رد نه ڪري سگهي.
منهنجي اعجاز منگي ۽ مدد سنڌي سان به ڳالهه ٿي ته انهن اهو خيال ڏيکاريو ته اها رٿا سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي سان عمل ۾ اچڻ کپي، پر منهنجي سمجهائڻ تي ٻئي راضي ٿيا ته اها رٿا ثقافت کاتو ئي هلائي.
مون هڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي ميٽنگ ڪوٺائي. ڪميٽي ۾ سائين ابراهيم جويو، مدد علي سنڌي، اعجاز منگي، ڊي جي ڪلچر شمس جعفراڻي، ادل سومرو، قاضي منظر حيات، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، تاج جويو، مختيار ملاح، سيڪشن آفيسر رکيا ويا.
پهرين ان پبليڪيسن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ 17 جولاءِ 2007ع تي ڪئي وئي. ان ۾ بنيادي فيصلا ڪيا ويا. مون ڇپائي جو سڄو ڪم جويي صاحب جي حوالي ڪري ڇڏيو هيو ته هو ڇپائيءَ ۽ مزار جي ڪمن جي رهنمائي ڪري. مان بطور سيڪريٽري پنهنجو پاڻ کي ڪميٽيءَ جا فيصلا ڪرڻ واري حيثيت کان الڳ ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪميٽي پاڻ فيصلا ڪري ۽ مون کي ان ڪم ۾ رڪاوٽ نه سمجهي. ان لاءِ مون ڊي جي ڪلچر ۽ سيڪشن آفيسرٻنهي کي ساڻن شامل ڪري ڇڏيو ته جيئن اهي منهنجي ۽ ڪميٽيءَ جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندي کين ٽيڪنيڪل مدد به فراهم ڪن. پي سي ون جلدي ٺهي وئي. ڪميٽيءَ پنهنجو ڪم تيزيءَ سان ڪيو. مزار لاءِ به جويو صاحب اهو فيصلو ڪيو ته مزار جي مٿان ڪا اڏاوت نه ڪئي ويندي ۽ سندس مزار آسمان، بارش ۽ هوا جي لاءِ کليل هجي، جيئن اياز پنهجي هڪ نظم ۾ چيو آهي ته:
سوچئين تون متان، مون مٿان مقبرو
چنڊ تارا ڪتيون، سج جون مشعلون
مون مٿان روز ٻرندريون پيون
هي خُدائي مُجاور، ڪندا روز مون تي سوجھرو
سوچئين تون متان مون مٿان مقبرو

روز مون تي شفق پڙ پائي زريءَ جا
عقيدت جو اِظهار مون سان ڪنديون
ڏينهن جو سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي
رات رابيل جا گل نِڇاور ڪندي
ماڪ سان تنهن مٽيءَ کي مُعطرڪندي آئون هوندس جتي
تون متان هِن گنهگار کي وڏي پير سان ڀيٽين
سوچئين تون متان، مون مٿان مقبرو

اها رٿا اڳتي وڌي. مزار جو ڪم مڪمل ڪيو ويو. پهريون ڪتاب، جنهن ۾ مهرباني ڪري ابراهيم جويو صاحب تفصيل سان سڄي رٿا جو پسمنظر ڏنو ۽ منهنجي ڪاوش جو ذڪر ڪيو هيو، جون 2008ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
سائين ابراهيم جويو صاحب جيڪڏهن هن سڄي رٿا جي رهنمائي نه ڪري ها ته مان سمجهان ٿو ته اهو ڪم اهڙي سٺي نموني سان وقت اندر پورو نه ٿئي ها، تاج جوئي ۽ سندس ساٿين به پاڻ موکيو.
مون کي ان ڏس ۾ اهو به اعتراف ڪرڻ ڏيو ته جيڪڏهن مدد سنڌي ان سڄي قصي کي اعجاز منگيءَ سان گڏجي اڳتي نه کڻي ها ته ان رٿا جي شروعات ئي نه ٿي سگهي ها. ڇا ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي ان سڄي ڪم جو داد ملڻ گهرجي، جنهن اها رٿا منظور ڪئي؟
منهنجي ته خواهش هئي ته شيخ اياز جا اڻ ڇپيل ادبي خزانا، نظم يا نثر جا به ڇپجن ها پر ائين ٿي نه سگهيو. هاڻي به ثقافت کاتو اياز جا اڻ ڇپرايل اثاثا ڇاپي سگهي ٿو. شيخ اياز جي سڄي فيملي ان کيتر ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

[b]مالياتي بجيٽ ۽ ايم اي جليل جي مهرباني ۽ کاتي جي وزير کي اک ۾ ڪنڊو
[/b]جڏهن بجيٽ بڻبي آهي ته هر کاتي جو سيڪريٽري، ناڻي جي سيڪريٽري سان پنهنجي بجيٽ جي پرپوزل تي صلاح مشورو ڪري طئي ڪندو آهي. ڪلچر جي بجيٽ جو پروپوزل ناڻي جي سيڪريٽريءَ سان ڊسڪس ٿيو پر وڌيڪ چيو ويو ته آخري شڪل وزير ڏيندو. ايم اي جليل ناڻي کاتي جو ائڊوائيزر ۽ مان سيڪريٽري جي اي هيس ته منهنجون ساڻس سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون، بطور سيڪريٽري G.A کاتي جي فنانس کاتي جي بجيٽ پاس ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ هيو. بجيٽ جي ڪن اسمن ۾ ايم اي جليل دلچسپي رکندو هيو ته مون کي ذاتي عرض ڪندو هيو ته اهي اسم پاس ڪرڻ ۾ دير نه ڪيو.
هاڻي جو مان ڪلچر جي بجيٽ جي منطوري لاءِ وٽس ويس ته هن مونسان بهتر رويو رکيو. مون پنهنجي بجيٽ تجويزن کان ٻاهر ڪجهه پئسا گهريا ته ٽوئرزم کاتي جا ڪينجهر، سيوهڻ ۽ سمبارا هوٽل ۽ ريسٽ هائوس خراب حالت ۾ آهن، انهن لاءِ پئسا ڏيو، هن اسي لک رپيا وڌيڪ منظور ڪيا ۽ اهي پئسا 8-2007ع جي بجيٽ ۾ رکيا ويا. مونکي سال جي وچ ڌاري ريٽائرڊ ڪرڻو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجو مدو پورو ڪري حڪومت به ختم ٿيڻي هئي. ته جيئن نيون چونڊون ٿي سگهن. جڏهن بجيٽ ۾ 80 لک رپين جو آفيسرن ٻڌو ته اچي ڪوشش ۾ لڳا ته اهي پئسا ڪنهن طريقي سان ڳڙڪائي ڇڏين. طارق مرزا نئون مينيجنگ ڊائريڪٽر ٽوررزم ٿي آيو. هن ۽ وزير صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽرين اهو سٽل سٽيو ته ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني سان اهي پيسا حڪومت ٽٽڻ کان اڳ ۾ هڙپ ڪجن، پر مان انهن پيسن تي واسينگ نانگ ٿيو ويٺو هيس. مون بلڊنگ کاتي کي چيو ته ٽنهي ريسٽ هائوسن جي مرمت ۽ سامان جي ايسٽيمينٽ ٺاهين ۽ اخبارن ۾ اهڙو ٽينڊر ڏين.

[b]شاهه ٻيلو ۾ ڌاڙيلن جي جاءِ تي سفاري پارڪ ڪڇي ۾!
[/b]اسان جو وزير صاحب جناب رئوف صديقي جڏهن هوم ڊپارٽمينٽ جو وزير هيو. هن سکر جو شاهه ٻيلو، ايس ايس پي سکر محترم شبير شيخ جي دعوت تي ڏٺو هيو. شيخ صاحب اتي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن هلايو هيو، ڌاڙيل ڪجهه ڀڄي ته ڪي ٽڙي پکڙجي ويا. ائين ڪي ڌنار بڻجي ويا ته ڪن هن پاسي اچڻ ڇڏي ڏنو، ڪجهه ڏينهن لاءِ ٺاپر ٿي وئي.
ان دوران هڪ ڳوٺ ۾ هيلي پيڊ ٺاهي وئي، جناب رئوف صاحب کي اتي آندو ويو ۽ کيس بريفنگ ڏني وئي ۽ سندس ڪوريج لاءِ ٻيڙين تي پوليس ۽ ڪوريج لاءِ پريس ۽ ميڊيا کي به گهرايو ويو. وزير صاحب ڏاڍو خوش ٿيو.
پوءِ جڏهن ثقافت کاتي ۽ سياحت کاتي جو وزير ٿيو ته کيس شاهه ٻيلي ۾ سفاري پارڪ ٺهرائڻ جو خيال آيو ۽ ان خيال جي وڏي مشهوري شروع ڪيائين، مان به مينيجنگ ڊائريڪٽر ٽوررزم محترم رابعه حويري آغا کي اڳ ۾ ڪري ڇڏيو ته وزير صاحب سان رابطيڪار جو ڪم ڪندي رهي.
هيءَ اهڙي ناممڪن سوچ هئي جو جنهن به ٻڌو پئي اهو پنهنجو سر مٿو وٺي ويهي پئي رهيو، هڪ سيڪيورٽيءَ جو مسئلو، ٻيو دريا جو چاڙهه جيڪو هر سانوڻ ۾ ڇر هوندو ۽ شاهه ٻيلو پاڻيءَ جي هيٺان اچي ويندو آهي. ٻوڏن جي وقت ۾ ته الله زاري هوندي آهي، زمين ٻيلي جي، انهن کي به اعتراض. ارسا (IRSA) جي به NOC مليل ڪونه هئي. ائين منصوبه بنديءَ جو وزير شعيب بخاري ايم ڪيو ايم جو به، پر اهو به کلي مخالفت نه پيو ڪري سگهي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري غلام سرور کيڙو صاحب به کلي مخالفت نه پيو ڪري. اهو به مڙئي ڪم کي هلائي رهيو هيو. نيٺ ٻيلي کاتي جي وزير سيد اعجاز علي شاهه شيرازيءَ کان به NOC ورتو ويو. وڏي وزير ارباب صاحب ويٺي تماشو ڏٺو. سڄو پريشر مونتي لڳايو ويو ته ان اسڪيم کي ڪنهن به صورت ۾ منظور ڪرائڻو آهي. ان دوران ڪجهه عرب ملڪن جا سفير به وزير صاحب جي رفاقت ۾ شاهه ٻيلي ۽ سکر جو چڪر لڳائي آيا. هنن ته وزير صاحب کي الائي ڪهڙو جواب ڏنو پر پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ته اهي عرب سڳورا پئسن جي مدد ڪندا.

[b]ٻاهرين ملڪن جا دورا
[/b]مون کي ڪافي موقعا مليا ته ملڪ کان ٻاهر سرڪاري خرچ تي پڙهي اچان پر پنهنجي گهر ۽ فيمليءَ جي حالات جي ڪري مان ٻاهر نه ويس.
1980ع ۾ مان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس ڊي ايم کپرو هيس. سنڌ سرڪار منهنجي نامزدگي ڪئي هئي ته مان سرڪاري خرچ تي 10 مهينن لاءِ MPA (ماسٽرس ان پبلڪ ائڊمنسٽريشن) ڪرڻ لاءِ انگلنڊ، آڪسفورڊ وڃان، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو.
94-1995ع ۾ مارچ مهيني تائين مان تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر پلاننگ هيس. انهن ڏينهن ۾ سرڪار 8 هفتن لاءِ فلپائن، ايشين ڊيولپمينٽ کي منهنجي نامزدگي ڪري فنانس ايڊمنسٽريشن ۾ ٽريننگ لاءِ موڪلي. ADB جو هيڊڪوارٽر فلپائين ملڪ جي منيلا شهر ۾ آهي. هي ايشيائي ملڪن لاءِ قرض ڏيڻ جو اهم ترين ادارو آهي. هن اداري جي ڏنل پنج اربن روپين جي مدد سان سنڌ ۾ پنج هزار “اسڪول سنڌ پرائمري ايجوڪيشن ڊولپمينٽ پروجيڪٽ” (SPEDP) نالي سان رهيا هئا ۽ ڪجهه ٻيا تعليم جا پروجيڪٽ به هئا.
جڏهن ان ٽريننگ جو وقت آيو ته مان تعليم کاتي مان بدلي ٿي ڊي سي خيرپور ٿي لڳو هيس. جڏهن ٽريننگ شروع پئي ٿي ته محرم جا ڏينهن ان سان ٽڪراءُ کائي رهيا هيا. چيف سيڪريٽري مونکي موڪل نه ڏني.
2005ع ۾ مان سيڪريٽري GA هيس ته هڪ ڪانفرنس لاءِ چيف سيڪريٽري مونکي نامزد ڪري لنڊن برطانيا نالو موڪليو. جتان منظور به ٿي ويو. پر وقت ايترو ٿورو هيو جو منهنجي ڪاغذن جي تڪميل وقت سر نه ٿي سگهي، هاڻي منهنجي عمر به اچي 59 سال ٿي هئي ۽ مون ڪوبه ٻاهريون ملڪ ڏسڻ جي اميد لاهي ڇڏي هئي.

[b]ايران ۽ دبئيءَ جو دورو
[/b]ڊسمبر 2006ع ۾ مان جڏهن سيڪريٽري ڪلچر ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر هيس ته فيڊرل گورنمينٽ مون کي ۽ سيڪريٽري ٽوئررزم پنجاب ۽ وفاقي سيڪريٽري کي ايڪو (ECO) ‘ايڪانامڪس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن’ جي ملڪن جي ٽوئررزم جي ڪانفرنس لاءِ نامزد ڪيو. هيءَ ڏهن ملڪن جي آرگنائيزيشن آهي، جنهن ۾ افغانستان، ايران، پاڪستان، ازبڪستان، ڪازڪستان، آذربائيجان، ڪردستان، ترڪي، ترڪمانستان، تاجڪستان به شامل آهن.

[b]ايران روانگي
[/b]ڪانفرنس ايران جي شهر تهران ۾ ٽن ڏينهن لاءِ 11 کان 13 ڊسمبر 2006ع تي ٿيڻي هئي. ايران انهن ملڪن مان آهي جن ۾ رهڻ لاءِ 5 مهينن تائين ويزا جي ضرورت نه پوندي آهي. جي توهان جو پاسپورٽ بلو (Blue) سرڪاري هجي. مون پاڪستان ۾ ايرانيءَ ڪونسليٽ جنرل سان رابطو ڪيو. هن مونکي گائيڊ ڪيو.
مون مقرر ڏينهن تي ايمرائٽس ايئر لائين جي فلائيٽ ورتي.
منهنجي روانو ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ اسلام آباد مان وفاقي سيڪريٽري ٽورزم فون ڪري ٻڌايو ته، مون کان سواءِ پاڪستان مان ٻيو ڪوبه نمائندو ڪونه هوندو، تنهن جي ڪري مونکي نه صرف پنهنجي صوبي، پر پاڪستان جي به نمائندگي ڪرڻي پوندي، ته مون پاڪستان ۽ سنڌ جي سياحت بابت تفصيلي نوٽ تيار ڪيا.
اهو وقت هيو جڏهن القاعده پاران پاڪستان ۽ افغانستان ۾، ۽ آمريڪا جي هٿ چراند ان خطي ۾ زورن تي هئي. پاڪستان جي جنت جو خطو، سوات مولوي فضل الله جي نشاني تي هيو. اسان جا سياستدان ۽ پاسبانِ وطن ڳالهين ۾ رڌل هئا، ان حالت ۾ پاڪستان جي سياحت جي متعلق ڪهڙي ٻٽاڪ هڻجي!
اهو سفر ان ڪري به يادگار هيو، جو منهنجي زندگيءَ جو پهريون پرڏيهي سفر هيو. ڊسمبر جي مهيني ۾ تهران، مشهد ۽ ٻين علائقن ۾ سردي وڌيڪ هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته تهران ۾ برف باري به ٿيندي آهي. مان سرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ليدرڪوٽ، هئنڊ گلوز ۽ ڪجهه ٻيا ڪپڙا به کنيا هئا، ته ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٻه فل سوٽ به کنيا. ڪراچيءَ ۾ سرد ڪپڙن جي ضرورت نه ٿي پئي. پر ايران جي سفر لاءِ ڪافي ضرورت واري شاپنگ ڪرڻي پئي ۽ خرچ به ٿي ويو، پر ايترو ضرور ٿيو، جو اهو سامان هاڻي به مونکي ۽ منهنجي فيمليءَ کي ٻاهرين سفر لاءِ ڪم اَچِيو وڃي. منهنجو پٽ محمد عريس قادر نومبر 2015ع ۾ جپان جي ٻن هفتن جي Study Tour تي ويو ته هن کي منهنجيون ورتل شيون ڪم آيون.
ڪراچيءَ ايئرپورٽ تان ايمائريٽس ايئرلائين ۾ مان منجهند ڌاري تهران وايا دبئي لاءِ روانو ٿيس. جيئن جيئن اولهه طرف جهاز جو سفر ٿئي ٿو، تيئن تيئن وقت جي سئي پوئتي هلڻ شروع ڪري ٿي. اسان جي وقت ۽ دبئي جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جو فرق آهي. دبئي جو وقت اسان جي وقت کان هڪ ڪلاڪ پوئتي آهي. ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ جڏهن دبئي ايئرپورٽ تي لٿاسون ته اتي ٽائيم جو فرق هڪ ڪلاڪ ٿيو.

[b]دبئيءَ ۾ ٽرانزٽ
[/b]اسان جو ٽي ڪلاڪ دبئيءَ ۾ ٽرانزٽ هيو. دبئي بين الاقوامي ايئرپورٽ شاندار ۽ وڏو آهي. روانگيءَ لاءِ ڪافي گيٽس آهن، تهران لاءِ مون پنهنجي فلائيٽ جو گيٽ جو پتو ڪيو. پر ان کان اڳ ۾ مون ڊيوٽي فري شاپس گهمي ڏٺا.
مون کي پي ٽي وي جو هڪ ائنڪر ملي ويو، خبر پئي ته هو به تهران ڪنهن ڪانفرنس ۾ وڃي رهيو آهي. هڪ ٻئي کي رهائشي جڳهن جي ائڊريس ڏني سون ۽ ٽرانزٽ جو ٽائيم گذارڻ لڳاسون.

[b]ڀارت جي روشن سان ملاقات
[/b]اسان ريسٽورنٽ جي ويٽنگ ٽيبل تي ويهي رهياسون، پاڻ کي settle ڪري کٻي سڄي ڏٺو سون، منهنجي سڄي پاسي تي هڪ خاتون ويٺل نظر آئي. لڳو ته هن يڪو اسان جو جائزو پئي ورتو، منهنجي نظر پيس ته مسڪرائي مونکي wish ڪيائين. مون به موقعو غنيمت سمجهي مسڪرائي ڪنڌ لوڏيو. پخته عمر جي، ڪڻڪ رنگي، ڀريل جسم جي عورت، سلڪ جي کليل ڳلي وارن سندس ڪپڙن جي بيهڪ مان لڳو پئي ته ڪافي “ڪشاده دل” آهي. سندس ڇاتي نمايان لڳي رهي هئي. مونکي ڏسي چوڻ لڳي ته اچو منهنجي ٽيبل تي ويهو. مون چيو ته “اسان ٻه آهيون، توهان هڪ آهيو، بهتر آهي ته توهان اسان جي طرف اچو.” اسان جي ٻنهي ٽيبلن جي وچ ۾ هڪ ماڻهو ءَ جي لنگهڻ جي وٿي هئي، هوءَ بليڪ ڪافيءَ جو ڊسپوزل ڪپ کڻي اسان جي ٽيبل تي اچي ويٺي، ان پاسي کان منهنجو ڪجهه دير اڳ ۾ ٿيل ساٿي ائنڪر ويٺل هيو، ان سان لڳ منهنجي سامهون ٿي ويٺي، اسان سان هٿ ملايائين ۽ پڇيائين! ’ڇا پيئندو‘ ائنڪر ڪافي وٿ ملڪ چيو. مون چانهن چيو! پڇڻ لڳي ڪٿي جا؟ ڪيڏانهن پيا وڃو؟ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو، ملڪ ۽ شهر ٻڌايو ۽ اهو ٻڌايو ته تهران ٿو وڃان! وڏو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳي ”ڇا ٻي دنيا گهمي چڪا آهيو، جو تهران پيو وڃين!“ انهن ڏينهن ۾ احمدي نجاد جي حڪومت هئي، ايران تي آمريڪا ناراض هيو ۽ UNO ۽ پوري دنيا ناراض هئي. ايران اڪيلو ٿي ويو هيو، سندس تيل ٻاهر اماڻڻ تي به بندش ته ٻين واهپي جي شين آڻڻ تي به روڪ هئي. بلڪه جن ماڻهن ايران وزٽ ڪيو ٿي، انهن کي يورپ ۽ آمريڪا جي ويزا به مشڪل پئي ملي، هن جو اشارو شايد ان ڳالهه طرف هيو.
مان مسڪرائي چپ ٿي ويس، کانئس سندس باري ۾ پڇيم. سندس نالو روشن هيو، ممبئي جي ويٺل هئي، جدي وڃي رهي هئي. اتي ڪنهن آئل فيلڊ ۾ نوڪري هيس، مونکي سندس بي باڪيءَ تي حيرت ڪونه ٿي، بمبئي ۽ انڊيا تي ڳالهائيندي رهي. انڊيا ۽ پاڪستان جي تعلقات تي ڳالهايائين. ڪافي ڄاڻ واري پئي لڳي. سٺي ڪمپني هئي، سندس فلائيٽ اسان جي فلائيٽ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ جدي لاءِ وڃڻي هئي. هوءَ به شايد اڪيلي انتظار ڪري بيزار ٿي پئي هئي، تنهن ڪري اسان سان گپ شپ ڪرڻ لڳي هئي. اسان جو ساٿي اينڪر ميڊيا جا حال احوال ڪرڻ لڳو. ڪلاڪ جي ان وٿيءَ ۾ ڪافي هم آهنگي ٿي وئي هئي. مون انگريزيءَ ۾ چيو ڪاش تون ايران هلندي هجين ها يا مان جدي هلان ها! چوڻ لڳي ”پوءِ ته اسان جا سر ڪپيل لاش هڪ انڊيا ۽ ٻيو پاڪستان پهچن ها:“ مون چيو ته ”انهن ٻنهي ملڪن لاءِ ان کان وڌيڪ يڪجهتي جو ڪهڙو بهتر مثال ٿي سگهيو پئي!“
اسان جي فلائيٽ انائونس ٿي. منهنجو ساٿي ائنڪر ڄڻ اٻاڻڪو ويٺو هيو، ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو، مان به اٿيس. هوءَ به اٿي بيٺي، مون موڪلائڻ لاءِ هٿ وڌايو ته هن چيو هلو مان توهان سان توهان جي گيٽ تائين گڏ هلان ٿي. گيٽ تي رش وڌي ويئي هئي. ائنڪر کي لائين ۾ بيهاري اسان ٻئي ڀروارين ڪرسين تي ويهي رهياسون. ڳالهيون ڪندي ڪندي موڪلايوسون. نه هن مونکان نمبر ۽ FB جو ID پڇيو ۽ نه مون. ڄڻ اسان ذهني طرح ان ڳالهه لاءِ تيار هئاسون ته:
“اب ڪي نهين ملنا جانان!”
مون کي خبر نه هئي ته 7 مهينن کان پوءِ مان به ٻارن سان عمري تي جدي ويندس ته گهٽ ۾ گهٽ فون نمبر جو ضرور تبادلو ڪيون ها. مون بورڊنگ گيٽ مان گذرندي ڪنڌ ورائي آخري ڀيرو هن کي ڏٺو، هوءَ اتي ئي بيٺل هئي، مونکي ڏسندي هٿ لوڏي الله واهي چيائين. مون به هن کي هٿ لوڏي خدا حافظ چيو ۽ هميشه لاءِ جدا ٿي وياسون، پر ان 60 منٽن جي ننڍڙي خوشگوار ملاقات جي ياد اڃان به تازي آهي.
ائنڪر ۽ مان جهاز ۾ الڳ الڳ ٿي وياسون، مون پنهنجي سيٽ ڳولهي، پنهنجو هئنڊ ڪيري ان جي مٿين خاني ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سيٽ تي ويهي رهيس.

[b]دبئيءَ کان امام خميني ايئرپورٽ لاءِ
[/b]مان گهڻو ڪري ونڊو سيٽ نه پر آئيل سيٽ وٺندوآهيان ته ڄنگهن ۽ پيرن جي چرپر جي جڳهه ملي وڃي. هتي به مون کي آئيل سيٽ هئي. مون مسافرن ۽ جهاز جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
ايمائرٽس جي مهمانداري مشهور آهي. مهماندار مرد ۽ عورتون ڀڄ ڊڪ ۾ پورا هئا. مسافر مرد ۽ عورتون جهاز ۾ داخل ٿي رهيا هئا. ڪيتريون عورتون ماڊرن لباس ۾ جهاز ۾ چڙهيون هيون. ننڍيون اسڪرٽس ۽ ليڌر لانگ شوز پيل هين.
سج لهي چڪو هيو. جهاز جا دروازا بند ٿي ويا. انگريزي سان گڏ فارسيءَ ۾ ايئرهوسٽس انائونس ڪيو، ته جهاز رڙهڻ شروع ٿيو ۽ ٽيڪ آف ڪيائين.
ايمائرٽس وارا پنهنجي سفر جي دوران “هارڊ ۽ سافٽ ڊرنڪ” ٻئي serve ڪندا آهن. پر تهران ۾ لهڻ واري کي کٽي کڻندي جو هارڊ ڊرنڪ جو پڇي. ڊنر serve ڪيائون ته مون ايران جون اخبارون پڇيون پر ڪونه مليون. مان پنهنجون مٿيون لائٽس بند ڪري اکيون ٻوٽي، ٽيڪ ڏئي آرام ڪرڻ لڳس. ذهن ۾ ايران کي آڻي ڪجهه ننڊ ۽ گهڻي جاڳ ۾ سوچڻ لڳس.
محسوس ٿيو ته ايمائرٽس جو بوئنگ اونچائي ڇڏي رهيو آهي، ائين ساڳيو ايئرهوسٽس جو آواز به گونجيو ته ”اسان تهران جي امام خامنئي ايئرپورٽ تي ٿوري دير ۾ لهنداسون.“ ان انائونسمينٽ سان عورتن ۾ ٽاٻڙڪو پئجي ويو، جيڪي ماڊرن ڪپڙن ۾ هيون، انهن پنهنجا اُبايا ڪڍيا ۽ حجاب ڪرڻ لڳيون، جڏهن تهران ۾ جهاز بيٺو ۽ هوائي اڏي تي عورتن جو ٽولو لٿو ته سڀ جو سڀ ماڊرن يورپين ڊريسز جي بدران برقعن ۾ يا چادرون اوڍيل هيون.
مان به ايئرپورٽ ۾ اندر آيس، منهنجو سامان لٿو، مونکي اڻ تڻ هئي ته ٻاهر ڪو وٺڻ وارو هوندو به الائي ڪونه. مونکي اها ته خبر هئي ته اسان جي رهائش هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل ۾ هئي ۽ ڪانفرنس به اتي هئي. دل ۾ چيم ته پوءِ کڻي ٽيڪسي وٺندس. هئڊ ڪيري ۽ ٻه بريف ڪيسون ڌڪيندو اچي ٻاهر نڪتس.
پهريون استقبال ته ٿڌي هوا جي هڪ ٿڌي جهوٽي ڪيو. اڳتي آيس ته هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو جن جي عمر 30 سال کن ٿيندي بينر جهليو بيٺا هئا، انهن ٻنهي تي انگريزيءَ ۾ پاڪستان لکيل هيو. منهنجي اٻاڻڪي چهري تي چمڪ اچي وئي، هو به ٻئي کلي پيا، سندن ويجهو وڃي کين سلام ڪندي مون پنهنجو تعارف ڪرايو. ڇوڪري، جنهن جو نالو گل بانو (Gool Bano) هيو، تنهن فارسي لهجي واري انگريزي ۾ پڇيو ته ”توهان جا ٻيا ساٿي ڪٿي آهن؟“ کين ٻڌايم ته انهن جو پروگرام ڪئنسل ٿي ويو، پاڪستان مان صرف مان ئي آيو آهيان. هنن ڊرائيور کان منهنجو سامان رکرايو. هنن ٻه گاڏيون آنديون هيون. مان پوئين سيٽ تي ويٺس. گل به مون سان گڏ ويٺي. سندس ٻيو ساٿي فرنٽ سيٽ تي ويٺو. گاڏي هلي. ٻي گاڏي اسان جي پويان پويان ايندي رهي. گاڏيءَ جي رفتار مان اندازو ٿيو ته روڊ جي حالت سٺي آهي. چوڌاري روشنيون هيون. گل ۽ سندس ساٿيءَ سان گپ شپ ٿيندي رهي. خبر پئي ته جيستائين مان ايران ۾ هوندس گل منهنجي گائيڊ هوندي ۽ منهنجي چرپر کي مربوط رکندي ۽ مسئلن کي ڏسندي رهندي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اڳ ۾ ته انگريزي پڙهڻ جي مخالفت هوندي هئي. ڪجهه سالن کان انقلابي اسلامي ايران جي حڪومت ضرورت محسوس ڪئي آهي ته نوجوانن کي انگريزيءَ جي تعليم به ڏيارجي. گل بانو به انگريزي تهران يونيورسٽيءَ مان پڙهي آهي، ٻيو ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ايران جي ثقافت کاتي، جنهن هيءَ سيمينار آرگنائيز ڪيو آهي، ان مقصد لاءِ خاص تربيت ڏياري آهي ۽ کين ڪائونسلر (Counsellor) ڪري رکيو آهي ته جيئن مهمانن کي سهوليتون فراهم ڪن. ڳالهائيندي ڳالهائيندي اسان هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل تي پهتاسون. هي هوٽل وچ شهر ۾ مين روڊ تي آهي. هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل هوٽلز جي Chain جو حصو آهي. ايوب خان جي دور ۾ اهڙا هوٽل ڪراچي ۽ لاهور، ڍاڪا ۽ ٻين شهر ۾ به ٺهيا هئا، پر پوءِ ان Chain جي پاڪستان هوٽلن کي هاشو گروپ خريد ڪيو ۽ ان جو نالو پرل ڪانٽينينٽل (PC) هوٽل ڪري رکيو. ان سان گڏوگڏ يورپين ۽ ٻيا PC هوٽل به ملڪ ۾ ٺهرايا ويا. انهن پراڻن هوٽلن جي چڱيءَ ريت سار سنڀال ۽ اپگريڊنگ ڪئي وئي. ڪراچيءَ جي PC هوٽل ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو تهران جو، پر هاڻي به ڪراچيءَ ۾ پهرين پسند PC هوٽل آهي، ائين ڀوربن ۽ مظفرآباد ۽ گوادر ۾ به اهڙا هوٽل آهن، ڀر ڀوربن جو PC خوبصورت آهي. هن جي چوڌاري جو منظر ۽ موسم! ڇا ڳالهه ڪجي. مون چيڪ ان ڪيو. مون کي ’گل‘ صبح جي ميٽنگ جي وقت جي يادگيري ڏياري. SOS لاءِ نمبر ٻڌايائين. پنهنجو نمبر ٻڌايائين، هوٽل جا نمبر ۽ اتان جو پروٽوڪول ٻڌايائين ۽ اهو به ٻڌايائين ته هوٽل ۾ منهنجي رهائش ۽ ماني، چانهن، سافٽ ڊرنڪ، ٽرانسپورٽ وغيره فري آهي. ان جو بل ميزبان ادا ڪندا. اهو هوٽل به حڪومت جي ملڪيت هيو. ڪلچر ڊپارٽمينٽ ان جو مالڪ هيو. جيئن اسان جو لاڙڪاڻي جو سمبارا هوٽل آهي.

[b]تهران ۾
[/b]مان ڪمري ۾ آيس، دري کولي ٻاهر ڏٺم، سامهون هڪ مکيه روڊ روشنين ۾ چمڪي رهيو هيو، رستي جي ٻنهي پاسي وڻ هئا. اهي به روشنيءَ ۾ عجيب منظر پيش ڪري رهيا هئا. هوٽل جي ٻاهر جو ته حال ڪو نه هيو، پر اندر جو حال به پورو سارو هيو. انٽر ڪام تي ڪچن ۾ چانهن لاءِ چيو، ڪمري جو فرج کوليو، کائڻ پيئڻ جو سامان پيو هيو. خشڪ ميوو ته زبردست هيو. پاڻي پيتم، سامان کولي، ڪپڙا بدلائڻ لاءِ باٿ روم ويس، جلدي جلدي باٿ ورتم. باٿ کان پوءِ چانهن ڏاڍو مزو ڏنو.
ڪراچيءَ گهر فون ڪيم. کين خيريت سان پهچڻ جو اطلاع ڪيو.
ٻيو ڏينهن خوشگوار رهيو. دريءَ جو پردو کوليو ته هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رهي هئي. آسمان تي جهڙ هيو، سامهون واري روڊ تي وڻ وڻندڙ نظارو پيش ڪري رهيا هئا. وڻن جا پن سُڪي ڪري پيا هئا. هلڪي هلڪي ٽريفڪ هلي رهي هئي، ائين نظر اچي رهيو هيو، ڄڻ ڪنهن روڊ جي پينٽنگ منهنجي سامهون هجي، صبح جو چانهن دريءَ جي سامهون ويٺي پيتم، هڪ ڪپ خالي ڪيو، دري کولي ته سرد هوا جو جهوٽو جهڙوڪ ڏنگڻ لاءِ منهنجي وجود کي ويڙهي ويو، مون کڻي دري بند ڪئي. جسم ۾ گهريل سرديءَ کي enjoy ڪرڻ لڳس.
تيار ٿي ڪمري ۾ ئي ناشتو ڪيو، ٻه سلائيس ٻه هاف فراءِ ايگس ۽ جوس جو هڪ گلاس. مان ناشتي، لنچ ۽ ڊنر کان پوءِ چانهن نه پيئندو آهيان. کاڌي جو مزو رهڻ ڏيندو آهيان.

[b]ايڪو (ECO) ڪانفرنس
[/b]هيٺ لهي لابيءَ مان ٿيندو، هال ۾ آيس، سامهون اسٽيج ٺهيل هيو. ان جي ٻنهي پاسن کان ۽ سامهون ويهندڙن لاءِ ٽيبل ۽ ڪرسيون رکيل هيون، منهنجي ٽيبل ۽ ڪرسي اسٽيج جي بلڪل سامهون لڳل هئي. پاڪستان جو ننڍو جهنڊو ٽيبل تي پيو هيو ۽ وڏو جهنڊو ڪرسيءَ جي پويان جهُلي رهيو هيو. ساڳيو سيٽ اپ سڀني آيلن جي ڪرسين تي هيو. هوٽل جي ٻاهران به ECO ملڪن جا جهنڊا لڳل ۽ لابيءَ ۾ ڪانفرنس جي افتتاح ۽ ان جو تعارف جا بورڊ به لڳل هئا.
مان سڀني ٽيبلن تي وڃي سڀني آيلن سان هٿ ملائي پنهنجو، وزيٽنگ ڪارڊ ڏئي تعارف ڪرايو ۽ هنن به پنهنجو تعارف ڪرايو. ايران جي پاران ميزبان جا فرائض ايران جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل ادا ڪري رهيا هئا. ڊي جي وڌيڪ چست لڳي رهيو هيو. هوٽل به سندس انتظام ۾ هيو. اسان جي رجسٽريشن کان پوءِ هر ڪنهن پنهنجون پنهنجون نشستون والاريون. ٻين ملڪن مان وڌيڪ ماڻهو آيل هئا. جڏهن ته مان هيڪلو ويٺو هيس. ٿوريءَ دير ۾ پاڪستان جي سفارت کاتي جو سيڪنڊ سيڪريٽري سعيد به اچي ويو. هي نوجوان فارين سروس جو آفيسر هيو. اصل پنجاب جو هيو. ڪافي سمجهدار پئي لڳو. پنهنجو ٽن سالن جو ٽينيوئر تهران ۾ پورو ڪرڻ وارو هيو. ايران لاءِ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ويو هيو. نشست شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ بريڪ ۾ حال احوال ٿيندو رهيو.
افتتاحي سيشن جي صدارت لاءِ نائب صدر پهچي ويو هيو. ان جي ساڄي پاسي وزير ثقافت ويٺل هيو. نائب صدر کي ڪارو عمامو ۽ ڪاري شال اوڍيل هئي. وزير کي پينٽ ڪوٽ هيو. آٽو ٽرانسليٽر سسٽم جو بندوبست ٿيل هيو، تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ وزير صاحب ابتدائي تعارفي ڪلمات ادا ڪيا. ان کان پوءِ نائب صدر صاحب پنهنجي تقرير شروع ڪئي. مان آٽو ٽرانسليٽر تي انگريزيءَ ۾ تقرير ٻڌي. اردو ۾ آپشن ڪونه هيو. هن اڌ ڪلاڪ کن تقرير ڪئي. ڪانفرنس جو افتتاح ٿيو. سڀ مندوبين چانهن تي آياسون. خاص مهمان سان باقاعده پروٽوڪول سان تعارف ٿيو. چانهه کان پوءِ فوٽو سيشن ٿيو. سفارت خاني جو سيڪنڊ سيڪريٽري سعيد به مون سان گڏ هيو. سيشن شروع ٿيا. افغانستان پنهنجي سياحت تي ۽ مشڪلاتن تي ڳالهايو. هن به تقرير فارسيءَ ۾ ڪئي. هڪ ٻئي ملڪ به ڳالهايو.
لنچ تي سعيد سان منهنجو ايران متعلق حال احوال ٿيندو رهيو. ايران تي چيائين ته پاڪستان جي فارين پاليسيءَ تي امريڪا سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ناخوش آهن. پاڪستانين کي بطور قوم ئي سٺو ٿا سمجهن، پر ليڊرشپ جي ڪري اسان ڏي هنن جو رويو سٺو ناهي.
چيائين ته هتي ته ڇوڪريون ابايا پايون هلن ٿيون، پر سندن گهر ۾ جيڪي دعوتون ٿين ٿيون، اتي الٽرا ماڊرن لباسن ۾ هونديون آهن. مڙئي اها ٻٽي پاليسي اٿن! مان حيران هيس. وري چوڻ لڳو ته، “ان دوران جيڪڏهن ڪا گهر ۾ پارٽي هوندي ته توکي وٺي ويندس!” مون آسمان ڏي ڏٺو، “الله ڪندو!” پر افسوس ته ٻه ٽي ڏينهن اتي هوندي الله ڪونه ڪيو، سعيد به ظاهر نه ٿيو. لنچ کان پوءِ ڇهه بجي ته سيشن ۾ ٿيو ٿي ويا ۽ پوءِ سيءَ، اوندهه، عجيب اڪيلائي ۽ ڊپريشن هئي.
پهرين ڏينهن ستين بجي کان پوءِ شام جو گاڏي ۽ ڊرائيور وٺي شاپنگ ايريا ۾ ويس، ڪجهه ضرورت جون شيون ورتيون، ڪجهه ٻين شين جو اگهه پڇيم، ٻاهران آيل سامان ته ڪونه هيو. ايران جو ٺهيل سامان هيو، آرٽ ورڪ، هئنڊ ميڊ ۽ ٻيون اهڙيون شيون هيون، شاپنگ مال ۾ هر ملڪ وانگر، عورتن جو انگ گهڻو هيو. وڏا ليدر شوز، فل ميڪ اپ، سهڻيون، گوريون، پوريون، اکيون، نڪ ڊگها، قداور، وار ڊگها ڪارا، جسم ٺهندڙ، جيڪا اجتماعي خوبصورتي مونکي ايران ۾ نظر آئي اهڙي گهٽ ملڪن ۾ آهي. رنگ ۽ نسل ۾ ملاوٽ کان پاڪ، واقعي اصلي آريا ٿي لڳا. ڪجهه خريد ڪيو، ڪجهه سامان چُڪايو، ڪجهه خوبصورتيون اندر ۾ اوتي، ڊپريشن کي ڀڄائي واپس وٿاڻ تي آيس.
هوٽل جي لابيءَ ۾ هڪ آرٽ ورڪ وڻيو، اهو خريد ڪري پيڪ ڪيو، مون سَوَ پائونڊ جو نوٽ ڪڍيو. لابيءَ ۾ جيڪي دوڪاندار هئا، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا. “پائونڊ! پائونڊ!!” سندن جوش خروش ڏسي ايئن پئي لڳو، ڄڻ پائونڊ جو نوٽ ڪونه ڏٺو هجائون. ان دور ۾ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت 60 روپيه هئي، پائونڊ 125 روپيه ۽ ايراني سڪوٽمن 15 في روپيه هيو.
سو پائونڊن جي مٽاسٽا تي اچي گوڙ ٿيو. مون مزو پئي ڏٺو، مون ڪجهه ڊالر ۽ ڪجهه ايراني ريال ورتا. هيٺ ريسٽورينٽ ۾ ئي ماني کاڌي، ڪجهه ايراني کاڌا هئا، جيڪي پاڪستان به هاڻي ٺاهي رهيو آهي. جيئن چُلو ڪباب، باربي ڪيو ٻوٽي ۽ ڪجهه ٻيون ننڍيون ننڍيون ڊشز. مان گهر کان ٻاهر ماني کائڻ ۾ ڪوشش ڪري احتياط ڪندو آهيان. ملڪ ۾ ته ڊشز جي خبر پوندي آهي، پر ٻاهرين ملڪن جي مڙئي خبر پوري ساري هوندي آهي. تنهن ڪري ماني احتياط سان کائجي.

[b]آخري سيشن
[/b]ٻئي ڏينهن صبح جو سيشن جو ٻيو ۽ آخري ڏينهن هيو. ٻين مندوبين سان مان به پنهنجي ملڪ جي سياحت ۽ سياحتي ماڳن تي روشني وڌي، انهن جي آئنده وڌڻ ۽ ECO ملڪن سان تعلقات ۽ سياحت جي مٽاسٽا تي ڳالهايو، سنڌ سولائيزيشن، موهن جو دڙي، هڙاپا، ٽيڪسلا ۽ مهر ڳڙهه جا مثال ڏنا. کين ٽوئرزم لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جون آڇون ڪيون. کين ٻڌايو ته هماليه کان پوءِ ڏهن مان ٻن وڏن پهاڙن جون چوٽيون به پاڪستان ۾ آهن. هتي مختلف قسمن جون ثقافتون ۽ موسمون، پهاڙ، درياهه، سمندر، ريگستان ۽ نخلستان آهن. خوبصورت ڍنڍون وڻ ٽڻ ۽ جانور آهن. انڊس ڊالفن، ٽرائوٽ، مارخور، ٻارنهن سنگها، Ibex ۽ ٻيا ڪيترا جانور آهن. ريل، روڊ، هوائي، سامونڊي رستا آهن، اعليٰ قسم جا تعليمي ادارا آهن، جن مان ڪي دنيا جي بهترين ادارن ۾ شامل ٿي رهيا آهن. اسان جو ريگستان ٿر، دنيا جو نرالو عجوبو آهي، جنهن اندر وري طرح طرح جا ڪلچر ۽ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن جي شڪل شبيهه به هڪ ٻئي کان الڳ آهي. ڪوئلي جا وڏا ذخيرا لڌا ويا آهن، جن کي ترقي وٺرائي رهيا آهيون. آخر ۾ اها به ڳالهه ڪئي ته موجوده دهشت گرديءَ جي ڪري ٿوري وقت لاءِ ڪجهه مايوسي پيدا ٿي آهي، پر اسان کي اميد آهي ته توهان جهڙن دوست ملڪن ۽ ٻين سان ٻانهن ٻيلي ٿي هن آيل لهر کي قابو ڪنداسين. ائين ٻين به ڳالهايو. ترڪي سڀ کان اڳڀرو هيو، هن سان اسان جا پراڻا تعلقات هئا. ايران سان گڏ اسان ٽئي RCD ۾ گڏ هئاسون. ترڪيءَ دلچسپي ڏيکاري ته اسان پنهنجي ثقافت ۽ سياحت ۽ تعليم کي هٿي ڏياريون. مون کين خوش آمديد چيو ۽ کين ترڪي يا پاڪستان ۾ ڳالهين جون دعوتون ڏنيون.
ماني جي وقفي دوران ڪافي ملڪن مان آيل منهنجي چوڌاري اچي گڏ ٿيا. مون کي مبارڪون ڏنائون ۽ چيائون ته توهان دل کولي ڳالهايو ۽ تعاون جي دعوت ڏني. پاڪستان بنيادي ٽن ملڪن مان آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته پاڪستان، ثقافتي سطح تي سڀني ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو. مان ڪنڌ لوڏي، سندن ان محبت ۽ اعتماد جو شڪريو ادا ڪندو رهيس. دراصل نيون اسلامي رياستون، جيڪي سوويت يونين ٽُٽڻ جي ڪري ٺهيون آهن، دل سان پئي چاهيو ته پاڪستان lead role ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪري. وٽن پنهنجا سبب هئا، هنن ايران ۽ ترڪيءَ کان وڌيڪ پاڪستان کي اهميت ڏني پئي. مونکي ڏک ٿيو ته هن سيشن کي غير اهم سمجهي، سعيد ڪونه آيو هيو. مون هن کي فون ڪري سڄو قصو ٻڌايو ۽ کيس چيو ته تون اچ ته بهتر آهي، لوهه گرم آهي، پر هو ڪونه آيو، الائي ڇو؟
آخري سيشن ۾ ترجيحات، سفارشون ۽ ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. ان کان اڳ ۾ ECO جي مٿين ميٽنگ جي ثقافت لاءِ تاريخ ۽ هنڌ لاءِ بحث ٿيو، اڪثريت جو خيال هيو ته 2007ع جي ميٽنگ پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ ٿئي، مون سوچيو ته مسئلو ڳچيءَ ۾ ٿو پوي، منهنجي ڳالهه تي اسلام آباد بيهندو ئي ڪونه. مون چيو ته :
”پاڪستان کي ان ميٽنگ ڪوٺائڻ ۽ توهان سڀني دوستن کي پنهنجو مهمان ڪري سڀني شرڪتدارن کي سڄي ملڪ جا ڪجهه اهم سياحتي مرڪز ڏيکارڻ جو موقعو ملي. ان کان وڌيڪ سٺو ٻيو موقعو ڪونهي. پر مون ڳيت ڏني ۽ پاڻي پيتو، سڀني جو ڌيان منهنجي طرف هيو. ”پر 2007ع ۽ 2008ع ۾ اسان وٽ پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن ٿينديون. توهان کي خبر آهي ته اليڪشن ۾ گهما گهمي ٿيندي آهي ۽ پاڪستان جي اليڪشن ۾ ته هن دفعي ڏاڍي گهما گهمي جي توقع آهي. تنهن ڪري توهان جي خواهش کي هن سال پاڪستان شايد پورو نه ڪري سگهي، اميد ته منهنجي ملڪ جي طرفان هن ڏس ۾ معذرت قبول ڪندا.“
پوءِ اها ذميداري ترڪيءَ قبول ڪئي.

[b]ECO (اقتصادي تعاون تنظيم)
[/b]ECO دراصل RCD (علائقائي ترقيءَ لاءِ تعاون) جي ڪک مان نڪتو آهي. RCD، ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي تنظيم جيڪا ان خطي جي ترقيءَ لاءِ هئي، ڪافي ڪم به ڪيو هيو، پر 1979ع جي ايراني انقلاب کان پوءِ ان تنظيم کي ختم ڪيو ويو.
سال 1985ع ۾ پاڪستان، ايران ۽ ترڪي ساڳين مقصدن سان ECO جي نالي سان تنظيم تيار ڪئي، جنهن جو سيڪريٽريت تهران، ايران ۾ ڪيو ويو. سائنسي ترقي جو مرڪز پاڪستان ٿيو ۽ اقتصادي ترقيءَ جو مرڪز ترڪيءَ کي ڪيو ويو. سال 1992ع ۾ ٻين ستن ملڪن کي به ان تنظيم ۾ شامل ڪيو ويو، انهن ۾ افغانستان، آذربائيجان، تاجڪستان، ڪردستان، ڪازڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان به شامل آهن. انهن ۾ ڇهه ملڪ اهڙا به آهن، جن روس کان الڳ ٿي پنهنجي شناخت اسلامي ملڪ طور قائم ڪئي آهي، انهن ملڪن جي مٿانهين سربراهن جي سطح تي به ملاقاتون ٿينديون آهن، مئي جون 2006ع ۾ به انهن جي ڪانفرنس ٿي. ان سلسلي جي هيءَ ڪڙي هئي، جنهن موجب ڊسمبر 11 کان 13 تائين 2006ع ۾ سياحت جي ڪانفرنس ٿي.
شام جو مان گاڏي ۽ ڊرائيور کڻي ٽرانسليٽر سان شهر جي چڪر لڳائڻ لاءِ نڪري ويس. مون ٽرانسليٽر کي چيو ته مونکي تهران جا اهم روڊ، رستا ۽ مارڪيٽ ڏيکار، جنهن سان تهران ۽ ايران جي پوري خبر پوي، هن پوري ڪوشش ڪئي ته مونکي تهران ۽ ايران جي سماجي ۽ اقتصادي صورتحال بابت چڱي ڄاڻ ڏئي. حالانڪه 2006ع کان ايران آمريڪا ۽ يورپ جي پابندين ۾ جڪڙيل هيو، پر پوءِ به هتي ترقيءَ جي رفتار جهڪي نه ٿي هئي. هنن پنهنجي شهرين جي تعليمي ۽ سائنسي پڙهائيءَ ۽ تربيت تي پوري پوري ڪوشش ڪري ڌيان ڏنو ۽ انهن کيترن ۾ عورتن توڙي مردن کي تيار ڪيو. هنن وٽ حجاب يا پردي جو جيڪو تصور هيو، ان تي ته قائم هيا، پر عورتن جي نوڪري ڪرڻ، پڙهائي ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي حصو ورتو ٿي. هنن تي ڌارين مردن سان ڳالهائڻ جي به پابندي ڪونه هئي. ائين هنن جي ملڪ کان ٻاهر پڙهائي ڪرڻ تي به پابندي ڪونه هئي، صرف مختصر حجاب جي پابندي هئي. هو ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، بزنيس وومين، هوٽلن تي، جهازن تي، ايئر هوسٽس ۽ دوڪانن تي به ڪم ڪري سگهن ٿيون. ايراني اهو سمجهي رهيا آهن ته عورتن جي اڌ آباديءَ کي محتاج ڪري گهر ويهاري ويتر مردن جي ذميدارين ۾ اضافو ڪرڻ نقصان ڏيندڙ آهي. عراق سان اٺن سالن جي ڊگهي جنگين ۾ جڏهن ته ايران جا لکين مرد ۽ نوجوان مري چڪا آهن، انهن جو خال ڀرڻ لاءِ به عورتن کي اڳتي آڻڻو پيو.
مان تهران جي شاهراهن تي گهمندو رهيس، گهڻا روڊ ته نوان ۽ ڪشادهه، ايڪسپريس وي ٺهيل. ٽريفڪ جو نظام به برجستو ۽ ڪارائتو هئو. ٽريفڪ جام ڪونه هئي. نه غير ضروري پوليس هر هنڌ نظر آئي. آزاديءَ جو ٽاور ڏٺم جيڪو فن مصوري ۽ آرڪيٽيڪچر جو شاهڪار نظر آيو. هڪ مين روڊ جو نالو “ڊاڪٽر علامه اقبال پاڪستاني لاهوري” لکيل نظر آيو. ايران، علامه اقبال کي سندس فارسي ٻولي جي خدمتن جي عيوض وڏي مان جي نگاهه سان ڏسي رهيو هيو. ساڳيءَ طرح ايران اسان جي سنڌي محقق سائين پير حسام الدين راشديءَ کي به ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو آهي.
جڏهن ايران ۾ داخل ٿيو هوس ته مون ائين سمجهيو هيو ته پراڻي ثقافت، ٻولي، آثارن، ميوزيمن کي ايران به افغانستان وانگر ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو، پر ايراني سمجهن ٿا ته سندن تاريخي ۽ ثقافتي ورثو، سندن علم ادب ۽ شاعري، جيڪو نه صرف ملڪي سطح تي پر بين الاقوامي سطح تي به مان مرتبي سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو سندن ماضي ته آهي پر حال ۽ مستقبل جو به تسلسل آهي، ڪنهن به ٻاهرين آيل کي ڀلي اهو ڪهڙو به رنگ روپ جو هجي، هندو هجي، ڪرسچن، شيعو، يا سني، ان تي هت اچ وڃ ۽ هلڻ چلڻ جي ڪابه پابندي يا بندش ڪونه آهي. سواءِ غير مذهبي ۽ غير اخلاقي حرڪتن جي. نشيدارشين جي رکڻ يا واپرائڻ تي موت جي سزا آهي. تهران تمام وڏو شهر آهي پر اهڙا صاف سٿرا شهر ايشيا ۾ ته نظر نه ايندا، پر يورپ ۾ به گهٽ خوبصورت ۽ صاف سٿرا نظر ايندا. منهنجي خواهش هئي ته قم ڏسان پر مون وٽ ٽائيم گهٽ هيو، ٻيو مون محسوس ڪيو ته هتان جا ڊرائيور ۽ گائيڊ توهان کي مذهبي جاين يا مذهبي عبادات لاءِ مجبور نه پئي ڪيو. جيڏانهن مهمان جي مرضي. اوڏانهن وٺي ٿي هليا.
اسان واپس پنهنجي هوٽل تي اچي پهتا هئاسون. اسان کي سرڪاري ڊنر ۾ شريڪ ٿيڻو هيو،، ٻيو ڏينهن به اسان جي ايران ۾ رهڻ جو سرڪاري ڏينهن هيو. شام تائين اسان جو مصروفيتون، شهر جون مشهور ۽ تاريخي جڳهيون ۽ ميوزيم ڏسڻا هئا.

[b]سرڪاري دعوت ۽ ساز ۽ سرود
[/b]مان چئنج (Change) ڪري هوٽل جي هال ۾ آيس، جتي ٻيا مهمان به اچي رهيا هئا. ڇا ڏسان ته اتي ساز ۽ سرود ۽ راڳ رنگ جي محفل جاري آهي. اتي چاليهن سالن جو هڪ مرد ڇڪي ڇڪي سرود وڄائي رهيو هيو، ٻيا ساز به سندس ساٿ ڏئي رهيا هيا، ان وچ ۾ اسان جو مهمان خاص يا ائين کڻي چئجي ته ميزبان خاص، وزير ثقافت آيو. سازينو بند ٿيو. هو هر هڪ آيل مهمان سان خوش دليءَ سان مليو ۽ حال احوال پڇيو، هو ويٺو ته سرود اتان ئي شروع ٿيو، جتان بند ٿيو هيو، ڪجهه ڌنون هليون، ان کان پوءِ انهن ڌنن ۾ فارسي ايراني گانا به شروع ٿي ويا، گاني لاءِ به هڪ صحت مند مرد چاليهه پنجاهه سالن جي خوبصورت راڳ ٻڌائي محفل کي منڊي ڇڏيو، مونکي حيرت ٿي جڏهن مون ڏٺو ته ايراني مرد جهومي جهومي، نچي نچي، ميوزڪ به پئي وڄايو ۽ راڳ به پئي ڳاتو. مهمانن به خالص ان انداز ۾ داد پئي ڏنو، جيئن مهدي حسن يا غلام علي کي سندس غزل ڳائڻ تي داد ڏيندا آهيون.
ان وقت مون کي ايران جي مشهور ڳائڻي ۽ اداڪاره خانم گگوش ياد آئي، جيڪا 1950ع ۾ ڄائي هئي ۽ ايران جي انقلاب 1979ع تائين ڏاڍو نالو ڪڍيائين هن کي ايران جي ميڊم نورجهان چيو ويندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن PTV تي گگوس جي جهلڪ به ڏسي وٺبي هئي.
جيڪو ايران جوImage ٺاهيو ويو آهي. اهو ايران سان ۽ مسلمان ملڪن سان زيادتي آهي، ايران ۾ هر اها شيءِ حرام آهي، جيڪا اسلامي قوانين ۾ حرام ۽ منع ڪيل آهي.

[b]مشهد ۾ امام علي رضا جي مزار
[/b]ايندڙ ڏينهن 13 ڊسمبر اسان جي سرڪاري پروگرام جو تهران، ايران ۾ آخري ڏينهن هيو، ان ڏينهن تي ڪجهه ميوزيم ۽ ڪجهه ٻيون تاريخي جڳهيون ڏسڻيون هيون. مونکي لنئون لڳل هئي ته مان امام علي رضا جي مزار، ڏسي ۽ دعا گهري اچان، مون پنهنجي خواهش جو ذڪر پنهنجي ميزبانن سان ڪيو ۽ چيو ته سفر تي جيڪو خرچ ٿيندو اهو مان ادا ڪندس، باقي مونکي گائيڊ ۽ مترجم جي ضرورت محسوس ٿيندي. هن خوشيءَ سان منهنجو بندوبست ڪيو، چيو ته توهان کي رڳو ٽڪيٽ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، باقي سڄو بندوبست گائيڊ ۽ مترجم، گاڏيءَ ۽ مانيءَ جو اسان ڪنداسون. مون سندن مهرباني مڃي ۽ صبح جو پروگرام ۽ ٽڪيٽ حاصل ڪئي، مونکي صبح جو ڪار ايئرپورٽ تي جهاز لاءِ ڇڏي آئي. سندن گائيڊ مونکي جهاز ۾ ويهاري ٻڌايو ته اسان جو ماڻهو مشهد ايئرپورٽ تي ملندو، پر جيڪڏهن توهان کي ڪا ڏکيائي ٿئي ته ايئرپورٽ تي ئي اسان جي Tourism جي آفيس آهي، اتي پهچي وڃجو.
جهاز ايران جي ٻيو نمبر وڏي هوائي ڪمپني مهان (Mahan) ايئر لائين جو هيو، جهاز ۾ ايئر هوسٽس ايراني هيون، ننڍا جهاز هئا، پر سروس سٺي هئي، چانهن ڏني ويئي، ان سان گڏ ڊراءِ فروٽ. خاص طور ايران جا پستا ڏاڍا وڏا ۽ ذائقيدار آهن. جهاز 8 وڳي ڌاران صبح جو روانو ٿيو هيو، ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ مشهد شريف پهتو. منهنجو ميزبان، جيڪو ايئرپورٽ مشهد جو ٽوئرزم آفيسر هيو، ان اچي هٿ ڪيو، چيائين “يو آر مسٽر عبدالقادر؟” منهنجي اکين ۾ جوت جاڳي پئي، مون چيو “يس!” هن چيو مان ابراهيم آهيان ٽوئرزم آفيسر، مشهد ۾ توهان جو ميزبان “هن کي به بنا ٽاءِ جي سليٽي (Gray) رنگ جو ڪوٽ پينٽ پهريل هيو. سمارٽ، ٽيهن سالن کن جو نوجوان، منهن ايرانين وانگر، ڀريل، قد ڪاٺ جو ڊگهو، ڪاريون چمڪندڙ اکيون، جن ۾ ڪجهه ڪرڻ جو عزم نمايان هيو. مون سان ڀاڪر پائي مليو ۽ ٽوئرزم جي آفيس وٺي آيو. آفيس شاندار پئي لڳي، اها به ايئر ٽرمينل ۾ ئي هئي، لڳي پيو ته هتي ٽوئرزم عام جام هيو ۽ هيءَ آفيس سياحن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هئي. ابراهيم مشهد جي ٽوئرزم جو هيڊ هيو. ٻيو ڪافي اسٽاف سندس ماتحت نظر پئي آيو. جلدي ئي ڪافي اچي وئي.

[b]مشهد، ڪافي ۽ الرجي
[/b]ڪافيءَ جي هڳاءُ مان لڳو پئي ته واهه جو ڪافي هوندي. مون ٻه ٽي وڏا وڏا ۽ گهرا ساهه کڻي ڪافيءَ جي خوشبوءِ اندر جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون ابراهيم کي چيو ته ”آءِ ايم ساري ــ آءِ ول ناٽ ٽيڪ ڪافي“ هن حيران ٿي چيو ته، مشهد ۾ ته تهران کان به وڌيڪ ٿڌ آهي، ڪافي توهان کي گرم رکندي.“ مون چيو “ابراهيم يو آر رائيٽ بٽ آءِ ايم الرجڪ ود ڪافي.”
“اوهه سر!” ابراهيم کان رڙ نڪري وئي ۽ هن کي منهنجي قسمت تي ڄڻ افسوس ٿيو، مان هن کي ڇاٻڌايان ته دبئي ٽرانزٽ ۾ ”روشن“ جي ڪافي به regret ڪري آيو هوس. هن چانهن گهرائي. پنهنجي ڪافي به موٽائي ۽ پنهنجي لاءِ به چانهن گهرائي. مان ڪافي نه پيئڻ جي ڪري افسوس ڪندو رهندو آهيان. پر اهو پهريون ڀيرو هيو جو مون پنهنجي ڪري ابراهيم تي به افسوس ڪيو. مون هن کي چيو ته تون ته ڪافي پي سگهين ٿو. وڌيڪ کلندي مون هن کي چيو ته توکي ته ڪافي کان الرجي ڪونهي نه؟“ هن به کليو، چيائين“ مونکي الرجي ته نه ڪونهي، پر اهو مهمانداريءَ جي اصولن جي ابتڙ ٿيندو ته مان ڪافي پيئان!“ مون زور رکيو مانس ته به هن ڳالهه نه مڃي.
چانهن پيئندي مان کيس پنهنجي اچڻ جو مقصد واضح لفظن ۾ ٻڌايو ته مان صرف ۽ صرف حضرت امام علي رضا جي روضي جي زيارت لاءِ آيو آهيان ۽ بس هن چيو ته اسان وٽ ڏهه ڪلاڪ آهن، زيارت کان علاوه ٻيو به ڪافي ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو.
چانهن پي اسان روانا ٿياسون، مون وٽ ته هئنڊ ڪيري (هٿ ۾ رکڻ جو سامان) به ڪونه هيو، مان به هٿ ڇنڊي روانو ٿي ويس. گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ ۾ ٿڌ جو هڪ جهوٽو لڱن کي لڳو، مزو اچي ويو. مشهد جيڪڏهن تهران کان وڌيڪ ٿڌو نه هيو ته گهٽ ٿڌو به ڪونه هيو، ابراهيم مونکي ڊگهي ڊرائيو تي مشهد جي اتر ۾ وٺي هليو، ڇا ته خوبصورت شهر هيو، تهران ۽ مشهد ايترا خوبصورت آهن، ته يقينن نالي وارا ٻيا پراڻا شاعرن، عاشقن، صوفين ۽ ولين جا شهر به ايترا ئي خوبصورت هوندا ۽ انهن جي خوشبوءِ ۽ هڳاءُ به نرالو هوندو. جيئن جيئن مشهد کان ٻاهر پئي نڪتاسون ته اوسي پاسي جا پهاڙ ۽ وڻ مون کي سوات وانگر پئي لڳا. ٿورو اڳتي هلياسون ته پهاڙيون ۽ وڻ هلڪي ڦلڪي برف سان ڍڪيل هئا، جتان پاڻي پيو وهي، روڊن تي به موجود تازي برف هئي ۽ ڳري رهي هئي. ڪوئي سحر هيو. جيڪو مون کي آهستي آهستي پنهنجي منڊَ ۾ مَنڊي رهيو هيو. ابراهم گاڏي روڪرائي. اسان گاڏيءَ مان لٿاسون مون ڪوٽ جي اندران پيل پنهنجو مفلر ڪڍي ڪنن سان ٻڌي ڇڏيو، هلڪي هلڪي هوا جا جهوٽا منهنجي چهري سان ٺهڪي رهيا هئا. مان پنهنجا هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهي ڇڏيا هئا، ڪجهه دير ماحول جي خوشبوءِ پاڻ ۾ جذب ڪئي، مون ۾ جيتري سُرت هئي اوترو سحر، سونهن ۽ سرهاڻ اندر ۾ اوتيندو رهيس. وڌيڪ همت نه رهي ته ابراهيم کي چيم ته هاڻي موٽون ٿا.
ان وقت مون کي روشن وري ياد آئي جنهن چيو ته “دنيا جا ٻيا ڪم ٿي ويا، جو هاڻي ايران هليا آهيو”. مون دل ۾ چيو ته جيڪڏهن هوءَ هاڻي به هتي هجي ها ته کيس چوان ها ته “ٻيا ڪم ته ٿي ويا يا نه، پر جيستائين آمريڪا ۽ يورپ جو تعلق آهي ته مان انهن کي ايران تان ٻن ڪيان! جيڪڏهن باقي عمر ايران ۾ ئي گذارڻي پئي ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي بدران تهران، مشهد ۽ ايران جي ٻين شهرن ڏانهن به اچڻو پئي ته سودو مهانگو نه آهي!”

[b]ميوزيم[/b]
ابراهيم شهر جي ٻاهران هڪ ميوزيم ۾ وٺي آيو. اهو ميوزيم غار جهڙي هڪ جاءِ ۾ ٺهيل هيو. هيءَ جاءِ، چون پيا ته ٻه اڍائي هزار سال پراڻي هوندي. ايڏي وڏي جاءِ ته نه هئي. تهه خانو ته نه، پر تهه خاني وانگر لڳي رهي هئي. ونگن جي ٽيڪ تي بيٺل هئي. جيڪي نو واردات اتي پيل هئا، انهن لاءِ به چيائون ته اهي به ايترا سال پراڻا ۽ شهر جي آس پاس مان هٿ آيل هئا.

[b]چڪن ٻوٽي ۽ ڊرائيور
[/b]اتان نڪتاسون ته ان ٻهراڙيءَ ۾ ئي فوڊ اسٽريٽ هئي. جنهن مان جيڪا بهتر ايراني کاڌي جي رسٽورينٽ هئي اتي وڃي ويٺاسون. ابراهيم ۽ ان سان گڏ اسان جو ڊرائيو حسين به اچي ساڳي ٽيبل تي ويٺو. هو ٻئي منهنجي سامهون وارين ڪرسين تي ويٺل هئا. مون کي ان ڳالهه تي حيرت لڳي ته ڊرائيور به صاحب لوڪ سان گڏ ماني کائيندو. ويٽر آيو. مون کي ابراهيم چيو توهان پنهنجي لاءِ ڊش چونڊيو. مون چڪن ٻوٽي چونڊي. اهڙي طرح ڊرائيور حسين ۽ پوءِ ابراهيم پسند چئي. هر ڪنهن جو ڊش ان جي سامهون اچي رکيائون. مان ته پريشان ٿي ويس، هڪ چڪن بوٽي، اها مان ڪيئن کائي سگهندس. مون اڌ کائي کڻي بس ڪئي، پر اهڙي چڪن بوٽي سوادي زندگيءَ ۾ مان ڪڏهن به نه کاڌي آهي. نرم، ڳريل، مزي واري، مصالحو لذيذ، مرچ به پورا، ڇا ڳالهه ڪجي. بل آيو ته مون ڀرڻ چاهيو، پر ابراهيم روڪي ڇڏيو.
اصل حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ڊرائيور ۽ صاحب جو فرق ڪونه هيو. گهر ۾ به ايئن مالڪ ۽ ڊرائيور يا نوڪر گڏ هڪ ئي دستر خوان تي کائيندا. اصل اسلام به اهو ئي ته سيکاري ٿو. جيڪي هڪ ٻه ڏينهن مون ايران ۾ گذاريا. هر هنڌ اها پريڪٽس نظر آئي.
ماني کائي نڪتاسون ته مون ابراهيم کي چيو ته هل ته روضي ته هلون. دير ٿي رهي آهي. هن چيو فڪر نه ڪريو، وري هڪ ٻئي ميوزيم ۾ وٺي هليو. هڪڙو ڪتابن جو دوڪان ڏيکاريائين، هاڻي مان ضد ڪري بيٺس. چيم سواءِ روضي جي مان ٻئي ڪنهن به پاسي نه هلندس.

[b]نادرشاهه
[/b]اسان روضي طرف هلڻ شروع ڪيو. ٻاهران گهٽيءَ ۾ لٿاسون. گهٽيءَ ۾ سڄي پاسي امام علي رضا جو روضو پاڪ هيو ۽ کٻي پاسي، نادر شاهه (افشار) جي قبر ۽ ميوزيم. منهنجي ان تي نظر پئي ته رڙ نڪري وئي: “اهو ته پاڻ وارو نادر شاهه آهي. جنهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سنڌ ۾ ڊڪائي ڊڪائي ٿڪايو ۽ آخر کين خراج ڏيڻ تي مجبور ڪيو. سنڌ ملڪ جو آسودو حصو ڦري ورتو ۽ کيس سنڌ جي لاڙ وارو حصو حڪومت ڪرڻ لاءِ ڏنو.”
نادر شاهه هڪ ٻڪرار جو اڻپڙهيل پٽ هئو، جو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي وڃي فوج ۾ شامل ٿيو هو. بادشاهه جي لاءِ خاص بچاءُ جي دستي جو فوجي ٿيو. بادشاهه کي هڪ دفعي حملي ڪندڙن کان بچايائين، ته هن مٿس راضي ٿي کيس هڪ علائقي جو حاڪم ڪيو. هي جنگجو ته هيو. ترقي ڪري وڃي هڪ خاص خطي جو حڪمران ٿيو. مون کي ته کل آئي، چوندا آهن ته تاريخ ڪيئن پاڻ کي دهرائي ٿي. مونکي ته پنهنجي چئن نادر شاهن جي ياد اچي وئي، جن کي اسان جي پياري پاڪستان مختلف نالن سان پيدا ڪيو، پهرين جو نالو آهي ايوب خان، ٻئي جي يحيي خان، اهي ٻئي ته نادر شاهه جا ذري گهٽ هم وطني آهن، ٽيون آهي ضياءُ الحق (جالنڌري) ۽ چوٿون پرويز مشرف (دهلوي ڪمانڊو).
ڇا هنن جو داستان هن نادر شاهه کان مختلف آهي؟
نادر شاهه لاءِ مشهور آهي ته هو ظالم ته هيو، پر منجهس خوبيون به هيون، هي اهو دور هيو، جڏهن ايران بري حال ۾ هيو، هن ڌارين کي ڀڄائي، ايران ۾ حڪومت مضبوط ڪئي، ان ۾ ڪو به شڪ نه هيو ته هي جنگجو، ظالم ۽ شڪي مزاج هيو. هن شڪ ۾ پنهنجي پٽ قلعي علي رضا جون اکيون به ڪڍرائي ڇڏيون ته متان هو حڪومت تي قبضو ڪري. هو پنهنجي لاءِ چوندو هيو ته “مان تلوار جو پٽ آهيان.”
“نادر شاهه ابن شمشير ابن شمشير آهيان.” نادر شاهه جو هڪ بت ٺهيل هيو، جنهن ۾ نادر شاهه گهوڙي تي چڙهيل هو ۽ گهوڙو ڄڻ جنگ جي حالت ۾ هجي، سنب مٿي ڪري بيٺل هيو. سندس قبر کليل ميدان ۾ سنگ مرمر جي هئي، مقبري ۾ ميوزيم هيو ۽ انهن ۾ مختصر نواردات هئا. ٻاهر هڪ وڏو پارڪ به ٺهيل هيو.
نادر شاهه نور محمد ڪلهوڙي کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پهچي وڃي قابو ڪيو، جتي ميان صاحب نادر شاهه کي هڪ ڪروڙ روپيه پيش ڪيا ۽ ٻيون قيمتي شيون به ڏنيون ، جيڪي هيون ايران جون، پر نور محمد خان جي چوڻ موجب ته هن اهي ٻين واپارين کان خريد ڪيون هيون.
نادر شاهه جڏهن دهليءَ تي حملو ڪري ان کي ڦريو ۽ لٽيو ته کيس ان ڦرلٽ ۾ 70 ڪروڙ روپيه هٿ لڳا. 1740ع جي ان ڦرلٽ ۾ نادر شاهه کي تخت هائوس ۽ ڪوهنور هيرو به هٿ لڳو. جيڪو هن ٺڳيءَ ۽ چالاڪيءَ سان محمد شاهه کان ڦريو هيو. نادر شاهه جي موت کان پوءِ اهو هيرو احمد شاهه ابداليءَ کي هٿ آيو. جيڪو پوءِ پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه، احمد شاهه ابداليءَ جي پوٽي شاهه شجاع کان زوري کسيو. جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ته اهو هيرو، ڪوهه نور انگريزن کي هٿ لڳو، جن 1850ع ۾ راڻيءَ وڪٽوريا کي تاج لاءِ پيش ڪيو.

[b]امام علي رضا جي حرم ۾ ...
[/b]منهنجو جڏهن ايران ــ تهران ۾ ڪانفرنس لاءِ پروگرام طئي ٿي ويو ته اندازو به ڪونه هيم ته مشهد ۾ امام علي رضا عليه السلام جي مزار تي زيارت لاءِ ويندس. ايران ۾ هر نئين ماڻهو جي وڃڻ وانگر مان به ڊنل هيس ۽ ڊڄي ڊڄي قدم پئي کنيون. ڊڄي ڊڄي ڳالهايو پئي ته ڪٿي قابلِ تعزير نه ٿي پوان، ايران جو ٻاهرين دنيا تي اهڙو خوف ويهاريل آهي، جو سندس عجيب تاثر ٺهي ويو آهي. مان جڏهن دبئيءَ ۾ ٽرانزٽ ۾ ويٺو هيس ته اتي به پنهنجو هئنڊ ڪيري هر هر چيڪ پئي ڪيو. تهران جي ايئرپورٽ تي به اهو حال هيو. جيستائين وڃي منهنجا گائيڊ مونکي نه مليا هئا. منهنجي گائيڊ گل بانو ڏاڍي سياڻي، سٻاجهي ۽ مددگار ثابت ٿي. مون کي جيترو گل بانوءَ تي لکڻ گهربو هيو، ايترو مون ساڻس لکڻ جي معاملي ۾ انصاف نه ڪيو آهي. هن ڪوشش ڪئي ته منهنجي رهائش ۽ ڪم ڪار کي حد کان وڌيڪ خوش گوار بڻائي. هن جي ڊيوٽي مون سان ڪانفرنس تائين هئي پر گهر وڃڻ کان پوءِ به ڪنهن مرد گائيڊ ۽ ڊرائيور جي ڊيوٽي لڳائي پوءِ وئي ٿي. نه صرف ايترو پر گهران به فون ڪري منهنجو حال احوال وٺندي رهي.
ٻئي ڏينهن ڪانفرنس کان پوءِ مون آزادانه سوچڻ شروع ڪيو ته ڪانفرنس جي شيڊيول کان علاوه ڇا ٿو ڏسي سگهجي؟ ته منهنجو پهريون ڌيان امام علي رضا جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد جي طرف ويو. نه ته ايران يا ٻين تاريخي، ادبي ۽ اسلامي بزرگن سان به ڀريل آهي، پر منهنجو پهريون آپشن مشهد هيو. جيئن مان ڪٿي لکي چڪو آهيان ته مان نه شيعو آهيان نه سني. ٻنهي جي وچ تي يا ائين به نه، سادو مسلمان آهيان. تمام گهڻو مذهبي ماڻهو ناهيان. مذهبي اڪابرين جي عزت ۽ احترام ڪندو آهيان. حضرت علي رضه ۽ امام حسين رضه جي خاندان سان جيڪو ڪِيس ٿيو، ان کي هرگز درگذر به نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ دفعي مون تي هڪ شديد ذهني ۽ زماني جي تڪليف ڪڙڪي، مون پاڻ سان واعدو ڪيو ته مان ڪربلا گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور ويندس. پر اڃان تائين اهو واعدو وفا نه ڪري سگهيو آهيان. زندگيءَ وفا ڪئي ته کن پل لاءِ ئي سهي، پر ڪربلا ضرور ويندس. (تازو وڃي چڪس)
ان پس منظر ۾ منهنجي دل چيو ته اٺين امام حضرت علي رضا جي مزار تي وڃان. امام علي رضا عه ابن موسيٰ ڪاظم عليه اٺون امام ۽ سندس والد ستون امام هيو. ٻارهن امامن جي هيٺيان نالا آهن: حضرت علي عه، حضرت حسن عه، حضرت حسين عه، امام زين العابدين، امام محمد باقر، امام جعفر صادق عه، امام موسيٰ ڪاظم عه، امام علي رضا عه، امام محمد تقي عه، امام علي نقي عه، امام حسن عسڪري ۽ امام مهدي عه.
امام علي رضا کي خليفي مامون رشيد عباسي خاندانن جي چڱن مڙسن جو هڪ وڏو ڪٺ گهرائي، انهن جي وچ ۾ امام علي رضا کي پنهنجو جان نشين ۽ ايندڙ وقت جو خليفو نامزد ڪيو هيو، صرف ان ڪري نه ته هو سيدزادو هيو، پر امام علي رضا وڏو عالم، استاد، امانتدار ۽ پاڪ هستي هيو.
پر اسلام جي تاريخ به ڏاڍي خون آشام آهي. ستين امام موسيٰ ڪاظم وانگر امام علي رضا کي به انگورن ۾ زهر ملائي ڏنو ويو، جيڪو سندس شهادت جو سبب بڻيو. ان شهادت جا پيرا مامون رشيد ڏانهن پئي ويا.

[b]امام رضا جي مزار جي زيارت
[/b]امام علي رضا جي حرم ۾ پير ڌريو ته حيران ٿي ويس، ڇا ته وڏو وسيع ميدان هيو. مختلف پاسن کان زائرين جي هجوم روضي شريف ڏانهن اچي رهيا هئا. هيڏي وڏي صحن ۽ ميدان ۾ هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو هئا. مقبري جي به ڇا ته اڏاوت هئي. اندازو نه ٿو ڪري سگهجي. ڇا ته وسيع مقبرو هيو. آئون ڪجهه دير ته اتي بيهي نظارو ڪندو رهيس. شعاع پنهنجي اندر ۾ اوتيندو ۽ صلوات سڳوري پڙهندو رهيس. هڪ ڪيف، مستي ۽ سرور جو عالم هيو. اندر ۾ اڌما، اکيون آليون ۽ چپ ڏڪي رهيا هئا. آءٌ اتي ئي زمين تي کن پل لاءِ ويهي رهيس. جڏهن اها ڪيفيت ختم ٿي ته اٿيس صلواه پڙهندو روضي پاڪ طرف وڌڻ لڳس، ابراهيم سان گڏ مک هال ۾ پهتس. پاسو وٺي ڀت جو سهارو ورتم ته جيئن ڌڪم ڌڪا ۾ هال کان ٻاهر ئي نه نڪري وڃان. ضريح مبارڪ اتان چڱي طرح نظر اچي رهي هئي پر منهنجي هٿن کي اتي پهچڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪلهن کي عُبور ڪرڻو هيو، مون کي جيڪي به قرآني دعائون ياد هيون، اهي وري وري پڙهندو رهيس، حجر اسود کي نه پهچي سگهبو آهي ته پري کان ئي اشارن سان ان طرف اشارو ڪبو آهي. مون به ضريح مبارڪ جي طرف ٻئي هٿ ڪري پنهنجي چپن تي رکيا. اندر ۾ هڪ وڏو اطمينان ۽ روشنيءَ جو هڪ وڏو مينار نظر آيو. روح مطمئن ٿي ويو. دل ڪشاده ڪشاده ۽ فراغ محسوس ٿي. اکين جي روشني وڌيل پئي ڀانيم. اندر ڪافي دير رهيس. آخر ابراهيم کي روانگيءَ جو اشارو ڪيم. هو به منهنجي اشاري جو منتظر پئي نظر آيو. هال کان ٻاهر خاڪ شفا جون ٽڪيون پيون هيون، ابراهيم کان اجازت گهري ڪجهه کنيون. منهنجو سئوٽ محمد پريل منگي پڪو مولائي آهي، اهو ياد اچي ويو هيو.
بازار واري طرف کان نڪتاسون، اتان زعفران، اسٽونس (نگ، ٻڙا) ڊراءِ فروٽ، ڪجهه هينڊي ڪرافٽ ۽ ڪيترا ڪتاب ۽ بروشرس ورتا. واپسيءَ ۾ اوندهه ٿي وئي هئي. روڊ رستا ڏسندا ايئرپورت تي پهتاسون. هڪ روڊ تي “علامه اقبال لاهوري” جو نالو لکيل هيو، ايراني علامه کي وڏي عزت ٿا ڏين. تهران ۾ به هڪ روڊ تي علامه اقبال جو نالو لکيل هيو، ايئرپورٽ تي ابراهيم جي آفيس ۾ آياسون. سندس نائب منهنجو بورڊنگ ڪارڊ ڪڍرائي آيو هيو.

[b]ڊرائيور شاهين
[/b]بورڊنگ انائونس ٿيو، مان اچي جهاز ۾ ويٺس ۽ اکيون ٻوٽي سيٽ تي ڪنڌ رکي جهڙوڪ اڌ ننڊ جي ڪيفيت ۾ تهران اچي پهتس. تقريباً ڏهه رات جا وڳا هئا. گاڏي، ڊرائيور شاهين سان آيل هئي. شاهين دلچسپ نوجوان هيو. انگريزي ڳالهائي سگهيو پئي. مونکان حال احوال ورتائين. مون کيس ٻڌايو ته سڀاڻي وڃي رهيو آهيان، هن مونکي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه نه ته هڪ ڏينهن ايران ۾ وڌيڪ ترسان. ايران جي اتر ۾ برف باري ٿي آهي. هو مونکي اتي ۽ ٻين جڳهن تي وٺي هلڻ ۽ ڪجهه ٻيون جڳهون ڏيکارڻ ٿو چاهي. هڪ ڏينهن هتي وڌيڪ رهڻ معنيٰ منهنجو ٽرانزٽ جو هڪ ڏينهن دبئيءَ ۾ به وڌڻ ۽ پاڪستان ۾ واپسي به هڪ ڏينهن دير سان ٿيڻ، پوءِ مان ايران ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻ جي لالچ کي رد نه ڪري سگهيس. هوٽل پهچي پنهنجي ميزبانن کي اطلاع ڪيم ته مان هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻ ٿو چاهيان، هنن منهنجي ٽڪيٽ هڪ ڏينهن اڳتي ڪرائي ڇڏي. شاهين جيڪو هوٽل جي لابيءَ ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو هيو، ان کي اطلاع ڪيم، هن چيو ته هو صبح جو نائين وڳي هيٺ لابيءَ ۾ پهچي ويندو. مون هوٽل مان پتو ڪيو ته گهڻائي مهمان وڃي چڪا هئا. باقي اڳئين ڏينهن وڃڻان هئا. مون پنهنجي روانگي هڪ ڏينهن اڳتي ڪري ڇڏي هئي. دبئيءَ ۾ پنهنجي هوٽل Rush-inn کي پنهنجي نئين پروگرام جو اطلاع ڏئي مون ڪنفرم ڪرائي ڇڏيو هيو، باقي دبئيءَ کان ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ اتي پهچي ٺيڪ ڪرائڻ جو سوچي ڇڏيو هيو.

[b]تهران ۾ برف باري
[/b]پروگرام موجب شاهين وقت تي لابيءَ ۾ موجود هيو. مونکي انٽر ڪام تي اطلاع ڪيائين. مون کانئس پڇيو ته “مون کي سامان ڪهڙو کڻڻ گهرجي؟” چيائين ٿڌ آهي، برف باري ٿيل آهي ۽ اڃان برف باري ٿي رهي آهي. گرم ڪپڙا کڻون، مون ليدر جو اوور ڪوٽ، هڊي ۽ هئنڊ گلوز کنيا، شاهين به مليو، ڏاڍو پرجوش لڳو پيو هيو، اسان جي گاڏي هوٽل کان ٻاهر نڪتي. ڳڙو پئجي رهيو هيو، گاڏيءَ جي ڇت تي ٽڙ ٽڙ ٿي وئي، ڄڻ ڪو شيطان کي سنگسار ڪرڻ لاءِ ننڍيون پٿريون هڻي رهيو هجي، گاڏي ڪڍي اسان مين روڊ تي آيا هئاسون، صبح جو پهر هيو، تهران اڃان پورو ڪونه جاڳيو هيو. سڄي رات برسات پوندي رهي. ڪڏهن هلڪي ڪڏهن تيز. حيران هيس ته پاڻي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هيو. روڊ تي ڪٿي به بيٺل پاڻي نظر نه پئي آيو. هت اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ته ٻيڙيون اچي وڃن ها. صرف ايترو پاڻي نظر پئي آيو، جيڪو ان وقت وسي رهيو هيو. اسان مينهن ۽ ڳڙي ۾ آهسته آهسته هلندا ۽ گپ شپ به ڪندا پئي وياسون. شاهين سان ڪلهه به چڱي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هو ڄڻ کليل ڪتاب هيو. هن ٻڌايو ته سندس پيءُ ۽ وڏو ڀاءُ عراق جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويا. گهر ۾ سندس ماءُ آهي. هن اڃا شادي نه ڪئي آهي. سندس مڱڻو ٿي ويو آهي. سندس زال سان عشق آهي. سندس زال يونيورسٽي ۾ تاريخ ۽ مذهب پڙهي رهي آهي. ڇهن مهينن کان پوءِ ايندڙ سال 2007ع جي آخر ۾ شادي ڪندا. شاهين پاڻ به يونيورسٽي ۾ پڙهيو آهي، انگريزي به اتان سکيو آهي، نه صرف ڳالهائي ٿو پر لکي ۽ پڙهي به سگهي ٿو. مونکي چيائين ته توهان منهنجي شادي ۾ شرڪت ڪندا؟ مون چيو ته شاهين! تون دعوت موڪليندين ته مونکي تنهنجي شاديءَ ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿيندي! هو خوش ٿي ويو. مون هن کي موقعو ڏنو ته هن ايران تي ۽ پاڻ تي وڌ کان وڌ ڄاڻ پئي ڏني. منهنجي مرضي به اها هئي ته مان ايران بابت وڌ کان وڌ ڄاڻان. ڪتابن ۾ به پڙهجي ٿو پر غير رسمي ڄاڻ اهم آهي. زبان خلق کي نقاره خدا سمجهڻ گهرجي.
اسان اتر جي ويجهو پهچي رهيا هئاسون، جتي Skiing ريزارٽ آهي، روڊ مٿي چڙهڻ شروع ٿيو هيو، ڪٿي ڪٿي برف نظر آئي پئي. سامهون وارن پهاڙن تي برف جي اڇاڻ نظر اچي رهي هئي. انٽري پوائنٽ تي بيهي گاڏي پارڪ ڪئي سون. پاسي ۾ گهڻيون ئي فوڊ پوائنٽس ۽ ٽڪ شاپ هئا. مرد ۽ عورتون اچي ڪٺا ٿيا هئا. کين حجاب به هيو، چادر ته هئي پر ماڊرن ڪپڙا جين ۽ ليڌر ڪوٽ پهريل هئا. جيڪي چادرن جو ڪم ڏئي رهيا هئا، هروڀرو ويڙهيل سيڙهيل نظر نه پئي آيون، سندن جينز ۽ شوز مان لڳي رهيو هيو ته ٻوساٽيل نه آهن. نقاب جو مقصد اهو به ناهي ورتو ويندو ته شٽل ڪاڪ افغاني برقعو پائي هلنديون وتن. مٿن دنيا جو نعمتون حرام نه آهن. اسان ڪجهه دير اتي ترسي جائزو ورتو. پاڻ کي ماحول سان مانوس ڪندي، چانهن پيتي ۽ لفٽ چيئر تي چڙهي مٿين پڇڙيءَ لاءِ روانا ٿياسون. لفٽ چيئر ماڊرن، محفوظ ۽ شيشي جون ڍڪيل هيون. ٻاهر جي دنيا نظر پئي آئي، پر اسان برف باريءَ ۽ هوا کان به قابو هئاسون. اسان جي منزل مٿيون پاسو هيو، جيڪو هيٺين کان هزار کن فوٽ مٿي هيو. اسان جيئن مٿي لٿاسون ته وِلهه وڪوڙي وئي، اسان ڏڪندا ڏڪندا ويو پوائنٽس (View Points) تي اچي پناهه ورتي هئي. پوائنٽس شيشي جون ٺهيل هيون. چوڌاري ڏسي پئي سگهياسون، صرف برف ئي برف هئي. هيٺ وڻ ٽڻ ۽ پهاڙ برف ۾ ڍڪيل ۽ ڪجهه نظر نهار تائين ڏسڻ ۾ پئي آيا، مٿي اڇاڻ هئي. ان ڪري تاڪيد ڪئي وئي هئي ته پهاڙن تي جتي برف هجي اتي ڪارا چشما پائجن نه ته ماڻهو گهڻو برف تي رهڻ جي ڪري انڌو ٿي سگهيو ٿي.
اسان پنهنجو پاڻ کي برف سان مانوس ڪيوسي ۽ اڳتي جتي Skiing ڪري رهيا هئا، ان جي وڃي ويجهو ٿياسون. خبر پئي ته ايران کان علاوه ٻين ملڪن جا به شوقين آيل هئا. هن اسپورٽس ۾ به وڏو جوش ۽ خروش آهي. حاضر دماغي، ڦڙتي ۽ فٽنيس گهرجي. هڪ لمحي، سيڪنڊ کان به گهٽ عرصي جي غلطيءَ ۾ همراهه راند مان ته آئوٽ ٿي ويندو پر وڃي ڪنهن کڏ ۾ ڪرندو ۽ توڙي سندن جسم بچاءُ جي سامان سان ويڙهيل هوندو آهي. پر پوءِ به جان جو خطرو رهي ٿو.
اسان کان پوءِ به مرد ۽ عورتون ايندا رهيا ۽ مزو وٺندا رهيا. اسان جنهن بند ٿيل هال ۾ ويٺا هئاسون، ان جي ڇت جي ٽيريس تي مينهن ۽ وقفي وقفي سان برف باري به ٿي رهي هئي. ٽيرس کان پاڻي جا ننڍا ننڍا ٽيپا لار ڪري ڳڙي رهيا هئا ته اهي زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄمي رهيا هئا. اسان تماشي لاءِ انهن کي هٿن سان پٽي کائي رهيا هئاسون. ايران ته اهو ايران لڳي ئي نه پيو، جنهن جو يورپيئن گلائون ڪندا ٿا رهن. تيل جي پيداوار گهٽ، پر پوءِ به ترقيءَ جو ڦيٿو ڦرندو رهي. اهو ڪنهن زندهه قوم جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
اسان ٻه ٽي ڪلاڪ هتي گذاريا. شاهين کان پڇيو ته ڇا پروگرام آ؟ چيائين ته هيٺ لهون ٿا، لنچ ڪنداسون ۽ ٻئي پاسي شهر گهمون ٿا، منهنجو قم شريف ڏسڻ جو خيال هيو، پر ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن پورو گهربل هيو.
اسان هڪ ايراني ريسٽورنٽ تي اچي ويٺاسون، شاهين منهنجي سامهون ويٺو هيو. هو هاڻي منهنجو ڊرائيور ۽ گائيڊ نه، پر ڄڻ پڳ مٽ يار ٿي ويو هيو. شڪر آهي ايران ۾ ڪو ته دوست ٺاهيو. اسان آرڊر ڏناسون. مون شاهين سان صلاح ڪري پنهنجي ڊش جو آرڊر ڏنو. منهنجو ايران جي مڇي کائڻ جو موڊ هيو، پر ملاحن جو ڪهڙو ڀروسو الائي تازي کارائين يا رکيل. ڪو ڪينجهر ڪنارو ته ڪونه هيو جو تازي مڇي پڪڙي کارائين يا وري اسان جي خيرپور واري دوست جنسار ملاح جو ڪاڪ محل ريسٽورنٽ هيو، جيڪو هميشه تازو ڪرڙو کارائيندو هيو. پر ايترو چوندو هلان ته ايران ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون صاف سٿريون آهن، مختلف قسمن جا سلاد گهرايا ۽ ان ريسٽورنٽ جي اسپيشلٽي گهرائي. مزو اچي ويو، مون پنهنجو ڊش شاهين کي آفر ڪيو، پهريان ته هن نه پئي کاڌو پر پوءِ مان اها اٽڪل ڪئي جو هن جي ڊش مان پيس گهري ورتو ۽ پنهنجي ڊش هن جي پليٽ ۾ رکيو. ٿياسي نه پڳ مٽ يار!
ايران جي هر شيءِ ۾ خوبصورتي ۽ ڪلاس آهي. هزار سالن جون روايتون سندن پويان آهن. مختلف ڪلچر منجهن شامل ٿي ويا آهن.
لنچ کان پوءِ تهران ۽ ايران جو هڪ فيل (Feel) وٺڻ لاءِ اسان لانگ ڊرائيو لاءِ نڪتاسون.
روڊ صاف سٿرا هئا، ڪٿي ڪٿي ايڪسپريس وي به نظر آيا. رش ته هئي پر ٽريفڪ ڪراچي وانگر جام ڪونه هئي. گاڏيون گهڻو ڪري لوڪل ٺهيل هيون. ڪي ڪي ٻاهريون گاڏيون نظر آيو. منهنجي حوالي شاهين جي نئين ماڊل جي Camray ٽويوٽا گاڏي هئي. آزادي ٽاور خوبصورت يادگار آهي. 1970ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو. پهريان هن تي آريا مهر بادشاهه ٽاور نالو پيل هيو، پر 1979ع جي انقلاب کان پوءِ هن تي آزادي ٽاور جو نالو پيو. پيٽرول، سي اين جي ۽ بجلي سستي هئي. ڪارون بسون مقامي ٺهيل هيون. تنهن ڪري انهن جو ڪرايو به تمام گهٽ هيو. تهران ۾ ڪجهه علائقن ۾ انڊر گرائونڊ ميٽرو ٽرين جو بنياد پئجي ويو آهي. جنهن کي وڌايو پيو وڃي، ٻاهرين ملڪن جون chains ته ڪونهن پر مقامي سطح جا سستا هوٽل آهن. امن امان جي صورتحال شاندار آهي. مرد توڙي عورتون آزاديءَ سان رات جو دير تائين خريداري ڪندي نظر آيا. مشهد ۾ زعفران ڏاڍا سستا هئا. هونئن به ايران ۾ جوراب، سويٽر ۽ ڪمبل سستا آهن. ڊراءِ فروٽ به اعليٰ درجي جو آهي. باقي مارڪيٽ ته چائنا جي شين سان ڀريا پيا آهن، انهن جي اتي به اهائي قيمت هئي، جيڪا هتي هئي.
7-2006ع ۾ ڊالر پاڪستان ۾ 60 کان 62 روپين تائين هيو، هاڻي ته ڊالر هڪ سئو پنج روپين کان به وڌي ويو آهي. 15 تمن هڪ روپيه جي برابر هئا. تنهن ڪري اسان کي هر شيءِ سستي لڳندي هئي.
اسان گهمي ڦري يا کڻي چئجي ته رلي پني هوٽل تي آياسون. مون شاهين کي چيو ته ڇهين بجي وري نڪرنداسون، ڪجهه شاپنگ ڪنداسون ۽ ماني ٻاهر پر ڪنهن وڏي هوٽل تي نه کائينداسون، ۽ ڪو ايراني ڊش کائبو.
مون کي ڪراچيءَ ۾ ته ٻن پهرن جو قيلوله ڪرڻ جي عادت آهي. ڀلي دير سان ئي آفيس کان اچان، ڪلاڪ اڌ قيلولو ڪرڻ سان وري ري چارج ٿي ويندو آهيان. موٽي اچي ليٽيس. اڌ ڪلاڪ ننڊ ڪئي. هوٽل جي مزيدار چانهن پيتي ۽ واش ڪري ڇهين وڳين تيار ٿي لابي ۾ پهتس. منهنجي گائيڊ گل بانو جو فون آيو. هن ڏينهن جو حال احوال پڇيو. ٻڌايائين ته هوءَ صبح جو هوٽل تي ايندي ۽ اسان ڏهين بجي ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿي وينداسون، جتان جهاز جي دبئيءَ لاءِ روانگي 12 بجي آهي. گل بانو منهنجو ڏاڍو خيال رکيو آهي. سندس مهرباني. شاهين ۽ مان هوٽل جي ڀرسان جتي هڪ ٻه وڏا مارڪيٽ هئا، اوڏانهن روانا ٿي وياسون. ڪجهه مارڪيٽ جو چلتو ڏٺوسون، جيڪو عورتن ۽ مردن سان ڀريو پيو هيو، مون ڪجهه ننڍا ننڍا گفٽ ورتا. اسان جي ٻي منزل مانيءَ جي ڌاٻو ٽائيپ ڪا عام ريسٽورنٽ هئي. خواهش هئي ته ويهڻ جي فضيلت واري هجي. نيٺ هڪ اهڙي ريسٽورنٽ نظر اچي وئي. اسان گاڏي بيهاري ان تي چڙهي وياسون. مون شاهين کي چيو “منهنجو به تون آرڊر ڪر. مان ايراني ڊش کائڻ ٿو چاهيان”. هن چيو “ايران جو چلو ڪباب پوري دنيا ۾ مشهور آهي، اهو ٿا کائون.” چلو ڪباب جو چرچو ته پاڪستان ۾ به ٻڌو آهي، پر هتان وارو چلو ڪباب “ڪيا بات هي.” چلو ڪباب ته اسان سرڪاري رسيپشن ۾ به کاڌو هيوسي، پر ان ڏينهن کاڌي جي ڊشز تي توجه گهٽ، ميوزڪ ۽ پروٽوڪول تي وڌيڪ هيو. چلو ڪباب آهي ئي چانور ڪباب، پر چانور به نرالا، ته پڪل به نرالا. ڪباب به واهه جو، گوشت به ننڍو ۽ سٺو تيار ٿيل. هي چانورن ۽ ڪباب جو ڊش آهي. چانورن سان ملائي کائبو آهي. مان ته گهر ۾ به پڪوڙا، تريل پٽاٽا يا ڪباب سان چانور ڏاڍو مزو وٺي کائيندو آهيان. ننڍي هوندي، اسان جي شهر ۾ رتن مل نالي هندو پڪوڙا ڏاڍا سٺا تريندو هيو ۽ ان جي ڀرسان بشير مهاجر به آلو ڪباب ڏاڍا سٺا ٺاهيندو هيو. ڪو مهمان ايندو هيو ته ان کي اهو ڪباب رات جو ٻين ٻوڙن سان گڏ ضرور کارائيندا هئاسون. مونکي ته پڪوڙا ۽ چانور کائڻ جو شوق اڃان تائين آهي. جيڪڏهن اڄ به مظهر سومرو مون وٽ ماني کائڻ ايندو آهي ته سفيد چانور ۽ پڪوڙا ضرور کائيندا آهيون.
چلو ڪباب serve سرو ٿيو، ڇا ته هن ڊش جي خوشبوءِ هئي. صاف سٿرو! مزو وٺي کاڌو سي. شاهين ته enjoy ڪيو پر مونکي به ڏاڍو مزو آيو. ايترو نرم ۽ سوادي گوشت مون گهٽ کاڌو آهي.
منهنجو هاڻي ايران ۾ داڻو پاڻي گهٽجي رهيو هيو، دل نه ڀري هئي. سڀاڻي ملڻ جو چئي مان شاهين کان موڪلائي اچي صبح جو روانگيءَ جي تياري لاءِ پيڪنگ شروع ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن جي سفر جي خيالن ۽ نئين منزل جي خوابن ۾ ننڊ ۾ هليو ويس، صبح جو پوڻين ڏهين وڳي لابيءَ ۾ پهتس ته اتي ڪوبه نظر نه آيو، مين گيٽ جي طرفان شاهين جي ڳالهائڻ جو آواز پئي آيو، ڄڻ ڪنهن سان جهيڙو ڪري رهيو هو. هوٽل جو جنرل مئنيجر، گل بانو ۽ اسان جي ميزبانن مان ثقافت کاتي جو ڪو آفيسر بيٺو هيو. مان ڪجهه اڳتي وڌيس ته مونکي شاهين جي ڳالهائڻ جو مطلب سمجهه ۾ اچي ويو. مونکي ڏسي ٻيا به چپ ٿي ويا. شاهين اکيون مهٽيندو، ڳوڙها اگهندو ٻئي پاسي هليو ويو. مون گل کان پڇيو ”ڇا ڳالهه آهي“؟ هوءَ به چپ ٿي وئي. ڪلچر جو آفيسر چيو ته ”سر ڪا خاص ڳالهه ڪونهي، شاهين جذباتي نوجوان آهي!“ تيستائين مئنيجر ٻي گاڏي گهرائي، منهنجو سامان شاهين جي گاڏيءَ مان ڪڍرائي ان ۾ رکرايو پئي. مون چيو ته مان شاهين سان ويندس. مون ٽپ ڏيڻ لاءِ سو ڊالر جو نوٽ ڪڍي پنهنجي مٿين کيسي ۾ رکيو هيو. مون مئنيجر کي چيو ته سامان نه ڪڍ، هن کي گهرائي وٺ. مان ڪائونٽر تي آيس، مئنيجر کي چيم ته مون ڏي جيڪي ڊيوز آهن، ان جو بل ڏيو! هن ٽيليفون جو بل ڏنو. روم جي هڪ ڏينهن جي ڪرائي جو به بل ڏنو. منهنجي روم کان فون جو بل وڌيڪ هيو. مان بل ڏيڻ لڳس ته مئنيجر ٻڌايو ته ”شاهين ان ڳالهه تي ڪاوڙجي ويو آهي ته توهان مهمان کان بل ڇو ٿا وٺو! هڪ ڏينهن جيڪڏهن هوٽل ۾ وڌيڪ رهيو آهي ته ڪو آسمان ته ڪِري نه پيو!“ منهنجي دل ڳري ٿي پئي. مان پاڻ شاهين کي ڳولهڻ لاءِ ويس پر مونکي هٿ نه آيو. گل به چيو “سر ڏهه ٿي ويا آهن!” مان ٻي گاڏيءَ ۾ ويٺس، اسان نئين ايئرپورٽ، امام خامنئي ايئرپورٽ IKA ڏي روانا ٿي وياسون. مون سان گل بانو ۽ سياحت کاتي جو آفيسر گڏ هئا. ايئرپورٽ تي ڏاڍي سادي ڪارروائي هئي، منهنجو فون نمبر گل بانو وٽ هيو ۽ هن جو نمبر به مون وٽ هيو. مون هن کي چيو ته مون کي شاهين جو نمبر موڪلجو ۽ منهنجو نمبر به شاهين کي ڏجو. مون ٽوئرزم آفيسر سان هٿ ملايو ۽ ڄاڻي واڻي هٿ وڌائي گل بانو سان به ملائڻ چاهيو. هن سان هٿ ملائڻ لاءِ وڌايو. هن کلي چيو Sorry sir، جيڪڏهن مون توهان سان هٿ ملايو ته مونکي سزا ملندي.“ مون اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته هنن کي ڪيتري آزادي آهي. هن کي مٿي تي روسري (حجاب) ۽ اوور ڪوٽ پيل هيو. بورڊنگ دبئي جي لاءِ ايمريٽس جي پرواز جي انائوننس ٿي وئي هئي. مان لائين مان ٽپي اندر جهاز ۾ داخل ٿيس. جيڪو ڪولون جي مهڪ سان رچيل هيو ۽ ايئرهوسٽس جون بي حجابانه مسڪراهٽون خوشيون پکيڙي رهيون هيون. مان ٻه اخبارون کڻي پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺس! مهڪ ۽ مسڪراهٽن جي باوجود منهنجو موڊ اڃان ٺيڪ نه ٿيو هئو! من منجهيل هيو.

[b]دبئي چلو!
[/b]ڪنهن زماني ۾ اداڪار علي اعجاز جو هڪڙو ڊرامو PTV چئنل تي هليو هيو، تنهن زماني ۾ هيو ئي هڪڙو چيئنل، شايد 1980 جو زمانو هيو، جنرل ضياءَ صدر هيو. ٽائيٽل رول علي اعجاز ڏاڍو خوبصورتيءَ سان نڀايو هيو. ان ڊرامي جو هدايت ڪار محمد نثار حسين هيو. هن ڊاريڪٽ به ڀلو ڪيو هيو. ان اسٽوريءَ جي ٿيم اها هئي ته دبئي ۾ پيسي جي ريل پيل شروع ٿي وئي آهي. اتي ڪم ڪار سٺا هٿ لڳي ويا آهن. پگهارون اسان کان وڌيڪ آهن. جيڪي ماڻهو اتي وڃن ٿا ته اهي ڄٽ ڄاموٽ، پڙهيا، اڌ پڙهيا ۽ اڻ پڙهيا، محنت مزدوري ڪري پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ پئسا بيگون ڀري کڻي ٿا اچن. جن ماڻهن کي هت ڪم ڪندي، محنت ڪندي تپ ٿو چڙهي، اهي اتي وڃي پيسي جي لالچ ۾ پنهنجون ننڊون ۽ سک ڦٽائي، پيسو ڪمائي، بچائي هتي اچن ٿا. پئسو ته هنن کي ٿئي ٿو پر، ڄٽ ملوڪ گلم جو زيان، جڏهن هتي پاڪستان ۾ واپس اچن ٿا ته افعال اهي هوندا اٿن. هڪ فلم جي سين ياد آهي، جنهن ۾ علي اعجاز سوٽ بوٽ ۽ ڪارو چشمو به پائي ٿو. چشمي جو ڪمپني ٽيگ ۽ پرائيس ٽيگ نٿو لاهي ته متان ماڻهو ائين نه سمجهن ته چشمو پراڻو آهي.حقيقت کي ڊرامائي مزاحيه انداز ۾ پيش ڪيو ويو هيو، پوءِ ان تي ساڳئي نالي سان فلم به ٺهي هئي.
ڀٽي صاحب جي دور ۾ ماڻهن ته اڳ ۾ ئي وچ اوڀر جي ملڪن ڏي ڊيهڙو ٻڌو هيو. ڀٽي صاحب جي پاليسي به اها هئي ته ڊاڪٽر، انجنيئر ننڍا ننڍا ٽيڪنيشن ۽ مزدور انهن ملڪن ڏي لکن جي تعداد ۾ موڪليا وڃن. اهي محنتي مزدور ماڻهو ٻاهرين ملڪن جو ايڏو ته ناڻو موڪليندا هئا، جو اهو اسان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏو ايڪسپورٽ جو وسيلو بڻجي ويو. اسان جي ملڪي معيشت جو بنياد ئي اهو ناڻو بڻجي ويو. ڀٽي صآحب تڪڙا تڪڙا، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جا ڪاليج کوليا ۽ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن کي export ڪيو.

[b]ڀٽي صاحب جي عرب پاليسي
[/b]دبئي هاڻي ته وڌيڪ ترقي يافته آهي. دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت، برج الخليفه به دبئي ۾ ٺاهي وئي آهي. هتان جي دوڪانن، مالن ۽ هوٽلن جو ته ڇيهه ئي ڪونهي. تنهن دور ۾ دبئي، يونائيٽيڊ عرب عمارات جو رولر راشد المڪتوم ۽ ابوظهبي جو رولر شيخ زيد بن سلطان، النهيان هيو، جيڪو ٻين ڪيترن ئي مڊل ايسٽ ۽ فار اسٽيرن ملڪن جي سربراهن وانگر ڀٽي جو دوست هيو. سنڌي ماڻهو جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو هيو، ان ۾ قدرت الائي ڪهڙو چقمق فٽ ڪري ڇڏيو هيو، جنهن سان ملندو هيو اهو سندس مريد ٿي ويندو هيو. حالانڪه هي نوجوان هيو، پر جمال ناصر، شاهه فيصل، سوئيڪارنو، قذافي، بومدين، ياسر عرفات، رضا شاهه پهلوي ۽ ٻين مسلمان ملڪن جا سربراهه نه صرف دوست پر ڄڻ ته سندس عاشق هئا. 1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جو ڪٺ ٿيو ته مجيب سوڌا سڀ سربراهه اچي گڏ ٿيا. حالانڪه هڪ ٻئي جي شڪل ڏسندي به خار کائيندڙ، پر ڀٽي صاحب جي هڪ طرف شاهه فيصل ته ٻئي طرف ياسر عرفات بادشاهي مسجد ۾ ويٺا هئا. مجيب کي گهرائي ٽيانوي هزار جنگي قيدي ڇڏرايائين. گريس ۽ ترڪيءَ جو جهيڙو ٿيو. ڀٽي پنهنجون خدمتون سندن وچ ۾ صلح صفائي لاءِ پيش ڪيون. عرب ملڪن کي تيل کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جو ڏس ڏنو. اها ئي ڳالهه ته دنيا جي سپر پاورس کي ڀٽي جي نه وڻندي هئي.

[b]رچرڊ نڪسن ۽ ڀٽو صاحب
[/b]هڪ دفعي آمريڪا جي صدر رچرڊ نڪسن کيس چيو هيو ته “جيڪڏهن تون امريڪا ۾ هجين ها ته مان توکي امريڪا جو وزير خارجه ڪريان ها!” ڀٽي چيس ته “شڪر ڪر مان آمريڪن نه آهيان، جيڪڏهن مان آمريڪن هجان ها ته تنهنجي جڳهه تي آمريڪا جو صدر هجان ها!”

[b]مهتاب[/b]
مونکي پنهنجو سامان رولر تان کڻڻو، ڪراچي لاءِ ٽڪيٽ درست ڪرائڻي، ۽ ڊيوٽي فري شاپس تان ڪجهه ضرورت جون شيون وٺڻيون هيون. مان رولر تي پنهنجي سامان جي واپسيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڀر ۾ ئي ايمائرٽس جي آفيس هئي. اندر ڪجهه مرد ۽ عورتون اسٽاف آفيسر چانهن پيئندي ڪچهري ڪري رهيا هئا. هڪ ايئر هوسٽس ٻاهران ڪپ کڻي ڊسپينسر مان چانهن ٺاهڻ لڳي. مون کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي چوڻ لڳي، چانهن پيئندو؟ مان ها ڪئي ته هن پنهنجي لاءِ ٺاهيل ڪپ منهنجي حوالي ڪيو. مون چانهن جو ڪپ وٺي اتي ئي انهن سان ويهي چانهن پيتم. جنهن ايئر هوسٽس مونکي چانهن ٺاهي ڏني هئي، ان جو نالو مهتاب هيو. سندس سيني تي نالي جي ٽيگ MAHTAB لڳل هئي. هن کان پڇيم ته مونکي پنهنجي ٽڪيٽ درست ڪرائڻي آهي، ڪٿان ڪرايان؟ چيائين “اسان جو ڪائونٽر ته بند آهي، پر مونکي ٽڪيٽ ڏيو”. ٽڪيٽ ڏني مانس، چيو “ان کي 24 ڪلاڪ اڳتي ڪرڻو آهي”. هن ڪمپيوٽر تي ڪمانڊ ڏني، ٽڪيٽ درست ڪئي ۽ پرنٽ آئوٽ ڪڍي ڏنائين، ته مون سندس ٿورا مڃيا ۽ سامان کڻي اتي ئي اميگريشن جي ڪائونٽر تي ويس. جنهن کان پندرهن ڏينهن جي ويزا جي گهر ڪيم، هن ٽڪيٽ، ڏٺي، هوٽل جي بوڪنگ چيڪ ڪئي، ڪجهه پيسا ورتا، اتي ئي مونکي ويزا ڪڍي ڏني. ايئرپورٽ تي منهنجي اڳين منزل ڊيوٽي فري شاپ هيو. جتي مون سامان ڏٺو، اگهه پڇيا، پر هتي سواءِ وسڪيءَ ۽ چاڪليٽن جي هر شيءِ مهانگي لڳي. وسڪيءَ جون برانڊون به ايتريون هيون، جو مون ته انهن جا نالا به ڪونه ٻڌا هئا. اهو ئي سبب آهي ته هتان اسان جا ماڻهو وسڪيءَ جي گهڻي مان گهڻي خريداري ڪن ٿا. ڪن ته اهو واپار ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪجهه خرچ پکو به وسڪيءَ مان ڪڍيو ڇڏين. ڪجهه سامان ورتو ۽ هوٽل لاءِ روانو ٿي ويس.

[b]ٻاهرين بند پر اندرين؟
[/b]هوٽل رش ان Rush Inn لاءِ ڪنهن دوست ڏس ڏنو هيو ته سٺو آهي ۽ وچ شهر ۾ آهي. مان ٽيڪسيءَ مان سامان لاهي لابيءَ ۾ ڪائونٽر تي آيس. ڪو اسان جي ملڪ جي مهانڊن جهڙو ماڻهو نظر آيو. مون سمجهيو ته ڪو پاڪستاني مسلمان آهي. هن منهنجو پاسپورٽ ڪاپي ڪرائڻ لاءِ ورتو. مونکي ڪمري جون چاٻيون ڏنيون. ويٽر کي سامان کڻڻ لاءِ چيو ۽ مونکي آهستگيءَ سان چيو ته ٻاهرين عورت مهمان جي اجازت نه آهي. مون کلندي چيو ته ”اندرين جي؟“ مون ڪائونٽر مئنيجر جي جواب جو انتظار نه ڪيو ۽ اڳتي نڪري، پنهنجي ڪمري ۾ آيس. ڪمرو ڪشادو ته ڪونه هيو، پر صفا سوڙهو به ڪونه هيو. صاف بسترو هيو. اي سي، اٽيچ باٿ روم، هاٽ ۽ ڪولڊ واٽر، هروڀرو دبئيءَ جو هوٽل ته نه پئي لڳو. ڄڻ ڪو سکر، حيدرآباد جو يا ڪراچيءَ جي اسٽيشن جو هوٽل هجي. ڪهڙو مون کي هوٽل ۾ عمر ڀر رهڻو آهي. هڪ اڄوڪي رات ۽ هڪ سڀاڻي جي. منهنجو هڪ دوست ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي چوندو آهي ته رهائش ۽ کاڌي لاءِ گهرجي مناسب ڪمرو، مناسب سهوليتن سان ۽ ٻه مانيون ۽ ٻوڙ جي پليٽ! غير ضروري لوازمات تي خرچ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي!
ڪجهه ريليڪس ڪيو. چانهن پيتي. تيار ٿي نڪرڻ کان اڳ ۾ ويٽر کي گهرائي پڇيم ته دبئيءَ ۾ تفريح جي ڪهڙي جڳهه آهي. چيائين “ائين دبئي تفريح ئي تفريح آهي. جيڪڏهن توهان اڳ ۾ نه ڏٺي آهي ته پوءِ سائيڪلون ڪلب ضرور ڏسو، پر اها ڪجهه مهانگي آهي ۽ ان جيEntry fee به آهي. اسان جي هن Rush Inn هوٽل ۾ به ٽي چار ڊانس فلور آهن، توهان اهي به بنا ٽڪيٽ جي ڏسي سگهو ٿا.”
مون چيو اهو واهه جو ڪم ٿيو. نائين بجي کان ڪلب شروع ٿيندا آهن. هوٽل ۾ ڪجهه رش وڌڻ لڳي. هوٽل ٻاهران ايترو وڏو نه پئي لڳو. جنهن ۾ ٽي مني آڊيٽوريم هجن.

[b]ننڍو هوٽل، ٽي ڪلبون
[/b]مان پهرين آڊيٽوريم ۾ ويس. اتي فلور تي ڪا ڊانسر هندستاني گاني تي ڊانس ڪري رهي هئي. فلور سرڪيولر ٺهيل هيو. مان دروازي جي ڀرسان ئي آخري Row ۾ پيل خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. منٽ ئي نه گذريو ته ويٽر آيو چيائين: ”سر ايني ڊرنڪ؟“ مون چيو ”مهرباني، مان ڊرنڪ نه ڪندو آهيان“. ”سر سافٽ ڊرنڪ؟” هن پڇيو. مان ڦاسي پيس! مونکي ڪوبه ڊرنڪ نه وٺڻو ۽ نه ڪو هڪ فلور تي ويهڻو هيو. هنن جا ڊرنڪ ڏاڍا مهانگا آهن. وسڪي ته وسڪي پر سافٽ ڊرنڪ به وسڪيءَ جيترو چارج ڪندا آهن. مون هن کي هٿ جي اشاري سان چيو ته ترس، مون اسٽيج تي نظر وڌي، جتي چئني پاسن کان هڪ ڍنگ سان لائيٽ اڇلي رهيا هيا، هڪ نه پر ٻه ٽي ڊانسر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيون هيون. خاص مهمان پهرين Row ۾ ويٺا هئا ۽ پوري طرح انجواءِ ڪري رهيا هئا. سندن آڏو وسڪيءَ جا گلاس پيل هئا. ان سيٽنگ جو مقصد شايد اهو هيو ته سندن پياس وڌائجي، پِياري پِياري سندن اڃ وڌائي کين رڻ ۾ مارجي. گانو ختم ٿيو. ٻيو شروع ٿيو ته ٻيو گروپ شروع. مان ان هال مان نڪري ٻئي هال ۾ آيس. گيٽ تي ويٽر چيو: “فنڪار اڄ ئي لاهور کان آيا آهن.” مان مسڪرائي اندر اعتماد سان داخل ٿيس. اتي به ساڳي ڪرت هئي. ڊرنڪ ۽ ڊانس، ۽ دبئي جا ‘وڏيرا’ خوشامدي ڀڙوا، تيز آواز، ٺمڪا، اڌ اگهاڙيون بلڪه جسم تي رڳو نالي جي پٽي. ان ٻئي هال مان اٿي ٽئين هال ۾ آيس. اهو حال ڪارن غريبن جو هيو، ڄڻ ڪارن جي نظر ۽ دل به ڪاري هجي. هن هال ۾ سائوٿ انڊين سانوريون ۽ ڪارڙيون هيون، تماشبين به ساڳئي رنگ روپ جا هئا، ۽ گانا به. ٻيا ڪنهن هندستاني ٻوليءَ ۾ هلي رهيا هئا. باقي تماشا ساڳيا هيا، مان ان مان به نڪري ڪائونٽر تي آيس. مئنيجر جو ٽائيم ختم ٿي رهيو هيو. ڊيوٽيءَ جي تبدليءَ جي تياري ڪري رهيو هيو. مان هوٽل جي گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس. ٻارهن ٿي رهيا هئا. ڊسمبر جو مهينو هيو. سيءَ ته ڪونه هيو، پر ڪجهه ڪجهه ٿڌيري هوا لڳي رهي هئي. مان بنا مقصد بنا سوچ جي فوٽ پاٿ تي هلڻ لڳس. اڃا ٽريفڪ ڪونه گهٽي هئي. دبئي جو جلوو ساڳيو هيو. هڪ ريسٽورنٽ نظر آئي. مان ان ۾ اندر هليو ويس، ڪجهه ڪجهه بک به لڳي هئي. ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ به نه پئي آيو ته اڪيلو ڪيڏانهن وڃان.
مون مانيءَ جو آرڊر ڏنو. هن ريڊوائين جو پڇيو. مان ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي. وائين به اهڙي شيءِ آهي، جو ان جو انڪار نه ڪرڻ گهرجي. وائين سان، مون وڌيڪ enjoy ڪيو. ريسٽورنٽ جو ماحول دلڪش هيو. منهنجو وائين جو گلاس خالي ٿي ويو. ويٽر ٽيولپ (Tulep) گلاس ۾ ريڊ وائين وجهي وري کڻي آيو. مون کي مزو اچي رهيو هيو، مان مزو وٺي رهيو هوس. جوڙا پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. سندن هٿ هٿن ۾ هئا. ڪڏهن اوندهه جو فائدو وٺي ڳل سان ڳل ملائي پئي ورتائون. مان پنهنجو پاڻ کي اڪيلو آڳ ۾ جلائڻ کان بهتر سمجهيو ته ريسٽورنٽ مان نڪري اچان. مان ٻاهر فوٽ پاٿ تي آيس. ٿڌ وڌي وئي هئي. مان هوريان هوريان پنهنجي هوٽل ڏانهن هلڻ شروع ڪيو. هاڻي ايندڙ ٽريفڪ منهنجي سامهون هئي. ان جون روشنيون منهنجي اکين ۾ لڳي رهيون هيون. هوٽل تي پهچي پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ جي بدران مان لاهور واري ڊانس فلور ۾ ويس. محفل پنهنجي عروج تي پهچي رهي هئي. پياسا پياڪ به پوري ترنگ ۾ هجن. مان وري به دروازي جي ڀرسان پوئين سيٽ تي ويهي رهيس. لڳي پيو ته لاهور جون ڊانسرون وارم اپ ٿي ويون آهن. ٻه ڊانس ڏسي مان ڪمري ۾ آيس.

[b]مارڪس ۽ اسپينسر
[/b]ٻئي ڏينهن تي مون ڀرواري مال مان ڪجهه گفٽس ورتا. جيڪڏهن ٻاهر وڃجي ٿو ته گهروارا يا مٽ مائٽ اها اميد رکن ٿا ته توهان ڪجهه نه ڪجهه گفٽس انهن لاءِ آڻيندا. اڄ ڪلهه ته مٽ مائٽ ۽ ٻار ٻچا به ماشاءِ الله جهڙي تهڙي گفٽ لاءِ راضي نه ٿا ٿين. لنچ کان پوءِ مارڪس ۽ اسپينسر جي دبئيءَ واري آئوٽ ليٽس تي ويس. هن برانڊ جو سامان مونکي وڻندو آهي. تنهن ڪري مان پنهنجي لاءِ موقعو سٺو سمجهي ان اسٽور تان شرٽس، سوٽس، ٽائيز ۽ شوز خريد ڪيا، جيڪي ڏهن سالن کان استعمال ڪريان پيو، پر استعمال ڪرڻ جو اهو حال رهيو ۽ جيڪڏهن حياتي آهي ته ٻيا ايندڙ ڏهه سال به استعمال ڪندس. ڪافي اڻ استعمال ٿيل نيڪ ٽائيون ۽ شرٽس پنهنجي پٽن کي گفٽ ڪندو رهيو آهيان.

[b]سيڪلون ڪلب
[/b]شام جو دير سان مان سيڪلون ڪلب روانو ٿي ويس. شهر کان ٻاهر ڪجهه پرڀرو هئي، ٽيڪسيءَ واري اتي پهچايو ۽ مون کان ڪرايو وٺي روانو ٿي ويو. ٽيڪسيءَ وارو پٺاڻ چارسده جو هيو. اتي ٽريفڪ ڪئميرائن کان هن جو ساهه پئي ويو. حرام جو ٽريفڪ رولز جي ڀڃڪڙي ڪري. پري کان ٽريفڪ جي ريڪارڊنگ ڪيمرا ڏسي مونکي پئي چيائين! سر! آگي وه ڪئميرا لگا هئا هي. اسان ساڳيا ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيئن سڌري ٿا وڃون؟ هتي ته لالا پٺاڻ گاڏي هلائيندي ماڻهو مارڻ ۾ به دير نه ٿا ڪن. مونکي ته ڏک ٿيندو آهي، جڏهن اسان جو پيارو دوست ارشاد انڙ مرحوم ياد پوندو آهي، جنهن کي پٿرن جي هڪ گاڏي ٽڪر هڻي خيابان شمشير جي مين روڊ تي شهيد ڪري ڇڏيو هيو. ڪراچيءَ پاڪستان ۾ ٽريفڪ حادثي کان بچاءُ جو هڪ طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته توهان پاڻ کي بچائي هلو! ائين سمجهيو ته توهان جي ڀرپاسي گاڏي هلائڻ وارا انڌا آهن، سڄا ۽ اکين وارا صرف توهان آهيو، سو پنهنجو بچاءُ ڪريو.
مان ڪلب جي ونڊو وٽ پهتس، هن پنجهتر يو اي اي جا درهم انٽري ٽڪيٽ جا گهريا، جيڪي واپسيءَ جوڳا نه هئا. اها صرف دروازي کان اندر ٿيڻ جي في هئي، انهن ڏينهن ۾ درهم 17 روپين جو هڪڙو هيو، ان حساب سان مونکي 00-1275 روپيه گيٽ في ڏيڻي پئي، هاڻي ته درهم 29.0 روپين جو آهي.

[b]سيڪلون ڪلب جي ‘مس نائيٽ’!
[/b]ڪلب ۾ اندر ته واقعي طوفان برپا هيو، شراب ۽ پرفيوم جي مليل جليل خوشبوءِ ماحول کي مست ڪري رهي هئي. اونداهون ماحول، دهوان دهوان، رنگين روشنين جي چمڪ دمڪ، هيڏي وڏي هال ۾ رڳو ديوانه ۽ ديوانيون گهمي ڦري ۽ لڏي رهيون هيون. اڪثر جي هٿن ۾ گلاس هئا. هر طرف جل پريون هيون. سندن ديوانا مٿن ڳاهٽ ٿي رهيا هئا. سندن نيگرو نگهبان جن جي جسامت محمد علي باڪسر کان به ڪشادي ۽ شڪل وڌيڪ خطرناڪ هئي، اهي به موجود هئا، جڏهن ڪا جل پري حد کان وڌيڪ پنهنجي گراهڪ سان فري ٿي رهي هئي ته اهي ديو نما کين دٻ چاڙهي رهيا هئا. مهمانن کي ڪجهه نه پئي چيائون، پر انهن جو نمونو اهڙو هيو جو اثر ڇوڪرين کان وڌيڪ گراهڪن ٿي قبول ڪيو. هال جي هڪ پاسي هڪ ڊانسن فلور هيو. روشنيءَ جو مرڪز اهو هيو. جوڙا آيا ٿي ڊانس ٿي ڪيائون. هلندي هلندي پارٽنر بدلجي پئي ويا. ڪڏهن ڪڏهن افسوس ٿيندو آهي، ته نه راڳ سکيو نه ناچ سکيو. اڌو گابري شاعري ڪئي، پر ان کان به نابري واري سون. مان هال جو جائزو وٺڻ لڳس. سوچيم ته پنهنجي هن دوري کي مزي وارو بڻائيندي اڄ جي رات جي ‘مس سيڪلون ڪلب’ چونڊي وٺان. سو ان تلاش ۾ پوري ڪلب جو جائزو ورتو ۽ جلوا سميٽڻ لڳس. ان تلاش ۾ ٻه سنڌي همراهه مون سان اچي مليا، نالو کڻي چيائون “توهان فلاڻا آهيو! اسان ٿر جا ارباب رحيم جي ڳوٺ کيتلاري جا نوهڙيا آهيون.” توهان اسان وٽ ڊي سي ٿي رهيا آهيو؟ مان هائو ۾ ڪنڌ لوڏيو. همراهه 30-25 سالن جي وچ ۾ هوندا. مونکي ٿر ڇڏي به تڏهن 15 سال ٿيا هئا، کين جس هجي، اسان پاڻ ۾ گهلي ملي وياسون. ڇا ڪجي جڳهه ئي اهڙي هئي. هنن همراهن جي هٿ ۾ گلاس هئا. مونکي صلاح ڪيائون. مون انڪار ڪيو. ويٽرن به وس ڪيو هيو، پر انهن کي به کتو جواب ڏنم. رنگ ۽ نور جي برسات مان مزو وٺي رهيو هوس. گلاس پيئڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. مان پنهنجي ڪمري مان ٻه ڊرنڪ وٺي نڪتو هيس. اهي ئي ڪافي هئا.
مون پنج کن نوجوانڙيون مس نائيٽ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيون، جن مان آخر ۾ آزر بائيجان جي مس روبيءَ کي چونڊيو. هن جو رنگ ڪڻڪ جي اڻ ڳوهيل اٽي جهڙو، ڳل ملٽي فوم جهڙا ۽ اکيون ياقوت جهڙيون هيون. مونکي ڳل پوندي ڏسي هن چيو ته ڊرنڪ وٺندين!
هن کي مائل ڏسي مون avoid ڪرڻ لاءِ سوچيو. “مان توهان سان ڪمپني ڪرڻ ٿو چاهيان!” هوءَ ٺري پئي. چيائين “ڇو نه، مونکي به تون سٺو ۽ باوقار ٿو لڳين!” مون چيو “توسان پيار ڪرڻ جو ملهه مونکي ڪيترو ادا ڪرڻو پوندو؟” هن هزار يا ٻه هزار درهم ٻڌايو ۽ پوءِ هن جا اوئر هيڊس (Over Heads) بي حساب! اهو اگهه هيو ‘مس نائيٽ’ جو. اسان کي رازو نياز ڪندي ڏسي نيگرو ٻانهون ڪانڊاريندو اچي پهتو. مان به موقعو غنيمت سمجهيو. ڪلب جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ گم ٿي ويس. پڪ هيم ته مون کي ڳولهيندي ناڪام ٿي مس روبي ڪنهن ٻي شڪار جي انتظام ۾ لڳي وئي هوندي. منهنجو تماشو به سٺو ٿي ويو هيو، ‘علم’ ۾ به اضافو ٿيو. صبح جا چار وڄي رهيا هئا. ڪلب پنهنجي عروج تي پهتي هئي، نوجوانن جي ڊانس جي ڌم لڳي پئي هئي. ٽهڪ ۽ گلاس کڙڪي رهيا هئا. شراب ۽ پرفيوم جي خوشبوءِ جي بانس گڏمڏ ٿي وئي هئي. اکيون هاڻي اونده جون هيراڪ ٿي ويون هيون. تنهن ڪري هر شيءِ چٽي پئي نظر آئي ۽ هر چهرو پنهنجي خدو خال سان ظاهر هيو، پر بلبن جي رنگن شڪلين تي به رنگ ۽ نور ڦيري ڇڏيو هيو. مان آخري ڀيرو ڪلب جو چڪر ڪاٽيندي دروازي کان ٻاهر نڪري آيس. مونکي اهو وقت اتي گذارڻ جو افسوس ڪونه ٿيو ۽ نه وري پنجهتر درهم خرچ ڪرڻ جو ڪو افسوس هيو.

[b]ٽارزن جي واپسي
[/b]ٻئي ڏينهن صبح دير سان اٿيم. ان ڏينهن شام جو منهنجي فلائيٽ به ڪراچيءَ لاءِ هئي. رات جو هئنگ اوئر ۾ مس نائيٽ جو خيال ايندي ئي کلي ويٺس. ٻه ڪپ چانهن جا پيتا ته ڪجهه هلڪائي ٿي. گورين کائڻ جي ضرورت نه ٿي. وڌيڪ جيڪا شاپنگ ڪرڻي هئي. اها ايئرپورٽ تان ڪرڻي هئي.
ايئرپورٽ تي چيڪ ان ڪيو ته سامان لمٽ کان وڌي ويو. مون وٽ ڪافي پرنٽيڊ مٽيريل هيو. ان مان ڪجهه اتي ڇڏيو. پوءِ به ايترو سامان وڌيو جو مون کي ڪجهه پيسا وڌيڪ ڀرڻا پيا. اها ايران وارن جي سخاوت چئجي جو اتان چارج نه ڪيو هئائون. دبئي وارا ته پڪا واپاري ۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ پڪا واڻيا آهن.
ايئرپورٽ تان ڪجهه چالڪيٽ ۽ ڊرنڪس ورتم. گهر وارن کي فون ڪري کين واپسيءَ جو شيڊيول ٻڌايو. ائين ڪراچيءَ جي پروٽوڪول آفيس تي به ٻڌايو ته جيئن سندن پروٽوڪول آفيسر سهوليت فراهم ڪري. آءٌ اچي پنهنجي سيٽ تي ويٺس.
بوئنگ 747 ايمائرٽس جو جهاز آهي. تقريباً 450 مسافر منجهس ماپي وڃن ٿا.
جهاز اڃان اڏام نه ورتي هئي، مان اندرين اسٽاف جو جائزو وٺي رهيو هيس. گهڻو ڪري سڀ عورتون هيون. آسٽريليا جي گورين کان فار ايسٽ، ڪوريا ۽ سينگاپور جون نڪ ڦٿل، هندستان جون سانوريون سهڻيون. نه هئي ته ڪا پاڪستان جي ايئر هوسٽس نظر نه آئي. مون ڪال بيل دٻايو. ايئر هوسٽيس آئي ته مون هن کي پاڻي ۽ دبئي جي ڪنهن اخبار آڻڻ جو چيو. هوءَ ڀڄندي وئي ۽ ڀڄندي پاڻي ۽ اخبار کڻي آئي. هوءَ گوري، ڊگهي، سنهڙي، ASH جي اکين جهڙي اکين ۽ مسڪرائيندڙ چهري واري هئي.
جڏهن جهاز اڏاڻو. هنن ڊنر سان گڏ مونکي ريڊ وائين به ڏني. جڏهن ڊنر کان پوءِ سامان سهيڙي واندي ٿي ته مان هن کي گهرائي ساڻس حال احوال ڪيو. منهنجو جڏهن حال احوال ڊگهو ٿي ويو ته هوءَ منهنجي ڀرواري سيٽ تي ويهي ڳالهائڻ لڳي. هن ٻڌايو ته هن جو نالو ائنڊرين آهي ۽ آسٽريليا جي آهي. هن جي هي پهرين انٽرنيشنل فلائيٽ آهي. ايئرهوسٽس کان اڳ ۾ هو اسڪول ٽيچر هئي. هن کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق آهي. تنهن ڪري فلائنگ کي ڪيريئر ٺاهيو اٿائين. منهنجو وقت سٺو گذريو. اٿڻ وقت وري پڇيائين ته وائين يا ٻيو ڪو ڊرنگ وٺندين؟ مون کيس ٿئڪس چئي ته به هوءَ هڪ ٻيو ريڊ وائن کڻي آئي.
ڪراچي ايئرپورت تي ٻاهر نڪتس ته منهنجي فيملي ۽ پروٽوڪول وارا موجود هئا.

[b]هلو ته وري دبئي ۽ ابوظهبي هلون
[/b]دبئي ۽ ايران کان موٽي پنهنجي ڏهاڙي جي ڪمن ڪارن ۾ غرق ٿي ويس. ٻاهريون ملڪ گهمڻ جي محروميءَ جو احساس هيو. ان مان نڪري آيو هوس. ايران ڏاڍو وڻيو هيو. ٻئي ملڪ پنهنجي جاءِ تي ٻه انتهائون هيون. ايران جي پويان هڪ وڏو قومي ورثو هيو. جنهن کي هنن سنڀاليو ۽ وڌايو آهي. ايران جو علم ادب، فن تعمير ۽ قومي ورثو پنهنجي جاءِ تي ايران جي عظمت جي ساک ڏئي رهيو آهي. وري مٿان 1979ع جو اسلامي انقلاب. ان ته ايران کي صحيح معنيٰ ۾ اسلامي ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ايران جي هر شيءِ ۾ اسلامي ۽ اخلاقي قدر نمايان آهن.
ٻئي طرف دبئي جي سياڻن حڪمرانن وقت جو پورو پورو فائدو وٺي، هن وارياسي ملڪ کي 30-40 سالن ۾ ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو آهي. هنن هڪ ننڍڙو آمريڪا يا يورپ هن بيابان ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. جيڪو به پيسو آيو آهي اهو ٻاهران آيو آهي. دنيا جي هر شيءِ هتي آهي. جيڪو فرنچائيز هتي ناهي. اهو به ڪوشش ڪري هتي پهچيو وڃي. شراب ۽ هوٽلن جو ديس ٿي ويو آهي. ان ڳالهه جو هن عرب شهر کي داد ڏيڻو پوندو ته امن امان کي هنن ڏاڍو سٺو رکيو آهي، قانون کي باقاعدگيءَ سان لاڳو ڪيو آهي. ٽريفڪ جو قانون هجي يا امن امان، هن ملڪ ۾ ڪنهن کي به سياسي سرگرمي کُلي طرح ڪرڻ جي موڪل ڪو نه ڏني آهي. ٻيو جيڪو اهم ڪم هن رياست ڪيو آهي، اهو ڪنهن به ٻاهرين ماڻهو کي هن ملڪ جي شهريت نه ٿا ڏين. ڀلي ماڻهو اچن، رهن، کائين، پيئن، ڪاروبار ڪن، انويسٽ ڪن، پر هن ملڪ جو شهري نه ٿا ٿي سگهن. سنڌ جا ڪافي وڏا ماڻهو ۽ وڏيرا سندن ويجها دوست آهن، پنهنجا گهروٺي اتي رهن ٿا. پر آهن اهو ئي “ٻاهريان”.
يونيسيف (Unicef) پاڪستان، اسلام آباد ۾ منهنجو هڪ دوست عبدالمنان هوندو هيو، هاڻي ريٽائر ڪري ويو آهي. ڏاڍو هيلپ فل هيو، ڪڏهن ڪڏهن اسلام آباد يا مريءَ جو چڪر ڏيڻ کي ٻه ٽي مهينا گذري ويندا هئا ته مان کيس چوندو هيس ته هو سرڪاري خرچ تي ڪانه ڪا ميٽنگ ڪڍي وٺندو هيو. ٻه چار ڏينهنrelax ڪري وٺبو هيو.
مارچ 2007ع ۾ منان جو فون آيو ته ابوظهبي هلڻ لاءِ تياري ڪيو. ابوظهبي هلڻ لاءِ، يونيسيف هڪ ميٽنگ اتي منعقد ڪري رهي آهي. توڙي کڻي مان تازو تازو ايران ۽ دبئي کان موٽيو هيس، پوءِ به مون موقعو غنيمت ڄاتو، ته ٻارن کي تيار ڪجي. اپريل 2007ع جي وچ ڌاري ابوظهبيءَ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ ڪانفرنس هئي.
عرب ملڪن ۾ اٺن جي ڊوڙ جي مقابلن جي روايت آهي. جيئن اسان وٽ هارس ريس يا ڏاندن جي گوءِ آهي. عرب رئيس به اٺن رکڻ جا شوقين آهن ۽ انهن جا ساليانا مقابلا به ڪرائيندا آهن، خبر ناهي ته اهي به اسان جي رئيسن وانگر پنهنجي اٺن کي باداميون کارائيندا آهن يا نه پر سندن ڏاڍو خيال ڪندا آهن. اٺن کي ڀڄائڻ لاءِ جاڪي (Jokey) ننڍا ٻار هوندا آهن، جيڪي رحيم يار خان يا گهوٽڪيءَ جي غريب علائقن مان خريد ڪري انهن کي اٺن جي پٺين تي ٻڌي اٺن کي ڊوڙائيندا آهن. ستن اٺن سالن جي ٻارن جو ڇا حشر ٿيندو هوندو! ڪي ته اٺ تان ڪري مري يا معذور ٿي ويندا آهن يا اٺن تي ويٺي ئي سندن جسم ڦڏا ٿي، ڄنگهون کلي وينديون آهن ۽ هو هلڻ کان ويهي ويندا آهن. سندن مائٽ انهن کي واپس کڻي اچي پنائيندا آهن.
يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن (UNO) جي هڪ ذيلي تنظيم يونيسيف، جيڪا ٻارن جي بهبود لاءِ ڪم ڪندي آهي. ان هن صورت حال جو نوٽيس ورتو ۽ اهڙن عرب ملڪ کي جن ۾ يونائيٽيڊ عرب امارات (UAE) سرفهرست هئي، تن کي هدايت ڪئي ته اها روش بند ڪن نه ته سندن UNO مان ميمبرشپ ختم ڪئي ويندي. هنن گهڻي ئي آنا ڪاني ڪئي ته اها اسان جي ستن پيڙهين کا روش هلندي ٿي اچي. اسان بند ڪيئن ڪنداسون، نيٺ مٿن ايترو پريشر وڌيو، جو هو جاڪي ٻارن جي جاءِ تي روبوٽ استعمال ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا. ان ڳالهه لاءِ به تيار ٿيا ته هو متاثر ٻارن جو علاج ڪرائي انهن کي چڱيءَ طرح بحال ڪندا ۽ کين تعليم جون سهوليتون ڏيندا. ان سان گڏ سندن پونئيرن کي ڪاروبار ڪڍي ڏيندا ته جيئن انهن جي معاشي حالت سڌري.
ان سلسلي ۾ ورلڊ يونيسيف ابوظهبيءَ ۾ هڪ ڪٺ ڪوٺايو، جنهن ۾ Unicef متاثر ملڪن جي سيڪريٽرين يا نمائندن کي ڪوٺ ڏني. پاڪستان مان پنجاب ۽ سنڌ جا نمائندا آيا. هڪ نمائندو وفاقي حڪومت جي محنت (Labour) کاتي جو جوائنٽ سيڪريٽري به آيو. سينيگال، سوڊان، سوماليه ۽ ڪجهه ٻين آفريڪي ملڪن جا نمائنده ۽ UAE جي حڪومت جا نمائنده به شريڪ ٿيا.
آسودن عربن پنهنجا وڪيل نيويارڪ مان گهرايا هئا. نيويارڪ ۾ به اهي وڪيل سندن پٺڀرائي ڪندا آهن. پر هتان جي قاعدن قانونن کان گهٽ واقف هئا، آخر ۾ جيڪو ڊرافٽ ٺاهيائون، اهو به غلط هيو، جنهن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مون سهي ڪيو.
اسان کي به ابوظهبيءَ جي شيراٽن خالدي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش ڏني وئي هئي، جيڪو وچ شهر ۾ هيو. مون سان گڏ منهنجي گهر واري ۽ پُٽَ اريس ۽ علي حميص به هئا. اسان جي رهائش ۽ ماني ان هوٽل ۾ هئي. صبح جو گاڏي ايندي هئي ۽ اسان کي منسٽريءَ جي ڪلب ۾ وٺي ويندا هئا. ميٽنگ به اتي هوندي. لنچ به اتي. شام جو هوٽل واپسي. ان وچ ۾ منهنجا ٻار ابوظهبيءَ مان چڪر ڏئي وٺندا هئا. منهنجي اچڻ کانپوءِ وري ٻئي چڪر تي نڪري ويندا هئاسون.
ٻئي ڏينهن شام جو اسان کي روبوٽ اٺ ريس ڪورس ڏيکاريائون، جتي جاڪي روبوٽ استعمال ڪيا ويا هئا. ٽئين ڏينهن تي آخري ويهڪ هئي. پنجاب هنن کان ڪيترن سالن کان سهوليتون وٺي رهيو هيو. سنڌ کي به پنجاب جي حصو ڪري شامل ڪيو ويو هيو. پر هن سال مان وفاق ۽ يونيسيف سان لابنگ ڪري سنڌ لاءِ الڳ پيڪيج ورتو. ائين جڏهن آخري فيصلن جو ڊرافٽ اسان جي اڳيان رکيو ويو ته مون جوائنٽ سيڪريٽري سعيد صاحب کي چيو ته تون وفاق جو نمائندو آهين، تنهن ڪري تون پاڪستان جي طرفان صحيح ڪندين، پر ڇاڪاڻ ته انهن فيصلن ۾ ڪجهه پاليسي فيصلا به آهن، تنهن ڪري تون انهن تي ان وقت تائين صحيح نٿو ڪري سگهين، جيستائين توکي حڪومت پاڪستان جي اجازت نه ٿي هجي. هو به منهنجي ڳالهه سمجهي ويو. هن عربن کي چيو ته مان صحيح نه ڪندس، جيستائين مونکي حڪومت پاڪستان اجازت نه ڏئي. اتي جيڪو نوجوان عرب منسٽريءَ جي طرفان رابطي ڪار هيو، ان پڇيو ته ڪير اجازت ڏيندو؟ اسان ان وقت جي وزيراعظم پاڪستان جناب شوڪت عزيز جو نالو کنيو ته هو ٿوري دير لاءِ اجازت وٺي هليو ويو. اسان سمجهيو ته هاڻي ته همراهه ڦاٿا! پندرهن منٽن کان پوءِ سيڪريٽري ليبر ۽ اوئرسيز پاڪستان فضل الرحمان، جوائنٽ سيڪريٽريءَ کي فون ڪري چيو ته جيئن عرب چون ٿا تيئن صحيح ڪري ڇڏ! مون کي ان وقت عربن جي اختيارن جو احساس ٿيو، ته اسان جي وزيراعظم تي سندن اثر ڪيترو آهي ۽ هو هنن جي ڪيترو پهچ ۾ آهي. صحيح ٿيڻ کان اڳ ۾ اهو ننڍڙو جوان عرب آفيسر سڀني ملڪن جي وفدن جي اڳواڻن کي اچي هڪ هڪ ڳورو گفٽ باڪس ڏئي ويو، اسان واري جوائنٽ سيڪريٽري به کڻي سڄو گفٽ باڪس پنهنجي تو ٻري ۾ وڌو.
لنچ کان پوءِ ڪانفرنس ختم ٿي وئي. مون کي منسٽريءَ جي ڪار ملي، جيڪا منهنجي فيمليءَ کي دبئي ۾ هوٽل ”رش ان“ تي ڇڏي وئي. منهنجي وائيف خوب شاپنگ ڪئي ۽ مال گهميا. ٻارن به انجواءِ ڪيو. علي حميص جي ان وقت عمر ست سال ۽ اريس جي 10 سال هئي. ٻه راتيون رهڻ کان پوءِ اسان واپس ڪراچيءَ پهتاسون. ٻارن لاءِ خاص طور سٺو تجربو رهيو هيو.

[b]ثقافتي تضادات ڪانفرنس ڪوئيٽا
[/b](Conference on Cultureal Diversities)
جولاءِ 2007ع جي وچ ڌاري ثقافتي تضادات تي يونيسڪو جي تعاون سان ڪوئيٽا ۾ هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. سيڪريٽري ڪلچر بلوچستان، بلوچ صاحب مونکي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ته مان به شرڪت ڪريان، پيپر پڙهان ۽ هڪ نشست جي صدارت ڪريان. ڪافي سالن کان مان به ڪوئيٽا ڪونه ويو هوس. موقعو سٺو سمجهيو ۽ وڃي ڪوئيٽا پهتس. بلوچ صاحب جي مهرباني. پاڻ ايئرپورٽ تي Receive ڪرڻ آيو هيو. هوٽل سيرينا ڪوئيٽا ۾ رهايائين. ڪانفرنس به هن هوٽل ۾ هئي. ڪوئيٽا، بلوچستان ۽ ملڪ جي امن امان جي صورتحال بگڙيل هئي. شهر ۾ ته انهن ڏينهن ۾ مکيه مارڪيٽن ۾ بم جا ڌماڪا ۽ فائرنگ روز جو معمول هيو. نتيجي طور مون پنهنجو پاڻ کي هوٽل تائين محدود ڪري ڇڏيو.
ڪي بي رند صاحب انهن ڏينهن ۾ بلوچستان جو چيف سيڪريٽري هيو. مون کيس موبائيل تي فون ڪيو. ٻڌايائين ته پاڻ تازين برساتن جي ڪري حب ۾ ايمرجنسيءَ جي صورتحال جي ڪري اتي رهيل آهي، مون کي چيائين ته مان وڃي چيف سيڪريٽري هائوس ۾ رهان، مون سندس ٿورو مڃيو ۽ اتي ئي هوٽل سرينيا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. چيف سيڪريٽري هائوس معنيٰ قيد، اندر وارا اندر ٻاهر وارا ٻاهر!
وڏي ٺٺ سان پهريون سيشن 10 بجي صبح جو پهرين ڏينهن تي شروع ٿيو. خواتين يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جعفري صاحبه ان ڏينهن جي نشست جي صدارت ڪئي هئي. ننڍي قد جي سنهي اکين واري متاثر ڪندڙ مائي هئي. مائي صاحبه ڳالهائڻ جي ڀڙ پئي لڳي. خواتين يونيورسٽيءَ جون کوڙ ساريون استاداڻيون آيون هيون. مسز جعفري، جنهن جو پهريون نالو وسري ويو آهي، هڪ سينيئر سي ايس پي بيوور ڪريٽ جي گهرواري هئي. جعفري صاحب دل بيهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويو ته مائي صاحبه ڪجهه سالن کان پوءِ ۽ ٻئي هڪ سينيئر سي ايس پي سڪندر جماليءَ سان شادي رچائي. جمالي صاحب سابق وزيراعظم جو ويجهو مائٽ آهي، پر مائي صاحبه پنهنجي نالي جي پويان جعفري صاحب جو نالو نه مٽايو ۽ اڃان تائين ان نالي سان پاڻ کي سڏرائي ٿي. جمالي صاحب کي به ته مائي صاحبه کي به شابس هجي.
ان کان پوءِ ٻه سيشن ٻيا هليا. اتي محترم عبدالحڪيم بلوچ سان به ملاقات ٿي. 1998ع ۾ جڏهن اسان نيپا سان ڪوئيٽا آيا هئاسون ته بلوچ صاحب، ان وقت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم هيو، اسان کي بريف ڪيو هيو. هينئر بلوچ صاحب کي ڄام صاحب جي حڪومت ۾ لڳي ٿو ته لفٽ گهٽ آهي. پاڻ قوم پرست ليکڪ جو رول ادا ڪري رهيو آهي. سندس ڪجهه ڪتاب بلوچ قوميت ۽ بلوچ جدوجهد تي آيا آهن. اها رات مان بلوچ صاحب جو مهمان ٿيس. مونکي ويجهي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ ماني کارايائين. سندس مهمانداريءَ جي کيس شابس هجي. پنهنجا ٻه ڪتاب به گفٽ ڪيائين. ٻڌايائين ته سندس پٽ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ آهي، پاڻ به اتي رهندو آهي. ائين اسان جو سڳو ڳنڍجي ويو. ڪيترا سال رابطو رهيو. هاڻي تعلق نه رهيو آهي. هو مون کي سچو ۽ کرو بلوچ لڳو. بلوچ صاحب پڙهيو به ڪراچي يونيورسٽيءَ مان آهي.
آخري ويهڪ جي مون صدارت ڪئي. ڪافي ماڻهو هئا. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ مون ثقافتي تضادات تي سنڌ جي حوالي سان ڳالهايو. جنهن ۾ ٿر، لاڙ، ڪاڇو، وچولو ۽ اتر به اچي ويو. منهنجي تقرير جو مرڪز ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ ڪلچر به هيو. بلوچن ۽ پٺاڻن وڏو مان ڏنو. مان سندن ٿورائتو آهيان. بلوچ صاحب سيڪريٽريءَ ڪافي پذيرائي ڪئي، رات جي مانيءَ سان گڏ هوٽل سيرينا ۾ ميوزڪ جو به بندوبست ڪيو ويو هيو. منهنجي چوڻ تي لوڪ فنڪار وڌيڪ گهرايا هئائون. ٻاهران آيل مهمانن ڏاڍو enjoy ڪيو.
مان اڃان آخري ويهڪ ۾ ئي هيس ته ڪراچيءَ مان منهنجي گهرواريءَ جا سيل فون تي پيغام اچڻ شروع ٿي ويا. مون کين ميسيج ڪيو ته واندو ٿي ڳالهائيندس. جڏهن فون ڪيم ته خبر پئي ته منهنجون نياڻيون، نياڻا ۽ انهن جي اولاد عمري جي تياري ڪري رهيا هئا. هنن جو خيال هيو ته اسان به ٻارن سان عمري تي هلون. مان ها ڪئي. اهو اسان جو ڀلي پار زيارت جو پهريون ڀيرو هو.

[b]عمري لاءِ ڀلي پار جو ڀيرو
[/b]ڏهن ڏينهن جو سفر هيو. مان، منهنجا ٻار ۽ انهن جا ٻار سڀ شامل هئا. منهنجو وڏو پٽ انيس قادر منگي پندرهن ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي فيمليءَ سان عمرو ڪري موٽيو هيو، دراصل هن ئي سڀني کي اتساهه ڏياريو هيو.
شام سج لٿي ڌاران احرام ٻڌي اسان ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي پهتا هئاسون. شام جو ئي ايمائرٽس ايئرلائين ۾ جدي لاءِ روانو ٿي ويا هئاسون. جدي کان مڪي پاڪ هوٽل تي پهتاسون. چيڪ ان ڪري ڪعبة الله طرف روانا ٿي وياسون. ٻه ڪلاڪ سعوديءَ جو وقت پوئتي هيو. ٻه ڪلاڪ اسان کي سفر ۾ لڳا. جڏهن حرم پاڪ ۾ پهتاسون، ته اڌ رات ٿي چڪي هئي، پر اتي به ڏينهن جو ئي سمان لڳي رهيو هيو. اسان جيئن دروازي کان اندر داخل ٿياسون ۽ خانه ڪعبه تي نظر پئي ته عجيب ڪيف، سرور ۽ مستيءَ ۾ غرق ٿي وياسون، منهنجو نياڻو نور احمد ته بي قابو ٿي روئڻ ۽ آهون ڀرڻ لڳو.
عمرو ادا ڪيو، واهه! ڇا ته سرور محسوس ٿي رهيو هيو. صبح جي نماز کان پوءِ هوٽل تي موٽڻ ٿيو. ٽي ڏينهن مڪي پاڪ ۾ ۽ باقي ڏينهن مديني پاڪ ۾ گذارياسون. محبوب جو در به محبوب جو در آهي.
مسجد نبويءَ ۾ نمازون پڙهيون ۽ زيارتيون ڪيون. ڪجهه سنڌ جا ماڻهو مديني پاڪ ۾ رهن ٿا. انهن رات جي ماني کارائي. وڏا ڀاڳ وارا آهن تقريباً هر نماز مسجد نبويءَ ۾ ٿا پڙهن. انهن جا کجين جا باغ آهن. مديني پاڪ ۾ ٻئي ڏينهن تي اهي باغ ڏيکاريائون. کجور جي باغن ۾ هنن جا مزدور ڪتل لاهي رهيا هئا. کجيون لاهيندي خيرپور ۾ به ماڻهن کي ڏٺو هيو، پر هنن جو طريقو مختلف هيو. جنهن سان کجيون زيان نه پئي ٿيون.
آخري ڏينهن مديني کان وئن تي جده پهتاسون. دادو جو اڪبر اوٺو سالن کان جده ۾ رهي ٿو. هو منهنجي پٽ انيس جو دوست آهي. هو اتي ٽويوٽا موٽرز جو جنرل مئنيجر آهي. جڏهن اسان مڪه پاڪ ۾ هئاسون ته اوٺو صاحب پنهنجي فيمليءَ سان اسان جي هوٽل تي آيو. اسان کي جده اچي وٽن رهڻ جي ڪوٺ ڏئي ويو هيو. اسان جي ان صبح جي ئي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي پر اسان رات جي ماني اوٺي صاحب جي فيمليءَ سان کاڌي. اوٺي صاحب جده بيچ گهمايو. آئيس ڪريم کارائي ۽ پنهنجين گاڏين تي ايئرپورٽ تي see off ڪري آيو.
واپسيءَ ۾ اسان 12 ڌاري ڪراچيءَ پهتاسون. مٽ مائٽ گلابن جون ڪڍيون کنيون ايئرپورٽ تي بيٺا هئا. مان شمس جعفراڻي جو به ٿورائتو آهيان، جيڪو پڻ ايئرپورٽ تي آجيان ڪرڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ آيو هيو. اهو رشتو اسان جي شخصي ويجهڙائپ کي ظاهر ڪري ٿو.

[b]منهنجي سٺوين سالگرهه- 2006ع
[/b]مان پنهنجي سٺوين سالگرهه 26 نومبر 2006ع تي ملهائي. 2006ع ۾ منهنجي عمر 59 سال ٿي پر ان تاريخ تي منهنجو 60هون جنم ڏينهن ٿيو. ان سالگرهه ملهائڻ جو مقصد اهو هو ته پاڻ کي به وارننگ ڏيان ته هاڻي مان 60 سال ۾ پير پاتو آهي ۽ ايندڙ سال جي 25 نومبر تي مان ريٽائرڊ ٿيندس.
59ع سال به ته گذري ويا. باقي هڪ سال اهو به گذري ويندو. مون ڳڻپ شروع ڪئي، 365 ڏينهن، 364 ڏينهن ان طرح مان پنهنجا معاملات نوڪريءَ ۾ سوڙها ڪرڻ شروع ڪيا. بدنصيبيءَ سان مان سٺو self organizer نه رهيو آهيان. نه جي پي فنڊ، نه پرسنل فائيل نه ٻيا ضروري ڪاغذ. ڪلچر کاتي ۾ مونکي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر شاهد اقبال ملي ويو. هو انهن معاملن ۾ ماهر آهي. هن منهنجو پرسنل فائيل ۽ جي پي فنڊ ۽ گريجوئٽيءَ جا ڪاغذ به درست ڪرائي ورتا. جيڪڏهن شاهد اقبال مڙسي نه ڪري ها ته منهنجي پينشن ۽ GP فنڊ ۽ گريجوئٽي رلي وڃي ها.
اهڙيءَ طرح منهنجي ترجيحات تي جيڪي سرڪار ڪم هئا. اهي به نڀائڻ شروع ڪيا. مثال طور: ADP ۾ ضروري اسڪيمون وجهڻ، شيخ اياز پروجيڪٽ جي پوئواري، اسي لک جيڪي ٽوئرزم جي عمارتن جي مرمت جي لاءِ حاصل ٿيا هئا، انهن کي انجنيئر جي معرفت استعمال ڪرڻ، اسان جي وزير صاحب جي سفاري پارڪ سکر جي اسڪيم کي دڳ لائڻ.