آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

2. آڪٽوبر 1968ع کان اپريل 1975ع

[b]فاريسٽ ڪاليج ۽ نوڪري
[/b]First Year جو امتحان پورو ٿيو. Inter جي پڙهائي شروع ٿي. فرسٽ ايئر جو Result آيو! منهنجو هڪ مضمون Math جو رهجي ويو. جيڪو مان ڄاڻي واڻي ڇڏي آيو هئس. ٻين چئن مضمونن ۾ 56% آيو. پرڪاش جو هڪ مضمون رهجي ويو. قمر به ٻوٽو نه ٻاريو. ساڳيو حال حيدرآباد ويل دوستن: الطاف ڀٽي، منظور سومري ۽ قربان سومري جو به ٿيو. منظور سومري اسان سان اچي داخلا ورتي. قربان Poly Technichal Collage لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي ۽ الطاف ڀٽي، حيدرآباد ۾ ئي آرٽس ۾ داخلا وڃي ورتي.
قمر الدينَ انقلابي پر مناسب فيصلو ڪيو! ويٽرنري ڪاليج ۾ گل محمد ۽ مستان علي سان وڃي داخلا ورتي، پر هڪ سال انهن کان Junior رهيو. پرڪاش ۽ مان جتي هئاسون اتي ئي رهياسون.
اسان جو ڪاليج ۾ داخلا کان پوءِ به رتيديري سان تعلق نه ٽُٽو. هر ڇنڇر، آچر تي رتيديري ايندا هئاسون. اتي جي دوستن سان والي بال ۽ ٻيون رانديون کيڏندا هئاسون. بزمِ ادب ۽ ڊرامن ۾ سائين امان علي، شمس الدين ابڙي ۽ رجب علي قادريءَ سان ساڳيو اٿڻ ويهڻ ٿيندو رهيو.
اهي ئي معمولات، اهي ئي رات ڏينهن، اهو ئي ڪاليج، اها ئي هاسٽل. ڪا به اهڙي غير معمولي ڳالهه ٻئي سال نه ٿي، جيڪا پهرين سال نه ٿي هجي. سواءِ ان جي، ته جيڪو جوش ڪاليج جي پهرين سال ۾ هيو، اهو ٻئي سال ۾ نه رهيو. اسان به پاڻ کي ڍلو پئي محسوس ڪيو. ڪجهه استاد بدلي ٿي ويا. ڪجهه ملڪ ۾ به اٿل پٿل ۽ سياسي گهوٽالو شروع ٿي ويو.
جون 1967ع ۾ اسان جي انٽر سائنس جو امتحان ختم ٿيو. منهنجي توقعات موجب نه ٿيو. ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ نتيجي جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئاسون. منهنجا خواب اهي ئي. ته Stipend کڻبي ته انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺبي. چئن سالن جو B.E جو ڪورس هيو. ان سال نئين ٽيڪنالاجي اليڪٽريڪل شامل ٿي هئي. منهنجو خيال هيو ته داخلا ٿي ته پو اها ئي ٽيڪنالاجي کڻبي. مون محسوس پئي ڪيو ته مان منزل ڏانهن ٻه سال اڳتي وڌيو آهيان، جتي آءٌ پنهنجي ڪهول جي مدد ڪري سگهيس پئي. عمر به هاڻي 19 سالن کان مٿي هئي.
رزلٽ آيو! ٺپَ ٺري ويا. مان ناپاس ٿيس. ٻه سبجيڪٽ رهجي ويا: Maths-II ۽ Chemistry-II. پهرين سال جي مئٿس مون کي کڻي لاٿو. ضرورت کان زياده خود اعتمادي ۽ بي پرواهيءَ مون کي ڀٽڪايو. گهر وارن ڪجهه نه چيو. ها، ايترو ضرور چيائون ته، “خير آهي، امتحانن ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي.”
ٻيا سڀ دوست به ناپاس ٿي پيا، سواءِ ڊاڪٽر پرڪاش جي. جنهن 2nd ڪلاس ۾ Inter پاس ڪئي. Percentage کانئس منهنجي وڌيڪ هئي. هو به ٻن مضمونن ۾ فيل ٿيو، پر کيس Condone ڪري پاس ڪيو ويو. مون کي fail ڪيو ويو. مان مٺائي کڻي پرڪاش وٽ ويس ۽ سندس وات مٺو ڪرايو.
ان ڏينهن کان منزل جي تلاش ۾ نئين سنئينءَ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي ۽ supplementary امتحان جي تياري شروع ڪئي. آخرڪار ٻئي مضمون clear ٿي ويا ۽ رزلٽ 57% آيو. سال بهرحال هليو ويو، ان سال مان انجنيئرنگ ۾ apply نه پئي ڪري سگهيس. B.A جو فارم ڀريو ۽ امتحان ڏنو ۽ 1968ع ۾ پارٽ- I پاس ڪيو.

[b]بي. اي
[/b]ويسٽ پاڪستان سرڪار، سائودرن ريجن (سنڌ) ۾ 7 پوسٽون رئنج فاريسٽ آفيسرن جون مقابلي لاءِ announce ڪيون. ياد رهي ته 1968ع ۾ سنڌ سابق سنڌ هوندي هئي.

[b]فاريسٽريءَ ۾ ڊپلوما
[/b]اهو ٻن سالن جو Diploma جو ڪورس هيو، جنهن کي upgrade ڪري B.Sc (forestry) ڪيو ويو. ان ڪورس جي پڙهائيءَ لاءِ پاڪستان ۾ صرف پشاور ۾ هڪڙو ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ هيو، جنهن جو Affiliation پشاور يونيورسٽيءَ سان هو. ڊگريون پشاور يونيورسٽي ڏيندي هئي. ان ۾ ٻه ٽي چڱيون ڳالهيون هيون. فاريسٽ ڪاليج ڇڏڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ گورنمينٽ ۾ R.F.O جي نوڪري جو 11 گريڊ ۾ آرڊر ملي ويندو هيو. ٻيو ته ڪورس دوران 150/= روپيه في مهينو Stipend به ملندي هئي.
1968ع ۾ اها رقم مناسب هئي، پر پوءِ به ضرورت پئجي ويندي هئي. ميس جو ۽ کيسي جو خرچ اسان پنهنجي طرفان ڪندا هئاسون. ٽيوشن في ۽ ڪتاب گورنمينٽ ڏيندي هئي. جنهن لاءِ اميدوارن کان پنجن سالن جي نوڪريءَ جو bond لکائي وٺندا هئا. ان ڪري ايتري مدت لاءِ ملازم، نوڪري ڪرڻ جو پابند هوندو هيو. بانڊ جي رقم 7000/= روپيه هئي.
مون اهو R.F.O جو امتحان ڏنو ته ٻئي طرف گهر وارن منهنجي شاديءَ جا گهنڊ وڄائڻ شروع ڪري ڏنا. مان پِڙُ ڪڍي بيٺس ته جيستائين نوڪريءَ تي نه چڙهندس، تيستائين شادي نه ڪندس.

[b]منهنجو مڱڻو، نڪاح
[/b]اڪيلو پٽ هئس. ظاهر آهي ان ڪري منهنجي مائٽن کي شاديءَ جي تڪڙ هئي. هڪ طرف گهر وارا، ٻئي طرف آءٌ. منهنجي ٿيڻ واري مڱيندي خورشيد منهنجي ماسات هئي. سندس والد جو نالو محمد هارون منگي ۽ والده جو نالو خيران (خيرالنساءُ) هيو. ماسي منهنجي ماءُ جي ماسات هئي، پر ڀينرن وانگر هيون. خيرو ديرو ۽ رتوديرو، هئا ته ڄڻ ڳنڍيل، پر سواري جي سهولت تڏهن گهٽ هئي.
خورشيد عمر جو اوائلي وقت سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ علي حسن منگي صاحب جي گهر ۾ پنهنجي پڦيءَ جي نظرداريءَ ۾ گذاريو. خورشيد جي پڦي، علي حسن منگي صاحب جي زال هئي. لاڏ ڪوڏ ۾ پلي. ميٽرڪ تائين اتي پڙهي ۽ پوءِ خيري ديري آئي.
اسان جو گهر ڄڻ سندس ٻيو گهر هيو. منهنجي هم عمر هئي. اڪثر اسان وٽ ايندي هئي ۽ هفتن جا هفتا رهي پئي هوندي هئي. ڄڻ گهر جو ڀاتي هجي.
1966ع ۾ جڏهن مان ٻارهين ڪلاس ۾ هيس ته سندس ماءُ (منهنجي ماسي) Breast cancer وگهي فوت ٿي وئي. خورشيد جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. منهنجي دل ۾ سندس لاءِ همدرديءَ جو احساس پيدا ٿيو. مون سوچيو ته مان سندس لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان! پر ڪجهه به ته نه پئي ڪري سگهيس. خورشيد جهڙي سهڻي ڇوڪري، اسان جي family ۾، نه اڳ پيدا ٿي هئي نه کانئس پوءِ پيدا ٿي.
جڏهن گهر وارن هن جي رشتي جي ڳالهه ڪئي ته مون کي سٺو ته لڳو، بلڪه تمام گهڻو سٺو لڳو. پر مان نوڪري ڪرڻ کان اڳ ۾ شادي نه ڪرڻ جي ضد تي قائم رهيس. حالانڪه ساڻس اڳ وارو همدرديءَ ڀريو احساس، محبت جي جذبي ۾ تبديل ٿي رهيو هيو.

[b]فاريسٽ ڪاليج ۾ داخلا
[/b]آخر طئي اهو ٿيو ته في الحال مان نڪاح ڪريان، شادي نوڪريءَ کان پوءِ. نڪاح جولاءِ 1968ع ۾ ٿي ويو. ان وقت منهنجي عمر 21 سالن کان گهٽ هئي. نڪاح ته ٿي ويو، باقي هئي رخصتي، پوءِ ٿيڻي هئي. R.F.O جي ٽيسٽ ڏنم، نتيجي جو انتظار هو. سيپٽمبر ۾ نتيجو آيو، مان چونڊجي ويس. انجنيئرنگ ڪاليج ۾ به سليڪشن ٿي وئي. مون کي R.F.O وارو آپشن بهتر لڳو. بسم الله ڪري 2 آڪٽوبر 1968ع تي ٻن سالن لاءِ فاريسٽري پڙهڻ لاءِ پشاور ۾ وڃي پهتس.
هڪڙو سڪيلڌو ٻار، ٻيو گهر کان هزار ميل دور، پر مون کي ڪا گهڻي ڏکيائي محسوس نه ٿي. منزل اڳيان هئي. رب راهه کولي وڌي هئي. اها پڪ هئي ته ڪورس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪريءَ سان وڃي لڳندس.
فاريسٽ ڪاليج جو ماحول منهنجي توقعات کان گهڻو بهتر هيو. پر سختي ۽ پابندي ڪيڊٽ ڪاليج وانگر هئي. صبح جو نماز مهل اٿبو هو، PT ڪبي هئي. تقريباً ٻه ميل Jogging. اڌ ڪلاڪ تيار ٿيڻ ۾ لڳندو هو، پوءِ ناشتو ڪبو ۽ سياري اونهاري سوا ستين بجي ڪلاس شروع ٿيندو هو، جيڪو هڪ بجي تائين هلندو هو. وچ ۾ پندرهن منٽن لاءِ چانهن جي ساهي. ڏيڍ بجي لنچ ڪبي. ساڍي چئين وڳي کان ڇهين وڳي راند ٿيندي هئي. 7:30 بجي کان 9:00 بجي تائين ڊنر. 10 بجي لائيٽ بند. ڪلاس جي پڙهائي ۽ فيلڊ ورڪ جو اهڙو سسٽم هيو، جو هوم ورڪ جو بوجهه محسوس نه ٿيندو هيو.
هر سيمسٽر کان پوءِ هفتو موڪل ملندي هئي، جنهن ۾ ڳوٺان به ٿي ايندو هوس. خورشيد جي ڳوٺ خيرو ديرو به ويندو هوس. سس سهري سان ملندو هوس، پر خورشيد سان گپ شپ، ملڻ ۽ ڏسڻ بند. وڏي جبر جا ڏينهن هئا. هوءَ ته در جي ڪنڊ پاسي کان ڏسي وٺندي هئي، پر مان محروم.
پاڪستان فاريسٽ ڪاليج، پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ جو حصو هيو. چار ڊويزن يا سرڪل ٻيا هيا، پنجون حصو فاريسٽ ڪاليج هيو. پاڪستان جي هائير ايڊيوڪيشن جو اهو وڏي ۾ وڏو ڪاليج ۽ فاريسٽ جي ريسرچ جو انسٽيٽيوٽ هيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ اهو انسٽيٽيوٽ دهرادون (ڀارت) ۾ هيو. پشاور ڪاليج ۾ هر ريجن پاران ضرورت پٽاندر پنهنجا ٽريني آفيسر (Trainee Officer) موڪليا ويندا هئا.
حيدرآباد سنڌ هڪ ريجن هئي، پنجاب ۾ ٻه ريجن، هڪ ملتان ۽ ٻي لاهور. بلوچستان هڪ ريجن، هڪ سرحد ۽ ٽرائيبل ايريا. فاريسٽ انسٽيٽيوٽ مان به DFO ۽ RFO جي لاءِ شاگرد ايندا هئا. DFO جي شاگردن جِي چونڊ پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي هئي.

[b]فاريسٽ انسٽيٽيوٽ پشاور
[/b]پشاور کان جمرود - لنڊي ڪوتل روڊ جي اتر ۾، پشاور يونيورسٽي آهي ۽ ان جي اتر ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي آهي. ان جي ڀر ۾، اوڀر ۾ پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ (PFI) آهي ۽ پاڪستان فاريسٽ ڪاليج (PFC) ان جو حصو آهي.
رستا ڪشادا، سڌا، وسيع ڇٻراٽا ۽ وڏا وڏا راند جا ميدان آهن. PFI ۾ گلابن جو پارڪ آهي، جيڪو مختلف قسمن جي گلابن تي مشتمل آهي. اهو پارڪ وڏي خوشيءَ ۽ راحت جو سبب هوندو هو.
PFC ۾ پڙهائڻ وارا به بنيادي طور اتان جا ئي پڙهيل هئا ۽ ڪي وري Phd به ڪري آيا هئا. ڪاليج جو هيڊ ’ڊائريڪٽر‘ ڪوٺبو هيو ۽ پڙهائڻ وارا Reader in Forestry ۽ Lecturer in forestry ڪوٺبا آهن. اهي به يا ته PFI جا ملازم هئا، يا انهن کي ٻين صوبن کان Deputation تي آندو ويندو هيو.
اسان جا ڪلاس 3 آڪٽوبر 1968ع کان شروع ٿيا. ڪل 24 شاگرد هئاسون. سنڌ مان 7، ملتان مان 5 ۽ لاهور مان 6. باقي سرحد مان 4 ۽ PFI مان ٻه آيل هئا. سنڌ مان اسان هيٺيان شاگرد RFO هئاسون:
(1) وارث (اورنگزيب شيخ)، جيڪب آباد
(2) افتخار آرائين، ميرپورخاص
(3) عبدالحڪيم بلوچ، دادو/ حيدرآباد (حڪيم جي دل ساڄي پاسي هئي.)
(4) صبغت الله انصاري، هالا واسي
(5) شاهه محمد انصاري، هالا واسي
(6) امير علي سولنگي، نوابشاهه/ نوشهروفيروز
(7) عبدالقادر منگي (آءٌ)، رتو ديرو (لاڙڪاڻو).
DFO ڪلاس ۾ سنڌ (حيدرآباد) مان هيٺيان آفيسر/ شاگرد هئا:
(1) عبدالرشيد کرل
(2) شوڪت علي آرائين، ۽
(3) اشفاق احمد.
ذهني طرح رشيد کرل، نسيم کرل (مشهور ڪهاڻيڪار) جو ڀاءُ اسان سڀني سنڌ وارن کي ڄڻ پنهنجو پنهنجو لڳندو هو. سندس اٿڻ ويهڻ به شاهاڻو هوندو هيو.
تيار ٿي، ناشتو ڪري، ڪاليج پهچندا هئاسين، پڙهائي ٿيندي هئي. پوءِ لائبريريءَ ۾ ويندا هئاسين. عمر جي ان عرصي تائين مون اهڙي لئبرري ڪونه ڏٺي هئي. سوا هڪ بجي موڪل جو وقت مقرر هو. Lunch ڪري 4:30 بجي راند لاءِ وڃبو هو. ڪرڪيٽ ۽ والي بال ته مان ڪندو هوس، باقي بئسڪيٽ بال، هاڪي ۽ فوٽ بال منهنجي لاءِ نيون رانديون هيون. بئڊمنٽن ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل ۾ کيڏندا هئاسون.
راند کان پوءِ ڊنر. ٿوري دير لاءِ TV lounge ۾ اخبار پڙهبي يا گپ شپ ڪبي هئي. 10 بجي لائيٽ آف. هر چئن شاگردن لاءِ هڪ waiter هوندو هيو. منهنجو ويٽر ”رشيد“ هيو. هو بنيادي طرح پوٺوهاري هيو. اردو، پنجابي، پشتو ۽ هندڪو ٻوليون ڳالهائيندو هيو.
ان دؤر ۾ پشاور ڪينٽ ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون هيون، جيڪي مون پهريون ڀيرو ڏٺيون.
آچر ڏينهن بس ۾ ڪلاڪ سوا ۾ لنڊي ڪوتل پهتاسون. اتي ته دنيا ئي اور هئي. پهريون وزٽ هو، سو مزو آيو. جپان جي KT-700 ڏاڍي مقبول هئي ۽ ٻيا رنگارنگي شيشي وارا چانهن جا رنگين ڪوپ ۽ ساسر وٺي واپس آياسون.

[b]پنجاب جو دورو
[/b]1969ع جنوريءَ ۾ اسان جو پنجاب جو فيلڊ ٽوئر شروع ٿيو. ٻيلا گهمايائون، ۽ ٻيلن جا قسم، وڻن جا قسم، انهن جي بيهڪ ۽ وڻن جي Ecology، موسم جو وڻن تي اثر، زمين جو اثر، سمنڊ کان اوچائيءَ جو اثر، چراگاهن (Ranges) ۽ انهن جو انتظام ۽ انهن تي جانورن پالڻ، گيم سينڪچري (Game sanctuaries) ڏٺا. اسان کي خاص طور ڇانگا مانگا ٻيلو ڏاڍو وڻيو. اهو ٻيلو به هيو، ته تفريحي ماڳ به. اتي اسان ڏاڍو مزو ورتو. ڍنڍون ڍورا، ٽرام گاڏي، شيشم (ٽالهيءَ) ۽ تُوت جا وڻ، انهن جي ڪٽائي، پوکائي ۽ نرسريون ڏٺيون سين.
1989ع ۾ ويهن سالن کان پوءِ اسان کي ڇانگا مانگا جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو، جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي وئي ته MNAs کي آڻي ڇانگا مانگا جي Rest House ۾ لڪايو/ قيد ڪيو ويو. هاڻي ته چون ٿا ته ڇانگا مانگا وڏي ترقي ڪري ويو آهي.
ڇانگا مانگا کان پوءِ لاهور جي ويجهو جلو (Jallo) ۾ Resin factory جو دورو ڪيوسون. دراصل اها ڪچي Resin جابلو علائقن ۾ ٿيندڙ Conifer وڻن مان نڪرندي آهي. انهي Resin کي فيڪٽريءَ ۾ تيار ڪري (process) رٻڙ ۽ ٻين شين جي ٺاهڻ ۾ ڪم آڻبو آهي.
لاهور جي دوري کان پوءِ ريل رستي چيچه وطني ٻيلو ڏسڻ آياسون. چيچه وطني، پاڪستان جي وڏين Plantation مان هڪ آهي، جتي شيشم (ٽالهيءَ) ۽ شهتوت (Mulberys)/ تُوت جي هٿرادو Plantation ٿيندي آهي.

[b]سنڌ جو دورو
[/b]چيچه وطنيءَ کان پوءِ اسان جي منزل سنڌ هئي. پهرئين سکر. سکر ۾ ٻه ڏينهن رهياسون. سکر جو مشهور ‘شاهه ٻيلو’ ڏٺو، جيڪو ڪچي ۾ آهي، پوءِ ڌاڙيل ته شاهه ٻيلي جا بادشاهه ٿي ويا. اتر سنڌ مان ماڻهو اغوا ٿيندو هيو ته ان جا پيرا شاهه ٻيلي ۾ ويندا هئا.
ايس ايس پي شبير شيخ سکر ۾ سٺو ڪم ڪيو. خاص طور شاهه ٻيلي مان ڌاڙيلن جو بنياد ۽ انهن جي اڏن جي پاڙ پٽي ڇڏيائين. اهو 2003ع کان 2005ع جو عرصو هيو. ان عرصي ۾ مان به ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (DCO) سکر هيس. ڊي سي شپ جو نئين نظام ۾ ڪرائيم ۽ law & order سان سڌو واسطو ڪونه هيو. پر اهڙي هر واقعي جي خبرچار ضرور وٺبي هئي. اسان سکر جو ٻن ڏينهن جو دورو پورو ڪري حيدرآباد آياسون. حيدرآباد، سنڌ ٻيلي کاتي جي آفيسن جو مرڪز آهي، جتي چيف ڪنزرويٽر جي آفيس آهي. اتي جو ڊي ايف او بشير آرائين اسان جو انچارج آفيسر هيو. هن هالا جو ڪچي جو ٻيلو ڏيکاريو. ان ٽوئر ۾ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪچي ۾ وڻ ٽڻ ڪيئن ٿا ٿين. ڪچي ۾ درياءَ جو پاڻي لهڻ کان پوءِ لئَو، باهڻ ۽ ٻٻر جا وڻ ٿين ٿا. مياڻيءَ جو ٻيلو به ڏيکاريو ويو. اتي plantation سان گڏ ٻيا پراجيڪٽ به هلن پيا، جنهن ۾ ماکيءَ جي پالنا به شامل آهي، جنهن کي Apeculture چيو وڃي ٿو. اها جڳهه به ڏٺيسون، جتي سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمرانن کي انگريزن شڪست ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1843ع ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي.
ٽن ڏينهن جي ترسڻ کان پوءِ حيدرآباد کي الوداع چئي، سنڌ جي سير جي آخري منزل، ڪراچيءَ پهتاسون. ان زماني ۾ (1969 ۾) ڪراچي راڄڌانيءَ جو هنڌ ڪونه هيو.
ٻئي ڏينهن تي اسان کي سامونڊي ٻيلو Costal Forest ڏيکاريو ويو. اسان لانچ تي ٻيلي جي جهُنڊن ۾ وياسون ۽ اتي ٻيلا ڏٺاسون. اهي ٻيلا صرف سمنڊ واري علائقي ۾ ٿين ٿا، انهن کي خاص قسم جي قدرتي ماحول جي ضرورت آهي. وڻن کي پاڙن سان گڏ Neumatophores به ٿين، جيڪي پاڙ جو حصو ٿين، پر پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل ٿيون رهن ۽ وڻن کي آڪسيجن مهيا ڪن ٿيون.
ڪراچيءَ جي سير سان اسان جو سنڌ ۽ پنجاب جو پروگرام پورو ٿيو ۽ اسان جو گروپ ساڳي شام بولان ميل ۾ ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿيو.

[b]بلوچستان[/b]
زيارت ۾ Juniper جا ٻيلا مشهور آهن. جيونيپر جي ڪاٺ مان پينسلون ٺهنديون آهن. زيارت قائداعظم جي آخري ڏينهن جي رهڻ جي ڪري ته مشهور آهي، پر هنن وڻن جي ڪري به ان علائقي جو وڏو نالو آهي. قائداعظم ان علائقي جي ريسٽ هائوس ۾ رهيو هو، ان ڪري ان کي Residancy ڪوٺيو وڃي ٿو. بلوچستان جو علائقو ٻين ٽن صوبن جي مقابلي ۾ گهڻو وسيع آهي. پر ايترو آباد ڪونهي. بارش گهٽ آهي، نهري پاڻي جو بندوبست به گهٽ آهي. تنهن ڪري صوبي جي معيشت جو گهڻو مدار جانور پالڻ تي آهي. اتي وسيع چراگاهه آهن ۽ جانور کلا ڍلا چرندي نظر آيا.
بلوچستان ۾ مستونگ جو اسان جو دؤرو ڏاڍو يادگار رهيو. اسان اتي چراگاهه ڏسڻ ويا هئاسون. جنهن ڪمري ۾ DFO مستونگ بريفنگ جو بندوبست ڪيو هيو، اهو شيشي جو ٺهيل هيو. ٻاهر جو نظارو ڏاڍو دلڪش هيو. جيئن بريفنگ شروع ٿي ته ٻاهر برف باري شروع ٿي وئي. ڄڻ قدرت کي اسان جي بريفنگ جو انتظار هيو. DFO پنهنجي موڊ ۾ ڳالهائي رهيو هيو، اسان سڀ ٻاهر نهاري رهيا هئاسون، جتي ڪپهه جا چاڻان آسمان مان زمين تي ڪري رهيا هئا. جڏهن هن اسان جي اها ڪيفيت ڏٺي ته بريفنگ بورڊ تان هٽي اسان سان ويهي رهيو ۽ ڪافيءَ سان گڏ سينڊوچ به گهرايائين. اهو لطف دير تائين حاصل ڪندا رهياسين. پر اسان جي ميزبان ڪم پورو ڪيو ۽ بلوچستان ۽ بلوچستان جي ٻيلي کاتي بابت ٻڌائيندو رهيو. آخر ۾ بلوچستان جي روايتي سجيءَ سان Lunch ڪرايائين.
ٻئي ڏينهن تي ڪوئيٽه ۾ ئي اسان کي ”ڪاريز“ سسٽم تي معلومات ڏني وئي. جابلو علائقن مان برسات جو پاڻي نئن مان نڪري هيٺ لهندو آهي ته انهن کي ڪاريز سسٽم سان Regulate ڪري آبپاشيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي. رات جو ڪوئٽه مان پشاور ريل جي رستي روانا ٿي وياسون.

[b]ڪجهه ڳالهيون ڪجهه يادون
[/b]مان اڃا فاريسٽ ڪاليج ۾ آيو ئي مس هيس ته ڪُکِ وٽ نهائينءَ جي سڄي پاسي کان سُور ٿي پيو. پهريان ته مون ان تي توجهه نه ڏنو. سوچيم ته پي ٽيءَ جي ڪري رڳن جو سُور هوندو. جڏهن سُور وڌي ويو ته ايگريڪلچر ڪالونيءَ ۾ ڊاڪٽر امان الله خان وٽ هليو ويس. پر ان وچ ۾ سُور هوندي به مان پي ٽي ۽ راند ڪندو رهيو هوس.
ڊاڪٽر چيڪ ڪيو، ته پريشان ٿي ويو. پڇيائين ته، ”ڪڏهن کان آهي؟“
چيم: ”چئن ڏينهن کان.“
چيائين ته ”بچي ويو آهين. تو کي Appendicitis (ننڍي آنڊي) جو سُور ٿو لڳي. ايتري وقت ۾ ته آنڊو ڦاٽي پوندو آهي.“ ليڊي ريڊنگ اسپتال ڏي موڪليائين. تيستائين آرام جو چيائين ۽ Buscopan compositum گوريون، سُور گهٽائڻ لاءِ ڏنائين.
ٻئي ڏينهن مان امير علي سولنگيءَ کي ساڻ ڪري اسپتال ويس. انهن ايڪسري ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪيون ۽ ڪنفرم ڪيو ته واقعي ڊاڪٽر امان الله خان جي چڪاس صحيح هئي. چيائون اڳ ۾ اچين ها ته آپريشن ڪيون ها، پر هاڻي لڳي ٿو ته خير ٿي ويو آهي. درد وڌي ته هڪدم ايمرجنسي ۾ هليا اچجو. مان سنڌي ماڻهو هن پرديس ۾ آپريشن جو ٻڌي پگهرجي ويس. واپس آيس، ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪيو، سڀ ٺيڪ ٿي ويو. اٺ ڏهه ڏينهن PT جي موڪل ملي وئي.

[b]زور جو روزو
[/b]پشتون ماڻهو روزي نماز جا ڏاڍا پابند ٿين. ڪي ماڻهو دنياداري ڪيئن به ڪندا هجن، جنهن ۾ سمگلنگ، هٿيار ٺاهڻ، وياج، ڪرائيم، جاسوسي، نفعو خوري يا ٻيون اهڙيون شيون ڀلي شامل هجن، پر روزو هر حال ۾ رکندا ۽ نماز به ضرور پڙهندا. اسان ڏٺو ته اسان جا ڪي ساٿي پٺاڻ Bathroom استعمال ڪرڻ کان پوءِ پاڻي گهٽ استعمال ڪندا هئا. صفائيءَ لاءِ اخبار يا ڪاغذ استعمال ڪندا هئا. نتيجو اهو هوندو هيو، جو Commode/ WC اڪثر بند ٿي ويندا هئا، ڪي سدورا ته مهينو مهينو تڙ به ڪونه ڪندا هئا. پاڻيءَ کان ائين وئون ويندا هئا، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. روزن جي مهيني ۾ اسان جو بورچيخانو سحريءَ کان پوءِ بند ٿي ويندو هيو ۽ افطاريءَ لاءِ کلندو هيو.
مون کي اچي اڻ تڻ ٿي ته اهو زور جو روزو ڪو روزو ٿيو ڇا؟ روزو رکو يا بک مرو ۽ روزو به مجبوريءَ وارو. مون پنهنجي ويٽر رشيد کي گهرايو ۽ کيس ٻڌايو ته زوريءَ وارو روزو نه رکندس، ڪو بندوبست ڪر. هاڻي ٽل اها بيٺي ته رشيد، افطاري منهنجي ڪمري ۾ رکي ويندو. اڌ افطاري مان ڪاليج وڃڻ وقت ناشتي تي کائيندس ۽ اڌ افطاري منجهند جو. ان نيڪ ڪم لاءِ هڪ جڏو سڏو هيٽر به هٿ ڪيوسين. حالانڪه هيٽر هلائڻ تي پابندي هئي.
پر منهنجو ڪم هلي پيو. خدا جي ٻين بندن کي منهنجي بندوبست جي خبر پئي ته گهڻا ئي همراهه اچي مون واري ان فارمولا تي لٿا. 24 شاگردن مان اڌ جيترا دوست اهڙي انتظام مان مستفيد ٿيڻ لڳا ۽ ائين خير سان رمضان شريف گذري ويو.

[b]جليبي ۽ پڪوڙا مهانگا پئجي ويا
[/b]رمضان شريف جي مهيني ۾ ئي هڪ دفعو لنڊي ڪوتل شاپنگ لاءِ وياسون. شاپنگ ڪندي ڪندي هڪ مٺائيءَ جي دڪان تي نظر پئي. مون سان شاهه محمد انصاري گڏ هيو، بک به ڏاڍي هئي. ويتر جو سموسا، پڪوڙا ۽ جليبي ڏٺم ته بک ويتر وڌي وئي. پڪوڙا ۽ جليبي ورتم، هڪڙو پڪوڙو وات ۾ وڌم. اوچتو هڪ لت منهنجي سيني تي اچي ٺڪاءُ ڪيو.
”خنزير! رمضان مين پکوڙه کهاتا هي.“
ساڳيو دڪان وارو هيو، جنهن مون کي پڪوڙا وڪڻي ڏنا هئا.
”ڇا ته دل ۾ دين جو جذبو آهي.“ پڪوڙا ۽ جليبي به ڪِري پيا، جيڪو پڪوڙو وات ۾ هيو، اهو به ڪِري پيو. شاهه محمد مون کي ٻانهن کان ڇڪي ٻئي پاسي وٺي ويو ته مبادا وڌيڪ گند نه ٿئي. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳم ته اسان مسلمانن کي ڪيترو نه مسلماني جذبو آهي، ۽ ايترو جو ڪنهن ٻئي کي به ڪجهه کائيندو ڏسي سهي نٿا سگهون.

[b]اداس شام ۽ امير علي
[/b]اونهاري ۾ اسان جي Study camp اڪثر گليات تي لڳندي هئي. جيڪا سمنڊ کان گهٽ ۾ گهٽ 7000 فوٽ مٿي هئي. نٿياگلي ۽ مريءَ جي وچ ۾ باڙا گلي آهي، جتي هيڊڪوارٽر هوندو هيو، پوءِ اتان ٻين پاسن ۾ وڃي ڪم ڪار ڪندا رهندا هئاسون.
Pine جا وڻ، ساوا ئي ساوا، ڏينهن جو ٿڌ ۽ رات جو ڏاڍي ٿڌ. ڪڪر اڪثر ڪري گهمندا ڦرندا اچي اسان جي ڪمرن ۾ داخل ٿي ويندا هئا. اڪثر برسات پئي پوندي هئي ۽ شام جو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو سڄي ماحول کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو.
شام جو ورانڊي ۾ ويهي اولهه طرف مُنهن ڪري، سج لهڻ ويل پهاڙيون ڳڻيندا هئاسون. ڌنڌ وڌيڪ هوندو هيو ته ٽڪريون گهٽ نظر اينديون هيون. آسمان صاف هوندو هيو ته وڌيڪ نظر اينديون هيون. اهو اهڙو نظارو آهي، جو ان کي بيان نٿو ڪري سگهجي. جنهن ڏٺو هوندو، صرف اهو ئي محسوس ڪري بي پايان مسرت حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن ڏهه ٽڪريون نظر اينديون هيون، ڪڏهن ست، ڪڏهن پنج ته ڪڏهن هڪ به نه. ڏهن کان وڌيڪ ٽڪريون ڪڏهن به نظر نه آيون.
اسان کي آچر ڏينهن ڪيمپ ڇڏڻ جي موڪل ملندي هئي. پر رات ٻاهر رهڻ جي اجازت ڪونه هئي. پوءِ ڪنهن آچر تي ڪوهه مريءَ ويندا هئاسون ته ڪنهن تي نٿيا گلي ۽ ڪڏهن ايبٽ آباد. رستا اڃا ايڏا سٺا ڪونه هئا، نه ٽريفڪ گهڻي هئي. اسلام آباد اڃا اڄوڪي اؤج تي ڪونه پهتو هيو. سو اسلام آباد تمام گهٽ وڃڻ ٿيو. منهنجو جوڙي وال امير علي سولنگي هيو. امير علي به مزيدار شخصيت جو مالڪ آ. الله کيس حياتي ڏئي، اڃا تائين ايئن ئي آهي، کيس اردو سمجهه ۾ گهٽ ايندي هئي ۽ ڪچهري ڪندي جڏهن اسان، ٽهڪ ڏيندا هئاسون، ته امير علي سولنگي به گڏ ٽهڪ ڏيندو هو، پوءِ جڏهن ٽهڪ ڏئي چپ ڪندا هئاسون ته مون کان وري ڪن ۾ پڇندو هيو ”ڇا لاءِ کلئه؟“ جڏهن مان کيس کلڻ جو سبب ٻڌائيندو هيس ته ”ٻوڙو ماڻهو ٻه ڀيرا ٻڌي“ واري چوڻيءَ جيان هُو وري به ٽهڪ ڏيندو هيو. ان دور ۾ هڪ گانو مشهور ٿيو هو: ”گنگارام کي سمجهه مين نه آئي.“ ان ئي گنگارام جي نالي پويان اسان کيس گنگارام سڏيندا هئاسون.
سو اهڙي هڪ خوبصورت، پر اداس ڇنڇر جي شام جو مان ۽ امير علي ويڳاڻيون ۽ رولاڪ ڪڪريون ڏسي واپس ڪمري ۾ آياسين. ايندڙ ڏينهن آچر جو هيو، پر افسوس اسان ٻئي ڪيمپ ۾ ئي رهنداسون. نه مري، نه ئي نٿياگلي وڃي سگهنداسون. ٻنهي جا منهن لٿل هئا. هن جا به کيسا خالي هئا ۽ منهنجا به. ڪي ٻه ٽي روپيه وڃي بچيا هئا. ٻيا دوست خوشي خوشي سان تيارين ۾ رڌل هئا. رات جي ماني کاڌيسون. افتخار آرائين ۽ وارث شيخ تاش ڪرڻ ويٺا. هنن دوستن امير ۽ مون کي به چيو ته اچو ته تاش ڪيون. اسان حساب ڪيو ته اسان وٽ ڇهه رپيه هئا. مان تاش ڪرڻ ويٺس. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ جڏهن راند بند ڪئيسون ته افتخار ۽ وارث جا کيسا خالي ٿي چڪا هئا. منهنجا کيسا ڀرجي ويا. مان ۽ امير صبح جو تيار ٿي مريءَ لاءِ نڪتاسون. شاپنگ ڪئيسين، مال روڊ جا چڪر ڪاٽيا. SAMS تي ماني کاڌي. Walking Stick سان ٽڪ ٽڪ ڪندا مال روڊ جي مٿانهينءَ تي ٺهيل جنرل پوسٽ آفيس جي ڏاڪڻ تي ويهي آئيس ڪريم کائڻ لڳاسون. هي واڪنگ اسٽڪس به ان ڏينهن ورتيون سين. پهاڙي علائقن ۾ هلڻ لاءِ اهڙي اسٽڪ جي ضرورت پوندي آهي. مريءَ ۾ اهڙيون قسمين قسمين جون اسٽڪس ملن ٿيون. ان اسٽڪ اسان سان نڀايو. جن کي ڪڏهن ڪڏهن ڏسي انهيءَ خوبصورت شام جون يادگيريون اينديون هيون.
سج لهڻ ويل اسان بس ۾ چڙهي باڙا گليءَ جي هيٺان، روڊ تي لٿاسون. پنهنجي ڪيمپ ڏي هلڻ لڳاسون ته هڪ پهاڙي ڇوڪرو رستي جي ڀرسان چوزا وڪڻڻ لاءِ کڻي بيٺل نظر آيو. هن وٽ چار چوزا هئا، آخر سودو نون رپين ۾ ٺهيو. اسان چوزا خريد ڪري ڪيمپ تي آياسون. پنهنجي هيڊ ڪوڪ خاقان کي چيو ته هي چوزا اسان کي Dinner تائين روسٽ ڪري ڏي. خاقان، ڏاڍو سٺو ڪڪ هيو ۽ ڏاڍو فرمانبردار. هن کي خرچي به ڏنيسون. پوءِ باقي پنجن ئي دوستن: وارث شيخ، افتخار آرائين، حڪيم بلوچ، شاهه انصاري ۽ صبغت انصاريءَ کي رات جي مانيءَ تي سڏيو سين. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي.

[b]ون يونٽ ٽُٽي پيو!
[/b]جنرل يحييٰ خان، آرمي چيف (Commander- in- Chief) ۽ پاڪستان جو صدر به ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به هيو. هن اهي سڀ چارجون 25 مارچ 1969 تي ايوب خان جي حڪم ۽ اعلان کان پوءِ سنڀاليون. جنرل يحييٰ وٽ اهي اختيار 20 ڊسمبر 1971ع تائين رهيا. جڏهن هن ڀُٽي صاحب کي صدر پاڪستان ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جا اختيار ڏنا. يحييٰ خان جي حڪومت ڇڏڻ کان پوءِ مٿس ڪافي ذاتي ۽ شخصي قسم جا الزام لڳا ته هو شرابي، زاني ۽ نالائق هيو. پاڪستان کي ٽوڙيائين. جنرل راني، ملڪه ترنم نورجهان، ايڪٽريس ترانه (جنهن کي پوءِ چوندا هئا ته تون هاڻي قومي ترانو ٿي وئي آهين) سان سندس اسڪينڊل مشهور ٿيا.
مون ڪافي آرمي آفيسرن جون آپ بيتيون پڙهيون آهن. انهن مان گهڻن تعريف ڪئي اٿس ته سٺو فوجي هيو. ذهين هيو، وطن دوست هيو، ايماندار هيو، وغيره وغيره. پر مون کي ڪجهه ٻيو چوڻو آهي. ايوب خان جي استعيفيٰ جا ڪيترائي سبب هئا، پر انهن مان هڪڙو هي به، ته هن تي سياسي دٻاءُ هيو ته هُو ون يونٽ ٽوڙي. Pressure ايترو هيو، جو لڳو پئي ته اهو ننڍن صوبن جي مقدر ۾ لکجي چڪو آهي ته ايوب خان هجي يا ڪو ٻيو ان کي ان وقت جي حالتن پٽاندڙ ون يونٽ ٽوڙڻو ئي پوندو.
ايوب خان ون يونٽ نه ٽوڙيو. استعيفيٰ ڏنائين، حڪومت آئين مطابق قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي ڏيڻ بدران آرمي چيف يحييٰ خان جي حوالي ڪيائين. يحييٰ خان جو اهو نيڪ ڪم هيو، جو هن پهرين جولاءِ 1970ع تي پراڻا صوبا بحال ڪري ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. آخر پهرين جولاءِ 1970 تي ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ جي ڳچيءَ مان اهو ڳٽ نڪتو. هرهڪ سنڌي خوش ٿيو ۽ پنهنجي نموني سان ان خوشيءَ جو اظهار ڪري، هن ڏينهن کي خوشيءَ جو ڏينهن ڪري ملهايو. سڀني سنڌ واسين ۽ سنڌين سان يڪجهتي جو اظهار به ڪيو ويو.
اسان جيڪي باڙا گلي جي ڪيمپ ۾ ننڍڙا پتڪڙا، نه شاگرد ۽ نه آفيسر هئاسون. انهن جي دل ۾ به ان خواهش ۽ خوشيءَ ڪَر موڙيو ته 30 جون 1970ع جو رات جو ٻارهين وڳي، پنهنجي حال سارو اهو ڏينهن ملهايون، پر اسان اهو سوچيو ته ان ڏينهن ۾ صرف سنڌي، نج سنڌي شريڪ ٿيندا.
اسان Ranger ڪلاس وارن ۾ افتخار آرائين هيو، ان کي ڪٽي ڇڏيوسون. DFO ڪلاس ۾ شوڪت آرائين ۽ اشفاق لاءِ اهو فيصلو آيو ته اهي آيا ته سنڌ مان آهن، سنڌي به سٺي ٿا ڳالهائين، پر سنڌي ناهن. تنهن ڪري DFO ڪلاس مان صرف رشيد کرل هڪڙو سنڌي آهي.
کرل صاحب نسيم کرل جو ڀاءُ، وڏو زميندار ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر وارو ۽ نيشنلسٽ هو. اسان اڳواڻيءَ جو پٽڪو مٿس رکيو. سنڌ مان ليڪچرارن جو هڪڙو جٿو ٽريننگ تي اتي آيل هو، انهن مان محبوب انصاري ۽ صدرالدين سومري کي دعوت موڪلي سين.
پروگرام اهو طئي ٿيو ته 12 بجي 30 جون 1970ع تي سڀ مٿيان دوست گڏ ٿينداسون، ماني کائينداسون. خوشي ظاهر ڪندي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيندا ۽ کلنداسون.
اسان جي ان غريباڻي پروگرام، ڪيمپ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. اسان فاريسٽ ڪاليج جي ڪرتا ڌرتا، ڊائريڪٽر فاريسٽ ايجوڪيشن، محترم ڊاڪٽر جي ايم خٽڪ (غوث محمد خٽڪ) کي به دعوتيو سي. جنهن جو ڊوميسائيل بلوچستان جو هيو، ۽ گهڻو عرصو امريڪا ۾ رهيو هيو، ۽ اسان سمجهندا هئاسون ته روشن خيال انسان آهي.
هن، اسان سنڌي شاگردن کي پهريان ته راڪيٽ (داٻا) ڏنا. توهان ڊسيپلين خراب ٿا ڪريو، صوبائيت ٿا پکيڙيو، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ مهاجرن جي وچ ۾ نفرت ٿا پيدا ڪريو. هيءَ ٻاراڻي نه ٿيندي.
ٻيلي کاتي جو Discipline به توبهه، جهڙو آرمي هجي. دراصل ٻيلي کاتي جي تاريخ ڳولهبي ته وڃي ملٽري ڪاليج سان ملي ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ انڊين فاريسٽ انسٽيٽيوٽ ۽ انڊين ملٽري اڪيڊمي (IMA) ديرا دون ۾ گڏوگڏ ٺهيل هئا. باس انگريز هئا. انهن هڪ ته ملٽريءَ وارو حساب ڪتاب رکيو، ٻيو مقامي (Native) آفيسرن کي صفا ڪٽ ڪري ڇڏيو ته جيئن نه ڪنڌ کڻن، نه وات کولين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻيلي کاتي جو ڪاليج پشاور ۾ آيو ته هتي به لڳ ڀڳ ساڳيو حال هيو.
اسان چيو ته، ”هي ننڍن صوبن وارن لاءِ، جنهن مان توهان (ڊاڪٽر خٽڪ) جو صوبو به اچي وڃي ٿو، تاريخي ڏينهن آهي. اسان ڪنهن جي خلاف ناهيون، جيڪي اسان جي خوشين جي خلاف آهن، اهي ئي تفرقو ڦهلائين ٿا. اڳ ۾ صوبا ڪونه هئا، هاڻي صوبا آهن. اها حقيقت آهي اسان کي ڪو به ان ڳالهه کان روڪي نٿو سگهي ته اسان سنڌي هئڻ تي فخر ڪرڻ جو اظهار ڪريون. اسان کي اڄ ڪير به روڪي نٿو سگهي.“ اسان جي اڳواڻي رشيد کرل صاحب ڪري رهيو هو. جڏهن خٽڪ صاحب اسان جون اکيون ڏٺيون ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو. پوءِ صلح صفائيءَ تي لهي آيو.
اسان ان ڳالهه تي راضي ٿياسون ته رات جو 8 وڳي دعوت ڪبي ۽ خيرا گليءَ ۾ ڪبي، جتي ٽرانسپورٽ ۽ اڪوموڊيشن وغيره جو بندوبست ڊائريڪٽر صاحب ڪندو.
پوءِ جڏهن اسان ست ڄڻا سنڌ جي نعرن سان ڪوسٽر ۾ چڙهي خيراگليءَ پهتاسون ته ايئن پئي لڳو ته سنڌ اجري ٿي پئي آهي. اسان سنڌ کان ٻاهر آهيون، پر سنڌ سان آهيون ۽ سنڌ ۾ آهيون. اسان ۾ سنڌ جو هڪ نئون روح ۽ نئون مستقبل ڪر موڙي رهيو آهي. اسان کي 30 سيپٽمبر 1970ع جو انتظار هيو، جو اسان Passing out کان پوءِ آرڊر وٺي سنڌ وڃون ۽ اتي خدمت ڪريون.
اسان کرل صاحب کي موڪليو ته خٽڪ صاحب کي سنڌين جي مهمان طور دعوت ڏئي، پر خٽڪ صاحب، ٿورن سان معذرت ڪئي. خٽڪ صاحب پاڻ پنهنجي ڪار ۾ اسان جي نظرداري ڪرڻ آيو هيو، ته ڪا Mis-hap نه ٿئي.
اسان جنهن سنڌ لاءِ دعائون ڪيون هيون، اميدون ڪيون هيون، آسرا رکيا هئا، اسان جي ايندڙ نسل ۽ اسان جي ليڊرن اسان کي اها سنڌ ڏني، جيڪا ون يونٽ ٽٽڻ جي 45 سالن کان پوءِ ڏسي رهيا آهيون!

[b]ذوالفقار علي ڀٽو ٽرسٽ جي اسڪالرشپ
[/b]ڏيڍ سؤ رپيه Sitpend ملندو هيو ۽ گهران به تقريباً ايترا ئي پيسا ايندا هئا، جنهن سان خرچ ڌڪجي ويندو هيو. پر جڏهن ٽوئر تي ويندا هئاسون ته هٿ جي تنگي محسوس ڪندا هئاسين.
1962ع ۾ لاڙڪاڻي شاهي بازار ۾ باهه لڳي، آمريڪا جيKennedy Foundation انهن دڪاندارن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪجهه پيسا ڏنا. شاهي بازار ته ٺهي وئي، پر ڀٽي صاحب بچيل پيسن مان Kennedy مارڪيٽ ٺهرائي. ان جي دڪانن جي انڪم سان Z.A. Bhutto Trust قائم ڪيو. جنهن ۾ بچيل پيسا به شامل ڪيا ويا. اهي پيسا ٽرسٽ پاران ضرورتمند ۽ لائق شاگردن تي اسڪالرشپ ۽ ٻين تعليمي مقصدن لاءِ خرچ ٿيندا هئا.
مون سوچيو ته مان به لائق شاگرد آهيان ۽ ضرورتمند به آهيان ۽ ميرٽ تي سنڌ کان پري پشاور ۾ تعليم وٺي رهيو آهيان.
پوءِ جڏهن موڪلن تي لاڙڪاڻي آيس ته، هڪڙي درخواست لکيم ۽ سڌو عبدالوحيد ڪٽپر صاحب وٽ هليو ويس، عبدالوحيد ڪٽپر صاحب وڪالت ڪندو هيو ۽ پهريون دفعو سياست ۾ داخل ٿيو هيو ۽ پ پ پ جو فائونڊر ميمبر هيو. هُو ڀُٽي صاحب جي شخصي دعوت تي پ پ پ ۾ شامل ٿيو هيو. کيس پ پ پ جو ضلعي صدر به ته Z.A. Bhutto Trust جو صدر به ڪيو ويو. ائين بعد ۾ جڏهن هو پارٽيءَ جو صوبائي صدر بڻيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ضلعي صدارت چاڪر علي خان جوڻيجي کي ملي.
مان ڪٽپر صاحب وٽ حاضر ٿيس، پنهنجو تعارف ڪرايم. ڪٽپر صاحب منهنجي والد صاحب ۽ مامي کي چڱيءَ طرح سڃاڻيندو هيو. بابا جي رحلت ٿي وئي هئي.
منهنجو احوال ٻڌي، مون کان درخواست وٺي پاڻ وٽ رکيائين ۽ چيائين ته “مان ڏسان ٿو.” مون وڌيڪ ڊيگهه ڪرڻ مناسب نه سمجهي ۽ هليو آيس. ڪٽپر صاحب لاءِ اهو به مشهور هيو ته ڏاڍو چيڙاڪ هيو ۽ گهڻي ڊيگهه برداشت نه ڪندو هيو.
منهنجي ضرورت 100 رپيا کن جي هئي. مون سمجهيو ته شايد درخواست منظور ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ 50 رپيه ته ضرور ملندا. ساڻس ملاقات کان پوءِ مون کي Trust جي طرفان خط مليو، جنهن ۾ لکيل هيو ته ٽرسٽ مهرباني ڪري منهنجي اسڪالرشپ منظور ڪئي آهي ۽ ايندڙ مهيني کان 30 (ٽيهه) رپيه منهنجي ڏنل اڪائونٽ نمبر ۾ ٽرانسفر ڪيا ويندا. سستائيءَ جو زمانو هيو، پر ٽيهه رپيه تمام گهٽ هئا. Professional ڪاليج جي وظيفي لاءِ سوچيم ته Regret with thanks ڪري ڇڏيان. پر پوءِ خيال آيو ته منهنجي ئي درخواست تي مون کي وظيفو مليو آهي. واپس ڪريان ته شايد رب پاڪ کي اها وڏائي نه وڻي. مان بسم الله ڪري ٽرسٽ کي مهربانيءَ جو خط لکيو. ايندڙ مهيني کان 30 رپيه في مهينو، جيترا مهينا مان ڪاليج ۾ هيس، مون کي ملندا رهيا. جڏهن منهنجو Passing out ٿيو ته مون هڪ ڀيرو ٻيهر ڪٽپر صاحب کي شڪر ادائيءَ جو خط لکيو ۽ گذارش ڪئي ته وڌيڪ وظيفو منهنجي اڪائونٽ ۾ نه موڪلين. پوءِ جڏهن لاڙڪاڻي ويس ته ڪٽپر صاحب سان روبرو به ملاقات ڪئي. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته مان پنهنجي امتحان ۾ پاس ٿيو آهيان ۽ مون کي نوڪري به ملي چڪي آهي. مان سرٽيفڪيٽ ۽ نوڪريءَ جو آرڊر به کڻي ويو هئس، جيڪو کيس ڏيکاريو. مون کي ويهاريائين ۽ حال احوال ڪيائين ۽ چانهن به پياريائين. ڪٽپر صاحب گهٽ ماڻهن کي چانهن آڇيندو هيو. مان 22-23 سالن جو سنهڙو ڇوڪرو هئس. کيس مهرباني چئي اجازت ورتي. زندگيءَ جي مختلف موڙن تي ڪٽپر صاحب سان ڪافي ملاقاتون ٿيون ۽ هڪ ٻئي لاءِ ٻه طرفو عزت ۽ احترام جو رشتو، سندس وفات تائين قائم رهيو.

[b]1970ع واري اليڪشن
[/b]فاريسٽ ڪاليج واري دؤر ۾ آءٌ پ پ پ جو هفتيوار رسالو ’نصرت‘ ڪاليج ۾ وي. پي ڪري گهرائيندو هوس. پ پ پ 1967ع ۾ ٺهي وئي هئي. ايوب خان جي استعيفيٰ کان پوءِ (25 مارچ 1969ع تائين) سياست زورن تي هئي. يحييٰ خان اليڪشن ڪرائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو هيو، جيڪا ڊسمبر 1970ع ۾ ٿي.
ان دور ۾ مان ڪاليج ۾ رسالو نصرت گهرائيندو هيس. ٻيا سنڌي دوست به اهو پڙهندا هئا، پنجاب جي دوستن مان خاص طور حبيب الرحمان جهنگ ضلعي وارو منهنجو وڌيڪ دوست ٿي ويو هو، اهو به پڙهندو هيو ۽ مون سان بحث ۽ تڪرار ڪندو هيو. اسان سڀ سنڌي مشهور ٿي وياسين ته ڀٽي صاحب کي پسند ڪندڙ آهيون. اهو سچ به هيو. اسان جي پنجاب وارن دوستن کي خبر ناهي اها ڳالهه، الائي ڇو نه وڻندي هئي.
چون پيا ته اها پهرين اليڪشن هوندي جيڪا عام ماڻهوءَ جي سوچ جي بنياد تي ٿيندي. ان وقت ته پنجاب جا دوست ڀٽي صاحب ۽ سندس پارٽيءَ جي خلاف لڳندا هئا، پر 1970ع واري اليڪشن ۾ کيس پنجاب وارن ئي کٽرايو.
ٻيا جيڪي رسالا پڙهڻ جو مون کي جنون هوندو هيو، اهي فلمي رسالا ’تصور‘ ۽ ’ڌنڪ‘ هوندا هئا. هر هفتي وٺندو هوس.
اسين ٻن مهينن لاءِ جڏهن اوڀر پاڪستان جي Study Tour تي وياسون ته اتي به اهو جنون گڏ هيو. صرف ڍاڪا ۾ هڪ بوڪ اسٽال تي اهو رسالو ملندو هيو، پوءِ جيڪڏهن ڍاڪا کان ٻاهر هوندا هئاسون ته ان اسٽال واري کي چئي ويندو هوس ته اهو رسالو ڌار ڪري رکي. واپسيءَ ۾ کانئس وٺندس. پوءِ ائين ئي ٿيندو هيو.

[b]ڀُٽي صاحب سان ملاقات
[/b]اليڪشن جو زمانو هيو. اسان به هاڻي ڪاليج ۾ هئاسون. سمجهه سان هئاسون. توڙي جو پروفيشنل ڪاليج سخت پابنديءَ وارو هيو، پر اها هليل هوا اسانجي ڪاليج ۽ هاسٽل ۾ پهچي اسان کي به آڪيسجن پهچائيندي هئي. ڀٽو صاحب اسان جي ڳوٺ جو هيو. سندس نالو تڏهن کان ٻڌندا هئاسون، جڏهن کان پاڻ دبنگ فارين منسٽر هيو ۽ اسان اڃا اسڪول جا شاگرد هئاسون. هينئر ته اسان سندس رسالو ’نصرت‘ به پڙهندا هئاسون. اسان جو ووٽ به داخل ٿي ويو هيو. سياسي بحث مباحثو به ڪري سگهندا هئاسون.
مئي 1970ع جي اليڪشن جي ورڪ جو زمانو هيو. مان به موڪل تي ڳوٺ رتيديري آيو هئس. ڀٽو صاحب انهن ڏينهن ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ طوفاني دورا ڪري رهيو هيو. اسان جي استاد شمس الدين ڪوڏراڻي ابڙي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب سندن ڳوٺ اچي رهيو آهي. سنگت سان مان به اتي پهچي ويس. ڀٽي صاحب سان ممتاز علي خان، سردار پير بخش خان ڀٽو، مولوي غلام يحييٰ ۽ ڪجهه ٻيا دوست به هئا. ساڻس هٿ ملايو، خير عافيت ڪئي سي. اليڪشن جي خبرچار ورتائون. دوستن منهنجو تعارف ڪرايو ته ڀٽو صاحب خوش ٿيو ۽ منهنجي طرف وڌيڪ ڌيان ڏنائين. پشاور جي سياست جو حال احوال ورتائين. وڌيڪ چيائين ته مان پشاور اچان ته ملجانءِ. جڏهن اٿيا ته مون فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ چيو. سڀ پوز ٺاهي بيٺاسون ته اسان جي دوست عبدالفتاح، جنهن وٽ ڪيميرا هئي. ان چيو ته رول ختم ٿي ويو آهي. ڀُٽي صاحب مسڪرائي منهنجي ڪلهي تي ٿپڪي ڏئي چيو ته ”ڪا ڳالهه ناهي. وري ٻئي دفعي.” پر بدنصيبيءَ سان ٻيو دفعو وري نه آيو.

[b]نوان تجربا
[/b]اسان جي دوستن جا به عجيب رنگ روپ هئا. وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي هئي. فاٽا جا، سرحد جا (جن ۾ سوات، صوابي، پشاور، چترال وغيره)، پنجاب جا (جن ۾ راولپنڊي، لاهور، جهلم، جهنگ، لائلپور، ملتان، صادق آباد وغيره) ۽ سنڌ جا (جيڪب آباد کان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص تائين) انهن ۾ شامل هئا. هر ڪنهن جو پنهنجو انداز، پنهنجي سوچ، پنهنجو ڪلچر هوندو هو. ٻه سال گڏ رهڻ، پڙهڻ، سفر ڪرڻ، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ، هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ، وڏو تجربو رهيو. ڪافي پرايوسون. جيڪڏهن وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ 16 ڪلاڪ گڏ گذاريندا هئاسون. خاص طور جڏهن Study Tour ٿيندا هئا ته تقريباً 24 ڪلاڪ ئي ڄڻ گڏ هوندا هئاسون. وڏا تماشا ٿيندا هئا. ڪي لکڻ جهڙا نه به آهن، پر هڪ ٻئي لاءِ سنگت جو يڪو ٻن سالن لاءِ Bond قائم ٿيو. اهو ساراهه جوڳو آهي.
اسان کي پهريون تجربو ته اهو ٿيو ته اسان کي اڪثر باٿ روم بند ملندا هئا. پوءِ کوج لڳايو ته خبر پئي ته مسئلو ڇا آهي. پوءِ انهن دوستن جي سڌي اڻ سڌي طرح تربيت ڪئيسين. صورتحال جلدي بهتر ٿي وئي.
فاٽا جي ڪن دوستن پهريون دفعو ريل گاڏي ڏٺي هئي ۽ ان ۾ چڙهيا به هئا. اسان جو دوست بختيار خان ته مزي جو هوندو هيو. جلدي جلدي چڙي پوندو هيو. پوءِ آهستي آهستي وڃي سندس ڪاوڙ جي عادت گهٽ ٿي. اسان پشاور ڪينٽ کان لاهور لاءِ عوامي ايڪسپريس ۾ پنهنجي پهرئين اسٽڊي ٽوئر لاءِ وڃي رهيا هئاسون. رات جو سفر هيو، Coupe ۾ سليپر گاڏن ۾ ڪي برٿ هيٺ هئا. ڪي مٿي هئا. فلور تي به بسترو لڳائي سمهي پيا. ملنگ بادشاهه هڪڙو اسان جو دوست فلور تي ستو پيو هيو ۽ بختيار خان مٿي سليپر تي سمهيل هيو. ٻنهي کونگهرا پئي هنيا. بختيار خان پاسو ورايو ۽ ٻٽڪو ڏئي ملنگ بادشاهه جي مٿان اچي ڪريو. بختيار خان سٻر ۽ ملنگ بادشاهه سنهڙو سيپڪ. جڏهن ڇهن فوٽن تان اچي ڪِريو ۽ ٻئي ننڊ ۾، ته اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملنگ بادشاهه جو ڇا حشر ٿيو هوندو. ان جو حشر جيڪو ٿيو سو ٿيو، رڙيون وري بختيار خان پئي ڪيون. سڄو گاڏو اڌ رات جو ميدان جنگ ٿي ويو. بختيار خان پريشان ته هن کي ڌڪو ڪنهن ڏنو!

[b]راجا ظريف
[/b]اسان جو پنجاب (راولپنڊيءَ) جو دوست راجا ظريف به نرالو ماڻهو. عاليشان خوبين جو مالڪ هو. راجا ظريف به حقيقت ۾ ڄڻ اداڪار منور ظريف هيو. اهڙو پل ڪونه هوندو هيو، جو راجا ظريف ڪو تماشو، ڪا مستي نه ڪندو هجي. قد جو 6 فوٽ 4 انچ، منهن جون هڏيون نڪتل، ٽنگون سنهيون، هو هڪ ٻرانگهه هڻي ته اسان ٻه هڻون. پهرين نمبر جو Aethlete هو.PT جي هن کي پرواهه ئي ڪونه. Basket Ball راند ۾ بيٺي بيٺي بال نيٽ ڪري ويندو هيو.
هر ماڻهوءَ سان کل ڀوڳ، ڪنهن کي سڏ ڪندو ته پهرين گار ڏيندس. پر هر ماڻهو کي ڏسي پوءِ ان جي مناسبت سان گار ڏيندو، متان ڪو وڙهي نه پويس. ڪاليج ۾ هر سال ميراٿن ريس ٿيندي هئي. 9 ڪلوميٽر تان سڀ ڊڪندا هئاسون. الائي ڪهڙي ضرورت هئي، پر شايد مليٽري اڪيڊمي جي بدعت پيل هئن. ٻن سالن ۾ ٻه دفعا 9 ڪلوميٽر اها ريس وڌ ۾ وڌ 50 منٽن ۾ ڪرڻي هوندي هئي. جيڪو ان کان وڌيڪ ٽائيم وٺندو هيو، اهو Disqualified ٿيندو هيو. ٻئي سال ميراٿن ريس ۾ راجا ظريف پهريون نمبر آيو.
رياض ۽ مسعود پرويز کي هڪ رات راجا ظريف چيو ته مون کي سؤ رپيه انعام ڏيو ته ورانڊي جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڪپڙا لاهي اگهاڙو ٿي Cat walk ڪري اچان. آخر اهو انعام 50 رپين ۾ طئي ٿيو. ڪجهه دوست به ڪمرن کان نڪري آيا. راجا صاحب ڏاڍي سڪون سان چڍي ۽ گنجي لاهي پنهنجي ڪلهي تي رکي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين الف اگهاڙي Cat walk ڪري 50 رپيه انعام کٽيو.
ٻئي ڏينهن راجا کي چيم ته ان بدتميزي جي ڪهڙي ضرورت هئي چيائين ته 50 رپين جي ضرورت هئي. الائي سچ الائي ڪوڙ، اهو هو راجا ظريف.
1992ع ڌاري جڏهن ٿر ۾ D.C هئس ته راجا آر ايف او (RFO) جي فيلڊ ٽريننگ لاءِ گروپ وٺي آيو. اسلام ڪوٽ ۾ انهن کي نمن جا وڻ ڏيکاريائين ۽ انهن لاءِ هنن کي ٻڌايائين. پوءِ مون وٽ اچي ماني کاڌائون. راجا جڏهن باٿ روم ۾ ويو ته مان سندس شاگردن کان پڇيو ته ڇا راجا اڄ ڪلهه گاريون ڏئي ٿو ته هنن کلي هائوڪار ڪئي.
مان وري ٻيو سوال ڪيو مانِِ، ته ڇا Cat walk ڪري ٿو ته هو هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا هئا.
مون اندازو لڳايو ته راجا ظريف سڌريو ته ڪونهي، پر وٽس پئسا جام ٿي ويا آهن، جو کيس 50 رپيه جي ضرورت نه ٿي پوي. پوءِ راجا جڏهن باٿ روم مان نڪتو ته کيس چيم ”راجا بیٹا لگ رہا ہے کہ تم آج کل خوش حال ہوگئے ہو“.
راجا ترنگ ۾ اچي شاگردن ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو.
”اوئی بھین۔۔۔۔۔۔۔۔ تم نے کچھ اسے بتایا ہے کیا؟“
ان کان پوءِ هن جي شاگردن ۽ منهنجو هڪ گڏيل ٽهڪ گونجيو هئو.
*
اسان جو ساٿي محمد اقبال خان ملتان جو هيو. جوانيءَ ۾ سندس وار اڇا ٿي ويا هئا. پنجاب جا دوست کيس چيڙائڻ واسطي ”چاچا اقبال“ چوندا هئا. پر هو ڏاڍو ڳنڀير ۽ خوش دل انسان هيو. آل رائونڊر هيو، پڙهڻ ۾ ته ڪنهن جو به مقابلو ساڻس ڪونه هيو. سڀني مضمونن ۾ اڳرو هوندو هيو. فائينل امتحان ۾ پهريون نمبر ۽ ڪيترن ئي سبجيڪٽن ۾ Distinction حاصل ڪيائين.
پهرين جنوري 1970ع تي جڏهن اسان بنگال (ايسٽ پاڪستان) جي اسٽڊي ٽوئر تي تقريباً ٻن مهينن لاءِ روانا ٿياسون ته اقبال CSS جي 70-1969ع جي امتحان لاءِ هت اولهه پاڪستان ۾ ئي ترسي پيو. لکت ۾ ته امتحان ڏنائين، پر بدنصيبيءَ سان ملڪ جي ويڙهه وارين حالتن سبب اهو امتحان رد ڪيو ويو.
پوءِ اقبال خان، فرسٽ ڪامن جو امتحان ڏنو ۽ سي ايس ايس ۾ ڪامياب ٿيو. سندس پوليس گروپ آيو ته ٻيلو کاتو ڇڏي ان ۾ شامل ٿي ويو.
ٻيو ملتان جو شاگرد محمد حفيظ الله خان هوندو هيو. باقاعده شرعي ڏاڙهي رکيل، پنج ئي وقت نماز ۽ روزي جو پابند. پر خشڪي ملان ڪونه هيو، دلچسپ ماڻهو هيو. شاهد باري ۽ محمد الياس به ملتان جا هئا. شاهد ڏاڍو تيز، پر الياس سادو سوڌو هيو. وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هيو. اسان جو گروپ جڏهن سکر آيو ۽ سکر درياهه ۾ کين انڌي ٻلهڻ (Indus Dolphin) جي متعلق ٻڌايو ويو، ته ان کان پوءِ الياس کي به ساٿي ڊولفن سڏڻ لڳا، ڇو ته هو به ٿڦ ٿڦ ڪري هلندو هيو.
*
اسان سنڌ وارا به سوکڙي هئاسون. هر ڪو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ ادارو هيو. محمد وارث شيخ (اورنگزيب شيخ) اسان جو هيرو هيو. انجنيئرنگ ڪاليج ڇڏي فاريسٽ ڪاليج اچي join ڪئي هئائين. سندس تجربو اسان سڀني کان وڌيڪ هيو. سندس والد برڪت الله شيخ صاحب جيڪب آباد ضلعي جو ADC/ADM رهيو هيو. وارث جا ٺٺ ٺانگر پنهنجا هئا. لٽي ڪپڙي، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن دوست تي رعب جهاڙي وٺندو هيو، تنهن ڪري هرڪو کانئس ونئون ويندو هيو. موڊ ۾ هوندو هو ته واهه واهه، نه ته مڙيئي ٿيا خير. مان وانگر ڊگهو، سنهو، وار کسيل، رنگ جو چٽو، پنجاب وارا دوست پڇندا هئا ته ”ڇا توهان ڀائر آهيو؟“
وارث، فاريسٽ ۾ نوڪريءَ مان جلدي KMC ۽ ٻين ادارن ۾ هليو ويو ۽ اتي نوڪري ڪيائين. مشهور شاعر شيخ اياز جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. فاريسٽ ڪاليج ۾ سندس ياري افتخار آرائينءَ سان هئي. افتخار آرائين، ميرپورخاص جو هيو. هئنڊسم ۽ ذهين. سڀني سان رهائي رسائيءَ وارو. ڪنهن کي به ناراض ۽ ناخوش نه ڪندو هيو. هئو ته آرائين، پر سنڌي اسان جهڙي صاف ڳالهائيندو هيو. هن ۾ سنڌي پنجابي وارو ساڙ ڪونه هو. منهنجو پيارو يار هو. سٺي مڇي مانيءَ واري گهراڻي جو هيو. ٺٺ سان رهندڙ، شوقين مڙس، سو جتي به بُل لڳو ”شوق“ پورو ڪندو هو.
سنڌ ۾ نوڪري ۾ اچڻ کان پوءِ ڳچ عرصو سکر ۾ DOLPHIN پروجيڪٽ تي رهيو. 1976ع ۾ CSS ۾ ويٺو ۽ فارين سروس ۾ چونڊجي ويو. اسان جي پنهنجي ساٿي امتياز قاضيءَ جو Batchmate هيو. ڪافي ملڪن ۾ نوڪري ڪندي، ڪنهن يورپيئن ملڪ جو سفير ٿي رٽائر ڪيائين. سندس گهر واري به Foreign office ۾ نوڪري ڪندي هئي. هاڻي ٻارن سوڌو اسلام آباد ۾ رهي ٿو. عبدالحڪيم (ورياماڻي) بلوچ: اصل ۾ بوبڪن (ضلعي دادو) جو هيو. سندس ڀاءُ استاد هيو، والد صاحب وفات ڪري ويو هوس. پاڻ ايگريڪلچرجي ٽئين سال ۾ هيو. انٽر سائنس جي Equivalent جي بنياد تي ڪامپٽيشن جي لاءِ ويٺو هيو ۽ چونڊجي ويو. سڄي سنڌ مان 7 شاگرد چونڊجي سگهيا هيا. امتحان، ڪميشن ته نه ورتو هيو، پر هيو ڪميشن جهڙو ئي سخت. سنڌ جو چيف ڪنزرويٽر محمد رفيع صاحب لاهور جو هيو ۽ ڏاڍو سخت هيو، ان سان ٽي ٻيا چيف ڪنزرويٽر امتحان لاءِ ويٺا هئا. ان بورڊ مکڻ مان وار ٿي ڪڍيو.
عمر ۾ به سڀني کان ننڍو حڪيم، ذهين، هينڊسم، ڊگهو ۽ سٺي شخصيت وارو، سڀني سان سڪ ۽ عزت سان هلڻ وارو هيو.
فاريسٽ ڪاليج مان نڪرڻ کان جلد ئي پوءِ CDA اسلام آباد ۾ بهتر پگهار ۽ نوڪريءَ تي هليو ويو. تعليم دوران هن جو عشق ڪنهن دولتمند ڇوڪريءَ سان ٿيو. نوڪري ملڻ کان پوءِ ان سان شادي ٿيس، جنهن کي به اسلام آباد وٺي ويو. اها ٻي ڳالهه آ ته ڪجهه سالن کان پوءِ اڻبڻت ٿيڻ تي ڇوڪريءَ ڇت تان ٽپو ڏنو ته هيٺيون ڌڙ سڪي ويس.
حڪيم ٻي شادي سعودي عرب ۾ ڪئي. شادي ڪري حيدرآباد اچي رهيو هيو ته سپر هاءِ وي تي سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ اسان جو هڪ پيارو ساٿي الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو.
هالا جا صبغت الله ۽ شاهه محمد انصاري، ٻئي سؤٽ هئا، پر سندن رنگ روپ، فطرت، طبيعت ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق هيو. شاهه محمد (جنهن کي اسان سڀ شاهه چوندا هئاسون) چپ ڀڪوڙي کلندو هيو. صبغت الله (کيس پيار مان صبغت سڏيندا هئاسون) جا ڏند نڪتل هئا، مٿان وڏو وات کولي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هيو. واڪ ۽ پي ٽي جا ٻئي سست، پڙهائيءَ ۾ پورا سارا، راندين ۾ صفا زيرو. باقي شاهه محمد شوقين مڙس. صبغت لٽي ڪپڙي جو شوقين. هٿ جو ڪشادو. ڳچ سالن کان پوءِ سونهاري ڇڏي اٿائين. نماز به پابنديءَ سان پڙهي پيو. رٽائر ڪيو اٿائين، هالا ۾ رهي ٿو. 22 نومبر 2015ع تي مخدوم محمد امين فهيم جي تعزيت لاءِ هالا ويس ته اتي ساڻس ملاقات ٿي. شاهه محمد 10 سال کن اڳ دل جو دورو پڻ سبب گذاري ويو آهي.
امير علي سولنگيءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي. اڃان تائين به منهنجو همدم ۽ يار آهي. نوشهري جي ننڍي ڳوٺ ڀورٽئي جو رهواسي. سندس ڳوٺ ”ڪچي“ ۾ آهي. درياهه ۽ ان کان بچاءَ لاءِ ڏنل بند جي وچ واري علائقي کي ”ڪچو“ سڏبو آهي. پوءِ سرڪار اهو بند ڪچي ۾ اندر سوريو ته سندس ڳوٺ پڪي ۾ اچي ويو. اڃا تائين رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به اتي ئي رهي ٿو. سندس ڪجهه ٻار ڀورٽئي ۾ ۽ ڪجهه سڪرنڊ ۾ سندس ڀاءُ عبداللطيف جي گهر ۾ رهن ٿا ۽ تعليم پرائين پيا.
عبداللطيف بئنڪ ۾ آفيسر هيو. هيءُ به ڀاءُ وانگر امير مڙس آهي. اهو به رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي سڪرنڊ ۾ رهي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هالا ويس ته مانجهاندو وٽن ئي ڪيم.
امير علي دلبر دوست، سڌو سادو، کرو، فاريسٽ آفيسر، پر اڃان تائين آهي ”گنگارام“. ٻيلي کاتي ۾ ڏاڍو ڪامياب رهيو. DFO ٿي رٽائر ڪيائين. راڄوڻي ماڻهو آهي. سڀني آفيسرن ۽ وڏيرن سان ٺهي نوڪري ڪيائين ۽ عزت ماڻيائين. پيسو ته ڪونه پر عزت جام ڪمايائين. پنهنجي راڄ جو، قوم جو مقامي چڱو مڙس آهي. فاريسٽ ڪاليج جي ٽريننگ دوران گڏگڏ رهياسون. نيڪ دل ۽ شريف انسان، برائي ۽ بدمعاشيءَ کان پاسيرو. دوستن جي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو. ٻيلن ۾ ڀٽي صاحب جا ڪيترائي ڪاميابي سان شڪار ڪرايائين. جتوئي صاحب ۽ سندس ٻئي ڀائر ته جهڙوڪ مٿس عاشق هوندا هئا. سندس وڏي عزت ڪندا هئا.
امير علي... جهڙو نالو اٿس، آهي به اهڙو ئي، دل جو امير ۽ بهادر. خدا کيس لائق ڀائرن ۽ اولاد سان سدا خوش ۽ سکيو رکي.

[b]فرنٽيئر فورس ۽ ملٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور
[/b]اسان جي ٻيلي کاتي جا دورا ته سڀ اهم رهيا. بلڪه هر ڏينهن اهم هيو. مان چئي چڪو آهيان ته استاد پڙهائي Practical سان ڪرائيندا هئا. اسان جا ٻه هفتا فرنٽيئر فورس (FF) جي اليڪٽريڪل ۽ مڪينيڪل انجنيئرنگ (EME) يونٽ ۾ پشاور ۾ گذريا. هن Unit اسان کي گاڏين، موٽرن، مشينن، بجليءَ جي سامان جي ڄاڻ ڏني. اها ٽريننگ ڪافي فائدي واري ثابت ٿي. ان سان گڏ اسان کي Rifle shooting Training به ڏنائون. چئن هفتن لاءِ اسان کي مليٽري ڪاليج آف انجنيئرنگ رسالپور ۾ رهايائون. رسالپور دراصل پاڪستان مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ويجهو آهي. هتي PMA ۾ نوجوان ڪيڊٽس کي آرمي ٽريننگ ڏني ويندي آهي. اسان به ان جي ڀرسان رسالپور ۾ ٽريننگ ورتي. جيئن نالي مان ظاهر آهي. اسان کي بنيادي طرح انجنيئرنگ جي تعليم ڏني وئي. اسان پنهنجي ڪاليج ۾ به Forest Engineering پڙهي هئي ۽ هتي ان جي Practical Training ورتيسون. انجنيئرنگ منهنجو وڻندڙ مضمون رهيو آهي. فاريسٽ ڪاليج ۾ به اسان جو استاد مشتاق صاحب ڏاڍو ڀائيندو هيو ۽ هت به ڪاليج انچارج Col. Safdar جي اک جو تارو هيس.
رسالپور ۾ اسان کي Improvised انجنيئرنگ سيکارڻ تي زور ڏنو ويو. مطلب اهو هيو ته جيڪڏهن پل، گهر يا ٻي اهڙي ڪا شئي ٺاهڻي هجي ته ان کي جهنگ ۾ يا آس پاس ۾ موجود سامان جي مدد سان ڪيئن ٺاهجي ۽ ڪهڙو سامان ڪيئن استعمال ڪجي. هي ڏاڍو دلچسپ مضمون هيو، جنهن تي آرمي اڪثر جنگن ۾ ڀاڙيندي آهي. ڪرنل صفدر ان ڏس ۾ اسان کي فلم Bridge on River Kiwai جو مثال ڏنو.

[b]بنگال جو دورو
[/b]پهرين جنوري 1970ع کان اسان جي ٽوئر جو اهم ترين پروگرام شروع ٿيو. خيبر ميل ريل، لاهور ريلوي اسٽيشن تي اسان کي لاٿو. اها رات اسان هوٽل تي گذاري. ٻئي ڏينهن اسان سڀ صبح جو full suit ۾ تيار ٿي لاهور ايئرپورٽ تي پهتاسون. سڀني شاگردن کي هڪ جهڙا فل سوٽ ڊارڪ گري رنگ ۾ پاتل هئا، جيئن ڪوسٽر مان ايئرپورٽ تي لٿاسون ته ماڻهو اسان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا. سڀ نوجوان سمارٽ، چمڪندڙ چهرا، مهذب، اسان وڃي ٽرائيڊنٽ جهاز ۾ چڙهياسين. هاڻي اهي جهاز ناپسند ۽ ناڪاره ٿي ويا آهن. جهاز ”ٽيڪ آف“ ڪيو. جهاز جو، منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون سفر هيو. اسان جو رخ هندستان طرف هيو. ڪجهه منٽن کان پوءِ جهاز جي ڪيپٽن اسان کي ڄاڻ ڏني ته اسان امرتسر جي مٿان اڏامي رهيا آهيون. پوءِ جڏهن ٻڌايائين ته اسان دهليءَ جي مٿان اڏامي رهيا آهيون ته اسان نعرا هنيا ته اسان هندستان جي راڄڌاني جي مٿان آهيون ۽ ائين ڪلڪتي کان ٿيندا تڏهوڪي ايسٽ پاڪستان، ۽ هاڻي جي بنگلاديش ۾ داخل ٿياسون. ڪيپٽن کي عرض ڪيوسين ته اسان کي ڍاڪا تيlow height تي چڪر ڏيار، هن مهرباني ڪئي. آسمان تان ڍاڪا ۽ اوڀر پاڪستان ڏسي ڏاڍا خوش ٿياسون. چوڌاري ساوڪ، پاڻي ۽ ڳتيل عمارتون نظر آيون. اسان جي ميزبانن اسان جو ڏاڍي اڪير سان آڌرڀاءُ ڪيو. ايتريقدر جو ايئرپورٽ تي ٻيا مسافر خاص طور بنگالي به اچي اسان سان مليا.
ويگن ۾ ويهي هوٽل لاءِ روانا ٿياسون. جنهن سواريءَ پهريون ڌيان ڇڪايو، اها سائيڪل رڪشا هئي. موٽر رڪشا نه جي برابر هئا، باقي عام سواري سائيڪل رڪشا هئي، جنهن کي گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ اڌ اگهاڙا جسم گهلي رهيا هئا. ڪيترا نٻل جسمن وارا ڊرائيور ته صحتمند سيٺين ۽ سندن زالن کي ڇڪيندا پئي ويا. جنوريءَ جي مهيني ۾ به پگهر ۾ شل، رڪشا جي ڇڪ ڇڪان، اهي رڪشا ويسٽ پاڪستان ۾ ته ڪونه آهن؟ مون پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو.
اسان هوٽل تي اچي Check in ڪيو. چانهن جو آرڊر ڏئي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي سوچڻ لڳس. خدا پاڪ اسان جي ملڪ تي ڪيترا نه احسان ڪيا آهن. ڪيترا وسيلا ۽ ڪيترا محنت ڪرڻ وارا انسان ڏنا آهن. پر ڇا غربت ۽ لاچاري اسان جي مقدر ۾ لکجي وئي آهي؟ خرابي ڪٿي آهي؟

[b]ڍاڪا شهر
[/b]اسان لنچ ڪري، ڍاڪا شهر جو نظارو ڪيو. خاص طور مسجد بيت المڪرم ڏٺي سون. ڏاڍي خوبصورت ۽ نئين Architecture جو نمونو هئي.
شهر، هوٽلن ۽ عمارتن جو جائزو ورتوسون. ماني اڪثر سرنهن جي تيل ۾ پچائي رهيا هئا. خاص طور تريل مڇي. اسان ڊالڊا ۽ سچي گيهه تي هريل. رڳو تيل ۾ تريل مڇي اسان لاڏلن کي اصل ئي نه پئي وڻي. گهڻو ڪري ته کاڌ خوراڪ ڀات ۽ دال يعني پٽڙي دال ۽ نرم چانور ۾ وجهي لپون ڀري پئي کاڌائون، جيڪا اسان جي سهپ کان ٻاهر هئي.
اسان چڪن روٽيءَ تي گذر پئي ڪيو. هتان جا ماڻهو oranges/ ڪنو ۽ موسمين جا شيدائي، جيئن اسان Pine Apple/ انناس جا. اسان انناس ڏاڍا کاڌا. ناريل جو پاڻي به خوب پيتو. ڪچي ناريل کي بنگال ۾ ”ڌاب“ پئي چيائون.
ٻئي ڏينهن تي نارائڻ گنج گهمڻ وياسون، جتي ننڍا وڏا steamer بيٺا هئا. انهن ۾ چڙهي بانس جا ٻيلا ڏٺاسون. هي ٻيلا به گهڻو ڪري قدرتي طور ٿين ۽ هڪ هڪ بانس جو لڪڙو 30- 40 فوٽ ڊگهو. انهن کي ڪٽجي ته وري ٻيهر پيدا ٿيو پون، ان کي coppicing چيو ويندو آهي. فاريسٽريءَ جي زبان ۾ اهڙا ڪارخانا به ڏٺاسون، جتي بانس کي مناسب سائيز ۾ ڪٽيائون پئي، انهن مان چِپ بورڊ ۽ ٻيو عمارتي سامان به تيار ٿيندو آهي. اتان جو Teak مشهور آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ساڳوان چيو ويندو آهي. ماٽيڪ ته مشهور آهي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان وٽ بنگال جو ٽيڪ استعمال ٿيڻ لڳو.
اسان جي شوقين دوستن ڍاڪا جي رنگين راتين مان خوب مزو ورتو.
ٻئي ڏينهن تي باڙيسال لاءِ روانا ٿياسون. Pakistan Eastern Railway (PER) ۾ اچي ويٺاسون. بوگيون اهڙيون ئي هيون جهڙيون هتي هيون. ريل اچي درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺي. چيائون ”لهو سامان لاهيو، Steamer ۾ ويهو.“ اهو به ايڏو وڏو جو ريل جا سڀ مسافر ان ۾ ماپي ويا. ٻن ٽن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ دريا جي ٻئي ڪناري پهتاسون. جتي به چيائون ته لهو، ٽپڙ لاهيو، ريل ۾ چڙهو. وري ٽپڙ ٽيشڻ تي. اچي ريل جي گاڏيءَ ۾ ويٺاسون ۽ خيرن سان اچي باڙيسال پهتاسون. ڇا ته منظر هئا، پر روڊ کٿل، ريل جو حال به پورو سارو.
باڙيسال چانهن جي باغن لاءِ مشهور آهي. ائين پئي لڳو ڄڻ فوٽ ڏيڍ جو ٿُلهو سائو غاليچو زمين تي وڇيل هجي. مايون چانهن چونڊي رهيون هيون. اسان رڳو فلمن ۾ ڏٺو هيو، پر روبرو ڏسڻ جو مزو ۽ منظر ئي نرالو هيو.
باڙيسال شهر، ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۽ سکيو ستابو شهر هيو. وڏا وڏا بانس ۽ Teak جا ٻيلا، سِڻي (Jute) جو فصل ۽ جيڏانهن به ڏسو رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي.
تعليم گهڻي، اسڪول جهجها. ٻار به انگريزيءَ ۾ ڳالهائين. امن امان جي صورتحال شاندار، باڙيسال، توڙي ڍاڪا ۾ رات جو به اسان ويسٽ پاڪستاني بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي گهمندا رهياسون. اهو جنوري 1970ع وارو سال هيو. اسان کي اتي فيبروري جي آخر تائين رهياسين. ڪنهن به قسم جو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو.

[b]شيخ مجيب جو جلسو
[/b]باڙيسال ۾ ئي هئاسون ته اتي مجيب الرحمان جو اليڪشن جلسو ٿيو. اسان به وڃي پهتاسون. تقريرون بنگالي ۾ هيون. پر اسين لهجي جي جوش خروش کي ۽ ماڻهن جي خوشيءَ کي محسوس ڪري پئي سگهياسون.
مجيب الرحمان جي تقرير کان پوءِ اسان ساڻس وڃي ملياسون. جڏهن هن کي ٻڌايو ته اسان ويسٽ پاڪستان کان آيا آهيون، ته چوڻ لڳو:
How did you find my country?
اسان چيو ته: It is beautiful
ان جي جواب ۾ چوڻ لڳو:
Have a look. You will never get a chance to see it again without passport.
اها هئي ان وقت به مجيب جي سوچ !

[b]چٽگانگ
[/b]باڙيسال کان اسان جو اڳيون سفر چٽاگانگ جو هيو. چٽاگانگ اوڀر پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ پورٽ آهي. چٽاگانگ جي دنيا ئي ٻي هئي. هر طرف سونهن سان ٽمٽار شهر، ان جي پنهنجي اهميت، حال چال ۽ رهڻي ڪهڻي هئي. سامونڊي بندر ۽ ڪئنٽومينٽ به هئي. 25 مارچ 1971ع تي جڏهن يحييٰ خان ايسٽ پاڪستان ۾ آرمي ايڪشن جو اعلان ڪيو ته ٻيا سڀ ليڊر ته لِڪي ويا. پر مجيب الرحمان کي پڪڙي ويسٽ پاڪستان کڻي آيا... ڪمال حسين به پوءِ پڪڙيو ويو. هو ويسٽ پاڪستان ۾ آندو ويو. ڪو وڏو ليڊر کليل رهنمائيءَ لاءِ ڪونه هيو. پهرين وڏي بغاوت چٽاگانگ ڇانوڻيءَ ۾ ٿي، جتي ميجر ضياءُ الرحمان پنهنجي ڪمانڊر کي قتل ڪري بغاوت ڪئي ۽ پهريون دفعو آزاد بنگلاديش جو ريڊيو تان اعلان ڪيو.
ضياءُ الرحمان، جيڪو مجيب جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ ڳچ عرصي تائين بنگلاديش جو صدر رهيو، ان جي قتل کان پوءِ سندس زال خالده ضياءُ وزيراعظم/ صدر رهي.
هن انقلاب کان تقريباً هڪ سال اڳ ۾ اسان ان خوبصورت ۽ خوشحال ۽ سرسبز چٽاگانگ ۾ هئاسون ۽ اسان پنهنجي ٽوئر مان بي انتها مزو پئي ورتو.
اتي اسان کي آدم جِي جوٽ مِل وارن ڊنر به کارائي. هر طرف روشني ئي روشني هئي. ماني کائڻ کان پوءِ شهر ۾ رات جو گهمڻ وياسون. هتي به ٻين وڏن شهرن وانگر ويچارين، سُڪل، ڳريل عورتن جو بالاخانو هيو. شوقينن جو ٽولو اوڏانهن نڪري ويو. اسان نئين مارڪيٽ Bipani Bitan وياسون. هر ڪنهن ان ڳالهه جي طنزيه انداز ۾ تعريف پئي ڪئي ته ايوب خان بنگال ۾ ٻيو ڪم ڪيو هجي يا نه، پر واهه جو مارڪيٽ ٺهرايو اٿائين. هن مارڪيٽ ۾ ست دروازا هئا ۽ هر دروازو هوبهو ٻئي وانگر. اسان ڪوشش ڪئي سين ته هڪ دروازي مان داخل ٿي ان مان ئي نڪرجي، پر اسان کي ناڪامي ٿي. مومل جي ڪاڪ محل وانگر هر پاسي ڀُول ڀُلئيان هيون.
ٻئي ڏينهن اسان ٽوئر تي ٽيڪ (Teak) فاريسٽ گهمڻ وياسون ۽ ڪجهه ڪارخانا ڏٺاسين. چٽگانگ سٺو انڊسٽريل اسٽيٽ به آهي ۽ جام ڪارخانا آهن، جن جو ڪچو مال به آسپاس جي ٻيلن مان ملي ٿو.
ان سان گڏ اسان کي ٻيڙين تي چٽگانگ جي پهاڙي علائقي ۾ وٺي ويا. جتي هزارين ايڪڙن تي پکڙيل بمبوءَ (بانس)جا وڏا ٻيلا هئا.

[b]چڪمه قبيلو- رانگامتي!
[/b]چڪمه قبيلي جي علائقي رانگامتي وياسون. اتي به ڇا ته منظر هيو. هي قبيلو راجا تريديوَ جي ٻُڌن (Budhists) جو هيو. ڄڻ چوٿين دنيا ۾ پهتا هئاسون. ڪُميون ۽ ڏيڏرن جو گوشت پيو وڪامي. ڪمين جا بيضا به موجود هئا. مارڪيٽ ۾ جيئن ئي اسان اڳتي وڌياسون ته سوئرن جو ڌڻ سامهون اسان جي طرف ڊڪندو نظر آيو. اسان وٺي ڀڳاسون. اسان جي گائيڊ اسان کي روڪي ٻڌايو ته اهي پاليل جانور (Pets) آهن، انهن کان ڀوءُ نه ڪيو. ٻڌايائون ته هتي انهن جو گوشت به کائين ۽ کير به پيئن. اسان کي مس وڃي ساهه ۾ ساهه پيو. گهرن ۾ مايون Topless رهن. اُرهن تي ڪپڙو ڪونه، هيٺ ننڍي چڍيءَ جيترو ڪپڙو ٻڌل. ڪم ڪار ان حالت ۾ ڪنديون وتن ۽ ڪا پرواهه ڪونه. اسان جي دوستن ته ڪيمرائن جا رول خالي ڪري ڇڏيا. ٻئي ڏينهن اسان چٽگانگ کان ڪرناڦلي ڊيم ۽ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو ڏسڻ وياسون. اهو پروجيڪٽ اٽلي حڪومت جو قائم ٿيل هيو، جنهن ۾ جيڪي بنگلا ۽ رهائشي ڪالونيون انهن ٺاهيون هيون، اهي به پاڪستان حڪومت کي ڏئي ويا.
ڪپتائي به هڪ خوبصورت تفريحي ماڳ هيو. مان ته ان جي سونهن ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. جتي ڪٿي پڪنڪ رزارٽس هئا، ڇوڪرا ڇوڪريون موٽر بوٽس ۾ هليا ٿي. اسان به Boating ڪندا ۽ enjoy ڪندا رهياسون. ڪپتائيءَ ۾ هڪ لوڪ ميلو به لڳل هيو، اهو به ڏٺوسون.

[b]ڪوميلا[/b]
پاڪستان اڪيڊمي آف رورل ڊولپمينٽ ڪوميلا، اسان جي اڳين منزل هئي. محترم اختر حميد خان، ان اڪيڊميءَ کي ’ڳوٺ سُڌار‘ جو هڪ ماڊل ٺاهي ڇڏيو هيو. اختر حميد خان ICs آفيسر هيو. هن غريب ماڻهن جي محبت ۾ استعيفيٰ ڏني ۽ ڳوٺ سڌار ۽ ٻهراڙين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ هو ڪراچيءَ آيو ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ڪچي آباديءَ جي بستيءَ ۾ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ (OPP) ۾ پنهنجي آخري عمر تائين ڪم ڪندو رهيو. اسان ڪوميلا ۾ ٻه ڏينهن رهياسون. خان صاحب جي پراجيڪٽ جي اسٽڊي ڪئي سون ۽ اتان کان پوءِ Cox’s Bazar روانا ٿياسون. اڪثر بنگالي خان صاحب جي ڪم کان خوش ڪونه هئا. هنن جو چوڻ هيو ته هو پاڪستان گورنمينٽ ۽ CIA جو ايجنٽ هيو ۽ بنگالين جي خلاف ڪم ڪري رهيو هيو. وڌيڪ علم الله کي!
Cox’s Bazar برما جي بارڊر سان Teknaf جي طرف کان آهي. هي Coastal زون هيو. ننڍو بندرگاهه به هيو. اتي جو سامونڊي ڪنارو به ڏاڍو خوبصورت هيو. هي علائقو اوڀر پاڪستان جي انتهائي ڏکڻ ۾ هيو. جنهن هوٽل ۾ رهياسون، اها cox’s bazaar جو وڏي ۾ وڏو هوٽل هيو. اسان ڏينهن جو چڪر چاڙي ڏئي فريش ٿي، رات جي ماني به اتي ريسٽورينٽ ۾ کاڌيسين. توڙي فبروري جو مهينو هيو، پر موسم ڪراچيءَ وانگر وڻندڙ هئي. ان هوٽل ۾ فلم ”چاند سورج“ جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، جنهن ۾ نديم، شبانه ۽ ٻيا اداڪار ڪم ڪري رهيا هئا. اسان کي خاص مهمان ڪري اتي جاءِ ڏني وئي ۽ اداڪارن سان اسان جو تعارف به ڪرايو ويو. هدايتڪار احتشام اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پڇيائين ته توهان مان ڪو فلم ۾ ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هجي ته ٻڌائي. پر ڪنهن به تعليم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجو رايو نه ڏيکاريو. اها شام يادگار گذري.

[b]کلنا ۽ سندربن
[/b]اسان ٻئي ڏينهن کلنا ۽ سندربن لاءِ روانا ٿياسون. اهو ئي ريل جو سفر، وري اسٽيمر. کلنا ۽ سندربن به انڊيا جي بارڊر سان آهن. ٻه ڏينهن کلنا ۾ رهياسون. ٻيلا گهمياسون، Forest based ڪارخانا ڏٺاسون ۽ پنهنجي Tour جي آخري ۽ خطرناڪ پر حيرت ۾ وجهندڙ منزل ڏانهن روانا ٿياسون. اها منزل هئي سندربن. گهڻن سببن جي ڪري واقعي سندربن سهڻو ٻيلو يا نرالو ٻيلو نظر آيو. بينگال ٽائيگر هتان جو مشهور آهي. جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسي اسان جي جسم ۾ ڏڪڻيءَ جي لهر، بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر گذري وئي.
اسان کي سندربن جي ٻيلي کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ اچي رهايائون. جنهن کي ريسٽ هائوس چوڻ ريسٽ هائوس جي بي عزتي آهي، پر هئي جاءِ پناهه! ڇا ته زندگي هئي. هڪ طرف ڍاڪا ۽ چٽگانگ جا هوٽل، ٻئي پاسي سندربن جون جهوپڙيون. جيڪڏهن هيڏانهن نه اچون ها ته اسان جو ٽوئر اڻپورو رهجي وڃي ها.
ٻئي ڏينهن پنهنجا ضروري سامان جا ٿيلها ۽ پاڻيءَ جون باٽلز کڻي، خاڪي ڪپڙا پائي نڪتاسون.
گائيڊ ٻڌايو ته اسان جتي آهيون، اهو هرڻن جو زون آهي. وڏي تعداد ۾ چٽڪمرا (Cheetal) هرڻ ڏٺاسون. اسان گائيڊ کي چيو ته ممڪن هجي ته ٽائيگر ڏيکار. هن چيو ته هن پاسي هلون ٿا، توهان جي نصيب ۾ هوندو ته نظر ايندو. توهان چپ رهجو ۽ ڌيان سان به.
ٻن ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ هڪ چيتو مفاصلي تان گذرندو نظر آيو، اسان هڪ ٻئي کي ٺونٺيون هڻي هوشيار ڪيو، پر جيئن چيتي تي نظر پئي اسان ايئن محسوس ڪيو ڄڻ بجليءَ جي تار ڪنهن هٿ تي رکي ڇڏي هجي. چيتو گذري ويو. اسان پڃرن ۾ ته گهڻا شينهن ڏٺا، پر هيئن آزاد بنگالي چيتو اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هيو. جنگِ آزاديءَ دؤران بنگلاديش ۾ به بنگالي اهڙا ئي آزاد ۽ بکيا چيتا ٿي پيا هئا، جن نيٺ آزادي ماڻي.

[b]تمر جا وڻ
[/b]تِمر جا وڻ ٻيلي ۾ جام ڏٺاسون، جهڙا ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقي ۾ آهن. هنن وڻن جي خوبصورتي اها آهي ته انهن وڻن جون پاڙون پاتال ۾ ڪونهن، پر ننڍين ڏيٽين وانگر پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل هونديون آهن. جيڪي ٻوٽي کي هوا مان آڪسيجن کڻي پهچائينديون آهن. پر سندربن جا ٻيلا ڪراچيءَ جي تمر وارن ٻيلن کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ گهاٽا آهن. اها رات به اسان اتي سندربن ۾ ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ گذاري. ٻئي ڏينهن کلنا کان ٿيندا ڍاڪا پهتاسون.
16 ڊسمبر 1971 وارو واقعو مون لاءِ وسرڻ جهڙو ناهي. ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته، اسان جي زندگيءَ ۾ ٻه واقعا وسرڻ جا ناهن. هڪ اوڀر پاڪستان جو ٽُٽڻ ۽ ٻيو 4 اپريل 1979، ڀُٽي صاحب جي شهادت.
اسان جڏهن اوڀر پاڪستان جي دوري تي هئاسون ته باڙيسال ۽ ٻيو ڪوميلا ۾ مجيب الرحمان جي جلسي ۾ وياسون. ڇا ته عوام هيو، ڇا ته مجيب جي تقرير هئي، ڇا ته ماڻهن جو جذبو هيو!
اوڀر پاڪستان جي Tour جون يادون ڄڻ منهنجي حياتيءَ جو هڪ اهم حصو آهن. ايڏين قربانين کان پوءِ بنگالين کي بنگلاديش مبارڪ، پر لکين بنگالين ۽ غير بنگالين جي ڪُسجڻ جا جيڪي خون جا ’داغ‘ آهن، خبر ناهي فيض صاحب جي لفظن ۾ اَلائي ڪيترن سالن کان پوءِ ڌوپبا!
ہم کہ ٹھرے اجنبی اتنی ملاقاتوں کے بعد
پھر بنیں گے آشنا کتنی مداراتوں کے بعد
کب نظر میں آئے گی بے داغ سبزے کی بہار
خون کے دھبُے دھلیں گے کتنی برساتوں کے بعد
تھے بہت بے درد لمحے ختمِ دردِ عشق کے
تھیں بہت بے مہر صبحیں مہرباں راتوں کے بعد
دل تو چاہا پر شکستِ دل نے مہلت ہی نہ دی
کچھ گلے شکوے بھی کر لیتے مناجاتوں کے بعد
ان سے جو کہنے گئے تھے فیض جاں صدقہ کئے
اَن کہی ہی رہ گئ وہ بات سب باتوں‌ کے بعد
منهنجي شديد خواهش رهي آهي ته مان بنگلاديش، آزاد بنگلاديش وڃان، پر اها اميد پوري نه ٿي سگهي آهي. اها ڪمي پوري ڪرڻ لاءِ مون لاتعداد Memoirs، بنگلاديش جي حوالي سان فوجين ۽ غير فوجين بنگالين ۽ پاڪستانين ۽ ٻين جا پڙهيا آهن.

[b]بنگالي سفير
[/b]1997 ۾ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ هيس ته بنگلاديش جو پاڪستان ۾ سفير هدا صاحب پنهنجن ٻارن ۽ گهرواريءَ سان موهن جو دڙو گهمڻ آيو هيو. هو لاڙڪاڻي ۾ منهنجو سرڪاري مهمان ٿي رهيو. ساڻس بنگلاديش جي ترقيءَ، طوفانن ۽ سياسي طوفانن تي اڪيچار ڳالهيون ڪيون ۽ انهن هنڌن ماڳن بابت پڻ، جيڪي آءٌ ڏسي آيو هئس. مون کي سرڪاري ۽ ذاتي دعوت ڏئي ويو هيو. پوءِ جڏهن هُو مون کان موهن جي دڙي ايئرپورٽ تي موڪلائي غاليچي پيل رستي تان گلابن جي خوبصورت ڪيارين جي وچ مان جهاز طرف وڌيو ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
ڪنهن پڇيو: ”اهو بنگالي مائٽ اٿوَ ڇا؟“
’ها پراڻو مائٽ آهي!‘ لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيا هئا. ڪڇي نه سگهيو هوس. نڙيءَ ۾ ڇيتيون چُڀي رهيون هيون.

[b]واپسي[/b]
ڍاڪا ۾ ٻه ڏينهن رهي ٽئين ڏينهن لاهور کان پشاور واپسي هئي، پر امير ۽ مون موڪل وٺي جهاز جي ٽڪيٽ ڪراچيءَ لاءِ ٺهرائي. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ روانا ٿياسون. ڪراچي ايئرپورٽ تي منهنجو دوست نسيم وٺڻ آيو هيو. نسيم اسان جو رتيديري ۾ ڪلاس فيلو هيو. هو فيمليءَ سان ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو هو. امير ايئرپورٽ کان ئي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن ڏي روانو ٿي ويو. مون کي نسيم، صدر ۾ فاروق ريسٽورنٽ ۾ ڊنر ڪرائي ۽ ڪراچي ڪينٽ تي بولان ميل ۾ لاڙڪاڻي لاءِ خدا حافظ چيو.

[b]ڪاغان ويلي
[/b]مارچ 1970ع تائين تقريباً ڏيڍ سال مصروف رهياسين. اسان جي ڪاليج جو باقي ڇهه مهينا ڪورس رهيل هيو. جنهن دوران هڪ ڀيرو ڳوٺ لاءِ موڪل ۽ working plan ۽ فيلڊ ۾ survey settlement جي ٽريننگ ڪرڻي هئي. ڏهن هفتن جون اهي ٻئي trainings مانسهره، ڳڙهي حبيب الله، ايبٽ آباد ۽ ڪاغان ويليءَ ۾ ٿيڻون هيون، جتي اڪثر Tents (تنبوئن) ۾ رهڻو هيو. اهو اسان جي ٽوئر جو سخت ۽ اهم ترين حصو هيو.
اسان چار هفتا ڳڙهي حبيب الله، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ۾ گذاريا، جتي سروي ۽ settlementڪيوسي. اسان ڪلاس روم ۾ ته اهي اوزار ڏٺا هئا ۽ theory پڙهي هئي، پر هت انهن کي عملي طرح استعمال ڪرڻو هيو. جڏهن آفيسر ٿجي ٿو ته اتي خودمختياري آهي. ڪو سمجهائڻ وارو ڪونهي. بلڪه اسٽاف جي رهنمائي ڪرڻي هوندي آهي. تنهن ڪري استاد جي موجودگيءَ ۽ رهنمائيءَ ۾ اهي مرحلا عملي طرح طئي ڪرڻا هئا. هن ٽريننگ، ٻيلي کاتي ۾ ته منهنجي مدد ڪئي، پر اها روينيو ڪم ۾ به ڏاڍي ڪارائتي ٿي. حالانڪه اها ساڳي تربيت روينيو ۾ به ڏني ويندي آهي. ان ۾ مان ٻين کان اڳڀرو ثابت ٿيس. هيءَ هندڪو جو علائقو ڇا ته سرسبز، خوبصورت ۽ آباد آهي.

[b]ورڪنگ پلان
[/b]هي پلان ٻيلن جي management جي لحاظ کان اهم هوندو آهي. ڪنهن به ٻيلي کي ڪيئن ڪارائتو بڻائجي ۽ ڪيئن ان مان صحيح لاڀ پرائجي. هر وڻ جي ڪٽڻ جي عمر کوجنا موجب طئي ٿيل آهي. ڪي وڻ 16 يا 15 سالن ۾ وڍبا ته ڪي اڌ صديءَ تائين به بيهاري ڇڏبا آهن. ٽالهي 15 يا ويهن سالن ۾، ديال 80 سالن ۾ وڍبو آهي. ان موجب ٻيلي جو هڪ ٽڪرو وڍبو آهي، ٻيو وچ تي هوندو آهي ته ٽيون وري پوکبو آهي. ان سڄي ڪم لاءِ ڇهه هفتا کن اسان ڪاغان ويليءَ ۾ گذاريا. ڇا ته علائقو آهي. اتي گهڻو ڪري اسين پنڌ هلياسون. سامان جيپن تي هوندو هو. جتي جيپ لاءِ رستو ڪونه هيو، اتي سامان خچرن تي رکيوسين.

[b]بابوسر پاس ۽ بابوسر ٽاپ
[/b]شوگران، ڪاغان، ناران، سيف الملوڪ ڍنڍ، بابوسر پاس ۽ بابوسر ٽاپ. بابوسر ٽاپ تي پنڌ وياسون. هت ڪو به وڻ ٽڻ نه ٿئي. سطح سمنڊ کان 13000 فوٽن کان به مٿي آهي. سيف الملوڪ ڍنڍ 10500 فوٽ ۽ ناران 8600 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿي آهن. ناران ۾ رهياسون، پوءِ ٻئي پاسي جيپن تي يا پنڌ وياسون.
ڪُنهار جي ڪناري تنبو لڳا. اونهاري جي موسم جي باوجود جون جولاءِ ۾ به هوا سرد هئي. ناران ۾ پهچڻ سان تنبو پاڻ لڳاياسون. ان جي چوڌاري کڏ (Trench) ٺاهڻي هئي ته جيئن برسات جو پاڻي اندر خيمي ۾ نه هليو اچي. تڙ ڪرڻ ۽ ٻي حاجت لاءِ الڳ خيما لڳل هئا. اسان پهرين رات اتي پهتاسون ته شاهه محمد ۽ صبغت الله جو تنبو تيز هوا جي ڪري اڏامي وڃي ڪُنهار ۾ ڪريو. هاڻي ٻيو وڌيڪ تنبو اڌ رات جو ڪٿان اچي. اها رات مسڪينن ڏاڍي ڏکي گذاري.
فيلڊ ٽريننگ پوري ٿي. پويان ٻه مهينا ڪاليج ۾ ۽ پشاور ۾ گذارياسين. دوستن ۽ مائٽن جيڪي سامان آڻڻ جون فرمائشون ڪيون هيون، اهي پوريون ڪيونسين. ساليانو امتحان به ٿيو ۽ اسان سڀ پاس ٿياسون. اسان کي سنڌ ۾ فاريسٽ رئنجر جو اتي ئي پاسنگ آئوٽ کان اڳ ۾ سکر سرڪل جو آرڊر مليو. مان آفيسر ٿي ويو هوس.

[b]پاسنگ آئوٽ
[/b]پاسنگ آئوٽ 30 سيپٽمبر 1970ع تي ٿي. صوبه سرحد جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل خواجه محمد اظهر هيو ۽ اسان جي Passing out جو مهمان خاص به اهو ئي هيو. هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب اسان جي پاسنگ آئوٽ جي ٿي. ٻن سالن جي محنت جو اجورو، اسان جو مستقبل اسان جي اندر ۾ ٽهڪ ڏئي رهيو هيو. اها ٻن سالن جي نه پر منهنجي 23 سالن جي محنت هئي. منهنجي ماءُ، زال ۽ ٻيا گهر وارا اکين ۾ خوشين جا خواب سجائي منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. ڳوٺ ۾ هڪ نئين خوشي ۽ نئين آئيندي جو تصور مون کي خوشين سان شادمان ڪري رهيو هيو. نئين زندگيءَ جي چانئٺ تي پير رکڻ وارو هيم، ۽ پوءِ وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت آئيندي جي تلاش ۾ ساهي پٽي، سفر جي شروعات ڪرڻي هئي.
ستاروں سے آگے جہاں اور بھی ہیں
ابھی عشق کے امتحاں اور بھی ہیں۔
پهرين آڪٽوبر تي عوامي ايڪسپريس ۾ چڙهي نئين منزل جي ڳولا ۾ نون جذبن سان ڳوٺ وڃڻ لاءِ روهڙيءَ روانو ٿيس.
روهڙيءَ اسٽيشن تي لهي سکر پهتس. ڪنزرويٽر فاريسٽ جي آفيس ۾ ڊيوٽي رپورٽ ڏني ۽ صاحب وٽ حاضر ٿيس. ڪنزرويٽر، جي ڊي ميمڻ هيو. امير ۽ صبغت به اتي ڊيوٽي رپورٽ ڪئي. مون کي DFO شڪارپور وٽ پوسٽ ڪيو ويو.

[b]کٽي آيو خير سان ....!
[/b]رتيديري ۾ خوشين جي شادمانن، ڀاڪرن، ڳراٽڙين، ٽهڪن ۽ ڳوڙهن سان استقبال ڪيو. مون بابا کي ڏاڍو Miss پئي ڪيو. هڪ ڇيت وانگر سندن ياد هر هر منهنجي دل ۾ چڀي رهي هئي. اندر ۾ هڪ سڏڪو اُڀريو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. پيار ۽ ڏک ڪنهن سان ونڊڻ مان ان جي رومانيت ئي ختم ٿي ويندي آهي. زندگيءَ جي وڏي حصي تائين ان تي عمل ڪندو رهيو آهيان.
گهر وارن جي چمين ۽ ڳوڙهن سان منهنجو منهن ئي ڌوپجي ويو. ان خوشيءَ جو امرت، زهر وانگر ڍڪ ڍڪ ڪري اندر ۾ اوتيندو رهيس. چپن تي اداس مرڪ ۽ اکين ۾ ترندڙ ڳوڙها. دل ڀرجي ڀرجي پئي آئي. ان ڪيفيت ۾ آواز بند. ڪڇڻ چاهيم، پر ڪڇي نه سگهيس.
شام جو دوستن سان ملاقات ٿي، وڏيون خوشيون وڏا ٽهڪ، اهي ئي ننڍيون ننڍيون Enjoyments. رتن مل جا پڪوڙا ۽ مٺائي. عبدالنبيءَ جو کير. سوڊا شربت. گوڙو مل جي دال. امن ملائيءَ واري جي لائي ۽ بهه. شام جو والي بال راند، ان ساڳيءَ ٽيم سان، جيڪا پشاور وڃڻ کان اڳ ۾ مون ٺاهي هئي.
3 آڪٽوبر، صبح جو نائين وڳي کان اڳ ۾ بي. اي فائنل (BA-II) جو پهريون پرچو ڏيڻ لاءِ پهتس.

[b]بي. اي فائنل
[/b]انٽر سائنس کان پوءِ 1967ع ۾ مون B.A جو فارم ڀرايو هيو ۽ 1968ع ۾ مون BA-I جو امتحان، پشاور وڃڻ کان اڳ ۾ ڏنو هيو. 1969ع ۾ امتحان BA-II جو نه ڏئي سگهيس. هن سال 1970ع ۾ بي. اي پاس ڪرڻ ضروري هيو نه ته وري ٻه سال ٻيا لڳي وڃن ها. مون تياري نه ڪئي هئي، پر پويان ٻه ٽي ڏينهن عقلمندي ۽ خبرداريءَ سان پڙهيو. مضمونن ۾ ٻه سنڌيءَ جا هئا: هڪ ڪمپلسري ۽ ٻيو Elective. انگريزي ڪمپلسري ۽ پوليٽيڪل سائنس. مون ڪاپي ڪرڻ ئي نه پئي چاهي. جيڪي گائيڊ بڪ پڙهيا، انهن مدد ڪئي ۽ مون B.A. Final سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. ان سال ئي مون (Political Science) ۾ ايم. اي خانگي شاگرد طور فارم ڀريو.

[b]آر ايف او جي نوڪريءَ جي شروعات
[/b]4 آڪٽوبر تي مون DFO شڪارپور (محترم نور الاسلام) وٽ رپورٽ ڪيو ۽ ڳڙهي ياسين نرسريءَ تي مون کي RFO (Attached) (ٽريني) لڳايو ويو. اتي RFO محمد رمضان ڀٽو هيو. RFO جو هيڊڪوارٽر ته انجنيئر بنگلن جي ويجهو ڳڙهي ياسين ۾ هيو، پر منهنجو هيڊڪوارٽر گولو دڙو جي مشهور ٻيلي ۾ هيو، جتي ڪنهن زماني ۾ عبدالرحمان (ڌاڙيل)، لول بروهي ڌاڙيل ۽ ڪجهه عرصو اڳ تائين شيرو بروهي، مامڪ بروهي، قادر بخش بروهي، شاهنواز عرف جهنڊي بروهي ۽ نظرو ناريجو ڌاڙيل رهندا هئا. نظروءَ کي ويجهڙائيءَ ۾ سکر جي SSP تنيي مقابلي ۾ ماريو هيو.
آءٌ هر صبح جو اٺين بجي گهران رتيديري مان نڪرندو هوس. منهنجي سائيڪل ڳڙهي ياسين ۾ بس اسٽاپ تي رکيل هوندي هئي. اها کڻي ڇهه ميل ان جا پيڊل هڻندو اچي ٻيلي ۾ پهچندو هوس. واپسيءَ ۾ به سائيڪل تي ڇهه ميل سفر ڪري واپس هوٽل تي سائيڪل رکي، بس ۾ روانو ٿبو هو. 3-4 بجي گهر پهچندو هوس. ماني کائي آرام ڪبو هيو. اهو قصو 8-6 مهينا هليو. جيستائين منهنجي بدلي سکر ٿي. سکر ۾ RFO محڪم الدين قاسمي صاحب هيو، جيڪو سائين ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي سکر واري جو ڀاءُ ۽ وڏو دبنگ آفيسر هيو. ايئن سمجهبو ته ٻيلي کاتي جو چوٿون پائو هو. ٽريننگ پوري ٿي ته 1972ع ۾ منهنجي پوسٽنگ ورڪنگ پلان ڊويزن شڪارپور ۾ ٿي. جتي ڊاڪٽر انور پراچه جو ڀاءُ دوست محمد پراچه DFO هيو. اسان کيس DM پراچه چوندا هئاسون ته همراهه خوش ٿيندو هيو. DM/ District Magistrate جو لفظ کيس ڏاڍو وڻندو هيو. جڏهن اسان جو ڪو ڪم نه ڪندو هيو ته اسان کيس چوندا هئاسون ته سائين توهان ڊسٽرڪٽ مئنيجر SRTC آهيو. ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ناهيو! چوندو هيو بدمعاشو! اڄ وري اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي... ڏاڍو پيارو ماڻهو هيو.

[b]شادي خانه آبادي
[/b]27 ڊسمبر 1970ع تي منهنجي شادي ٿي وئي. نڪاح ته اڳ ۾ جولاءِ/ آگسٽ 1968ع ۾ ئي ٿي ويو هيو. شادي يا رخصتي هاڻي ٿي. اهو اڍائي سالن جو عرصو يقيناً اسان ٻنهي زال مڙسن جي زندگيءَ ۾ جبل جيڏو عرصو هيو. نڪاح/ مڱڻي وقت سڪ ۽ پيار هو، ان عرصي ۾ اهو وڌي وڻ ٿي ويو هو.
سچ ته مان خورشيد (پنهنجي گهر واريءَ) کي ان عرصي ۾ ڏاڍو ياد (miss) ڪيو. ايئن پئي لڳو، ڄڻ هن جي سڪ جو هر پل منهنجي وجود ۾ وڌيڪ شاخون ڪڍندو پئي ويو. جڏهن آءٌ واپس پهچي نوڪريءَ تي لڳس، ته اهو پيار وڌي بَڙَ جو وڏو وڻ ٿي ويو. جنهن جون شاخون اُڀ ۾ به هيون ته پاتال ۾ به.
منهنجي شاديءَ جي وليمي ۾ شهر جي معززين، استادن ۽ دوستن شرڪت ڪئي. پرڪاش کٽواڻي، منهنجي پرائمري اسڪول جو دوست، ان وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو (LMC) ۾ بي ڊي ايس (BDS) بيچلر آف ڊينٽل سرجريءَ جي ٽئين سال ۾ پڙهي رهيو هو. هن جا امتحان هلي رهيا هئا. پر هو امتحانن جي وچ مان ريل ۾ چڙهيو. پڙهندو آيو ۽ وليمي ۾ شامل ٿي وري ريل ۾ پڙهندو وڃي امتحان ڏنائين. مان سندس اڄ تائين ٿورائتو آهيان.
وليمي واري رات مان پرڪاش جي گهر ويس ته کيس ساڻ وٺي اچان. هو ۽ سندس پيءُ سخاوت راءِ پِي رهيا هئا! مون کي حيرت ٿي. شراب مون پهريون دفعو اکين سان ڏٺو هيو. فلمن ۽ خوابن ۾ ته اڪثر ڏسندو رهندو هيس. ناولن ۾ به پڙهندو رهندو هيس ۽ ان جي اثر ۽ مزي جو به خيالي مزو وٺندو رهندو هيس. ايستائين جو ڪجهه وقت کان اها ڇوڪري اچي مون کي ‘پياري’ ويندي هئي خوابن ۾! جنهن سان مون پهريون پيار ڪيو آهي!

[b]خواب ۾ پيئڻ
[/b]اڪثر خواب ۾ ڏسندو هيس ته هوءَ آسمان تان ڪڪرن مان اڏامندي، زمين تي لهندي ٿي اچي، جتي مان سندس انتظار ۾ هٿ اُڀا ڪري کيس ڪنڌ مٿي ڪري، واجهائيندو رهندو هيس. هوءَ زمين تي لهي منهنجي ڀاڪر ۾ ايندي هئي، هڪ جام مون کي ڏئي چوندي هئي ”پِيءُ“! مان اهو جام سپ سپ ڪري پيئندو هيس ۽ ان جام جو مزو رڳن ۽ روح ۾ لهندو محسوس ڪندو هيس. جيستائين اهو جام پورو ڪندو هيس، تيستائين هوءَ منهنجي آغوش ۾ هوندي هئي! ان کان پوءِ جنهن رنگ ڍنگ سان ايندي هئي، ان رنگ ڍنگ سان ڪڪرن جي پار، ڪنهن پريءَ، ڪنهن حور وانگر آهستي آهستي آسمان ۾ هلي ويندي هئي. جڏهن ان رات جو صبح ٿيندو هيو ته مان ان جام جو سرور پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪندو هيس.
‘عبدالقادر! ڍُڪ وٺ!’ پرڪاش جي پيءُ جو آواز آيو. مون هڪ ڍڪ ڀريو! بي لذت ۽ ڪوڙو شراب! مان وڌيڪ نه پي سگهيس. ”هيءُ اهڙو شراب ته ناهي، جيڪو هوءَ پيئاريندي آهي.“ ان کانپوءِ هوءَ ڪڏهن به جام کڻي مون کي خوابن ۾ پيارڻ نه آئي. شايد ڪاوڙ جي وئي هئي، اڄ تائين وري ائين، پيئاريو اٿائين، جيئن پيئاريندي هئي.

[b]ٻيلي کاتي ۾ نوڪريءَ جو ماحول
[/b]ون يونٽ ته ٽُٽو، پر ان سان جيڪي انتظامي مسئلا اٿيا، انهن نوڪريءَ ۾ آيل اسان نوَن رنگروٽن کي پريشان ڪري وڌو. ٻاهرين صوبن مان آيل آفيسرن کي هڪدم واپس پنهنجن صوبن ڏانهن موڪلڻو يا اضافي پُولَ ۾ رکڻو هو. سنڌ جي چيف ڪنزرويٽر/ سيڪريٽري ٻيلي کاتي، W.A.Kirmani صاحب اهو مناسب سمجهيو ته ٻاهرين آفيسرن کي جولاءِ 1970ع کان پوءِ به سنڌ ۾ مزا وٺڻ ڏنا وڃن ۽ اسان نون آفيسرن کي نوڪريءَ مان اضافي پُول ۾ وجهي جهٽڪو ڏين. ائين پئي چيائون ته هي جونيئر آهن، سو انهن کي سرپلس پول ۾ موڪليو. اسان جون ته وايون بتال ٿي ويون. خبر نه ٿي پئي ته هاڻي اسان جو آئيندو ڇا ٿيندو. آٿت ۽ دلجاءِ ڏيڻ وارو ڪو به ڪونه هيو. آسمان مان ڪرياسون، پر کجيءَ ۾ اچي اٽڪي پياسون. اهو عرصو مهينن تائين هليو. مان گهر ويهي رهيس. 275/= رپيه پگهار ملندو رهيو. ڪورٽ ۾ وياسون، رحيم بخش اعواڻ جي ڀاءُ امداد اعواڻ صاحب کي وڪيل ڪيوسون، جنهن اسان جو ڪيس وڙهيو. کيس في به ڪافي عرصي کان پوءِ ڏني. محمد صالح ڪوريجي صاحب جهڙي سنڌ دوست آفيسر ۽ خود ممتاز ڀُٽي صاحب پڻ ڪرماني جهڙن پنجاب/ مهاجر دوست آفيسرن جي هڪ هلڻ نه ڏني. انهن سڀني آفيسرن کي 31 ڊسمبر 1972ع تائين سنڌ ڇڏڻ جو آخري حڪم ملي ويو، تنهن هوندي به سنڌي آفيسرن کي نوڪريءَ تي لڳڻ ۾ وڌيڪ ڳچ مهينا لڳي ويا، جنهن جو مون کي پڻ تجربو ٿيو.
فيبروري 1973ع ۾ منهنجي پوسٽنگ نئين پيدا ڪيل جروار رئنج (تعلقه ميرپور ماٿيلو) ۾ ٿي، پر مون کي ان جي چارج 15 مارچ تي ملي. تيستائين مان ميرپور ماٿيلي ۾ رحيم بخش شيخ جو مهمان ٿي رهيو پيو هوس. مون کي سرور آرائين DFO چوندو رهيو ته توهان ترسو، چيف ڪنزرويٽر ٽوئر ڪري وڃي ته توهان چارج وٺجو. اهو انتظار ڊگهو ٿي ويو. مان اڻ ڄاڻ، هنن جي نيتن کان بي خبر رهيس. ڪرماني صاحب ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ٿي ويو هيو ۽ محمد صالح ڪوريجو سي سي ايف ۽ اسحاق شيخ صاحب CF ٿيا هئا. شيخ صاحب به هيو ته سنڌي، پر ڇا ڪري. ڪرماني صاحب جي سَٽَ ڪير سهي. اهو ڪوريجو صاحب هيو، جنهن انهن ڳالهين کي منهن پئي ڏنو. آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن CF, CCF ۽ DFO جروار ٻيلو گهمڻ آيا. جروار ٻيلي جي ايراضي 2900 ايڪڙ هئي ۽ سڄو ڪٽيل هيو. ان ايراضي ۾ RFO رانا اسلم (پنجابي) اتي ترقياتي ڪم ڪرايا هئا ۽ جيڪي ڪم نه به ڪرايا هئا، ان جا پئسا به کائي کپائي ويو هيو. ٻيلي کاتي جي آفيسرن جو کاٽائو پٽ هيو.
ان گشت ۾ راڻا اسلم به هيو ۽ مان به خاڪي يونيفارم ۽ هيٽ پائي شامل ٿيس. راڻا اسلم جي مقابلي ۾ مان سنهڙو ۽ ٻچڙو پئي لڳس. منهجي اکين جي چمڪ ۽ اعتماد شايد ڪوريجي صاحب ڏسي ورتو هيو، پر اسحاق شيخ صاحب کي نظر نه پئي آيو. قصو محمد سرور آرائينءَ DFO شروع ڪيو. منهنجي روبرو چيائين: ”سائين جروار فاريسٽ سڄو ڪٽيل آهي. پنجن سالن تائين زرعي آباديءَ ۾ رهيو آهي. 800 ايڪڙن جي پلانٽيشن جو ٽارگيٽ آهي.“ ڪوريجو صاحب ڪنڌ لوڏيندو رهيو، سرور صاحب وڌيڪ ٿلهه مضبوط ڪيو. “سائين اسلم راڻا RFO سينئر ۽ تجربيڪار آفيسر آهي. ٻن مهينن ۾ هي سڄو سارو ڪم ڪيو اٿائين. عبدالقادر نئون آهي، هينئر ڪاليج مان نڪتو آهي. هيءَ پهرين چارج ٿيندس. ڪم وڏو ۽ ڏکيو آهي. اجازت ڏيو ته اسلم صاحب کي جون تائين هتي رهائيون ۽ عبدالقادر کي ساڻس Attach ڪري ڇڏيون ته ڀلي ڪم سکي وٺي.“
اهو داستان ٻڌي منهنجون ته وايون بتال ٿي ويون. مون کي ترسائڻ جو سڄو ڊرامو اهو هيو.
سلام توتي ڪوريجا صاحب!
چيائين: ”بابا پنهنجن آفيسرن کي تجربو نه ڏبو ۽ سيکاربو نه ته پوءِ ڪيئن ڪم سمجهندا.“
”پاڻهين ڪم ڪري ويندو.“ اُن تي وري CF صاحب اسحاق صاحب ڳالهايو ۽ DFO جي پٺڀرائي ڪئي.
ڪوريجي صاحب چيو!
Sorry Gentlmen, I can’t help you. It is against policy of Govtt:
ڪوريجي صاحب ائين چئي چيپٽر ئي بند ڪري ڇڏيو.
منهنجي اکين ۾ ڏسي چوڻ لڳو.
“Well Young man! Are you married?”
منهنجي جواب ٻڌڻ کان سواءِ وڌيڪ چوڻ لڳو:
“Leave your wife with her parents, come and settle in the forest and complete the target.”
مون وراڻيو هئو:
“Sir, I will not disappoint you.”
ڪوريجي صاحب مسڪرايو، منهنجي پٺي ٺپي ۽ پوري گروپ سان روانو ٿي ويو.
مون کي DFO جو ڏک ٿيو، پر CF شيخ صاحب جو وڌيڪ رنج پهتو هو. شيخ صاحب به سنڌي هيو ۽ کيس ائين نه ڪرڻ کپي ها.
ٻيلي کاتي جا جلوا ظاهر ٿيڻ لڳا. مون کي لڳو اها شايد منهنجي عملي تربيت جي ابتدا هئي.
مون چارج ورتي. ميرپور ماٿيلي ۾ هڪ گهر ڪِرائي تي ورتو. امان ۽ گهر واريءَ کي به وٺي آيس. شاديءَ جي ٻن اڍائي سالن ۾ ٻه نياڻيون به ڄائيون هيون. صفيه قادر ۽ ذڪيه قادر. اهي به اسان سان گڏ. هڪ جي عمر ڏيڍ سال، ٻيءَ جي عمر ٽي مهينا.
Family کي ان جي Parents سان ته نه ڇڏيو، پر مون ڪم چرين وانگر ڪيو. موٽر سائيڪل ورتي. پهرين هونڊا 50، ۽ پوءِ هونڊا-70. ٻيلو ڇهه ڪلوميٽر پري هيو، نه ڏينهن ڏٺو نه رات، ويندو رهيس. نئون نئون ڪاليج کان نڪري آيو هوس. منهنجي ڄاڻ به نئين هئي ۽ جذبا به جوان. مون کي صرف ڪاميابين جو سبق مليل هيو. مان ناڪامين جو نه ٻڌايو هو.
ڪم سنڀاليو ته ڏٺم ته راڻا اسلم نه فقط پئسا کائي کپائي ويو هو، پر ڪم اڌو گابرو ٿيل هيو. سڄو معاملو DFO سان شيئر ڪيم. چيائين راڻا کي چئون ٿا، ڪم ڪرائيندو، پر اهو ڪم، نه ٿيو سو نه ٿيو.
ڪم کي ڌڪيندو رهيس، ۽ ٺيڪ ٺاڪ.
Planting Stock (ٽالهيءَ جي ڪٽنگ) جو جائزو ورتم ته سنڌ ۾ ڪجهه به ڪونه هيو. ٽالهيءَ جا قلم، چڪيون ۽ ٻج ڪٿان اچن؟
ميرپور ماٿيلي ۾ چار RFO رهندا هئا. هڪ ميرپور ڪچي جو، ٻيو ميرپور پلانٽيشن، سرحد پلانٽيشن ۽ جروار- جروار جو RFO مان هيس. ميرپور ڪچي جو RFO سيد حسن علي شاهه معصومي، دبنگ آفيسر هيو، جنهن سان اسان جو گهٽ واسطو پوندو هيو. ميرپورماٿيلي ۾ رحيم بخش شيخ ۽ سرحد ۾ سائين لالا فضل احمد ٻيلائي هيو. لالا صاحب لاءِ مشهور آهي ته هو ٻيلي کاتي جو دماغ آهي.
ٽالهيءَ جا قلم سنڌ مان ڪٿان به نه مليا. باقي رحيم بخش شيخ چيو ته ٻٻر جو ٻج جام آهي، پر منهنجي دل ان ڳالهه کي قبول نه پئي ڪري ته ههڙي سٺي زمين ۾ ٻٻر لڳائجي. مون DFO کي مدد لاءِ چيو. اتان به کتو جواب مليو.
چيچه وطني جو، پنجاب جو ڇانگا مانگا کان پوءِ وڏو فاريسٽ آهي. اتي منهنجو هڪ فاريسٽ ڪاليج جو دوست لڳل هيو. هن ٻه لک ٽالهيءَ جا قلم ڪيش پيمينٽ تي ڏنا. پاڻ وڃي ٽرڪون ڀرائي کڻي آيس ۽ پوکائي شروع ڪيم. هڪ ايڪڙ ۾ 726 قلم لڳندا آهن. تقريباً 300 ايڪڙ ۾ ٽالهي پوکرايم. ٻي زمين ۾ ٻٻر لڳايو ويو.
پشاور فاريسٽ انسٽيٽيوٽ ويس. اتان يوڪلپٽس جا ٻوٽا ٽرڪ ڀرائي کڻي آيس. اهي به پلانٽيشن ۾ روڊن سان لڳايا ويا. فاريسٽ مائينر جو ڪم به پورو ڪرايم ۽ ان سان به يوڪلپٽس لڳرايم. اريگيشن کاتي کان مائينر جي منظوري به ورتم.
هڪ آبڪلاڻيءَ ۾ (اپريل-آڪٽوبر) تائين 800 ايڪڙن جي بدران 1400 ايڪڙن جو ٽارگيٽ ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيو. يوڪلپٽس جي ڪري پلانٽيشن ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي.
DFO سرور آرائين پهريون دفعو وزٽ تي آيو. وزٽ ڪري روانو ٿيو. لنچ تي ميرپور ماٿيلي جي ريسٽ هائوس تي ٻين RFOs سان ملاقات ۾ چيائين ته ”توهان کي جيڪڏهن سٺي پلانٽيشن ڏسڻي آهي ته منگي صاحب جو ٻيلو ڏسي اچو.“
الله جو شان!
اهو ساڳيو DFO منهنجي ساراهه ڪري رهيو هيو، جنهن مون کي غير تجربيڪار چئي وٺڻ کان انڪار پئي ڪيو. پر ان انڪار جو سبب پنهنجي پنجابي ڀاءُ کي ورسائڻ هيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ CF اسحاق شيخ صاحب وزٽ تي آيو. ان کي به پلانٽيشن ڏاڍي وڻي، جيڪو وزيٽرس بڪ تي وزٽ نوٽ لکيائين، اهو منهنجي ”پرسنل پيپرس“ ۾ اڃا تائين موجود آهي.
اسحاق صاحب Lateral entry ۾ فيڊرل گورنمينٽ ۾ بدلي ٿي ويو. ان جي جاءِ تي محترم بهاءُ الدين سرهندي وزٽ تي آيو. سرهندي صاحب به ڪڙڪ ۽ سخت مزاج آفيسر چيو ويندو هيو. هو به latered entry ۾ فارين سروس ۾ ويو هيو، پر اتي مزو نه آيس ۽ واپس آيو هيو.
هُو وزٽ تي آيو ته پلانٽيشن ڏسي چوڻ لڳو ته اهي وڻ ڇهن مهينن جا نه پر ٻن سالن جا آهن، توهان مون سان ٺڳي ڪري رهيا آهيو.“
ويندي ويندي ريمارڪس ڏنائين ته ”اهڙي پلانٽيشن مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي.“
مارچ 1975ع ۾ وزير بشير احمد شاهه (ٺٽي وارو) حميد احمد چيف ڪنزرويٽر سان وزٽ تي آيو. بشير شاهه ٻيلي کاتي ۾ RFO رهيو هيو. هاڻي ان کاتي جو وزير هيو.
حميد صاحب منهنجي تعريف ڪئي. کيس ٻڌايو ته “عبدالقادر جِي بطور اسسٽنٽ ڪمشنر جي سليڪشن ٿي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ اسان کي ڇڏي ويندو.” شاهه صاحب چيو ته “توهان هت رهو ته توهان کي پروموشن ڏينداسين.” مان سندن ٿورا مڃيا ۽ معذرت ڪئي.
خدا پاڪ منهنجي فاريسٽ ۾ محنت جو ڦل ڏنو، جو ٿوري وقت ۾ پاڻ مڃرايم. 1400 ايڪڙ، هڪ سيزن ۾ وڻ پوکائڻ وارو منهنجو اهو رڪارڊ هن وقت تائين شايد قائم آهي.
منهنجو STAR قوس (Sagittarius) آهي. هي اسٽار به عجيب آهي، هن ۾ هڪ اها به خوبي يا خرابي آهي ته هو Perfectionist آهي. پنهنجي ڪم مان سولو مطمئن نه ٿيندو آهي. اها دراصل منهنجي عادت هئي ته جيڪو به ڪم ڪجي اهو مڪمل لگن ۽ محنت سان ڪجي. ان ڪري به مان پنهنجي ذميوارين ۽ فرائض سان به رومانس ڪندو آهيان، ان جي تڪميل کي خوبصورت کان خوبصورت بڻائيندو آهيان.

[b]شيخ اياز سان ملاقات
[/b]ٻيلي کاتي جي نوڪريءَ دوران ٻيلي جي ڀر ۾ رهندڙ هڪ پاڙيسري زميندار صديق بوزدار، اسان جي هيٺئين عملي سان ملي ڀڳت ڪري فاريسٽ مائينر کي پنهنجي ٻنيءَ ۾ وهائي، چپ چپات ۾ وڃي stay ورتو. مان سکر ويس، سرڪاري وڪيل سان ملاقات ڪئي، ڪورٽ پيپر جاچيا، جنهن مان خبر پئي ته صديق بوزدار جو وڪيل شيخ اياز صاحب هيو. سرڪاري وڪيل اسان سان صلاح مشوري کان سواءِ No Objection چئي ۽ هن ڌُر کي Stay ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي. مون ارادو ڪيو ته ٻي حاضريءَ تي ڪورٽ ۾ پاڻ ڳالهائيندس ۽ ائين ٿيو. مون جج صاحب کي گذارش ڪئي ته ”اڄ ئي هلي سرزمين ڏسي، اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، نه ته Stay order رد ڪري،” ڇو ته سرڪار جي نفعي نقصان جي ڳالهه هئي. اڃا تائين مون Law نه ڪيو هيو. جج صاحب منهنجي ان وقت بظاهر حجت واري ڳالهين کي سچ سمجهيو. هن شيخ اياز صاحب کان پڇيو، ’اڄ سرزمين ڏسجي؟‘ شيخ صاحب پنهنجي مُوَڪِل سان صلاح ڪئي، ۽ ڪورٽ سڳوريءَ کي گذارش ڪئي ته سرزمين ڏسڻ جي ضرورت ڪونهي. ڪيس هلائجي، جج ڳالهه سمجهي ويو ۽ Stay رد ڪيائين.
ڪورٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ شيخ اياز صاحب مون ڏي آيو، دعا سلام ٿي. مونکي چيائين ته صلح ڇونه ڪجي! مون کيس چيو ته توهان پاڻ سياڻا آهيو. سرڪاري معاملي ۾ مان صلح ڪيئن ٿو ڪري سگهان!
مان صديق بوزدار جو ٿورائتو آهيان، جنهن هي ڪيس ڪري مون تي وڏا احسان ڪيا، جو شيخ اياز سان مُهان مُنهن ملاقات ڪرڻ جو موقعو مليو. هاڻي مون ججن جو ٺٺ ڏٺو ۽ وري ياد آيو ته CSS جو فارم 1974 ڀرجي.

[b]1973ع واري ٻوڏ
[/b]1973ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي. سکر بئراج تي ڏاڍو زور هيو. ٻيلي کاتي وارن جي به سکر بيراج تي ڊيوٽي لڳي، منهنجي ڊيوٽي به لڳي. اتي ئي آفيسرن جي ميٽنگ ۾ مون ممتاز علي خان ڀُٽي جا انتظامي جلوا ڏٺا. ممتاز صاحب تڏهن چيف منسٽر هيو. آفيسرن جي ميٽنگ ۾ کين خطاب ڪندي چيائين، ڪنهن به آفيسر جي غفلت جي ڪري جيڪڏهن بند کي گهارو پيو ته ‘I will chop his head’... توبهه!

[b]ميهر شاهه
[/b]مون ميرپور ماٿيلي مان family کي کنيو ۽ رتيديري ڇڏڻ لاءِ نڪتس. شڪارپور ۾ سج لهي ويو، جڏهن ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ ’سون واهه‘ ڪراس ڪيو ته هڪ ٻي جيپ اسان جو پيڇو ڪيو، جڏهن رتيديري جي ويجهو بوهي قبن وٽ پهتاسون، ته اها جيپ اسان جي برابر اچي پهتي. اڳيان ٽي همراهه ٻُٽ ٻڌل ۽ بندوقن/ رائيفلن سان ويٺل نظر آيا. جيپ ڪجهه گڏوگڏ هلندي رهي. مون کي پڪ ٿي ته ڦُر ڪندا، پر هو ڍرا ٿي ويا، مان ڪلمو پڙهيو، خير سان گهر اچي پهتس، مامي سان حال احوال ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مامي ٻڌايو ته ٻي جيپ ۾ ميهر شاهه ۽ سندس گروپ هيو، جيڪي مونکي ڏسي ۽ سڃاڻي هٽي ويا، کيس منهنجي لاءِ نياپو ڏئي ويا ته “ادي کي چئجو ته اهڙي بيگاهه وقت ٻاهر نه نڪرندو ڪري.” ميهر شاهه به اسان جي تر جو ديومالائي ڪردار هيو، عجيب ۽ بدنصيب شخص هيو.
پِير جو پٽ، پر ڌاڙيل ٿي ويو. ان وقت ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت هئي. سائين قاسم شاهه پيري مريديءَ وارو سيد سڳورو هيو، رتيديري شهر جي ڀرسان پنهنجو ڳوٺ هيس. ‘شاهه جو ڳوٺ’ اسان جڏهن ڏٺو ته هو پاڻ پنجاهه سٺ جي پيٽي ۾ هيو. تر جو وڏو زميندار ۽ پير هيو. هر ننڍو وڏو سندس عزت ڪندو هو. جڏهن ميهر شاهه کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين ته اسان جي عمر جو هيو. ٻهراڙيءَ جي اسڪول مان بدلي ڪرائي اچي اسان جي اسڪول ۾ ۽ اسان جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو. سائين محمد ابراهيم عباسيءَ کيس منهنجي ڀرسان ويهاريو ۽ پارت ڪئي ته “پڙهائيءَ ۾ هيڻو آهي، سندس مدد ڪرڻي آهي.”
ميهر شاهه ڏاڍو شرميلو، پر ڳڻن وارو هوندو هيو. مئٽرڪ نه ڪري سگهيو. اسان جي منزل ٻي، هن جي منزل ٻي. ڪڏهن ڪڏهن رستي ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي. اهو ڦرڪو ڪيئن ڦريو، خدا ٿو ڄاڻي. هڪڙو شرميلو، سهڻو جوان، گاديءَ ڌڻي، ڏوهن جي دنيا جو بادشاهه ڪيئن بڻجي ويو. چون ٿا ته ’ماڻهن جي اغوا‘ جو رواج وجهندڙن ۾ ميهر شاهه اڳڀرو هيو. ’منشارام‘ هندو ڇوڪرو اسان کان هڪ سال اسڪول ۾ پوئتي هيو، ان کي کڻائي، ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ ويهاري ڇڏيائين. چيائين ”تون وڻين ٿو، بس هت ويٺو هج. آءٌ توکي ڪجهه نه ڪندس.“ ائين ميهر شاهه، هندو ڇوڪري جي پيرن ۾ ويٺو رهيو. ڄڻ نئين دور جي اڀيچند ۽ سرمد جو قصو هجي! ٻيا ته ڏوهه ڪندو رهيو.
ڀٽي صاحب المرتضيٰ ۾ دعوت ڪئي. ڀٽي صاحب جي دعوت به ڇاته دعوت هوندي هئي. امير، ڪبير، وزير، سفير سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا. جن جي رهائش جو بندوبست ڪن جو لاڙڪاڻي ۾، ته ڪن جو وري سکر ۾.
سکر وارو ٽولو رائيس ڪئنال ڏئي سکر روانو ٿيو، تڏهن مدئجي وارو پڪو رستو اڃا ڪونه ٺهيو هيو. ڌاڙيلن ان ٽولي کي بهمڻ وٽ روڪيو ۽ ڦر ڪئي. جنهن ۾ وزير، عطا حسين ٽالپر ۽ ڪجهه يورپ جا سفير وغيره به ڦرجي ويا.
چون ٿا ته ڦر ڪندڙ ميهر شاهه ۽ صالح جيهي جو ٽولو هيو، اها سندن هاءِ پروفائيل واردات هئي.
ايس پي پنڃيل خان جوڻيجو رتيديري ۾ ميهر شاهه جي اوطاق تي Raid ڪيو. اتي جو اتي ميهر شاهه، صالح جيهو ۽ دريا خان جاکرو کي قتل ڪري کڻي ويو، جيڪو پوءِ مقابلو ڏيکاريو ويو. اهڙي طرح ان سهڻي نوجوان جو انت آيو. ان وقت سندس عمر 25 سالن کان وڌيڪ ڪانه هئي. صالح جيهو به سهڻو جوان هوندو هيو، پر جاکرو مون ڪونه ڏٺو هيو...