آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

5. سيپٽمبر 1981 کان جون 1984

[b]رهي وڃ رات ڀنڀور ۾ ...
[/b]کپري ۾ الوداعي دعوتون کاڌيون، سامان ٻَڌو ۽ گهاري لاءِ ٻارن سان روانو ٿي ويس. گهارو سب ڊويزن ۾ هيءَ پوسٽ اڳي ئي خالي هئي. جيئن کپري ۾ خالي هئي. مطلب آهي ته ڪنهن تي چڙهائي ڪري بدلي نه ڪرائي هئم. کپري ۾ منهنجيءَ جاءِ تي مردان جو جاويد اقبال آيو، جيڪو نه کپري وارن سان ٺهيو، نه کپري وارا ساڻس ٺهيا.
اسان جي سواري گهاري پهتي. گهر پهتاسون، سامان اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هيو. گهر اڪيلو، ٽڪر تي هيو. ٽڪر کي (Rock) چئبو آهي. تنهن ڪري مان ان جو نالو به Rock House رکيو، جيڪو 1981ع کان اڄ تائين قائم آهي.
اڪيلو گهر، نه ڪمپائونڊ وال، نه protection لاءِ ڪو ٻيو بندوبست. ڀر ۾ هڪڙو چوڪيدار جو ڪمرو ۽ ڪافي پري KDA واٽر بورڊ جا ڇڊا پاڊا گهر هئا. پاڙي ۾ منهنجو ويجهي ۾ ويجهو عبدالرشيد عباسي، اسسٽنٽ انجنيئر جو گهر هيو، جيڪو ٻه ٽي فرلانگ پري هيو. اسان ۽ منهنجي گهر واري، اها صورتحال ڏسي پريشان ٿياسين. گهارو شهر اتان کان 3 ميل (5 ڪلوميٽر) پري ۽ ڌاٻيجي ته اڃا به پري. فلٽر پلانٽ تي ڪجهه ضرورت جون شيون مليو ٿي ويون، پر اهو به ڪجهه ڪلو ميٽر پري هيو.

[b]ڊي سي عبدالله آخوند
[/b]چارج خالي هئي. اها assume ڪئي، ٻئي ڏينهن ٺٽي /مڪليءَ ويس. ڊي سي صاحب عبدالله آخوند هيو. ان سان ملاقات ٿي. لڳو ته منهنجي شڪل نه وڻيس. ADM انبارام راٺي هيو. اصل ruling king اهو هيو. ڊي سي صرف مون کان ئي بيزار نه، پر آدم بيزار هيو. ٺٽي جو AC/SDM آفتاب سومرو هيو، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ بدلي ٿي آيو هيو. ان سان ملاقات ٿي. هن brief ڪيو. چيائين ٻيو پرابلم ڪونه آهي. صرف هڪ problem اٿئي. اهو آهي خود DC آخوند. ان مسئلي کي حل ڪري وئين ته ڄڻ سڀ مسئلا حل ڪري ورتئي. آخوند صاحب اصل روهڙيءَ جو هيو. ڪلارڪ مان ڊي سي ٿيو هو. جيڪو انسان سندس جهپڙ ۾ ايندو هيو، ان جي عزت لاهي پٽ ڪندو هيو. بس وارن جي چيڪنگ ڪندو هيو. انهن تي ڏنڊ ئي نه وجهندو هيو پر ڪاغذ پٽ به ڦري وٺندو هيو يا وري بس کي آڻي ٿاڻي تي بيهاريندو هيو. پوءِ ڀلي ته مسافر ماڻهو پيا رلن ۽ دربدر ٿين.
وري جيڪڏهن سلام لاءِ زميندار ايندس ته پڇندن، بقايا ته رهيل نه اٿئي؟ جيڪڏهن ڪنهن جي ڦٽي ۽ ان ها ڪئي ته وٺي جيل ۾ وجهندس. جيڪڏهن مختيارڪار يا SDM سٺا ڪپڙا پائي سندس سامهون آيو ته چوندس ته “ايترڙي پگهار تي ههڙا اُوچا ڪپڙا ۽ چِلڪڻا بوٽ ڪيئن ٿو افورڊ ڪري سگهين؟”
آفيسرن جون ڊائريون کڻي وڃي سرزمين تي پهچندو. جيڪڏهن مان ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته رات ميرپور ساڪري ۾ گذري آهي ته اتي انڪوائري ڪندو. پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کان پڇاڻو ڪندو ته هي آفيسر هتي رات رهيو هو؟ جيڪڏهن هنن نَنهن ڪئي ته هو ان آفيسر جي explanation ڪڍندو هيو. هڪ ڪاپي ڪمشنر، هڪ چيف سيڪريٽري، هڪ ڪاپي DMLA کي ۽ هڪ گورنر هائوس کي به روانا ڪري ڇڏيندو هيو.
مون کي آفتاب سومري جي ڳالهه سورنهن آنا سچ لڳي. مان ان مسئلي کي حل ڪري نه سگهيو هوس. آخوند جو علاج اهو هيو ته کيس نظرانداز ڪيو وڃي. پر اڃا به وڌيڪ تنگ ڪري ته توهان به سندس سامهون ٿي وڃوس. حد اها ايستائين وڃي پهتي ته سندس ڪوبه آرڊر منهنجي سب ڊويزن ۾ پورو ڪونه ٿيندو هيو. ٽوئر تي ايندو هيو ته مان ڪونه ويندو هوس. هو ان ۾ ئي خوش هيو. وڃي به رڳو تپيدارن ۽ مختيارڪارن جي ميٽنگ وٺندو هيو يا باقيدار کاتيدارن جي ڪڍ ڊڪندو هيو. عزت وارو ڪو به ماڻهو سندس آفيس ۾ نه ويندو هيو. جيڪڏهن ڪو ويندو هيو ته اهو آخري دفعي لاءِ ويندو هيو. ٻيهر نانگ کائيس، جو اوڏانهن وڃي.

[b]تاج محمد ابڙو
[/b]ڪيڏو به professionally ڪم سٺو ڪجي، پر DC کي نه مڃڻو هوندو هيو، سو نه مڃيندو هيو. هڪ دفعي ضلعي ڪورآرڊينيشن جي ميٽنگ ۾ اچي منهنجي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ان ڪميٽيءَ ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج چيئرمئن هوندو هيو. DM ۽ SP ان جا ميمبر هئا. تاج محمد ابڙو صاحب DJ هيو، جيڪو لاڙڪاڻي جو وڪيل هيو. مشهور ڪامريڊ هو. مون کي ڪاليج جي زماني کان سڃاڻندو هيو. ميجر حبيب الله نيازي SP هيو، جيڪو آرميءَ کان سڌو SP اچي induct ٿيو هيو. ڊي. سي ويٺي گلا ڪئي ۽ هنن ٻنهي ويٺي ٻڌي. آخر سيشن جج پاڻ کي روڪي نه سگهيو. DC کي چيائين ته “مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن کان عبدالقادر منگي گهاري ۾ آيو آهي، ته cases جو نيڪال به بهتر ٿيو آهي ۽ لا اينڊ آرڊر جي سِچوئيشن به سڌري آهي. 3 مهينن ۾ 50 ڪيسن مان هن رڳو وڃي 4-5 ڪيس بچايا آهن. توهان جي شڪايت اجائي ۽ bias تي ٻڌل آهي.” پوءِ به ضد ڪيو بيٺو رهيو ته “توهان منگيءَ جي SDM جا power ختم ڪرڻ لاءِ لکو، نه ته منهنجي هي recommendation ميٽنگ مِنٽز ۾ شامل ڪيو.” تاج محمد ابڙي صاحب چيس ته “ٺيڪ آهي، توهان جي ڳالهه منٽز ۾ آڻيون ٿا، پر ان سان گڏ مان پنهنجا اهي comment به لکندس ۽ هاءِ ڪورٽ کي پڻ موڪلي ڏيندس.” تڏهن منهن وڃي ڀت سان لڳس ۽ چُپ ڪري ويهي رهيو.
اهو قصو سيشن جج مون کي پوءِ پاڻ ٻڌايو هو، جيڪو حبيب الله نيازيءَ کان پڻ confirm ڪيم.

[b]ڪي بي رند صاحب ٺٽي جو ڊي سي
[/b]آخوند صاحب جي مردم بيزاريءَ جا قصا هاڻي هرپاسي مشهور ٿي ويا. ايستائين جو آخري ڏينهن ۾ عبدالله ميمڻ صاحب جهڙي ماڻهوءَ جون به گلائون ڪرڻ ۽ بدشد ڳالهائڻ لڳو هو. نيٺ هن مان جان تڏهن ڇُٽي، جڏهن سندس بدلي عشر ۽ زڪوات کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ طور ٿي.
آخوند صاحب کي اولاد ڪونه هيو. هڪ نياڻي adopt ڪئي هئائين. ان جي به شادي ٿي وئي هئي. آخري وقت ۾ شاهه فيصل ڪالوني ڪراچيءَ ۾، رهندو هيو، اتي ئي سندس انتقال ٿيو.
آخوند صاحب کان پوءِ ڪي. بي. رند صاحب ٺٽي جو ڊي. سي ٿي آيو. جڏهن رند صاحب ڪوٽڙيءَ جو SDM هيو ته مان کپري ۾ SDM هئس. 1980 ۾ promote ٿيو ته شڪارپور جو DC بڻيو. ٺٽي ۾ سندس پوسٽنگ ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجهه مهينا موڪل تي هيو. ساڻن منهنجي SDM جي زماني کان وٺي دعا سلام هئي.
رند صاحب برجستو آفيسر هيو. سندن والد غلام نبي رند صاحب، سڪرنڊ جو چڱو زميندار هيو. ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر به رهيو. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي لابيءَ جو هيو. رند صاحب2nd common ۾ DMG گروپ جو آفيسر هيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ گولڊ ميڊلسٽ هيو ۽ ان سال ئي CSS ۾ پڻ ڪامياب ٿيو هيو.
سندس نالو تڏهن کان مشهور ٿيو، جڏهن سانگهڙ جو SDM هيو ۽ PNA جي تحريڪ دوران کيس چيو ويو ته نظاماڻي حويلي سانگهڙ تي گولي هلايو، پر هن انڪار ڪيو هيو. رند صاحب تي لکڻ لاءِ پورو ڪتاب گهرجي. سندس ذڪر ايندو رهندو. رند صاحب جي اچڻ سان پراڻا دک دُور ٿي ويا. پنهنجائپ جو احساس ٿيڻ لڳو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ اهڙو ڊي سي آيو، جيڪو ڳالهه ٻڌي پيو ۽ سٺي ڳالهه ڪري پيو.
منهنجو گهاري ۾ سوشل ورڪ تي زور هيو. پهرين آءِ ڪئمپ، ميرپور ساڪري جي شيخ زيد بن سلطان اسپتال ۾ لڳائي. ٻي 1983 ۾ ساحلي شهر ٻگهاڻ جي Rural Health Center ۾ Society for Prevention and Cure of Blindness جي تعاون سان لڳائي وئي. اهڙي آءِ ڪئمپ هن علائقي ۾ پهريون دفعو لڳائي وئي هئي. ماڻهن ڏاڍي دلچسپي ڏيکاري. حاجي عبدالغني گبول ۽ ٻيا سڄي سب ڊويزن جا ڪائونسلر ۽ چيئرمئن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. ورڪرس جو هڪ وڏو جٿو/ گروپ تيار ٿي ويو. مان انهن کي پنهنجي پارٽي چوندو هوس. سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊئريڪٽر محترمه شيرين رحمت الله ان ڏس ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. تعليم کاتي جي وزير سيد غوث علي شاهه ان جون اختتامي سندون ورهايون. جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد عبدالله جي. ميمڻ صاحب آءِ ڪئمپ جو افتتاح ڪيو. هيءَ آءِ ڪئمپ سندس ئي خواهش تي لڳائي وئي هئي. هن ساحلي علائقي جي ماڻهن کي اهڙي سهوليت اڳ ڪڏهن نه ملي هئي. تنهن ڪري سوچيم اکين جي مفت علاج ۽ آپريشن جي ڪئمپ اتي ئي لڳائجي. ٻگهاڻ ۾ آءِ سرجن جاويد عالم آيو هيو، جيڪو عباسي شهيد اسپتال جو MS هيو. آءِ ڪئمپ سان گڏ اتي ڊينٽل ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي پڻ ڪئمپ لڳائي، جتي ڏندن جي مريضن جو علاج ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ برسات به جام پئي هئي، پر غريب مريضن تي الله جي مهر هئي.
ٽين آءِ ڪئمپ، تعلقي گهوڙاٻاريءَ جي ور ڳوٺ ۾ لڳائي سون. اتي محترم عبدالڪريم لوڌي، ڪمشنر حيدرآباد چيف گيسٽ هيو، جنهن پڻ ان ڪوشش کي ساراهيو.
فوٽ بال، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جون ٽورنامينٽس ڌاٻيجي ۾ ڪرايوسين. اتي هڪ قدرتي اسٽيڊيم ڳولهي لڌوسين. هڪ طرف چاڙهي هئي پهاڙين جي ۽ سامهون ريلوي لائين هئي. وچ ۾ وڏو سڌو ميدان. هنن مئچن ۾ گهڻو ڪري ڪمشنر عبدالله صاحب ۽ ڪي. بي رند صاحب مهمان خاص ٿي ايندا هئا.

[b]ڀنڀور سيمينار
[/b]هتي جيڪو ميگا ايونٽ ڪرايو ويو، اهو هيو “ڀنڀور سيمينار-1983ع”.
ڀنڀور جا کنڊر به گهارو سب ڊويزن ۾ آهن. منهنجو گهر راڪ تي هيو، جڏهن صبح جو آفيس اچڻ لاءِ نڪربو هيو ته سامهون ڀنڀور نظر ايندو هيو. ڇهه ٻارهن مهينا ته رڳو آخوند صاحب سان کِٽ پٽ ۾ گذريا ۽ صحيح معنيٰ ۾ ڪم رند صاحب جي اچڻ کان پوءِ ئي شروع ٿيو. رند صاحب چڱن ڪمن ڪرڻ لاءِ همٿائيندو، ۽ مدد ڪندو هيو ته ساڳئي وقت ٻانهن ٻيلي ٿي به بيهندو هيو. ضرورت پوندي هئي ته وسيلا پڻ مهيا ڪري ڏيندو هيو. اسان جي اها ئي ڪائونسلرن، چيئرمئنن ۽ ورڪرن جي ٽيم هرهنڌ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي. سو هن دفعي اسان وڏو ۽ ڏکيو ڪم ’ڀنڀور سيمينار‘ جو رٿيو.
آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ کي به ساڻ کنيو سين، Dr. F.A. Khan، جنهن ڀنڀور جا دڙا کوٽيا هئا، ڊاڪٽر رفيق ۽ ڊاڪٽر خورشيد حسن، اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا پڻ وڏو ساٿ ڏنو. آخوند صاحب ته ڪلچر کاتي جي طرفان 50000 روپيه به ڏنا. ڪلچر اڃا باقاعدي کاتو نه ٿيو هيو ۽ تعليم سان گڏيل ڊائريڪٽوريٽ هيو، جنهن جو وزير سائين جسٽس (ر) غوث علي شاهه هيو، جنهن هن سيمينار جو افتتاح ڪيو. ضلعي ڪائونسل ٺٽي ۽ ان جو چيئرمين محمد موسيٰ چانڊيو به اسان سان گڏ هيو. ڊائريڪٽر سنڌالاجي، ڊاڪٽر غلام علي الانا به اسان جي ڀرپور مدد ڪئي. محمد قاسم ماڪا ۽ رضيه لاڙڪ (جيڪا اڃان رضيه طارق نه ٿي هئي) انهن به اچي اسٽال نمائش لاءِ لڳايا.
غلام رباني آگرو حيدرآباد لاءِ ۽ سيد حسين شاهه راشدي ڪراچيءَ لاءِ اديبن، دانشورن لاءِ ڪوآرڊينيشن جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو. سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو دعا وارو هٿ اسان جي سر تي رهيو. سنڌ جا ناميارا عالم، اديب ۽ اسڪالر عام ورڪر ٿي اچي شامل ٿيا. عبدالله ميمڻ صاحب جي شاباس شاملِ حال هئي ۽ ڪي. بي. صاحب به هر مدد لاءِ هر وقت موجود رهيو. منهنجي مختيارڪارن، چيئرمئنن جي ٽيم اڳي کان اڳري هئي. سبحان ميمڻ ان وقت ٺٽي ۾ AC/UT هيو. پاڻي، ماني، چانهن ۽ اهڙي قسم جي هر ذميداريءَ جو ذمو هُن کنيو. سندس مدد ۾ اسماعيل لانگاهه ۽ اسڪول جا اسڪائوٽ گڏ هئا. ائين اپريل 1983 تي جهنگل ۾ ڄڻ منگل مچي ويا.
ڀنڀور ۾ بجلي ڪونه هئي. بجليءَ ۽ پاڻيءَ جو fool proof بندوبست، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي RE (Regional Engineer) مشتاق ميمڻ پنهنجي ذمي کنيو. سندس مدد سان هيوي ڊيوٽي جنريٽر هلندو رهيو. پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ٻه ٽئنڪر صاف پاڻيءَ جا پڻ فراهم ڪيا ويا.
حنيف راجپوت اڃا ايڏو مشهور ڪونه ٿيو هيو، سڪرنڊ ۾ ڪيٽرنگ ڪندو هيو. کيس KB Rind صاحب هيڏانهن وٺي آيو هيو. تمام ٿورن پيسن ۾ 200 ماڻهن جي VIP مانيءَ جو بندوبست ڪري ڏنائين، ۽ پوءِ دراصل اتان ئي حنيف راجپوت ڪراچيءَ جو رستو پڪڙيو.
وڏي ڳالهه ته بروشر ۽ پرنٽنگ جو سڄو بندوبست منهنجي دوست چوڌري عبدالغفور ڪيو هيو، جيڪو AD- Arts Advertising جو مالڪ هيو. هاڻي گذاري ويو آهي، پر سندس پٽ غالب منصور ۽ نياڻو چوڌري گلزار مون سان ياري نڀائيندا اچن.
اديبن ۾ سراج ميمڻ، بيگم ممتاز راشدي، مهتاب راشدي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، امينه خميساڻي، مرحب قاسمي، مسرت مرزا، حميد آخوند ۽ ڊان گروپ جو حميد هارون، آمنه صاحبه، حسين شاهه راشدي، غلام رباني آگرو، الانا صاحب، عبدالله ورياهه، مهڪري صاحب ۽ نفيس ناشاد وغيره شريڪ ٿيا. منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون موقعو هيو، جو ايترن اديبن سان هڪ وقت ئي ملاقات ٿي هئي ۽ آئون انهن ۾ ڄاتو سڃاتو ويس.
پهرين سيشن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ چيف گيسٽ جسٽس سيد غوث علي شاهه هيو. اسٽيج سيڪريٽري غلام رباني آگرو هيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سيمينار جي ڇا ليول هوندي!
آخر نشست جيڪا رات جي اٺين وڳي تائين هلي. ان جي گرم جوشي ڏسڻ وٽان هئي، جڏهن G.M. Mahkri پنهنجي مهمان خاص واري تقرير ڪندي چيو ته، ”سنڌ آج جاگِ اُڻا هئي. غلامي ڪي زنجير اتني هي مضبوط هوتي هئي، جتني اسڪي ڪمزور ترين ڪڙِي ....!“
مارشل لا جو دور هيو. مهڪريءَ جهڙي درويش کي ڪير سمجهائي. آخري تقرير ڊاڪٽر الانا ڪئي. اهڙي نموني سان صبح جو 10 بجي شروع ٿيل سيمينار تقريباً اٺ ڪلاڪ هلي بند ٿيو. ٻئي ڏينهن تي محفل موسيقي هئي، جنهن ۾ عابده پروين، علڻ فقير ۽ محمد يوسف محفل کي مچايو.
سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي edit ڪري ترتيب ڏئي ’ڀنڀور ۽ ديبل‘ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هاڻي ان جو ٽيون ايڊيشن به مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.

[b]ڀنڀور جي کوٽائي
[/b]سب ڊويزن گهارو ۾ وزٽ ڪرڻ جو خوبصورت spot هميشه ڀنڀور جا کنڊر ۽ ڀنڀور ميوزيم پئي رهيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائي (excavation) ۽ کوجنا (exploration) سال 1958 ۽ 1965 ۾ پاڪستان جي آرڪيالاجي کاتي جي جناب فضل احمد خان جي رهنمائيءَ ۾ وڏين تيارين کان پوءِ پاڪستان جي نوجوان آرڪيالاجسٽ جي ٽيم جي مدد سان ٿي. جنهن ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل ۽ خورشيد حسن به شامل هئا. انهن ٻنهي آرڪيالاجيءَ جي فيلڊ ۾ اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو ۽ آرڪيالاجيءَ جا وڏا ماهر ثابت ٿيا. هن پراجيڪٽ لاءِ سيڪريٽري فنانس حڪومت پاڪستان، ممتاز حسن صاحب وافر مقدار ۾ گهربل پئسا فراهم ڪيا. ممتاز حسن تاريخ ۽ آثار قديمه جو عاشق هيو. کوٽائيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر فضل احمد خان حيرت انگيز انڪشاف ڪيا. کوٽائي ته 1958ع کان 1965ع تائين مڪمل ٿي، پر پوءِ به ڪافي کنڊر کوٽائيءَ جهڙا اڃا به رهيل آهن، ۽ اهو چيو ۽ محسوس ڪيو ٿو وڃي ته اڃا ڀنڀور جي دڙي جا ڪجهه حصا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، جن جي کوٽائي نه ٿي سگهي آهي.
ان کان اڳ ۾ 30-1929 ڌاري اتي Pre Arab عرصي جا اهڃاڻ ڳولهڻ لاءِ کوٽائي ڪئي وئي، جتي هن کي عباسي دور تائين جا اهڃاڻ مليا ۽ ڪافي تعداد ۾ معتصم بالله جي دور جا سڪا پڻ. ان کان پوءِ مجمدار کوٽائي الائي ڇو بند ڪري ڇڏي.
آرڪيالاجي کاتي جي عملدار الڪاڪ 1951 ۾ به کوٽائي ڪرائي. هن اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو عرب دور جو شهر آهي. ان جو ديبل سان ڪو واسطو نه آهي.
انهن تضادن جي موجودگيءَ ۾ اسان ڀنڀور سيمينار ڪوٺايو. ڀنڀور سسيءَ جو شهر آهي، جيڪو هاڻي ڦٽل ڀڙو آهي. پر ڪنهن وقت وڏي هاڪ وارو شهر ٻڌايو وڃي ٿو. Dr. F.A. Khanجي کوٽائيءَ کان پوءِ جتان چئن دورن جي چئن تهذيبن جا آثار نڪري نروار ٿيا. ائين يقيناً ته هي شهر وڏي اهميت جو علمبردار هيو. عجيب ۽ حيرت ڏياريندڙ حقيقت اها به آهي ته، ڀنڀور جو ذڪر ڪنهن به اهم تاريخي ماخذ ۾ ڪونهي. پر ان جي ابتڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي لوڪ ڪهاڻين ئي ڀنڀور ۽ سسئي پنهونءَ جي محبت جي قصي کي لازوال بنائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ دنيا جي اعليٰ ۽ لازوال شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ته ڀنڀور واري هن داستان کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي. اصل ۾ جيڪا حقيقت ماڻهن جي دلين ۾ رهي ٿي، اها ئي انهن دڙن، ڀڙن ۽ ميوزيمن کان وڌيڪ اهم هوندي آهي. ان کي وقت جو ڪو به واچوڙو فنا نٿو ڪري سگهي. ڀٽائي صاحب جي مڃيل 30 سرن مان پنجن سُرن: سسئي، سسئي آبري، ڪوهياري، معذوري ۽ حسينيءَ ۾ سسئي پنهون جو ذڪر ملي ٿو. ڀٽائي صاحٻ ائين ۽ ايترو ڪنهن به ڪردار کي ڪنهن به سُر ۾ نه ڳايو آهي.
ڪن چيو ته اهو شهر ڀنڀور باربيڪان آهي ته ٻين وري ان Hypothesis کي رد ڪيو. تاريخدان ڀنڀور ۽ ديبل بابت اهو نه ڄاڻائي سگهيا آهن، ته هي ڀنڀور، ڀنڀور مان ديبل يا ديبل مان ڀنڀور ڪيئن ٿيو؟ آيا هي ديبل هيو به يا نه، پر هاڻي اها حقيقت آشڪار ٿي چڪي آهي ته اهو ڀنڀور ئي آهي.
ان حوالي کي کڻي ڊاڪٽر خان، کوٽائيءَ جي بنياد تي جيڪي شاهديون گڏ ڪيون آهن، انهن کي جوڙي ان کي ديبل ثابت ڪيو آهي. هو وڌيڪ چئي ٿو ته اڄوڪو ڀنڀور اصل ۾ ديبل ئي آهي.
سنڌ ۽ دنيا جو هاڪارو عالم، سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ڊاڪٽر خان سان متفق آهي، پر ٻيا ڪيترا عالم ان راءِ سان متفق ناهن ٿيا. ان بحث مباحثي، وڏيون حقيقتون روشنيءَ ۾ آنديون آهن، جيڪي دلچسپيءَ کان خالي ناهن.
1983ع جي ان پهرئين سيمينار کان پوءِ 2012ع ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺايو. آءٌ به اتي حاضر ٿيو هوس. اهو سيمينار 29 سالن جي وقفي کان پوءِ منعقد ڪرايو ويو هيو. عاليشان تنبو طولان لڳايا ويا. ثقافت کاتي ۽ ان جي لائق منسٽر سسئي پليجو وڏي جوش خروش سان ۽ پوريءَ تياريءَ ۽ وسيلن سان سيمينار ڪوٺايو هيو. اسان جيڪو 10 اپريل 1983 ۾ سيمينار ڪرايو هيو، اها هڪ انفرادي ڪوشش هئي، جنهن ۾ سب ڊويزن جي ماڻهن حصو ورتو هيو. ان موقعي تي پڙهيل مضمونن کي مرتب ڪري جلد ئي هڪ ڪتاب شايع ڪيو ويو، ان ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن محڪمه ثقافت ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
هي محڪمو ڏيهاڙي نت نوان ۽ دلچسپ ڪتاب ڇپائي رهيو آهي. مان اميد ٿو ڪريان ته 2012 ۾ ڪوٺايل سيمينار تي پڙهيل مقالن کي به ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويندو. جيڪڏهن سسئي پليجو هجي ها ته يقيناً اهو ڪتاب مختلف ٻولين ۾ پڻ ڇپجي چڪو هجي ها. مان هاڻوڪن صاحبن کي فون تي توڙي روبرو پڻ عرض ڪري چڪو آهيان ته اهو ڪتاب هُو ضرور ڇپائين ته جيئن ڀنڀور/ ديبل بابت وڌيڪ ڄاڻ پڌري ٿئي. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ڀنڀور جي اڃا وڌيڪ کوٽائي ٿئي. مان ان حقيقت جو به اعتراف ڪريان ته مان 7-2006 ۾ سنڌ ڪلچر کاتي جو سيڪريٽري هيس. انهن ڏينهن ۾ ئي اها چرپر ٿي ته جيڪي آثار قديمه جا ماڳ وفاقي کاتي جي سنڀال ۾ آهن. صوبا انهن جي مالڪي ڪن، وفاق اهي ماڳ بنا ڪنهن پلاننگ جي صوبن کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا ۽ مٿن اهي ماڳ وٺڻ لاءِ زور پڻ ڀري رهيا هئا. مان ان خيال جو هيس ته سنڌ جو هي قومي اثاثو بنا پلاننگ، سوچ سمجهه، وسيلن ۽ trained staff جي سنڌ کي وٺڻ نه گهرجي. مون پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اختيارن جي مالڪن کي به اها گذارش ڪئي هئي ته سنڌ وسيلن جي ورڇ (man & material) کان سواءِ نه وٺندي، جنهن لاءِ منهنجي ڪوشش هئي ته جيڪو پيسو پگهارن ۽ development تي خرچ ٿو ٿئي، اهو پنجن سالن تائين وفاق، صوبن کي ڏيندو رهي ۽ صوبائي عملدارن لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. جيڪي وفاقي ادارا آرڪيالاجيءَ جي ڪمن ۾ technical ڄاڻ فراهم ڪن ٿا، اهڙا ادارا سنڌ ۾ وفاق قائم ڪري ڏئي.
وفاق ٻيو ڪجهه ته نه ڏنو، پر آثار قديمه جا ماڳ ضرور موٽائي ڏنا. سو اسان به موهن جي دڙي، ڀنڀور ۽ مڪليءَ جي محبت ۾، نه ڪئي هم نه تم، اهي ماڳ بنا سوچ سمجهه ۽ تياريءَ جي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيا. وفاق کي پنهنجو بار هلڪو ڪرڻو هيو، سو انهن ڪيو. اهو به چڱو، جو اسان نيڪ نيتيءَ سان اهو فيصلو قبول ڪري ماڳ مڪان ته وٺي ڇڏيا، پر انهن جي برباديءَ جي صورت ۾ اسان کي ان جي قيمت هر حالت ۾ برداشت ڪرڻي پوندي. ان لاءِ ضروري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن ٽنهي ماڳن جي بچاءُ جو هاڻي بندوبست ڪرڻ گهرجي.

[b]وزيرن جا گهاري ريسٽ هائوس جا دورا
[/b]سائين غوث علي شاهه ان وقت تعليم جو وزير هيو ۽ محترم اشرف تاباني صنعت جو وزير، گهاري ريسٽ هائوس جا لڳاتار وزيٽر هيا. ٻه ٽي ڏينهن family سان اچي هتي رهي پوندا هئا. سائين غوث علي شاهه ته سخت پردي دار اهل وَ عيال وارو هيو. پر پوءِ به مون سان ۽ منهنجي دوست عبدالرشيد عباسي اسسٽنٽ انجنيئر سان ڪچهري ڪندو ۽ چانهن پي وٺندو هيو. خرچ پکو ته پاڻ ڪندا هئا، پر اسان سندن پروٽوڪول ۽ ٻين ضرورتن ۽ سيڪيورٽي جو خيال رکندا هئاسون. مون تي سائين غوث علي شاهه ڏاڍو مهربان هيو. مون جڏهن ڀنڀور سيمينار ڪرايو پئي ته ساڻس ان موضوع تي به حال احوال ڪندو ۽ صلاح مشورو وٺندو رهندو هئس. مون کي ان معاملي ۾ ڏاڍو همٿائيندو هيو. پاڻ تعليم سان گڏ ڪلچر جو به وڌيڪ دلداده هيو ۽ ان ڏس ۾ مالي مدد ڪرڻ جو واعدو به ڪيائين. 50000 روپيه ان مقصد لاءِ ڊونيشن به ڏنائين، جيڪا ان زماني ۾ چڱي خاصي رقم هئي. نه صرف ايترو پر ان سيمينار جو افتتاح به پاڻ اچي ڪيائين.

محترم اشرف تاباني، صنعت جو وزير به اڪثر family سان ايندو ويندو هيو. عيد جي موقعي تي به نماز پڙهي منجهند ڌاران فيمليءَ سان هتي پهچي ويندو هيو. پنهنجي فيملي، ڀائرن جي فيملي، ڀينرون، ويهه پنجويهه ماڻهو اچي پهچندا هئا. هئا ته سيٺيا ماڻهو، پر هئا باذوق. رک رکاءُ وارا. اسان جو به family friend ٿي ويو. اڪثر زور ڀري ماني پاڻ سان کارائيندو هيو. منهنجي گهرواري به سندس گهرواريءَ کي راڪ هائوس تي دعوت ڏيندي هئي. راڳ جي شوق رکندڙ سندس ڀاءُ حبيب ولي محمد سان به منهنجي اتي ئي ملاقات ٿي ۽ کيس ٻڌڻ جو موقعو مليو. خاص ڪري مشهور فلم‘بازيءَ’ ۾ سندس ڳايل غزل “آج جاني ڪي ضد نه ڪرو” مون کي ڏاڍو وڻندو هيو. هيءَ فلم 1969 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ ‘نشو’ پهريون دفعو محمد علي ۽ نديم سان ان فلم ۾ هيروئن آئي هئي.
گهاري جي نيم سرد، خنڪ رات جي ماحول، خاموش فضا ۾ حبيب ولي محمد جڏهن باجو وڄائي آ ڪيو ته وجود ۾ ڄڻ ته خوشبوءِ اوتجي ٿي وئي ۽ پوءِ جيستائين درد ڀرئي آواز ۾ هُو ڪلاسيڪل شاعرن: مير، غالب ۽ داغ ۽ مومن جا غزل ڳائيندو ويو، تيئن تيئن محفل تي نشو چڙهندو ويو. جڏهن آخري تانِ هڻي هارمونيم جا سُر مڌم ڪندو هو ته جيڪو جتي هوندو هيو، اتي سُڪ ٿي ويندو هو. ڪجهه سال ٿيا آهن، حبيب ولي محمد ڪينسر وگهي آمريڪا ۾ فوت ٿي ويو آهي.
جڏهن جنرل جهانداد خان کي هٽائي غير فوجي گورنر کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته محترم اشرف ڊبليو تابانيءَ جو گورنر طور تي قرعه فال نڪتو. رسم تاج پوشي يا Oath taking رسم ۾ مون کي به سڏ مليو.

[b]ٺٽو ضلعو
[/b]ٺٽو ضلعو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. ضلعي ۾ هلندي خاص طورRight Bank يا موجوده ٺٽي ضلعي ۾، جنهن ۾ تعلقو ٺٽو، ميرپور ساڪرو، گهوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر شامل آهن، انهن ۾ هلندي ڦرندي ڪشادگيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ڄڻ ماڻهو پاڻ کي آزاد آزاد ۽ کليل ماحول ۾ محسوس ڪري ٿو، چوندا آهن ته اوَڌ/ لکنوءَ جون شامون به ڏاڍيون خوشگوار ۽ دل لُڀائيندڙ آهن، پر گهاري يا ٺٽي ۾ سج لهڻ يا ان کان پوءِ وارو وقت به ايڏو ئي دل کي راحت ڏيندڙ محسوس ٿيندو هو، ۽ اهڙو جو نيم مرده انسان کي به ٻاهر ڪڍي رکجي ته ٺٽي جي هوا ۽ اهڙي شام ۾ هُو زنده ۽ نوبنو ٿي اُٿي کڙو ٿي وڃي. ٺٽي جي ان هوا لاءِ شيخ اياز هي ڇا ته شعر چيو آهي:
ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون...
خدا پاڪ ٺٽي جون تقريباً اهڙيون هڪ هزار شامون منهنجي پُکي ۾ وڌيون. هاڻي به جڏهن تفريح جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته مان فيمليءَ کي وٺي گهاري هليو ويندو آهيان. پنهنجي سالگرهه به گهاري ۾ ملهائيندو آهيان.

[b]انيس قادر منگي
[/b]منهنجو پٽ انيس قادر منگي 1981 ۾ پنجن سالن جو هيو ۽ منهنجون نياڻيون 8-9 سالن جون هيون. انيس کي شروع ۾ اسان گهاري جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. هڪڙي ڏينهن ڏهين بجي هيڊماستر ٻارن کي منهنجي آفيس، گهاري ۾ وٺي آيو، جيڪو منهنجي آفيس جي ڀرسان هيو.
مون پڇيو ڇا ٿيو؟ هيڊماستر چيو انيس کان پڇو. هن کان پڇيم ته چيائين: “ڊيڊي ٻار پڙهي پڙهي تنگ ٿي پيا هئا. گهنڊ (bell) وڄايم ته ڀلي موڪل ڪن ۽ گهر وڃن ۽ اسان به گهر وڃون.” اهو هيو اسان جو آزادي پسند انيس. کپري ۾ چورن کي ڇڏائيندو هيو ۽ هتي ٻارن کي وقت کان اڳي موڪل ڪرائي ڇڏيائين.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان ٽنهي ٻارن کي اسٽيل مل جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتي وڃڻ وقت هر هڪ پاسي ٽائيم 20 منٽ لڳندو هيو. صبح جو ٽئي ٻار اسڪول لاءِ اسٽيل مل ۾ نڪري ويندا هئا. ڊرائيور صديق ڪار سوڌو اتي سندن انتظار ڪندو هيو ۽ موڪل جي وقت کين واپس وٺي ايندو هيو. اهو سلسلو تيستائين رهيو، جيستائين مان گهاري ۾ هئس. مسٽر محمد اسماعيل لانگاهه ٽيوشن ڏيندو هيو. اسماعيل صاحب لکيل پڙهيل نوجوان هيو. اسان جو family friend هيو. CSS امتحان ڏنائين، audit & accounts گروپ آيس.

ADM محترم انورالدين ميمڻ ڇا ته زبردست ماڻهو هيو. صاف سٿرو ماڻهو، ڄاڻو ۽ گهڻو محنتي. ADM گهڻو ڪري مختيارڪارن سان خوش هوندا آهن، پر AC/SDM ۽ ڊي سي جي وچ ۾ لڳائي بجهائي ڪري تعلقات خراب ڪندا آهن، پر هيءَ ماڻهو ڇا ته ماڻهو هيو. هن جو پٽ ISI ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي. سٺو ۽ سلڇڻو ڇوڪرو آهي. انور صاحب اتان ئي رٽائرڊ ڪيو ۽ ٺٽي ۾ settle ٿي ويو. رٽائرڊ ٿيڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو.

[b]مئخانو[/b]
منهنجي آفيس ۾ چانهن جو کُليو کاتو هيو. تقريباً هر ماڻهوءَ کي چانهن ملندي هئي. مشتاق باگاڻي گهاري ۾ ليبر آفيسر هيو. اديب ماڻهو هيو، ٻه ٽي ڪتاب تيستائين لکي چڪو هيو. نومبر 2015 جي آخر ۾ ايڪسپو سينٽر ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جي نمائش ۾ ملاقات ٿي. مان وانگر هو به جهونو ٿي ويو آهي. پر همت ڪري Ph.D ڪري ويو آهي. هن جي مون وٽ گهاري ۾ گهڻي اچ وڃ هوندي هئي. بس اسٽاپ تي لهي منهنجي آفيس اچي چانهن پي پوءِ ڌاٻيجيءَ ڪم تي ويندو هيو. چوندو هيو ته
“الله توهان جو تڏو برقرار رکي، توهان وٽ چانهن ۽ چاهه جو هر وقت مئخانو متل آهي.”

هڪڙي اهڙي ئي ڏينهن جڏهن منهنجي آفيس ۾ چانهه جو مئخانو متل هيو ته تعلقي ميرپور ساڪري جا ڪجهه چانهه جا موالي وڏيرا چانهه جون چسڪيون به هڻي رهيا هئا ۽ اندر به اوري رهيا هئا. جڏهن ڏٺائون ته صاحب موڊ ۾ آهي ته هڪ دوست اسماعيل بگهياڙ چيو ته سائين توهان ائين ڀلا ڇو سمجهندا آهيو ته وڏيرو/ زميندار هميشه ڏوهي آهي ۽ غريب غربو، هاري ناري حق سچ تي هوندو آهي.
مون کي سندس اهي لفظ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. مون چيو: “مهرباني. تون جيڪڏهن اهي پنهنجي دل يا تجربي مان چوين ٿو ته مان ان کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ ڪو انعام نٿو سمجهان، پر پڪ ڄاڻ ته هر وڏيري کي مان ڏوهي ناهيان سمجهندو.”

[b]MRD جو ٺهڻ
[/b]ضياءُ جي ظلمن جا ڏينهن ڊگها ٿي ويا. جن نون ستارن گڏجي PNA ٺاهي هئي، انهن جي اڪثريت کي به اهو احساس ٿي ويو هيو ته جنرل ضياءُ الحق، جيڪو بظاهر ٻولو ڀالو ٿي لڳو، اهو اهڙو سادو سودو ناهي. پر سڀني کي پنهنجي سادگيءَ جو ڊرامو ڪري آڱرين تي نچائي رهيو آهي. هن ڪڏهن کين حڪومت جو لالي پاپ پئي ڏنو ته ڪڏهن اهو لالي پاپ کسي پئي ورتو. هن پنهنجي حڪومت جي پيڙهه رکي ئي نفسياتي جنگ تي هئي. ماڻهن سان جنگ، پنهنجن جنرلن سان جنگ، عوام سان جنگ، سياستدانن سان جنگ، بيورو ڪريسيءَ سان جنگ. هاڻي سياستدان به سمجهي ويا هئا ته هي تيل سڌين آڱرين سان نه نڪرندو.
اهي سياستدان، جن جي مهم سازيءَ جي ڪري ڀُٽي صاحب جي حڪومت هلي وئي. مارشل لا لڳي ۽ ڀُٽي صاحب کي بلآخر ڦاسي چاڙهيو ويو. اهي هاڻي وري ڀٽو بيگمات جا همدرد ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته ڪيئن گڏجي سڏجي ضياءُ جي حڪومت جو خاتمو آڻجي ۽ جمهوريت جو بول بالا ڪجي ۽ ڪا جمهوري حڪومت ٺاهجي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي زهر جو ڍڪ پيئڻو پيو. انهن جون اهڙن سياستدانن سان سڌيون ۽ اڻ سڌيون ڳالهيون ٿيون. طئي اهو ٿيو ته جمهوريت جي بحاليءَ جي هڪ نقطي تي سياسي اتحاد ٺاهجي. باباءِ اتحاد نوابزاده نصرالله خان ان ڪم ۾ اڳ کان اڳرو نظر آيو. پ پ جي طرفان پيار علي الانا اهم رول ادا ڪيو. نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيائين. اٺن سياسي جماعتن جو Movement for Restoration of Democracry (MRD) جي نالي سان هڪڙو اتحاد وجود ۾ آيو. ان کي به ڏاڍن لاهن چاڙهن مان گذرڻو پيو. 1980ع ۾ ان اتحاد جو پايو پيو. مارچ 1981ع ۾ جهاز اغوا ٿيو ۽ ’الذوالفقار‘ نالي تنظيم ان جهاز جي اغوا ۾ ملوث ڄاڻائي وئي، جنهن جي سربراهيءَ جو تاج مير مرتضيٰ ڀٽي جي سر تي سجايو ويو. مير ڪڏهن پيو چئي ته “جهاز مان اغوا ڪرايو آهي”، ڪڏهن پيو چئي ته “ان تنظيم جو نالو ئي مان تڏهن ٻڌو، جڏهن اهو جهاز اغوا ٿي چڪو هيو.”
بهرحال اهو الزام PPP تي لڳو ۽ ان واقعي جي ڪري MRD جي نئين نئين ٺهيل تنظيم جا پَرَ اڏامڻ کان اڳ ۾ ئي ڪترجي ويا. جيڪا تنظيم جمهوريت کي بحال ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، ان کي وري پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ سال کن لڳي ويو. مشترڪه طور خواجه خيرالدين کي MRD جو سيڪريٽري ڪيو ويو. في الحال طئي اهو ٿيو ته هر پارٽيءَ کي ٽن مهينن لاءِ MRD جي سربراهي rotation سان ڏني ويندي.
جتوئي صاحب، ممتاز صاحب ۽ قائم علي شاهه، جيڪي لنڊن ويل هئا، اهي به ميدان ۾ لهي آيا. جتوئي صاحب ته اهو تاثر ڏنو ته اهو آمريڪا ۽ لنڊن مان سياسي لائين وٺي آيو آهي. هڪ وقت کيس ضياءَ، وزيراعظم جي به آڇ ڪئي هئي، پر وقت کان اڳ ۾ اهو پروپوزل ظاهر ڪرڻ تي ضياءُ مٿس رنج ٿي پيو. ممتاز علي خان ڀٽو هر هر فيڊرل سسٽم جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. طئي اهو ٿيو ته 14 آگسٽ 1983 کان وٺي تقريرون، جلسا جلوس مارشل لا جي violation ۾ ڪڍيا ويندا ۽ گرفتاريون ڏنيون وينديون. اهو سلسلو 14 تاريخ کان شروع ڪيو ويو، پر پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ معاملو سست ٿي ويو.
سنڌ ۾ دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ خيرپور ضلعا اڳڀرا رهيا. ٻين ضلعن به پنهنجو پاڻ ملهايو، پر اڳتي هلي اهو پُرامن احتجاج، court arrest آرميءَ جي دخل اندازيءَ ۽ سخت سزائن جي ڪري پرتشدد ٿي ويو ۽ ڪٿي ڪٿي آرمي ۽ عوام جو ٽڪراءُ به ٿيو. سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان به پهتو. ڌاڙيل فيڪٽر به انهن سالن ۾ اُڀري آيو هيو (يا اُڀاريو ويو هيو). حڪومت پوءِ اهو به چوڻ لڳي ته انهن پرتشدد واقعن ۾ پرو چانڊيو ۽ سندس ڪمپني به شامل آهي.
هڪ طرف حڪومت ۽ آرميءَ جي دٻ، ٻئي طرف عوام سان ڳوٺن، شهرن ۽ روڊ رستن تي ڌاڙيلن جو آزار. عوام هڪ طرف باهه. ٻئي طرف پاڻيءَ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هيو. انهن ڳالهين حڪومت ۽ خاص طور جنرل ضياءَ لاءِ وڌيڪ نفرت ۽ حقارت پيدا ڪري ڇڏي هئي. اهو به عجيب phenomenon هيو ته پوري صوبي ۾ فوج ڦهليل هئي. جنهن کي به چاهيو پئي، جهلي پئي سگهي. پر حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ هئي ته فوج نه ڪڏهن ڌاڙيلن سان مُنهان مُنهن ٿي، نه ئي encounter ۾ اهي ناس ٿيا. البته ڌاڙيلن جا جيڪي ٽولا هئا، اهي پوليس جي پٺڀرائيءَ سان وارداتون ڪندا رهندا هئا.

[b]سياستدان گهاري ريسٽ هائوس تي نظربند
[/b]جتوئي صاحب کي ڪراچيءَ ۾ arrest ڪيو ويو ۽ ممتاز ڀٽي صاحب کي ٽنڊي الهيار مان گرفتار ڪيو ويو، جيڪو لنڊن مان دل جي عارضي جو علاج ڪرائي سنڌ موٽيو هو.
انهن ٻنهي صاحبن کي مخدوم خليق الزمان، معراج محمد خان ۽ خواجه خير الدين سان گڏ گهاري ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. گهاري ريسٽ هائوس کي سب جيل قرار ڏنو ويو. اتي بدين کليل جيل جي سپرنٽينڊنگ، ’رانا‘ کي انچارج ڪري رکيو ويو. رانا وڏو خڙوس قسم جو جيل سپرنٽينڊنٽ هوندو هيو.
مان MRD جي تحريڪ دوران پورو عرصو گهاري ۾ SDM هئس. منهنجي سرڪاري رهائش گاهه، راڪ هائوس، فلٽر پلانٽ جي گهاري واري ريسٽ هائوس کان سڏ پنڌ تي هئي. پهرين ڏينهن تي جڏهن انهن سياسي ليڊر قيدين کي گهاري ريسٽ هائوس تي موڪليو پئي ويو ته مون کي DC رند صاحب brief ڪيو ۽ چيو هيو ته جيڪي به سندن permissible ضرورتون آهن، جن جي پوري ڪرڻ جي جيلر اجازت ڏئي، اهي پوريون ڪجو. رند صاحب ته جتوئي صاحب جو پٽيلو هيو ۽ مخدوم خليق جو به دوست هيو. ممتاز علي ڀٽو صاحب منهنجو ڳوٺائي هيو، پر اسان جي اڳ ۾ منهان منهن ملاقات ڪونه هئي، نه ئي وري مونکي سڃاڻندو هيو. علي حسن منگي صاحب سندس سياسي ۽ ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هيو.
گهاري ريسٽ هائوس ۾ ٽي سُوٽ/ ڪمرا هئا ۽ همراهه پنج، مون جيل سپرنٽينڊنگ کي چيو سڄو ريسٽ هائوس کين ڏيکاري ۽ مٿن ڇڏي ته ڪير ڪنهن سان ڪمرو share ڪندو.
پوءِ خبر پئي خواجه صاحب ۽ معراج صاحب گڏ رهيا. جتوئي صاحب اڪيلو رهيو ۽ ممتاز صاحب ۽ مخدوم خليق صاحب ڪمرو شيئر ڪيو.
مان پهرين ڏينهن تي کانئن ٽائيم وٺي وڃي مليس. پنهنجو تعارف ڪرايو. حجاب جون ديوارون هيون. ٻئي ڏينهن تي Kb Rind، جيڪو DC/DM هيو، اهو به ساڻن ملڻ آيو. سپرنٽينڊنگ ’رانا‘ به ڪن ۽ اکيون کولي اسان سان ٻٽ ويٺو. هڪ پل به پري نه ٿيو. اتي ساڻن رسمي طرح ملاقات ٿي. ڊي سي صاحب اڌ ڪلاڪ ويهي روانو ٿيو.
ٻئي ڏينهن سياسي قيدين بک هڙتال ڪري ڇڏي. سندن مطالبو هيو ته ريڊيو ۽ اخبارون پهچايو. مون کي اطلاع ڪيو ويو. وٽن ويس. کين گذارش ڪئي ته توهان جي صحت ۽ حياتي اسان لاءِ اهم آهي. ماني کائو. Home Secretary کي چئون ٿا. مان ڳالهائي هليو آيس. پوءِ چيڪ ڪيو ته خبر پئي ته منهنجي گذارش کي مان ڏنائون ۽ ٻئي ڏينهن تائين بک هڙتال ختم ڪئي وئي. ڊي سي صاحب هوم سيڪريٽري سان ڳالهايو. ريڊيو جي موڪل ملي، جيڪو هنن پاڻ arrange ڪيو. باقي اخبارن ۾ مشرق ۽ Pakistan Times سرڪاري اخبارن جي اجازت ملي. تڏهن اهو مرحلو وڃي حل ٿيو.
پوءِ منهنجو اهو معمول ٿي ويو ته آءٌ روزانو ساڻن ملڻ ويندو هوس. چانهه به گڏ پيئندا هئاسون. بي بي سي به گڏ ٻڌندا هئاسون. جيئن ڏينهن گذرندا پئي ويا، تيئن اسان جي ويجهڙائپ ويتر وڌندي پئي وئي.
هڪ ڏينهن واڪ (walk) ڪندي ممتاز صاحب مون کان پڇيو ته: ”منگي صاحب توهان ڪٿي جا آهيو؟“ مون چيو: ”سائين رتيديري جو.“ مسڪرائي چوڻ لڳو: ”پوءِ پنهنجي ملاقات پهرين ڇو نه ٿي آهي؟“ مان چيو: ”سائين توهان وڏا ماڻهو، گورنر ۽ چيف منسٽر. اتان هٽيا ته هاڻي سرڪار سڳوريءَ جي تحويل ۾ اچڻ سبب بدنصيبي يا خوش نصيبيءَ سان ملاقات ٿي آهي.“
سڀني جي نمائندگي جتوئي صاحب ڪندو هيو. ڪو اجتماعي معاملو هوندو هيو ته جتوئي صاحب ئي ڳالهائيندو هيو.
منهنجي سب ڊويزن ٽن تعلقن تي ٻڌل هئي. منهنجي سياسي ورڪرن سان ۽ عام ماڻهن سان ايتري سٺي PR هوندي هئي، جو جيڪڏهن ڪو ورڪر court arrest جي تياري به ڪندو هيو ته مون کي خبر پئجي ويندي هئي. کيس شرمائيندو هوس ته رڪجي ويندو هو. مان کين چوندو هوس ته توهان ڀلي جلوس ڪڍو، پر مان توهان کي arrest ئي نه ڪندس. گهوڙاٻاري تعلقي ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي ’ڌنڌاري‘. اتي جا سڀ ماڻهو عوامي تحريڪ جا تربيت يافته ورڪر هئا. آخر هنن تنگ ٿي فيصلو ڪيو ته پاڻ کي ڪورٽ اريسٽ ٺٽي ۾ ڪرائينداسون. جٿن جا جٿا گهاري جي بدران ٺٽي شهر ۾ وڃي گرفتاريون ڏيندا هئا.
ميرپور ساڪري ۾ 12 ربيع الاول واري جلوس کان اڳ ۾ اسڪول جي هڪ شاگرد هڪڙي ڪار جو شيشو ٽوڙي وڌو. پوليس کيس جهليو. سندس مائٽن کي گهرائي وارننگ ڏئي، ڇڏي ڏنو. ان کان پوءِ وري ڪو مسئلو پيدا نه ٿيو. آهستي آهستي سياسي قيدي به هتان transfer ٿي ڪراچي روانا ڪيا ويا. وڏو بار ۽ ذميداري لهي پئي.
ان سال (نومبر 1983) جي 12 ربيع الاول تي جتوئي صاحب MRD جي طرفان گرفتارين ۽ تحريڪ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. نيٺ ماٺ ٿي وئي.

[b]جوابدار عبدالحفيظ پيرزادو ۽ وڪيل رضا رباني
[/b]مون جڏهن گهارو ۾ چارج ورتي ته ڪو به AC/SDM ڪو نه هيو. ڪجهه مهينن کان اتي اها پوسٽ به خالي هئي. آفيس جي ٻئي ڪم سان گڏ روينيو ۽ ڪرمنل ڪيسز جو ڪم به رهيل هيو.
ٻئي ڪم سان گڏ ڪيسز کي به سنئون سڌو Streamline ڪرڻو پيو. جيڪي ڪيس فائيل تي چڙهيل نه هئا، اهي فائيل تي چاڙهيا. جن ڪيسن ۾ جوابدار نه پئي آيا، انهن کي سمن، بيل ايبل وارنٽ ۽ نان بيل ايبل وارنٽ جاري ڪيا ويا. ان سان گڏ اهڙن ڪيسن جي لسٽ ٺاهي تاڪيدي خط SP ٺٽو کي آگاهيءَ ڏيڻ واسطي ۽ ان مقصد لاءِ موڪليو ويو ته جوابدار پيش ٿين. ان سان گڏ ان لسٽ جي ڪاپي سيشن جج ۽ DM کي به رواني ڪئي وئي ته جيئن هُو به SP کي چئي سگهي. اهڙن قدمن سان جوابدار ۽ شاهدي ڏيندڙ جلدي جلدي اچڻ لڳا.
انهن ڪيسن ۾ هڪ شڪار جو ڪيس هيو. ڪيس ته مائينر ايڪٽ جو هيو، پر منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. جڏهن مون ڏٺو ته اهو ڪيس ملڪ جي هڪ مشهور سياسي شخصيت، جناح عبدالحفيظ پيرزاده تي داخل هيو. ڪيس ڪجهه هن نوعيت جو هيو ته عبدالحفيظ پيرزادي صاحب جي گاڏي جڏهن گهاري جي چيڪ پوسٽ تي بيهاري، ان جي چيڪنگ ڪئي وئي ته، گاڏيءَ جي ڊگيءَ مان وڏي تعداد ۾ شڪار ٿيل تتر مليا. کانئس شڪار جي اجازت نامي بابت پڇا ڪئي وئي. جيڪا هو پيش نه ڪري سگهيو. ان ڪري غير قانوني طور تي وڏي تعداد ۾ تترن جي شڪار سبب کيس چالان ڪيو ويو ۽ مچلڪي تي شڪار کاتي جي آفيسر کيس آزاد ڪيو. ڪيس SDM گهارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪا مجاز عدالت هئي.
چالان کان پوءِ ڪيس يڪو پيل هيو. هي ماڻهو ته وڏو هيو، پر مون کي ڪيس ته هلائڻو هيو. مون سمن ڪڍي. ٻي ۽ ٽين سمن تي سندس وڪيل رضا رباني صاحب (جيڪو هينئر سينيٽ جو چيئرمين ۽ ان منصب مطابق پاڪستان جو نائب صدر آهي) ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿيو.
ٻي شنوائيءَ تي حفيظ پيرزادو صاحب ۽ سندس وڪيل رباني صاحب ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا. مون پنهنجي چيمبر به ئي پيرزاده صاحب تي چارج فريم ڪئي، جنهن کي هن Pleaded not guilty ڪيو. ڪيس ٻي تاريخ تي هلڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. رباني صاحب، حفيظ صاحب کي حاضريءَ کان آجي ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي، جيڪا قبول ڪئي وئي. ڪيس جي ٻي تاريخ رکي وئي. فرياديءَ ۽ شاهدن کي ٻي تاريخ تي اچڻ جا سمن جاري ڪيا ويا.
ٻئي ڏينهن تي ضياءَ صاحب جي حڪومت جا نمائندا مون وٽ آيا، پڇيائون توهان وٽ عبدالحفيظ پيرزادو ڪيئن آيو هيو. مون کين حقيقت ٻڌائي، چوڻ لڳا توهان ڪيس مان آجو ڪندؤس يا سزا ڏيندؤس. مون چيو مون کي خبر ناهي. اهو منحصر آهي شاهدن ۽ وڪيلن تي.
ڪيس هليو. فريادي به پنهنجي FIR کي پوري طرح سپورٽ نه ڪيو. شاهد به سڀ ڦري ويا. جوابدار جي طرفان بچاءُ پيش ڪيو ويو. ڪيس ’ڦُس‘ ٿي ويو. ڪا شاهدي ڪانه بيٺي. ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيس فيصلي تي رکيو ويو، ۽ عام اصول تحت پيرزادي صاحب کي به سندس وڪيل جي توسط سان فيصلي واري ڏينهن ڪورٽ ۾ حاضر ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وئي.
کلي ڪورٽ ۾ پيرزاده صاحب ۽ سندس وڪيل جي روبرو فيصلو ٻڌائي ڪيس مان باعزت بري ڪيو. ٻئي ڏينهن تي ضياء جا نمائندا اچي پهتا. پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو به هڪ وڏو قصو آهي. الله مالڪ آهي.

[b]پوليس وين ۽ جنرل جي ماني
[/b]ايم آر ڊي (MRD) تحريڪ دوران جنرل ضياءَ، سنڌ جي ٻرندڙ ضلعن جو دورو ڪيو. ٻيا ضلعا گهمندي دادو پهتو. دادوءَ جا ماڻهو ڀريا ويٺا هئا. گڏهن تي ضياءَ جا نالا لکي انهن کي ڳچي ۾ پادر وجهي شهر ۾ ڇڏي ڏنائون. ڀتين تي ضياءَ جي خلاف نعرا لکيائون، جنهن رستي تان ضياءَ جو لنگهه هيو، اتي ماڻهو اگهاڙا ٿي بيهي رهيا. ضياءَ کي اوگهڙ ڏيکاري ۽ بُجا ڏنائون. شريف بلوچ اتي ڊي سي هيو ۽ عبدالله ميمڻ صاحب ڊويزنل ڪمشنر هيو. SP کي دل جو دورو پيو. بهرالحال ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ سنڌ جا دورا گهٽائي ڇڏيائين.
ڪجهه وقفي کان پوءِ وري ٺٽي ضلعي جي دوري کان سنڌ جا دورا شروع ڪيائين. جنرل صاحب ٺٽي آيو ۽ ضلعي جي معززن، صوبائي ڪائونسل جي ميمبرن ۽ مجلس شوريٰ جي ميمبرن سان سرڪٽ هائوس ۾ ملاقاتون ڪيائين ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. کين نويد ڏنائين ته ٻي سڄي ملڪ ۾ ته ٺاپر آهي، پر سنڌ ۾ اها تحريڪ ڏوهاري قسم جا ماڻهو، پاٿاريدار، وڏيرن جي چُرچ تي هلائي رهيا آهن. ٺٽو شگر مل سنڌ سرڪار هلائي رهي هئي، ان جو GM نارا صاحب ۽ سيد هدايت الله ڊائريڪٽر هيو. ٺٽي شگر مل ۾ vip جي ماني ڏاڍي سٺي ٺهندي هئي. جنرل صاحب ۽ هن جي جٿي جي ماني به شگر مل ۾ تيار ڪرائي وئي. طئي اهو ٿيل هيو ته جنرل صاحب ماني مِل ۾ نه، پر سرڪٽ هائوس ۾ Quite لنچ ڪندو. Quite لنچ جو مطلب اهو آهي ته صدر صاحب ٻين ماڻهن سان گڏجي لنچ نه ڪندو. سيڪيورٽي سببن جي ڪري پاڻ اڪيلو يا چند مخصوص ماڻهن سان ويهي، الڳ ٿلڳ ماني کائيندو.
مان صدر صاحب جي مانيءَ ۽ سرڪٽ هائوس جي بندوبست ۾ رُڌل رهيس. Kb Rind صاحب DC هيو. ماني جڏهن شگر مل ٺٽي کان گهرائڻ جو وقت آيو ته مون کي هڪ خيال آيو ته جيڪڏهن صدر صاحب جي ماني اغوا ٿي وئي ته وڏو مسئلو ٿي پوندو. دادو وارو منظر اسان جي آڏو هيو. ورڪر ڪنهن حد تائين به وڃي پئي سگهيا. جيڪڏهن ديڳيون ٽرڪ ۾ وجهي سرڪٽ هائوس آنديون ويون ۽ ڪنهن جو موڊ ٿيو ته ٽرڪ صدر صاحب جي ماني سوڌو اغوا ٿي سگهي پئي. ائين جي ٿي پيو ته انتظاميا جي وڏي بي عزتي ٿي ويندي. ان امڪاني معاملي کان بچڻ لاءِ مون اهو طئي ڪيو ته صدر صاحب جي مانيءَ جون ديڳيون Police Van ۾ وجهي ان کي چڱي طرح لاڪ ڪري اڳيان پويان سخت سيڪيورٽيءَ ۾ هڪ SDM جي نگرانيءَ ۾ سرڪٽ هائوس ۾ آنديون وڃن.
مون اهو سڄو پلان رند صاحب سان ڊسڪس ڪيو ۽ هن اوڪي جو سگنل ڏنو. مون چپ چاپ ۾ اهو ’آپريشن فوڊ‘ مڪمل ڪيو. هيلي پيڊ به سرڪٽ هائوس جي ڀرسان مڪليءَ تي ئي ٺهيل هيو. تنهن ڪري صدر صاحب کي عوام جي ڪنهن ناشائسته حرڪت جي مظاهري کي ڏسڻو نه پيو. ڪڏهن ڪڏهن انتظاميا کي عجيب و غريب قسم جا فيصلا ڪرڻا پون ٿا. امڪاني مسئلن کان بچڻ لاءِ اسان جي آڏو صرف اهي واقعا اچن ٿا. جيڪي ڪنهن بي پرواهيءَ ۽ ڪوتاهيءَ جي ڪري روڪجي نٿا سگهجن ۽ ٿيو ٿا پون. پر جيڪي واقعا انهن precautions جي ڪري نٿا ٿين ۽ ڏسڻ يا ڪنهن ڳڻپ ۾ نٿا اچن، انهن جي ڪنهن کي خبر نه ٿي پوي.

[b]ايڌي صاحب سان پهرين ملاقات
[/b]اهڙي ئي باهه جي هڪ واقعي ۾ ڪيٽي بندر تعلقي جي هڪ شولاڻي پروچن جي ڳوٺ کي باهه لڳي. سڄو ڳوٺ سڙي رک ٿي ويو. کائڻ پيئڻ جو سامان، گهر جي رڌپچاءُ جا ٿانوَ، هنڌ بسترا، لٽا ڪپڙا، سڀ ڪجهه سڙي پٽ سان پٽ ٿي ويو. صرف ماڻهو جانيون ئي بچائي سگهيا. مون سرزمين وڃي ڏٺي. ڏک واري صورتحال هئي. اوڙي ٻاڙي کي، يونين ڪائونسل ۽ روينيو اسٽاف کي متحرڪ ڪيو. جلدي جلدي ۾ جيڪي ٿي سگهيو، سندن مدد شروع ڪئي وئي. جلدي موٽي آفيس آيس. صوبائي هلال احمر کي عرض ڪيو، جتي فرانسز لوبو سنڌ جو انچارج هيو ۽ سيد خادم حسين شاهه (ميرپورخاص وارو) وائيس پريزيڊينٽ هيو. ٻي فون عبدالستار ايڌي صاحب کي ڪيم. ايڌي اڃا ايڏو ڄاتل سڃاتل ڪونه هيو نه وري گهڻو TV تي ئي اچڻ مناسب سمجهندو هيو.
ٺيڪ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ منهنجي پٽيوالي منهنجي آفيس ۾ اچي ٻڌايو ته ايڌي صاحب پهچي چڪو آهي. مان تڙ تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتس. ٻاهر هڪڙو مزدور/ ڊرائيور نما ماڻهو نظر آيو. مٿي تي ڪاري ٽوپي، کاڌيءَ جا ڪپڙا، ملائيشيا رنگ جا پيرن ۾ چپل، اڇي ڪاري ننڍڙي ڏاڙهي، مون هٿ ملائڻ کان سواءِ کانئس پڇيو ته “ايڌي صاحب ڪڌر هئي؟” هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ وراڻيو ته “مين هون”. مون کيس پهريون دفعو ڏٺو هيو. کيس چيم ته اچو چانهن پيئون. چيائين “نه. مون کي ماڻهو ڏيو ته سرزمين تي وٺي هلي. ٽائيم ٿورو آهي. مون کي موٽڻو به آهي.” مون پنهنجو پي. اي سندس حوالي ڪيو. خدا حافظ چئي، سوزوڪي سامان سان ڀريل هلائيندو، هو روانو ٿي ويو. ٻي سوزوڪي سندس پٽ هلائي رهيو هو. سامان سرزمين تي ڇڏي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. اها هئي منهنجي ستار ايڌيءَ سان پهرين ملاقات.
رشيد عباسي ۽ نور محمد چوهاڻ
مان جنهن ڏينهن گهارو ۾ لڏو لاٿو. ان رات جو ٻه نوجوان مون وٽ آيا. ويهارڻ جو بندوبست ڪونه هيو. ٻه ٽي ڪرسيون ڪڍائي گهر جي ٻاهران ويهي رهياسون. ٻئي ڪراچي واٽر بورڊ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هئا. ٻئي نوجوان ٽيهن سالن کان ننڍا، پُر جوش ۽ پُرعزم پئي نظر آيا. ٻه ٽي مهينا ٿيا هئا ته کين نوڪريون مليون هيون. هڪ جو نالو نور محمد چوهاڻ هيو. هيءَ ٺٽي ضلعي جو رهاڪو تعلقي گهوڙا ٻاريءَ جي غريب خاندان جو فرد هيو. ٻيو هيو عبدالرشيد عباسي. هي سکر ضلعي جي پني عاقل تعلقي جي ڪلهوڙا خاندان مان هيو. سٺي بيٺل خاندان سان سندس تعلق هيو. تيز ترار هيو. ٻنهي کان خير خيريت پڇي. پنهنجو تعارف ڪرايو. پڇيائون ته نوان نوان گهاري ۾ آيا آهيو. ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌايو، اسان حاضر آهيون.
مون کي خوشي ٿي ته ٻه سٺا سنڌي فضيلت وارا نوجوان هت نوڪريءَ ۾ آهن. کين جس هجي جو هتي مون کان ڏک سُور پڇڻ آيا آهن.
پوءِ اهي ٻئي منهنجا life long دوست ٿي ويا. نور محمد هاڻي رٽائرڊ ڪيو هوندو يا رٽائرڊ ڪرڻ وارو هوندو. واٽر بورڊ ۾ چيف انجنيئر ٿي ويو هو.
عبدالرشيد عباسي ته ڏاڍو پرواز ڪيو. ياري باشيءَ وارو نوجوان هيو. خيرپور مان سومرا خاندان مان شادي ڪيائين. ادي ذڪيه سندس گهر واري هاڻي PECHS ڪراچيءَ ۾ گرلس ڪاليج ۾ BS-20 ۾ پرنسپال آهي.
رشيد عباسي جڏهن پيئڻ ويهندو هيو ته سندس حد نه هوندي هئي، هڪڙي ڏينهن ان لاحد کان به پنهنجي حد ٽپي ويو، ايتري حد ٽپي ويو جو وري نه موٽيو. SE ٿي ويو هيو. ڪراچيءَ ۾ ٻه گهر هئس. هڪ ۾ اسان جي ڀاڀي ذڪيه ٻارن سان رهي ٿي. ٻيو مسواڙ تي ڏنل اٿن. اهو فليٽ ٽي سال مون وٽ بنا مسواڙ جي رهيو. مان ۽ منهنجو خاندان رشيد عباسيءَ جي خاندان جا هميشه احسان مڃيندا آهيون.
رشيد اسان کي جوانيءَ ۾ ڇڏي ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي. هو هميشه منهنجو مددگار ڀاءُ رهيو.

[b]ڊاڪٽر بنگالي ۽ ڊاڪٽر ڦڳڻ ديپ
[/b]ڊاڪٽر ڦگڻ ديپ پهريائين ته رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽر هيو، پر استعيفيٰ ڏئي گهاري ۾ خانگي اسپتال کوليائين. منهنجي گهر واريءَ کي دائمي سنڌن جو سور رهندو هيو ۽ ان سان کيس ٻيون ننڍيون وڏيون تڪليفون به رهنديون هيون، جنهن ڪري ڊاڪٽر ڦگڻ جو وجود اسان جي گهر لاءِ وڏي نعمت هوندو هيو. ساڳي طرح ڊاڪٽر شمس الاسلام بنگالي پڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڪارآمد رهيو. هيو ته بنگالي، پر گهاري ۾ ڪلينڪ ٺهرائي هئائين. اسپتال هلائيندو هيو. محترمه عائشه اسلام سان شادي ڪئي هئائين، جيڪا پوءِ گهاري جي ڪائونسلر به ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ کيس ڌيءَ رابعه اسلام ڄائي، جيڪا هاڻي ٻارن ٻچن جي ماءُ آهي. سنڌي خاندان ۾ خميسي خان عمراڻيءَ جي پٽ سان شادي ٿي اٿس.

[b] UNICEF
[/b]سنڌ ۾ UNICEF کي، ٺٽي ۾ ۽ خاص طور گهاري ۾ ڪم ڪرڻ سولو لڳندو هيو. ان جا ڪيئي سبب هئا، پر بنيادي سبب هي هيو، جو گهارو ڪراچيءَ کي ويجهو هيو. يونيسيف جا نمائندا صبح جو نڪرندا هئا ۽ شام جو پنهنجي ماڳ تي پهچي ويندا هئا.
نذر ميمڻ صاحب سنڌ جو پراڻو ۽ ڄاتل سڃاتل سوشل ورڪر ۽ اسان جو يار آهي. اهو سنڌ UNICEF جو اسسٽنٽ پروگرام آفيسر هيو. پر جيڪو يونيسيف سنڌ جو گُرو هيو، اهو هو جان پيڪاڪ. هيو ته گورو، پر منجهس سڀ سنڌين واريون عادتون هيون. مون سان رلي ملي ويو هيو. سندن ورڪنگ رليشن شپ پاڻ ۾ شاندار هئي. ٻئي منهنجا دوست هئا. هنن کي ڪنهن ڳوٺ ۾ پاڻيءَ جي منصوبي ڏيڻ جي ضرورت هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڪميونٽي به شيئر ڪري. اسان ڪيٽي بندر Propose ڪيوسين. ڪيٽي بندر جو چڪر ڏنوسين. اوپن ڪچهري ڪئي سين، اتي جي ماڻهن سان ملياسين. عبدالعزيز ميمڻ اتان جو چيئرمين هيو. سندس والد نور محمد ميمڻ به برجستو ۽ دلبر ماڻهو هيو. هنن به يونيسيف جي پروجيڪٽ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.
پاڻيءَ جِي پراڻي لائين ڇهن ڪلوميٽرن تان ايندي هئي ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽي پئي هئي. نتيجي طور ڳوٺ کي پاڻيءَ جي سپلاءِ صحيح نه ٿي رهي هئي. طئي ٿيو ته يونيسيف 6 انچن جي PVC جي لائين 6 ڪلوميٽرن تائين ڏيندي ۽ ان جي انسٽاليشن جو خرچ پڻ ڏيندي، پر ان جي Running cost يو سي ۽ ڳوٺ وارا ڀريندا. اسپتال ۽ گرلس اسڪول جي به مرمت ڪرائي ڏيندا.
ان ڪم جو Project Director اسسٽنٽ ڪمشنر گهارو يعني مون کي مقرر ڪيو ويو. پائيپ لائين سينگاپور کان گهرائي وئي. جنهن کي جهاز ذريعي اچڻ ۾ ٻه مهينا کن لڳي ويا، جيڪا ڪراچي پورٽ کان سائيٽ تي پهچائي وئي. ٺيڪيدار هٿ ڪيو ويو. ڪافي تجربيڪار هيو. PVC ڪم ۾ PVC Factory گهارو مان ٽيڪنيڪل مدد حاصل ڪئي ويئي. اها پائيپ لائين مٽيءَ ۾ ٽي فوٽ اندر لڳائي وئي. وچ وچ تي outlets ڏنا ويا ته جيئن ڀرپاسي وارا ڳوٺ به ان مان پاڻي ڀري سگهن. يونين ڪائونسل/ ضلع ڪائونسل طرفان اڳ ۾ ئي ٽي ورڪر واٽر سپلاءِ تي مقرر هئا. اهو ڪم به انهن جي حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ وارن تي خرچ نه وڌوسين. اسڪول ۽ اسپتال جي مرمت به ڪئي ويئي. پائيپ لائين جي ٺهرائڻ لاءِ جيڪا رقم رکيل هئي، ان مان ڪافي رقم بچي پئي. Unicef جي اجازت سان ان مان اسڪول ۽ اسپتال لاءِ فرنيچر ورتو ويو.
ان منصوبي جي افتتاح لاءِ عبدالله ميمڻ صاحب، ڪمشنر آيو. پاڻ ڳوٺاڻن، يونيسيف ۽ ضلع ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جي ڪوششن کي ساراهيائين، پر انهن سڀني کان وڌيڪ منهنجي محنتن ۽ جفاڪشيءَ جي تعريف ڪئي. منهجي دل سچ ته ڏاڍي وڏي ٿي وئي.

[b]ضياءَ شيخ
[/b]هڪ عجيب Character ضياءَ شيخ جو آهي. هتي آيو ته مڇن جي ساول هئس. هن جو پيءُ مختيارڪار ٿي ميرپور ساڪري ۾ آيو هو. پيءُ بدلي ٿي ويس، ته پٽ هت وڃائي ويو. هندو آباديءَ ۾ هڪ فرد جي کوٽ، ۽ مسلمانن ۾ هڪ مسلمان جو واڌارو ٿي ويو. هئا ته صفا پڪا برهمڻ، سبزي خور، پر ضياءَ جو ڦرڪو ڦري ويو ۽ مسلمان ٿي ويو. ضياءَ جو اصلي نالو پريتم داس هو.
هن جي پيءُ جو نالو گوبندرام هيو. ذات جا مهيشوري هئا. هيءُ مئي 1947ع ۾ ڇاڇري ۾ ڄائو هيو. گوبندرام ميرپور ساڪري ۾ 1960ع ۾ مختيارڪار ٿي آيو. پريتم داس فيبروري 1962ع ۾ مولوي محمد امين عباسيءَ جي هٿ تي ضياءُ شيخ ٿيو. خبر پئي ته پياري منگيءَ ۽ احمد خان عباسيءَ جي دوستيءَ ۾ مسلمان ٿيو، جن سان گڏجي هو ڀنگ پيئندو هيو.
ساڪري جي هڪ نيڪ ماڻهو ڊاڪٽر ايم. ڪي قادريءَ کيس پٽ ٺاهيو. پنهنجو وارث ڪيو ۽ پنهنجي ڌيءَ ناهيد سان شادي ڪرايائين. ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو اٿس. اڄ ڪلهه ٻني ٻارو پيو ڪري ۽ دڪانن مان -/40000 رپيه مسواڙ مليس ٿي، جنهن ۾ زال مڙس جو گذر ٿئي ٿو.
پاڻ سياسي طرح active هيو. ڀٽي شهيد جو لاڏلو هيو. هاڻي فاطمھ ۽ غنويٰ ڀٽو سان آهي.

[b]حاجي عبدالغني گبول
[/b]منهنجو سڀ کان ويجهو ۽ گهڻگهرو يار، حاجي عبدالغني گبول هيو. سندس وڏا ٽي پيڙهيون اڳ بلوچستان مان هن پٽ ۾ لڏي اچي رهيا. روزگار جي سهولت سان هيڏي هوڏي سفر ۽ لڏپلاڻ ڪندا رهيا. سندس والد محمد صديق گبول سان منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون. وڏي عمر ۾ هتي ساڪري ۾ ئي فوت ٿي ويو. پاڻ پوليس مان جمعدار (Head Constable) ٿي رٽائرڊ ٿيو. حاجي غنيءَ پهريان هت ڪريانه جو دڪان کوليو. پوءِ وڏو خرچ ڪري هڪڙي هوٽل خريد ڪيائين. سندس وڏو ڀاءُ حافظ غلام نبي گبول هوٽل هلائيندو آهي ۽ حاجي غني سوشل ورڪ، ڪتابن ۽ اخبارن جي وڪري، اخبارن ۽ ٽي وي جي نمائندگيءَ جي حوالي سان ڪم ڪار ڪندو رهندو آهي ۽ سياست کي به محبوب مشغلو بنايو اچي.
1952ع ۾ ڄائو. 1979ع کان وٺي لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. هر چونڊ کٽيندو رهيو، پر بدنصيبيءَ سان 2015ع واري چونڊ هارائي ويٺو. زندگيءَ جو وڏو عرصو ڀٽي صاحب ۽ پ پ پ جو شيدائي رهيو. مير مرتضيٰ جي شهادت کانپوءِ بيبي غنويٰ سان، شهيد ڀٽو پارٽيءَ ۾ آهي، پر اليڪشن وري شيرازي گروپ سان گڏجي لڙيو. طبيعت جو تکو ۽ سچ چوڻ وارو آهي. بقول ڪنهن جي:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي.
بي انتها ايماندار ۽ هڏ ڏوکي آهي. ڪنهن کي پوليس ۽ انتظاميه سان ڪو مسئلو هوندو ته اچي مچي ڪري ساڻس گڏ نڪري پوندو. جيستائين ان جو مسئلو حل نه ٿئي، تيستائين ماٺ ڪري نه ويهندو. وس آهر ڪوشش پيو ڪندو. مون کي ڪي دوست چوندا آهن ته تون ۽ حاجي غني ٽيهن سالن کان به مٿي عرصي کان ڪيئن پيا ٿا نڀايو؟

[b]ڳاڙهو گرڊ اسٽيشن
[/b]1982ع ۾ هت روڊ رستا گهٽ هئا. بجلي ٿورن ڳوٺن ۾ هئي. ڳوٺ اونداهي ۽ ڪاراڻ ۾ وهنتل هوندا هئا. ماڻهن کي رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جو اونو ئي ڪونه هيو. پر ان علائقي ۾ ڪيلي جي آبادي، خاص طور گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ تعلقن ۾ تمام گهڻي ٿي رهي هئي. زمين جي ليول مٿي هئي ۽ پاڻي هيٺ هو. تنهن ڪري لفٽ مشينن تي پاڻي لڳايو ويندو هيو. ڊيزل ۽ پيٽرول تنهن زماني ۾ به مهانگو هيو. بجلي ايتري مهانگي ڪونه هئي. هاڻ ته ظلم آهي. هڪ ته بجلي مهانگي، ٻيو گهٽ پيداوار ۽ لوڊشيدنگ جو آزار.
ڪمشنر حيدرآباد عبدالله ميمڻ پاڻ به چوهڙ جماليءَ طرف، ٺٽي ضلعي جو آبادگار هيو. ٻيو ته ماڻهن سان به ويجهو ميل جول رکندو هيو. هن کي اها ڪنهن سُڌَ ڏني ته 100 کان مٿي ڊيزل پمپنگ اسٽيشنون لڳيون پيون آهن. انهن لاءِ هڪ گرڊ اسٽيشن ڳاڙهي ۾ لڳائي وڃي ته آبادگارن کي به سهوليت ٿيندي ۽ علائقو جنهن ۾ چارئي ڪوسٽل تعلقا آهن، اهي به روشن ٿي پوندا.
ان ڪيس کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مون تي ذميداري رکي وئي ته مان سرزمين تي وڃي انهن مشينن جي سروي ۽ چڪاس ڪري اچان. رستو اڻانگو هيو. مون پندرهن ڏينهن ۾ اهڙو سروي عملي ۽ ذاتي طرح مڪمل ڪري ورتو. 143 مشينون مليون، انهن مان هر مشين تي ۽ پنهنجي رجسٽر ۾ نمبر لڳايو ۽ وڌيڪ تفصيل پڻ درج ڪيا. اهي تفصيل ڪمشنر ۽ ڊي سي صاحب کي موڪليا، جنهن کان پوءِ حيدرآباد واپڊا جي عملي سان ڪمشنر صاحب سرزمين جو دورو ڪيو. جڏهن واپڊا وارن 50 مشينون ڏٺيون ته چيو، بس وڌيڪ ضرورت ڪونهي، اسان توهان جي سڄي رپورٽ کي مڃيون ٿا، جيڪڏهن وڌيڪ مشينون نه به هونديون ته اهي 50 مشينون به گرڊ اسٽيشن جي قيام کي Justify ڪن ٿيون. مون پنهنجي ليکي گرڊ اسٽيشن جو site به چونڊي ڇڏيو هيو، جيڪو ڳاڙهو ريسٽ هائوس جي ڀرسان هيو ۽ اتي ڪافي سرڪاري زمين هڪدم قبضي ۾ وٺڻ لاءِ موجود هئي. واپڊا وارن اها site پسند ڪئي. ٻن مهينن ۾ گرڊ جو ڪم شروع ٿي ويو ۽ هڪ سال ۾ مڪمل ٿيو. ميمڻ صاحب جي ان علائقي جي ماڻهن لاءِ اها وڏي Achievement هئي.

[b]شيخ زيد جو محل
[/b]هديه بلوچ ۽ بگهياڙ بلوچ به هتان جا ٻه وڏا اهم راڄ ۽ قومون آهن. گهاري، ڪيٽي بندر ۽ ڪوسٽل بيلٽ جي وچ واري پٽيءَ ۾ رهن ٿا. 1981ع ۾ منهنجو واسطو علي محمد خان هديه سان ۽ حاجي محمد صديق هديه سان ٿيو. حاجي صديق يونين ڪائونسل جو چيئرمين به هيو. نور محمد هديه رٽائرڊ سپروائيزر ۽ شيخ زيد سلطان جو هتي مئنيجر هيو. شيخ زيد ميرپور ساڪري ۾ هديه بلوچن جي ڳوٺ جي ڀرسان ٻه هزار کن ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي. اتي ئي ٻن بيڊ رومن جو Mini Palace ٺهرايو هئائين. جتي ڪڏهن ڪڏهن عرب شهزادا ۽ سندن دوست Bird Shoot لاءِ ايندا رهندا هئا. ان محل ۽ زمين جي سنڀال علي محمد هديه ڪندو هيو. اهو محل مون کي به ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي مانجهاندو به ڪيو.

[b]حاجي سوڍو بگهياڙ
[/b]حاجي سوڍو بگهياڙ ۽ محمد اسماعيل بگهياڙ جهونا جوڳي هئا. انهن جي مون سان اٿ ويهه هئي. حاجي سوڍو ته سٺو سگهڙ به هيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ويجهو هيو. اڪثر سندن ميرپور ساڪري ۾ پاڻ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. حاجي سوڍو سفر ۾ به بلوچ صاحب جو ساٿي هيو. تڏهن زمينون گهڻيون آباد ڪونه هين.
سندن پوين مان نور محمد هديو ۽ عبدالغني بگهياڙ چڱو ناماچار ڪڍيو آهي. عبدالغني بگهياڙ ته 2009-2005 ۾ تعلقه جو ناظم به هيو. شيرازي گروپ جي پاران. ٻڌو آهي ته هاڻي وري پي پي پي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
عبدالقادر لاشاري، پير بخش ڳاهو، صاحب ڏني ڳاهي جو سوٽ، غلام حسين ميمڻ، محمد هاشم ڪڇي، راجا رب نواز، خميسو خان عمراڻي ۽ محمد يوسف پيروزاڻي، گلاب شاهه، حاجي ڪرم علي جلباڻي، حاجي محمد عثمان جلباڻي (MPA/MNA) جو ڀاءُ، شيخ مٺو، جمن شاهه ۽ ڪي ٻيا يونين ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جا چيئرمين هئا.
امير علي شاهه به ان علائقي جو برجستو ماڻهو هيو. سائين جي. ايم. سيد کي ويجهو هوندو هيو. سندس ڀائٽيي نواز علي شاهه به تر ۾ چڱو ناماچار ڪڍيو.
نوجوانن ۾ عبدالعزيز بلوچ، انگريزي پڙهيل، سياست جو سٺو فهم رکندڙ آهي. ميرپور ساڪري ۾ صرف هڪڙي اخبار ڊان ايندي هئي. اها عزيز مرگهر لاءِ هوندي هئي. ڪوشش ۾ هوندو هيو ته ڪو کيس انگريزي پڙهيل ماڻهو ملي ته ان سان ڳالهائي. نه ته پوءِ دڪان وارن سان به پيو انگريزي ۾ گفتگو ڪندو وتندو هيو. جيتري قدر کيس ترقي ڪرڻ گهرجي ايتري نه ڪيائين. مون سان اڃا دل اٿس. نباهه پيو ڪري.

[b]اڪبر ڪلهوڙو
[/b]علي اڪبر ڪلهوڙو، آهي ته لاڙڪاڻي جو حاجي خان صاحب جو پٽ، پر هاڻي جنگيسر (تعلقه ڪيٽي بندر) ۽ ڪلاچيءَ جو ٿي ويو آهي. سندس لاڙڪاڻي اچ وڃ هاڻي گهٽ آهي.
1979ع ڌاري هي اليڪشن جو دؤر ۽ آرميءَ جو زور هيو. ان دؤر ۾ اڪبر ڪلهوڙو ضلع ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيٺو. چون ٿا ته کٽڻ واري پوزيشن ۾ هيو. آرميءَ جا صاحب به سندس دلداده هئا. اها خبر عام ماڻهن کي به پهچائي وئي. سندس مقابلي ۾ لاڏيون وارو، چانڊين جو سردار محمد موسيٰ چانڊيو چونڊن ۾ بيٺو.
خبر تڏهن پئي جڏهن اڪبر ڪلهوڙو هڪ ووٽ تان ڪِري پيو. اهو به چون ٿا ته ٺٽي جي سياست جو هڪ معجزو هيو. پر سندس ساٿي خادم حسين شاهه ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ويو. ان کان پوءِ اڪبر ڪلهوڙو وري ضلعي جي اليڪشن ۾ نه بيٺو. اهي ڏينهن اهي شينهن. زمينداري پيو ڪري. دوستن کي اليڪشن ۾ مدد ضرور ڪندو آهي. اسان جي دعا سلام آهي.

[b]ڊاڪٽر موسيٰ
[/b]انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي مسز کي سَنڌن جو سُور ڪجهه وڌيڪ ئي شدت اختيار ڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ هڪ ڊاڪٽر جو ڏس مليو. نالو هيس ڊاڪٽر موسيٰ ۽ تين تلوارن جي ڀرسان هلال احمر سينٽر ۾ ويهندو هيو هن بنيادي ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوءِ علاج شروع ڪيو. ان علاج مان خورشيد کي تمام گهڻو افاقو ٿيو.
ڊاڪٽر موسيٰ پاڻ به ان مرض جو مريض هيو. سندس جوڙن وٽان هڏ Deshape ٿي ويا هئا. قابل رحم ٿي ويو هيو. کيس ڏسي ڀؤ ٿيندو هيو. پوءِ جلد ئي فوت ٿي ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏيندو.

[b]گهارو ريسٽ هائوس
[/b]گهارو ريسٽ هائوس سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون منسوب آهن. هي ريسٽ هائوس 1930ع جي لڳ ڀڳ ٺهيو، جڏهن گهاري ۾ فلٽر پلانٽ تيار ٿيو. ان فلٽر پلانٽ جو ڪم ڪراچيءَ کي صاف پاڻي پهچائڻ هيو. هن فلٽر پلانٽ مان پهرين ڌاٻيجي جي پمپنگ اسٽيشن کي پاڻي پهچائڻو هوندو هيو ۽ پوءِ اتان ڪراچيءَ موڪليو ويندو هيو. اهو معاملو ان وقت جو هيو، جڏهن ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جي آدمشماري 350000 کان به گهٽ هئي.
گهاري ۾ پمپنگ اسٽيشن سان گڏ پٿر جو ريسٽ هائوس به ٺاهيو ويو ۽ ان سان گڏ خوبصورت لان ۽ Swimming Poll به.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آرام ۽ سڪون جا ڪجهه لمحا گذارڻ لاءِ پاڪستان جو وزيراعظم جناب لياقت علي خان فائيل گڏ کڻي هتي ايندو هيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ اڪيلائي، سٺي ماحول ۽ اَوَڌَ جي موسم جهڙي موسم جو مزو وٺڻ لاءِ هتي رهيو پيو هوندو هو. اهو سندس معمول هيو. چون ٿا پاڪستان ۽ سنڌ جي قسمت جا ڪيترائي اهم فيصلا پاڻ هن ريسٽ هائوس ۾ ڪيا هئا.

[b]بدلي- گهاري کان...
[/b]جون 1984ع تائين گهاري ۾ نوڪري ڪندي مون کي پوڻا ٽي سال گذري ويا. هي عرصو ڏاڍو سٺو پُرڪون ۽ Job satisfaction سان گذريو. هت ڪم ڪري دل خوش ٿي. غريب علائقو هيو. غريب غربي جي ڪم اچڻ سان دلي خوشي ٿيندي هئي. هاڻي ڪجهه ڏينهن کان سگنل اچڻ شروع ٿي ويا هئا ته، ٽي سال ٿي ويا آهن. مون به سوچيو ته ان کان اڳي جو اوچتو ڪا بلا مٿان اچي ڪِري، بهتر آهي ته پاڻ ئي راند رتي ڇڏجي ۽ ڪنهن ٻي مناسب جڳهه تي Posting ڪرائجي.
گهاري ۾ رهڻ دوران منهنجا سينئر آفيسرن ۽ سياستدانن سان چڱا تعلقات پيدا ٿي ويا هئا. مون کي ان وچ ۾ offer به ٿيو ته AC (Revenue) ڪراچي ايسٽ ضلعو ٿيان. جنهن ۾ موجوده ملير ضلعو به شامل هيو. ملير ۽ پورٽ قاسم سب ڊويزن جي SDM جي به offer ٿي.
مان عبدالڪريم لوڌيءَ جي آفيس ۾ پهتس. کيس پنهنجو قصو ٻڌايو ته مان بدلي ڇو ٿو چاهيان ۽ ٽنڊوالهيار ڇو؟ کيس اهو به ٻڌايو ته اعجاز چوڌريءَ کي ٽنڊي الهيار لاءِ clear ڪيو ويو آهي. لوڌي صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته سنڌ جي پوسٽنگ تي پهريون حق سنڌين جو يا پنجابين جو.
Aditional Secratry سالڪ نذير صاحب کي فون ڪيائين، جيڪو بدلين جو ڪرتا ڌرتا هيو ۽ ٻي فون ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب کي ڪيائين. لوڌي صاحب کي ڪير انڪار ڪندو. مان به اهو سوچي کيس عرض ڪيو هيو.
بدليون ٿيون. اعجاز چوڌري سينٽرل ڪراچيءَ ۾ لياقت آباد جو SDM ٿي ويو. ڪافي سالن کان پوءِ چوڌري صاحب سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٿي آيو ۽ ڏکين حالتن ۾ به ڪافي ڪامياب ٿي ويو. سڀاڳو خان جيڪو 9th ڪامن جو هيو ۽ ٺٽي ۾ ئي Training (UT) ۾ هيو. اهو منهنجي جاءِ تي گهاري جو AC/SDM ٿيو. منهنجي بدلي ٽنڊوالهيار ٿي وئي.