6. جون 1984- جون 1986ع
[/b]گهاري مان سڌو ٽنڊوالهيار آيس. مين روڊ کان شهر مان گذري هڪ گيٽ واري روڊ تي گهٽيءَ ۾ داخل ٿيس. ساڄي پاسي لڙيس ته سامهون AC/ SDM آفيس هئي. مون ڊي سيءَ جي PA کي چئي ڇڏيو هيو ته منهنجي آفيس ۽ مختيارڪار ٽنڊوالهيار کي نياپو ڪري ڇڏي ته مان ٽنڊي الهيار لاءِ روانو ٿي چڪو آهيان. آَفيس وارا انتظار ۾ هئا ۽ مختيارڪار محترم منصور قريشي ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار مشتاق مغل به ٿوري دير ۾ پهچي ويا. رمضان جو مهينو هيو، پر ٻنهي کي روزو ڪونه هيو. مون کي به روزو ڪونه هيو. رهائش ۽ مانيءَ جو بندوبست ريسٽ هائوس تي ٿيل هيو. رسمي طرح حال احوال ڪري ريسٽ هائوس تي آيس.
ٻئي ڏينهن تي سامان به اچي ويو ته خير سان family به پهچي وئي. گهر ۽ آفيس ساڳي احاطي ۾ هئا. دراصل بلڊنگ ميونسپل ڊسپينسريءَ جي هئي. اسپتال ٺهڻ سان ڊسپينسريءَ کي ختم ڪيو ويو هيو، جيئن 1977ع ۾ روينيو جي سب ڊويزن ٿي، ته ان کي اي. سي آفيس ڪيو ويو. پهريون اي سي محمد قاسم لاشاري هيو. ان کان اڳ ۾ ٽنڊوالهيار، هالا سب ڊويزن جو حصو هيو. اي سي جو ميڊيڪل آفيسر جو گهر هيو، گهر ۽ آفيس جي بناوٽ، پراڻين وڏين سرن سان ٿيل هئي، پر مضبوط ۽ ديده زيب هئي. گهر ۾ ڪجهه تبديليون ڪري ورانڊي ۾ باٿ روم ٺاهيا ويا هئا. ساڳيءَ ريت آفيس ۾ به تبديلي ڪئي وئي هئي. ڊرائيور ۽ نوڪرن جا ڪوارٽر به اتي هئا.
[b]ٽي نوجوان
[/b]ٻئي ڏينهن تي، جيڪو منهنجو آفيس ۾ پهريون ڏينهن هيو، ٽي نوجوان ملڻ آيا. ٽنڊي الهيار جي مقامي ماڻهن سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. هڪڙو ته پير نور محمد شاهه هيو، جيڪو ڪاماري شريف جي جيلاني گاديءَ جو گادي ڌڻي هيو. ڊگهو، ڀورو، سهڻو، ۽ لڳ ڀڳ 25 ٽيهن سالن جو، ٻيو هيو عبدالخالق هڪڙو، مسڻ وڏيءَ جو رهواسي، پر گهر ٽنڊي الهيار ۾ به هئس، زمينداري ڪندو هيو. ٽيون هيو محمد نواز اوٺو، اهو انجنيئرنگ ڪاليج/ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽ هيو، سول انجنيئرنگ ۾ پڙهي رهيو هيو. سٺو زميندار به هيو.
ساڻن خير آفيت ٿي. چانهن پيتيسين. ڪو ڪم ڪونه هون. ايئن ئي Courtesy call لاءِ آيا هئا. نه فقط ان ڏينهن ڪم نه چيائيون، پر ٽيهن سالن جي تعلق دوران به ڪو ڪم ڪڏهن به نه چيائون. ٽئي پاڻ ۾ ۽ منهنجا به انفرادي ۽ اجتماعي طرح دوست آهن. انهن ٽيهن سالن جي سفر ۾ ياري پنهنجي جاءِ تي اڄ به قائم ۽ دائم آهي.
ٽنڊي الهيار ۾ نوڪري گهاري سب ڊويزن جي ابتڙ لڳم. هتي جا ماڻهو خوشحال ۽ اڪثر سٺا زميندار آهن. سنڌ جي ڪنهن به تعلقي جي زمين هن تعلقي جي زمين جهڙي سٺي نه آهي. هر طرف انبن جي پوک هتي ٿئي ٿي. اگرچه ميرپورخاص به انبن لاءِ مشهور آهي. خير ٽنڊو الهيار به انبن جي پيداوار ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. سائين ڀورل شاهه ۽ سندس پٽ، علي نواز شاهه رضوي ۽ اميد علي شاهه رضوي اهڙن باغن جا سرواڻ سڏجن ٿا. ڀورل شاهه صاحب 1977ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي به ٿيو هيو. سياسي طرح ميرپور واري سائين غلام رسول شاهه جيلانيءَ سان ٻٽ هيو. محترم غلام حسين کوکر، جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو آهي. عبدالستار بچاڻي، انور بچاڻي ۽ ٻيا ڪيترا وڏا وڏا زميندار به ٽنڊي الهيار ۾ هئا. جن ۾ مصري شاهه امام جي درگاهه جو گادي نشين سيد مريد علي شاهه، مير مراد، ميمڻ برادري، يوسفاڻي برادري، مستوئي برادري ۽ امداد نظاماڻي صاحب، جيڪو پڻ انبن جي پيداوار سائنٽيفڪ بنيادن تي ڪري رهيو آهي. هي سڀ زميندار هڪ ٻئي کي ڏسي گوءِ کڻڻ ۾ رڌل نظر آيا. انبن کان علاوه، ڪمند ۽ ڪڻڪ جي به سٺي پوک ٿئي ٿي. عبدالستار سريوال، نجم الدين لغاري، ولي محمد ولهاري، غلام قادر مري، هاڻي ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ مگسي خاندان به داخل ٿي چڪو آهي. حاجي الله بخش مگسيءَ کي ڪجهه زمين هئي، پر سياست ۾ ايترو Active ڪونه هيو.
[b]شگر مل
[/b]پوري سب ڊويزن ۾ صرف هڪ شگر مل هئي. جڏهن ته ٽنڊوالهيار تمام جهجهي آباديءَ وارو علائقو هيو. علائقي ۾ ٻي شگر مل به هجڻ گهرجي ها. پر سرڪار جي zoning system جي ڪري مقامي شگر مل ”مهراڻ“ کان ٻاهر ڪمند ڪونه ويندو هيو، جيستائين هيءَ شگر مل وڃي بند ٿئي. ان پاليسيءَ جي ڪري مهراڻ شگر مل جي هڪ هٽي (Monopoly) هئي. جنهن کي چاهين ان کي Indent ڏين، جنهن کي چاهين، ان کي رولي ڇڏين. Indent هڪ پاس هوندي آهي، جيڪا شگر مل انتظاميا پاران آبادگارن کي ڏني ويندي آهي ته اهي پنهنجي ڪمند جي ٽرڪ فلاڻي وقت تي مِل تي ڏئي سگهن ٿا. ان طريقيڪار جي ڪري زميندار، مِل جي انتظاميه ۽ مالڪ سيٺ هاشم ميمڻ جا محتاج ٿي ويا هئا. مل وارا انڊينٽ آبادگارن کي ائين ڏيندا هئا، ڄڻ لپ اٽي جي ڏيندا هجن.
آبادگارن کي شڪايتون وڌنديون ويون. انهن جا جٿا مون وٽ شڪايتون کڻي آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن به پهتا. ان به اهي شڪايتون مون کي حل ڪرڻ لاءِ چيو. مون آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون. ان ۾ سڀئي آبادگار آيا. ايستائين جو ماتلي تعلقي جو حاجي عبدالله هاليپوٽو به شريڪ ٿيندو هيو، جنهن جي زمين به هن zone ۾ هئي.
حاجي هاشم کي گهرايم. هن کي Task ڏنم ته اهي شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ پندرهن ڏينهن اٿو، نه ته چيومانس انڊينٽنگ جي سسٽم کي انتظاميا پنهنجي هٿ ۾ کڻندي.
مون ٽنڊي الهيار جي آرميءَ وارن کي وقتاً فوقتاً آگاهه ٿي ڪيو. هنن سان منهنجي working relationship سٺي هئي. ميجر صاحب کي به ڪڏهن ڪڏهن آبادگارن ۽ مل وارن جي ميٽنگ ۾ ويهاريندو هوس. هو به آبادگارن جي مسئلن کان واقف ٿيندو پئي ويو. آبادگار به ساڻس ملي هاءِ گهوڙا ڪندا پئي رهيا. انتظاميا ۽ آرمي ٻنهي مسئلي کي حل ڪرڻ پئي چاهيو، هاڻي ”ٻليءَ کي گهنڊڻي ڪير ٻَڌي“. سو ان گهنڊڻيءَ جو ذمو مون ئي کنيو.
پندرهن ڏينهن گذري ويا، جن جو الٽيميٽم مل مالڪ کي ڏنو ويو هيو. مون آبادگارن جي جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ گهرائي، جنهن ۾ 100 کن ميمبر اچي گڏ ٿيا. انهن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مل وارا انڊينٽ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. انتظاميا جي انچارج ۽ نمائندي طور اهو بندوبست پنهنجي هٿ ۾ کڻي.
ميٽنگ جا فيصلا لکيا ويا. سڀني آبادگارن صحيون ڪيون. ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي سڀني آبادگارن، مِل مالڪان، ڊي سي، ڪمشنر ۽ آرميءَ جي اختياريءَ وارن کي موڪليون ويون. ميجر صاحب، ڊي ايس پي ۽ مختيارڪار به مون سان ميٽنگ ۾ گڏ هيا.
[b]شگر مل جو انڊينٽنگ سسٽم
[/b]هاڻي پيش رفت ڪيئن ٿئي. جنهن ڪم کي مِل جي انتظاميا، تربيت يافته عملي، اختيارن ۽ خرچن سان هلائي رهي هئي، ان کي آبادگار ۽ AC/ SDM ڪيئن هلائي سگهندا. آخر ڊگهي بحث کان پوءِ اهو طئي ٿيو ته هڪ Stearing Committee آبادگارن جي انڊينٽ ڪڍندي ۽ ايس ڊي ايم جو نمائندو، اُن تي صحيح ڪندو.
عبدالغني درس صاحب هن سڄي مسئلي ۾ اهم رول ادا ڪيو هيو، جنهن کي آبادگارن جي نمائندي طور ڪميٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. ڪم ڏکيو هيو، پر ڪم هلِي پيو.
آبادگار ڏاڍا خوش ٿيا. مل کي به بنا روڪ ٽوڪ جي ضرورت مطابق ڪمند ملندو رهيو. فيڪٽريءَ جي چمني هڪ ڏينهن لاءِ به بند نه ٿي. آبادگارن کي به هفتو اڳ ۾ انڊينٽ جي خبر هوندي هئي. تنهن ڪري هو پنهنجي ڪٽائي ڪري وٺندا هئا. آرمي به خوش، انتظاميا به خوش، آبادگار به خوش. نه خوش ته صرف مل انتظاميا. مسئلو ته هنن جو به حل ٿي ويو. فالتو اسٽاف به بچي ويو. هروڀرو مٿي جو سور به ختم، شڪايتون به ختم.
ٻه سال مان ٽنڊي الهيار ۾ رهيس. ڪرشنگ سيزن ۾ مل تي نظر رکندو رهيس. ڊي سي ۽ آرميءَ اختيارين منهنجي ڪوششن کي ساراهيو.
[b]نشو پتو
[/b]ٽنڊي الهيار جي مڪراني محلي ۾، نشي آور شين جو ڪاروبار، چوٽ تي چڙهيل هيو. اهي پاڻ کي بلوچ سڏائيندا هئا. سائين علي احمد ٽالپر صاحب وٽ وڃي پهچندا هئا ته اسان تنهنجا ووٽر آهيون. انتظاميا تنهنجي خلاف آهي. تنهن ڪري اسان کي هرو ڀرو تنگ ٿي ڪري. پوليس جا ڪجهه حلقا به ساڻن ٻڌل هئا.
ڊي سي صاحب کي به شڪايت پهتي. چيائين ته “ڪجهه ڪري ڏيکار.” مون اسٽريٽجي ٺاهي،حيدرآباد کان Lady constables گهرايون. هڪ صبح جو سوير مڪرانين جي گهر گهر جو سرچ آپريشن ڪيو. مان ۽ ڊي ايس پي جهان شاهه ۽ ايس ايڇ او رزاق آرائين ان آپريشن جي ذاتي طور نگراني ڪئي.
ڇهه ست عورتون ۽ پندرهن مرد پڪڙيا ۽ وڏي مقدار ۾ هيروئن، چرس، آفيم ۽ شراب برآمد ٿيو. سڀني قيدين کي هڪ پلان تحت نارا جيل سکر روانو ڪيو ويو. حيدرآباد جي جيلن ۾ ته سندن ڏيٺ ويٺ هئي ۽ اهي اڳ به اتي جيل ڪاٽي آيا هئا. مڪراني محلي جي Entry ۽ Exit تي به پوليس جون چيڪ پوسٽون لڳائي ڇڏيون. ان ڪم ۾ شهر واسين جون مهربانيون ۽ خدمتون شامل هيون. مولانا عيسيٰ خاراني، چيئرمين عبدالغني قائمخاني، احسان الحق خانزاده ۽ ٻيا ڪئي معتبر ان ۾ شامل هئا.
انهن قدمن سان 100 سيڪڙو نه، تڏهن به 80 سيڪڙو نشي جو ڪاروبار بند ٿي ويو. ڇاپي وارا جوابدار سال کن جيل ۾ رهيا. پوليس به خبردار ٿي وئي هئي.
[b]چيئرمين سان جهيڙو ۽ ٺاهه آخر ۾
[/b]مان جڏهن نئون نئون ٽنڊي الهيار ۾ آيس ته منهنجو ٽڪر ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين عبدالغني قائمخانيءَ سان ٿي پيو. هو صاحب جنرل بشير جو ڀاءُ هيو، جيڪو ان وقت صدر صاحب کي ڏاڍو ويجهو هو. چيئرمين صاحب ميجارٽيءَ ۾ هيو. هن جو به مٿو خراب هو. قائمخاني صاحب منهنجي خلاف ڪائونسل ۾ قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائي. تيستائين مون کي چارج ورتي صرف هفتو ٿيو هو. منهنجي لاءِ ڳالهه ته خواريءَ ۽ چيئرمين لاءِ Ego جي هئي. پر ان مان مون کي هڪ وڏو فائدو پهتو ته مون باقي ٻه سال اتي جي نوڪري بي داغ ۽ ڏاڍي خبرداريءَ سان ڪئي، جنهن سبب ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه مليو. مان ته خبردار ٿي ويس، پر عبدالغني قائمخاني به خبرداريءَ سان چيئرمين شپ هلائي.
پوءِ جڏهن منهنجي ٽنڊي الهيار مان بدلي ٿي ته ميونسپل ڪائونسل جي پاران عبدالغني قائمخاني مون کي گرانڊ قسم جي fairwell ڏني. ڪائونسل پاران منهنجي خدمتن کي شهر ۽ تعلقي لاءِ ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ اهڙي هڪ قرارداد پاس ڪري خراج تحسين پڻ پيش ڪيو ويو ته مون بنا متڀيد جي بي ريائيءَ سان سڀني جي خدمت ڪئي آهي.
[b]وتايو فقير لائبرري
[/b]وتايو فقير جي سيمينار کان اڳ ۾ مون وتائي فقير جي نالي سان ٻن لائبررين جو سنگ بنياد رکيو. هڪ لائبرري مون مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي شهر ٽنڊي الهيار ۾ ۽ ٻي لائبرري ڪافيءَ جي عظيم شاعر مصري شاهه امام جي شهر نصرپور ۾ قائم ڪئي. ٽنڊي الهيار واري لائبرري ته اڃا ڌڪجي پئي پر نصرپور واري لائبرري ٻڌو اٿم ته ڦِٽي وئي آهي.
[b]فضل احمد بچاڻي
[/b]ٽنڊوالهيار صرف انبن ۽ سونهن جو نه، پر علم ۽ ادب جو به شهر آهي. عالمن، صوفين، شاعرن ۽ مخدومن جو به شهر آهي. چمبڙ جو محمد حسين ڪاشف، سٺو عالم ۽ شاهه جو ڄاڻو منهنجو دوست هيو. ان کان علاوه هڪ گوشه نشين فضل احمد بچاڻي به اديب، عالم ۽ مترجم هو. جيڪو پنهنجي گهر تائين محدود هوندو هيو. ٽنڊي الهيار جا عالم اديب کيس گوشه نشينيءَ مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيا. جڏهن مون ساڻس ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته مون کي چيو ويو ته “توبهن ڪيو. هو ڪامورن کان ايئن وئون ويندو آهي جيئن ڪانءُ ڪمان کان.”
مون هڪڙي ڏينهن کيس نياپو موڪليو ته “مان توهان سان، توهان جي گهر يا جتي توهان کي سهوليت هجي، توهان سان ملڻ ٿو چاهيان.” تير نشاني تي لڳو. اڳئين ڏينهن پنهنجي گهر ملڻ جو ٽائيم ڏنائين. ائين اسان جي ياريءَ جي شروعات ٿي، جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي، پوءِ اڪثر بچاڻي صاحب مون وٽ شام جو هليو ايندو هو. ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪبي هئي ۽ علم ادب تي دل کولي ڳالهائبو هو.
فضل بچاڻي، نفيس طبيعت جو ماڻهو هيو. هميشھ تيل ڦليل ڪيل، صاف سٿرن ۽ استري ٿيل ڪپڙن ۾ نظر ايندو هيو. وار ديوآنند ڪٽ ۽ ڦڻي ڏنل. اهڙا سلوڻا، صاف سٿرا ماڻهو مون زندگيءَ ۾ گهٽ ڏٺا. ڪنهن صاحب هٿان جڏهن به ڪو ڪتاب موڪليندو ته لفافي تي، هڪ طرف منهنجي ائڊريس ۽ ٻئي طرف سندس ائڊريس هوندي هئي. اڪثر سندس پٽن مان ئي ڪو کڻي ايندو هيو. شايد سهيل اديب يا شڪيل بچاڻي. ان زماني ۾ هي ٻئي شاگرد هئا ۽ پڙهندا هئا. سهيل ته هاڻي 19 گريڊ ۾ آهي ۽ ڊي سي آهي. شڪيل صحافت کي ڪيريئر بنايو، پر افسوس هو جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو.
[b]اياز گل- بي پرواهه بادشاهه
[/b]سنڌ جي موجوده دور جو شاندار غزل گو شاعر ”اياز گل“، جنهن جو مان شروع کان ئي گرويده هئس. اهو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي الهيار ۾ ليڪچرار مقرر ٿي آيو. مون کيس ڏاڍا نياپا موڪليا. پر همراهه ملڻ گوارا نه ڪيو. هڪ ته هو ڪاليج گهٽ ايندو هيو، ٻيو شايد اهو دؤر مارشل لا جو هيو، جنهن سبب سرڪاري ڪامورن ۽ آرمي آفيسرن سان اديب ۽ شاعر ملڻ پسند نه ڪندا هئا. ڀانيان ٿو ان ڪري مون کي به حڪومت جو نمائندو سمجهندي اياز گل، نه مون سان ملڻ گوارا ڪيو، نه فون ڪرڻ.
هڪ ڏينهن ڪاليج جي پرنسپل سيد اميد علي شاهه کي چيم ته مان توهان جي ڪاليج جو visit ٿو ڪرڻ چاهيان. استادن سان ملڻ ۽ ڪاليج لائبرري ڏسڻ ٿو چاهيان. پر اهو ٻڌايو ته اياز گل اڄ ڪاليج آيل آهي؟ هن وڏي دل سان دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته ها سائين، آيل آهي.
مان اڌ ڪلاڪ ۾ ڪاليج پهتس، پرنسپل صاحب مون کي Receive ڪيو. منهنجي اصرار تي پنهنجي آفيس جي بدران staff Room ۾ آيو. مون اياز سان اڳ ۾ ملاقات نه ڪئي هئي. صرف سندس تصوير ڏٺي هئي.
استادن سان تعارف ٿيو. اياز گل سان به منهنجو تعارف ڪرايو ويو. ساڻس ڀاڪر پائيندي ڪن ۾ چيم ته “مون هي پنڌ ئي توهان جي ڪري ڪيو آهي.” سڀني استادن ۽ خاص طرح اياز گل سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪاليج جي لائبرري ڏٺي. استادن سان چانهن پيتي ۽ گپ شپ ٿي. ڪاليج جو چڪر لڳايو. اياز گل سان ملڻ جي اڃ اجهائي. ويندي ويندي کيس پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏني، پر نه اچڻو هو، سو نه آيو. نيٺ سندس بدلي ٿي وئي. پوءِ مون کي سندس نه ملڻ جو اندازو ٿيو ته جيڪي سبب مون سمجهيا هئا اهي ڪونه هئا. لڳي ٿو ته هو ادي مستور بخاري جي عشق ۾ ايڏو ته لاچار ٿي ويو هيو، جو هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو هو ۽ ڏينهن رات ان ڪوشش ۾ رڌل رهيو ته سندس بدلي جلد از جلد سکر يا ان جي آسپاس ٿئي. جيئن هو پنهنجي عشق کي ويجهو ٿئي.
پوين سالن ۾ اياز گل سان ڪافي دل لڳيون، محبتون به ونڊيونسين. جڏهن حيدرآباد ۾ ڪمشنر هئس ۽ حيدرآباد ڪلب جو صدر به هئس ته اتي هڪ شام ساڻس منعقد ڪئي ”هڪ شاعر هڪ آواز- اياز گل ۽ صادق فقير“.
تقريب جو مُک مهمان ته اياز گل هيو، پر پنهنجي محبوب راڳي صادق فقير کي به دعوت ڏنم. شيخ اياز ۽ ماڊرن سنڌي غزل ڳائڻ ۾ هو خاص جڳهه والاري چڪو هيو. صادق فقير جي به مون سان ذاتي اُنسيت هئي. خيرپور ۽ نوابشاهه ۾ به منهنجي ڪوٺ تي ايندو رهندو هيو. حيدرآباد ڪلب جي ڪشادي لان جي خوبصورت، خوشبودار ۽ هوادار اُها شام زندگيءَ ڀر نه وساري سگهندس. هڪ ته جيءَ جيئاريندڙ هوا، ٻيو باذوق ٻڌڻ وارا، صادق جو آواز ۽ اياز گل جا غزل، حاضرين ۽ ناظرين جهومي جهومي پيا هئا. اياز گل، صادق فقير ۽ امداد حسينيءَ آخر ۾ ڳالهايو. مون صادق ۽ اياز کي حيدرآباد ڪلب جي طرفان اجرڪ اوڍايا.
[b]مرتضي ڏاڏاهي
[/b]سنڌ جو سهڻو شاعر، جنهن ‘زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺو’ جهڙو غزل لکيو. مرتضيٰ ڏاڏاهي، اهو تن ڏينهن ۾ بُڪين جي بيماريءَ ۾ اسپتال ڀيڙو هيو. زماني جي بي ثباتيءَ بابت ڪنهن زماني ۾ هُن هي ڪيڏي نه سهڻي ڪافي لکي هئي:
هزارين هليا ويا ڇڏي شان شاهي،
وڻي وحده هُو کي نه ڪنهن جي وڏائي.
ڪٿي اڄ سڪندر، ڪٿي آهي دارا،
وڳا جن جي دهشت جا نوبت نقارا،
گڏيا گور ۾ سڀ ڇڏيا خاڪ کائي.
رهيو ڪين رستم ڪٿي سام آهي،
نه جمشيد جڳ ۾ نڪي جام آهي،
دنيا منجهه دائم نه حاتم نه طائي.
هميشه رهيا هت نه دانا دلاور،
نه عابد، نه عالم، نه عاشق نه شاعر،
نه سامي، سچل ۽ نه بيدل ڀٽائي.
مدامي نه ڪو مرتضيٰ يار رهندو،
نه جوڀن جواني نه جنسار رهندو،
خدا پاڪ رهندو، خدا جي خدائي.
جڏهن خير سان نوبنو ٿي اسپتال مان واپس آيو، ته ڏاڍي خوشي ٿي. ساڻس ڏاڍيون محفلون ٿيون. اسان جي family رليشن شپ ٿي وئي. سائين جو پٽ جاويد شاهه ۽ منهنجو پٽ انيس قادر اڃا تائين پاڻ ۾ دوست آهن. منهنجون نياڻيون ۽ سائينءَ جون نياڻيون به پاڻ ۾ ساهيڙيون آهن ۽ اڄ تائين رابطو ۽ واسطو قائم آهي.
هن عمر ۾ ، جيڪا اٽڪل 80 سالن جي لڳ ڀڳ هوندي. اڃا تائين شاعري ڪري رهيو آهي. شهر جي علمي ادبي شامن جي جان آهي. وتايو فقير لائبرري کي به سنڀاليو ويٺو آهي.
سليم بچاڻي سندس علم، ادب، سماجي ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ جوڙيوال هيو. ٻه ٽي سال ٿيندا ته دل جي عارضي ۾ الله کي پيارو ٿي سائين ڏاڏاهيءَ کي اڪيلو ڪري ويو آهي.
[b]ڊاڪٽر پرڌان
[/b]انساني آباديءَ ۾ ڊاڪٽر جو هجڻ غنيمت هوندو آهي. ٽنڊي الهيار ۾ ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ هو، جيڪو شهر جي مريضن جو مسيحا بڻجندو ۽ اسان کي چاق و چوبند رکڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ٻيو هيو ڊاڪٽر پرڌان. ڊاڪٽر پرڌان بابت ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هن پنهنجي يادگيرين بابت هڪڙو ته ڪتاب ’سون سريکيون ساروڻيون‘ جي نالي سان لکيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو ڪتاب ’جيڪي مون سکيو ۽ لکيو‘ جي عنوان سان ڇپايو اٿائين. ان زماني ۾ مون کي خبر نه هئي ته هو ادب جي کيتر جو به لِڪيل رستم آهي. پر اها حقيقت هئي ته ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن به اسان جي ناچاقائي جو اطلاع ڏنو ويندو هو ته اچڻ ۾ دير ئي نه لائيندو هيو.
هن جي ڪلينڪ ٽنڊي الهيار ۾ هئي، پر رهائش ميرپورخاص ۾ هئس. جتان ڏيهاڙي اچ وڃ ڪندو هو، ۽ اڄ به اهو سلسلو ائين ئي آهي. اها سُڌ مون کي تڏهن پئي، جڏهن منهنجو رابطو سندس سلڇڻي پٽ سڀاش چندر، اي ڊي سي عمرڪوٽ سان ٿيو ۽ مون سندس آتم ڪٿا پڙهي. ڊاڪٽر پرڌان زال جي وڇوڙي جو ڏکويل هيو، جيڪا سندس پيار هئي ۽ عين جوانيءَ ۾ سڀاش جي ڄم کان پوءِ کيس وڇوڙي جو داغ ڏئي راهه رباني وٺي هلي وئي. پرڌان ٻي شادي نه ڪئي. پٽ ۽ زال جي پيار ۾ باقي زندگي گذاري پيو. هي خاموش ورڪر به اسان سان وتائي فقيرجي سيمينار ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
ڊاڪٽر پرڌان جي پٽ سڀاش چندر به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ پيءُ جا ٿڪ لاٿا آهن. هاڻي ڊپٽي ڪمشنر گريڊ BS-18 ۾ آهي ۽ عمرڪوٽ جو اي ڊي سي (ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر) ۽ عقلمند آفيسر آهي. سڄي ضلعي کي سنڀاليو ويٺو آهي. شادي به ڊاڪٽر پرڌان سٺي خاندان مان ڪرائي اٿس ۽ هاڻي اهل و عيال وارو آهي.
[b]وتايو فقير
[/b]لوڪ ڏاهپ جي دنيا ۾ وتايو فقير جو اهڙو ڪردار آهي، جنهن جو ذڪر يا صرف نالو ئي ٻڌجي ٿو ته چپن تي مُرڪ اچيو وڃي. مون هوش سنڀاليو ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان گهر ۾، ٻاهر، اسڪول ۽ يارن دوستن ۾ سندس ذڪر ٿيندو ۽ ٻڌندو پئي رهيس. ڪجهه وڌيڪ سمجهه آئي، ۽ لکڻ پڙهڻ سان چاهه وڌڻ لڳو ته وتائي فقير تي ڪو ڪتاب نظر ئي نه آيو، سواءِ چند ٽوٽڪن وارين چوپڙين جي. جن کي کل ڀوڳ يا چرچن ۽ ٽوٽڪن جون چوپڙيون چيو ويندو هيو. ڪي ڳالهيون ته واقعي وتائي فقير جون چيل هيون، جن کي هٿرادو چرچن سان جوڙي سندس ڳالهين سان گڏايو ويو. جيئن شاهه سائين جو بيتن ۾ ٻين بيتن جي ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي. ساڳيو حشر نشر فقير جي نصيحت ڀريل نقطن سان به ڪيو ويو. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته اديب عالم ان ڳالهه تي به ريسرچ ڪن ۽ انهن مان وتائي فقير جا نقطا ڪڍي، چونڊي ڌار ڪن.
مان سوچيندو رهيس ته، هي فقير ڪٿي جو هيو. سندس قبر ڪٿي، ۽ هُو ڪهڙي دؤر ۾ هيو. هندو هيو يا مسلمان. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو جيڪا به ڳالهه ڪري ويو آهي، اسان سڀني جي دل وٽان ئي آهي. هو وڏو صوفي هيو، پر کيس نه مسلمان سڃاڻي سگهيا ۽ نه هندو. ان جهڙا سيڪيولر ته ڪارل مارڪس، لينن، ڪامريڊ ڄام ساقي يا سندس پٽ سارنگ به نه هوندا.
يادگيري اٿم ته 1979ع ڌاري کپري ضلعي سانگهڙ ۾ منهنجي پوسٽنگ هئي. تڏهن ڪنهن ڪم ڪار سانگي حيدرآباد پئي ويس. ٽنڊي الهيار ٽپي اڳتي آياسون ته اتي ٻن بورڊن تي نظر پئي. هڪ شيخ لوهيڻو ۽ ٻيو وتايو فقير اسٽاپ. مون گاڏي بيهارائي. منهنجي دل خوشيءَ ۾ ٽپا ڏيڻ لڳي. اندر مان آواز آيو ”ملي ويو ملي ويو، وتايو فقير ملي ويو.“ مون ڊرائيور کي گاڏي رورس ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن گاڏي بورڊ وٽ پهتي ته مون کي اتي ڪجهه مسافر نظر آيا. انهن ٻڌايو ته هن جڳهه کي قبو بس اسٽينڊ سڏيندا آهن. جڏهن کانئن وتائي جي خبر پڇي ته هڪڙي رستي ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايائون ته ”هن طرف“ وڃو. ڊرائيور گاڏي ڪچي رستي تي وڌي. اڌ ميل کن اڳتي هلي ته شيخ جي مزار ۽ قبو نظر آيو، ان جي اتر ۾ وتائي فقير جي به ڪچي قبر نظر آئي، جنهن تي ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ هي قول لکي ڇڏيو هو:
”جيئن توهان اڄ آهيو، تيئن مان ڪلهه هوس.
توهان سڀاڻي ايئن هوندا، جيئن اڄ مان آهيان.“
ڪيڏو نه ٺهڪندڙ پيغام هيو اِهو وتائي فقير جي گفتن سان. ٿي سگهي ٿو ته اهو قول به وتائي فقير جو ئي هجي. ڪجهه بنيادي خبرچار ماڻهن کان ورتي ته شيخ لوهيڻو، وتائي فقير جو مرشد هيو ۽ هي درگاهه ان جي آهي. وتايو به اتي ميدان ۾ پوريل آهي.
وتائي فقير کي سلام ڪري. مان حيدرآباد لاءِ روانو ٿي ويس. گاڏي جي رفتار کان وڌيڪ منهنجي سوچن جي رفتار هئي، فقير صاحب هِتي سُتو پيو آهي! ۽ دنيا کي خبر ئي ڪانهي ته وتايو فقير ڪير ۽ سندس ائڊريس ڪهڙي؟ مون پڪو پهه ڪيو ته موقعو مليو ته کيس دنيا سان متعارف ڪرائبو. سندس ائڊريس ٻڌائبي.
اسان ڪيڏا نه بي حس آهيون، ملان نصير الدين، ملا دو پيازو، شيخ چلي، بهلول دانا ۽ ٻين اهڙن درويشن جا قصا ڪهاڻيون ڪتابن ۾ شامل ڪيون ۽ پڙهون ٿا، پر ڪنهن کي به هن وقت تائين اها توفيق نه ٿي ته وتايي فقير کي به نصاب ۾ جڳهه وٺرائي ڏيون. هن غير سهپ واري دؤر ۾ ضرورت به ته ان ڳالهه جي آهي ته وتائي جهڙن صوفين جي گفتن مان سبق حاصل ڪريون.
کپري کان بدلي ٿي گهاري آيس. گهاري ۾ ٻه ٽي سال گهاري، هاڻي ٽنڊو الهيار ۾ اچي وارد ٿيو هئس. هتي شايد ان لاءِ به آيو هوس ته پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪريان ۽ وتائي فقير لاءِ ڪيل وعدي کي وفا ڪري ڏيکاريان. جيڪڏهن ٻي دنيا کي نه، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڏيهه واسين کي ته ٻڌايان ته وتايو ڪٿان جو هو، ڪٿي رهيو، ۽ هاڻي سندس مڙهه مقام ڪٿي آهي؟
اهو سڀ سوچي پنهنجي هم خيال دوستن کي ۽ انتظامي آفيسرن کي گڏ ڪري هڪ ابتدائي گڏجاڻي ڪيم. جنهن ۾ ٽنڊي الهيار جا چونڊيل نمائندا ۽ اديب، فنڪار ۽ آفيسر گڏ ڪياسون. جنهن ۾ پروگرام جي مول متن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سين. اهڙين ڪجهه گڏجاڻين بعد وتايو فقير ڪانفرنس جا خد وخال واضح ٿيندا ويا.
[b]وتايو فقير سيمينار
[/b]طئي اهو ٿيو ته 15 مئي 1985ع تي درويش جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان تقريبات جي شروعات ڪئي وڃي ۽ رات جو ’قبا اسٽينڊ‘ تي ميوزڪ جي محفل سان اها محفل پڄاڻيءَ تي پهچائجي.
پروگرام مطابق طئي ٿيل ڏينهن تي ساڍي اٺين وڳي وتائي فقير جي مزار تي گلن جون چادرون کڻي پهتاسون. شفيق الرحمان پراچه، ڊي سي حيدرآباد جي رهنمائيءَ ۾ قبرستان جي ٻاهران ڪنهن اسان جي ورڪر ’خوش آمديد‘ لکي ڇڏيو هيو. پراچه صاحب جهڙي ذهين آفيسر ان کي نوٽ ڪيو ۽ پوءِ سيمينار ۾ ۽ اڄ تائين جڏهن موقعو ملندو اٿس ته اهو ياد ڏياريندو آهي ته مون قبرستان جي ٻاهران خوش آمديد لکي ڇڏيو هيو.
چادر چاڙهڻ کان پوءِ اريگيشن ريسٽ هائوس جي ميدان تي پنڊال لڳائي مقالن جي نشست جي شروعات ڪئي سون. پهرين نشست جو خاص مهمان مقامي اديب ولي محمد طاهرزادو صاحب هيو ۽ وتايي ثاني علي احمد بروهي صاحب صدارت ڪئي. مانجهاندي کان پوءِ ٻي نشست سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي صدارت ۾ ٿي. خاص مهمان محترمه ڊاڪٽر قمر واحد هئي. جنهن جو ڳوٺ به ٽنڊي الهيار جي ڀرسان نصرپور آهي.
ان موقعي تي وتائي فقير تي لکيل مقالن کي ڪتابي شڪل ڏئي. بروهي صاحب کان افتتاح ڪرايو ويو. آخري نشست، موسيقيءَ جي هئي. جنهن جي صدارت ڪمشنر حيدرآباد محترم علي محمد شيخ صاحب ڪئي.
وتائي فقير تي جيڪي مقالا پڙهيا ويا. انهن سندس شخصيت جا انيڪ پهلو ظاهر ڪيا. اهي سڀ مقالا پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا، جن اسان جي ڪانفرنس سڏائڻ واري ڪارج کي بامقصد بنايو.
ان ڪتاب جا ٽي ڇاپا اچي چڪا آهن. آخري ايڊيشن روشني پبليڪيشن پاران شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ وتائي فقير تي جيڪي مقالا پوءِ لکيا ويا، انهن کي به شامل ڪيو ويو. ٻيو ايڊيشن سنڌ جي مشهور اداري سنڌيڪا ڇپايو هيو، جيڪو پڻ ڪارائتو هيو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وتائي فقير تي ميلو مچندو رهي. اهو ڪم ڪلچر کاتي جو آهي. کين گذارش آهي ته پنهنجي علائقي جي بزرگن کي ياد رکڻ لاءِ وقت به وقت هو اهڙا سيمينار ڪرائيندا رهن.
هڪ دفعي عبدالحميد آخوند صاحب سان ڪمشنر حيدرآباد جناب اسلم سنجراڻيءَ جي آفيس ۾ ملاقات ٿي. حميد آخوند صاحب سنڌ جي ثقافتي دنيا جو ليجنڊ آهي. سندس خدمتون سنڌ ڪڏهن نه وساري سگهندي. خاص طور ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ شاهه لطيف جي رسالي ۽ پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس بي مثال خدمتون آهن. آخوند صاحب، ان موقعي تي سنجراڻي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون سوچيو ته ”وتائي فقير“ تي ڪانفرنس ڪندس، پر منگي صاحب سيمينار ڪرائي ڇڏيو ۽ مون کان گوءِ کڻي ويو. سندس اهي رمارڪس منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو. انهي ئي دور ۾ سفرناما لکندڙ سنڌ جي عاشق ۽ سيلاني الطاف شيخ، ملائيشيا مان خط لکي منهنجي پُٺي ٺَپي ۽ شاباس ڏني.
ان کان پوءِ ڪيترن، بلڪه گهڻن اديبن وتائي فقير تي پنهنجي زور آزمائي ڪئي ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکيو پئي آهي. سندن لکيل اهي ڪيترائي مضمون ٽئين ايڊيشن ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
مان ڪوشش ڪندس ته ان سلسلي کي ختم ڪرڻ نه ڏجي ۽ هر سال نون واڌارن سان هڪ ڪتاب وتائي فقير تي مارڪيٽ ۾ ضرور موجود هجي. مان ته سنڌ گورنمينٽ کي به گذارش ڪندس ته وتائي فقير تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سبق چوٿين ڪلاس، هڪ سبق اٺين ڪلاس ۽ هڪ سبق 11 ڪلاس جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
سنڌ يونيورسٽي، سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پنهنجي سنڌيءَ جي B.A./ M.A. جي ڪورس لاءِ محققن شاگردن کان وتائي فقير جي موضوع تي مونوگراف ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا لکرائين. هيءُ سندن لاءِ به اعزاز هوندو. سنڌ جي سڄاڻ شخصيت کي مانُ ڏجي ۽ انهن کي عام ماڻهو سان روشناس ڪرائجي. جنهن سان اسان جي ايندڙ نسلن کي سهپ ۽ رواداريءَ جو درس ملي سگهي ٿو.
وتائي فقير لاءِ ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. ڪي چون ٿا ته هندو هيو، پوءِ مسلمان ٿيو. ڪن جو وري خيال آهي ته اصل ۾ وتايو فقير مسلمان هيو. بدين جي آس پاس جو هيو. ڳچ عرصو عمرڪوٽ ۾ رهيو ۽ سندس مڱڻو به کٽي خاندان ۾ ٿيو. پر مائيءَ جي خاندان سندس چريائپ جي ڳالهين کان بيزار ٿي مائيءَ جو مڱڻو ٽوڙي ڇڏيو. سندس دل ته اٽڪيل هئي، سو اڪثر عمرڪوٽ ڏانهن وارو ڦيرو ڪندو رهندو هيو. نصرپور ۾ به رهيو، پر اتان به کيس ڳوٺ نيڪالي ملي.
چون ٿا ته شاهه لطيف جو همعصر هيو ۽ کانئن عمر ۾ وڏو هيو، يعني شاهه لطيف، وتائي جي زندگيءَ ۾ ڄائو ۽ وتايو فقير، شاهه لطيف جي زندگيءَ ۾ گذاري ويو. سنڌ ۾ اهو ڪلهوڙن جو دور هيو. ان دور ۾ سنڌ اندر ٻيا به ڪيئي وڏا وڏا صوفي ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن مان هر هڪ جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي.
[b]ريفرينڊم- 1984
[/b]ٽنڊي الهيار جي نوڪري (جون 1984 کان جون 1986) جي زماني جي وڏن واقعن مان ضياءَ جي دور جو ريفرينڊم (1984) ۽ جنرل اليڪشن (1985ع) ڏاڍا اهم event هئا. هن اليڪشن ۾ پ پ پ پنهنجي سياسي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي اها ڪئي، جو هنن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. جنهن جو ڪفارو کين 2008ع تائين ڀوڳڻو پيو. جنهن بعد 2008ع ۾ مس مس وڃي سندن غلطيءَ جو ازالو ٿيو ۽ لڳاتار ٽيون ڀيرو پيپلز پارٽيءَ مان سينيٽ جو چيئرمين ٿيو. رضا رباني حقيقت ۾ سينيٽ ۾ پنهنجي ميرٽ تي چيئرمين ٿيو آهي. پ پ جي هينئر اڪثريت نه هئي، پر رضا رباني سخت گير قسم جو ڊيموڪريٽ ثابت ٿيو. جنهن جمهوريت سان واڳيل هجڻ جي ڪري ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ئي پارٽيءَ سان اختلافن سبب استعيفا به ڏني. موجوده صورتحال ۾ رضا ربانيءَ کان وڌيڪ Daing نه پ پ پ وٽ ڪو ليڊر آهي، نه نواز ليگ وٽ.
ان وقت وڏو تماشو ته جنرل ضياءَ الحق جو، ريفرندم وارو هيو. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ۽ آخري ريفرنڊم ڏٺو، جنهن جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. هي ريفرينڊم ان ڳالهه تي ٿيو ته، ”ڇا توهان پاڪستان ۾ اسلامي نظام چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان جو ووٽ ’ها‘ ۾ آهي ته معنيٰ توهان جنرل ضياءَ الحق کي پنجن سالن لاءِ صدر چونڊي ڇڏيو.“
ان تي به ائين ٿيو جو، سوال هڪ، جواب ٻيو ۽ نتيجو ٽيون. مطلب ته جنرل صاحب عوام کان مينڊيٽ کَسي ورتو ۽ هڪ عجيب و غريب ريفرينڊم جي آڌار تي پنجن سالن لاءِ پاڻ کي ملڪ جو صدر صاحب چونڊائي ورتو.
1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ اُڀري. جنهن ۾ سنڌ، ٽي مهينا لڳاتار باهه ۾ ٻرندي رهي ۽ هر طرف ڀڀڙ ڀڙڪندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ضياءُ الحق اليڪشن جو اعلان ڪيو. پر ساڳئي وقت اليڪشن کان اڳ ۾ پنهنجا پير به پختا ڪرڻ شروع ڪيا. هن پاڻ وٽ صدر ۽ مارشل لا جا پاور رکڻ سان گڏوگڏ آرميءَ جو سپھ سالار رهڻ به پسند پئي ڪيو. هن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن آرميءَ تان هُن هٿ کنيو ته ساري راند سندس هٿن مان نڪري ويندي. سندس ڪرايل ريفرينڊم تي پاڪستان ۾ ته تنقيد ٿي، پر پوري دنيا جي جمهوري ادارن به ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ۽ ننديو، پر ضياءَ بادشاهه کي ڪنهن به ڳالهه جي نه پرواهه هئي، نه ڳڻتي.
انتظاميا ته انهن ڪمن ۾ پنهنجا هٿ ڪارا ڪندي ئي آهي، پر ان سان آرمي به ڏٺي وائٺي ٿي.
جڏهن ريفرينڊم جو نتيجو آيو ته عوام 60% کان وڌيڪ اسلامي نظام کي ووٽ ڏنو هيو، جنهن جي نتيجي ۾ جنرل صاحب صدر چونڊجي ويو. صدر صاحب جي سيٽ مستحڪم ٿي وئي. پوءِ جنرل اليڪشن جي تياري ڪئي وئي. ماڻهن جا ۽ خاص طور سياسي پارٽين جا خدشا هئا ته صدر صاحب جيئن ريفرينڊم “Free & Fair” ڪرايو آهي. هُو جنرل اليڪشن به ائين ئي ڪرائيندو: “Free and Fair”.
[b]جنرل اليڪشن -1985
[/b]اليڪشن جي سرگرمي 1984ع جي آخر ۽ 1985ع جي شروعات ۾ شروع ٿي. پاليسي آرڊر ۾ ضياءَ الحق اها پابندي لڳائي ته ڪا به سياسي پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه وٺندي، نه اليڪشن ۾ ڪنهن اميدوار جي مدد ڪندي. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار سياسي پارٽيءَ جي مدد قبول ڪئي ته اهو اليڪشن ۾ Contest ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو. ڇو جو اليڪشن Non-Party Basis تي ڪرايون پئي ويون.
ٽنڊي الهيار تعلقي کي ايم اين اي جي ٻن سيٽن لاءِ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد تعلقي سان ڳنڍيو ويو. پر MPA جي ٻنهي سيٽن لاءِ ٽنڊي الهيار جي AC/ SDM کي (R.O) Returning Officer مقرر ڪيو ويو.
ايم. پي. اي لاءِ ٻه سيٽون هيون. هڪ چمبڙ طرف ۽ ٻي ٽنڊي الهيار ۽ جهنڊي مريءَ لاءِ. مقرر تاريخ تي فارم ڀرجڻ شروع ٿي ويا. عبدالغني درس، جنهن ڪمند جي قيمت ۽ ان جي حل لاءِ وڏو رول ادا ڪيو هيو ۽ مڊل ڪلاس جي آبادگارن ۽ عام ماڻهن ۾ مقبول ٿي ويو هيو، منهنجي آفيس ۾ آيو، چيومانس تون به فارم ڀر. هن انڪار ڪيو. چيائين مان غريب ماڻهو پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي وچ ۾ پيسجي ويندس. منهنجي اصرار تي هو فارم وٺي ويو ۽ وڃي ڀريائين. فارم ته ڪيترن ئي اميدوارن ڀريو هيو، پر ميدان ۾ وڃي ٽي Serious اميدوار بچيا. هڪ جهنڊي مريءَ جي پاسي جو مير علي مراد خان، ٻيو نصرپور واري سيد مصري شاهه امام جي درگاهه جو گادي نشين سيد مريد علي شاهه ۽ ٽيون هي صاحب عبدالغني درس. جيڪو پڙهيل لکيل نوجوان ۽ وچولي ڪلاس جو زميندار هيو. هن انجنيئرنگ ڪاليج مان B.Eڪئي هئي ۽ پنهنجي زمينن جي سار سنڀال کي لڳل هيو.
چمبڙ پاسي سيريس اميدوار مير محمد کوکر (غلام حسين کوکر جو پٽ ۽ خير محمد کوکر جو ڀاءُ) هيو. ٻيو رئيس نصير خان منڌواڻي، جيڪو زميندار ۽ پراڻو سياسي جيوڙو هيو. ٽيون ولي محمد ولهاري، هو به درويش ماڻهو ۽ پيري مريديءَ وارو ۽ زمينداري ڪندو هيو. ٽنهي ۾ زميندار ۽ پڙهيل ڳڙهيل هئڻ ڪري مير محمد کوکر جي پوزيشن بهتر ٻڌائي پئي وئي، پر مير محمد جو عوام سان سڌو رابطو ڪونه هيو. خير محمد کوکر ۽ سندس وڏو ڀاءُ ماڻهن ۾ مقبول هيو. مير محمد کوکر اسان جي پياري ساٿي سبحان ميمڻ جو دوست هيو. سبحان ميمڻ گهاري ۾ منهنجي تربيت هيٺ رهيو هو. پيارو انسان، يارن جو يار آهي. خدا کيس خوش رکي.
اليڪشن ويجهي ايندي وئي. ڪاغذ جاچيندي منهنجي نظر وڃي سيد مريد علي شاهه جي نامينيشن فارمن تي پئي. رولز موجب فارم ڀرڻ وقت اميدوارن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال هئڻ گهربي هئي. مون کي سيد مريد علي شاهه جي عمر ۾ شڪ پيو. حساب ڪيم ته سندس عمر 25 سالن کان ڪجهه ڏينهن گهٽ هئي. اليڪشن کٽڻ جي کيس وڏي پڪ هئي. سائين ڀورل شاهه پ پ پ جو متحرڪ اڳواڻ سندس مدد ڪري رهيو هيو، جيڪو سندس ويجهو مائٽ به هيو. مريد علي شاهه پاڻ به وڏي گاديءَ جو مالڪ هيو ۽ وڏي اثر رسوخ وارو هيو. مان پريشان ٿي ويس ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به اميدوار سندس عمر تي اعتراض ڪونه واريو هيو. رولز ۾ ڪٿي به مون کي نظر نه آيو ته هڪ دفعو فارم بحال ڪري ٻيهر رد ڪري سگهجي ٿو. Ballet Paper ڇپجي چڪا هئا. جيڪڏهن سندس فارم هروڀرو به رد ٿي ڪيم ته ممڪن هيو ته ان سيٽ جي اليڪشن ئي رد ٿي وڃي. معنيٰ ٻيهر اليڪشن! مون خاموشي اختيار ڪئي ۽ قصي کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏنو.
مير محمد مراد خان ٽالپور به اثر رسوخ وارو ماڻهو هيو. سندس Image علائقي ۾ ڏاڍي مڙس وارو هيو. تنهن ڪري شهر جو مڊل ڪلاس ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو کانئس پرڀرو هيو. شهر جي مهاجر برادري پڻ کانئس پري هئي. باقي مڪراني ۽ بلوچ برادريءَ جي کيس مدد حاصل هئي. ٽيون اميدوار عبدالغني درس، سڀني ۾ ڪمزور نظر پئي آيو. هن کي شهر جي قائمخاني، خانزاده ۽ رانگڙ برادرين جا ووٽ ملڻا هئا. سندس مقبوليت مڊل ڪلاس جي ماڻهن ۾ هئي. هن نوجوان محنت ڏاڍي ڪئي. چمبڙ طرف به عجيب صورتحال هئي، پر مير محمد کوکر ڪن حوالن سبب وڌيڪ مضبوط اميدوار پئي لڳو.
ايم اين اي جي ٻنهي ورهايل سيٽن تي هڪ طرف حيدرآباد + ٽنڊوالهيار سيٽ تي مير علي احمد خان ٽالپور بيٺو ۽ سندس مخالفت ۾ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب هئو. مير صاحب فيڊرل گورنمينٽ ۾ بچاءُ جو وزير هيو ۽ قاضي صاحب وري صوبائي حڪومت ۾ روڊز ۽ بلڊنگ جو وزير.
ٽنڊي محمد خان واري سيٽ تي مير عنايت علي خان ٽالپر، مير اعجاز علي خان ٽالپور جو پٽ بيٺو. سندس مقابلي ۾ مير صاحب فئمليءَ مان ئي ڪو اميدوار بيٺو. پر مير عنايت جو پاسو ڀاري هيو. پي پيءَ جي خاموش مدد قاضي عابد صاحب کي هئي. مير صاحب Defence جو وزير هيو. پ پ پ وارا کيس تارا مسيح ڪوٺيندا هئا. تارا مسيح اهو شخص هيو، جنهن Lever دٻائي، ڀُٽي شهيد کي ڦاهيءَ تي لڙڪايو. اهو نالو حقيقت توڙي علامت طور به سنڌين لاءِ قابل نفرت هيو ۽ اڃا تائين به آهي.
ڀير تي ڏونڪو وڳو ۽ اليڪشن جي ڌمال شروع ٿي. 28 فيبروري 1985ع تي اليڪشن جي تياري ٿي. ورڪ زور شور سان شروع ٿيو. چوڻ لڳا ته وڌ ۾ وڌ ٽَف اليڪشن ٽنڊوالهيار + حيدرآباد تڪ ۾ مير علي احمد خان ٽالپور ۽ قاضي عابد جي وچ ۾ ٿيندي. شڪ هئو ته متان خون خرابو به ٿئي. هڪ کي صوبائي گورنر جناب جنرل جهانداد خان جي آشيرواد حاصل هئي، ته ٻئي کي خود جنرل صاحب جي ٽيڪ، پر اليڪشن جي سلسلي ۾ Posture اهو ڏنو پئي ويو ته چونڊن ۾ گورنمينٽ Neutral آهي. معنيٰ هي ٻيئي سرڪاري ڌر جا اميدوار هئا. جيڪو جِيتي اُهو به سرڪاري، جيڪو هاري، اهو به سرڪاري.
سياسي پارٽيون ته پنهنجا هٿ مٿي کڻي پري بيهي رهيون. هاڻي راند هئي نان پارٽي اميدوارن وچ ۾ ته ميدان ۾ لهن ۽ پاڻ ملهائين. سنڌ ۾ پ پ پ جو وڏو ڌاڪو هيو. انهن به ڪنهن ڌر ۽ پارٽيءَ جي مدد نه ڪئي. باقي مقامي سطح تي ڌرين ۽ پارٽين ضرور مدد ڪئي.
[b]فوجين قاضي سمير اڪبر کي گرفتار ڪري ورتو
[/b]ٽنڊي الهيار ۾ پ پ پ جي مقامي ڌرين ته گوڏا ٻڌي مير جي مخالفت ڪئي ۽ قاضي صاحب کي کٽائڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. سڄو تماشو اسان جي اکين جي آڏو هيو. هڪ ڏينهن ٽنڊي الهيار ۾ مقرر بريگيڊيئر صاحب جو فون آيو. چيائين ته تون ۽ ڊي ايس پي جلد ريسٽ هائوس تي پهچو. جنهن سبب يا مسئلي جي ڪري اُتي گهرايائين پئي، ان جي مون کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي.
ٻئي پاسي شهر ۾ اها ڳالهه هُلي پئي ته قاضي عابد صاحب جي هڪ گاڏي آرميءَ وارا پڪڙي ڊرائيور سوڌي ريسٽ هائوس تي وٺي آيا آهن. گاڏي ڪاهي ايندڙ به ڪو اهم ماڻهو هيو.
پوءِ خبر پئي ته ان گاڏيءَ ۾ نوٽن جون پيتيون هيون، جيڪي ورڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ آنديون ويون هيون. ۽ اِهو به پتو پيو ته ان گاڏيءَ جي ڊگيءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جون قابل اعتراض تصويرون آهن، جيڪي ٽنڊي الهيار ۾ ورهائڻ ۽ پوسٽر ڪري لڳائڻ لاءِ آنديون ويون آهن. اهو جهليل ماڻهو ڪو ٻيو نه، پر قاضي عابد صاحب جو ڀائٽيو، قاضي اڪبر صاحب جو پٽ سعيد اڪبر هيو.
مان ۽ جهان شاهه ڊي ايس پي ٽنڊوالهيار ريسٽ هائوس تي پهتاسون. برگيڊيئر عثمان صاحب ريسٽ هائوس ۾ بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هيو. ڄڻ ڪنهن وڏي حملي جي تياريءَ ۾ هجي. مون کي چيائين ته قاضي عابد صاحب اليڪشن ۾ وڏي حرڪت ڪئي آهي. پوءِ سڄو قصو ٻڌايائين ته مير صاحب جي ٽنڊي الهيار جي هڪ اهم ورڪر شڪايت ڪئي ته قاضي عابد صاحب جو ڀائيٽو مير صاحب جون اعتراض واريون تصويرون کڻي ٽنڊي الهيار ۾ ورهائي کيس بدنام ڪرڻ جي مذموم ڪوشش ڪرڻ وارو هيو. قاضي سعيد صاحب سان اها حالت ڪيائيون، ڄڻ ڪو جنگي قيدي هجي. پاڻ به اُس ۾ وڻ جي هيٺان بيٺل ته سندس گاڏي به. الائي گهڻن ڪلاڪن کان هو اهڙيءَ حالت ۾ هيو.
مون برگيڊيئر صاحب کان نشاندهي ڪندڙ ماڻهوءَ جو پڇيو. اهو گمنام ماڻهو هيو، جنهن جي ڪا به Credibility ڪونه هئي.
برگيڊيئر صاحب ٿرل (Thrill) ۾ اچي ڪار پڪڙائي هئي. هن کي سوَ سيڪڙو پڪ هئي ته ان ۾ فحش فوٽو آهن. جي او سي حيدرآباد کي به ٻڌائي ڇڏيائين، پر Action کڻڻ جي ذميداري مٿس هئي، جنهن جا به کيس ئي نتيجا ڀوڳڻا پون ها.
مون کيس چيو. “ان ڳالهه جي هر رخ تي سوچيو. اسان کي ته ڪو مسئلو ڪونهي. ذميداري توهان جي ئي ٿيندي، جو Career officer اوهان ئي آهيو. پروموشن لاءِ جنرل جي ڏاڪي تي بيٺا آهيو. جيڪڏهن توهان سرچ وٺو ٿا ۽ ڪجهه به نه ٿو نڪري، ته سڄو ملبو توهان تي ڪِرندو. گورنر به سٽنگ جنرل آهي ۽ President به آرميءَ جو چيف آهي. پريس توهان جي خلاف شروع ٿيندي. اسان کي اختيار نه آهي ته چونڊن جي Free & Fair پراسيس ۾ دخل اندازي ڪريون. جيڪڏهن تصويرون نڪتيون ته توهان کي پروفيشنلي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. پر جي ڪجهه نه نڪتو، ته توهان جو ڪيريئر اتي ئي ختم ٿي ويندو. هاڻي فيصلو توهان جي هٿ وس آهي. بهتر اهو آهي ته ناڪاميءَ جي حالت ۾ جيڪڏهن جي او سي ذميداري کڻي ته توهان لاءِ بهتر ٿيندو.” هو ٻئي ڪمري ۾ ويو. ڏهن منٽن کان پوءِ موٽيو ته مون کيس Relaxed ڏٺو. چيائين ته “جنرل صاحب ته ذميداري نه ٿو کڻي ۽ مون به فيصلو ڪيو آهي ته گاڏيءَ جي تلاشي نه وٺبي. پر هاڻي گاڏي ۽ قاضيءَ صاحب مان جان ڪيئن ڇڏايان.” اهو ذمو مون کنيو. چيومانس ته “قاضي صاحب کي ڀر واري ڪمري ۾ ويهاري چانهن پياريو ۽ Relax ڪيو.” ايئن ٿيو. قاضي صاحب ڪجهه ڪجهه آپي ۾ آيو. ان تبديليءَ تي به خوش ٿيو، پوءِ کيس main ڪمري ۾ گهرايو ويو. داخل ٿيڻ سان مان اٿي ساڻس هٿ ملائيو. پوءِ برگيڊيئر ۽ ڊي ايس پي به اٿي ساڻس مليا ۽ خير خيريت پڇي. قاضي صاحب حيران ۽ پريشان ٿيو.
مون کيس چيو ته “توهان کي امن امان جي صورتحال discuss ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو آهي. توهان کي ڪو مسئلو ته ڪونهي.” پوءِ ساڳي ڳالهه Commander صاحب ڪئي. ڪجهه گپ شپ کان پوءِ کيس خدا حافظ چئي موڪلايو. مان کيس ڪار تائين ڇڏڻ ويس ۽ کيس چيو ته “توهان جي گاڏيءَ ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو غرق ڪري ڇڏيو، ڄڻ ڪجهه آهي ئي ڪونه.” قاضي صاحب روانو ٿي ويو.
مون کي اڃا حسرت آهي ته ڇا ان ڪار ۾ واقعي مير صاحب جا فوٽا هئا. پر جي اهڙا فوٽا هئا ته اهي چٽ پٽا فوٽو ڏسڻ کان اسين محروم رهجي وياسين. سائين جهان شاهه ڊي ايس پي جيڪو منهنجو لاڙڪاڻي جو دوست به هيو، اهو به ڪڏهن ڪڏهن چوندو رهندو هو ته سائين گهٽ ۾ گهٽ فوٽو ڏسجن ته ها.
ڌرين ۾ Tension وڌندو پئي ويو. جيڪو صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ گهٽ، پر مير صاحب ۽ قاضي صاحب جي مقابلي ۾ ڏاڍو گهڻو ڏٺو پئي ويو. اليڪشن کان اڳ ۾ آخري ميٽنگ ڪمشنر حيدرآباد علي محمد شيخ صاحب سڏائي. سڄي ڊويزن جا ڊي سي، ايس پي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ڊي ايم سڏايا ويا. ڪمشنر صاحب ميٽنگ کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ مون ڏي اشارو ڪري چيو ته سڄي ڊويزن ۾ وڏي ۾ وڏي لا اينڊ آرڊر جي Situation ٽنڊي الهيار ۾ ٿي نظر اچي. ڪو به ايڪشن کڻو، پر ڏسجو، ڪو ماڻهو مري نه.
“انشاءِ الله نه مرندو، پر ڌريون توهان وٽ شڪايتي اچن ته انهن کي اوهان سنڀالجو.” مون کي آٿت ڏنائون ته “ان جو فڪر نه ڪر”.
مون اچي سڀني اميدوارن سان هڪ گڏيل ميٽنگ ڪئي ۽ کين Code of conduct تي هلڻ جي هدايت ڪئي. مٿن اهو به واضح ڪيو ته سب ڊويزن انتظاميه وٽ ان معاملي ۾ zero tolarence آهي. ڪٿي به ٿوري حرڪت ٿي ته انتظاميه به حرڪت ۾ اچي ويندي. مختيارڪار ۽ صوبيدار به ان ميٽنگ ۾ ويٺا هئا. انهن منهنجي لفظن تي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. ڄڻ چوندا هجن ته بس اسان مان هٿ ڪڍو. اميدوار هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.
[b]قاضي عابد ناراض
[/b]ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪمشنر صاحب جو رات جو هڪ بجي فون آيو. چيائين ته “قاضي عابد شڪايت ٿو ڪري ته سندس ماڻهن کي انتظاميا طرفان تنگ ٿو ڪيو وڃي.” مون کيس سندس واعدو ياد ڏياريو. چيائين “ٺيڪ آهي” ۽ ائين ئي فون بند ڪري ڇڏيائين.
مون کي اطلاع مليو ته شهر جي عورتن جي پولنگ اسٽيشن تي بيگم ڊاڪٽر امينه اشرف (جيڪا قاضي اڪبر صاحب جي نياڻي آهي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ رهي ٿي) گوڙ مچرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته جيئن پولنگ بند ٿئي. مان اتي پهتس ته ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي اٽڪلن ۾ مصروف هئي. اها پولنگ مڪراني محلي جي هئي. سڀ مايون مير صاحب جون ووٽر هيون. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ مائي ٻي هئي. مان ڊاڪٽر صاحبه سان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ پڇيم ته “توهان هت هيتري دير کان ڇا پيا ڪريو.” چيائين ته “مان قاضي صاحب جي جنرل اليڪشن ايجنٽ آهيان.” مون چيو “ته پوءِ هڪ اسٽيشن تي ڇو بيٺا آهيو.” چيائين “منهنجي مرضي.” کيس پنج منٽ ڏنم ته پولنگ مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر صاحبه نه نڪتي. مڪراني مايون جهيڙي جون شوقين، پان پئي کاڌائون. سندن واڇن مان ڳاڙهي پيڪ ايئن پئي لڳي ڄڻ Lady Dracula هجن.
مان ڊاڪٽر امينه اشرف کي هڪ ڪنڊ تي وٺي چيو ته “هو مايون ڏسو ڪيئن ڊريڪولا ٿيون لڳن نه؟” چيائين: “هائو برابر.” سو چيومانس ته “مون کي خبر پئي آهي ته جيئن مان هتان نڪرندس، اهي سڀ توهان تي حملو ڪري زخمي به ڪنديون ۽ ڪپڙا به ڦاڙينديون. وڌيڪ توهان جي مرضي. پنهنجي ذميداريءَ تي توهان چاهيو ته ڀلي اتي بيٺا هجو. مان ته هڪ منٽ ۾ هتان نڪران ٿو. منهنجو فرض هيو توهان کي آگاهه ڪرڻ.” مون اها اڃا ڳالهه مڪمل مس ڪئي ته ادي امينه ائين کسڪي وئي، جو نه تو ڏٺي نه مون. ساڻس گڏ آيل مايون به کيس اتي ڳولينديون رهجي ويون. رات جو دير سان تعلقي ٽنڊي الهيار ۽ حيدرآباد جو رزلٽ آيو. مير علي احمد خان ٽالپور هارايو ۽ قاضي عابد صاحب کٽي ويو.
صبح جو اٺين وڳي مون کي ڪمشنر جي فون جاڳايو. غير معمولي طريقي سان منهنجي خير عافيت پڇيائين. چيائين:
[b]مير صاحب ناراض ٿي ويو
[/b]“اخبارون منهنجي آڏو آهن. مير علي احمد پنهنجي هار جي ذميداري توتي وڌي آهي ۽ تنهنجي خلاف بيان ڏنو آهي. پر تون پريشان نه ٿجانءِ. پهرين قاضي صاحب تنهنجي شڪايت پئي ڪئي، هاڻي مير صاحب ٿو ڪري. ٻئي شڪايتون ٿا ڪن تنهن جو مطلب اهو ٿيو ته تو صاف سٿري اليڪشن ڪرائي آهي. ٿوري دير ۾ مان ميرپورخاص ڏانهن وڃان ٿو، رستي ۾ تنهنجي آفيس ۾ اچي چانهن پيئندس.”
ڪمشنر کان پوءِ پشاور کان ڪنهن پيپلي پٺاڻ جو فون آيو. تنهن زماني ۾ ڊائريڪٽ ڊائلنگ جو سسٽم ڪونه هيو. هن پٺاڻ چيو ته “ڀائي مان توکي مبارڪ ٿو ڏيان، جو تارا مسيح تو وٽان شڪست کاڌي.”
ٻئي ڏينهن تي قاضي عابد صاحب، چونڊيل ايم اين اي قاضي اسد عابد سان آيو. مون کيس مبارڪ ڏني، ڪيڪ کارايو. منهنجي فيئر رويو جو ٿورو مڃيائين. پر مان ڪٿي ٿو چپ ڪري ويهان. مون چيو،
“سائين شڪر آهي توهان کٽيو ۽ توهان جي شڪايت جو ته ازالو ٿيو.”
مرحوم وراڻيو “ها، اها غلط فهمي هئي. معافي ٿو وٺان.”
اسد به ٻڌايو ته “توهان برگيڊيئر واري معاملي ۾ ڏاڍو Positive رول ادا ڪيو هيو.”
[b]صوبائي چونڊون- 85
[/b]جنرل اليڪشن جو ٻيو ۽ آخري مرحلو صوبائي چونڊون هيون. انهن چونڊن ۾ ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ ٻه تڪ هئا. هڪ ٽنڊوالهيار وارو، ٻيو چمبڙ جي پاسي وارو. ايئن کڻي سمجهجي ته حيدرآباد-ميرپور روڊ جي اتر جو پاسو. هڪ تڪ ٽنڊوالهيار جو هيو ۽ ڏکڻ پاسي ٻيو تڪ هيو چمبڙ وارو. اليڪشن ختم ٿي. رزلٽ ايندو ويو. ٻنهي تڪن تي ٽي ٽي اميدوار سخت مقابلي ۾ هئا. ٽنڊي الهيار واري تڪ تي مير مراد خان، مريد علي شاهه ۽ عبدالغني درس هئا ۽ پولنگ اسٽيشن جي نتيجي اچڻ کان پوءِ اڳ واري پوزيشن بدلبي پئي رهي. آخري نتيجي تائين اندازو لڳائڻ ممڪن ڪونه هيو ته ڪير کٽيندو. ساڳيو ئي حال چمبڙ تڪ جو به هيو. اتي به مقابلو ٽن اميدوارن ۾ نظر آيو. هرهڪ مير محمد کوکر، محمد نصير منڌواڻي ۽ ٽيون ولي محمد ولهاري. ٽنهي ۾ بظاهر ولهاري صاحب ڪمزور اميدوار لڳي رهيو هيو.
ٽنڊي الهيار جي تڪ جو نتيجو آيو ته اُهو حيران ڪندڙ هيو. اُتي عبدالغني درس کٽي ويو هيو. مير مراد خان ٻئي نمبر تي ۽ مريد علي شاهه ٽئين نمبر تي آيو.
ساڳي نموني سان چمبڙ واري تڪ ۾ آخري پولنگ، جيڪا سندس ئي ڳوٺ ولي محمد ولهاري جي هئي، ان جي نتيجي کانپوءِ 17 ووٽن تان هُو MPA جي سيٽ کٽي ويو. پاڻ ته ننڊ جون گوريون کائي ننڊ پئجي ويو. جڏهن کيس اٿاري نتيجو ٻڌايو ويو ته پاسو ورائي وري سمهي رهيو، چي “منهنجي ننڊ خراب نه ڪريو.”
عبدالغني درس سڀني اميدوارن کان مون کي ذاتي طرح ويجهو هيو. ان کي جيئن خبر پئي. گلن جا هار پاتل پوزيشن ۾ منهنجي آفيس آيو. مون کي مبارڪ ڏنائين ۽ پنهجي ڳچيءَ ۾ پاتل اُهي هار لاهي مون کي پارائي ڇڏيائين.
چمبڙ واري تڪ تي هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ته 17 ووٽن جي فرق تي ولي محمد ولهاري ڪيئن کٽي ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ آفيشل ڳڻپ هئي. ڏاڍو ٽينشن هيو. مون کي اڻ سڌي طرح ڪن ماڻهن جي معرفت لالچون آڇيون ويون. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٽريزري سيل تي پوليس سان گڏجي آرميءَ جو پهرو به لڳائي ڇڏيو ته متان ڪو ٽريزري آفيسر کي پاڻ سان ملائي ٿيلها ڪڍرائي، ان ۾ هير ڦير نه ڪري. ڇو ته اليڪشن جو سڄو سامان ٽريزري جي سيل ۾ رکيل هيو.
ٻيهر ڳڻپ ڌرين جي روبرو ڪئي سون ته ولهاري صاحب جا اٺ ڏهه ووٽ وڌي ويا. سرڪاري طرح ولهاري صاحب ۽ عبدالغني درس جي ايم پي اي چونڊجي وڃڻ جو اعلان ڪيم. ٻيا ته سڀ ٺيڪ هئا پر کوکر صاحب منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن کي ٻاڏايو ۽ دانهن ڪئي ۽ اليڪشن جي نتيجي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي، جيڪا رد ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل ڪيائين، جيڪا به رد ٿي. سندس وڪيل مشهور سياسي ورڪر ۽ وڪيل ابوبڪر زرداري هيو. تڏهن زرداري صاحب اڃا ايترو مشهور نه هيو. سندس وڌيڪ مشهوري ملڪي سطح تي تڏهن ٿي جڏهن آصف علي زرداري جو وڪيل ٿيو.
[b]وزيراعظم-85
[/b]بهرحال اهو مرحلو خير خوبيءَ سان مڪمل ٿيو. پر اڳيون مسئلو ملڪي ۽ صوبائي سطح تي هيو. جنرل ضياءَ صاحب چڱي خاصي Excersice ڪئي هئي. هن پرائيم منسٽر لاءِ عقل جي ڊوڙ شروع ڪئي. ڊڪندي ڊڪندي وڃي ٻه گهوڙا سياسي ميدان ۾ رهيا. هڪ الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو محمد خان جوڻيجو. جوڻيجو صاحب پير صاحب جو اميدوار هيو. الاهي بخش سومري کي سندس والد مولا بخش سومري ۽ سندس دوستن جي ٽيڪ هئي. سومرو پراڻو انجنيئر ۽ بيوروڪريٽ هيو. Dashing ماڻهو هيو. ضياءَ جي Cabinat ۾ رهيو هيو. ضياءَ هن کي وزيراعظم ٿيڻ جو Green Signal به ڏئي ڇڏيو هيو. پاڻ ٻه ٽي شيروانيون به ٺهرائي ورتيون هئائين. جڏهون سومرو صاحب پير صاحب پاڳاري وٽ آشيرواد لاءِ ويو ته پير صاحب کيس چيو ته: ’سومرا تنهنجو پتو ته مون ڪٽي ڇڏيو، وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ٿي رهيو آهي.‘ پير صاحب ان وقت مضبوط ۽ وفادار ترين سياسي ڌر هئي، جنهن کي صدر صاحب تمام گهڻو مانُ ۽ مڃتا ڏيندو هيو. نيٺ وزيراعظم جوڻيجو ئي ٿيو. ’هاءِ ڙي سياست، تنهنجا رنگ!‘
سنڌ ۾ جيڪي به ايم پي ايز چونڊجي آيا، انهن مان آرميءَ کي ڪو به ايم پي اي ڪونه وڻيو. سو هما وڃي جسٽس غوث علي شاهه جي سر تي ويٺو. پر شاهه صاحب به ان وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو Sitting Judge هيو. خير جنرل صاحب لاءِ ڪهڙو مسئلو هيو. هن جو ته چوڻ ئي قانون ۽ قاعدو هيو. آئين ۾ ڦيرڦار ڪري سائين غوث علي شاهه کي سنڌ جو وزيراعليٰ ڪيو ويو. مون کي ذاتي طرح ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي گهاري ريسٽ هائوس واريون سائينءَ سان ٿيل ملاقاتون ياد اچڻ لڳيون.
وزيراعظم کي سنڌڙيءَ اچڻ تي ٽنڊي الهيار مان مبارڪ ڏيڻ لاءِ ويس. اهڙي ئي عزت ڏنائين، جهڙي ڏيندو هيو. پوءِ وري ساڻس جيئري ملاقات نه ٿي. سندس وفات وقت مٺيءَ مان اچي سندس جنازي ۾ شريڪ ٿيو هوس ۽ اسد خان سان ڏک ونڊيو هئم.
[b]وزيراعليٰ سائين غوث علي شاهه ٿيو
[/b]سائين غوث علي شاهه وٽ به مبارڪ ڏيڻ ويو هوس. هن به مانُ ڏنو ۽ محترم علي حسن منگيءَ لاءِ نيڪ تمنائون موڪليون هئائين. مان رات منگي صاحب جي گهر ۾ ئي ترسيل هئس. ٽنڊي الهيار لاءِ واپس اچڻ کان اڳ ۾ وٽس ويس ۽ وزيراعليٰ صاحب جون نيڪ تمنائون کيس پهچايون. پاڻ مسڪرائي چيو ته “اهو شاهه صاحب جو نياپو آهي ته اچي مبارڪ ڏئي وڃ. پراڻو ساٿي آهي، سو ضرور ويندوسانس.” جيڪي صاحب چونڊجي آيا، انهن مان ايم اين اي ته ٽنڊي الهيار جا ڪونه هئا. ولي محمد ولهاري ته مست ملنگ ۽ من موجي ماڻهو هيو. کايو پيئو خوش ويٺو هوندو هيو. باقي اسان جو دوست ۽ ساٿي عبدالغني درس، جنهن کان اليڪشن جو فارم زوريءَ ڀرايو هيو ۽ جنهن منهنجو احسان مڃڻ لاءِ پاڻ کي مليل مبارڪ باديءَ جا گلن وارا هار لاهي مون کي پارايا هئا. ان گل ٻوٽا ڪڍڻ شروع ڪيا. ڏاڍو Ambitious هيو. جلدي هر ڪنهن کي احساس ٿي ڏياريائين ته هو ئي علائقي جي No. 1 شخصيت آهي. هن جي وڏي اهميت آهي. پياري لنڊ ڳوٺ ۾ تپيدارن جو ديرو هيو. ڪجهه ڦٽل پر استعمال ۾ ايندو هيو. ان تي قبضو ڪري ويهي رهيو. مون کيس چيو ته “اها روينيو جي پراپرٽي آهي. توهان کي نه ٿي ملي سگهي. اهو قبضو ناجائز ٿيندو. توهان کي ان جي ڀرسان ٻيو خالي پلاٽ سرڪار کان جائز نموني الاٽ ڪرائي ڏيون ٿا.” پر درس صاحب ايم پي اي اها ڳالهه نه مڃي. مون کي چيائون ته “جائز ڪم ته توهان عبدالغني درس جا اڳ ۾ ڪندا هئا. هاڻي مان عبدالغني درس ايم پي اي آهيان. هاڻي منهنجا جائز يا ناجائز ڪم سڀ ٿيندا.”
مون کي ڏاڍي مَٺيان لڳي. ماڻهو رنگ ڪيئن ۽ ڪيترو جلدي ٿو بدلائي. مون پوليس ۽ پنهنجي ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ کي موڪليو، جن اهو ايم پي اي صاحب جو قبضو خالي ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پوليس چيڪ پوسٽ لڳائي. غني صاحب ڪاوڙجي ويو ته “منهنجي بي عزتي ٿي آهي.”
[b]منهنجي بدلي وري ڪينسل ٿي وئي
[/b]هي اهو دؤر هيو، جو عبدالله حسين هارون وزيراعليٰ کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر کي لاهڻ لاءِ رٿ آندي وئي هئي ۽ سيد مظفر حسين شاهه کي نئون اسپيڪر آندو پئي ويو. منهنجو دوست پير نور محمد شاهه جيلاني ڪاماري شريف وارو، اهو به ڇاڇري مان مريدن جي ٽيڪ تي ايم پي اي ٿي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي ويو هيو. شاهه صاحب ساڳيو نهٺو ۽ Down to Earth دوست هيو. اسپيڪر کي هٽائڻ لاءِ سائين غوث علي شاهه کي ايم پي اي جي ضرورت هئي. غني صاحب ان موقعي جو فائدو وٺي منهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي ۽ حڪم ٿيو ته Report to S&GAD. هن ڳالهه تي ڏک ته نه ٿئي ها، پر جن تي مانُ هيو ۽ جنهن جي وزيراعليٰ ٿيڻ جي اندر ۾ خوشي ٿي، پٽڪو به انهيءَ لاهي ڳچيءَ ۾ وڌو.
مون کي درسَ، هي سٺو درسُ ڏنو هيو ۽ حضرت علي ڪرم لله وجھ جو قول پڻ ياد ڏياريو ته “بچو ان شخص جي شر کان، جنهن سان توهان چڱائي ڪئي آهي.”
پير نور محمد شاهه جيلاني ايم پي اي کي خبر پئي ته اهو غني درس صاحب وٽ ويو. چيائين ته عبدالقادر منگي دوست آهي. ايترو انتها تي نه وڃبو آهي. هن صاحب چيو ته منگيءَ منهنجي بي عزتي ڪئي آهي. مون کان معافي وٺي. شاهه صاحب منهنجي پرپٺ سندس ان رٿ کي رد ڪري آيو.
مير اعجاز ٽالپر سنڌ Cabinet ۾ دبنگ سينئر وزير هيو. سائين غوث علي شاهه وزيراعليٰ نه ٿئي ها ته مير صاحب وڏو وزير ٿئي ها. ان جو پٽ مير عنايت ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار مان ايم اين اي ٿيو هيو. ان به پنهنجي پيءُ کي شڪايت ڪئي ته “ڇا عبدالغني درس تعلقي جو مالڪ آهي، جو منگي صاحب جي بدلي ڪرائي اٿائين.” اسان جا Interest ٽنڊي الهيار ۾ آهن. آءٌ بي خبر. سياسي جنگ ٻنهي جي وچ ۾ جاري رهي. ٻئي ڏينهن صبح جو مون نثار صديقيءَ کي فون ڪيو. جيڪو وزيراعليٰ جو سيڪريٽري هيو. کيس عرض ڪيم، ته منهنجي اهڙي هنڌ بدلي ڪيو، جتي ڪو گهر هجي.
چيائين توهان ان گهر ۾ ئي رهندؤ. توهان کان ڪو گهر خالي ڪونه ٿو ڪرائي. توهان جي بدلي مير اعجاز جي مهربانيءَ سان اڌ رات ڌاري Cancel ٿي وئي آهي.
منهنجا ستارا شروع کان ئي ٽنڊي الهيار تعلقي سان ميل نه کائي رهيا هئا. ڪانه ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلو ٿيندو ئي رهندو هيو. وري جو وتايو فقير سيمينار ڪرائي مون ساڻس ‘ڇيڙڇاڙ’ ڪئي ته دوستن مون ۾ اهو وهم ۽ وِسوسو ڀري ڇڏيو ته توکي ڪونه ڪو نقصان ضرور ٿيندو.
[b]ٻانهن جو فريڪچر
[/b]هڪ ڏينهن تڙ ڪندي سلپ ٿي پيس ۽ ٻانهن جو Fracture ٿي پيو. Open wound ته ڪونه هيو، پر ٻانهن جي هڏي Through in through ٽٽي پئي.
ٻئي ڏينهن تي مون ڪمال هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ چيڪ اپ ڪرايو ۽ ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو. طئي اهو ٿيو ته آپريشن نه ڪرائجي. ٻانهن ۾ Redial Nerve جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. تنهن ڪري Bandage ڪجي. ٻارهن هفتن تائين قدرتي طرح Callous نڪرندو، جيڪو ٻانهن کي جوڙي ڇڏيندو. مون اهو طريقو ئي اختيار ڪيو.
[b]منهنجو اغـوا
[/b]ڏهن ٻارهن هفتن کان پوءِ sling لاهي ڇڏي، پر ٻانهن کي Fracture جي جاءِ تي پٽيون ٻڌل هيون. انسان کي ويهڻ ڪٿي ٿو اچي. عبدالحليم ۽ عبدالجبار ٿيٻي کُلي ڪچهريءَ لاءِ چيو. مان به سندن ڳوٺ ڏانهن ويس. اسان جي پياري دوست پوليس ڪماني، غلام قادر ٿيٻي جو ڳوٺ به اهو ئي آهي. موٽندي موٽندي شام ٿي وئي. واپسي جا ٻه رستا هئا، هڪ ته ميرپورخاص وارو مين روڊ، ٻيو ٽنڊي آدم وارو. مون پوئين روڊ جو انتخاب ڪيو. ڇو ته اتي ‘ڀُون ڦاڙ’ شاخ کي هڪ ڏينهن اڳ ۾ گهارو پيو هيو، ان جي Position به ڏسڻ پئي چاهي، ته پاڻي اتي هليو يا نه. شاخ ۾ پاڻي هلي رهيو هيو. دل خوش ٿي. Main Raod تي چڙهيس ته داسوڙي ٿاڻي وٽ پوليس بيٺي هئي. مون گاڏي روڪي انهن کان حال احوال ڪيو. چيائون ته سائين پئٽرولنگ لاءِ نڪري رهيا آهيون. چانهن جي آفر ڪيائيون. مون Thanks ڪري گاڏي اڳتي وڌائي. مون وٽ سراج ميمڻ جو ڪتاب “اٺون ماڻهو” هيو. مان اهو پڙهندو پئي آيس. ڪجهه اڳتي ٿيس ته وچ روڊ تي نئون ٽريڪٽر پاسيرو بيٺل هيو. منهنجي گاڏي اچي ان سان لڳي ۽ بيهجي وئي. مون اکيون مٿي کڻي ڏٺو ته ٽريڪٽر بيٺو هيو. مون دل ۾ چيو “ڪي چريا آهن، وچ روڊ تي ٽريڪٽر بيهاري ڇڏيو اٿائون.” ايتري دير ۾ ٽريڪٽر جي ٻئي پاسي کان ٻه همراهه ڪلاشنڪوف سان ظاهر ٿيا. مان اڃا تائين ڪجهه نه سمجهيو هيو. ڦري منهنجي پاسي کان آيا، چيائون “سڀ لهو.” مان به لٿس، ڊرائيور به لٿو ۽ پٽيوالو به لٿو. اُن دور ۾ مان گن مئن ڪونه کڻندو هوس ۽ نه ڪو پوليس گارڊ يا موبائيل. اهو ڊسمبر 1985ع هيو. چيائون “تون ويهه گاڏيءَ ۾.” پوءِ ڊرائيور کي به ويهاريائون. هڪ ڊاڪو منهنجي پاسي کان ٿي ويٺو ۽ چار ڄڻا هٿيارن سان پويان ويٺا. اڳيا ويٺل سندن ليڊر پئي لڳو. گاڏي هلي، منهنجون وايون بتال ٿي ويون. سمجهيم ته اغوا ڪيو ويو آهيان. اڳتي هلي ڳوٺ سومر نظاماڻيءَ جي بازار مان لنگهيا. سانجهيءَ جي نماز جي اذان به ملي رهي هئي. الله اڪبر..... الله اڪبر...... مان گاڏيءَ ۾ اڳيان وچ ۾ ويٺو هوس. گاڏي وچ بازار مان ڦرڙاٽ ڀريندي گذرندي وئي. ماڻهن ڏٺو، ڪن سڃاتو، ڪن نه سڃاتو، ڪن خيال ئي نه ڪيو. ڳوٺ مان نڪري اچي نصير ڪئنال تي پهتاسون. گاڏيءَ جو رخ اتر طرف ڪيو ويو. ڪئنال جو پاٿ، روڊ جهڙو ئي صاف سٿرو هيو. گاڏي تيزيءَ سان پاٿ تي هلڻ لڳي. ڊاڪو صاحبن مون سان حال احوال شروع ڪيو. مون وٽ مهراڻ شگر مل جي پراڻي ماڊل واري نيري رنگ جي جيپ هئي، جهڙيون ڊي ايس پي وٽ هونديون هيون. ڊرائيور به شگر مل جو هيو. مون کي ٽوپي ۽ هلڪي سائي رنگ جي Stmichets جي جرسي پيل هئي. بوٽ ۽ بليو رنگ جي شلوار قميص. وڏيرو پئي لڳم. مون کان نالو ۽ ذات پڇيائون. مون چيو “غلام قادر مگسي. رهندڙ شهدادڪوٽ جو. ٽنڊي آدم ۾ عبدالله خان ورياهه ۽ شاهه نواز خان جوڻيجي وٽ ويو هوس. خادم علي شاهه ڏي ميرپورخاص وڃي رهيو آهيان.” مون به کانئن تعارف پڇيو. پويان ويٺلن مان هڪ همراهه ٽهڪ ڏنو. اڳيان ويٺل ليڊر نما ڊاڪوءَ کيس ڇڙٻ ڏني. هو شايد منهنجي نادانيءَ تي کلي رهيو هيو ته ڏسو ته همراهه اسان وٽ سوگهو آهي. وري اسان کان ئي ٿو اسان جا پار پتا پُڇي. اڳئين همراهه ٻڌايو ته “هن جو نالو نور محمد سولنگي آهي.” وري پڇيائين “توهان ٻڌو آهي؟” مون انڪار ڪيو. وري چيائين “نورو ماڇي ٻڌو آهي؟” مون ها ڪئي. وري ٻيهر پڇيائون ته “صاحب تون وڏيرو نٿو لڳين، ڪو آفيسر آهين؟” شايد منهنجي ڳالهائڻ جي لهجي مان کيس اندازو ٿيو. پوءِ مون کيس سڄو سچ ٻڌايو. اهو به ٻڌايو ته ٽنڊي الهيار جو ايس ڊي ايم آهيان. مون “پتو” اڇليو، ۽ سوچيو، يا ته ڇڏي ڏيندا يا اڄ ئي ماري ڇڏيندا. باقي پوليس ۽ ٻيون فورسز به ڪڍ لڳيون هونديون. فائرنگ ۽ ڪائونٽر فائرنگ شروع ٿي ته بچڻ هونئن ئي محال ٿي ويندو. منهنجي لاءِ جان ڇڏائڻ جو سٺو رستو اهو ئي هو ته مقابلي کان اڳ ۾ ئي مون کي ڇڏيو وڃي. هو منهنجي جواب کان پوءِ خاموش ٿي ويا. وري پڇيائون ته “ڪيڏانهن ويو هئين ۽ ڪٿان واپس پئي آئين؟” ٻڌايم ته “ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ کُلي ڪچهري ڪرڻ ويو هوس ۽ واپس پئي آيس.”
چيائون ته “تون قائمخاني چيئرمين جي چوڻ تي اسان جي ماڻهن سان ڏاڍايون ٿو ڪرين. جيل ۾ ٿو وجهين، انهن جي زمين تي قبضا ٿو ڪرائين.” اهو ايئن ئي چئي ڇڏيائون. لڳي پيو ته ڪجهه مقامي ماڻهو هئا، پر پوري طرح سُڌ ڪونه هين. وري چيائون ته “اسان جا ماڻهو جيل ۾ آهن، ڀلا انهن کي ته ڇڏ.” مان ها ڪئي. نالا پڇيا. پويان هڪ ماڻهو هڪل ڪئي ته نالا نه ڏجانس.
گاڏي تيزيءَ سان هلندي رهي. پويان آواز آيو، “استاد هوشياري ڪر اڳيان پل آهي. اتي پوليس جو گهاٽ هوندو آهي.” گاڏيءَ ۾ خاموشي ٿي وئي. اڳئين استاد K K جي نالي ونڊ اسڪرين سان لڳائي ڇڏي ته جيئن ڪو پوليس وارو نظر اچي ته برسٽ هڻي ڪڍن. اتان گذرياسون. ڪو به پوليس وارو نظر نه آيو. ساري واٽ ڪئنال تي ڪو به پوليس وارو، ڪا گاڏي، ڪو ماڻهو نظر نه آيو. اڳتي نڪري سندن ليڊر چيو. “صاحب تون ماڻهو چڱو ٿو لڳين. تو کي ڇڏيون ٿا.” مون کي پڪ ڪونه هئي. چيومانِ “ته پوءِ ڇڏيو.” چيائون ته “صاحب هتي ڪيئن ڇڏيون. تو کي هن جهنگ مان وري ڪو ٻيو کڻي وڃي، ته ڏوهه اسان تي ايندو.” مان سوچڻ لڳس ته شايد منهنجي پريشاني گهٽائڻ جي لاءِ ايئن چون ٿا. مٽياريءَ جي ٿاڻي جي حد ۾ بند تي کڻي پهتا. بند جي هڪ طرف ڪچو هيو. ٻئي طرف پڪو ۽ حيدرآباد وارو مين روڊ نظر آيو پئي. جتان گاڏيون ڦرڙاٽ ڪنديون مين روڊ تان گذري رهيون هيون. پڪي جي ٻنهي طرفن روشنيون هيون. Load Shedding تڏهن ڪونه ٿيندي هئي. ڪچي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا بتيءَ جي روشني نظر اچي رهي هئي. ڪچو معنيٰ ڌاڙيلن جي بادشاهي.
مون کي به لاٿائون ۽ پاڻ به جيپ مان بند تي لٿا. گاڏي جي لائيٽ بند ڪيائون. چار ڄڻا پاڻ ۾ صلاح مشوري لاءِ ٿورو اڳتي نڪري ويا. هڪڙي همراهه مون کي ۽ ڊرائيور کي Cover ڪري بيٺو رهيو. هن منهنجي Search ڪئي. کيس ڏاڍي نااميدي ٿي. منهنجا کيسا خالي هئا. سب ڊويزن ۾ پيسا ڇا جي لاءِ کيسي ۾ کڻي گهمان. واچ ٽن مهينن کان بڌندو ڪونه هوس، جو ٻانهن ۾ Fracture ٿيل هيو. ان وقت ڏاڍي شرمندگي ٿي، جڏهن ويچاري ڌاڙيل کي مون وٽان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو. ڊرائيور جي تلاشيءَ مان کيس 55 روپيه ۽ واچ ملي.
[b]منهنجي قسمت جو فيصلو- الله مالڪ آهي
[/b]پريان جيڪي ڌاڙيل بيٺا هئا، اهي منهنجي قسمت جو فيصلو ڪري موٽيا. انهيءَ وقت اهي ڄڻ خدا جا نمائندا لڳي رهيا هئا. منهنجي زندگيءَ ۽ موت جو فيصلو سندن هٿن ۾ هيو. هنن جي ليڊر چيو: صاحب! اسان فيصلو ڪيو آهي ته تو کي ڇڏي ڏيون، پر اسان جي پارت ٿئي. اسان جي همراهن جو به خيال ڪجانءِ.
مون سمجهيو ته هي پڪ ماريندا. مان ان تصور سان ئي ڏڪي ويس. چپ ٿي ويس. جنهن اسان جي جهڙتي پئي ورتي ان کي ليڊر چيو ته “جيڪو سامان ڪڍيو ٿئي، اهو واپس ڪر.” هن چيو ته “صاحب کان ته ڪجهه نه مليو آهي. باقي ڊرائيور وٽان واچ ۽ 55 رپيه مليا آهن.” ان مون کي چيو ته “صاحب، موڪل ڏئين ته واچ مان رکان.” مون کيس اجازت ڏني. باقي 55 رپيا ڊرائيور کي موٽائي ڏنائين. ڊرائيور چيو ته “سائين پيٽرول جا پيسا ڪونه آهن.” تنهن تي کيس سؤ رپيه ڪڍي ڏنائون. مون چيو ته “اسان آهيون ڪٿي؟” چيائون ته اتر طرف مٽياري ٿاڻو آهي. اڳيان مين روڊ آهي. ڏکڻ وارو حيدرآباد جو رستو آهي. هي جڳهه پٺاڻ بس اسٽينڊ سڏبو آهي. مان گاڏي تي ويٺس. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪئي. سندن ليڊر ٽارچ جي روشني ڏئي، اسان کي هيٺ لهڻ جو رستو ڏيکاريو. مان تڏهن به سوچي رهيو هوس ته پويان فائرنگ ڪندا. پر پوءِ گاڏي جڏهن جهنگ مان نڪري مين روڊ تي آئي. رب جا لک لک شڪرانا بجا آندا. ڊرائيور کي چيم ته مٽياري ٿاڻي تي هل. سامهون روشنيون پئي نظر آيون. پنجن منٽن ۾ ٿاڻي تي پهتس. ڊي ايس پي جهڙي جيپ ڏسي وائرليس آپريٽر ٻاهر نڪري آيو. مون ايس ايڇ او جي آفيس ڏاانهن ويندي آپريٽر کان پڇيو: “صوبيدار ڪٿي آهي؟” چيائين “سائين ايس ڊي ايم ٽنڊوالهيار اغوا ٿي ويو آهي. ان جي ڳولا ۾ ويو آهي.” مون آپريٽر کي ٻڌايو ته “مان ئي ايس ڊي ايم ٽنڊوالهيار آهيان.” آپريٽر جون وايون بتال ٿي ويون. ڄڻ ڪنهن ڀوت کي ڏسندو هجي. مون کيس چيو ته “کيس هڪدم ميسيج ڪر ته مان مٽياري ٿاڻي تي پهچي ويو آهيان.” مون کي ڳڻتي گهر جي هئي.
ڪجهه دير ۾ منهنجو گهر رابطو ٿيو. مون امان، گهر واريءَ ۽ ٻارن سان ڳالهايو. سڀ خوش به ٿين پيا ته روئن به پيا. کين ٻڌايم ته ڪلاڪ کن ۾ گهر پهچي ويندم. ڪمشنر علي محمد شيخ صاحب جي فون به آئي ۽ منهنجي خير خيريت به پڇيائين. ڊي سي پراچه صاحب ڳالهايو ۽ هدايت ڪئي ته “مان توکي ڏسڻ اچان ٿو ۽ توکي پاڻ سان وٺي تنهنجي گهر هلندس.”
مٽياري پهچڻ جي پنجن منٽن ۾ عبدالغني قائم خاني، ڊي ايس پي جهان شاهه ۽ ايس ايڇ او غلام رسول جتوئي به مٽياري ٿاڻي تي پهچي ويا. لڳي پيو ته اهي به اسان جي ڪڍ هئا. سائين جهان شاهه ڀاڪر پائي روئڻ ۾ ڇٽي پيو. مون کي کيس پرچائڻ ڏکيو ٿي ويو. هن جو پٽ محبوب شاهه به گڏ هيو، جيڪو هاڻي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم ايس آهي ۽ لاڙڪاڻي جو سٺو سوشل ورڪر آهي. عبدالغني قائمخاني به پهچي ويا. پوليس مان ڪنهن سينئر آفيسر ڪو حال احوال ڪونه ورتو. الائي ڇو؟
ڊي سي پراچه صاحب به پهچي ويو. پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڀاڪر پائي ڳل تي ٿپڪي ڏني. مون سندس اچڻ جو ٿورو مڃيو. ساڻس گڏجي ٽنڊي الهيار آياسين. ڊي سي صاحب حال احوال ورتو. معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اغوا جا ڪهڙا ممڪن سبب ٿي پئي سگهيا ۽ پوءِ وري ڇو ڇڏيو ويو.
گهر پهتاسون ته کيس چانهن جي صلاح ڪئي، پر هو ٿينڪس چئي روانو ٿي ويو. ڪافي شهر وارا گڏ ٿي ويا هئا. مان سندن ٿورا مڃيا. ٻار به گهر کان ٻاهر نڪري آيا هئا. اخبارن وارا به گڏ ٿي ويا هئا.
ٻئي ڏينهن اخبارون خبرن سان ڀريل هيون. ڪنهن چيو ته AC/SDM وڏي هوشياري ۽ همت ڏيکاري جان ڇڏائي آهي. ڪنهن چيو ته Deal ٿيو اٿس. سندس موٽ ۾ ڪنهن ڏوهاريءَ کي ڇڏايو ويو آهي. ڪن لکيو ته پئسا ڀري ڏيڻ جي واعدي تي آزاد ٿيو آهيان. ڪنهن چيو ته ڀل ۾ اغوا ٿيو آهي. ڌاڙيلن جي مائٽن سان سندس ڏاڍا ويجها تعلقات هئا. خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي اڃا تائين منهنجي پراسرار آزاديءَ جي سُڌ نه پئي آهي. باقي اهو ضرور لڳي ٿو ته اها Traget Kidnaping نه هئي. ڇو ته ان طرف کان اچڻ منهنجو ذاتي فيصلو هيو. باقي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ نه ڪو پئسو ڏنو، نه ڪنهن ٻئي کي چيو. نه ئي اڃا تائين ڪا پڪي پختي خبر پئي آهي ته اهي ڌاڙيل ڪير هئا؟ صرف ايس ايڇ او غلام رسول جتوئيءَ جو انومان هيو ته اهو “حاجي حضوريءَ کوسي” جو گروپ هيو، جنهن ۾ “ڪرو ٿيٻو” به شامل هيو، “ڇو ته توهان ڪرو ٿيٻو جي ڳوٺ ويا هئا، تنهن ڪري ڌاڙيلن اهو فيصلو ڪيو ته متان هن جي مائٽن تي زور بار پوي، تنهن ڪري ڇڏي ڏنائون.”
[b]امان کي هارٽ اٽيڪ ۽ الله کي پياري ٿي وئي
[/b]مان پنهنجي زندگيءَ ۽ نوڪريءَ جي معمولات کي لڳي ويس. ڄڻ سڀ ڪجهه وسري ويو ۽ اغوا وارو اهو سانحو ياد ئي ڪونه رهيم. پر منهنجي فيمليءَ تي ان واقعي جو ڏاڍو اثر ٿيو. منهنجي والده جنهن کي گهاري ۾ نوڪريءَ دوران ئي Heart Attack ٿي چڪو هو، NCVD اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڳچ عرصو علاج هيٺ رهي هئي، ان ڏاڍي دل لاهي وڌي. مون کي ڪجهه دير ٿي ويندي هئي ته پريشان ٿي ويندي هئي. هن جي پريشانيءَ مون کي به ڏاڍو پريشان ڪري وڌو.
کيس ٻيو هارٽ اٽيڪ ٿيو. ديوان مشتاق ڪارڊيو يونٽ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڪريم عباسيءَ وٽ زير علاج رهي. ڏهن ڏينهن کان پوءِ گهر آئي. ڊاڪٽر چيو ته بچي وئي آهي، پر Infactions ٿيو اٿس. دل 25% ڪم ڪري ٿي. هن عمر ۾ آپريشن به نٿو ڪري سگهجي. مون پنهنجا ٻاهريان ٽوئر گهٽائي ڇڏيا. گهڻو ڪري پنهنجي ڪم ڪار کي آفيس ۾ ڪندو رهندو هوس. آفيس دوران به هڪ ٻه ڀيرا گهر اچي چانهن پيئندو هوس ۽ منجهند جي ماني به کائيندو هوس ۽ سندس طبيعت به ڏسندو هوس. منهنجي وڏي نياڻي صفيه جيڪا 12-13 سالن جي اچي ٿي هئي، اها ساڻس ڏاڍي Attached هئي.
ائين ئي معمول مطابق آءٌ گهر جي چائٺ جي ٻاهران سج لٿي کان اڳ ۾ آفيس جي آفيس ۽ ڪچهريءَ جي ڪچهري لڳائيندو هوس. ڪو شهر جو معزز ماڻهو ۽ اڪثر ڪو اديب عالم يا فضل احمد بچاڻي، يا جيڪو به دوست شام جي وقت ڪچهريءَ لاءِ ايندو هو ته اتي پيا ڪچهري ڪندا هئاسين.
ان ڏينهن به بچاڻي صاحب ۽ مون ڪچهري پئي ڪئي ته گهر جو بورچي پيارو خان آيو. مون کي چيائين “امان جي طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽر کي گهرايو.” منظور لنڊ ڊرائيور کي ڊاڪٽر پرڌان ڏانهن موڪليو. مان گهر وڃڻ لاءِ اٿيس. بچاڻي صاحب به امان کي وڏي حياتيءَ جون دعائون ڏيندي موڪلايو. مان گهر ۾ آيس، امان جي نبض ڏٺم، دل ڏٺم، دل بند هئي. اکيون پوريل هيون. امان اسان سڀني جي دعا جو در، اسان کان موڪلائي چڪي هئي. ڊاڪٽر پرڌان آيو، کيس در کان ئي موٽايو ويو.
اسان امان کي کڻائي رات جو ئي رتيديري روانا ٿي وياسون. امان جي ڪفن دفن کان پوءِ رتيديري مان موٽي آياسون. جنهن کي وڃڻو هو اهي ته هليا ويا. خدا جي امانت هئي. الله پاڪ واپس گهرائي ورتي. امان گهر ۾ هوندي هئي ته ڪنهن شيءِ جي ڳڻتي ڪونه هوندي هئي. توڙي کٽ تي ويٺي هوندي هئي ته به منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي وڏو آٿت ۽ آسرو هوندو هيو. مون کي به فڪر نه هوندو هيو. مونکي سندس دعائن جي ٽيڪ هئي.
اسان سڀ ته دکي ٿياسون، پر منهنجي وڏي ڌيءَ صفيه ڏاڍي اداس هئي. ان کي پاليو ئي امان هيو. سمهندي به امان سان هئي. سمجهُو ته هئي، پر چپ چپ ۾ ويٺي روئندي هئي. هوءَ پنهنجي ڪيتري به ڪيفيت لڪائي، پر ماءُ پيءُ کي ته خبر پئجي ئي ويندي آهي.
هاڻي ٽنڊي الهيار مون کي نسورو کائڻ ٿي آيو. امان جو، مئي 1986ع ۾ Death ٿيو هيو، مون سنڌ سرڪار کي وينتي ڪئي ته مون کي هتان بدلي ڪيو.