15. 3 ڊسمبر 2003 کان فيبروري 2005
[/b]انگريز انجنيئر ميٽسو جي سکر بيراج/ سکر واري پل ڪراس ڪري اچي ان گهر ۾ لٿس جتي ميٽسو رهندو هيو ۽ هاڻي ان جي ٻاهران ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيشن آفيسر هائوس جو بورڊ لڳل هيو.
هن گهر ۾ مان ڪيترا ڀيرا آيو هوس ڪمشنر سان ملڻ ۽ ميٽنگ ڪرڻ. اڄ هن گهر ۾ رهڻ لاءِ آيو هوس، خبر ناهي ڪيتري عرصي تائين! جيستائين داڻو پاڻي هوندو!
مبين خان، اي ڊي او روينيو سکر، جنهن کي ڊي سي او جي چارج هئي، اهو آفيس کان مهرباني ڪري ٻاهر نڪري آيو. مون کي رسيو ڪيائين ۽ ڪيمپ آفيس ۾ وٺي هليو. اها انگريزن کان روايت رهي آهي ته ڊي سي ۽ ڪمشنر جي گهر تي به آفيس هوندي آهي جنهن کي ڪيمپ آفيس چيو ويندو آهي. اتي خلاصائيءَ ۾ سڪون سان ويهي آفيس جو ڪم يا ميٽنگ ڪري سگهجي ٿي.
چانهن پيتي ۽ حال احوال ڪيو سون، جنهن کي بريفنگ چئجي ٿو. چارج پيپر صحيح ڪياسون ۽ منهنجو سکر ۾ نوڪريءَ جو Count Down شروع ٿي ويو. مبين صاحب EDO جي گهر روانو ٿي ويو.
پهرين فون ناظم ضلع سکر سيد ناصر حسين شاهه کي ڪئي، شاهه صاحب خوش آمديد ڪيو. مان کانئس ملڻ جو وقت وٺڻ چاهيو ته چيائون ته ”مان سڀاڻي سکر ايندس ته توهان سان ملي وٺندس.“ جيڪا ڳالهه مون قبول نه ڪئي. مون کي صبح جو ملڻ جو وقت ڏنائون.
ناصر حسين شاهه پراڻو واقف ڪار هيو. پهريان سکر/ روهڙي مان ايم پي اي رهيو هيو. هاڻي پ پ پ جي مدد سان 2001ع ۾ سکر ضلع جو پهريون ناظم ٿي ويو آهي. سهڻو ۽ عزت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي. هر ڪنهن جيان هن ۾ complexes ڪونه آهن. ڪس ڪسر کائڻ وارو، ٿڌي مزاج جو ماڻهو آهي. سندس والد، شبير حسين شاهه به سکر مان ايم پي اي رهيو آهي.
مون ٻي فون علي حسن بروهيءَ کي ڪراچي سي ايم هائوس تي ڪئي ته هو سي ايم صاحب کي ٻڌائي ڇڏي ته مون چارج وٺي ڇڏي آهي.
ڊاڪٽر خالد حسين شيخ ايم ايس سکر کي فون ڪيم. جو مون کان اڳ ۾ پير ضياءَ سان ڪم ڪري چڪو هيو ۽ پير ضياءَ کي ويجهو هيو، ان جي ڪري منهنجي به ساڻس ڏيٺ ويٺ اڳ ۾ هئي. هو ڊي آءِ جي محمد رمضان چنا وٽ مانيءَ تي آيل هيو. هن جو چنا صاحب کي منهنجو ٻڌايو ته چنا صاحب تاڪيد ڪيو ته مان به وٽس مانيءَ تي اچان. چنا صاحب ۽ اسان رند صاحب جي ٽيم ۾ 1990ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هئاسون، جتي پاڻ ايس ايس پي لاڙڪاڻو هيو. مان سندس هن سڪ واري سڏ تي ڪنڌ نه ڪڍائي سگهيس.
*
سکر کي مان سپنن جو شهر سڏيندو آهيان. هميشه مون کي fascinate ڪندو رهيو آهي. سکر جي ڀرسان دريا، سکر بيراج، روهڙي، روهڙيءَ سان لڳ لئنسڊائون پل ۽ ايوب برج، سکر ۽ روهڙيءَ جون اسٽيشنون، درياءُ بادشاهه ۽ درياءُ جي ڪنڌيءَ جو نظارو، بکر ٻيٽ، سکر شهر جون لاهيون چاڙهيون. باغ بستان، سکر جون سئنيمائون ۽ مهراڻ مرڪز، شاهي بازار ۽ نم جي چاڙهي ۽ اتي برڪت علي آزاد جو بوڪ شاپ. برڪت علي آزاد جي ڀرسان ئي جوس جو دڪان، چاٽ جو دڪان، معصوم شاهه جو منارو ۽ منارا روڊ، ليوڪس پارڪ، پراڻو سکر ۽ ڪورٽ بلڊنگ ۽ ڊي سي هائوس ۽ ڊي سي آفيس، ملٽري روڊ ۽ واپڊا ڪالوني جتي هاڻي ڪمشنر آفيس آهي. يعقوب بسڪوٽ فيڪٽري، جيڪا هاڻي اجڙي وئي آهي، جوڻيجو فلور ملز ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز جو علائقو، جنرل/ ميونسپل لائبرري، سينٽ ميريز اسڪول، سينٽ سيويرس اسڪول جتي منهنجي گهر واري خورشيد پڙهي هئي. ان جي ڀرسان علي حسن منگي صاحب جا ڪوئنس روڊ تي گهر. شاهي بازار ۾ آصف غوريءَ جو دڪان ۽ اسٽور ۽ نور جنرل اسٽور جتان مان هميشه شاپنگ ڪندو هيس. ٽانگا اسٽينڊ جو گندو علائقو، ڪهڙيون ڳالهيون ياد ڪري ڪهڙيون ڪجن. ريلوي جو يارڊ ۽ ڪالونيون. پراڻو بس اسٽينڊ، نئون بس اسٽينڊ، شهر کان ٻاهر ۽ پير جو ڳوٺ وارو بس اسٽينڊ، تير چوڪ ۽ ٽاور، جتان ”واٽون ويهه ٿيون“ وارو ڪرشمو آهي. اڳي ته ٽاور کان منارا روڊ تي به ٽانگا چڙهندا هئا، پر چاڙهي وڏي آهي تنهن ڪري هاڻي ان کي ون وي ڪيو ويو آهي. ايڏين خوبصورتين جي ڪري سکر کي اڃا به ترقي ڪرڻ گهربي هئي پر ايئن الائي ڇو ڪونه ٿيو آهي. سکر جي ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام نه سڌريو آهي. علي حسن منگي صاحب به 1990ع تائين هتي وڏو عرصو ايم اين اي رهيو. پر هاڻي سائين وڏو سيد خورشيد احمد شاهه سکر جو بي تاج بادشاهه آهي. سندس ڪاميابيءَ جو راز اهو آهي جو پاڻ هفتي جا ٻه ڏينهن عوام لاءِ موجود آهي. ڏک سور ٻڌڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ سندس سياسي رقيب اسلام الدين شيخ به پيدا ڪيو ويو آهي. پاڻ آصف زرداري صاحب جو دادلو آهي. پاڻ سينيٽر آهي. سندس پٽ نعمان اسلام شيخ سکر مان ئي ايم اين اي آهي، ٽيون پٽ ارسلان سکر ميونسپل جو نوجوان ميئر آهي. پر کيس في الحال ته شاهه کي ڪٽڻ مشڪل آهي.
سکر ٽن صوبن، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي سنگم تي آهي. ريل ۽ روڊ رستي ڳنڍيل آهي. جهاز رستي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سان به ڳنڍيل آهي.لاڙڪاڻي جا ماڻهو به بهتر ايئر سروس جي ڪري، ڪراچي ۽ اسلام آباد لاءِ هن ئي ايئرپورٽ کي استعمال ڪن ٿا.
[b]ممتاز کوکر شهيد
[/b]ساڌٻيلي ۽ بکر ٻيٽن ۽ ستين جي آستان جي خوبصورتيءَ جو ڇا ذڪر ڪجي. الور/ اروڙ، ۽ بکر ته ڪڏهن سنڌ جا گادي جا هنڌ ۽ مشهور قلعا هئا. هاڻي اتي فوڊ ڪورٽ آهي ۽ سٺو بار بي ڪيو رات جو ملي ٿو وڃي. دريا جو نظارو، ٿڌي هوا، دلڪش ماحول، فيميليز جو پسنديده اسپاٽ آهي. هڪ طرف پراڻو سکر ٻئي طرف روهڙي جو شهر. لئنسڊائون پل ڪراس ڪري روهڙي شهر جي ٽواٽي تي ايندو آهيان ته 1971ع واري جنگ ياد ايندي آهي. ان جي ڀرسان دريا جي مٿان هندن جي ٺهيل هڪ جهوني ڪاٺ جي ڇهه ماڙ عمارت آهي. پر مون کي جنگ جي ياد اچڻ جو اهو سبب ناهي. جنگ دوران ان پل تي ڏاڍا بم وسايا ويا. هندستان جي فوج جي طرفان. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سکر طرف صدر الدين بادشاهه دفن ٿيل آهي. اهو انهن بمبن کي جهپي دريا ۾ اڇلي رهيو هيو. اها پل بلوچستان کي پوري ملڪ سان ريل رستي ملائي رهي آهي. ان ڪري ان جي دفاع جي معاملي ۾ تمام وڏي اهميت آهي. ٻيا بم ته جهپجي ويا، پر هڪڙو بم جهپجي نه سگهيو، جيڪو اسان جي پياري ممتاز علي کوکر کي اچي لڳو ۽ ان هنڌ ئي ممتاز شهيد ٿي ويو.
ممتاز 1968ع ۾ پي سي ايس ويسٽ پاڪستان جو امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري ايس ڊي ايم / اي سي روهڙي / سکر لڳو هيو. بجاءِ ان جي جو پاڻ جهازن جي بمباريءَ کان بچڻ لاءِ ڪنهن جاءِ ۾ پناهه وٺي، هو جيپ ۾ ويٺو رهيو. انڌن بمبارن ان جيپ کي فوجي جيپ سمجهيو هوندو ۽ مٿس حملو ڪيو يا وري انڌو بم اچي سندس جيپ کي لڳو هوندو.
ان ٽه واٽي سان جڏهن به گذرندو آهيان ته قل ضرور پڙهندو آهيان. 1971ع جي ڊسمبر ۾ مان ٻيلي کاتي ۾ عبدالغفور شيخ صاحب ۽ قاسمي صاحب وٽ آر ايف او (زير تربيت) سکر ۾ هيس. جهازن جو اهو تماشو اسان به ڏسندا هئاسون. جڏهن جهاز بمباري ڪري هليا ويندا هئا ته اسان جي جوڌن جون اينٽي ايئر ڪرافٽ بندوقون پوءِ ٺڪاءُ ڪڍنديون هيون.
1977ع ۾ ممتاز کوکر شهيد جو وڏو ڀاءُ انور علي کوکر به اتي ايس ڊي ايم/ اي سي روهڙي ٿيو. ان زماني ۾ منظور علي اعوان سکر جو ايس ڊي ايم/ اي سي هيو ۽ مان واپڊا ۾ لئنڊ اڪئيزيشن آفيسر هيس. انور صاحب سٺو دوست آهي. اڃا تائين نڀائيندو اچي.
سکر جي وڏي انتظامي تاريخ آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي مناسب جڳهه تي ڪندس.
ٻئي ڏينهن تي آفيس ۾ آيس، تقريباً اڌ کان وڌيڪ واقف هئا. پي اي آصف به هيو. جيڪو خيرپور جي زماني ۾ منهنجي جاسوسي ڪندو هيو ۽ ڪمشنر ۽ مون کي ويڙهائيندو هيو. اي ڊي اوز سان ملاقات ٿي. مبين صاحب ۽ خالد شيخ سان ملاقات ٿي چڪي هئي، اهم اي ڊي او ورڪس غلام علي عباسي صاحب سان ملاقات ٿي. پاڻ مهر صاحب جو پراڻو نيازمند هيو. کيس ڊيپوٽيشن تي سوئي گئس کان گهرائي، اهم ترين پوسٽ تي لڳايو ويو هيو. مهر صاحب کان پوءِ کيس هٽايو ويو. پر واپس نه ويو. هيپاٽائيٽس ۾ فوت ٿي ويو. اي ڊي او هيلٿ پراچا صاحب هيو. ۽ تعليم جي اي ڊي او محترمه رفيه ناز پٺاڻ، جيڪا خيرپور ۾ وومين ڪاليج جي پرنسپال هئي، سان به ملاقات ٿي. ساڻس اسان جا فيملي تعلقات هئا. منهنجا پيارا دوست مستان علي کوکر جيڪو رتيديري ۾ گڏ پڙهيو هيو، اهو ڊي او ويٽرنري هيو، رحيم بخش اعوان صاحب، مون سان ٻيلي کاتي ۾ گڏ هيو، اهو ڊي او فاريسٽ هيو. اعوان صاحب مشهور وڪيل ۽ سينيٽر امداد علي اعوان جو ڀاءُ ۽ سيد خورشيد شاهه جو ماسات آهي. پاڻ چيف ڪنزرويٽر ٿي رٽائر ڪيائين. ابوبڪر بلو اي ڊي او فنانس هيو. عباسي صاحب کان اڳ ۾ سيد سرفراز شاهه اي ڊي او ورڪس هو.
ضلعي حڪومت ۾ اصل ڪم ته ڊيولپمينٽ، ترقي ۽ فنانس (پيسن) تي ڪنٽرول ڪرڻ جو ۽ صحيح نموني ڪم هلائڻ جو آهي. قاعدن ۽ قانونن موجب خرچ ڪيل هجي. رڪارڊ رکيل هجي، واڻيو به خرچ ڍنگ سان ڪندو آهي.
خوشنصيبيءَ سان ڊي سي او ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون کي پلاننگ ۽ فنانس جو چڱو خاصو تجربو هيو. ڊسمبر 2003ع کان آڪٽوبر 2004ع تائين منهنجو وقت گند صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. سائين ناصر شاهه ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ سرور کيڙو صاحب جي مدد سان مشڪل سان وڃي ريل کي پٽريءَ تي آندو ۽ پراڻن وقتن ۾ ٿيل غيرقانوني اسڪيمن تي ٿيل خرچ کي وڃي سڌو ڪيو.
راهو خان بروهي، جيڪو ڪي بي رند صاحب جي ڪري به دوست هيو، اهو نئين سسٽم موجب سکر ريجن جو آر پي او (RPO) ايڊيشنل آءِ جي هيو. ان جو گهر ڊي سي او جي گهر جي پويان، پراڻو ڊي آءِ جي هائوس هيو. ان جي سامهون ۽ پويان سگهارن ادارن جا سربراهه رهندا آهن. انهن جون آفيسون به اتي آهن. هو به اسان جي نظر ۾ ۽ اسان سندن نظر ۾ هڪ ٻئي وٽ ايندا رهندا هئاسون. مون سان سندن رويو مددگار وارو ۽ مثبت رهيو. مون ٻيا تعلقه ته ڏٺا هئا، پر صالح پٽ نه ڏٺو هيو. نالي مان ئي لڳي ٿو اهو وارياسو پٽ هيو، پر هينئر پاڻي پهچي ويو آهي. آبادي ٿئي پئي ۽ زمين ڏاڍي سٺي ۽ زرخيز آهي. سڄو تعلقو گهمي ڏٺو. هن جي ڏکڻ طرف خيرپور جو نارو تعلقه آهي. جتي مان اڳ ۾ نوڪري ڪري آيو آهيان.
ايڊمنسٽريشن ۾ ٻن شين جو خيال رکڻ گهرجي. هڪ ته ان علائقي جي زمين جي ۽ ٻيو عوام جي ڄاڻ. جيستائين آفيسر زمين ۽ عوام کي چڱي طرح نه سڃاڻندو، تيستائين ان علائقي جو انتظام نه هلائي سگهندو. فيلڊ آفيسر لاءِ ضروري آهي ته حد کان واقف هجي.
[b]لبِ مهراڻ
[/b]چيف منسٽر مهر صاحب کي خيال آيو ته ڪنهن سبب لبِ مهراڻ اجڙي ويو آهي، ان کي ٻيهر اوج ڏيارجي. مون کي حڪم ٿيو. ڪم شروع ڪري ڇڏيوسي. پيسا پورا اسڪيم جا اچي ويا. مون تي بار رکيو ويو ته مان ان اسڪيم کي ذاتي نظرداري ۾ پورو ڪرايان. ٺيڪيدار سٺو ڳولهيو. ان کي ٺيڪو ڏنو، کيس ٽن مهينن ۾ ڪم مڪمل ڪرڻو هيو. مون پنهنجو اهو اصول ٺاهي ڇڏيو ته آفيس وڃڻ لاءِ نڪرندو هئس ته اسڪيم جو جائزو وٺي پوءِ آفيس ويندو هيس. واپس ايندي به اسڪيم جو چڪر ڏبو هيو. نتيجا بهتر اچي رهيا هئا. هڪ دفعي، سي ايم صاحب پاڻ به سرزمين تي بريفنگ ورتي ۽ اسڪيم جو جائزو ورتو ۽ اسڪيم کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ حڪم ڏنا. ٽن مهينن ۾ اسڪيم مڪمل ٿي وئي. پاڻ ان جي پيڙهه جو پٿر به رکيو هئائون ۽ هاڻي ان جو افتتاح به ڪيائون. رکيل پيسن مان ڪجهه پيسا بچاياسون، انهن بچيل پيسن مان ”ماما علي بخش“ جي گهر ڏانهن ويندڙ روڊ تي Gate دروازو باب سردار علي محمد خان مهر ٺهرايوسون. ماما علي بخش نيڪ ۽ دلچسپ ماڻهو آهي. مهر صاحب جو مامو آهي، تنهن ڪري ننڍا وڏا کيس مامون ڪري سڏيندا آهن. پنو عاقل گيريزن ۾ به ڏاڍو مقبول آهي. ان جي ڪينٽومينٽ جي بورڊ جو ميمبر آهي. پاڻ گيريزن ۽ مهر صاحبان جي وچ ۾ پل جو ڪم ڪندو آهي. هر ڪنهن جو مددگار ۽ ڪنهن کي به اهنج نه ڏيڻ وارو ماڻهو آهي. مامي سان هاڻي به ملاقاتون ٿينديون آهن.
[b]سي ايم جو پروٽوڪول
[/b]جڏهن منهنجي چارج وٺڻ کان پوءِ مهر صاحب سکر ايئرپورٽ تي آيو ته مون خبر ورتي ته پير ضياءَ صاحب ۽ مبين خان جي پروٽوڪول ڏيڻ جو ڇا طريقو هيو. خبر پئي ته پير صاحب پنهنجي گاڏيءَ ۾ پنهنجي ضلعي جي حد تائين سي ايم صاحب جي گاڏيءَ جي پويان ويندو هيو. جتي سندس ضلعي جي حد پوري ٿيندي هئي اتان موٽ کائيندو هيو. باقي مبين خان پنهنجي گاڏيءَ ۾ گهوٽڪي يا خانڳڙهه تائين ويندو هيو. اتي کين خدا حافظ چئي پوءِ موٽيندو هيو. مون کي پير ضياءَ وارو بندوبست مناسب لڳو. گاڏيون هليون، هلي وري رڪجي ويون. سي ايم صاحب جو پي ايس او، ايس پي آزاد خان مون کي ڳولهيندي اچي لڌو چيائين ته سي ايم صاحب توهان کي سڏي ٿو. مان پهتس ته سي ايم صاحب چيو “توهان اسان سان ويهندا ڪريو.”
پوئين سيٽ تي ڊي اءِ جي ۽ آر پي او ويٺل هئا. ماما علي بخش به ويٺل هيو. ماما علي بخش کي چيائون ته “توهان اچي گاڏي هلايو ۽ منگي صاحب کي پنهنجي جاءِ ڏيو.”
مان ويٺس. گاڏي هلي. پوءِ اهو قاعدو ٿي ويو. سي ايم صاحب سان گهوٽڪي يا خانڳڙهه تائين هلبو هيو. گاڏي ۾ ڪي ڪم جون ته ڪي بي مقصد ڳالهيون به ٿينديون هيون. پر اسان چيف منسٽر سان سفر ڪرڻ وارا پاڻ کي هروڀرو ڀاڳ وارا سمجهندا هئاسون. پوءِ ماني کارائي يا چانهن پياري مهر صاحب اجازت ڏيندو هيو.
سکر ايئرپورٽ تي به اها صورتحال هوندي هئي ته پروٽوڪول لائين ۾ پهريون آر پي او، پوءِ ڊي آءِ جي ۽ پوءِ ڊي سي او بيهندو هيو. حالانڪه ڊي سي او چيف پروٽوڪول آفيسر ۽ ضلعي جو پرنسپل ايڊمنسٽريٽو آفيسر آهي. هن جو پروٽوڪول ناظم کان پوءِ ۽ ضلعي جي هر پوليس آفيسر کان اڳ ۾ آهي. ٻن وڏن شهرن، ڪراچي ۽ لاهور ۾ به اهو عمل ۾ آهي، پر هت ابتڙ هيو. هڪ اڌ ڀيرو مون اڳتي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي ته جونيئر پوليس آفيسرن مون کي ڪور (cover) ڪيو. ڊي آءِ جي ۽ آر پي او کان اڳ ۾ نه بيهڻ ڏنو. مون ڪا اڻ بڻت پيدا نه ڪرڻ پئي چاهي. رب جو شڪر ڪري ٽئين نمبر تي بيهڻ تي راضي ٿي ويس. حالانڪه ان وقت مان بي ايس 20 ۾ هيس ۽ ڊي آءِ جي 19 گريڊ ۾ هيو.
*
خانڳڙهه ۾ سردار علي گوهر خان مهر “گوهر پئلس” جي نالي سان محل ٺهرايو آهي. ضلع ناظم سائين ناصر حسين شاهه سان گڏ اهو محل ڏسڻ جو موقعو مليو. آسائش جي هر ضرورت موجود ۽ ڍڪيل سوئمنگ پول، لفٽ، بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جو عاليشان فرنيچر، 40 ماڻهن جي ڊائننگ ٽيبل، ڪشادو ڊرائنگ روم، 500 گاڏين جي کليل پارڪنگ ۽ “ڇا هئو، جيڪو نه هيو؟”
[b]جنرل مشرف سان ملاقات
[/b]پاڪستان جو صدر صاحب محترم جناب جنرل پرويز مشرف صاحب 14 ڊسمبر 2003ع تي مانجهاندي جي دعوت تي گوهر پئلس تي تشريف فرما ٿي رهيو هو. علائقو ته منهنجو نه هيو، پر هر ڪو مهمان سکر ايئرپورٽ کان ٿيندو، پوءِ خانڳڙهه، گهوٽڪي وڃڻو ۽ واپسي به ساڳي رستي سان ٿيڻي هئي، تنهن ڪري منهنجو ڪم وڌي ويو هيو. منهنجا اي ڊي اوز ۽ ڊي اوز پوري ديانتداري ۽ پروفيشنل حڪمت عملي سان ڪم ڪندا هئا، تنهن ڪري مون کي پڪ هئي ته هي پروٽوڪول به خير خوبي سان گذري ويندو.
سڄي سنڌ سرڪار خانڳڙهه پهچي وئي هئي. صدر ٻن جهازن ۾ اچي لٿو. پهريون جهاز عملي کي کڻي آيو هيو. پاڻ ٻئي جهاز ۾ هيو. پر اسٽاف صدر صاحب جي لهڻ کان پوءِ جهاز مان ٻاهر نڪتو. اسان کي ڊي آءِ جي سميت ٽارمڪ تي وڃڻ نه ڏنو ويو. ڪجهه جنرل ٽارمڪ تي ويا. صدر صاحب لائونج ۾ آيو. اسان سان هٿ ملايائين. تعارف ٿيو. ٻئي پاسي مڙيو ته بجلي بند ٿي وئي. هڪ لمحي کان پوءِ اسٽينڊ باءِ جنريٽر آن ٿيو. صدر صاحب جا حسب معمول ڪف چڙهيل ۽ ٽوپي ٽنڊ تي هئي. جنرلن سان خوش گپيون ڪرڻ لڳو. هاڻي مان ۽ ڊي آءِ جي به Covered هئاسون. ايئرپورٽ تي جهاز ٽَرِي پاسيرا ٿي بيهي رهيا هئا ۽ آرميءَ جا هيليڪاپٽر سري اچي لائونج جي لڳ بيٺا. صدر صاحب هڪ سينڊوچ ۽ ڪاري ڪافيءَ جو اڌ ڪوپ بيٺي بيٺي پيتو ۽ مون کي ان وقت فلم ‘نائيٽ آف دي جنرلز’ ياد اچي وئي. جنرل هيليڪاپٽرن ۾ وڃي ويٺا. چار هيليڪاپٽر هئا. صدر صاحب جي هيليڪاپٽر ٻئي نمبر تي ٽيڪ آف ڪيو. ڊي آءِ جي صاحب به پنهنجي گاڏي ۾ گهوٽڪي لاءِ روانو ٿيو. مون ڇوٽڪاري جو ٿڌو شوڪارو ڀريو، ۽ ٻه سئنڊوچ ۽ پنهنجي لاءِ ڪڙڪ چانهن ٺهرائي پيتي. مون فيصلو ڪيو هيو ته مان خانڳڙهه نه ويندس.
غالب خستہ کے بغیر کون سے کام بند ہیں
طئي ڪيو ته صدر صاحب جي واپسيءَ جو انتظار سکر ايئرپورٽ تي ئي ڪندس. چانهن پي گهر آيس، مون هلڪي لنچ ڪئي، ڪجهه دير رليڪس ڪيو. باٿ ورتو. فريش ٿي ايئرپورٽ تي واپس پهتس.
4 ڪلاڪن کان پوءِ صدر صاحب جو ۽ ٻيا هيليڪاپٽر ايئرپورٽ تي پهتا. شيڊيول کان ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو هين! لائونج ۾ اچڻ بدران صدر صاحب Change over ڪري اتان ئي جهاز ۾ چڙهيو ۽ راولپنڊيءَ لاءِ روانو ٿي ويو.
[b]صدر تي خوني حملو
[/b]ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ ٽي ويءَ تي خبر هلي ته ايئرپورٽ کان GHQ ويندي صدر صاحب جي روٽ تي بم ڦاٽو آهي. پاڻ بچي ويو آهي پر سندس قافلي جي گاڏين کي نقصان ٿيو آهي.
يا الله! مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي!
جوابدار پڪڙيا ويا، خبر پئي ته اهو سڄو ڪم طالبان جو هيو، کين سزائون ڏنيون ويون ۽ سڀ جوابدار ٽنگيا ويا.
*
ڊسمبر 2003ع ۽ جنوري 2004ع جو مهينو منهنجي لاءِ ڏاڍو ڳورو ثابت ٿيو. فيملي منهنجي حيدرآباد ۾ سرڪاري گهر ۾ G.O.R. ۾ C-6 گهر ۾ رهندي ئي. منهنجي هڪ پٽ اريس خان جي عمر 7 سال ۽ علي جي عمر 3-4 سال هئي. ٻئي اسڪول وڃي رهيا هئا. فيصلو اهو ڪيو ويو هيو ته کين حيدرآباد ۾ ئي پڙهائجي ۽ اتي ئي رهن. منهنجي گهر واري جي نوڪري به حيدرآباد ۾ هئي.
*
نوابشاهه ته وري به ويجهو هيو، پر سکر کان حيدرآباد وڃڻ. ڏکيو ۽ ڊگهو سفر آهي. تنهن هوندي به پندرهين ڏينهين پيو ڀيرو ٿيندو هيو.
سکر جو گهر ڪافي ڪشادو هيو ۽ ايراضي به جهجهي هئي، جتي واڪ ڪرڻ جو مزو ئي نرالو هوندو هيو. مون سکر ۾ پنهنجا معمولات ٺاهي ڇڏيا هئا.
[b]دردِ دل
[/b]ڪجهه ڏينهن کان بي چيني ۽ هلڪو هلڪو سيني ۾ سور پوڻ لڳو. سور وڃي پيو وڌندو. بلڊ پريشر ۽ شگر ته هئي. علاج به ڪيو پئي. آخر سکر جي ڊاڪٽر رياض کي چيڪ اپ لاءِ گهرايو. هن ٽيسٽون ڪيون، چيائين انجائنا جو سور آهي. اينجيوگرافي ڪرايو. جڏهن سور پئي ته انجائسڊ جي گوري زبان هيٺان رکو. انجائنا جا حملا وڌندا ويا.ان جي ڪري ٻه ڏينهن موڪل وٺي، حيدرآباد آيس. ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ سان پروگرام رکيو ته ريڊ ڪريسينٽ اسپتال حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر فضل سان مشورو ڪجي ۽ چيڪ اپ ڪرائجي. ڊاڪٽر صاحب وٽ مان ۽ ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ پهتاسون. ڊاڪٽر نور محمد سڀني آفيسرن جو دوست ۽ معالج آهي. سندس گهر واري ڊاڪٽر آمنه اسان جي زالن جي ڊاڪٽر آهي. ڏکي سکي وقت ٻئي زال مڙس اسان جي علاج لاءِ مڙني کان اڳتي هوندا آهن. هاڻي ته مان ڪراچيءَ ۾ ٿو رهان. پر ڪنهن علاج يا صلاح مشوري لاءِ هاڻي به ڊاڪٽر نور محمد وٽ ويندو آهيان.
[b]هارٽ اٽيڪ دل جي اسپتال ۾
[/b]ڊاڪٽر فضل چيڪ ڪيو، اينجيو گرافيءَ جي صلاح ڏنائين. سندس چيمبر ۾ چانهن پي رهيا هئاسون ته شديد سور محسوس ٿيڻ شروع ٿيو. مون رڙ ڪري ڊاڪٽر فضل کي ٻڌايو ”ڊاڪٽر دل ۾ سور اچي پيو.“ ڊاڪٽر چيمبر ۾ رکيل بيڊ تي ليٽائي بلڊ پريشر ڏٺو. چيائين ”هارٽ اٽيڪ“ آهي. مارفين جي انجيڪشن هڻي، بي هوش ڪري ڇڏيائين. عجيب اتفاق هيو ۽ الله پاڪ جي مهرباني هئي. جيڪڏهن ٻيا ٽائيمنگ هجن ها ته ڪجهه به ٿي سگهيو پئي. جڏهن مون کي هوش آيو ته سڀ گهر وارا، زال، ٻار ٻيا مٽ مائٽ هجوم ڪيون منهنجي چوڌاري بيٺا هئا. هاڻي مان settled هيس، مسڪرائي پڇيومانِ: ”ڇو منهن لٿل آهن؟ مان ته ٺيڪ آهيان.“ سندن وايون بتال هيون. منهنجي ڳالهائڻ تي کين دلداري ملي. ان ڏينهن شام جو ڊاڪٽر فضل مون کي آغاخان اسپتال روانو ڪري ڇڏيو. پاڻ منهنجي فائيل سان تعارفي خط ۽ ڪيس هسٽري لکي ڊاڪٽر فهيم جعفريءَ ڏانهن ريفر ڪيائين. اول ته آغا خان وارن ٽيسٽون ڪيون، ڊاڪٽر فهيم جعفري به آيو. شاندار ۽ همدرد نوجوان ۽ پنهنجي ڪم جو ماهر لڳو پئي. ٻئي ڏينهن فيصلو ٿيو ته انجيوگرافي ٿيندي. مون کي اهو به ٻڌايائين ته جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته تنهنجي صلاح سان انجيو پلاسٽي ڪنداسون. پر جيڪڏهن ان پروسيس دوران ايمرجنسي ٿي. باءِ پاس ڪرڻو پيو ته ان لاءِ به اسان وٽ تياري ۽ سرجن آن ڪال آهن. هر ممڪن ڪوشش ڪري توهان جو بهتر کان بهتر علاج ڪنداسون.
[b]اينجيو پلاسٽي
[/b]وڌيڪ چيائون ته منهنجي شگر ۽ بي پي وڌيل آهن، اهي نارمل ٿين ته پراسيس شروع ڪندا. دوائن جو ڊرپ لڳايائون. ٻئي ڏينهن تائين ڪنڊيشن نارمل ٿي وئي. 10 تاريخ جنوري 2004ع تي اٺين وڳي منهنجو انجيوگرافي/ پلاسٽي جو پروگرام رکيو ويو. مون کي منهنجي ڪمري ۾ تيار ڪري ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ آڻي رهايا هئا. منهنجي زال ۽ ٻار آلين اکين سان ٻاهر ورانڊي ۾ هئا. مون کين smile ڏني. منهنجي زال به مسڪرايو، پر اکين مان ڳوڙها ڪري پيس. منهن کڻي ٻئي پاسي ڪيائين. اهو جنوري مهيني جو ٿڌو صبح هيو. هو ورانڊي ۾ بيٺا هئا، ٿڌ کان ٿڌي هوائن کان بي خبر. منهنجي اسٽريچر کي آڻي آپريشن ٿيٽر ۾ رکيائون. لائٽون آن ڪيائون ڊاڪٽر ماسڪ هيٺ ڪرڻ وارا هئا ته مون ڊاڪٽر فهيم جعفري ڏي منهن ڪري چيو:
”ڈاکٹر صاحب! میرے بچے سردی میں ورانڈ ے میں کھڑے ہیں٬ پلیز ان کا کہیں مناسب جگہ پر بیٹھنے کا بندوبست کریں.“
ڊاڪٽر چيو ته “توکي هن وقت به انهن جو فڪر آ! ڳڻتي نه ڪر، هو مانيٽر روم ۾ آهن. مانيٽر تي تنهنجو پراسيس به ڏسندا ۽ شيشي مان تو کي ڏسي به رهيا آهن ۽ تون به کين ڏسي سگهين ٿو!” مون سڄي طرف ڪنڌ موڙيو ته منهنجي زال، ٻار ۽ نسيم کرل جي نياڻي فريال، جيڪا منهنجي زال جي ڀائٽي آهي، نظر آيا. مون مسڪرائي کين هٿ لوڏيو، هنن به هٿ لوڏيو، ڏٺم ته هو چپن ۾ ڪجهه دعائون پڙهي رهيا هئا. دل ۽ درد جو ڪيڏو ويجهو ناتو آهي. تڪليف ۾ الله جي ذات به ياد اچيو وڃي. جڏهن به دل ۾ درد ٿئي ٿو ته دل وارن کي به تڪليف ٿئي ٿي، جيڪي دل ۾ رهن ٿا.
ڊاڪٽر فهيم مون کي بريف ڪيو ته “اسان تنهنجي جسم کي پورو نه، پر رڳو وچ وارو حصو سُن ڪنداسون. تون هوش ۾ ئي هوندين. تنهنجي مٿان جيڪو مانيٽر لڳل آهي. ان ۾ تون پراسيس ڏسي سگهندين. مان تو سان ضرورت آهر ڳالهائيندو رهندس. هي صرف پندرهن منٽن جو ڪم آهي.”
هن هڪ وڏي سوئي ‘انجيڪشن’ ساڄي نري وٽان منهنجي رڳ ۾ داخل ڪئي، جيڪا سفر ڪندي منهنجي دل تائين پهتي. جيڪي آرٽريز بند هيون، انهن ٻن ۾ بلاڪيج نظر آيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته ٻه آرٽريز ۾ بلاڪيج آهي. هڪ ۾ سٺ سيڪڙو ۽ ٻئي ۾ چاليهه سيڪڙو. اسان فيصلو ڪيو آهي ته جنهن ۾ 60 سيڪڙو بلاڪيج آهي ان ۾ انجيو پلاسٽي ڪرڻ گهرجي. بشرطيڪ، تون راضي هجين. مون اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ذهن ٺاهي ڇڏيو هيو. مون ها ڪار ڪري ڇڏي. هنن پنهنجو پراسيس اتان ئي شروع ڪيو، جتي پهريون حصو مڪمل ڪيو هئائون. هاڻي جيڪو بلاڪيج هيو ان کي سئي سان صاف ڪري ڳاري ان تي هڪ Stunt لڳايائون ته جيئن ان جڳهه تي چرٻي وري نه اچي ڄمي. ان ڪم ۾ به کين پندرهن منٽ لڳا. مون کي پنهنجي ڪمري ۾ شفٽ ڪيائون. چيائون ته جتان انجيڪشن نري مان پاس ڪيو آهي، ان جو خيال ڪجانءِ سڌو ليٽيو رهجانءِ. اهو ڪم ڏاڍو تڪليف وارو هيو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي فارغ ڪيو ويو. ان هدايت سان ته مهيني کان پوءِ ڪجهه ٽيسٽون ڪرائي حاضر ٿيان ڪجهه ڏينهن حيدرآباد ۾ رهيس. سکر ۽ آفيس جي ياد ستائڻ لڳي. هن دفعي فيملي به گڏ آئي هئي، ڪجهه ڏينهن مون سان سکر ۾ رهيا. خدا جي مهربانيءَ سان، بي احتياطين ۽ بي پرهيزيءَ جي باوجود 12 سالن تائين اڃا خيريت رهي آهي. شگر ۽ بلڊ پريشر ڪڏهن ڪڏهن پريشان ڪن ٿا. گذرندڙ عمر کي روڪڻ جو علاج موت کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي. شڪر رب پاڪ جو اڃان هلان چلان پاڻ ٿو. کانئس دعا آهي ته هلندي هلائيندو. ڪنهن جو محتاج نه ڪندو!
*
ان بيماريءَ ۽ اسپتال دوران ٻه ٽي ڀيرا سي ايم صاحب سردار مهر فون ڪري طبيعت پڇي ۽ سرڪار کي حڪم ڪيائين ته منهنجي علاج جو خرچ ڀريو وڃي، جنهن جو مان سرڪاري ملازم هوندي حقدار هيس. سرڪار هڪدم ته پيسا ڪونه ڏنا. جڏهن آغا خان اسپتال مان 380000 روپين جو بل مليو، جيڪي پيسا پياريا.
انهن 380000 مان سنڌ سرڪار مون کي 200000 ادا ڪيا. باقي هڪ لک اسي هزار منهنجي دوست ملڪ اسرار سيڪريٽري ناڻي کاتي روڪي ڇڏيا. چئي سرڪاري اگهه اهو آهي! ڇا ته اسان جي سرڪار جي آفيسرن جي معصوميت آهي.
پوءِ جڏهن مان سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن ٿيس ته ملڪ صاحب اهي هڪ لک اسي هزار جا بل هڪ فون ڪال تي منظور ڪري چيڪ موڪلي ڇڏيو. ڇو ته بطور سيڪريٽري (G.A)سندن بل ۽ بجيٽ پاس ڪرڻ منهنجو اختيار هيو. ان کي چئبو آهي دنيا دورنگي!
*
سائين ناصر شاهه جي به مهرباني جو هو اسپتال ۾ به حال احوال وٺڻ ايندو رهندو هيو ۽ آفيس ۾ واپس اچڻ کان پوءِ به خيال رکندو هيو.
*
[b]دارالامان سکر
[/b]سکر ۾ دارالامان ۾ مسئلو ٿي پيو. مايون اڏامي ويون. جيڪي ڪورٽ جي طرفان عورتون سنڀال لاءِ درالامان ۾ داخل ٿين ٿيون انهن جو ڪهڙو ڀروسو. هڪ ته دارالامان ۾ کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جون سهوليتون پوريون ساريون، سنڀال لاءِ نامناسب بندوبست، ڪٿي ڪٿي پوليس ته مقرر ٿيل آهي. آفيسر انچارج، آفيس ٽائيم کان پوءِ گهر هليا وڃن. باقي ڪا پٽيوالي موجود ته سندس اهي آيل مايون ڪهڙيون ڪاڻ ڪڍنديون. اهي ته موقعا پئي ڳولينديون. سندن ڪو واقف جنهن جي ڪري هو گهر ڇڏي نڪتيون هيون، ان جو سهارو ملي وڃي ته واهه واهه. اڄ ڪلهه موبائيل فون ته وڌيڪ سهوليتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. دارالامان ته نه گهر، ۽ نه ئي وري اتي ڪا امان، مون کي ڪجهه پراڻو تجربو هيو، سماجي بهبود کاتي جو جتي مون ٻه سال گذاريا. ان دوران مون هوم ڊپارٽمينٽ کي لکيو هيو ته دارالامان جو اهو فنڪشن يا ڪم الڳ ڪيو وڃي جنهن ۾ تڪراري عورتون، جن کي ڪورٽ سڳوري دارالامان جي حوالي ڪري ٿي، انهن کي هوم يا جيل کاتي جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته انهن جي حفاظت ۽ رکوالي جو بار ڪنهن مضبوط اداري جي حوالي هجي. باقي جيڪي غريب غربيون عورتون آهن، بنا ڌڻي سائينءَ جي اهي دارالامان ۾ رهن. ان ڏس ۾ جيڪو دارالامان جو مئنڊيٽ آهي، اهو اِهو آهي. پر الائي ڪهڙي ڏينهن کان اها پريڪٽس شروع ٿي وئي جو تڪراري عورتون به دارالامان جي حوالي ٿيون. ڪورٽ جو حڪم سمجهي دارالامان جي آفيسرن انهن عورتن کي واپس ڪرڻ جي همت نه ڪئي. پر هاڻي به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ان نظام تي وڌيڪ نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
سماجي بهبود جي کاتي ماني ٽڪي ۽ ٻين ضرورتن جو انتظام ڪرڻ جي بدران اهو غيررسمي طرح اين جي اوز جي حوالي ڪيو آهي ته انهن عورتن جو ماني ٽڪيءَ جو خيال اهي اين جي اوز ڪن.
مان سکر ۾ دارالامان جي بجيٽ وڌائي ڏهوڻي ڪئي هئي. بلڊنگ جي مرمت ڪرائي، ڀتيون وڏيون ڪيون، ڪمرن کي رنگ روغن ڪيو، باٿ رومن کي بهتر ڪيو. ٻه ٽيليويزن ڏنيون، اخبارون ڏنيون، مانيءَ لاءِ به عورتون ملازم رکيون. اندر ليڊي پوليس مقرر ڪرائي، ٻاهر جي پوليس جي نفري وڌرائي، ٻيون جيڪي سهوليتون ممڪن هيون انهن جو بندوبست ڪيو، ڪجهه سمجهدار ليڊي ڪائونسلر نسيم شيخ، ثمينه، سلميٰ ۽ ٻين کي دارالامان جي نظرداري ڏني. ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو سعيد منڱڻيجو کي هدايتون ڏنيون ته هو هر مهيني وزٽ ڪري پنهنجي رپورٽ سڌي طرح مون کي موڪليندو رهي. پر پوءِ به اهو واقعو ٿيو ۽ عورتون اڏامي ويون. انسان کي توهان سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪيترو قيد ۽ بند ۾ رکي سگهندا.
اهو واقعو ايترو پکڙجي ويو، جو چيف منسٽر ارباب غلام رحيم لاڙڪاڻي ۾ آيو ته مون کي ۽ دارالامان جي انچارج ميڊم کي لاڙڪاڻي گهرايائين. مائي صاحبه جو ٻڌو ته ذري گهٽ بيهوش ٿي وئي. اڳ ۾ ئي ارباب صاحب جو سختيءَ جو ٻڌي چڪي هئي. وري جو خيال اچيس ته ڄڻ سامت کان نڪري وڃي. آخر هن کي آسرا ڏئي وٺي آياسون. مون هڪ صفحي جي رپورٽ به ٺاهي هئي، جنهن ۾ انهن مڙني ڪارائتن قدمن جو به ذڪر هيو، جيڪي مون ضلعي حڪومت جي طرفان ڪيا هئا.
ارباب صاحب کي مون بريف ڪيو، حالات کان کيس واقف ڪيو، رپورٽ پڙهيائين، مطمئن ٿيو. منهنجي ان راءِ سان به متفق ٿيو ته سسٽم کي بهتر ڪجي باقي اتي جي اسٽاف جو ڏوهه ڪونهي.
[b]ارباب صاحب چيف منسٽر ٿي ويو
[/b]ڪنهن تي ڪو اثر نه پيو، ڪنهن جي لاءِ ڪو فرق نه پيو. صرف سردار مهر صاحب کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرايو ۽ ارباب صاحب کي وڏو وزير ڪيو ويو. نه سنڌ بدلي نه سنڌ وارن جا حالات. نه وزارتون، نه وزير، نه ايم ڪيو ايم وارا ۽ نه ئي سندن وزارتون بدليون. هو ويتر وڌيڪ زبردست ۽ سگهارا ٿيندا ويا.
[b]چيف منسٽر جو مون سان پنهنجائپ جو اظهار
[/b]سي ايم ٿيڻ کان پوءِ ارباب صاحب جو لاڙڪاڻي جو اهو پهريون دورو هيو. بريفنگ کان پوءِ مون اجازت طلبي ته پاڻ مون کي روڪيائين ”ميٽنگ کان پوءِ اڪيلو ڳالهائڻ جو چيائين.“ مان ارباب صاحب جي ميٽنگ پوري ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس.
ميٽنگ سياسي به هئي، انتظامي به هئي. ميٽنگ پوري ٿي ته پاڻ ٽارمڪ جي طرف هلڻ لڳو. اسان به سڀ سندس ڪڍ. سياسي ماڻهو ۽ انتظامي آفيسر به. لاڙڪاڻي جو پي پي پي کان سواءِ هر سياسي ماڻهو موجود هيو. لائونج جي دروازي کان نڪرندي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيائين. ٻاهر نڪتاسون. مون کي پاسيرو وٺي هليو. چوڻ لڳو ”ان وقت لاءِ دعائون گهريون هيون سي، الله پاڪ مهرباني ڪئي.”
ٻيون به ڪيتريون غير رسمي ۽ غير اهم ڳالهيون ڪيائين، هنن ڳالهين جو بظاهر ڪو مقصد نظر نه آيو. ٻين کان موڪلائيندي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي سڄي راڄ جي روبرو امن امان جي ڪري ڇنڊ پٽيائين. جهاز ۾ چڙهندي مون کي چيائين “جلدي سکر ايندس، ٻي ملاقات اتي ٿيندي!”
سردار علي محمد خان مهر جي چوڻ تي ڪي بي رند صاحب جي بدلي ٿي وئي. ۽ ان جي جاءِ تي متوڪل قاضي، پلاننگ جو 22هين گريڊ جو سيڪريٽري، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ٿي ويو. اها بدلي ايترو جلدي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ٿي جو رند صاحب جي تمام گهڻن واسطن هوندي به تڏهن کيس خبر پئي، جڏهن هو اسلام آباد ميٽنگ لاءِ وڃي رهيو هيو. اتي ئي مهر صاحب جو داءُ هلي ويو هيو. ڀڃ ڊاهه جڏهن رستو ڏسي ٿي ته پوءِ عادي ٿي وڃي ٿي. ڪي بي صاحب سال کن چيف سيڪريٽري سنڌ رهيو.
مهر صاحب مان پي پي به خوش ڪونه. ايس ڊي اي جا سربراهه ۽ ساٿي به گهٽ خوش. امتياز شيخ صاحب جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته سي ايم هائوس ۾ سندس نوازيل ماڻهو اڃا ويٺل هئا. ان مهر صاحب کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو. وڏو ڌڪ ته ارباب صاحب کي آيو هيو جو چيف منسٽري سندس ڪن تان وئي هئي. ان کي ورڪس ۽ سروس/ ڪميونيڪيشن جو کاتو مليو هيو. جنهن تي هو بظاهر راضي ٿي چپ ڪري سنڌ جا دورا ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجو ڪم ڪري پاڻ کي هارڊ ٽاسڪ ماسٽر، سخت منتظم ۽ ايماندار وزير طور مڃرايو ۽ اهي ئي تاثرات عوام ۾ به ٺاهيا. سنڌ ۾ هڪ ممتاز علي خان ڀٽو ۽ ٻيو ڄام صادق علي خان سندس ٻه وزيراعليٰ رول ماڊل هئا. وزارت ۾ به انهن جا جلوه ڏيکاريندو هيو.
مهر صاحب نوجوان، ناتجربيڪار. انتظاميه ۾ نه ته ڪو آفيسر گهڻو واقف، سڄڻ ۽ خير خواهه ڪونه، پهريان ٻئي جيڪي پنهنجا سيڪريٽري رکيائين، اهي به سنڌ کان سنڌ جي سياست ۽ انتظاميه کان گهٽ واقف ۽ گهٽ نيڪ نام، صحيح صلاح ڏيڻ جهڙا ڪونه. سياسي ڪم سندس ڀاءُ سردار علي گوهر خان ۽ سيد ناصر شاهه جي حوالي هئا. اهي ٻئي برجستا ماڻهو پر خبر ناهي ڪٿي خرابي ٿي يا سندن مشوري تي گهٽ عمل ٿيندو هيو. ٻيو ڪردار به ان سڄي ڊرامي ۾ داخل ٿي ويو هيو سنڌ ۾ جنهن لاءِ چوندا هئا:
“اوپر خدا، نيچي هُدى”
[b]برگيڊيئر هُديٰ !
[/b]برگيڊيئر (ر) هدى جو انتظاميه ۾ عمل دخل وڌي ويو هيو. هر ڪو حيران ۽ پريشان هيو. پر جيستائين جنرل صاحب صدر رهيو، تيستائين سنڌ جو انتظام ايئن ئي هلندو رهيو.
جڏهن پروسيس ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وڃي ٿي ته پوءِ مڪمل تباهي ٿيندي آهي. مهر صاحب ڏيڍ سال پورو ئي نه ڪيو هيو جو وڏ وزارت جي تبديليءَ جا گهنڊ وڄڻ لڳا. ارباب صاحب کي خاموشي ۽ محنت جو ڦل مليو. سنڌ جي وڏ وزارت جو تاج سندس سِرَ تي رکيو ويو. ارباب صاحب پاڻ جنرل يوسف جهڏي واري کي نامه بر ڪيو هيو ۽ سندس مهرباني سان هما سندس ڪلهي تي ويٺو. ان وقت جنرل يوسف (وائيس چيف آف آرمي اسٽاف) ۽ فل جنرل هيو. سنڌ جا ماڻهو ويڳاڻا هئا، جو سنڌ جي قسمت جا فيصلا ايئن ئي اسيمبلين کان ٻاهر، ماڻهن جي مئنڊيٽ کي لتاڙي ڪيا ويندا هئا.
[b]CM سکر ۾
[/b]ارباب صاحب جڏهن پهريون دفعو سکر آيو ته آفيسر ٽڙي پکڙي ويا. جيڪي اڳ ۾ مهر صاحب جي دور ۾ ڳاهٽ ٿيندا هئا، اهي ماڻهو هاڻي هڪ ٻئي ۾ لڪي رهيا هئا. ڊي آءِ جي ۽ آر پي او صاحب اهو چئي ڌڪو ڏئي مون کي اڳتي ڪيو، ته پروٽوڪول آرڊر بدلجي ويو آ. ارباب صاحب جي ته عادت ٿي وئي هئي ته جنهن به ايئرپورٽ تي لهندو هيو هڪ ٻن آفيسرن کي داٻا ڏئي ڇڏيندو هيو. پوءِ سڄو ٽوئر ڏاڍو سڪون جو گذري ويندو هيس.
سکر ايئرپورٽ تي لٿو ته سڀني سان مليو. مون کي لاڙڪاڻي وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي حال احوال ڪرڻ لاءِ گپ شپ لاءِ پاسيرو ٿي بيٺو. سڄي بيورو ڪريسي اهو لقاءُ ڏسي رهي هئي. انهن ۾ ڳجها ادارا به شامل هئا. مون چيو يا الله خير! منهنجو کاتو ان ڏينهن کان کلي ويو هوندو. لائونج ۾ اچي ويٺو. آفيسرن سان غير رسمي حال احوال ڪيائين، سرڪٽ هائوس تي پهتو. امن امان ۽ ترقياتي ڪمن بابت ميٽنگ ڪيائين. ڪن کي داٻا ته ڪن کي دٻون. شابس ته ڪنهن کي به ملڻي ڪونه هئي، بهرحال ٽوئر ڪامياب ٿيو.
رات جو ارباب صاحب سان کلئي دل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. پڇيائين ته توهان جو پوسٽنگ جو ڇا ارادو آهي. چيم “نوڪريءَ جا پويان باقي ڪي ٻه ٽي سال رهيا آهن. سيڪريٽري ٿيڻ ٿو چاهيان.”
“ڪٿي؟”
مون چيو “ايم ڪيو ايم جي وزارتن کان علاوه ڪٿي به. مثلاً: ايگريڪلچر، تعليم ....”
چيائين ته: “بس تنهنجي لاءِ تعليم ٺيڪ آهي”. تنهنجي ڊاڪٽر حميده کهڙو سان واقفيت هوندي، توهان جي ضلعي لاڙڪاڻي جي آهي. تعليم جي اها وزير ٿيڻ واري آهي، ان سان ڳالهاءِ!”
مان حيران ٿي ويس، “سائين! جيڪڏهن مان شرطن شروطن تي آيس ته مون مان توهان چڱائي جي ڪهڙي اميد رکندا؟ مان پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ته ساهه به نه کڻي سگهندس. توهان ڳالهايوس!”
چپ ٿي ويو، ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي. انهن ڏينهن ۾ منهنجي خلاف نائب ناظم اقبال پاڪ والا اخباري مهم شروع ڪئي هئي. هر قسم جي پروپئگنڊا....... مثلاً آفيس ۾ ٽي وي ٿو ڏسان، ڪائونسلرن سان نٿو ملان، ماڻهن جو ڪم نٿو ڪيان، گهر ۾ راڳ جون محفلون ٿو ڪريان، سڄي ضلع گورنمينٽ جا آفيسر ڪرپٽ آهن...! دراصل اسان جي نائب ناظم، پنهنجي بدران ڊي سي او ۽ ضلع ناظم جا اختيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. ناصر شاهه صاحب به چپ ڪري ويهي رهيو. مان سندس رستي جو پٿر بڻجي ويس. کيس چيو ته “توهان پنهنجو ڪم ڪيو، اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو. توهان کي ڪو فائدو گهرجي ته ٻڌايو. ممڪن هوندو ته توهان جو ڪم ڪنداسون نه ته Sorry.” چيف منسٽر صاحب اها به ڳالهه ڪڍي. پاڻ ئي چيائين ته “هُو چريائپ ٿو ڪري. هن کي سياسي ٽيڪ آهي، تنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ ٿو چاهي. هو ٻين جي ڪمن ۾ دخل اندازي ٿو ڪري. مون کي سڄي خبر آهي.”
اسان کي اها خبر هئي ته سي ايم سج لٿي جي نماز پڙهي روانو ٿيندو. پائليٽ به ايئرپورٽ تي موڪلي ڇڏياسون. پر پاڻ دير ڪندو رهيو. ماني رات جي ڪونه ڪرائي هئيسون. مون جلدي گهر ۾ ماني ڪرائي ورتي جيڪو سرڪٽ هائوس جي ڀرسان آهي.
ارباب صاحب قيمون، تازي روٽي، چانور ۽ دال شوق سان کائيندو آهي. مانيءَ جي طلب ٿي، مان کين ڊي سي او هائوس تي وٺي آيس، اتي گهر جي سادي ماني کاڌائون ۽ ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿي ويا. رات جا ٻارهن پيا ٿين. رستي ۾ چيائين ته “سول اسپتال وزٽ ڪندس.” اتي ايم ايس ڊاڪٽر خالد شيخ هيو، امتياز شيخ جو مائٽ! ظاهر آهي اڌ رات جو اوچتو دورو ڏکيو ئي ٿيڻو هيو. مون اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر پراچا جي ڳولها ڪئي. پتو پيو ته هو ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ئي سرڪٽ هائوس مان گهر روانو ٿي چڪو آهي. کيس ماڻهو موڪليو پر اهو اسپتال نه پهچي سگهيو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ايئرپورٽ تي آيو.
[b]ڪِني آڱر
[/b]اسپتال وزٽ ڪندي سي ايم صاحب جو موڊ ڪو چڱو ڪونه هيو، پر ڊاڪٽر خالد بچي ويو. باهه ڊاڪٽر پراچا تي نڪتي، جنهن کيس نوڪري ۾ واڌ ڪرائڻ جي سفارش ڪرائي هئي. هن جو Contract اڃا ٽي مهينا رهيل هيو. جڏهن ڊاڪٽر پراچا ايئرپورٽ تي پهتو ته لڳي رهيو هيو ته اڃا اڌ ننڊ ۾ آهي. منهن به ڪونه ڌوئي نڪتو هيو.
چڱي ڇنڊ نڪتس، سي ايم چيس ته “تنهنجو رهيل ڪانٽريڪٽ به ختم.“ سي ايم کي شايد چڙ هئي ته ڪانٽريڪٽ وڌائڻ لاءِ ڇو سفارش ڪرائي آهي. مون سي ايم صاحب کي ڏاڍا ايلاز ڪيا ته ايئن نه ڪيو. ان جو اثر مون تي پوندو، چيائين ”ڪني آڱر وڍي ڀلي.”
سي ايم جي اٿڻ کان اڳ ۾ پريس وارن دوستن جو جٿو ظاهر ٿيو. پهريون ۽ آخري سوال ڪيائون ”سائين نائب ناظم ۽ ڊي سي او جو جهيڙو پيو هلي! ڇا توهان ڪنهن تي قدم کڻي رهيا آهيو؟“ سي ايم کين چيو ”جيڪو صحيح ڪم ڪري ٿو ان تي قدم نه کڻبو، باقي جيڪو ٻين جي اختيارين ۾ دخل ڏئي رهيو آهي، غلط ڪم ڪري رهيو آهي، ان تي ضرور قدم کڻبو.! اهو ڊي سي او هجي يا چونڊيل نائب ناظم ! هر ڪنهن جون حدون مقرر ٿيل آهن!“ ايئن چئي اٿيو ۽ ڪراچيءَ روانو ٿي ويو.
[b]نائب ناظم جو جهيڙو
[/b]ٻئي ڏينهن سائين خورشيد شاهه، ناظم سائين ناصر شاهه، نائب ناظم اقبال پاڪ والا (مرحوم) ۽ مان رحيم بخش اعوان جي گهر رات جي ماني تي گڏ ٿياسون ۽ اسان جو ٺاهه ٿي ويو! جيڪڏهن ارباب صاحب پريس وارن کي اهو بيان نه ڏئي ها ته اڃان ٺاهه ڪونه ٿئي ها!
ڊاڪٽر پراچا جي نوڪري ته ختم ٿي وئي، پر هن اها مهم هلائي ته اهو سڄو ڪم مون ڪيو آهي، جيئن ڊاڪٽر خالد کي اي ڊي او ڪرايان. سندس سفارشي قوتن مون کي ٽارگيٽ تي رکي ڇڏيو.
[b]ڪم ڪيئن ٿو هلي؟
[/b]ڪڏهن ڪڏهن ارباب صاحب پنهنجائپ ۾ فون ڪري پڇندو هيو “اسان جو ڪم ڪيئن ٿو هلي؟” مطلب ته سندس حڪومت جو نظام پاڻ ڪيئن پيو هلائي، جيڪڏهن خوشامد ڪري ڪوڙ ڳالهاءِ ته به سٺو ڪونه، جي صفا سچ ڳالهاءِ ته به ڳالهه نه وڻي! ڪڇان ته ڪافر، ماٺ ڪيان ته مشرڪ! ته پوءِ ڪجهه ڪافر ٿجي ڪجهه مشرڪ؟ جيڪي چڱيون ڳالهيون نظر اينديون هيون، انهن جي آڌار تي تعريف ڪبي هئي. جيڪي سندس ڏکيون ڳالهيون لڳنديون هيون، انهن جي بنياد تي هلڪي چهنڊڙي پائي وٺبي هئي. ڪجهه سچ ‘شگر ڪوٽ’ ڪري چئي وٺبو هيو. پوءِ اهو سلسلو ڪجهه وقت هليو. آهستي آهستي منهن موڙيندو ويو. پر پوءِ به پنهنجائپ جو ورتاءُ ڪندو رهيو.
[b]رحيم بخش اعواڻ
[/b]اسان جو پيارو دوست رحيم بخش اعواڻ، جيڪو سکر ۾ فاريسٽ آفيسر هيو. اهو به سکر ۾ ضلع گورنمينٽ ۾ ضلع آفيسر فاريسٽ هيو. ٻيلي کاتي جي ضلع آفيسر جي هلڪي ڦلڪي چارج هوندي هئي. سندس واسطو سائين خورشيد شاهه سان هيو، تنهن ڪري هن پاڻ به پاسيرو رهڻ پئي چاهيو. هتي اچي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهيو هيو. سٺي بيٺل خاندان جو فرد آهي. پنهنجي فلور ملز اٿس شڪارپور ۾ اها سنڀاليندو آهي. اصل شڪارپور جا آهن. سکر ۾ مليٽري روڊ تي پبلڪ اسڪول جي سامهون پاڻ ۽ سندس ڀاءُ امداد علي اعواڻ مرحوم سينيٽر ۽ وڪيل گهر ٺهرايا آهن. ٻنهي جون فيمليون اتي رهنديون آهن.
رحيم بخش اعواڻ سٺو ميزبان آهي، سندس گهر ۾ دال جو ڊش ڏاڍو شاندار ٺهندو آهي. مان به مهيني ماسي وٽس اچي ”دال“ کائيندو هيس. يا ڪو مون وٽ مهمان ايندو هيو ته اهو ڊش به گهرائي وٺندو هيس. هڪ ٻه ڀيرو مان ٻارن سميت به وٽس ماني کاڌي. اعواڻ صاحب پنهنجي ڪم ۾ به ڀڙ آهي. ايئرپورٽ جو باءِ پاس روڊ کيرٿر ڪينال جي ڪپ سان ٺاهيوسين ته جيئن شهر لاءِ ۽ باءِ پاس لاءِ ٻه ڪلوميٽر مفاصلو گهٽجي وڃي. اصل ۾ اها تجويز سردار مهر سي ايم صاحب جي هئي. ٻن مهينن ۾ روڊ ٺهي تيار ٿيو ته رحيم بخش اعواڻ اسڪيم ٺاهي کڻي آيو ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڻن جون ٻه ٽي قطارون لڳائجن. مهيني ۾ اهو به ڪم پورو ٿي ويو. هاڻي اهي بيدمشڪ جا ٻوٽا وڌي وڏا وڻ ٿي ويا آهن ۽ ڪينال روڊ سڄو ڇانوري ۾ ڍڪجي ويو آهي. مهر صاحب کي اها ننڍي ڪوشش ڏاڍي وڻي. اعواڻ صاحب رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ چيف ڪنزرويٽر آف فاريسٽ ٿيو. ٻيلي کاتي جي اها وڏي ۾ وڏي نوڪري آهي، جيڪو رتبو تمام گهٽ آفيسرن کي ملندو آهي. جيڪو آر ايف او طور نوڪري ۾ ايندو آهي، انهن مان اعواڻ کان سواءِ ته ڪو به چيف ڪنزرويٽر ڪونه بڻيو آهي. مان به آر ايف او ته رهيس، منهنجي خواهش هئي ته مان ان کاتي جو سيڪريٽري ٿيان پر اها خواهش پوري نه ٿي.
*
[b]سکر جي “منگي” سياست
[/b]علي حسن منگي صاحب جو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سکر جي سياست سان گهاٽو واسطو رهيو. جنهن اسيمبليءَ ون يونٽ ٺاهڻ جي حق ۾ 1954ع ۾ ووٽ ڏنو هيو، ان جو ميمبر هيو. سکر ۾ ڪافي مهاجر، لڏي اچي آباد ٿيا هئا، انهن کي ورسائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هيو. ان وقت اسلامي ۽ پاڪستاني جذبو زورن تي هيو، هنن به سياسي طرح منگي صاحب جي گهڻي مدد ڪئي. 1958ع ۾ جڏهن مارشل لا لڳي ته پاڻ EBDO (ايبڊو) جو شڪار ٿيو. ايوب خان جي دور ۾ ايوب خان ۽ ڀٽي صاحب سان تعلقات ويجها ڪري ويو. ڪافي ڪارخانه لڳايائين ۽ ڪاروبار ۽ واپار وڌايائين.وٽس جام پيسو آيو. عام ماڻهن ۽ مائٽن تي خرچ ڪيائين. پر ڪارخانه ڄمائي نه سگهيو.
1962ع ۾ پاڻ ايبڊو جي ڪري اليڪشن ۾ نه بيٺو. پنهنجي ڀاءُ حاجي گل حسن منگي کي بي ڊي واري چونڊ ۾ بيهاريائين جتان هو ايم پي اي چونڊجي ويو. بي ڊي جي سسٽم ۾ صدر ايوب خان کي ووٽ وٺي ڏنائين ۽ ايوب خان 1964ع ۾ چونڊيل صدر بڻجي ويو. سامهون محترمه فاطمه جناح بيٺل هئي، ان کي شڪست ملي.
1970ع جي چونڊن ۾ منگي صاحب ڀٽي صاحب جي مدد سان
اي. ڪي. بروهي، عبدالستار پيرزادو ۽ مولانا عبدالڪريم ٻير واري کي شڪست ڏئي ايم اين اي ٿيو.
1977ع ۽ 1988ع ۾ پي پي جي ٽڪيت تي ايم اين اي ٿيو.
ائين 1985ع وارين چونڊن ۾ اسلام الدين کي ضياءَ سرڪار جي ٽيڪ هئي، منگي صاحب هارايو. 1990ع ۾ کيس پارٽي جي ٽڪيٽ نه ملي.
علي حسن منگيءَ جي پيدائش 1911ع ۾ خيري ديري ۾ ۽ وفات 1993ع ۾ ڪراچي ۾ ٿي، جتي هو ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي. کيس ٻه گهر واريون هيون. وڏي گهر واري پڦي رحيمان مان آفتاب منگي پٽ ۽ ادي ڊاڪٽر انور منگي ڌي اٿس. آفتاب جو ويجهڙائي ۾ انتقال ٿي ويو آهي. ادي انور ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر عبدالله منگي ۽ سندن نياڻي نوين منگي باٿ آئلنڊ ۾ ڊنگي مل وڪيل واري گهر ۾ رهن ٿا. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڀٽي صاحب جي حوالي سان اهم جڳهه والاري ٿو. سندن ٻه پٽ آمريڪا ۾ رهن ٿا.
بدنصيبيءَ سان سندس خاندان مان ڪو به صحيح معنيٰ ۾ سياسي وارث طور نه اڀريو. هاڻي اها سيٽ اسلام الدين شيخ ۽ سيد خورشيد احمد شاهه ورهائي سرهائي کڻن ٿا. چاليهه پنجاهه سالن جي سياسي جدوجهد، سندس موت کان پوءِ دفن ٿي وئي. سندس ڏوهٽي نوين منگي اعليٰ تعليم يافته آهي. ميڊيا ۽ سماجي ڪمن ۾ ڏاڍو پاڻ موکيو اٿائين. جيڪڏهن کيس وجهه ملي ۽ اسيمبلي جو رڪن ٿئي ٿي ته اميد ٿا ڪريون ته هوءَ پنهنجي Vision سان سنڌ جي خدمت ڪندي. نوين لنڊن اسڪول آف ايڪانامس مان پڙهيل آهي.
[b]اياز گل، ادل سومرو ۽ ممتاز بخاري
[/b]سکر جا اياز گل، ادل سومرو ۽ ممتاز بخاري اڪثر ياد ايندا آهن. سکر جا بادشاهه شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي ته راهه رباني وٺي ويا. سندن تخت به پائدار نه رهيو. باقي ٽئي شهزادا ويٺا آهن. ميڊيا، ادب ۽ ثقافت جي کيتر ۾ پاڻ موکيو اٿائون. ويجهڙائي ۾ سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڏاڍا ادبي ۽ ثقافتي ميلا ملاکڙا ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهي”ٽڪنڊي“، سان اتي ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن يا وري سوشل ميڊيا تي سندن ڪارناما ڏسي ۽ پسي وٺندا آهيون.
جڏهن مان سکر ۾ ڊي سي او هئس ته ممتاز بخاريءَ سان ڳچ ملاقاتون ٿينديون هيون. ڪجهه ڪجهه ڊي سي او هائوس تي به. پر گهڻيون سندس آفيس مهراڻ مرڪز ۾. ادب، فلم، ۽ موسيقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسون. مهراڻ مرڪز جي ميوزڪ شاپن تان اچي آڊيو وڊيو وٺندا هئاسون. گهڻو ڪري آرٽ فلمون، غزلن ۽ لوڪ ميوزڪ بابت ٽاور واري علائقي مان ڪجهه ڪتاب وٺندا هئاسون. منهنجا سياري جا آچر گهڻو ڪري ته ممتاز سان گذرندا هئا.
ممتاز سان منهنجي ملاقات خيرپور ۾ به ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ممتاز عشق جي چوٽ کاڌل عاشق هيو. پوءِ جلدي شادي ڪيائين. سندس گهر واري شميم جسڪاڻي منهنجي زال عزيز فاطمه سان گڏ گرلز ڪاليج ۾ پڙهائيندي هئي. ممتاز ته خيرپور ۽ سکر ۾ ايترو رلي ملي ويو آهي، جو مون کي خبر به نه پوندي آهي، ته پاڻ خيرپور جو آهي يا سکر جو. پر اصل گهوٽڪي ضلع جو آهي. ممتاز بخاي جو نالو تڏهن نروار ٿيو جڏهن 2004ع ۾ ”بالي“ ڊرامو لکيائين. ڏکيو ڪم هيو. ڪي ٽي اين جا شروعاتي سال هيا. انهن سالن ۾ ڪي ٽي اين کي هٽ ڪرڻ ۾ ”بالي“ جو به وڏو ڪردار هيو. ڊرامي ۾ ”باليءَ“ جو ڪردار سبرين هيسباڻي ڪيو، ڏاڍي مشهور ٿي وئي ۽ پوءِ مٿس سنڌي کان علاوه اردو ٽي وي سيريلز جا دروازا به کلي پيا. خاص طرح نور الهديٰ شاهه جي ڊرامو ”محبت ڪي اڌوري ڪهاني“ ڏاڍو مشهور ٿيو. ”نور بي بي“ خاص طور ٽريجڊي ۽ رومانس ڏاڍو سٺو لکندي آهي. ايتريقدر جو ڏسندڙن کي مُنڊي ڇڏيندي آهي.
[b]هندستاني سنڌي اديب
[/b]انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ سرلو واءُ گهليو. هتان جي سنڌي اديبن جا ٽولا ڀارت ادبي ياترا تي ويا. سندن چواڻي ته اتي وڏي آءُ ڀڳت ٿين. آگري ۾ تاج محل ڏٺائون، اجمير ۾ دعائون گهريائون. دهليءَ ۾ غالب جي مزار تي ويهي يا بيهي تصوير ڪڍايائون. پوني ۾ ڳاڙهي پٿر واريون عمارتون ڏٺائون. الهاس نگر ۽ بمبئيءَ مان ٿي آيا. پر اصل ۾ ڄڻ ته دوستن ۽ واسطن کي وڌايائون. ڪن سنڌي سڄڻن دارو به دل تي پيتو. هت وري موٽ ۾ هندستان جي سنڌين ۽ سنڌي اديبن جو لڏو آيو. انهن جي به سنڌ واسين کليل دل سان آءُ ڀڳت ڪئي. اها جاءِ نه پئي لڀين جتي کين ويهارين. اکين ۽ دلين ۾ جايون ڏنائون. ڪيترا ته هتي اچي روئي پيا، موٽ ۾ اسان جا دوست کين روئيندي ڏسي روئي پيا. جيڪي هندو سنڌي هتان لڏي ويا هئا، انهن پنهنجا ڇڏيل گهر گهاٽ ڏٺا. گهرن جون ڀتيون ۽ چانئٺيون چميون. انهن مان ڪي پراڻن ڳوٺن جي پوتر مٽي هڙ ۾ ٻڌي هندستان به کڻي ويا. اهو سلسلو ڪجهه سال ته هليو پر هاڻي ته سرڪاري عالمي مشاعرن ۽ ادبي ۽ لطيف ڪانفرنسن تي کين ويزا به نه ٿي ملي ۽ هند وارن کي وري هتي اچڻ جي اجازت ڪونهي.
اهو هندي سنڌي اديبن جو قافلو، سنڌ جي سنڌي اديبن سان گڏ سکر آيو. سرڪاري سطح تي مان سندن ميزبان هيس. ڪجهه اديب خيرپور ۽ سکر جا به پاڻ سان رکيا هيا. سندن لاءِ سکر جي مشهور هوٽل ‘انٽر پاڪ اِن’ جي ڇٻراٽي تي مانجهاندي جو بندوبست ڪيو ويو سنڌ جا سازندا سنڌ جون مشهور لوڪ ڌنون وڄائي رهيا هئا. سامهون سکر بيراج ۽ سنڌوءَ جو نظارو هيو، جتي ويٺا هئاسون. ان جي ٻنهي طرفن کان وڏا واهه گجگوڙ ڪري وهي رهيا هئا. سامهون ساڌٻيلو هيو، سکر جي پل تي اڃا تائين لکيل آهي ته هن جون تصويرون ڪڍڻ منع آهن.
ماني ۾ کين ڏنڀرو ۽ پلو، ۽ ديسي کاڌا کاراياسين. مانجهاندي کان پوءِ کين اجرڪ ۽ ٻيون سوکڙيون ڏنيونسون. ان کان پوءِ سکر بيراج جي مٿان ٽراليءَ تي چاڙهي سکر بيراج ۽ درياءُ جو نظارو ڪرايو. پوءِ ڪن آيلن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي درياءُ مان کين ساڌٻيلو گهمايوسين. پاڻي جو نظارو ڏسي مست ٿي پيا. کين ستين جو به آستان، روهڙي واري پل، معصوم شاهه جو منارو، به ڏيکاريو ۽ سکر جو ٽاور ڏيکاريوسين. ائين کين ٽارو تي قلفي فلوده آئيس ڪريم به کارائيسون. اهو سڄو ڪاڄ مون سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ماتحت ڪيو.
خير سان خيرسگاليءَ جو قافلو روانو ٿي ويو. وفد جي اڳواڻن جا هندستان مان ٿورن جا خط مليا. کين جس هجي، اسان پنهنجا وفدن جا هندستان ۾ رستا کوليا ۽ سندن خدمت چاڪري لاءِ هندستان جي وفد کي به اتساهيو ته جيئن هتان ويندڙن جي هند ۾ به ڪجهه وڌيڪ خدمت چاڪري ٿي سگهي.
[b]لائبرري ڊاهيو، پلازا ٺاهيو!
[/b]هڪڙي مهم هلي ته سکر ۾ ‘معصوم شاهه لائبرري’ کي ڊاهي ان جي جاءِ تي هڪ ‘عاليشان’ شاپنگ مال ٺاهجي. هي لائبرري تعلقه ميونسپل ڪميٽي جي ڪنٽرول ۾ هئي. پراڻي لائبرري وچ شهر ۾، پراڻي شاليمار سئنيما ۽ سيشن ڪورٽ ۽ ضلع جيل جي ڀرسان، مين روڊ تي آهي. مون کي خبر پئي ته مون هڪ خط تعلقه ناظم شاهه صاحب کي لکي موڪليو ته ان لائبرري جي بهتري لاءِ ضلع گورنمينٽ وٽ نوجوانن جي ضرورت ۽ گهرج آهر اسڪيم آهي.
نوجوانن کي به گهرايو، انهن جي سرواڻي ممتاز بخاري ۽ اياز گل ڪري رهيا هئا. انهن سان گڏ مون لائبرري وزٽ ڪئي، ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي. ڊرينيج ليڪ ڪري رهي هئي، ان جي مرمت ڪرائي، صفائي سٿرائي جوبندوبست ڪيو. اهڙا قدم کنيا ويا جو لائبرري بچي وئي. ميونسپل جي ڀرسان جنرل لئبرري تي به ڌيان ڏنو. اها لائبرري 1835ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ کان به اڳ جي قائم ٿيل آهي. ان جو بيان اڳتي هلي ايندو.
[b]مسرت مرزا جو مشاعرو
[/b]مسرت مرزا صاحبه سنڌ جو وڏو نالو آهي. آهي ته اصل سکر جي پر يونيورسٽي آف سنڌ جي مشهور پروفيسر رهي آهي. سندس جوڙيوال محترمه مرحب قاسمي صاحبه آهي. هي ٻئي وڏا نالا هئا، يونيورسٽيءَ جو ڪو به فنڪشن سندن موجودگيءَ کان سواءِ ٻُسو ٻُسو لڳندو هيو. هاڻي جيئن امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح جي جوڙي آهي تيئن شيخ اياز صاحب جي دور ۾ (1976-1980ع تائين انهن ٻنهي جو نالو هيو. شيخ اياز به ادب ۽ علم نواز هيو. ٻنهي جي گهڻي عزت ڪندو هيو.
هڪ ڏينهن محترمه مسرت مرزا منهنجي آفيس ۾ پيهي آئي. سٺو لڳو، ميڊم جي مهرباني، آرٽ جو شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم ڪيو هئائين. چوڻ لڳي ته سکر ۾ به آرٽ کي ٽيڪ ڏجي ۽ هٿي وٺائجي. توهان جي مدد گهرجي، مان ته تيار هيس. ان ڪم کي لڳي وياسون. هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ۾ مشاعري جو بندوبست ڪيائين. مان به پهتس، اردو سنڌي مشاعرو ڪيو هئائون. عورت ۽ مرد شاعر گڏ ٿيا هئا. مون کي صدارت جو اعزاز بخشيو ويو. اياز گل به آيل هيو ۽ ڪجهه ٻيا شاعر به آيا. سٺو چهچٽو رهيو. ميڊم جي مهمان نوازي به ڏٺي ۽ واعدو ڪيوسين ته هر مهيني ٻئي مهيني مشاعرو ڪبو. ٻئي مشاعري جو ذمو مون”ڊي سي او هائوس تي“ کنيو.
پر مشاعري کان اڳ ۾ ئي منهنجي بدلي ٿي وئي. اهو سلسلو به سکر هسٽاريڪل سوسائٽي جي ماتحت شروع ڪيو ويو هئو.
اياز گل منهنجو پيارو دوست ۽ وڻندڙ شاعر آهي. سندس شاعري مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. پر گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته اياز گل جيترو ڀلو شاعر آ، اوترو ئي سٺو فوٽوگرافر به آهي.
هڪ ڏينهن اياز گل پنهنجون تصويرون ڏيکاريون. دل خوش ٿي وئي. سکر ۽ روهڙي کي قيد ڪيو هئائين.
پلان اهو ٿيو ته اهي تصويرون ڪيپشن لڳائي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن، ڪتاب جو ڪاٿو ٽي لک لڳو. پيسا بچايا. ضلع ناظم کان اجازت ورتي، ابتدائي ڪم اياز گل صاحب شروع ڪيو. منهنجي بدلي ٿي وئي. اياز گل ته دل هاري ويٺو، پر مان نه ٿڪيس. اهي پيسا مون شوڪت جوکيو جي حوالي ڪيا، هو تعلقه ميونسپل سکر جو ٽي ايم او هيو ۽ سکر جو اي سي به هيو.
پر ڪتاب، پوءِ به ڇپجي نه سگهيو! افسوس!!
[b]بيدل سائين
[/b]بيدل سائينءَ جي ميلي ۽ عرس لاءِ ته هڪ ڪميٽي جوڙيل آهي، جنهن جو اختر درگاهي انتظام هلائيندڙ آهي. سڄو ڪم سندس حوالي آهي. پر منهنجي وقت ۾ ان جي مقصد کي وسعت ڏني سون. جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ صوفي راڳ محفل ۾ وڌيڪ اديب ۽ ڳائڻا گهرايا سون. هال ٺهرائڻ سان شروعات ڪئي سون، جيڪو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي. سنڌ سرڪار، ضلع گورنمينٽ ۽ ٽي ايم اي کان وڌيڪ فنڊز حاصل ڪري اختر درگاهيءَ جي بيدل يادگار ڪميٽي جي حوالي ڪياسون. جنهن جو صدر ناظم/ ڊي سي او هيو. اختر درگاهي هن عرس لاءِ پنهنجو سٺو جوش جذبو ڏيکاريو ۽ ڪم کي لڳل رهيو. هن سڄي ڪم ۾ به سکر هسٽاريڪل سوسائٽي پاڻ کي موکيو.
[b]سکر جو حال احوال
[/b]سکر تي لکڻ ته مون کي شروع ۾ گهربو هيو، پر چيم ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهوين لکي پوءِ سکر تي لکندس. سکر جي سنڌيءَ ۾ لفظي معنيٰ ئي آسودو يا خوشحال آهي. پر تاريخي حقيقتون سکر جي نالي لاءِ عجيب و غريب ۽ ڏاڍيون ضد واريون ۽ تڪراري رهيون آهن.
سکر نالي لاءِ گهڻيون ئي روايتون آهن:
(1) بکر بگڙجي سکر بڻيو.
(2) محمد بن قاسم جڏهن سوڀون ماڻيندو هت پهتو ته چيائين، شڪر، اهو شڪر بگڙجي سکر ٿي پيو.
(3) ڪن جو خيال آهي ته هتي کنڊ جام پيدا ٿيندي هئي، تنهن ڪري شڪر مان بگڙجي سکر ٿيو.
(4) هتان جا ماڻهو خوشحال، سکيا ۽ سَکَر هئا، ان ڪري سکر نالو پيو.
(5) محمد بن قاسم هتان جي گرمي کي محسوس ڪري چيو ”سقر، سقر“ معنيٰ دوزخ، اهو سقر، سکر ٿي پيو! انهن مان ڪيتريون روايتون ڪمزور ٿيون لڳن، جنهن بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ساڳي طرح سکر شهر جي پراڻي هجڻ بابت به ڪو ڌُڪو نه ٿو هڻي سگهجي. ڪن مؤرخين سکر کي قبل مسيح کان ست سو سال ته ڪن 1000 سال اڳ جو ڄاڻايو آهي.
اهي سڀ روايتون تعليمي ۽ تاريخي حقيقتون پڙهي منهنجو ذاتي خيال آهي ته سکر پندرهن سو سالن کان وڌيڪ پراڻو نه آهي. الور/ اروڙ ۽ بکر جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري سکر ۽ روهڙي ترقي ڪئي. شڪارپور جو به اوج ختم ٿيو آ، پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري سکر اهم شهر ٿي پيو آهي، ڇو ته هي بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جي ٽڪنڊي لنگهه تي آهي. انگريزن هت ريلوي لائين وڇائي ته اچ وڃ جو سرشتو سولو، سستو ۽ تيز ٿي پيو. نه ته درياءَ جي معرفت ئي ٻيڙين تي واپار ۽ اچ وڃ ٿيندي هئي. ڪيپٽن پونسٽن ته سکر جي سونهن جا ڍڪ ڀريا آهن. سندس چواڻي ته، درياءَ جي گذرگاهن تي جيڪي به شهر آهن، انهن ۾ سکر جهڙو خوبصورت شهر ڪو ورلي ئي ڏسبو. سچ چيو اٿس. سکر اڄ به اوترو ئي سهڻو آهي جيترو ٻه سو سال اڳ ان جو ذڪر پونسٽن ڪيو آهي. نه صرف پونسٽن پر ڪيترن ٻين سياحن ۽ ليکڪن کي به سکر جي سونهن منڊي وڌو هيو.
[b]سکر جي ترقي ۽ اوج
[/b]1843ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ انگريزن سکر سميت سنڌ جي ترقي ۽ آمد و رفت جا وسيلا بهتر ڪيا ۽ ملڪ جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ تڪڙا قدم کنيا. اڳ ۾ وڻج واپار جتي ٻيڙين ۽ جهازن جي وسيلي ٿيندو هيو، ان جي جاءِ تي 1878ع ۾ ڪراچي کان سکر ملتان تائين ريلوي لائين وڇائجي وئي.
ڪليڪٽر ميؤ (Meo) سکر جي ترقي ڏيارڻ ۽ ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي سکر شهر ۾ مفت پلاٽ ڏنا. پراڻو سکر ئي سکر هيو، باقي ٻيو سڄو جهنگ هيو. هتي آرميءَ جو هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو ۽ ان جهنگ کي صاف ڪري هتي محل ماڙيون ۽ آفيسون ٺاهيون ويون.
ان سان به سکر جي ترقي ۾ ڏاڍي واڌ ٿي. سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ لاءِ 1889ع ۾ لئنسڊائون پل ٺاهي وئي ته سکر، شڪارپور ۽ ڪوئٽا به پنجاب سان ملي ويا ۽ هتي تڪڙي ترقي ٿيڻ لڳي.
[b]سکر جون ڪجهه اهم جايون
[/b]
[b]گهنٽه گهر ٽاور (سندر داس ڏيئو مل ٽاور)
[/b]نئين سکر جي وچ شهر ۾ گهنٽا گهر يا ٽاور سندر داس ڏيئو مل جي ياد ۾ 10000/= رپين جي لاڳت سان تيار ڪرايو ويو. 13 آڪٽوبر 1873ع تي هن جو افتتاح ان وقت جي ڪليڪٽر ميرچنداڻيءَ ڪيو. هن ٽاور تي اڄ به سڄو شهر ڪم ڪار لاءِ هتي گڏجي ٿو ۽ هتان ئي شهر جي ٻين واپاري مرڪزن ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. تنهن ڪري هن کي هفته پهلو (ستن رخن) وارو ٽاور به سڏجي ٿو. هي پاڪستان جي ٿورن خوبصورت ٽاورن مان هڪ آهي.
[b]سڀاڳو خان زخمي
[/b]اسان جو پيارو دوست سڀاڳو خان جتوئي 1995ع ۾ سکر جو ڊي سي هيو، ٽاور جي چوڌاري قبضه ٿي ويا هئا. هن انهن قبضن کي هٽائڻ جي مهم شروع ڪئي ۽ پاڻ ان جي رهنمائي ڪئي. هڪ بي وقوف دڪاندار خنجر سان مٿس حملو ڪيو، کيس پيٽ ۾ خنجر داخل ڪري ڇڏيو.
ڏاڍي نازڪ حالت ۾ کيس ڪراچي جي O&M اسپتال ۾ هيليڪاپٽر ذريعي منتقل ڪيو ويو. همراهه بچي ويو پر ان وارَ جا زخم اڃان تائين ساوا اٿس. ڪڏهن ڪڏهن اهي اٿلي پوندا آهن ۽ پاڻ وري وري اسپتال ڀيڙو ٿيندو آهي.
[b]لئنسڊائون پل
[/b]هي عاليشان پل سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ آهي، ٻنهي شهرن کي ڳنڍي ٿي. هي پل 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي. پل بنا ٿنڀي جي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي سسپينشن پل (Suspension Bridge) چئبو آهي. هن جو وزن 30300 ٽن آهي. پل جو نالو هندستان جي گورنر جنرل جي نالي تي رکيو ويو. وڏي شاندار تقريب ۾ پل جو افتتاح ٿيو. افتتاح جي وقت عجيب واقعو پيش آيو. ڪو به انجڻ جو ڊرائيور، انجڻ پل کان گذارڻ لاءِ ان ڀؤ کان تيار نه پئي ٿيو، ته بنا ٿنڀن واري پل ڪِري نه پئي. هڪ شيدي انجڻ جو ڊرائيور جيل ڪاٽي رهيو هيو. ان کي هٿ ڪيائون. ان پل تان پهريون دفعو انجڻ گذاري ۽ پل جو افتتاح ڪيو ويو. واهه واهه ٿي وئي. ان قيدي ڊرائيور جي سزا معاف ڪئي وئي ۽ کيس ريلوي ۾ نوڪري ڏني وئي.
پل جي اڏاوت تي ڪل 335000 رپيه (ٽي لک ۽ پنجٽيهه هزار رپيه ) خرچ آيو. ان جي ڀرسان ئي 1967ع ۾ هڪ ٻي سسپينشن برج، ايوب برج جي نالي سان ٺاهي وئي. ريل هاڻي ان ايوب پل تان گذري ٿي ۽ هيءَ پراڻي پل عام گاڏين جي لنگهڻ لاءِ ڪم اچي ٿي.
[b]سکر بيراج
[/b]سکر بيراج (Lloyd Barrage) يا لائيڊ بيراج جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿيو ۽ ان جو افتتاح 13 جنوري 1932ع تي لارڊ لائيڊ ڪيو. جنهن جي نالي سان اها پل مشهور ٿي. هن پل جي ڊيگهه اٽڪل هڪ ميل (چار هزار ست سو پنجويهه (4725) فوٽ آهي. هن جا 66 دروازا آهن، هر دروازو 66 فوٽ ويڪرو اهي. هن مان ست ڪينال، ٽي سڄي پاسي ۽ چار کٻي پاسي کان نڪتل آهن. سکر بيراج ٺهڻ سان سنڌ ۾ معاشي انقلاب اچي ويو، جنهن جو وڏو حصو پوٺو غيرآباد ۽ وارياسو هيو، پاڻي اچڻ سان آباد ٿيڻ لڳو ۽ ماڻهن ۾ خوشحالي اچي وئي.
[b]معصوم شاهه جو مينار
[/b]جڏهن ڪنهن تصوير ۾ معصوم شاهه جو مينارو ڏسبو آهي ته علامتي طور سکر شهر نظر ۾ اچي ويندو آهي.
هي مينارو وچ شهر ۾ پهاڙيءَ تي معصوم شاهه بکريءَ ٺهرايو هيو. سيد معصوم شاهه اڪبري دور ۾ علم ۽ فضل جو درياءُ ليکيو ويندو هيو. تاريخ معصومي لکي مير صاحب هڪ عظيم علمي ادبي ڪارنامو ادا ڪيو آهي ۽ سنڌ جي آڳاٽن ماخذن ۾ اهم ۽ تصديق ٿيل واڌ آندي آهي. هن ميناري جو ڪم 1594ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ 1607ع ۾ ان جي تڪميل معصوم شاهه جي پٽ مير زرگ ڪرائي. هن مينار جي ڊيگهه 84 فوٽ ته ويڪر 84 فوٽ آهي. ڏاڪن جو تعداد به 84 آهي. ان جي اڏاوت ۾ سيمنٽ جي بدران جانورن جون هڏيون پيهين ڪتب آنديون ويون آهن. مينار سان گڏ ستن طرفن وارو گنبذ به ٺهيل آهي، جنهن جو نالو فيض محل آهي.
سال 1978ع ۾ جنهن دور ۾ منهنجي پوسٽنگ واپڊا سکر ۾ هئي انهن ڏينهن ۾ مون همت ڪئي ته معصوم شاهه واري هن مُناري جي چوٽي تي چڙهان ان وقت منهنجي عمر 31 سال هئي ۽ آتش اڃا جوان هيو. ميناري جا ڏاڪا وڏا ۽ اڀا هئا، اڌ تي پهچي واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. ساهه چڙهي ويو هيو. اڳتي هلڻ جو سَتُ نه ساري سگهيو هئس.
[b]مسجد منزل گاهه
[/b]سکر شهر ۾ هي مسجد درياءُ جي ساڄي ڪناري تي بندر روڊ تي آهي. سال 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگريزن هندن جِي دل خوش ڪرڻ لاءِ هن کي فوج جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن ان تي ڪلف چاڙهي ڇڏيو. هندن جو ڪليم هيو ته اهو هندن جو آستان منزل گاهه آهي. 1920ع ۾ مسلمانن اها مسجد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. 1938ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله وزيراعليٰ هيو، ان جي ڏينهن ۾ تحريڪ شروع ڪئي وئي. 1939ع ۾ شهيد الله بخش سومري جي وڏ وزارت جي دور ۾ تحريڪ تيز ٿي وئي ته ان هلچل جي نتيجي ۾ الله بخش سومري جي وڏ وزارت ٽٽي پئي. جيڪو هندو ووٽرن جي مدد سان وڏو وزير ٿيو هيو. مسلم ليگ مير بندهه علي خان ٽالپور جي سربراهي ۾ 1940ع ۾ وزارت ٺاهي. 1941ع ۾ مسجد منزل گاهه مسلمانن جي قبضي ۾ آئي. مسجد کي لڳل تالا ٽوڙي مسلمانن اتي نماز شروع ڪئي. اهو هڪ وڏو سياسي واقعو ٿي ويو، جنهن جي ڪري هندن ۽ مسلمانن جي ٻڌيءَ کي خاص طور ڌڪ لڳو. ان معاملي کي پير علي محمد راشدي شدت سان بيان ڪيو آهي جنهن ۾ هن جام سياسي ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ ته ان مسئلي کي تيز ڪرڻ جو مقصد الله بخش سومري جي وزارت کي ڪيرائڻ ۽ کهڙي صاحب ۽ جي. ايم. سيد کي مضبوط ڪرڻ هيو. هندن کي به ڪمزور ڪرڻ مقصد هيو ۽ مسلمانن کي پنهنجي طرف راغب ڪرڻ هيو. هندن ۾ خوف پيدا ڪرڻو هيو ۽ هندو مسلمان ايڪتا کي ٽڪرا ڪرڻ هيو. انهن ۾ سائين جي. ايم سيد. ۽ ٻين ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيو ته ان واقعي سان سنڌ ۾ هندو مسلم ايڪتا کي ڌڪ لڳو ۽ سندن تعلقات هميشھ لاءِ خراب ٿي ويا. پير علي محمد راشديءَ جي چوڻ موجب ته ان تحريڪ جي اڳواڻي کهڙي صاحب ڪئي هئي.
[b]ميونسپل جنرل لائبرري
[/b]جنرل لئبرري جيڪا هاڻي به ميونسپل ڪارپوريشن جي بلڊنگ ۾ موجود آهي اها 1835ع ۾ قائم ٿي ۽ ميونسپل 1856ع ۾. اهڙي طرح جنرل لئبرري جي عمر ڪاپوريشن کان به وڏي آهي. هي لائبرري ‘انڊس فلوٽا ڪمپني’ 1835ع ۾ پنهنجي ملازمن لاءِ ٺاهي هئي. 1869ع ۾ جڏهن انڊس فلوٽا ڪمپني ختم ٿي ۽ سنڌ تي گورن جي حڪومت قائم ٿي ته ضلعي جي حاڪم پوپ هن لائبرري جو خيال رکيو. 1893ع ۾ هن لائبرري کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو ۽ ان جو نالو جنرل لائبرري سکر رکيو ويو. هن لائبرري لاءِ عام ماڻهن کي به ميمبر ڪيو ويو. 1911ع ۾ ديوان ڀوج سنگهه جيڪو سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو پهريون چيئرمين ٿيو، اهو ان لائبرري جو سيڪريٽري ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ۽ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ پهرين اسيمبلي جو اسپيڪر به ديوان ڀوج سنگهه ٿيو. هن لائبرري ڪافي لاها چاڙها ڏٺا آهن، پر اڃا تائين قائم آهي. علم جي پياس جا پياسا هتي پنهنجي اڃ اجهائي رهيا آهن.
[b]ساڌٻيلو
[/b]هن جو نالو ته ساڌٻيلو آهي، پر الائي ڇو اردو پريس ان کي ساڌو ٻيلو چوي ٿي. جيئن کهڙي کي کوڙو ۽ ٽالپر کي تالپور سڏي ٿي. انهن کي اسان به ائين ئي ٿا سڏيون ‘ساڌو ٻيلو’ کوڙو يا تالپور! احساس ڪمتري آهي.
هي آستان جنهن کي ‘وَنکنڊي آشرم’ به چون ٿا، سنڌوءَ جي وچ ۾ بکر قلعي جي اولهه طرف هڪ ٽڪريءَ تي قائم آهي. انگريزن جي اچڻ کان ويهه سال اڳ ۾ ساڌو ونکنڊئي ان کي ٽڪري تي قائم ڪيو. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ اتي سرڪاري بنگلو ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ويو، پر پوءِ اهو ارادو ختم ڪيو ويو. ان ۾ عاليشان عمارت ٺاهي وئي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جو سسٽم به تيار ڪيو ويو. ساڌ ٻيلو ساري جهان ۾ مشهور آهي. سياح ان کي ڏسڻ لاءِ ٻاهران به اچن ٿا. ان جي خوبصورتي جو تعلق صرف ڏسڻ سان آهي.
جڏهن پي پي پي جا ليڊر شهيدن جي قبرستان تي ڳڙهي خدابخش ايندا آهن ته سيد خورشيد احمد شاهه کين دريا جو سير ڪرائڻ لاءِ هيڏانهن به وٺي ايندو آهي.
[b]سکر ميونسپلٽي
[/b]سکر ميونسپلٽي 1856ع ۾ تڏهن قائم ٿي، جڏهن سکر جي آدمشماري رڳو 12000 هئي. هن جو صدر ڪليڪٽر هوندو هيو. 1884ع ۾ جڏهن شهري پنهنجا نمائنده به چونڊي سگهيا ٿي. صدر پوءِ به ڪليڪٽر هوندو هيو. نائب صدر چونڊيل هوندو هيو. خانبهادر پير بخش جي دور ۾ هتي بجلي گهر ٺهيو، جنهن سکر ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. 1911ع ۾ ڀوج سنگهه ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ٿيو. ان کان پوءِ ميونسپل سکر ۾ گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا، جنهن شهر جي واڌ ۾ ڪافي ڦيرو آڻي ڇڏيو.
[b]انتظاميه[/b]
1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ انتظام رکڻ جا تڪڙا اُپاءَ ورتا. جنرل چارلس نيپيئر سنڌ جو پهريون سربراهه ۽ گورنر مقرر ٿيو. هن 1843ع کان 1847ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ انتظامي قدم کنيا. سنڌ ۾ ٽي ضلعا قائم ڪيا ويا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. عمرڪوٽ ۽ جيڪب آباد جون ٻه سپرنٽينڊنٽ ٺاهيون. عمرڪوٽ ۾ ڪرنل تروٽ ۽ جيڪب آباد ۾ جان جيڪب پورن اختيارن سان سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيا ويا. انهن ٻنهي صاحبن اهڙن ڏکين علائقن جي پنهنجي عقل ۽ دانشمنديءَ سان ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ انتظامي طرح ٺيڪ ڪيو. ڪرنل تروٽ ته 74-1873ع ۾ سنڌ ڇڏي ويو، پر جان جيڪب هتي رهي پيو.
1901ع ۾ سنڌ ۾ نوان ضلعا سکر ۽ لاڙڪاڻو قائم ٿيا. شڪارپور ضلعي جي حيثيت ختم ڪري سکر جو حصو بڻائي ان کي هڪ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. ائين اٻاوڙي تائين ايراضي سکر ۾ اچي وئي. ڏکڻ طرف خيرپور اسٽيٽ هئي.
ان کان پوءِ سکر جو ٻيو انتظامي دور شروع ٿيو، جنهن ۾ سندس اهميت اڃا به وڌي. 1932ع ۾ بيراج ٺهڻ جي ڪري ته سکر وڌيڪ اهم مرڪزي شهر ٺهي پيو. 1889ع ۾ لئنسڊائون پل ٺهڻ سان بلوچستان ۽ ملتان، سکر سان ته ملي ويا، پر سنڌ سان به اهي علائقا ڳنڍجي ويا.
پاڪستان ٺهڻ سان هڪ نئين تبديلي آئي. سکر ۽ ٻين شهرن ۾ هندستان کان آيلن کي هندن جون ملڪيتون مليون. سرڪاري عهدا به آيلن کي مليا. سنڌي مقامي ماڻهو گهڻا پڙهيل ڪونه هئا. نون آيلن جون ته وفاقي حڪومت ۾ لياقت علي ان ۽ سندس ساٿين ۾ جهڙوڪ پاڙون کُتل هيون. سندن پٺڀرائي ٿي رهي هئي. مقامي صوبائي حڪومت کي لياقت علي خان ۽ ”پنهنجن“ لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو هيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جو دور دوره ٻڌڻ ۾ آيو.
1955ع کان ون يونٽ جو نظام لاڳو ڪيو ويو. صوبا ختم، سنڌ جو نالو کڻڻ لکڻ به ڏوهه ٿي ويو. ٻه صوبا ٿي ويا. هڪ اسان وارو ويسٽ پاڪستان ۽ ٻيو بنگالين وارو ايسٽ پاڪستان. ان سال ون يونٽ سان ئي ڪمشنريون به رائج ٿيون. سنڌ ۾ ٽي ڪمشنريون ٺهيون. ڪراچي، حيدرآباد، ۽ خيرپور. خيرپور جي اسٽيٽ واري حيثيت ختم ڪري ڪميشنري ڪئي وئي. والي کي خوش ڪرڻ لاءِ خيرپور کي ڪمشنري ڪري لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سکر، خيرپور ۽ نواب شاهه ضلعا ان ۾ ڏنا ويا.
نئين نظام سنڌ کي پوري ملڪ کي مضبوط ڪيو يا نه، پر عام طور بدگماني ۽ سياسي عدم استحڪاميءَ وارو تاثر پيدا ٿي ويو. سنڌي ٻولي جي اهميت ختم ڪئي وئي. سنڌ ۾ به دلي ۽ ون يونٽ خلاف سياسي تاءُ پکڙيو ۽ جدوجهد شروع ڪئي وئي. پنجاب لاءِ باقي ٽن صوبن ۽ بنگال ۾ به نفرت وڌي وئي. ڇو ته اڪثر بيورو ڪريسي، فوج ۽ حڪمراني ڪندڙ يا ته پنجاب جا يا وري مهاجر هئا. بنگالين 1952ع ۾ جدوجهد ڪري پنهنجي بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرايو هيو. جيڪا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آدمشماري جي ٻولي هئي. باقي سنڌي لولي لنگڙي زبان بڻائي وئي. جڏهن ته هتان لڏپلاڻ ڪري ويندڙ سنڌي هندن ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو.
16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن ۾ تاريخي طرح هڪ ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو. پلٽن ميدان ۾ پاڪستاني حڪمران، ايسٽ پاڪستان، هندستان ۽ مڪتي باهمي فوجن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندي سرينڊر ڊاڪيومينٽ صحيح ڪيو. اوڀر پاڪستان هاڻي بنگلاديش ٿي ويو. پاڪستان وڃي چئن صوبن تي رهيو.
جولاءِ 1970ع کان صدر يحييٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪري چڪو هيو، ۽ پهرين جولاءِ کان سنڌ جي پراڻي صوبي واري حيثيت بحال ڪئي وئي هئي.
20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب پاڪستان جي صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو.
ائين پاڪستان جو نئون دور شروع ٿيو.
1972ع ۾ ڪمشنريون ختم ڪيون ويون.
3 جولاءِ 1972ع تي سنڌي لئنگئيج بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. اسيمبلي ميمبر جو تعداد 60 هيو. ستن نان سنڌي ميمبرن کان علاوه سڀني ميمبرن سنڌي ٻولي بل جي حق ۾ ووٽ ڪيو ته:
جنگ اخبار ۾ رئيس امروهويءَ جي ان هڪ مصرعي ”اردو کا جنازہ ہے، ذرہ دھوم سے نکلے“ سنڌ ۾ باهه ٻاري ڇڏي. سنڌي مهاجر جهيڙا شروع ٿي ويا. اهو بل الاهي بخش ٻانڀڻ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو هيو. ٻانڀڻ آهن ته ٺري ميرواهه جا، پر سندن هڪ گهر لطيف آباد حيدرآباد ۾ به هيو.
مڇريل مهاجرن گهر تي خوني حملو ڪري ڏنو، پر سندن حفاظتي عملي دفاع ڪندي حمله آورن کي ڀڄائي ڇڏيو نه ته الائي ڪهڙو حشر ٿئي ها. نيٺ ڀٽي صاحب هڪ ٻيو بل آڻائي سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو قرار ڏنو. ائين مهاجرن سان هڪ اهڙو اندروني ڳجهو ٺاهه ڪيو جنهن کي اڃا تائين سنڌي ڀوڳي رهيا آهن.
1972ع ۾ ڪمشنريون ختم ڪيون ويون، پر سرڪار محسوس ڪيو ته ڪمشنريون هئڻ گهرجن. ان سوچ سان 1974ع ۾ وري ڪمشنريون بحال ڪيون ويون، پر هن وقت خيرپور جي بدران سکر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ٿيو ۽ خيرپور ضلعو رهجي ويو. جيڪا صورتحال اڃا قائم آهي.
شڪارپور کي سکر مان ٽوڙي 1979ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو. ائين 1994ع ۾ گهوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلي کي جدا ڪري گهوٽڪي کي الڳ ضلعو بڻايو ويو. باقي پراڻي سکر ضلعي ۾ سکر، روهڙي ۽ پنوعاقل تعلقا رهجي ويا آهن.
2001ع ۾ ”ڊواليوشن“ جي نالي ۾ ضلع حڪومتون ٺاهيون ويون ته ڪمشنرين، ڊي سي ۽ مئجسٽريٽري کي ختم ڪيوويو. ڊي سي جا ڪجهه اختيار پوليس کي ته ڪجهه جوڊيشري، ڪجهه ضلع ناظم ۽ باقي هوم ڊپارٽمينٽ کي ڏنا ويا.
ان نظام تحت 2001ع آگسٽ ۾ سکر به هڪ ضلعي حڪومت ٿي وئي جيڪا ٻه هزار ڏهن تائين رهي. ان کان پوءِ وري ڪمشنري ۽ ڊپٽي ڪمشنر بحال ٿي ويا پر هن دفعي ڊي سي جا انتظامي ۽ عدالتي اختيار پوري طرح بحال نه ٿيا. کين ڪجهه ترقياتي ڪم ڏنا ويا. ڪمشنري به هلي پئي، سکر هاڻي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر جو هيڊڪوارٽر آهي.
[b]منهنجي سکر مان بدلي
[/b]مان آسرو لاهي ويٺس ته ڪو منهنجي بدلي، ڪراچي ڪنهن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي. انهن ئي ڏينهن ۾ چيف سيڪريٽري اسلم سنجراڻي صاحب سينٽ ميري هاءِ اسڪول ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ آيو. هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي هئي. جنهن ڪجهه فنڪشن کي ڦٽائي ڇڏيو. ايڏو وڏو هال به ڪونه هيو جنهن ۾ فنڪشن ڪجي. اڌ آلا ٿي وياسون. سنجراڻي صاحب لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ڇٽيون آيون. ڪجهه خواتين لاءِ به ڇٽيون هيون پر پوءِ به برسات پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ سڀني کي پسائي ڇڏيو.
[b]سرخاب جا پَرَ
[/b]ان اسڪول سان اسلم صاحب جو پراڻين يادين جو لاڳاپو آهي. پاڻ مئٽرڪ اتان ڪئي اٿائون. اسان جي دوست آفتاب قريشي به اتان مئٽرڪ ڪئي آهي. غوث بخش مهر، آفتاب منگي، خادم حسين، الطاف منگي، (منهنجي مائٽ ۽ فيس بوڪ تي ساٿي وتايو فقير) به سينٽ ميري مان مئٽرڪ ڪئي. وڏي نالي وارو اسڪول هيو. ان نسبت سان سنجراڻي صاحب اتي پنهنجي يادين جي ورجاءُ جو مزو وٺي رهيو هيو. فنڪشن ڏسندي ڏسندي چوڻ لڳو: ”تياري ڪر تو کي ڪراچي تعليم کاتي ۾ ٿا گهرايون.“ مون چيو ته تعليم کاتي ۾ ڇا؟ چيائين “نمبر 2” نمبر ٽو ته ڀاءُ به نه هجي. چيائين فڪر نه ڪر تنهنجو اسان خيال رکنداسون. منهنجي هٿن مان ته پکي اڏامي ويا. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هيو. سومر تي منهنجو آرڊر ٿيو. اسپيشل سيڪريٽري ايڊيوڪيشن! ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. مون حجت ڪري سنجراڻي صاحب کي فون ڪري چيو ته ”سائين ڪٿي به پر سيڪريٽري لڳايو“ ڏاڍو دل ڏکوئيندڙ جواب ڏنائين جيڪو آءٌ زندگي ڀر نه وساريندس. ”تو کي سرخاب جا پر لڳل آهن ڇا؟“ مون پاڻ سنڀاليندي جواب ڏنو”سائين! سرخاب جا پر ته ڪنهن کي به ناهن لڳل!“ پاڻ ڪاوڙ مان فون بند ڪري ڇڏيائين. هڪ ته ماڻهوءَ کي چهنڊي پايو وري ڌڪو به ڏئي ڇڏيو! 1991ع کان وٺي ٻه ٽي ڀيرا نوڪري گڏ ڪئي اٿئون. پر اهڙو جواب...؟
ارباب صاحب سان ڳالهائيم ته هن ٻڌايو ته تنهنجو پوسٽنگ آرڊر جو ڊائريڪٽو ته مون سيڪريٽري سروسز جو ڪيو آهي. جتان نرگس گهلو آمريڪا ٽريننگ تي ويل آهي!“ نرگس کي واپسي ۾ اڃا ٻه ٽي مهينا هئا، پر اسلم صاحب اها پوسٽ خالي پئي ڇڏڻ چاهي يا مون کي نه پئي رکڻ چاهيو.
پندرهن ڏينهن کان پوءِ اتي لياقت علي آرائين جي پوسٽنگ بطور سيڪريٽري سروس ٿي وئي. نرگس گهلو اڃا آمريڪا مان نه موٽي هئي.
*