10. آگسٽ 1993- مارچ 1995ع
[/b]ڪي. بي. رند صاحب سدائين مون تي مهربان رهيو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن چهنڊڙي به پائي وٺندو آهي. هوشيار رکڻ لاءِ اهو ضروري به آهي. حد ۾ رهجي ته بهتر آهي. منهنجي نه چاهڻ جي، ۽ گذارش کان پوءِ به نه مڙيو ۽ منهنجي ڪراچيءَ بدلي ڪري ڇڏيائين. پاڻ CM جو پرنسپل سيڪريٽري هيو. جهونو مڙس شاهه صاحب سائين مدد شاهه، چيف منسٽر هيو. نگرانن جو زمانو هيو. مٿي وزيراعظم 1993ع ۾ معين قريشي، پرائيم منسٽري ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان اچي وارد ٿيو هو.
پر سنڌ جي انتظاميا جو مائي باپ ڪي بي رند صاحب هيو. سڄيءَ سنڌ ۾ انتظاميا ۽ پوليس جي اٿل پٿل ڪئي وئي. سبب اهو هيو ته اليڪشن کان اڳ ۾ اڻ ڌري انتظاميا هجي.
1993ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ پ پ پ ۽ بي نظير صاحبه جي ٻي حڪومت آئي، جيڪا 1996ع تائين هلي. آيل حڪومت سائين عبدالله شاهه جي وزيراعليٰ جي رهنمائيءَ ۾ ٽي سال ڪڍيا. پر چون ٿا ته ڪي بي رند صاحب نوڪرين جي ڀرتي ڪرائي پ پ لاءِ نوڪريون ڏيڻ لاءِ ميدان خالي ڪري ويو. پر ايترو ضرور ٿيو، جو نڌڻڪن ۽ خدا جي ماڻهن کي به نوڪريون مليون. نه ته پ پ يا ته نوڪريون ڀريندي ئي ڪونهي يا وري اڄوڪي دور وانگر اڪثر ڪري پنهنجي ورڪرن جي حوالي ڪندي آهي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته عام ووٽر جنهن ووٽ پ پ کي ڏنو هوندو آهي، اهو ڌڪا کائيندو رهندو آهي. هن دور ۾ (2016) پٽيوالي جي نوڪري ته ناممڪن آهي، پر پٽيوالي جي بدلي به سياسي خدائن جي آشيرواد کان سواءِ ٿي نٿي سگهي.
چيف منسٽر جي پرنسپل سيڪريٽريءَ کان پوءِ ڪي بي رند صاحب ايگريڪلچر ۽ تعليم جو سيڪريٽري بڻيو. ان دوران ڪجهه وقت لاءِ کيس هوم سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج ملي، جنهن وقت مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان ۾ آيو. مير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. عدالت جو جج علي احمد جوڻيجو هيو. هن مير صاحب جي ضمانت ڪري ڇڏي. ان جو اثر ايڪٽنگ هوم سيڪريٽري رند صاحب ۽ جوڻيجي صاحب تي پيو. رند صاحب کي فيڊرل گورنمينٽ ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ جوڻيجي صاحب کي ريٽائر ڪيو ويو.
مان ٿر مان ٽپڙ ويڙهي اچي ڪراچي لٿس. ڪراچيءَ ۽ منهنجا ستارا پاڻ ۾ ڪڏهن به نه مليا. هر دفعي ڪوشش ڪئي ته ٺهي رهون، پر اها خبر ناهي ته ممڪن ڇو نه ٿي. ڪراچيءَ جي پٿريلي زمين ۾ منهنجون پاڙون ڪڏهن به نه لڳي سگهيون. ڪراچيءَ جو ڪلچر پنهنجو اسان ٻهراڙيءَ جا ٻار، سڪ پيار سونهن ۽ قرب جا ڪٺل. هت ته هر هٿ ۾ ڇري. ڪنهن سان پنهنجائپ جو پيچ پائجي. ڪنهن تي ڀروسو ڪجي؟ هرڪو وقت حالتن ۽ نفسانفسيءَ جي تيز وهڪري ۾ ٿو وهي. ڪنهن کي به ايتري فرصت ڪونه، ته اوسي پاسي ڪنڌ کڻي ڏسي ته ڀر وارو ٻڏو ڪي بچيو. منهنجي پهرين پوسٽنگ 1976ع ۾ سٽي ڪورٽ ۾ بطور مئجسٽريٽ جي ٿي. ٽن مهينن ۾ ڀڄي نڪتس. 1988ع ۾ ڇهه مهينا ڪراچيءَ جو ميونسپل مئجسٽريٽ ٿي رهيس. 1993ع ۾ وري اچي سيڪريٽري لوڪل بورڊ ٿيس. اهم پوسٽنگ هئي، پر طبيعت ڪراچيءَ سان نه پئي رلي.
سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جو ذيلي ادارو آهي. لوڪل گورنمينٽ ۾ ڪونسلن جو نوڪريءَ جو هڪ سرشتو آهي، جنهن کي SCUGS (Sindh Councils Unified Grade Service) (سنڌ ڪائونسلز يونيفائيڊ گريڊ سروس) چيو ويندو آهي. سيڪريٽري بورڊ ڄڻ سيڪريٽري سروس وارو ڪم ڪندو آهي ۽ SCUGS ۾ 17 گريڊ ۾ ائڊمنسٽريشن، اڪائونٽس، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ سروس ۾ آفيسر ڀرتي ڪبا آهن.
ان دور ۾ جڏهن مان سيڪريٽري بورڊ ٿيس، ته لوئر گريڊ کان 11 گريڊ جون نوڪريون ڏنيون سين. مون ڪوشش ڪئي ته جنهن ضلعي، تعلقي يا يونين ڪائونسل ۾ نوڪري خالي آهي، اتي جي ماڻهوءَ کي ئي ڀرتي ڪجي. ان ۾ مان گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيس. مگر ان دور ۾ مرزا ڪريم بيگ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري هيو. پ پ پ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ اسان جو پراڻو دوست سائين آغا شهاب الدين صاحب، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ٿيو. آغا صاحب لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جو آفيسر هيو. اهو هڪ معراج آهي لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيسر جو، ته اهو پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ٿئي. شايد آغا صاحب مون سان comfortable ڪونه هيو.
[b]آغا شهاب الدين
[/b]آغا شهاب الدين جي گهڻ رخي شخصيت رهي آهي. پاڻ سنڌي قوم پرست به سمجهيو ويندو هيو. سندس والد آغا تاج محمد وڏي عرصي تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ان دور ۾ رهيو، جڏهن جناب علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هيو. جهڙو قاضي صاحب نالي وارو وائيس چانسلر هيو، تهڙو آغا تاج محمد به نالي وارو رجسٽرار هيو. آغا شهاب الدين جو پٽ به آغا تاج محمد آهي. هي نوجوان به پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءُ جي قدم تي قدم رکي هلي رهيو آهي. بي انتها متحرڪ ۽ سماج سڌارڪ آهي. حيدرآباد جيم خانه جو سيڪريٽري به رهيو آهي. پي ايم اي حيدرآباد جو صدر به چونڊيو ويو. ٻين سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي. آغا تاج محمد (ٻيو) ڊاڪٽر آهي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. آغا تاج محمد ڪافي پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج به هلائي رهيو آهي، جيڪي سندس والد سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ڪيا آهن. ڊاڪٽر آغا تاج، مون سان به والد جي نسبت سان چاچا ڪري ملندو آهي.
آغا شهاب الدين اخبارن ۾ ڪالم به لکيا آهن ۽ پنهنجي يادگيري بابت ‘شهاب نامو’ به لکيو اٿائين. پر اهو ڪتاب مارڪيٽ نه ٿي سگهيو. ڇو ته ان ۾ ڪيتريون ئي تڪراري ۽ هڪ طرفيون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي سندس ۽ ڪن دوستن لاءِ ناپسنديده ۽ ناقابل برداشت آهن. اهو ڪتاب نه ڇپجي ها ته بهتر هيو. منهنجي هاڻي به آغا تاج کي گذارش آهي ته ان ڪتاب جون ڪاپيون تلف ڪيون وڃن. پاڻ انهن سڀني معزز شخصيتن کان والد صاحب جي طرفان معذرت ڪن، ته ان سان آغا تاج جي ذاتي ۽ سندس خاندان جي عزت ۾ اضافو ٿيندو. اهڙو ازالو ڪرڻ بيحد ضروري آهي. متاثر شخصيتون آغا تاج جي به ويجهو رهيون آهن. آغا تاج اٿڻ ويهڻ وارو يار ويس ماڻهو آهي، ڪو ضرور اهو چاهيندو هوندو ته هر ڪوئي کيس سٺي نموني ياد ڪري ۽ خوشگوار ناتا قائم ڪري.
لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ بي مقصد نوڪريءَ جا اٺ مهينا گذري ويا. هونئن به ڪراچيءَ ۾ سيڪريٽريٽ جي نوڪري بي مقصد ئي هوندي آهي. اتي صرف ٻه ماڻهو ڪم جا آهن. هڪ وزير ۽ ٻيو سيڪريٽري آف دي ڊپارٽمينٽ، يا وري سيڪشن آفيسر، جيڪو ‘نوٽ’ يا سمري ٺاهيندو آهي. باقي سڄو اسٽاف فالتو آهي. الائي ڇو ايترا ٽيبل ٺهيل آهن، اسٽاف رکيل آهي. ڳاڙهي ڦيٿي لاءِ يا ڪم ۾ روڙا اٽڪائڻ لاءِ ۽ دير ڪرڻ لاءِ يا اڃا به فائلن کي گم ڪرڻ لاءِ. صرف سيڪشن آفيسر ۽ سيڪريٽري هجڻ گهرجن. باقي ڪم ئي ڪيترو آهي.
[b]تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر پلاننگ
[/b]ڪي بي رند صاحب 1994ع ۾ سيڪريٽري تعليم ٿي ويو. اتي کيس هڪ ڊائريڪٽر پلاننگ جي ضرورت هئي. منهنجي اتي posting ڪرايائين. ٻئي ڏينهن تي وزير صاحب جناب نوابزاده نادر مگسيءَ کان موڪلائڻ ويس. منهنجي ساڻس لاڙڪاڻي کان وٺي سٺي ڄاڻ سڃاڻ هئي. پاڻ چڙي پيو. چي: تو کي ڪهڙي تڪليف هئي؟ مون کيس عرض ڪيو ته “ڪي بي صاحب اعتماد ڪري گهرايو آهي، آءٌ کيس انڪار نه ڪري سگهيس.” مون کي ياد آهي 24 مارچ 1994ع تي مان تعليم کاتي ۾ وڃي ڪم سان لڳس. تعليم کاتي ۾ اصل ڪڇ جو رڻ لڳو پيو هيو. نه گاڏي، نه ڊرائيور، نه پيٽرول، نه وري آفيس جي ڪم لاءِ اسٽيشنري، نه ڪو ڪمپيوٽر، نه فوٽو مشين، صفا اوندهه. پگهار به هتي کان گهٽ، سهولتون به ڪونه. ڪم گهڻو. ڊاڪٽر شريف ميمڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري هيو. جيڪو منهنجو Boss هيو. پوءِ سيڪريٽري ٿيو. ڊاڪٽر صاحب وڏو نيشنلسٽ سڃاتو ويندو هيو. هينئر ته الله کي پيارو ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڪو فوٽو اسٽيٽ ڪاغذ به ڪرائڻو هوندو هيو ته انڪار ڪري ڇڏيندو هيو. ان صورتحال ۾ ڪم ڪرڻو پيو. سيڪريٽريءَ سان به هر هر ننڍي ننڍي ڳالهه، ڪهڙي ڪجي. ان وچ ۾ ڪي بي رند صاحب به بدلي ٿي ويو ۽ اشفاق ميمڻ سيڪريٽري ٿيو. پر اسان جي ونگ جا حال جيستائين شريف ميمڻ صاحب نه چاهي، تيستائين ڪيئن بهتر ٿين!
[b]اشفاق ميمڻ، سيڪريٽري تعليم
[/b]اشفاق ميمڻ کي به تعليم کاتي ۾ سڌارا ڪرڻ ۽ ماڊل کاتو ٺاهڻ جو شرف مليو. ان ٿنڪ ٽينڪ ۾ مون کي به شامل ڪيائين. ڪافي ڪم ڪيوسين. ڊيٽا گڏ ڪئي سين. سندس پهريون ٽارگيٽ هيو ڪاليجز ۾ ايڊميشن پاليسي ٺاهڻ. پاليسي ته ٺهي وئي. ان کان پوءِ ٻيو مرحلو شروع ٿيو، ان تي عمل درآمد جو.
هڪڙي ڏينهن بلاول هائوس کان “اهم ماڻهو” جو فون آيو. اشفاق صاحب ليڪچر ڏنو. هوڏانهن جواب آيو “ڏاڍو سٺو ڪم ٿا ڪيو.” ٻئي ڏينهن تي اشفاق صاحب آفيس ڪونه اچي سگهيو. سندس جڳهه شريف بلوچ صاحب وري تعليم کاتي جو سيڪريٽري ٿي آفيس ۾ اچي ويٺو. شريف بلوچ صاحب تعليم کاتي جو 4 يا 5 ڀيرا سيڪريٽري رهيو. شايد صحت کاتي جو به چار ڀيرا سيڪريٽري ٿيو. سڀ اشفاق صاحب جون پاليسيون اشفاق صاحب جي گهر موڪليون ويون. انهن جي تعليم کاتي کي گهرج ڪونه هئي. پوءِ اشفاق صاحب جي بدلي بلوچستان ٿي وئي. جتي سيڪريٽري فنانس ٿيو. بلوچستان ۾ چيف سيڪريٽري شاهد حسين صاحب هيو. هندستان مان هجرت ڪري جوهيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. پوءِ 1966ع ۾ CSP ڪيائين. ايسٽ پاڪستان ۾ به نوڪري ڪيائين. سنڌ ۾ سيڪريٽري فوڊ به رهيو. بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ وفاقي حڪومت ۾ سيڪريٽري اريگيشن ۽ پاور رهيو. سخت مزاج جو هيو. اشفاق صاحب سان ڪونه لڳس. ACR خراب ڪيائينس، ان ڪري اشفاق صاحب جو پروموشن رلي ويو ۽ Supersede ٿي ويو. ورنه اشفاق ميمڻ صاحب ڏاڍو برجستو آفيسر رهيو ۽ ڪي بي رند کان به سينيئر هيو.
شاهد حسين صاحب ريٽائرمينٽ کان پوءِ هوسٽن، آمريڪا ۾ رهي ٿو.
[b]SPEDP (پراجيڪٽ)
[/b]مون کي ياد آهي، ان زماني ۾ ٻاهرين ملڪن جي مدد سان تعليم کاتي ۾ ڪجهه پروجيڪٽ هلي رهيا هئا. هڪ پروجيڪٽ جو نالو هيو سنڌ پرائمري ايڊيوڪيشن ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ (SPEDP) جنهن جي تحت 5000 پرائمري اسڪولن جون عمارتون ٺهراڻيون هيون. جن اسڪولن کي بلڊنگون ڪونه هيون ۽ انهن اسڪولن ۾ ٻيون سهولتون ڏيڻيون هيون. ان پراجيڪٽ جي هر طرف واهه واهه هئي. ان پروجيڪٽ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (PD) هيو ڊاڪٽر شريف ميمڻ ۽ پراجيڪٽ مينيجر اسان جي ڀاڄائي اعجاز حسين قاضيءَ جي گهر واري ادي غزاله قاضي هئي.
[b]تعليم کاتي جا حال
[/b]ان دور ۾ اسڪول ڌڙا ڌڙ ٺهيا. پر بدنصيبي اها ٿي ته بجاءِ هلندڙ اسڪولن ۾ عمارتون ٺهن ۽ ان ۾ ڏنل معيار تي ٺهن، هر MPA کي اسڪول ڪوٽا ۾ ڏنا ويا ۽ انهن جي ضرورت آهر رپورٽ جي بدران جتي انهن چاهيو ٿي، اتي اسڪول ٺهيا. اسڪول ٺهي بيٺا. نون اسڪولن لاءِ استاد ڪٿان اچن؟ جيڪي اسڪول ڇنن ۽ وڻن جي هيٺان هئا، اهي جيئن جو تيئن رهجي ويا. پئسا ڏيندڙ ڊونرس اڌ ۾ ڀڄي ويا، سنڌ سرڪار کي انهن جا پئسا وياج سميت ادا ڪرڻا پئجي ويا.
اهڙا ڪارناما ڪافي ٿيا. دٻ هوندي هئي CM ۽ PM جي ڊائريڪٽرز جي! ته هي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺاهيو. پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ٺاهيو. ڪاليج ٺاهيو. هاءِ اسڪول ٺاهيو. اهي سڀ ڊائريڪٽوِ ۾ ايم پي اي ۽ ايم اين ايز کي راضي ڪرڻ. ADP ۾ ته شامل ڪيا ويا، پر جلدي ڪونه ٺهيا. وڃي 10- 15 سالن ۾ ڪي ته برابر مڪمل ٿيا. پر ڪن جا ته بنياد به ڳري ويا. جيترا پئسا هٿ ۾ هجن، ايترا ڪم ڪجن، پر اهو رواج اڃا تائين اسان جي کاتن ۾ ڪونهي. ڪم سڀ شروع ڪرائڻا ۽ نتيجو اهو نڪرندو، جو بلڊنگ وڃي ڏهن سالن ۾ مڪمل ٿيندي. ان جي لاءِ فرنيچر اڳواٽ وٺي ڇڏبو. پوءِ جڏهن بلڊنگ ٺهندي، ته فرنيچر ڪونه لڀندو ۽ ان لاءِ فرنيچر وري ٻيهر وٺڻو پوندو.
اهو هڪ سال جو تجربو تعليم کاتي ۾ ڏاڍو فائدي مند رهيو. ايڏي وڏي کاتي جي اندر ٻاهر جي خبر پئجي وئي. جنهن کاتي کي اسان مظلوم ۽ محروم کاتو سمجهندا هئاسون. اصل ۾ ان جي مظلوميت ۽ محروميءَ جو سبب سرڪار نه پر سرڪاري ڪارندا هئا، جيڪي ان جا مالڪ ۽ مختيار هئا. هميشه سيڪريٽريٽ ۽ فيلڊ جي عملدارن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ رهي. سيڪريٽري جيڪي پاليسيون فيلڊ ۾ آڻي، ڪم ان جي ابتڙ ٿئي پيو. ائين ناهي ته سڀ جاهل ۽ تعليم جا دشمن تعليمدان هئا، پر ڪيترائي لائق فائق آفيسر محض عملدار به هئا.
جيئن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ عبدالغفار صديقي، عطا محمد ميمڻ، نظام الدين ميمڻ، قاضي ضمير ۽ ڪيترا ٻيا. اها به حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ايترن لائق ماڻهن جي هوندي به تعليم ڇو نه بهتر ٿي؟ انهن جي محنت، ديانتداري، سچائي، ڪم سان واڳيل هجڻ، پر پوءِ به خرابي الائي ڪٿي آهي، جو تعليم جون ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو جهاز ٻڏندو. پئسا به اچن ٿا، اسڪيمون به اچن ٿيون. عمارتون به ٺهن ٿيون، اسڪول ۽ ڪاليج به ٺهن ٿا، نصاب تي به سائنسي بنيادن تي ريسرچ ٿئي ٿي، پوءِ به هر وقت هر ڏينهن ان ميدان ۾ اسين پوئتي آهيون. استاد گوسڙو؟ ڪيترو نه مزاحيه جوڙ آهي ٻن لفظن جو. وري استادن ۽ انتظاميا جا جهيڙا. اهو سڀ ڪجهه شاگردن ۽ انهن جي والدين کي ڪهڙو پيغام ٿو پهچائي. ڪنهن جي به نيت تي شڪ ڪرڻ کان سواءِ هڪ سوال هر هر ذهن کي جنجهوڙي ٿو پوءِ به تعليم جو معيار ته پوئتي وڃي پيو، پر خلائون به گهٽ ٿي رهيون آهن. استادن جي پگهار به لکن کي ٿي ڌڪ هڻي، پوءِ به بي اطميناني ڇا جي. استادن جي ٽريننگ ۽ تربيت جا نوان وسيلا نوان طريقا، استادن مان ڪيئي عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر، پوءِ به تعليم پوئتي. ڇا سنڌي اجتماعي طرح ناڪام قوم آهن ۽ انفرادي طرح ڪامياب؟ اسان اها به دعويٰ ڪيون ٿا ۽ صحيح به آهي ته موهن جي دڙي جي ڪلچر جا امين آهيون، ته پوءِ اڄ جي ڪلچر جي امانت ۽ مالڪي اسان نه ڪنداسين ته پوءِ ڪير ڪندو. موهن جي دڙي کي اسان نه ٿا سنڀالي سگهون، ته ان کي به UNESCO ٿو سنڀالي. ڇا اسان کي به اڳتي هلي UNO ۽ UNESCO سنڀاليندو؟
[b]سيد انوار حيدر
[/b]سيد انوار حيدر لاڙڪاڻي جو ڪمشنر هيو. سيد صاحب پڪو نيڪ نمازي هو. جيئن ئي بي نظير صاحبه جي حڪومت 1993ع ۾ آئي ته انوار حيدر شاهه صاحب لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. کيس سلمان فاروقي صاحب ۽ سراج شمس الدين جي ٽيڪ هئي. شايد هنن چاهيو هجي ته سندن لابيءَ جو ماڻهو بي بي جي ويجهو هجي. ساڳي طرح شمس جعفراڻي لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيو. پاڻ چيف منسٽر عبدالله شاهه جي شهر سيوهڻ شريف ۾ AC/SDM رهي چڪو هيو. شاهه صاحب جو اعتماد هئس. پاڻ به سٺو انسان ۽ سٺو آفيسر رهيو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ اها مناسب چونڊ هئي.
انوار حيدر صاحب مون کي گهڻن سالن کان چڱي طرح سڃاڻندو آهي. سندس ڊوميسائيل شڪارپور جو آهي. سنڌي سٺي ڳالهائيندو آهي. پڪو مولائي آهي، پڙهيو به شڪارپور ۾ آهي. اتان ئي سيڪنڊ ڪامن ۾ 1973ع ۾ ڪي بي رند سان گڏ CSS ڪيائين.
هڪ ڏينهن پاڻ ۽ اسان جي سيڪريٽري تعليم اشفاق ميمڻ، سيڪريٽريءَ جي آفيس ۾ گپ شپ ڪري رهيا هئا ته مان به پهچي ويس. سوچي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽر تعليم ڪنهن کي مقرر ڪجي. ڳالهين ڳالهين ۾ انوار صاحب چيو ته عبدالقادر منگيءَ کي ڇو نه ڊائريڪٽر ايڊوڪيشن لاڙڪاڻو مقرر ڪجي. اشفاق صاحب به خوش ٿي ويو. ڄڻ کيس وڃايل پئسا ملي ويا هجن. اها صلاح منهنجي آڏو رکيائون. مون چيو سٺي ڳالهه آهي، پر هڪ ته مان گريڊ 18 ۾ آهيان، جڏهن ته ڊائريڪٽر جي پوسٽ 20 گريڊ جي آهي. ٻيو ته مان اميد پيو ڪريان ته ڪٿي نه ڪٿي منهنجي پوسٽنگ بطور ڊي سي جي ٿي ويندي. تنهن ڪري منهنجي لاءِ في الحال بهتر اهو آهي ته ڪجهه انتظار ڪريان. هنن زور ڀريو، پر مون انڪار ڪيو.
[b]فضل الله قريشي
[/b]ڪي سنڌي آفيسر اهڙا آهن، جيڪي سنڌ ۽ سنڌين تان سر ساهه قربان ڪندا آهن. نوجوان آفيسرن کي سکيا ڏيندا آهن، نوڪريءَ جا ادب آداب سيکاريندا آهن ۽ سندن نڙيءَ ۾ سنڌيت جو دُڪو وجهندا آهن. ون يونٽ جي دور جو هڪ آفيسر جنهن 1970ع کان اڳ ۾ لاهور ۾ نوڪري ڪئي ۽ اتي به سنڌي مهمان سراءِ کولي ڇڏيائين ته آيو ويو سنڌي اچي اتي مٿي ڇانئون ڪري. اهو سنڌ جو هڏ ڏوکي آفيسر هو محترم فضل الله قريشي، جنهن وفاقي سيڪريٽري ٿي ريٽائر ڪيو. پوءِ به ڪيترن ادارن جو سربراهه رهيو آهي ۽ هن وقت ماشاءَ الله ڪيترن ئي ادارن جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. ميڊيا تي مشتمل سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ وارو آهي. آهي ته پراڻي سکر جو، پر سندس همت ڪڏهن به پراڻي ڪونه ٿي آهي. پاڻ منهنجو پراڻو مهربان آهي. هميشه همٿائيندو ۽ اتساهيندو رهيو آهي. اسان به سندس سڪ جي سرڪ پيتي آهي.
مان ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ مانيٽرنگ تعليم کاتو هوندو هئس ته منهنجو ساڻس قريبي تعلق رهيو. ڇو ته پاڻ ان وقت سنڌ جا ترقيات جا ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هئو.
هڪ دفعي مون کي تڪڙي فون ڪيائون ته هليو اچ. مان حاضر ٿيس. چانهن جي ڪپ تي ڪچهري ڪئي سون. سنڌ ۾ به سنڌ رورل سپورٽ پروگرام (SRSP) قومي سطح وانگر شروع ڪري رهيا هئا. هيڊڪوارٽر بدين رکڻو هيو. سٺو پيڪيج هيو. قومي ڪم هيو. مون کي مطمئن ڪيائون ته مون کي اوڏانهن اچڻ گهرجي. ڪاليج ويندڙ ٻارن کي اڪيلو ڇڏي مان بدين هليو وڃان. کين سڄي صورتحال کان واقف ڪيم. منهنجي حالتن تي همدردي ڪيائون ۽ مون سان متفق ٿيا. مون معذرت ڪئي.
مون کي ميٽنگ ۾ ڪنهن دوست جو نياپو مليو، ته ساڻس ڳالهايان. اهو 6 مارچ 1995ع جو ڏينهن هيو. ميٽنگ کان پوءِ هن سان ڳالهايم ته ٻڌايائين، منهنجي بدلي بطور ڊي سيءَ جي خيرپور ٿي وئي آهي.