1. جوئي آهيان، سو ئي آهيان : 26 نومبر 1947ع کان
[/b]منهنجي جنم جو ڏينهن 26 نومبر 1947ع آهي. 26 نومبر 2015ع تي منهنجا پُٽَ، ڌيئر ۽ انهن جا پٽ ۽ ڌيئر اچي منهنجي گهر گڏ ٿيا. ڪيڪ ۽ ميڻ بتيءَ جو بندوبست ڪيو هئائون. هڪ ميڻ بتي ۽ 10 پائونڊن جو پلين ڪيڪ. جنهن ۾ اندران چاڪليٽ ڀريل هيو. هڪ ميڻ بتي ٻاري وئي. ڪيڪ تي ڇُري رکي وئي، جيئن مان ميڻ بتيءَ کي ڦوڪ ڏئي وسايو ته ٻارن وش ڪيو. ’هيپي برٿ ڊي، ڊيڊي!‘ منهنجا ٻار ۽ انهن جا ٻار به مونکي ڊيڊي ڪوٺيندا آهن. منهنجي ٻارن جا دوست به مون کي ڊيڊي سڏين. هن سال منهنجي عمر 68 سال ٿي وئي ۽ 69-هِين ڄم تاريخ ملهائي.
جڏهن مان ڄائو هئس ته اسان جي گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار ڪو نه هيو. نه ڌيءَ نه پٽ. سو مان سڀني جي اکين جو تارو هئس. ٻار ڪونه بچندو هيو، مون کان اڳ ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ پيدا ٿيا، پر ننڍيءَ عمر ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا. مون کان پوءِ هڪ ڀاءُ ڄائو، اهو به پنجن مهينن ۾ الله ڏانهن واپس هليو ويو. آخري ٻار منهنجي ڀيڻ شمشاد 1958ع ۾ ڄائي. اها حال حيات آهي ۽ پنهنجن ٻارن ۽ وَرَ سان خوش آهي. سندس گهر واري غلام اڪبر منگيءَ کي واپڊا آفيس گڊو ۾ اڪائونٽ آفيسر جي نوڪري هئي. گهر ۾ اڪيلو ٻار هجڻ جي ڪري مان سڀني ڀاتين جي توجهه جو مرڪز هئس.
مان رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائس ۽ اسان جو مائٽاڻو گهر اڄ به اتي آهي. حالانڪه منهنجو والد مديجي، تعلقي ڳڙهي ياسين جو هيو، پر نوڪريءَ سانگي اچي رتيديري ۾ آباد ٿيو. شادي به اتان ئي ڪيائين، رٽائر به اتان ئي ٿيو. سندس وفات اتي ئي ٿي ۽ تدفين به.
اسان جي گڏيل فيملي هئي، جڏهن کان مون کي سانڀر ٿي ته مون ڏٺو ته منهنجي نانِي ۽ مامون به گڏ رهندا هئا. سڄي گهر جو بار، بابا تي هيو. مامو ننڍو هيو ۽ بي فڪريو هيو. اها بي فڪري تيستائين رهيس، جيستائين بابا حال حيات هيو. بابا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ذميواريون سنڀاليائين. جڏهن بابا جي وفات ٿي ته مان اٺين ڪلاس ۾ هيس ۽ عمر چوڏهن سال کن ٿيندي.
بابا روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار هيو. پاڻ 1904 ۾ پيدا ٿيا هئا ۽ فائنل سنڌيءَ تائين تعليم ورتي هئائون. انگريزي تعليم عام ڪونه هئي. ان دور ۾ سنڌي تعليم پرائڻ به ڏونگر ڏورڻ وانگر هوندو هيو. جيئن نوڪري ملين ته رتيديري جي طرف نڪري آيا ۽ ڏوڪري، جوهي، وارهه، قمبر تعلقن ۾ به نوڪري ڪيائون، پر رتيديري ۾ گهڻو عرصو رهيا. سندن نالو علي شير خان هيو. منهنجي ڏاڏي جو نالو علي بخش عرف علڻ هيو. کيس مون نه ڏٺو، منهنجي سانڀر کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي ويو هيو. باقي ڏاڏيءَ کي بيماريءَ جي حالت ۾ بستري تي ڏٺم.هن پنهنجي عمر مديجيءَ ۾ گذاري ڇڏي. جڏهن آءٌ مديجي ويندو هئس ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، پڙَ ڏاڏي جو نالو قادر بخش هيو.
بابا سڀني مائٽن مٽن جو خيال رکندو هيو ۽ وس آهر سندن ڪم ايندو رهندو هيو. مڊل ڪلاس جو self made ماڻهو ۽ مڇي مانيءَ لائق هيو، زندگي عزت ۽ مانَ سان گذاريائين. سڀني حلقن ۾ سچائي ۽ ديانتداري جي ڪري کين بي انتها عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. بابا گهوڙي سواريءَ جو ماهر هيو. روينيو جي نوڪريءَ ۾ گهوڙو رکڻ لازمي هيو. شلوار قميص ۽ تُرڪي ٽوپي پائيندو هيو. بوسڪيءَ يا ململ جو پٽڪو اڪثر ڪري ٻڌندو هيو. پاڻ قد جو پورو پنو، چِٽو ڀورو رنگ، هلڪيون مڇون هونديون هئن. نظرتکي چيتي جهڙي ۽ ذهانت ڀريل. سائل جي دل جان سان مدد ڪندو هيو، اهو دؤر هيو به رواداريءَ جو. اوڙو پاڙو پنهنجن مائٽن کان به وڌيڪ پيارو هوندو هئس.
بابا سويرو اٿي صبح جي نماز جماعت سان پڙهڻ لاءِ گهران نڪري ويندو هيو، اتر سنڌ جا سيارا ڏاڍا سخت هوندا هئا، نه سيءَ جي ڳڻتي، نه واءُ مينهن جي ڳڻتي. صبح جي نماز ضرور پڙهندو هيو ۽ اُها به باجماعت.
منهنجا ناناڻا رتيديري جا اوائلي رهاڪو هئا. ناني جو نالو جان محمد، نانيءَ جو نالو زليخه، والده جو نالو غلام فاطمه هيو. منهنجو نانو سچل جو صوفي راڳي هيو. هڪ پير ۾ ڇير ٻڌي نچندو به هيو. سندن زمينون ۽ رهائشي جايون فتح پور محلي، ٻپڙن ۽ سائين وريل شاهه ۽ جسٽس ديدار حسين شاهه جي پاڙي ۾ به هيون. پوءِ ڪو اهڙو واءُ وريو جو اهي جايون اوڻي پوڻي، هندن وٽ گروي ٿي ويون. وياج ايترو وڌيو جو اها ملڪيت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي هندن جي نالي تي ٿي وئي.
بابا پهريان ماستر ٿيو. پوءِ ماستري ڇڏي تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. تپيداري اسڪول ۾ اڪثريت هندو شاگردن جي هوندي هئي.
بابا سڄي سنڌ مان پهريون نمبر کنيو. کيس گربخشاڻي صاحب واري ’شاهه جي رسالي‘ جو پهريون جلد انعام ۾ مليو. اڄ به منهنجي ڪتابن ۾ اهو ’شاهه جو رسالو‘ نهايت نمايان طرح سان رکيل آهي.
پرائمري تعليم
مون کي ابتدائي تعليم لاءِ اسڪول موڪليو ويو. ٻه ٽي مهينا ته کل خوشيءَ ۾ گذري ويا، پر جڏهن استاد چيو ته پڙهه، ته مان پِڙ ڪڍي بيهي رهيس. ڪڏهن چوان بخار آهي، ڪڏهن چوان مٿي ۾ سور، ائين ڪڏهن ڪهڙو بهانو ته ڪڏهن ڪهڙو. هاڻي ماستر صاحب جڏهن پڙهڻ لاءِ زور ڀري، ته روئڻ شروع ڪريو ڇڏيان.
اسان جي پهرين ڪلاس جي استاد جو نالو سائين غلام رسول ٿهيم هيو. سهڻو، قد جو پورو پنو، گهڻو ڪري اونهاري ۾ ململ جو چولو ۽ شلوار پائي اسڪول ايندو هيو، سٺو استاد هيو، جيئن تيئن ڪري پهريون درجو پاس ڪري ٻئي درجي ۾ داخل ڪرايائون. ته هاڻي ٻئي درجي ۾ پڙهڻ کان وري انڪار ڪري ويٺس.
صورتخطي لکڻ لاءِ چون ته نابري واري ويهان. هاڻي جڏهن لکان ئي نه ته سکندس ڇا. هڪ ڏينهن بابا مون کي ڪوٽوارن کان کڻائي اسڪول روانو ٿيو، تڏهن مون کان جيڪي پڳا هيانءُ ڦاڙ رانڀاٽ ڪيم. اهو شايد پهريون ۽ آخري دفعو هيو، جو بابا مون کي دڙڪا ڏنا. ان کان پوءِ مون کي ڪڏهن به دڙڪا نه ڏنائون. مون کي اسڪول وڃڻ لاءِ به نه چيائون. مون کي به ضد ٿي پيو ته اسڪول نه ويندس. سال پورو ٿيو. طئي اهو ٿيو ته ٻيو سال به مون کي ٻئي درجي ۾ رهائجي. مان اٺن سالن جو اچي ٿيو هوس، پر مون کي نقصان جو احساس ئي ڪونه هو. گهر ۾ لاڏلو هئس، سو هر انگل پورو پيو ٿئي، پوءِ اسڪول ڇو وڃان! بابا منهنجي تعليم جي معاملي تان تقريباً هٿ کڻي ويهي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن چوندو هيو ته تعليم حاصل ڪندين ته سٺي زندگي گذاريندين. ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيندين، ڪليڪٽر ٿيندين، وڏو ماڻهو ٿيندين. مون کي اسڪول نه وڃڻ جو ضد هيو. آءٌ مرضيءَ جو مالڪ هيس، مون کي پاڻ کي فيصلو ڪرڻو هيو، مان پنهنجي زندگيءَ پنهنجي آئيندي جو مالڪ پاڻ هيس.
فيصلو ٿيو ته نينگر کي ڇڏي ڏيو. اسڪول وڃي ته ڇا، نه وڃي ته ڇا. ڪجهه ڏينهن گذري ويا، پوءِ ڪجهه مهينا گذري ويا. نه ڪو ضد، نه ڪا ڳالهه ئي. هاڻي اسڪول جي دوستن کي مون miss ڪرڻ شروع ڪيو.
تنگ ٿي اداس ٿي پيس، ڪو مزو ئي ڪونه پيو اچي. يارن دوستن سان اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ راند روند ڪبي هئي، پاڻ ۾ اسڪول جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. دل چوڻ لڳي ته هاڻ مان به اسڪول وڃان، سو انهن دوستن کي چيم ته ”مان به اسڪول هلندس.“
آخر طئي ٿيو ته منهنجو مامو ديدار حسين به گڏ منهنجي ٽيڪ لاءِ مون سان گڏ اسڪول هلندو. مامي کي مڇون نڪتل هيون. مان اٺن سالن جو هئس ۽ مامو 18 سالن جو. منهنجو مامو پڙهي پيو. پوءِ اڳتي هلي دڪان کوليائين ته اها پڙهائي کيس گهڻو ڪم آئي.
پڙهائيءَ تي ٿورو توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ته محسوس ٿيو ته ڪم ايڏو ڏکيو ڪونه آهي، نيون نيون شيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون. ڇوڪرن سان به دوستي وڌڻ لڳي، سائين باگن شاهه به ڌيان ڏنو پئي. واقف هجڻ ڪري وڌيڪ خيال ڪندو هيو، پاڻ ٻئي درجي ۾ حساب ۽ جاگرافي پڙهائيندو هيو. حسابن ۾ ته آءٌ ڏاڍو هوشيار هيس، جاگرافي به چڱي سمجهه ۾ اچي وئي، پڙهي به ويندو هيس، پر صورتخطيءَ مهل تپ چڙهي ويندو هيو.
ٽئين درجي ۾ سائين الله بخش ابڙو (لورڙ)، اصل طيب جو، منهنجو ڪلاس ٽيچر هيو. هُن مون تي توجه ڏنو، مان بدلجڻ شروع ٿيس. ڪلاس جو مانيٽر ٿي ويس. هاڻي صورتخطي به لکي ويندو هئس.
چوٿين درجي ۾ استاد سائين عبدالڪريم سومرو هيو. سومري صاحب منهنجي ڪايا بدلي ڇڏي. مون تي اسڪول جون ذميواريون وڌيون، مانيٽر ڪيو ويس. اسڪول جي ڪلاس جون چاٻيون ۽ گهنڊ وڄائڻ جو ذمو به مون کي ڏنو ويو. مون چوٿون ڪلاس پاس ڪيو ۽ پهريون نمبر آيس.
[b]پرائمري اسڪول ۾ ڪجهه ساٿي
[/b]پهرين ڪلاس پرائمريءَ کان چوٿين ڪلاس پاس ٿيڻ تائين ڪجهه دوست ۽ ساٿي شامل رهيا. ڪجهه رتيديري شهر جا هئا، ڪجهه ٻهراڙين مان آيا ۽ اچي سفر جا ساٿي بڻيا. پهرين درجي ۾ داخلا 55-1954ع ۾ ورتي هئي سون. اهو اٿل پٿل وارو دور هيو. اسان کي ته ان جو ان وقت احساس ڪونه هيو، پر وقت ۽ حالتن، ورهاڱي جي ڪري پاسو بدلايو هيو. هندو اڪثريت ۾ هندستان روانا پئي ٿيا ۽ ٻيا سنبت ۾ هئا. گهر ۽ ملڪيتون خالي ٿي رهيا هئا. هڪ خال ٿي رهيو هو. ٻهراڙيون شهرن جو رخ ڪري رهيون هيون، تعليم پرائڻ جو احساس مسلمانن ۾ اجاگر ٿي رهيو هو.
رتيديري شهر مان الطاف ڀٽي، مان، مشتاق ابڙو، چمن لال ۽ ميهرچند اوڏ، هرنام ۽ رتن لال (هريجن)، سندر، نندلال ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي پڙهي رهيا هئاسون. منظور علي ۽ قربان علي سومرو جاڙا ڀائر بڊي، ڊکڻ مان آيا هئا، قمرالدين جوڻيجو، زنگيجا ڳوٺ مان، پرڪاش کٽواڻي عالم خان اوڍي جي ڳوٺ مان آيا، نور محمد جلباڻي، اگهم ڳوٺ مان ۽ گل محمد لاکٽي، ڀاڳناڙي بلوچستان کان آيو هو. جيئن ته هو بلوچستان مان آيو هو، ان ڪري منظور سومري صلاح ڏنس ته، “تون بلوچ سڏائيندو ڪر”. سڀني دوستن پرائمريءَ جي چوٿين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان به پاس ڪيو.
[b]انگريزي اسڪول جي تعليم
[/b] اسان پهرين اپريل 1959ع تي ميونسپل هاءِ اسڪول رتوديرو ۾ داخلا ورتي. رتيديري ۾ هڪ ئي اسڪول هيو، پر اسڪول پنهنجو مٽ پاڻ هيو. مان بي سيڪشن ۾ پهرئين اسٽينڊرڊ ۾ داخل ٿيس. تنهن زماني ۾ ڪلاس ڪونه هئا. چوٿين سنڌي کان پوءِ ٻار پهرين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ٿيندا هئا، پهريون درجو پاس ڪيوسي. ٻئي درجي ۾ آياسي. ان سال ان کي ڇهون ڪلاس Declare ڪيو ويو ۽ ڪلاس سسٽم شروع ٿيو.
اسان جو پهرين درجي ۾ ڪلاس ٽيچر سائين موهن لال هيو، سٺو استاد، انگي حسابن جو ماهر هيو. هن مون کي مانيٽر چونڊيو ۽ ڪلاس جو انتظام منهنجي حوالي ڪيو. مان سندس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو. هيڊماستر سائين رامچند هيو. اهو به رياضيءَ جو ماهر هيو. جڏهن اسڪول ۾ ڪلاس سسٽم شروع ٿيو ته هي اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿي ويو.
ڇهين ڪلاس ۾ وڃڻ وقت (1960) ۾ سائين موهن لال، جيڪو هاڻي ستين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر هيو. تنهن ڊبل پروموشن لاءِ چيو ته جيئن مان ڇهين مان ستين ڪلاس ۾ داخل ٿيان. اها آڇ سائين رامچند جي به هئي، پر مون دل نه ٻڌي. مون سندن مهرباني مڃي انڪار ڪيو.
[b]عشق جو پاڇو
[/b]اهو وقت اهڙو هيو، جو منهنجي جواني ڪر موڙي رهي هئي. عشق ٿي ويو هڪ ڇوڪريءَ سان، جيڪا اسان جي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. منهنجي چوڌاري انڊلٺ جا ست رنگ پکڙجي ويا. هڪ عجيب جذبو مون ۾ جنم وٺي رهيو هو. ان جذبي مون کي بي پايان سگهه ۽ همت ڏني. ان طاقت کي مون پڙهڻ ۾ ۽ پنهنجي ذات کي ٺاهڻ ۾ لڳايو، ته جيئن اها ڇوڪري مون کي ڀانئي ۽ مون سان پيار ڪري. ڪيترا ڀيرا دل چاهيو ته هن کي چوان ته ”منهنجو تو سان عشق آهي“، پر همت نه ٿي. تان جو اسڪول جو دَور ختم ٿي ويو، رستا بدلجي ويا. هوءَ هڪ دڳ سان مان ٻئي دڳ سان. هوءَ به هاڻي ٻارن ٻچن واري ۽ مان به. اڃان تائين عشق جو اظهار نه ڪري سگهيو آهيان. پر اها حقيقت آهي ته عشق اڃان تائين ساڻس آهي. دل چوندي آهي ته کيس SMS ڪري ئي چوان ته ”I Love you“، پر پوءِ سوچيندو آهيان ته اها ڪيڏي نه مسخري ٿي ويندي، ڍَڪ ڍَڪيل ئي ڀلو.
مون شاعريءَ ۽ ادب ۾ پناهه ڳولهي. اسڪول جي هر مشغوليءَ ۾ اڳ کان اڳرو، پر هن جي اڳيان بي زبان....! ڀٽائي سائينءَ جو جڏهن بيت پڙهيم: ”ڳولهيان ڳولهيان مه لهان....“ ڄڻ مون کي منهنجي بي زبانيءَ جو سبب ملي ويو.
1962ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتم. ڪلاس ٽيچر سائين محمد ابراهيم عباسي هيو، عباسي صاحب سکر مان بدلي ٿي آيو هيو. سندس مٽ مائٽ هتي رهندا هئا. عباسي صاحب وڏي شهر جو پڙهيل ۽ وڏي شهر مان ننڍي شهر ۾ آيو هيو. روشن ضمير ۽ روشن دماغ انسان هيو. هن جا پڙهائڻ جا رنگ ڍنگ نرالا ۽ شاگردن سان ورتاءُ، دلڪش ۽ ڀائن دوستن وارو هيو. اسان جلدي ئي رلي ملي وياسون. اسڪالرشپ جي امتحان لاءِ تياري ڪرايائين، مان سميت ڪافي شاگرد ڪامياب ٿي ويا.
[b]بابا جو انتقال
[/b]انهيءَ سال، 1962ع جي مئي مهيني ۾ حج جي ڏينهن بابا جو انتقال ٿي ويو. مون ته سوچيو به ڪونه هيو. بڙ جي گهاٽي ڇانوَ منهنجي سِرَ تان لهي ويندي ۽ مان پاڻ کي مٿي ۽ پيرين اگهاڙو رڻ پٽ ۾ بيٺل محسوس ڪندس. جڏهن بابا الله سائين کي پيارو ٿيو، مون پاڻ کي 15 سالن جو نه پر تمام وڏو محسوس پئي ڪيو. چلولايون ۽ ٻاراڻيون سوچون سڀ موڪلائي ويون، پر ان لاءِ مان تيز ۽ تکيون ٻرانگهون ڀريون ۽ پنهنجا رويا سنجيده ڪيا. پاڻ کي پڙهائيءَ ۽ ڪتابن ۾ غرق ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ئي مون کي پنهنجو آجپو به نظر اچي رهيو هيو. چاهيم جلد کان جلد پاڻ کي ان لائق ڪجي جو گهر ۽ مائٽن جون ذميواريون سنڀالي سگهجن. منهنجو مامو ديدار حسين، جيڪو هاڻي گهر جو وڏو هيو، سگريٽ ٻيڙين جو دڪان هلائيندو هيو. هن مون کي به چڱي طرح سنڀاليو، پر مون کي پنهنجي مستقبل جو اونو هيو. سو مون پنهنجي جدوجهد ۽ جستجو جاري رکي.
نائون ۽ ڏهون ڪلاس ڀرپور مستيءَ ۽ مشغوليءَ ۾ گذريو. ڄڻ سڄي اسڪول جا حاڪم ئي اسان هئاسون. مان نائين ڪلاس ۾ اسڪول جي راندين جو جنرل ڪئپٽن ٿي ويو هئس. شام جو پوري اهتمام ۽ ڊسيپلن سان رانديون ٿينديون هيون ۽ جنهن ۾ سڀني شاگردن کي به حصو وٺڻو پوندو هيو، جيڪو نه ايندو هيو، ان کي ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ سزا ملندي هئي. مان پنجين ڪلاس کان اسڪول جو مانيٽر هئس.
نائين ڪلاس ۾ سائين عباسيءَ جي مرڻ کان پوءِ سائين عبدالوهاب صديقي ۽ سائين عبدالغني سومرو اسان جا استاد ٿيا. ڪجهه هندستان مان آيل ڇوڪرا، ٻه ڀائر وجيهه الله ۽ سميع الله به اچي اسان جا همڪلاسي ٿيا. اسان کان هيٺين ڪلاس ۾ سيد اشرف عالم شاهه هيو، جيڪو هينئر ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اڃان تائين دوست آهي.
ڏهين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر، سائين غلام رسول سومرو هيو. سائين ميٿيميٽڪس (جيوميٽري، الجبرا ۽ ارٿميٽڪ) پڙهائيندو هيو. هيڊماستر سائين ابوذر صديقي ۽ محمد اقبال انگريزي پڙهائيندا هئا. اهي ٻئي استاد ۽ سائين لطيف الدين، جيڪو سائنس پڙهائيندو هو ۽ سائين عبدالوهاب صديقي، مهاجر هئا. پنهنجي ڪم جا ماهر هئا. سائين عبدالخالق ابڙو ۽ سائين امان الله سيلرو به اسڪول جا دبنگ استاد هئا، پر انهن اسان کي نه پڙهايو. سائين نهال الدين سولنگي سٺو استاد هيو. مولوي محمد ابراهيم قرآن، مذهب ۽ عربيءَ جو استاد هيو. ڏاڍو ڄاڻو ۽ سٺو استاد هيو. صبح جو اسيمبليءَ ۾ تلاوت ڪري سٺي سمجهاڻي ڏيندو هيو. سائين عبدالخالق ابڙو ڪجهه سالن کان پوءِ وفاقي تعليم کاتي ۾ ويو. اتان رٽائر ٿي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. هينئر فوت ٿي ويو آهي.
اسڪول ۾ هندو استادن مان هيڊماستر سائين رامچند نصيرآباد تعلقي وارهه بدلي ٿي ويو ۽ سائين موهن لال هندستان هليو ويو. ڪنهيالال رتيديري مان ئي ريٽائر ٿيو ۽ اتي ئي رهيو. ٻيا ڪجهه استاد به ٻاهران آيا، پر جلدي بدلي ٿي ويندا رهيا، جن ۾ لشڪر خان، گل بيگ، خليل الله، عبدالرحمان ڀٽو (بنگل ديري وارو) ۽ ڪجهه ٻيا به هئا. اسان جا ٽي اهم ترين استاد هئا: امان علي سمون، شمس الدين ابڙو ۽ رجب علي قادري.
رتيديري اسڪول ۾ مان، پرڪاش، منظور، قربان، الطاف ڀٽي، قمر جوڻيجو، مستان علي کوکر ۽ گل محمد بلوچ پاڻ ۾ ويجها دوست هئاسين.
[b]اسڪول جون رانديون
[/b]اسان جو پهريون گرائونڊ شڪارپور واري ناڪي تي هيو، پوءِ اتي رورل هيلٿ سينٽر ٺهڻ ڪري فتح پور محلي ۾ اسڪول جو گرائونڊ منتقل ٿيو، جتي گهڻو ڪري ڪرڪيٽ راند ٿيندي هئي. والي بال راند اسڪول جي ئي اسيمبلي گرائونڊ ۾ پڪي فرش تي ٿيندي هئي.
شام جو ٻار اسيمبلي گرائونڊ ۾ گڏ ٿيندا هئا، انهن جي حاضري لڳندي هئي. ۽ هڪ ئي لائين ۾ گرائونڊ تي پهچندا هئاسي، واپسي به ساڳي نموني ٿيندي هئي، اسڪول ۾ واپس اچي راند جو سامان جمع ڪرائي پوءِ موڪل ڪئي ويندي هئي.
جيڪڏهن ڪو شاگرد بنا موڪل جي غير حاضر رهندو هيو ته ان کي ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ سزا ملندي هئي، انهن ڳالهين ٻارن جي مزاج ۾ Discipline پيدا ڪيو هو.
مان ڪرڪيٽ، والي بال ۽ بيڊمنٽن جو بهترين رانديگر هيس. ڪرڪيٽ ۾ ته مان آل رائونڊر هيس. ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪرڪيٽ ميچ ۾ مون 10 وڪيٽون وٺي ضلعي جو رڪارڊ ٺاهيو هيو، جو ڪو به ٽوڙي نه سگهندو. ها، برابر ضرور ڪري سگهن ٿا.
ضلعي جو بيڊمنٽن ۾ سنگل ۽ ڊبل جو چيمپيئن پڻ رهيس.
والي بال ۾ اسڪول جي ٽيمن جي خلاف ته کيڏيم، پر ٻاهرين ٽيمن کان به مئچون کٽي آيس.
[b]اسڪائوٽنگ[/b]
اسڪائوٽس جي به ٽرينگ ملندي هئي. هر سال قومي ڏينهن تي اسان جي اسڪول جِي رائيفل ٽيم شهر جو گشت ڪندي هئي ۽ شهر وارن کان داد ۽ تحسين ماڻيندي هئي، ان ڏس ۾ اسان ڪوئيٽا تائين به وياسين.
اهو ڪريڊٽ اسان جي ڊرل ٽيچر کي ٿو وڃي. سندس نالو هيو سائين غلام حسين نيازي. سرخ ۽ سفيد رنگ، قد ۾ 6 فوٽن کان ڊگهو، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو. ريٽائرڊ فوجي هيو ۽ پنهنجي ڪم جو وڏو ماهر.
[b]سائين قاضي ۽ خاندان
[/b]سائين قاضي عبدالحئي قائل ڊرائنگ هال سنڀاليندو هيو، ڊرائينگ ٽيچر هيو. هر سال ڊرائينگ جي امتحان لاءِ شاگرد تيار ڪندو هيو. سڄي اسڪول ۾ ڊرائنگ هال خوبصورت ڪمرو هيو. پاڻ نه صرف هن فن جو ماهر، پر شاعر به ڀلو هيو. وڏي ڳالهه ته وڏو اصول پرست هيو. سخت سڀاءَ هجڻ سبب اسان جو سائين کان ساهه ويندو هيو.
سائين جي اولاد ۾ قاضي خضر حيات، قاضي مقصود حيات عرف مقصود ‘گل’، قاصي اختر ۽ قاضي منظر حيات سندس ناميارا لائق فرزند آهن. قاضي ياسر، سائينءَ جو پوٽو آهي. سڀ ڏاڍا ڏاها، علم، ادب، شاعري ۽ آرٽ جا دلداده پڻ، سائين قاضي جو مرتيو سعوديءَ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي جنت الموليٰ، مڪي شريف ۾ تدفين نصيب ٿين.
[b]سائنس هال
[/b]اسڪول جو سائنس هال به زبردست هيو، سائين لطيف الدين، سائنس ٽيچر هيو. ڪمال جو ماڻهو هيو. سنجيده، ڪم سان ڪم رکندڙ. نائين ڪلاس کان اسان جا سائنس جا ڪلاس ۽ Practical شروع ٿيا. سائين کان اسان ڪافي ڪجهه پرايو. ان جي ڪري اسان کي فرسٽ ييئر ۽ انٽر ۾ پريڪٽيڪل ۾ سهوليت ٿي. سندس پٽ ابرار احمد اسان کان ٻه سال سينيئر هيو، اهو انٽر ڪري ڪسٽم ۾ ويو، سائين ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ وڃي آباد ٿيو.
سائين محمد ابراهيم عباسي، سکر کان بدلي ٿي رتيديري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ آيو. سندس ڀيڻ جو رشتو عارباڻين ۾ ٿيل هيو. سائين اٺين ڪلاس ۾ اسان جو ڪلاس ٽيچر هيو. پڙهائڻ ۾ ماشاءَ الله All Rounder هيو. اسان کي مئٿ ۽ انگريزي پڙهائيندو هيو. رک رکاءُ وارو هيو. اسان نائين ڪلاس ۾ هئاسين، جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
[b]سائين عبدالوهاب
[/b]سائين عباسيءَ کان پوءِ سائين عبدالوهاب صديقي اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو. هي به عجيب استاد هيو. شاگردن سان شاگردن جهڙو. اردو ۽ انگريزيءَ جي Hand Writing عاليشان هوندي هئس. مون سندس جهڙي ئي هينڊ رائيٽنگ جي مشق ڪئي، جنهن تي پاڻ فخر ڪندو هيو. نسيم حجازيءَ جا اسلامي/ تاريخي ناول پڙهندو هيو ۽ مون کي به اهي ناول ڏيندو هيو. علامه اقبال جي شاعريءَ جو ته عاشق هيو. اهو دؤر هيو جو مان اردو ادب ڏانهن متوجهه ٿيس ۽ اردوءَ ۾ شاعري پڻ شروع ڪئي. نائين ڪلاس جي بورڊ جي امتحان ۾ اردو ۾ مون کي % 94 مارڪون مليون. ڪاپيءَ جو ته تصور ئي ڪونه هيو. ٿوري وقت لاءِ سائين ديدار حسين شاهه به استاد ٿيو، پر پوءِ ماستري ڇڏي وڪيل وڃي ٿيو.
ان کان سواءِ جيڪي ٻيا ٽيچر هئا، انهن ۾ سائين نهال الدين سولنگي، محمد عالم بوزدار، سائين مير محمد، محمد حسن عارباڻي، عبدالعزيز مرکياڻي نمايان هئا. سائين عبدالعزيز لاءِ چوندا هئا ته هن کي انگريزيءَ جي ڊڪشنري ياد آهي. سائين اسان کي ڪونه پڙهايو، هڪ دفعي خالي پيريڊ ۾ ڊيوٽي لڳس. کيس لڳو ته مان ۽ قمرالدين جوڻيجو مٿس چٿر ڪري رهيا هئاسون. سو مون کي سڏي ايترا ته لڪڻ هنيائين، جو ڳڻڻ کان ٻاهر. استاد عبدالعزيز مرکياڻي طرفان اها مار مون کان اڃان نه وسري آهي. اسان سڀني جو پيارو استاد هوندو هيو، سائين عبدالغني سومرو. والي بال کيڏڻ کان اڳ ۾ سندس اوطاق تي گڏ ٿيندا هئاسون. ڪڏهن مائو کارائيندو هيو ته ڪڏهن پڪوڙا.
اسان جو هيڊماستر سائين ابوذر صديقي هيو. نيڪ نمازي ۽ سٺو منتظم ۽ پڙهائڻ ۾ هوشيار هوندو هيو.
[b]قرآن جي تعليم
[/b]اهو ئي زمانو هيو، جو اسان پابندي سان نماز پڙهندا هئاسون. اسان جي پاڙي ۾ وڏو عالم، علامه سائين مولانا عبدالعزيز سومرو رهندو هو ۽ سندس گهر جي ڀرسان مسجد به هوندي هئي. اڪثر مان اتي ئي وڃي نماز پڙهندو هوس.
پوءِ قرآن شريف جي تعليم به اتي وٺڻ شروع ڪئي. مولوي صاحب جو مدرسو، بس اسٽاپ جي ڀرسان هيو. اتي سائين عبدالعزيز جو نائب، سائين خوش محمد هوندو هيو. ان کان پوءِ آخري سيپارا سائين مولوي محمد سليمان بروهيءَ وٽ پڙهيا. الله سائين کين آخرت ۾ ان جو اجرُ ڏيندو.
[b]هندن جو اثر
[/b]رتوديرو هيو ته ننڍو شهر، پر هندن جي اثر رُسوخ جي ڪري صاف سٿرو شهر هيو. ڇا تعريف ڪجي ان جي. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو خاندان ۽ کهڙي خاندان جو اثر هيو، پر هندو سياستدانن جو وري رتيديري شهر ۾ وڏو اثر هيو ۽ ميونسپلٽيءَ کي هو سنڀاليندا هئا. راءِ صاحب گوڪلداس، سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ رتيديري مان سنڌ جو وزير رهيو.
گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد به رتيديري ۾ آيا. ’آزاد ميدان‘ ته ابوالڪلام آزاد جي نالي تي اڄ به قائم آهي.
ڪانگريس جا هتي ڪافي آشرم هئا، جتي سياسي ۽ سماجي سرگرميون ٿينديون هيون. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندو ڪانگريسي، مسلمانن جي ردِعمل کان گهٻرائجي هڪدم هندستان لڏي هليا ويا.
سائين عبدالرزاق سومري جي آتم ڪٿا ۾ پڙهيم ته رتيديري جو هاءِ اسڪول به ڪنهن سِک ٺهرايو هيو. پوءِ اسڪول ميونسپل ڪميٽي جي حوالي ٿيو.
[b]گهانگهرا ۽ سومرا
[/b]ايوب خان جي بي. ڊي (B.D) اليڪشن کان پوءِ 1962ع ۾ عبدالرزاق سومرو صاحب پهريون چيئرمين ٽائون ڪميٽي ٿيو. اهو ڀٽي صاحب جي وزير خارجه وارو دؤر هيو. ان کان پوءِ عبدالواحد سومرو، ڊگهي عرصي تائين رتيديري جو چيئرمين رهيو. سومرو صاحب شروع ۾ خاڪسار تحريڪ ۽ هاري تحريڪ ۾ رهيو. پر پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي اثر رُسوخ جي ڪري سندس ڪڍ ويو.
پير بخش خان گهانگهري جو سياسي اثر شهر ۾ ڀٽي صاحب جي عمل دخل جي ڪري گهٽجڻ لڳو. گهانگهرو صاحب، ڊگهي عرصي تائين خانبهادر کهڙي جو سياسي رفيق رهيو.
مون کي ياد آهي ته هڪ ڪيس ڀٽو صاحب گهانگهري صاحب جي خلاف سول ڪورٽ ۾ لڙيو هيو. گهانگهرو صاحب 1970 واري اليڪشن کان پوءِ PPP ۾ شامل ٿيو. جڏهن ته کهڙو صاحب سياسي طرح بلڪل غير متحرڪ ٿي ويو. گهانگهري صاحب جي انتقال کانپوءِ علي نواز خان گهانگهرو PPP ۾ سرگرم رهيو. پر پوءِ 1993ع ڌاري ڪجهه اختلافن سبب ممتاز علي ڀٽي صاحب جي Front ۾ هليو ويو. ڪجهه سال اڳ ممتاز صاحب Front به نواز ليگ ۾ ضم ڪري ڇڏي هئي. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته پاڻ نواز ليگ کان به الڳ ٿي ويو آهي.
پير بخش خان گهانگهرو صاحب رتيديري شهر ۽ ڀرپاسي جِي دبنگ شخصيت سمجهيو ويندو هو. سخت اصول پرست ۽ زبردست قسم جو Administrator هو. رتيديري شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي سياست ۾ وڏو اثر رسوخ هوندو هوس. جلباڻي سردارن سان سندس قومي جهيڙا هلندڙ هئا. جلباڻي قوم ان وقت به وڏي زورائتي هئي. گهانگهرو صاحب ڪلاسيڪل طرز جو وڏيرو هيو. هي اُهي ماڻهو هئا، جن جي ڪردار تي فخر ڪري سگهجي ٿو، ۽ کين رول ماڊل سڏي سگهجي ٿو. پاڻ وڏي عرصي تائين ٽائون ڪميٽي رتيديري جا چيئرمين رهيا. اِهي اليڪشنز وڏي ڌم ڌڙاڪي واريون ٿينديون هيون. مٿا ڦاٽندا هئا، ڪرسيون اڇلبيون هيون، تڏهن وڃي ڪو چيئرمين چونڊبو هو.
سندس چار پٽ هئا، غلام رسول خان گهانگهرو، جنهن UBL ۾ نوڪري ڪئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ ٿي ريٽائر ڪيائين. 10 سال کن ٿيندا سندس فوتگي ٿي آهي.
ٻيو پٽ علي حسن خان گهانگهرو، جنهن نوڪري ڪئي، پوءِ وچ ۾ ئي ڪن سببن جي ڪري نوڪري ڇڏي ڏنائين. ڪجهه سال اڳ سندس فوتگي ٿي آهي.
هاڻي سرداري پڳ سندس ٽئين پٽ علي نواز خان گهانگهري تي آهي. هي سردار صاحب، وڪالت به ڪري ٿو ته زمينداري ۽ سياست به. سندس سياسي واسطو نواب ممتاز علي خان ڀُٽي سان آهي.
علي نواز خان سڄاڻ ۽ پنهنجي والد وانگر سخت مزاج ۽ سٺو منتظم آهي. سندس بنياد لاڙڪاڻي ۾ آهي پر پنهنجي ڳوٺ گهانگهرا ۽ رتيديري کي به ٽائيم ڏئي ٿو. چوٿون پٽ علي انور گهانگهرو، جيڪو ليبر ڊپارٽمينٽ مان ڊائريڪٽر ليبر ٿي ڪجهه سال ٿيا ريٽائر ٿيو آهي، هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
عبدالرزاق سومري NJV اسڪول ڪراچي ۾ بطور ٽيچر جي Career جي شروعات ڪئي، پر پوءِ وڪالت پڙهي، وڪالت شروع ڪيائين. پنهنجو مسڪن لاڙڪاڻي کي بنايائين. ڀُٽي صاحب جو ساٿي رهيو. پر ڪڏهن MPA/ MNA، وارين اليڪشنز ۾ ذاتي طرح حصو نه ورتائين جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب ۽ بي بي صاحبه کيس ۽ سندس پٽ کي اهڙي آڇ به ڪئي. کيس بينظير صاحبه ٻه ڀيرا اومان ۽ عرب امارات ۾ سفير مقرر ڪيو. سندس MPA جي اليڪشن نه لڙڻ جي ڪري سائين ديدار حسين شاهه کي اها ٽڪيٽ ڏني وئي. جنهن 1988ع جي اليڪشن ۾ ممتاز علي خان ڀٽي کي شڪست ڏني. سومرو صاحب، ماشاءَ الله حال حيات آهي، الله کيس وڏي عمر عطا ڪري. سينيئر وڪيل ۽ سياستدان آهي. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.
سندس وڏي پٽ آصف عبدالرزاق سومري ۾، ساڳيون پيءَ واريون خصلتون آهن. پيءَ سان گڏ وڪالت ڪري ٿو.
[b]سيد وريل شاهه ۽ ديدار حسين شاهه
[/b]اسان جي سانڀر ۾ جن ماڻهن جو رتيديري جي سياست ۽ سوشل لائيف تي اثر رهيو، انهن ۾ سيد ديدار حسين شاهه به نمايان آهي، پر سائين ديدار شاهه جو ذڪر سائين وريل شاهه جي ذڪر کان سواءِ مڪمل نه ٿيندو.
سائين وريل شاهه، اصل ۾ سائين ديدار حسين شاهه جو Power Head هيو. رتيديري جي سياست ۾ مسلم ليگ جي سياست جو مرڪزي ڪردار پڻ رهيو. جنهن دور ۾ ڪانگريسي هندو شهر ۾ وڏو اثر رکندا هئا ته شهر جو چڱو مڙس صرف سائين وريل شاهه هوندو هو، جيڪو مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اڪيلي سر هندن سان مقابلو ڪندو هيو.
مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت علي جهڙي ٽوپي ۽ ان تي ان ئي اسٽائيل ۾ چنڊ ستارو لڳل هوندو هئس. حشمت واري شخصيت، آواز لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه. سندس آواز پري پري تائين پيو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. وري جو علامه اقبال جا شعر پڙهندو هيو ته ماڻهن ۾ ڄڻ بجلي جي لهر ڊوڙي ويندي هئي. وڏي عزت ۽ مانَ سان ڏٺو ويندو هيو. شهر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جي عهدن تي سياست ڪيائين. سندس تعلق قاضي فضل الله ۽ کهڙي صاحب سان هيو، پر پوءِ ڀٽي صاحب جو گرويده پڻ ٿيو.
اسان جي اسڪول ۾ اڪثر قومي ڏهاڙن جي موقعن تي ايندو هيو ۽ اسان کي پنهنجي تقرير سان گرمائي ويندو هيو. مان اڪثر وٽس ويندو هئس ته مون کي اسڪول ۾ تقريري مقابلي لاءِ تقرير لکي ڏئي. پاڻ خوش ٿيندو هيو ۽ خوشي خوشي مونکي تقرير جا گُر سمجهائيندو هيو.
سندس وڏو پٽ سيد بچل شاهه به سياست ۾ هيو، پر سيد ديدار حسين شاهه، جيڪو سندس ڀائٽيو ۽ نياڻو هيو، تنهن کي سڀني سيدن، سائين وريل شاهه جو سياسي جانشين بڻايو. شاهه صاحب وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ نهايت سٺو وڪيل هو.
سائين ديدار حسين شاهه غريب غربي جي ڪم اچڻ وارو ۽ آفيسرن ۽ سياستدانن سان اُٿڻ ويهڻ وارو. کِلمڪ ۽ ملنسار. نوجوان ۽ پڙهيل لکيل ۽ سياسي خيال هجڻ سبب هو بي نظير ڀٽو صاحبه جي ويجهو اچي ويو. 1988ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪوئي به سياستدان جڏهن ممتاز علي خان سان مقابلي لاءِ تيار نه هيو، ته بي بي صاحبه جي حڪم تي شاهه صاحب ئي اليڪشن وڙهيو ۽ MPA ٿي ويو. سال 1990ع ۾ به شاهه صاحب ئي اها چونڊ کٽي.
1993ع جي چونڊ شاهه صاحب هارائي. بيبي وزيراعظم ٿي وئي ته کيس هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيائين. شاهه صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت سان ريٽائر ڪيو. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن وقت پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو پرو چانسلر آهي. ان وچ ۾ نيب جو به سربراهه رهيو.
[b]ڊبيٽنگ ۽ اسڪائوٽنگ
[/b]جتي ٻيون مشغوليون اسڪول ۾ هونديون هيون، اُتي Debating به هڪ ريگيولر مشغلو هيو. وڏن ڏينهن تي اسڪول ۾ تقريري مقابلو ٿيندو هيو يا وري ساليانه مقابلا. اهي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيندا هئا. مان ڪوشش ڪري هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ تقرير ڪندو هوس. اردوءَ ۾ ضرور تقرير ڪندو هئس ته جيئن اردودان دوستن کي شڪست ڏيان، پوءِ ڪڏهن هُو کٽيندا هئا، ڪڏهن مان کٽيندو هئس.
هر سال ڊويزنل ليول تي شڪارپور ۾ به مقابلا ٿيندا هئا، جنهن ۾ اسان جو اسڪول حصو وٺندو هيو.
ساڳي طرح هر سال اسڪائوٽ جون ڪيمپون پڻ لڳنديون هيون. مونکي 1963ع جي اسڪائوٽ ڪيمپوري ياد آهي، جيڪا ڪوئيٽه ۾ گرمين ۾ لڳي هئي. مون پهريون دفعو گهر جي ڪنهن ڀاتي کان سواءِ سفر ڪيو هيو، ۽ ڪوئيٽه ڏٺي. پوءِ 1970ع ۾ جڏهن فاريسٽ ڪاليج ۾ B.Sc فاريسٽري ڪري رهيو هوس ته ٻيهر ڪوئيٽا ڏٺم.
ڪيمپوريءَ جو مزو ئي پنهنجو هيو، اسان سان سهيل صديقي، گل محمد بلوچ، اڪبر سومرو ۽ چار ٻيا دوست هئا. اڪبر سومرو، محمد رفيع جا فلمي گيت ڳائيندو هيو. گل محمد بلوچ رڌپچاءُ ۽ خانه داريءَ جو ماهر هيو، سهيل جا مائٽ اتي ڪوئيٽه ريلوي ۾ هئا، هو اور آل انتظام جو انچارج هيو.
ان ڪيمپوريءَ جو گروپ فوٽو مان خيرپور ۾ DC هيس ته پنهنجي سرڪاري گهر جي ڊرائينگ روم ۾ لڳائي ڇڏيو هيو. هڪ ڏينهن سيد پرويز علي شاهه مون وٽ آيو، جيڪو ان وقت وزير هيو، اهو گروپ فوٽو ڏسي هن پنهنجو ۽ پنهنجي ڀاءُ جاويد شاهه جيلاني جو فوٽو سڃاتو ۽ ٻڌايائين ته ان ڪيمپوريءَ ۾ اهي به شريڪ هئا.
[b]پارڪ ۽ لئبرري
[/b]رتيديرو شهر ۾ هڪڙو ميونسپل پارڪ به هيو. ايراضيءَ ۾ ته ننڍو هيو پر تمام سٺو پلان ٿيل هيو. ننڍا ننڍا خوبصورت گلن جا ٻارا، گلاب، رابيل ۽ گينڊي جا گل هئا، ڪجهه خوبصورت وڻ به هئا، ڇٻر جا ٻارا پڻ ڏسڻ وٽان هئا. باغ سائو رکڻ لاءِ ٻه مالهي ۽ ٻه چوڪيدار پڻ هئا، جن جي رهائش لاءِ ڪوٺيون ٺهيل هيون. گڏوگڏ پاڻيءَ جي مشين به هئي. بدنصيبيءَ سان اهو باغ هاڻي اجڙي ويو آهي. اتي سول ڪورٽ ۽ جج صاحب جو گهر ٺاهيو ويو آهي.
هينئر واٽر سپلاءِ ۾ پارڪ ٺاهيو اٿائون، پر اهو نالي ۾ پارڪ آهي. 11 اپريل 2015 تي منهنجو اوڏانهن وڃڻ ٿيو ته ڏسي ڏک ٿيو.
شاهه عبداللطيف لائبرري به رتيديري جو شان هوندي هئي، وچ شهر ۾ آزاد ميدان جي لڳ، هاءِ اسڪول جي اولهه طرف، وچ ۾ رڳو رستو، لائبرريءَ جي اولهه ۾ سبزي مارڪيٽ، اوڀر ۾ اسڪول ۽ پوليس لائين، جتي طنبيلن ۾ پوليس جا گهوڙا ٻڌل هوندا هئا. پوءِ ان پوليس لائين ۾ دڪان ٺاهيا ويا ۽ گهوڙا آهستي آهستي گم ٿي ويا، پوليس لائين جي اولهه ۾ گوڪلداس جي نالي سان گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ آهي.
جيستائين راڌو مل انچارج هيو ته هُو ان لائبرريءَ جي سنڀال ڪندو رهيو. شيشي جي ڪٻٽن ۾ ڪتاب پيل، وڏي ٽيبل تي اخبارون ۽ رسالا، حرام جو ڪنهن کي همت ٿئي ته انهن اخبارن مان ڪٽنگ ڪري.
پر افسوس پوءِ اها لائبرري به اجڙي ويئي ۽ اتي دڪان ۽ بئنڪ ٺهي وئي. آزاد ميدان (جنهن لاءِ مشهور آهي ته ابوالڪلام آزاد اتي آيو هيو ۽ جلسو ڪيو هئائين)، اتي به دڪان ٺهي ويا آهن. هاڻي ان ايريا ۾ پنڌ هلڻ به مشڪل پئي نظر آيو.
[b] راءِ صاحب گوڪلداس
[/b]رتيديري شهر جو پنهنجو خوبصورت ماحول ۽ ڪلچر هيو، هندو ۽ مسلمان محبت سان رهندا هئا. سياسي ۽ معاشي طرح هندن جي پوزيشن مٿاهين هئي. راءِ صاحب گوڪلداس هتي جي ميونسپل جو صدر، ۽ M.P.A ۽ وزير رهيو. هن جو تعلق ’مهاسڀا‘ سان هئو. ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خاڪسار تحريڪ جو مخالف هيو. هن پنهنجي وقت ۾ رتيديري کي ترقي وٺرائي. وڏي پئسي وارو ۽ بااصول ماڻهو هيو.
اهو 60-1955 وارو دؤر هيو، جو شهر جا ماڻهو هر سال ٽولن جي صورت ۾، گرميءَ جي مند ۾ رتيديري برانچ تي Picnic ڪرڻ لاءِ انب کڻي ويندا هئا ۽ ماني به اتي تيار ڪندا هئا.
روينيو کاتي جو عملو ۽ عملدار به، هر سال انبن جي موسم ۾ رتيديري برانچ تي Picnic لاءِ ايندا هيا. وڏي موج مستي ٿيندي هئي، مان اٺن ڏهن سالن جو هيس، ته بابا مونکي به پارٽيءَ تي وٺي ويندو هيو. ٻه ٽي سال مان به ويس. هڪ دفعي ته پاڻيءَ ۾ غوطا کاڌا، پر بابا ڪڍي ورتو.
[b]منهنجي وقت جون رانديون
[/b]اسان رات جو پنهنجي پاڙي ۾ ونجهه وٽي کيڏندا هئاسون. اوڙي پاڙي جا بزرگ به راند ڏسڻ ايندا هئا، چِدن راند، نوَٽِڻ ۽ لوڊو راند به کيڏندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن تاش راند به کيڏي وٺندا هئاسون، تاش راند ۾ ميهرچند اوڏ ڄڻ ليڊر هيو، سڀني کي همٿائيندو هيو.
راندين جا مقابلا ضلعي ليول تي ٿيندا هئا. اسان جو اسڪول به لاڙڪاڻي ۾ انهن مقابلن ۾ شريڪ ٿيندو هيو. 1965 ۾ بيڊمنٽن جو ضلعي جو ٽورنامينٽ ٿي. سڀني تعلقن جون ٽيمون آيون. اسان جي اسڪول مان منشارام (سرڳواسي) ۽ مان نمائندگي ڪري رهيا هئاسون. اسان ته بس لاڙڪاڻي گهمڻ جي شوق ۾ ويا هئاسون، پر سِنگل ۾ مان ۽ ڊبل ۾ مان ۽ منشارام ٽورنامينٽ کٽي. سڄي ضلعي کي، خاص طرح گورنمينٽ پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي کي حيران ڪري ڇڏيوسي، جيڪو راندين جي مقابلن جو ميزبان هيو.
[b]ڪليڪٽر[/b]
جڏهن مان لسٽ تي صحيح ڪرڻ ويس ته منهنجي ڊگهي صحيح ڏسي هيڊماستر سائين واحد بخش شيخ، جيڪو دبنگ استاد هيو، مون کي چوڻ لڳو: “صحي ته ايڏي ٿو ڪرين، ڄڻ لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر هجين.” مان مسڪرائي کڻي چپ ڪيو.
پوءِ جڏهن مان واقعي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر ٿيس ته سائين واحد بخش شيخ سان ملڻ ويس. ريٽائرڊ هيو ۽ جهونو به ٿي ويو هو. مون کيس اهو واقعو ٻڌايو ۽ چيو ته توهان سٺا لفظ وات مان ڪڍيا ۽ هاڻي مان لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر آهيان، هُو ڏاڍو خوش ٿيو.
ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ به لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول سان مقابلو ٿيو. مئچ اسان بُري طرح هارائي. لاڙڪاڻي 71 رنسون ڪيون هيون، پر اسان جي اسڪول 17 رنسون ٺاهيون. مان آل رائونڊر هيس، 10 وڪيٽون ته ورتيون، پر بيٽنگ ۾ ڪو ٻُوٽو نه ٻاري سگهيس.
منهنجي ڊي. سي جي زماني ۾ هڪ ڪرڪيٽ جي مئچ ۾ چيف گيسٽ طور ويس. مڪاني صاحب ۽ هادي بخش بلوچ مئچ جي امپائرنگ پئي ڪئي. ڪمپيئرنگ دوران مڪاني صاحب اِهو چئي مون کي حيران ڪري ڇڏيو ته، “عبدالقادر منگي پاڻ ڪرڪيٽ جو رانديگر رهيو آهي، هن جو 10 وڪيٽن جو رڪارڊ ڪوبه نٿو ٽوڙي سگهي.”
مان کانئس پڇيو ته هن کي ڪيئن خبر پئي؟ ته ٻڌايائين ته هو پاڻ ۽ هادي بخش بلوچ اُن مئچ جا ٻه امپائر هئا، جيڪا اسان ڪنهن وقت هارائي هئي.
[b]جوڳيءَ جو باغ
[/b]رتيديري ۾ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي روڊ سان ڦِٽل سکر واهه جي ڪنڌيءَ تي جوڳيءَ جو باغ هوندو هيو، پوءِ اهو باغ نيراعظم جي والد کي ڪِليم ۾ مليو. رتيديري جو سٺو باغ هيو، ميون جا وڻ ۽ سبزيون پوکيون وينديون هيون، پوءِ آهستي آهستي ڦِٽي ويو.
ڀُٽن جي وانڍ ڏي الله ڏني ڀٽي جي واڙي هئي. هڪڙو کوهه هيس، ان جي نار تي پوک ٿيندي هئي. هڪ دفعي مان، رحيم بخش ڀٽو ۽ علي گوهر ڀٽو اُن کوهه ۾ ترڻ لاءِ اندر لٿاسي. هو ٻئي ته کوهه ۾ ترندا هئا، پر منهنجي لاءِ اهو پهريون موقعو هيو. ڏاڍو ڊپ لڳو، جلدي نڪري آيس.
نيراعظم اسان کان ٻه سال سينيئر هيو ۽ سندس ڀيڻ فرحت، هڪ سال سينيئر هئي. نير جو پيءُ، اعظم شاعر هوندو هيو. هن جو هڪڙو شعر مونکي اڃان ياد آهي.
اعظم تمام عمر غریب الوطن رہا
خانہ بدوش کا کہیں گهر نہیں۔
نيراعظم، نيويءَ ۾ ويو ۽ ڪمانڊر ٿي ريٽائر ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ Settled آهي. سندس ڀيڻ فرحت ڊاڪٽري پاس ڪري ڪِنگ ايڊورڊ ڪاليج ۾ پڙهائيندي هئي. هينئر ريٽائر ڪيو اٿائين، شادي به لاهور ۾ ڪئي اٿائين. 2010 ۾ نيراعظم جي پٽ جي ڪراچيءَ ۾ شادي هئي. اتي 45 سالن کان پوءِ نير جي فيملي ۽ فرحت سان ملاقات ٿي.
[b]باغ جو مالهي ۽ ڊي. سي
[/b]ٻيو باغ شهر جي اوڀر ۾ ’مهراج جو باغ‘ هوندو هو، ان ۾ زيتون ۽ ٻيرن جا وڻ هوندا هئا ۽ سبزي به پوکي ويندي هئي.
1997 ۾ DC لاڙڪاڻي جي حيثيت ۾ رتيديري لاءِ واٽر سپلاءِ جي مقصد سان زمين چونڊڻي هئي. ان پاسي گذر ٿيو، باغ ۾ اهي وڻ اڃا جوڀن ۾ هئا. مارچ جو مهينو هيو. ٻيرين ۾ پڪل ٻير لڳل هئا. دل سٽ ڏني ته ننڍي هوندي وانگر وڃجي ۽ باغ مان ٻير پٽي کائجن. گاڏي روڪرايم. مون سان روينيو ۽ پوليس آفيسر گڏ هئا. اسان لهي باغ ڏي وڌياسي ته پري کان چوڪيدار ڀڄندو آيو. چيائين ته ”ٻير پٽڻ نه ڏيندس. مون چيو: “پيسا وٺ.” چيائين “نه، پيسا به نه وٺندس، باغ وڪاميل آهي.” مون کي ٻير پٽي کائڻا هئا، مالهيءَ جي انڪار تي منجهي پيس. زبردستي ڪرڻ به مناسب نه هيو. SDM ۽ DSP هن کي چوڻ لڳا ته صاحب DC آهي، اسان ٻه ٽي ٻير پٽينداسون. هن چيو، “صاحب ڪير به هجي. آءٌ ٻير پٽڻ نه ڏيندس.” مختيارڪار کان پڇيم ته، “تپيدار آهي؟” تپيدار آيو، ان کي چيم ته تون کيس سمجهاءِ. پوءِ اهو مسئلو تپيدار حل ڪري ڏنو. مالهي وڌي اڳتي آيو، مون کان هٿ ٻڌي معافي ورتائين. چوڻ لڳو “سائين مان اڻ پڙهيل ماڻهو مونکي ڪهڙي خبر، مون ته پنهنجو فرض پئي پورو ڪيو.” مون کيس شابس ڏني، ٻه ٽي ٻير پٽي کاڌا، کيس سؤ روپيه خرچي ڏني، جيڪا نه ورتائين.
مون کي ٻير، زيتون، بيهه، پٻڻ جون ٽڪيون، چڻن جا ڦوٽا ۽ مٽرن جون ڦريون تمام گهڻو وڻنديون آهن، جيڪي هاڻي به شوق سان کائيندو رهندو آهيان.
[b]ادب ڏانهن لاڙو
[/b]مان ستين اٺين ڪلاس کان اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي هئي. رهبر ڊائجسٽ ۽ بادل رسالي، يا اخبارن ۾ پڻ منهنجا مضمون ۽ شاعري شايع ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي.
[b]ڪورس جا پراڻا ڪتاب
[/b]مان شروع کان پاڻ ۾ اها عادت وڌي ته پراڻا ڪتاب وٺي، انهن کي پاڻ ئي جلد چاڙهي استعمال ڪندو هيس. نه صرف ايترو، پر سال جي ختم ٿيڻ تي اهي ڪتاب ڏئي، ٻئي سال جا ڪتاب وٺندو هيس. مون کي ڏسي منهنجن ٻين ڪيترن دوستن به اها روش اختيار ڪئي، جنهن سان سندن مٽن مائٽن تان خرچن جو ڪجهه وزن گهٽ ٿيو.
[b]امتحان رات ۽ فيض احمد فيض جو مشاعرو
[/b]ان وقت جڏهن اسان 1964 ۽ 1965 ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو امتحان ڏئي رهيا هئاسون ته رتيديري ۾ امتحانن جو مرڪز ڪونه هيو.
رسول بخش منگي صاحب، ڪيفي عزيز ۽ المدينه جي لڳ وچ شهر ۾ رهندو هيو. پاڻ مختيارڪار هيو، بابا سان گڏ ڪم ڪيو هئائين. سندس بي انتها عزت ۽ لحاظ ڪندو هو. هن جي گهر واري به استاد هئي، گرلس اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي. سلجهيل ۽ فضيلت واري عورت هئي. ادي نجمه منهنجو حال احوال وٺندي ۽ پڇندي هئي ته پڙهائيءَ ۾ ڪنهن مدد جي ضرورت ته ڪونه آهي؟ مان سندس ٿورو مڃيندو هيس.
هڪ رات جناح باغ ۾ مشاعرو هيو. ٻئي ڏينهن تي اسان جو انگريزيءَ جو پرچو هيو. مشاعري ۾ فيض احمد فيض ۽ ٻيا مشهور شاعر آيا هئا. منهنجن دوستن: منظور سومري، پرڪاش ۽ ٻين پروگرام ٺاهيو ته رات جناح باغ ۾ مشاعري تي هلبو.
مون رات جي ماني کاڌي. ادي نجمه کي چيو ته “ادي مان مشاعري تي ٿو وڃان.” هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. ‘صبح جو انگريزي جو پرچو، رات جو ڇوڪرو هليو آ مشاعري تي.’ ڏٺم ته ڪجهه پريشان ٿي وئي هئي. چوڻ لڳي، ” صبح جو توهان جو پيپر ڪونهي ڇا؟“
بيپرواهيءَ سان وراڻيو هيم، ”ادي آهي، انگريزيءَ جو پيپر آهي!“
”پوءِ توهان رات پڙهندا نه؟“ هن پڇيو هو.
مان چيو هيو ”ادي سڄو سال ته پڙهيو آهي!“ ائين چئي مان گهران نڪري مشاعري لاءِ هليو ويس. هاڻي سائين فيض صاحب شعر پڙهي ته اتان اُٿون! فيض صاحب جو آخر ۾ وارو آيو. هن کي ٻڌوسين. پوءِ کانئس سندس آٽوگراف ورتو ۽ گهر آيس.
صبح جو ادي نجمه ناشتو کڻي آئي ۽ مون سان حال احوال ڪرڻ لاءِ ويٺي. مون هن ڏي نهارڻ کان سواءِ آرام سان ناشتو ڪيو. سندس ڳالهين جو مختصر جواب ڏيندو رهيس.
پيپر ڏئي آيس ته اهو وٺي مون کان سوالن جا جواب پڇندي رهي. مان صحيح جواب ڏيندو رهيس.
آخر ۾ مسڪرائي پڇيائين ته ”سؤ مان گهڻيون مارڪون کڻندؤ؟“ مون ڳنڀيرتا سان وراڻيو: 75.
پوءِ جڏهن نتيجو نڪتو ته، مان مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئي. مان کيس Thanks چوڻ ويو هوس، ۽ ٻڌايم ته انگريزيءَ ۾ 76 سيڪڙو مارڪون مليون آهن.
گهر وارن اهو فيصلو ڪيو ته انٽر سائنس ۾ پڙهڻ گهرجي، پوءِ جا فيصلا پوءِ. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
[b]ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پري انجنيئرنگ ۾ داخلا
[/b]پهريون ڏينهن ڪاليج ۾ عجيب فخر ۽ اتساهه جو هيو. هاڻي اسان اسڪول مان ترقي ڪري ڪاليج ۾ پهتا هئاسين. اسان سان رتيديري جا Senior شاگرد هئا ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين شهرن جا شاگرد به هئا، تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي پريشاني ۽ گهٻراهٽ ڪونه ٿي. مهيني ٻن کان پوءِ رتيديري جا استاد، سائين محمد صديق ڀٽو (ڪيمسٽري) ۽ محمد پناهه ابڙو (Botany)، قربان علي راڄپر (Zoology) جا استاد به بدلي ٿي هن ئي ڪاليج ۾ آيا، جيڪي اسان کي سڃاڻيندا هئا ۽ اسان جا ڄڻ God Father هئا. مون ڪجهه سوچي پِري انجينئرنگ ۾ داخلا ورتي. پري ميڊيڪل جي مقابلي ۾ پِري انجنيئرنگ جو ڪورس چار سالن جو هيو ۽ Pre-Medical جو 5 سال ۽ هڪ سال هائوس جاب. منهنجو خيال اهو هيو ته مئٿميٽڪس ۾ مان مارڪون وڌيڪ کڻي سگهان ٿو. جنهن جي ڪري مونکي ميرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻي آهي، جنهن سان گهر وارن تي مالي بار گهٽ پوندو. مان پنهنجي جاءِ تي درست هيس. پر پاڻ تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيم.
اسان رتيديري مان جن جن دوستن مئٽرڪ پاس ڪئي، انهن مان قمرالدين جوڻيجو، پرڪاش کٽواڻي ۽ مون لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جڏهن ته منظور سومري ۽ سندس جاڙي ڀاءُ قربان سومري ۽ الطاف ڀٽي، حيدرآباد ۾ ڪاري موريءَ واري ڪاليج ۾ داخلا ورتي.
گل محمد بلوچ ۽ مستان علي کوکر، ڪاليج آف اينيمل هسبنڊري لاهور ۾ داخلا ورتي. ٻئي سال قمرالدين جوڻيجي به اتي وڃي داخلا ورتي.
اسان لاڙڪاڻي ڪاليج جي هاسٽل ۾ نئين دنيا وڃي آباد ڪئي. گهر کان ٻاهر رهڻ جو اهو پهريون تجربو هيو. پاڻ تي ڀاڙڻ، پاڻ کي سنڀالڻ جي گهڻي ڏکيائي نه ٿي. مان شروع کان ئي راندين ۽ اسڪائوٽنگ ۾ رهي چڪو هوس.
پئسن ڏوڪڙن جي به تنگي نه ٿيندي هئي، جو هڪ ته ميرٽ اسڪالرشپ ملندي هئي ۽ ٻيو ضرورت آهر گهر وارن کان ڪجهه پئسا به ملي ويندا هئا. پڙهائيءَ ۾ ٺيڪ هيس. تنهن ڪري ڪلاس روم ۾ ادائگي به سٺي رهندي آئي. شام جو هاسٽل جي آڳر ۾ والي بال کيڏندا هئاسون.
اتي نئون ماحول هو. پرڪاش اسان جي هاسٽل جي ڀرسان ئي ڌرمشالا ۾ رهندو هيو، ماني به اتي کائيندو هيو. اسان جو هڪ ٻئي وٽ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ڪاليج به سائيڪلن تي گڏ ويندا هئاسون ۽ واپسي به گڏ ٿيندي هئي. مون وٽ سائيڪل هئي ۽ هُن وٽ به. جنهن تي سوار ٿيڻ وقت ائين لڳندو هيو، ڄڻ شهزادا هجون. اڪثر شاگرد ته هڪ ٻه ڪلوميٽر تي موجود ڪاليج ڏانهن پنڌ ايندا ويندا هئا. پرڪاش پري ميڊيڪل ۾ هيو ۽ مان پري انجينرئنگ ۾. سواءِ هڪ سبجيڪٽ جي، ٻيا سڀ سبجيڪٽ ڪامن هئا. مئٿس ۽ Biology الڳ هوندا هئا. وزير شيخ، شريف شيخ ۽ شهزادو شيخ، انهن سالن ۾ پري ميڊيڪل ۾ پڙهندا هئا. شهزادو انٽر ۾ اچي داخل ٿيو هيو. وزير ۽ شريف ڊاڪٽر ٿي ويا. وزيرَ وڏو نالو ڪڍيو. CMC جو پرنسپل ۽ M.S ٿيو. شهزادي شيخ CSS ڪئي ۽ آڊٽ ۽ اڪائونٽ سروس ۾ ويو. سنڌ جو Finance Secretary ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ فيڊرل سيڪريٽري ٿيو. پاڪستان شريعت ڪورٽ جو جسٽس صاحب آهي.
[b]شاگرد يونين
[/b]اسان اسٽوڊنٽ يونين جي اليڪشن ۾ حبيب الله ناريجي ۽ قربان عباسيءَ لاءِ ڪم ڪيو سي. حالانڪه ناريجو، جيئي سنڌ سان لاڳاپيل هيو ۽ قربان عباسي محترم جان محمد عباسيءَ جو پٽ هيو، جيڪو پوءِ، جماعت اسلاميءَ جو امير/ نائب امير ٿيو. تنهن زماني ۾ دشمنيون ڪونه هيون ۽ سڀ ميٺ محبت سان رهندا هئا.
[b]استاد بخاري
[/b]اسان کي (66-1965 ۾) سائين استاد بخاري ۽ عبدالڪريم سنديلو صاحب سنڌي پڙهائيندا هيا. انگريزي امداد صاحب، فزڪس وسيم صاحب ۽ ڪيمسٽري محمد صديق ڀٽو صاحب پڙهائي. مئٿس مشتاق صاحب پڙهائيندو هيو. پنجابي هيو، پر پنهنجي سبجيڪٽ جو هوشيار هيو، پرنسپل محمد علي خان هيو، ڏيک ويک ۾ جهڙو انگريز. ائڊمنسٽريشن به زبردست هوندي هيس. هڪ دفعي سائين غلام مصطفيٰ شاهه (ڊائريڪٽر ڪاليجز) اسان جي ڪاليج ۾ آيو. مون کي ياد آهي اٽڪل اڌ ڪلاڪ کن ڏاڪڻ تي بيهي انگريزي ۾ ليڪچر ڏنائين، ڇا ته انگريزي! ۽ ڇا ته Personality. پوءِ سائينءَ سان آخري ملاقات 1989ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جڏهن بينظير صاحبه جي پهرين حڪومت ۾، سائين وفاقي وزيرِ تعليم هيو.