3. مئي 1975ع کان سيپٽمبر 1979 تائين
[/b]انهن ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ، رتيديري عيد جي موڪلن تي فيمليءَ سان آيس، دوستن سان ملاقاتون ٿيون. رجب علي قادريءَ ۽ پرڪاش سان ڪچهريون ٿيون. رجب عليءَ کيسي مان هڪ اخبار جي ڪَٽنگ ڪڍي مونکي ڏيکاري. جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سڌي ڀرتي لاءِ اهل اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون هيون.
رجب عليءَ چيو ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ڊي ايس پي سڌا ڀرتي ڪيا اٿائون، تون هن پوسٽ لاءِ ڪوشش ڪر.
هن جو چوڻ هيو ته علي حسن منگي صاحب جي معرفت مان ڪوشش ڪريان. قادري صاحب جي مرضي هئي ته سرور منگي (منهنجو ماسات) ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ ۾ هو، جيڪو رهندو ئي منگي صاحب جي گهر ۾ هو، ان جي معرفت منگي صاحب کي Push ڪرائجي.
رجب علي منهنجا سرٽيفڪيٽ کڻي ويو، انهن جا duplicate ٽائيپ ڪري Attest ڪرائي ۽ درخواست به تيار ڪرائي کڻي آيو. ان دؤر ۾ فوٽو اسٽيٽ جو رواج ڪونه هيو، مون کان درخواست تي صحيح ورتائين، هڪ درخواست چيف سيڪريٽري ۽ ٻي سرور منگي کي registered post ڪرايائين. ان وقت ئي مون کي PCO تي وٺي آيو. سرور منگيءَ سان حال احوال ڪيائين. سرور به رجب عليءَ جو شاگرد رهيو هيو. هن کي سندس نيڪ نيتيءَ ۾ شڪ نه هيو.
[b]اسسٽنٽ ڪمشنر جو انٽريو
[/b]اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ ڪمشنر سکر وٽ انٽرويو ٿيو. فائينل انٽرويو چيف سيڪريٽري سنڌ، محترم سعيد احمد قريشيءَ وٽ ٿيو، منگي صاحب هڻي وڃي هنڌ ڪيو. منهنجي تقرري بطور اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي وئي. نتيجو 31 مارچ کان اڳ ۾ آيو. 1 مئي 1975 تي پشاور PCS اڪيڊمي ۾ پهتم، اتي Commander Izzat ڊائريڪٽر جنرل هيو. دبنگ ماڻهو هيو. KDA ۾ به DG ٿي رهيو هيو. اسان جي 4 مهينن جي ٽريننگ هئي. آخري هفتو سنڌ جي Tour تي ٻڌل هيو. ان کان پوءِ اڪيڊميءَ مان موڪل ملي. ان بعد اسان کي فيلڊ ۾ نه موڪليو ويو. پهريان بورڊ آف روينيو ۾ ميجر ايڪٽ ۽ لئنڊ روينيو ايڪٽ ۽ روينيو ڪوڊ ۽ سرڪيولر پڙهايائون.
چيائون ته اڃا سبق ڪچو آهي. وڌيڪ چئن هفتن لاءِ لوڪل گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام ڏانهن موڪليائون. چونڊيل دوستن جو تعداد 36 هيو ۽ انهن جا نالا هيءَ آهن.
1. محمد عامر انصاري (ڪراچي): هن شروع ۾ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پر پوءِ وري نوڪري Join ڪئي، پڪو MQM جو آهي، سينٽرل ضلعي جو DC ٿيو ۽ پوءِ وري استعيفيٰ ڏئي ويو، هينئر پنهنجي ڪمپني ٿو هلائي.
2. منهاج الدين: هي به ڪراچيءَ جو هيو. بنگالي/ بهاري بئڪ گرائونڊ هيس. خوش باش قسم جو ماڻهو هيو. گهاري ۾ 1980ع ۾ SDM هيو، اتي دل جو دورو پيس ۽ فوت ٿي ويو.
3. اسد الله خان: ڪراچيءَ جو هيو. هن جي پوسٽنگ گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ رهي، آخري Posting ڪمشنر SESSI ٿي هيس، جتان 1999 ۾ رٽائرڊ ٿيو. ٻار ٻچا آمريڪا ۽ ڪئناڊا رهنس ٿا. پاڻ به ڪڏهن اوڏانهن ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي.
4. خواجه شفيق: خواجه نويد، مشهور وڪيل جو وڏو ڀاءُ آهي، پاڻ به تيز ۽ ڄاڻو ماڻهو آهي. CSS ۾ ويٺو. انڪم ٽيڪس گروپ آيس. ڪجهه عرصو انڪم ٽيڪس ۾ نوڪري ڪيائين وري واپس آيو. هن ڪراچي ۽ ٻهراڙين ۾ به نوڪري ڪئي. خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر، شڪارپور ۽ سکر جو DCO به رهيو.
5. رشيد عالم: ڪراچيءَ جو آهي، آخر ۾ سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ڪيائين. موري ۾ به AC/SDM ٿي رهيو.
6. فرحت راشد ۽ 7. ملڪه جبين عالم: هي ٻئي خواتين ڪراچيءَ جون آهن، پشاور ۾ يا حيدرآباد ۾ ٽريننگ لاءِ ڪونه آيون. سندن posting ڪراچيءَ ۾ رهي، فرحت راشد برجستي خاتون ۽ آفيسر آهي. ڪجهه وقت مشرف جي دؤر ۾ ٺٽي جي DC به ٿي رهي.
8. غلام حسين قريشي: دادو ضلعي جو آهي، چاڪر علي خان جوڻيجو سندس ڀيڻويو آهي. AC ٿيڻ کان اڳ ۾ لوڪل باڊيز ۾ چيف آفيسر هيو. سڌو، سٻاجهو ۽ سادو ماڻهو آهي. نوڪريءَ دوران ڪنهن سان دوستي گهٽ رکيائين. گهڻوڪري اسٽاف posting تي رهيو. پر آخري سالن ۾ DC ٿرپارڪر رهيو. اتان بدلي ٿيس ته Inspector General (آءِ. جي) رجسٽريشن ٿيو، جيڪا سنڌ ۾ سٺي ۾ سٺي پوسٽ سمجهي ويندي آهي. هاڻي منهنجو ويجهو يار آهي. کيس الله خوش رکي، اسان دوست کيس “ڌِيئن جهڙو پٽ” چوندا آهيون.
9. منظور علي اعواڻ: جيڪب آباد جو آهي، ڪافي سال اتي DC آفيس ۾ نوڪري ڪيائين پوءِ AC ٿيو. ڄاڻو ماڻهو ۽ برجستو آفيسر آهي. سکر ۾ AC/SDM، ACG ۽ AC/SDM شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو رهيو آهي. DC خيرپور ۽ ڊائريڪٽر فوڊ سنڌ به رهيو. اڄڪلهه اومبڊس مئن جي آفيس ۾ ڪنسلٽنٽ آهي.
10. عبدالقادر منگي: توهان جو پنهنجو.
11. مير شفقت حسين ٽالپر: سوڀي ديري ضلعي خيرپور جو آهي. مشهور ڪاموري ۽ شخصيت مير شهداد خان ٽالپر جو پٽ آهي. مير شهداد ٽالپر ڊي سي جيڪب آباد رهيو ۽ اتي Heart attack ٿيس ۽ فوت ٿي ويو، مير شهداد خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو ذاتي دوست رهيو. مير شفقت AC/SDM ۽ ڊي سي رهيو. آخر ۾ بورڊ آف روينيو جي ميمبر طور ريٽائرڊ ٿيو. مير صاحب روينيو جي ڪم ۽ زراعت جو ماهر آهي. هاڻي پنهنجي فيمليءَ جي زمين سوڀي ديري ۾ سنڀالي ٿو. ڪامياب ۽ خوشحال زميندار آهي. سندس اولاد سٺين نوڪرين تي لڳل آهن. سندس پٽ بئريسٽر محمد علي ناليوارو وڪيل آهي.
12. پير ضياءُ الحق سهروردي: پير ضياءُ ڀريا شهر، نوشهري ضلعي جو آهي. مرحوم پير قربان، جيڪو گڏيل نوابشاهه ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هيو، ان جو ڏوهٽو آهي. پير ضيا AC ٿيڻ کان اڳ ۾ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هيو. گهڻي نوڪري حيدرآباد ۾ ڪئي اٿس. رٽائرڊ ٿيڻ وقت سکر جو DCO هيو. برجستو آفيسر هيو، تمام گهڻو اٿڻ ويهڻ اٿس. يار باش ماڻهو. شادي غميءَ ۾ دوستن سان پير کڻڻ ۾ پوئتي نه رهندو آهي. منهنجو گهاٽو يار آهي. حيدرآباد ويندو آهيان ته سندس ميزبانيءَ مان ضرور لطف اندوز ٿيندو آهيان.
13. خالد ميان راڄپر: نوشهري فيروز ضلعي ۾ سردار احمد خان جو پٽ ۽ هاڻي راجپر قوم جو سردار آهي. نوڪريءَ دوران ڪجهه مسئلا ٿيس، هاڻي زمينداري، سرداري ۽ سياست ڪري ٿو. هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو.
14. زين العابدين شاهه: نوابشاهه جي مشهور شاهه خاندان جو چشم و چراغ، پيارو انسان آهي. شروع ۾ ئي نوڪري ڇڏي ويو. منهنجي 03-2002 ۾ نوابشاهه ۾ DCO هجڻ واري دور ۾ ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
15. علي بخش انڙ: نوابشاهه جي انڙ خاندان مان هيو. هي به زين العابدين شاهه سان گڏ نوڪري ڇڏي ويو. فوت ٿي ويو آهي.
16. قربان علي ميمڻ: نوابشاهه جو هيو. عبدالفتاح ميمڻ PPP جي ڊپٽي سيڪريٽريءَ جنرل جو ڀاءُ هيو. MLO-55 جي ٽيسٽ ۾ سندس گريڊ گهٽائي سيڪشن آفيسر ڪيو ويو. ويجهڙائيءَ ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو آهي.
17. عطا حسين سهتو: هن کي به سيڪشن آفيسر ڪيو ويو، نوشهري فيروز جو آهي.
18. عبدالعزيز سنجراڻي: سانگهڙ/ نوابشاهه جو هيو. هن کي به MLO-55 ۾ مختيارڪار ڪيو ويو، ڪافي عرصو ٿيو فوت ٿي ويو آهي. مشهور سياستدان عبدالقادر سنجراڻيءَ جو پٽ هيو.
19. عطا محمد عباسي: دادو ضلعي جي محترم غلا محمد عباسيءَ، سيڪريٽري ٽو CM جو ڀاءُ، هينئر رٽائرڊ ٿيو آهي.
20. سيد انور علي شاهه: ميهڙ، ضلعي دادو جو هيو. ڪافي سال ٿيا اٿس ته فوت ٿي ويو آهي. ٿر ۽ ڪراچي اِيسٽ ۾ ڊي سي ٿي رهيو.
21. محمد عثمان منگي: لاڙڪاڻي جو، پر هينئر حيدرآباد ۾ رهي ٿو. منهنجي ۽ عثمان صاحب جي مٽي مائٽي ٿيل آهي. MLO-55 ۾ کيس مختيار ڪيو ويو. هينئر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ Director Estate آهي. ڏاڍو سوشل ۽ علم دوست ماڻهو آهي. ماڻڪ موتي تنظيم جي وسيلي ڪافي فنڪشن ڪندو ٿو رهي. سنڌ جي عالمن اديبن بابت ڪتاب به ڇپايا اٿائين.
22. ارشد مغل: عبدالرئوف مغل وڪيل جو پٽ، اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي. MLO-55 ۾ کيس مختيار ڪيو ويو. نوڪريءَ ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪندي سنڌين جي دشمنن جي گوليءَ جو بَک ٿي جواني ۾ ئي شهيد ٿي ويو. منهنجو پيارو دوست هيو. هيءُ بئچ ۾ ننڍي عمر وارو آفيسر هيو.
23. احمد علي کوکر: لاڙڪاڻي جي مشهور کوکر فيمليءَ مان علي انور کوکر (مشهور آفيسر) جو ڀيڻويو آهي. MLO-55 ۾ نوڪريءَ مان نڪري ويو. هاڻي ڪاروبار ڪري رهيو آهي.
24. احمد بخش کوکر: ڏوڪريءَ تعلقي، لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي. دبنگ آفيسر آهي. خيرپور ۾ DC رهيو. لاڙڪاڻي، بدين، خيرپور، نوابشاهه ۾ DCO رهيو. سيڪريٽري ٿي رٽائر ڪيائين. هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري ٿو. اسان سندس قدبت جي ڪري کيس SP کوکر چوندا هئاسون.
25. عبيدالله لاکو: بنگل ديري، ضلعي لاڙڪاڻي جو هيو. هن جو والد صاحب مولوي غلام يحيــيٰ مشهور سياسي ورڪر هيو. ڀٽو صاحب کيس تمام گهڻو ڀائيندو هيو. عبيدالله کي جوانيءَ ۾ ئي دل جو دورو پيو ۽ فوت ٿي ويو.
26. غلام الرسول انڙ: جيڪب آباد جو آهي. نوڪريءَ کان اڳ ۾ وڪالت ڪندو هيو. MLO-55 ۾ کيس نوڪريءَ مان آجو ڪيو ويو.
27. آغا اشفاق پٺاڻ: شڪارپور جو مست قلندر ماڻهو آهي. MLO-55 ۾ کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.
28. احمد فهيم مغل: اصل شڪارپور جو آهي. سٺو سيبتو هميشه مدد ڪرڻ لاءِ تيار. PPP بينظير صاحبه جي پهرئين دؤر ۾ آصف زرداري صاحب جو سيڪريٽري هيو. سندس حڪومت وڃڻ کان پوءِ کيس ڏاڍي تڪليف آئي، پر احمد فهيم مغل صاحب پير کوڙي بيهي رهيو. نه زرداري صاحب خلاف سلطاني گواهه ٿيو ۽ نه پاسو ڇڏيائين، هاڻي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به زرداري صاحب جو سيڪريٽري آهي. اهڙا اصول ۽ همٿ وارا ماڻهو گهٽ ملندا. اسان جي شادي براديءَ تي اچ وڃ آهي. الله کيس ساڃهه ڏني آهي.
29. عرفان شعبان ميراڻي: عرفان، سائين آفتاب شعبان ميراڻيءَ جو پٽ هيو. اسان جي سڄي گروپ ۾ هيرو هيو، جهڙو هيو سهڻو تهڙو هيو سلڇڻو، الله اهڙا پٽ سڀني سنڌين کي ڏئي. کلندو هيو ته گل ٽِڙي پوندا هئا. کيس هر ڏسڻ وارو باغ باغ ٿي پوندو هيو. جڏهن حيدرآباد ۾ ٽريننگ هئي ته احمد فهيم مغل ۽ عرفان شهيد گڏ هڪ ڪمري ۾ رهندا هئا ۽ مان ۽ منظور اعواڻ سرڪٽ هائوس جي ٻئي ڪمري ۾.
حيدرآباد جي ٽريننگ دوران ئي عرفان ۽ فهيم ڪوئٽه گهمڻ ويا هئا. واپسيءَ ۾ سيکاٽ وٽ ٽرڪ سان ڪار جي حادثي ۾ عرفان ٿڏي تي گذاري ويو. فهيم ڪافي ڏينهن بيهوش رهيو، پر بچي ويو.
30. علي امام زيدي: حيدرآباد لطيف آباد جي اڳوڻي سينئر سياستڪار ۽ وزير ٽرانسپورٽ بديع الحسين زيدي جو پٽ هيو. هي زيدي پنهنجي والد وانگر شريف ماڻهو هيو. پشاور ۾ هئاسون ته علي امام زيديءَ جي پيءُ جي سپر هاءِ وي تان اغوا جي خبر آئي. حڪومت ۾ ڄڻ زلزلو اچي ويو. ڪوششن کان پوءِ وزير صاحب سلامتيءَ سان مليو.
31. محڪم الدين قادري: روهڙيءَ جي مذهبي ۽ پڙهيل لکيل خاندان جو آهي. سندس چاچو ڊي. آءِ. جي پوليس غلام صديق قادري هيو. جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيو آهي. سندس پيءُ غلام قادر قادري رٽائرڊ سيشن جج هيو. ريٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.
32. شفيق احمد کوسو: ٺل، جيڪب آباد جي مشهور شخصيت ۽ اڳوڻي ايم. اين. اي دريا خان کوسي جو پٽ آهي. شفيق لاڙڪاڻي جو DC، سکر جو DCO ۽ حيدرآباد جو ڪمشنر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. هن وقت سياست ۽ زراعت سان وابسته آهي.
33. امير علي بهڻ: نوشهري فيروز جو آهي. جتوئي صاحب کي ويجهو هئو. سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
34 ميان اقبال: شڪارپور جو هيو. لياقت علي خان جو ڀيڻويو هو. ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو.
35 اقبال احمد زبيدي: اقبال احمد اصل ۾ حيدرآباد/ ڪوٽڙيءَ جو آهي. طفيل علي ۽ حسن علي عبدالرحمان جو ويجهو مائٽ آهي. سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
36. شمس الدين لغاري: نجم الدين سريوال جو ڀائٽيو آهي. وڏو زميندار آهي. گهڻي نوڪري حيدرآباد ۾ ڪيائين. هاڻي به ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۽ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
[b]لاڙڪاڻي جي ڊي سيءَ وٽ ٽريننگ
[/b]’خير خوبيءَ‘ سان حيدرآباد ۽ ٽنڊوڄام واري تربيت مڪمل ٿي، اسان کي اسان جي آپشن تي فيلڊ/ضلع تربيت لاءِ ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو. مون لاڙڪاڻي ضلعي جو option ڏنو. مون سان گڏ، ارشد مغل، احمد بخش کوکر ۽ احمد علي کوکر کي به لاڙڪاڻي ڊي سيءَ جي وٽ رکيو ويو. لاڙڪاڻي جو ڊي سي خالد احمد (کرل) هيو.
هفتو کن ته اسان ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ (ADM) لاڙڪاڻو محترم محمد اسد الله شيخ جي آفيس ۾ مهمانيون کاڌيون. هفتي کان پوءِ اسد صاحب ٻڌايو ته توهان سڀني کي مهيني جي ٽريننگ تي تعلقن ۾ موڪليو ويو آهي ۽ توهان جو هيڊ ڪوارٽر ٻهراڙيءَ جي مختلف اريگيشن ريسٽ هائوسن تي مقرر ڪيو ويو آهي. اهي ريسٽ هائوس سڀ ٻهراڙيءَ ۾ هئا.
[b]قبي سعيد خان ۾ تربيت
[/b]منهنجو هيڊڪوارٽر قبو سعيد خان، تعلقي شهدادڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو. هاڻي قبو سعيد خان خود تعلقو ٿي ويو آهي. قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي جو اهو ريسٽ هائوس جهنگ ۾ اڪيلو هيو. بورچي هيو، جيڪو منهنجي نظرداري ۽ ماني ٽڪيءَ جو بندوبست ڪندو هيو. منهنجو پڙتال، جمع بنديءَ ۽ وصولين جو پروگرام تپيدارن سان ۽ سپروائيزر تپيدارن سان مقرر ٿيل هوندو هيو. ڪڏهن فيلڊ ۾ ويندا هئاسون، ڪڏهن ريسٽ هائوس تي ويهي ڪم ڪبو هيو. يا وري ڪڏهن ڪڏهن مختيارڪار جي آفيس ۾.
شهدادڪوٽ سب ڊويزن ۾ ٻه تعلقه هئا: هڪ شهدادڪوٽ، ۽ ٻيو ميرو خان. شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي وچ ۾ تقريباً ٻارهن ميلن جو مفاصلو هيو ۽ شهدادڪوٽ ۽ رتيديري جي وچ وارو مفاصلو 24 ميل هيو، پر سواريءَ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هوندو هيو، جو مان ڏهاڙي اچ وڃ ڪري سگهان. تنهن ڪري هر ڇنڇر تي رتيديري ويندو هئس ۽ سومر تي موٽي ايندو هئس. شهدادڪوٽ جو AC/SDM محمد نصير ڀٽو هيو، جيڪو بنگل ديري جو هيو. اهو منهنجو گهڻو خيال ڪندو هيو. قبي سعيد خان جي ويجهو عبدالجليل بروهي ۽ سندس مائٽن جا ڳوٺ آهن. هي تر جا چڱا مڙس ۽ رک رکاءُ وارا هئا. منهنجون ٻه ٽي ڀيرا دعوتون به ڪيائون.
قبو بلوچستان جو گيٽ وي آهي. مگسي صاحبن ۽ کهاوڙن جو اثر شهدادڪوٽ شهر ۾ هيو. مان شهدادڪوٽ کان پري هئس. موجوده مگسي برادران جو والد صاحب ڀٽي صاحب جو گهاٽو يار هيو. لنڊن ۾ شايد گڏ رهيا هئا، ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۾ سندس قتل ٿي ويو. جڏهن شهدادڪوٽ ۽ جهل مگسيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ N.W Cannal مان نئين شاخ نڪتي ته ان جو نالو ڀٽي صاحب سندس نالي پويان سيف الله مگسي برانچ رکيو.
مگسي برادران سياست ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيو آهي. 1985ع جي اليڪشن کان پوءِ ٽنهي وڏن ڀائرن: نواب ذوالفقار علي خان مگسي، نوابزاده نادر علي خان مگسي ۽ عامر خان مگسيءَ مان ڪوبه ڀاءُ اقتدار ۾ نه هجي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. پر هي پهريون ڀيرو آهي، جو نادر خان مگسي 2013 جي اليڪشن کان پوءِ وزير نه ٿيو آهي.
نواب ذوالفقار خان مگسي بلوچستان جو گورنر ۽ وزيراعليٰ به رهيو آهي. نادر خان ڪيئي ڀيرا سنڌ ۾ وزير رهيو آهي. Sports جو ڪوڏيو آهي، ڪار ريس ۾ ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ کٽيا اٿائين.
چئن هفتن کان پوءِ چارئي ڄڻان ADM اسد شيخ صاحب وٽ حاضر ٿياسون. کِلي چوڻ لڳو “مزو آيو؟” هنن ٽنهي مشڪي جواب ڏنو: “ڏاڍو!” مان چپ رهيس. دراصل هنن ٽنهي مان ڪوبه Rest house تي ڪونه رهيو هو، هفتي ۾ هڪ ڀيرو تعلقي ۾ وڃي حال احوال وٺي موٽندا هئا. مون هروڀرو ان ڪم کي ڏاڍو serious ورتو.
[b]ڊي سيءَ جو اسٽاف، ميمبر
[/b]ٻن ڏينهن کان پوءِ منهنجو آرڊر نڪتو liaison آفيسر ٽو ڊي سي. منهنجي آفيس به ڊي سيءَ جي آفيس ۾ ئي مقرر ٿي. مان ڊي سيءَ جو پرسنل اسٽاف آفيسر هئس. ڊي سيءَ جو ڪوآرڊينيٽر، پبلڪ رليشن آفيسر، پروٽوڪول آفيسر، ڪمپلينٽ سينٽر جو انچارج. جيڪي به درخواست گذار ڊي. سي سان ملڻ ايندا هئا، انهن کي مان ٻُڌي، انهن جا مسئلا حل ڪندو هوس. ڊي سي پنهنجي صحيح سان هڪڙو آرڊر ڪڍيو هيو، جنهن ۾ لکيل هيو ته عبدالقادر منگي کي Liasion Officer to DC مقرر ڪيو ويو آهي. سڀني ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪجي ٿي ته ساڻس مڪمل سهڪار ڪيو وڃي.
منهنجي عام ڪم جو وقت صبح جو اٺين وڳي کان پنجين بجي تائين هوندو هيو، پر جيڪڏهن DC آفيس ۾ هوندو هيو، ته مان به آفيس ۾ ويٺو هوندو هوس.
صبح جو تقريباً اٺين وڳي DC صاحب انٽرڪام تي سڏ ڪندو هيو ته “منهنجي آفيس ۾ اچ.” مان هٿ ۾ ڪتابڙو ۽ پين کڻي سندس آفيس ۾ پهچي ويندو هوس. پاڻ آفيس سان لڳ ننڍي ڪمري ۾ رهندو هيو، سڄو بنگلو خالي هوندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن PM جو وزٽ ٿيندو هيو ته ڪن مهمانن کي اتي رهائيندو هيو. پوءِ هن جي سڄي ڏينهن جي ڪم جو تفصيل مون ڏانهن منتقل ٿي ويندو هيو. وچ وچ ۾ جڏهن ضروري سمجهندو هيو ته گهرائيندو هيو، يا intercom تي ڪم ٻڌائيندو هيو يا ڪوئي وزيٽر ڪم لاءِ موڪليندو هيو.
عبدالرشيد عباسي AC/SDM لاڙڪاڻو هيو. محمد نصير ڀٽو ۽ محمد عظيم ابڙو، شهدادڪوٽ ۽ قمبر جا AC هئا. ٻئي رتيديري تعلقه جا رهندڙ هئا.
جڏهن ADM يا SDM ڊي. سيءَ سان ملڻ ايندا هئا ته پهريون مون سان ملندا هئا. هر ڪنهن جو اهو سوال هوندو هيو ته “صاحب جو موڊ ڪيئن آهي؟”
ڊي سي هائوس جي ٽرانسپورٽ پول جو به مان انچارج هوندو هئس. جيڪڏهن پروٽوڪول لاءِ مرسيڊيز ۽ ٻيون وڏيون گاڏيون ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد مان گهرايون وينديون هيون ته اهي به منهنجي حوالي هونديون هيون. لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪمن، مهمانن جي آمد، بادشاهن، صدرن، وزيراعظمن ۽ سفيرن جي سلسلي جي ڪانه ڪا مصروفيت هوندي ئي هوندي هئي.
[b]موهن جو دڙو جو ڪلچر
[/b]ڀٽي صاحب جو لاڙڪاڻي کي پروجيڪٽ ڪرڻ جو پنهنجو خوبصورت انداز هوندو هيو. ٻاهريان مهمان چڪر ڏئي هتان جو ويندا هئا، ته متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. هڪ ته ڀٽي صاحب جي مهمان نوازيءَ جو انداز، ٻيو لاڙڪاڻي جي ثقافتي خوبصورتي، ڏينهن جو مهمان کي ڊِرگهه ۽ لنگهه ڍنڍن تي پکين جي شڪار لاءِ وٺي ويندو هيو، يا وري موهن جو دڙو، پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو مرڪز ڏيکاريو ويندو هيو. ڀٽو صاحب پاڻ کي به ان پراڻي تهذيب جو امين ڪوٺيندو هيو. ان تي فخر ڪندو هيو. وري رات جو ميوزڪ پروگرام. مصري خان جمالي جو الغوزو، اقبال جوڳيءَ جي مرلي ۽ استاد منظور علي خان جو راڳ. هيءَ محفل وڃي راڻي تي ختم ٿيندي هئي. ڀٽو صاحب پاڻ کي به راڻو چوندو هيو ۽ راڻو سڏائي ٻهڪي پوندو هيو. روز بروز مهمانن جي آمد جي ڪري لاڙڪاڻي شهر ۽ ان جي روڊن کي بهتر ڪيو ويو. مهمانن جي رهائش لاءِ PIA کان هوٽل سمبارا اِن (SAMBARA INN) ٺهرايو ويو. جيڪو 44 ڪمرن تي ٻڌل هيو. ان لاءِ ڏهه ايڪڙ زمين، ڊي سي هائوس جي ايراضيءَ مان PIA کي منتقل ڪئي وئي هئي. سمبارا تي موهن جي دڙي مان نڪتل ناچڻيءَ جو نالو پئجي ويو. اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڀٽي صاحب جي ذات کي بيان ڪن ٿيون ۽ اڀارين ٿيون.
[b]لاڙڪاڻي جي ترقي
[/b]لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ٺهرايا ويا. ٻن چؤڪن مان هڪ تي اتاترڪ ميموريل ۽ ٻئي تي سُئيڪارنو اسڪوائر جا ٽاور لڳرايائين. مئن روڊ تي شهنشاهه ايران کي متاثر ڪرڻ لاءِ رضا شاهه ڪبير روڊ جو نالو رکرايائين، جيڪو اڃا تائين قائم آهي. پاڪستان جي اهم بئنڪن جون برانچون ان روڊ تي ٺهرايائين ته جيئن خوبصورت عمارتن جي ٺهڻ سان ان روڊ جي رونق ۾ اضافو ٿئي. موئن جي دڙي جي ايئرپورٽ جي بلڊنگ نئين سر تعمير ٿي. ان ۾ VIP لائونچ جو اضافو ڪيو ويو. موهن جي دڙي تي ريسٽ هائوس ٺهرايو ويو ۽ ميوزيم کي سڌاريو ويو. Save The Moen Jo Daro اٿارٽي قائم ٿي ته جيئن موهن جي دڙي جو بچاءُ ڪجي. 1973ع ۾ موهن جي دڙي تي هڪ بين الاقوامي سمپوزيم ڪرايائين.
لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو روڊ، رتوديرو ۽ نئون ديرو روڊ کي نئين سر ٺهرايو ويو. جيڪي روڊ ڪيئي سال بنا مرمت جي قائم رهيا. راتو رات چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪري پڙهائي شروع ڪرائي وئي. لاڙڪاڻي جي پراڻي ريلوي اسٽيشن جي جاءِ تي نئون ريلوي اسٽيشن قائم ڪيو ويو، جنهن جي ڪري شهر جو وساريل پاسو آباد ٿي ويو. ان وقت منهنجي عمر اٽڪل 27 سال هئي. صبح جو ستين بجي رتيديري مان بس ۾ نڪرندو هوس ۽ 8 بجي کان اڳ ۾ آفيس ۾ هوندو هوس. منجهند جي ماني به اڪثر آفيس ٽيبل تي ارشد مغل ۽ احمد علي کوکر سان گڏ کائيندو هوس يا وري ساهرن وٽان کائي ايندو هئس.
[b]شيخ زيدبن سلطان ۽ ٻين جي دعوت ۽ زيتون
[/b]ڀٽي صاحب وٽ شيخ زيد بن سلطان سياري ۾ لاڙڪاڻي ۾ آيو. ساڳيا لاڏ ڪوڏ ٿيا، دعوتون ٿيون، رات جو ميوزڪ شو ٿيو. جنهن لاءِ ڀٽي صاحب المرتضيٰ ۾ ننڍي stage ٺهرائي هئي. ناهيد صديقيءَ طرفان ڪٿڪ ڊانس جو مظاهرو ڪيو ويو، سندس تڏهوڪو مڙس ضيا محي الدين به ساڻس گڏ موجود هيو. اهم ملڪن جا سفير به سڏ تي آيل هئا. مون کي سري لنڪا جي سفير، مسز ٿيجاوٿي گناورڌني (Mrs. Thijawathi Gunawardhane) جو رهنما آفيسر مقرر ڪيو ويو. هيءَ محترمه 60 سال کان مٿي هئي. هر هر پنهنجي پوٽيءَ جو پيار مان ذڪر پئي ڪيائينَ. ساڻس ڏاڍو ڪو پيار هئس. هي مائي صاحبه سفيرن جي زالن سان سفر ڪري رهي هئي ۽ مان به ساڻس گڏ هيس. محترمه اشرف عباسي صاحبه، ڊپٽي اسپيڪر، سفيرن جي زالن ۽ مذڪوره سفير صاحبه کي پنهنجي گهر وليدن ۾ چانهن تي گهرايو. فريش فروٽ، ڊراءِ فروٽ، ڪافي، چانهه ۽ ڪولڊ ڊرنڪ سان سندن خاطر تواضع ڪئي وئي. ٽيبلن تي زيتون به موجود هئا. سفير صاحبه هڪ زيتون کاڌو. ڪافيءَ جو ڍُڪ ڀريو، وري ٻئي زيتون ۾ هٿ وڌو. شايد زيتون کيس مزو ٿي ڏنو. ميڊم اشرف عباسيءَ کيس جانچي ورتو ۽ کيس مخاطب ٿيندي زيتونن جي تعريف ڪئي ۽ کيس چيو ته اهي زيتون سندس باغ جا آهن. سفير صاحبه جو اڃا به تجسس وڌيو، مون کيس ڪن ۾ چيو ته “گهڻا زيتون نه کائو، ڇو ته اهي laxative آهن. توهان جو پيٽ هلڪو ڪندا. وري جو مٿان ڪافي پيتهءَ ته پوءِ پاڻ سمجهو ٿا.” ميڊم سفير، زيتون کي حسرت سان ڏٺو. ميڊم عباسيءَ کي ڏٺو ۽ مون ڏي مسڪرائي ڏٺو ۽ thanks چئي زيتون پليٽ ۾ رکي ڇڏيو. ميڊم اشرف عباسيءَ مون ڏي ڏٺو ۽ سنڌيءَ ۾ پڇيو ‘توهان ڇا چيس؟’ مون نٽائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر جان نه ڇٽي. آخر سندس ڀر ۾ ويهي آهستي کيس ٻڌايو. پاڻ سڄو قصو ٻڌي چپ ڪري ويهي رهي.
[b]موهن جي دڙي جي اسٽوپا جي سامهون شاهه ايران ۽ ڀٽي صاحب وچم عهدنامو
[/b]ان کان پوءِ شهنشاهه ايران ۽ ملڪه فرح ديبا به لاڙڪاڻي آيا. اها سندن پاڪستان ڏانهن آخري آمد هئي. 1976ع واري سال جا آخري ڏينهن هئا. لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ تي مذاڪرات ٿيا هئا. انهن جا communique تيار ٿيا، پر ان تي صحي هڪ عجيب جڳهه تي ٿي.
موهن جي دڙي جي ريسٽ هائوس جي لان تي ڪرسيون وڌيون ويون. سامهون موهن جي دڙي جو اسٽويا هيو. شهنشاهه ايران به دعويٰ ڪندو هيو ته هو پراڻي آريا تهذيب جو مالڪ آهي. ڀٽي صاحب به شايد کيس ٻڌائڻ پئي چاهيو ته سندس پويان موهن جي دڙي جي پنج هزار ساله تهذيب آهي. عهدنامي تي صحيحون ته ٿي ويون، پر ڀٽي صاحب جي حڪم تي ان جڳهه تي ان عهدنامي جي يادگيريءَ طور هڪ mural (يادگار) ٺهرايو ويو.
[b]غريبو مقام ۾ باهه
[/b]غريبو مقام ۾ باهه لڳي. اتي پنجاهه کن جهوپڙيون هيون، ۽ سڀ سڙي ويون. پر انتظاميا جي بروقت قدمن سبب جاني نقصان نه ٿيو. ڀٽو صاحب بنا پروگرام جي اتي آيو. ماڻهن سان رات جو ڳجهه ڳوهه ۾ مليو. کين تسلي ڏنائين ته هڪ مهيني ۾ ان جاءِ تي پڪا گهر ٺهرائي ڏنا ويندا ۽ زمين جا پٽا به ڏنا ويندا.
ايئن ئي ٿيو، شيخ زيد بن سلطان جي مالي مدد سان اتي 75 گهر ٺهيا. ماڻهن کي اتي وسايو ويو. اڳ ۾ جيڪي جُهڳين جا مالڪ به نه هئا، انهن کي پڪين جاين سان زمين جا مالڪاڻا حق به مهيني اندر ملي ويا.
ڀٽو صاحب ماڻهن سان حقيقي محبت ڪندو هيو، جو انهن جو ٻيو نسل به ڀٽي صاحب سان اڃا تائين محبت ڪندو پيو اچي.
[b]شيخ زيد اسپتال ۽ ڪالوني
[/b]شيخ زيد بن سلطان جي ئي مالي مدد سان شيخ زيد ڪالوني، شيخ زيد وومين هاسپيٽل ۽ ٻارن جي هاسپيٽل به لاڙڪاڻي ۾ ٺاهي وئي.
شيخ زيد بن سلطان لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جو گهڻو دورو ڪندڙ حڪمران هيو. ڀٽي صاحب، سنڌ لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جا ڪيترائي ماڻهو عرب ملڪن ۾ ڪمائڻ لاءِ موڪليا، جتي انهن ملڪن جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي ذاتي زندگي به بهتر ڪئي ۽ پاڪستان کي به زرمبادله ڪمائي ڏنو. ڀٽي صاحب جيڪي ميڊيڪل ۽ انجينئرنگ ڪاليج کوليا، ان مان فارغ ٿيل گرئجوئيٽس به انهن ملڪن ڏانهن موڪليا ويا، جن مان ڪن جا نسل اتي اڃا تائين رهن ٿا. مزدور ۽ محنتي ماڻهو اتي ويا ۽ جام ڪمايائون. جنهن ۾ رتيديري ۽ شهدادڪوٽ جو بروهي قبيلو اهم آهي. اتان ڪمائي ڪري هتي اچي زمينون ورتائون. پاڻ زمينن جا مالڪ ٿي ويا ۽ هتي ساريال زمين جي قيمت به مهانگي ڪري ڇڏيائون.
[b]درويش جمعو فقير
[/b]انهيءَ ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي جي هڪ ڊرامائي شخصيت هوندي هئي جُمعو فقير. ڀٽو صاحب کيس ڏاڍو ڀائيندو هيو. وزير خارجه جي دور ۾ به کيس پاڻ وٽ گهرائي حال احوال ڪندو رهندو هيو. ۽ خبرچار وٺندو ۽ دل وندرائيندو هيو.
جڏهن ڀٽو صاحب صدر ۽ وزيراعظم ٿيو ته پوءِ به ساڻس ڪچهريون ڪندو هيو، هڪ دفعي جڏهن ڀٽي صاحب وزارت عظميٰ جي دور ۾ گهرايس ته جمعو گڏهه سوڌو المرتضيٰ جي گيٽ تي پهتو. security وارن چيس ته گڏهه کي گيٽ تي ڇڏي وڃ. جمعو فقير پڙ ڪڍي بيٺو ته بابا منهنجي سواري هتان گم ٿي ويندي، پوءِ توهان جو صاحب اهڙي سواري منهنجي لاءِ ڪٿان پيدا ڪندو؟ جڏهن سيڪيورٽي زور ڀريو ته جمعي فقير چيو، مان وزيراعظم سان ملڻ نٿو وڃان! هن پاڻ مونکي گھرايو آهي. صورتحال خراب ٿيندي ڏسي سيڪيورٽي انچارج مجبورن کيس گڏهه سوڌو اندر روانو ڪري ڇڏيو.
جمعو فقير گڏهه گهليندو وڃي ڀٽي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جمعو فقير ڀٽي صاحب سان حجائتو ته هيو، پر سندس مان مرتبي جو به خيال ڪندو هيو، ۽ ڪڏهن به بدفضيلتو نه ٿيو. وتائي فقير وانگر ته، چريا کريا آهيون، پر سمجهون سڀ ڪجهه ٿا. حال احوال کان پوءِ ڀٽي صاحب چيس ’جمعا فقير: دعا ڪر! فقير چيس ته، دُعائن سان ته بادشاهه ٿيو آهين. نه ٿي ڳالهه وڻئي ته وٺ منهنجو گڏهه، بادشاهي ڏي مون کي!‘ واقعي جمعي فقير واري بادشاهيءَ کي نه لهر نه لوڏو. ڀٽو صاحب هونئن به پيرن فقيرن جي گهڻي عزت ڪندو هيو. ان ڏينهن جيڪڏهن ڀٽو صاحب بادشاهي جمعي کي ڏئي ها ته شايد سندس زندگي بچي وڃي ها!
[b]ڀُٽي صاحب جا لاڙڪاڻي ۾ معمولات ۽ اوپن ڪچهريون
[/b]ڀٽي صاحب جا لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه معمولات هئا. جن تي سڄي عمر عمل ڪندو رهيو. عيد نماز نئون ديرو ۾ پڙهندو هيو، جيڪو سندس چاچي احمد خان ڀٽي ۽ سندس وڏي گهر واري محترمه شيرين بيگم جو گهر هيو. اندر گهر ۾ مٽن مائٽن سان ملندو هيو. ڳڙهي خدا بخش قبرستان تي ويندو ۽ قُل پڙهندو هيو. پوءِ ميرپور ڀٽي وڃي پنهنجي بزرگ نواب نبي بخش خان ڀٽي، جيڪو ممتاز علي خان ڀٽي جو والد هيو، ان سان ۽ ٻين مائٽن سان عيد ملندو هيو، پوءِ المرتضيٰ تي اچي پارٽي ورڪرن سان ملندو هيو. ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن تي عام ماڻهن سان ملندو، اوپن ڪچهري ڪندو هو. ڪن ماڻهن جا ڪم ڪار هوندا ته انهن تي حڪم ڏيندو هو. ڪم جلدي ٿي ويندا هئا، جو ڀٽي صاحب جي حڪم کي ڪنهن ۾ طاقت هئي جو ٽاري! ان جو هڪ مثال هي به ته، منهنجو دوست رجب علي قادري، ماستر هيو. اهڙي ئي open ڪچهريءَ ۾ درخواست لکي کڻي ويو هيو، جنهن ۾ ڪسٽم ۾ نوڪريءَ جي advertisement به لڳائي ويو هيو. ڀٽي صاحب کي عرض پيش ڪيائين. کيس 15 ڏينهن کان پوءِ ڪسٽم ۾ Examiner جي نوڪري ملي، جنهن سان سندس اهل عيال سکيا ستابا ٿي ويا. منهنجي ماسات سرور منگيءَ ڀُٽي صاحب درخواست لکي موڪلي، ٽن نوڪرين جون درخواستون هيون. ٽنهي جا Interview ٿيا، پاڻ جيڪا نوڪري پسند ڪيائين، ان جو آرڊر مليس. اهڙا اڪيچار مثال آهن.
ڀٽي صاحب ۾ بي شمار خوبيون ۽ صفتون هيون، پر بدنصيبيءَ سان ننڍي ۾ ننڍي سياسي مخالفت برداشت نه ڪري سگهندو هيو. سندس والد جا سياسي مخالف خانبهادر محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله عملي طرح خاموش ٿي ويا هئا. ٻين مخالف سياستدانن کي به پنهنجي پارٽيءَ ۾ چٺ يا لٺ سان آندائين، باقي جيڪي ٻاهر بچيا، تن سان محمد پنڃيل SP اهي جٺيون ڪيون، جيڪي ناقابلِ بيان آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڀٽي صاحب اهڙن ڪارن ڪارنامن جي اجازت کيس ڪيئن ڏني هوندي. ۽ جي انهن ڪارنامن ۾ سندس مرضي شامل نه هئي ته پوءِ ان کي روڪ ٽوڪ ڇو نه ڪندو هو.
[b]پنڃيل خان ايس. پي
[/b]مون کي پنڃيل خان SP سان پهرين ملاقات ياد آهي. اسان چار AC(UTS) لاڙڪاڻي ۾ هئاسون. کانئس ٽائيم وٺي ملاقات لاءِ پهتاسون. ايس پي صاحب ان وقت آفيس جي آڏو هڪ وڏي وڻ جي هيٺان ويٺو هيو ۽ عرضدارن سان ملي رهيو هيو. اسان لاءِ چانهن آئي.
هڪ عرضدار چيو: “سائين منهنجي زال ڀڄي وئي آهي.” ان تي گارين سان شروع ٿي ويو، چئي “ڀڄندي نه ته ڇا ڪندي... پوءِ جيڪي لفظ چيائين، اهي هتي نٿا لکي سگهجن.”
اسان ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ’اسان آفيسر ٿي پيا آهيون، نه ته....‘ ان کان پوءِ عورتن تي گارين سان شروع ٿيو. تڏهن اسان ان بي مزي چانهن کي اڌ ۾ ڇڏي، مصروفيت جو بهانو ڪري کانئس موڪلايو.
علي حسن منگيءَ جي ٽن ڀاڻيجن: قمرالدين منگي، سڪندر علي منگي (ٻئي ڀائر) ۽ خادم حسين منگي ’نويد رائيس ملز‘ جي نالي سان رائيس مل لڳائي. SP پنڃيل خان ڪنهن ڳالهه تي قمرالدين منگيءَ سان ناراض ٿيو، جيڪو نويد رائيس مل جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيو.
پنڃيل خان، مِل جي هڪ مزدور کي پاڻ وٽ گهرائي قمرالدين جي خلاف درخواست ورتي ته “قمرالدين مون کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته توکي مل جي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيندس ۽ مارائيندس. منهنجو ۽ منهنجي نوڪريءَ جو تحفط ڪيو وڃي.” هي الزام پوليس جي دخل اندازيءَ جو نه پيو بڻجي. پر SP صاحب قمر منگيءَ کي گهرائي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. چئي ’قمر جو مٿو خراب آهي، ٺيڪ ٿئي ته پوءِ ڪڍندوسانس.‘ قمر منگي منهنجو به ويجهو مائٽ هيو. ڊي سي خالد احمد ملڪ کان ٻاهر لنڊن ويل هيو. ڊي سي جي چارج AC/SDM لاڙڪاڻي محترم رشيد عباسيءَ وٽ هئي. منهنجي چوڻ تي هن پنڃيل خان سان ڳالهايو. پنڃيل خان گرم ٿي ويو. پنج گاريون قمر کي ته ڏهه گاريون پاڻ کي ڏنائين. چيائين قمر رات جيل ۾ رهندو، جيڪڏهن مان جيل مان ڪڍيومانس ته ڄڻ منهنجي... رشيد عباسيءَ سڄو قصو مون کي ٻڌايو. منگي صاحب چيف منسٽر جتوئي صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ قمر منگي اڌ ڪلاڪ ۾ آزاد ٿي ويو.
محمد پنڃيل پوليس ۾ بطور ڪانسٽيبل (PC) جي ڀرتي ٿيو هيو، پر پنهنجي ‘ڪارڪردگيءَ’ جي ڪري SP ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جو D.I.G ٿيو. پر اها نوڪري گهڻي نه هليس. لاڙڪاڻو ڊويزن رد ٿي وئي. پنڃيل خان ۽ خالد احمد کرل گرفتار ٿي ويا، 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ سان کين ڀٽي صاحب جي خلاف ڪيسن ۾ اڙائڻ لاءِ ڄار وڇايو ويو. پر خالد احمد ڀُٽي صاحب جي خلاف سلطاني گواهه نه ٿيو ۽ ڪنهن طرح پنهنجي جان ڇڏائي، ڄام صاحب وٽ لنڊن وڃي رهيو.
پنڃيل خان غيرمعمولي ترقي ڪئي. ڀٽي صاحب جو اک جو تارو هيو، پر پنهنجي اعمالن سبب ڀٽي صاحب جي اک جو ڪک به ٿي پيو. وفاداريءَ ۾ اڪثر ايترو وڌي ويندو هيو، جو هن جا عمل ڀٽي صاحب لاءِ نيڪناميءَ جو سبب نه بڻيا.
ٻيا سڀ مخالف آڻ مڃي بيٺا، پر ڀٽي صاحب، خالد احمد ۽ پنڃيل سمجهيو پئي ته لاڙڪاڻي جا شيخ، اسان جي يار قربان علي عباسيءَ جو پيءُ ۽ جماعت اسلاميءَ جو محترم جان محمد عباسي بيعت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. انهن سان جيڪو ڏاڍ ٿيو ۽ بدتميزيون ڪيون ويون، اهي يقيناً ڀٽي صاحب جهڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ورلڊ ڪلاس ليڊر جي وڙ مطابق نه هيون. آخر ۾ اهي ڳالهيون ئي ڀٽي صاحب جي تڪليف جو باعث پڻ بڻيون. بدنصيبيءَ سان اسان سنڌ واسي، پاڪستان ملڪ ۽ دنيا جا ماڻهو وڏي caliber واري ليڊر کان محروم ٿي وياسين.
[b]خالد احمد ڊي سي لاڙڪاڻو (خالد صاحب ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿي ويو)
[/b]خالد احمد کرل 1965 بئچ جو CSP آفيسر هيو. سندس سنڌ ۾ پوسٽنگ بطور AC/SDM ٽنڊو محمد خان ۾ رهي. جيڪڏهن ٻئي هنڌ به سندس پوسٽنگ رهي ته اها مون کي خبر ڪانهي. 1972ع ۾ لاڙڪاڻي جو ڊي. سي عبدالوهاب PCS آفيسر هيو. ان کي هٽائي 1973ع ۾ خالد صاحب کي DC ڪيو ويو ۽ جولاءِ 1977ع تائين اتي DC رهيو ۽ ڊي سي کان وڌيڪ لاڙڪاڻي جو بادشاهه لڳندو هيو. ڪنهن تي فلڪ نه پوندي هئس. نه ڪنهن تي اک ٻڏندي هئس. ‘جسي پِيا چاهي’، ۽ اهو ‘پِيا’ هيو ڀٽو صاحب...! ڀٽي صاحب جنجي ساٿين جي عزت ته ڪندو هيو، پر ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ڪندو هيو. جيڪڏهن مٿان اشارو ٿيندو هوس ته ڪنهن کي به چهنڊي پائڻ ۾ دير نه ڪندو هيو. اها ڳالهه به مشهور هئي ته ممتاز صاحب سان ڪونه ٺهندو هيو، يا کيس ليکيندو ئي ڪونه هيو. پر حقيقت ائين نه هئي. هو سندس گهڻو لحاظ به ڪندو هيو، سردار پير بخش خان ڀٽي جي به گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هيو.
خالد صاحب ڏاڍو سادو رهندو هيو. کائڻ ۾ به سادو ۽ پائڻ ۾ به سادو. لاڙڪاڻي ۾ وٽس ٻه شرٽ ۽ ٻه پينٽ هئا ۽ هڪ فل سوٽ. رات جو ماني ڪونه کائيندو هيو، ۽ ان جي جاءِ تي ٻه ٽي ڊرنڪ هڻي وٺندو هيو. ڪنهن وٽ خانگي دعوت تي ڪونه ويندو هيو، نه ئي لاڙڪاڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي دعوت تي ڪڏهن گهر گهرايائين.
ڊي سي وٽ نارنگي رنگ جي Vox Wagon هئي. ان کي شوق سان هلائيندو هيو. ڊرائيور پويان ويٺو هوندو هيو. مون کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هيو. ايئرپورٽ تي يا ٻئي هنڌ وڃڻو هوندو هيس ته مان گڏ هوندو هيومانس. ڊرائيونگ به ڪندو هيو ۽ ڪم به ٻڌائيندو ويندو هيو ۽ مان لکندو ويندو هئس.
1976 ۾ ٻوڏ ۽ بارش ڏاڍي ٿي، 1973 کان به وڌيڪ. شهر جي ٻڏل گهٽين ۾ پيرين پنڌ هلندو هو. ڊي. سي اڳيان اڳيان، ٻيا آفيسر سندس ڪڍ. ماڻهن کي مشڪل مان ڪڍڻ ۾ مڙسيءَ جو ڪم ڪيائين. ڀٽو صاحب به کيس ڪِنِ خصلتن جي ڪري پيار ڪندو هيو.
[b]منهنجي پٽ انيس قادر جي پيدائش ۽ غيبي ديري ۾ ٻوڏ جي ڊيوٽي
[/b]15 سيپٽيمبر 1976 جو ڏينهن مون کي هميشه ياد رهندو. صبح جو رتيديري مان آفيس لاءِ نڪرندي مون کي wife ٻڌايو ته هوءَ delivery pain محسوس ڪري رهي آهي. اسان جي گهر ۾ فون جي سهولت ڪونه هئي، جو فون ڪري مان ڊي سيءَ کان موڪل وٺان. سو طئي ڪيو ته آفيس وڃي جلدي موٽي ايندس.
ان ڏينهن مان پنهنجي پسند جا سفيد پينٽ ۽ سفيد ٽي شرٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جو سينڊل پائي آفيس آيو هوس.
ڏهين بجي مون کي حڪم ٿيو ’آجائو‘. مون سمجهيو ته شايد ايئرپورٽ تي حسبِ معمول روانگي آهي. نارنگي رنگ جي Vox Wagon جي ڊرائيورنگ سيٽ سنڀاليائين. مان سائيڊ سيٽ تي ويٺس. سڌو المرتضيٰ هائوس جي سامهون اسٽيڊيم ۾ پهتو. اتي آرميءَ جو هڪ هيليڪاپٽر بيٺو هيو. جيڪو rain ۽ flood رليف لاءِ ڊي سي جي حوالي هيو. پاڻ به هيليڪاپٽر ۾ ويٺو ۽ مون کي به ويهاريائين. خبر نه هئي ته منزل ڪهڙي هئي. اهو پهريون موقعو هيو، جو مان ڪنهن هيليڪاپٽر ۾ ويٺو هئس. شهر جو لو فلائيٽ ڪري چڪر لڳايو ويو. شايد برسات جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو هيو. پوءِ اولهه طرف روانو ٿيو. هر طرف پاڻي ئي پاڻي هيو. اڳتي هلياسون ته F.P.Band نظر آيو. لاڙڪاڻي ضلعي کي ٻن طرفن کان بند آهن: هڪ عاقل- آگاڻي بند، جيڪو درياءَ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ آهي. ايف پي بند ان لاءِ آهي ته کيرٿر پهاڙ کان برساتن جي لهندڙ پاڻيءَ کي ضلعي جي آباد علائقن ۾ داخل نه ٿيڻ ڏي.
بند ڪراس ڪري هڪ سُڪي پوٺي تي هيليڪاپٽر لينڊ ڪيو. نسبتاً وڏو ڳوٺ پئي نظر آيو. مون کي خبر نه هئي ته ڪهڙو ڳوٺ هيو. ٻئي لٿاسي. هيليڪاپٽر بند ٿيو. پائلٽ به لٿا. لڳو ته ڪو ڊگهو پروگرام هيو. سامهون ڪافي ماڻهو نظر آيا. انهن ۾ مون هڪ نوجوان کي سڃاتو. هي نوابزادو شبير احمد چانڊيو هيو.
غيبي ديرو؟ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو، ها اسان تاريخي ۽ مشهور ماڳ غيبي ديري ۾ هئاسون، جيڪو سردار غيبي خان چانڊيو جي ذات، ان جي وڏي جاگير ۽ سندس سخاوت جي ڪري مشهور آهي. چوندا آهن ته غيبي ديرو جاگير ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙائجي ته جاگير جون حدون ختم نه ٿين.
شبير خان اورتي آيو. اسان اڳتي سُرياسون. ڊي سي صاحب سان مليو. مون سان به خير خيريت ڪيائين ’چيائين توهان به!‘ مون مسڪرايو. سندس ڀائر ۽ ٻيا ويجها مائٽ اسان سان مليا. سندن اوطاق تي آياسون. حال احوال ٿيا. علائقي جي ماڻهن جي ضرورتن جو DC صاحب ڪاٿو لڳايو. ڪجهه سامان اڳ ۾ ئي پهتل هيو. اتي رليف جي سامان جو بندوبست ۽ ورهاست ڪرڻي هئي. تپيدار ۽ روينيو جو ٻيو عملو به اتي موجود هيو، پر ڪو آفيسر نظر نه آيو. ڀٽي صاحب جاگيرون ۽ سرداريون ختم ڪيون هيون. سرپلس زمين Land Reform Act موجب بي زمين هارين ۾ ورهائي وئي هئي.
ڊي سي صاحب مون کي چيو “تون هاڻي هتي رهه. جيستائين ايمرجنسي آهي ۽ ماڻهن جي پرگهور لهه ۽ امدادي سامان جي ڌيان سان ورهاست ڪر.” کيس اهو به ٻڌائي نه سگهيس ته منهنجي زال ڏکي حالت ۾ آهي.
ڊي سي صاحب کي خدا حافظ چيوسين. هيليڪاپٽر کي ويندو ڏسندو رهيس.
شام جو خط ڏئي هڪ ڪوٽار کي ڪپڙن، ٻئي سامان ۽ خبرچار لاءِ رتيديري موڪليم.
رات جو گرمي به هئي ۽ مڇر به. نه بجلي، نه پکو. اڇي پينٽ ۽ شرٽ ۾ سمهي پيس. جاگير جا مڇر به ڄڻ جاگيردار! ڪنهن جو حڪم نه پئي مٿن هليو. مڇر ته ڪجهه مرن پيا پر رت جا داغ منهنجي جسم ۽ ڪپڙن تي ڇڏي پئي ويا. صبح جو اٿيم ته ڪپڙا چٽ. ڪٻرا ته ڇڏيو منهن به سڄو داغ داغ! نم جو وڻ ڳوليم. ڏندڻ پٽيم ۽ وات صاف ڪيو. تڙ ڪيو، ساڳيا ڪپڙا پاتا. ڪم جو جائزو ورتو. سامان جي ورهاست شروع ڪئي.
ڪوٽار هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن شام جو اچي پهتو. سامان سان اها به خوشخبري آندائين ته مون کي پٽ (انيس قادر منگي) ڄائو آهي. تڙ ڪري ڪپڙا مٽائيم ۽ ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿيس. پنجين ڏينهن خالد صاحب هيليڪاپٽر تي آيو. ڪم جو جائزو ورتائين. شاباش ڏيڻ سندس عادتن ۾ شامل ڪونه هيو. سڀني ماڻهن منهنجي تعريف ڪئي، ڪا شڪايت ڪونه ٿي. مون کيس پٽ جو ٻڌايو، مبارڪ ڏنائين. موڪل گهري مانس، جيڪا ڏنائين.
ٻيڙيءَ تي چڙهي بند تي پهتم ۽ پوءِ بس ۾ لاڙڪاڻي ۽ سج لٿي ڌاري رتيديري پهتس. انيس جي ڇٺي هئي.
[b]ڪالونيءَ ۾ پلاٽ
[/b]هڪ ڏينهن حسبِ معمول بس ۾ لاڙڪاڻي پئي ويس. پير بخش خان گهانگهرو به بس ۾ هيو. مون کي چيائين ته لاڙڪاڻي ۾ ڪالوني پئي ٺهي تون به پلاٽ لاءِ درخواست ڏي. ڊي سيءَ کي چوندين ته پلاٽ ملي ويندءِ.
مون درخواست ته ڏني، پر DC کي چوڻ جي همت نه ٿي. پر پوءِ جڏهن الاٽمينٽ جي وقت منهنجي درخواست تي ڊي سيءَ جي نظر پئي ته چيائين ته هن کي مون اڳ ۾ ئي پلاٽ الاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ايئن مون کي 1000 والن جو، وڪيل ڪالونيءَ ۾ پلاٽ مليو. جيڪو مون 2005 ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. هينئر اتي هڪ عاليشان پرائيويٽ اسپتال ٺهي وئي آهي.
[b]کرلَ[/b]
خالد احمد جِي، DFO عبدالرشيد کرل ۽ نواب لاهوريءَ جي خاندان سان گهڻي ويجهڙائپ هئي، ڇو ته ٽئي کرل آهن. نواب امير علي خان لاهوري به گهڻن سالن کان اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ آباد ٿيو هيو. لاڙڪاڻي جي شهر جي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ ۾ سندس وڏو حصو آهي. عبدالرشيد کرل صاحب جو خاندان به سالن کان خيرپور جي ڪچي ۾ ويٺو آهي. سندن تعلق جتي خيرپور سان آهي. اتي لاڙڪاڻي سان به آهي. رشيد کرل انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ DFO هيو. لاڙڪاڻي کان نئون ديرو ۽ لاڙڪاڻي کان موهن جو دڙو ايئرپورٽ تائين، جيڪا يوڪلپٽس جي خوبصورت بلانٽيشن ٿيل هئي. اها به کرل صاحب ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ممتاز علي خان ڀٽي ۽ نسيم کرل جي زمينن جي دنگن تي اڻبڻت هئي. ممتاز صاحب نسيم کرل کي سندس لکيل ‘آٿت’ افساني کي سبب بڻائي MPOIDPR ۾ بند ڪيو.
کرل فيمليءَ ڏاڍو suffer ڪيو. هاڻي ته PPP سان آهن. نعيم احمد کرل MPA به آهي. پر ممتاز صاحب ۽ کرلن جا اڃا تائين تِر سنوان نه آهن.
[b]عبدالوحيد ڪٽپر
[/b]هڪ سينيئر ۽ پروفيشنل وڪيل هيو. اصل مديجي، پوءِ ڏوڪريءَ ۾ ۽ آخر ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي settle ٿيو. اسان جي فيمليءَ جو سندن خاندان سان گهڻو تعلق رهيو. ڪڏهن پاڻ سياست ۾ نه رهيو. ڪرمنل سائيڊ تي لاڙڪاڻي جو وڏي ۾ وڏو وڪيل سمجهيو ويندو هيو. ڀٽي صاحب سان ڪجهه سياسي ڪيسن ۾ سندس واسطو پيو. 1967 ۾ ڀٽي صاحب جي دعوت تي پارٽيءَ جي ٺاهڻ وارن ۾ شريڪ ٿي ويو. ڀٽي صاحب سان عشق هيس. ڀٽو صاحب به کيس پيار ڪندو هيو. عزت ڏيندو هيو. سندس ذهانت، ڏاهپ ۽ ايمانداريءَ جي ڪري جلد ئي ڀٽي صاحب جي اک جو تارو ٿي ويو. لاڙڪاڻي ضلعي جو پ پ پ جو صدر، پ پ پ سنڌ جو صدر، سينيئر وزير صحت ۽ هڪ وقت ايڪٽنگ CM به رهيو.
[b]ڪٽپر صاحب جو گهر ۽ لائبرري
[/b]ڪٽپر صاحب جي ايمانداري ضرب المثل هئي. وزارت جي ڪري سندس وڪالت بند ٿي وئي. رڳو پگهار تي گذرسفر هئس. ڪٽپر صاحب جو گهر باقراڻي روڊ جي ڪنڊ تي ننڍڙي پلاٽ تي هيو. هيٺ سندس آفيس ۽ لائبريري ۽ مٿي سندس گهر هيو.
فيصلو ٿيو ته سندس گهر خريد ڪري، اُتي سر شاهنواز ڀٽو لائبرري ٺهرائجي. سودو ٿي ويو، ان جي بدلي کيس 500 والن جو پلاٽ سيشن جج جي گهر جي ڀرسان ڏنو ويو ۽ ڪجهه پئسا عيوضي به ڏنا ويا. هڪ گهر ڪٽپر صاحب جو ڊٺو. ٻيو ٺهڻ شروع ٿيو. پاڻ ٻارن سان سرڪاري گهر ۾ ڪراچيءَ رهندو هيو.
[b]سر شاهنواز ڀٽو لائبرري
[/b]لائبرريءَ جو ڪم به تيزي سان هلي رهيو هيو. جڏهن آئون Liaison Officer ٿيس ته مون تي اهو فرض رکيو ويو ته آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مان لائبرريءَ جي Site تي وڃان ۽ ڏهاڙيءَ جي رپورٽ تيار ڪري DC کي پيش ڪريان. ٻن ٽن هفتن کان پوءِ مون کي ڪم سمجهه ۾ اچڻ لڳو. چار منزله ڊگهو نقشو، جيڪو ترڪيءَ جي آرڪيٽيڪٽ ٺاهيو هيو، اهو به آفيس ۾ پيل هيو. پلاٽ ننڍو هيو. ڪوَرڊ ايريا وڌيڪ ۽ اڀي هئي. ماڻهن کي سامهون ڏسڻ لاءِ مناسب جڳهه ڪونه هئي. جيڪڏهن ڪنڌ مٿي ڪري لائبرريءَ کي ڏسجي ته ٽوپي يا پٽڪو ڪِري پوڻ جو انديشو هيو. مون ان کي جاچڻ شروع ڪيو. پيڙهه جو ڪم هلي رهيو هيو. مون متبادل مناسب جڳهه ڳولهڻ شروع ڪئي. رضا شاهه ڪبير (VIP) روڊ جي سونهن، ڀُٽي صاحب ۽ ڊي سي صاحب جي ڪمزوري هئي. سو مون اتي پلاٽ ڳولهي لڌو، جتي موجوده سر شاهنواز ڀٽو لائبرري آهي. اهو پلاٽ ايگريڪلچر کاتي جو هيو. جنهن جي ايراضي 0-3 ايڪڙن کان وڌيڪ هئي.
هڪ ڏينهن صبح جو جيئن site وزٽ ڪري ڊي سي صاحب کي Briefing ڏني، مون پلان جي خوبصورتيءَ جي تعريف ڪئي. وري چيو ته “ايترو خوبصورت ترڪش عمارت جو نمونو ماڻهو پوري طرح Enjoy نه ڪري سگهندا.”
DC سواليه نگاهن سان مون ڏي نهاريو ته “اڄ گونگو ڳالهائي ٿو.” مون کيس ٻڌايو ته هڪ ته site شهر ۾ اندر آهي. عام شاهراهه تي نه آهي. ٻيو ته هيتري ورٽيڪل بلڊنگ ڏسڻ لاءِ آسپاس ۾ کليل ۽ ڊگها روڊ هجن، جيڪي ڪونه آهن. ٽيون ته وچ شهر ۾ لائبرريءَ جو ماحول نه ٿو ٺهي. ڪجهه سوچيائين. پلان ڏٺائين. مون کي چيائين ته تنهنجي دماغ ۾ ڇاهي. مون چيو اها لائبرري اتي نه ٺاهجي. ٺهه پهه پڇيائين: ته پوءِ ڪٿي ٺاهجي؟ مون کيس تفصيل سان لوڪيشن جو ٻڌايو. ٻاهر نڪتو، فاڪسيءَ ۾ چڙهي نئين site تي پهتاسين. جڳهه ڏٺائين. VIP روڊ تي ڪشادو پلاٽ، جنهن تي ڪاٺ ڪٻاڙ پيو هيو. ڀرسان ڊگري ڪاليج هيو. سک سانت واري جڳهه. جيتري چاهجي، اوتري وڏي لائبرري ٺاهجي. مون کي چيائين ته “چڱو سڀاڻي موجوده سائيٽ تي ڪم روڪرائي ڇڏ. مان PM صاحب سان ڳالهايان ٿو.” ٻئي هفتي فيصلو ٿي ويو.آرڪيٽيڪٽ کي گهرايو ويو. کين نئون site ڏيکاريو، جيڪو هنن پسند ڪيو، تنهن تي کين نئين design ۽ پلان ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو. نئون پلان هنن ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو. اسلام آباد ۾ هنن ڀٽي صاحب جي روبرو ان پلان جي presentation ڏني ۽ ڪم شروع ٿي ويو.
مان اهو ئي ساڳي مانيٽرنگ جي ڪم سان لڳي ويس. 1976 جي آخر ۾ منهنجي بدلي ٿي. حڪومت جي جولاءِ 1977 ۾ وڃڻ سان لائبرريءَ جو ڪم بند ٿي ويو. پر محمد هاشم DC پنهنجي وقت ۾ ان ڪم کي ٻيهر 1985ع ۾ شروع ڪرايو ۽ مڪمل ڪرايو.
[b]ڪٽپر صاحب کي سزا
[/b]پوءِ جڏهن مارشل لا جي نتيجي ۾ ڀٽو حڪومت وئي ته ان سان گهڻن ئي اهم ليڊرن تي ڪيس داخل ٿيا. جنهن مان ڪٽپر صاحب به سرفهرست هيو. جتي مٿس ٻيا الزام لڳا، اتي اهو الزام به لڳس ته وڏن پئسن تي معمولي گهر وڪڻي اهم جڳهه تي پلاٽ حاصل ڪيائين، ۽ گهر ٺهرايائين. گهر جنهن مقصد لاءِ وڪيو هئائين، ان مقصد لاءِ استعمال نه ٿيو.
ڪٽپر صاحب وڏو عرصو جيل ۾ رهيو. سندس اهو نئون گهر ملٽري سرڪار ضبط ڪري ورتو. پراڻو گهر/پلاٽ به ويو. ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. وڏو ظلم ساڻس اهو ٿيو ته مٿس وڪالت ڪرڻ جي به پابندي لڳائي وئي ۽ سندس سنَد به ضبط ڪئي وئي. ان کان پوءِ جڏهن آزاد ٿيو ته پنهنجو ۽ ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ ڪراچيءَ لياري ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليائين، جنهن تي ڪيئي سالن تائين گذرسفر ڪندو رهيو.
بدنصيبيءَ سان اهڙي شخص جي خدمتن جو پ پ پ قدر نه ڪيو ۽ بينظير صاحبه جي ٻنهي حڪومتن ۾ سندس تجربي جو فائدو نه ورتو ويو. بيگم نصرت ڀٽو ڪجهه وقت لاءِ کيس زيد بن سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر ڪيو.
31 ڊسمبر 1989 تي ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي وڪالت جي سلسلي ۾ آيو، مون کيس پنهنجي گهر تي منجهند جو مانيءَ تي گھرايو. مون ان وقت جي لاڙڪاڻي جي ڪمشنر K. B Rind کي به دعوت ڏني.
ماني کائي ڊگهي ڪچهري ڪئيسين. اسان صرف ٽي ڄڻا هئاسون، مون کيس چيو ته مان توهان جو ڪجهه ڪجهه ڏوهي آهيان ۽ اڄ توهان جي آڏو اعتراف ٿو ڪريان، پوءِ مون کيس سندس پلاٽ تي لائبرري ٺهرائڻ وارو قصو ٻڌايو. پاڻ کليو ۽ رند صاحب به Enjoy ڪيو.
ڪٽپر صاحب جي وفات کي ٽي چار سال ٿي چڪا آهن. پاڻ ڪراچيءَ ۾ دفن آهي.
اسان جي family جا سندس خاندان سان نه فقط سٺا تعلقات آهن، پر سندس ناٺي سابق وزير، حسن علي چانهيي ۽ سندس نياڻي ناهيد چانهيو سان به تمام گهڻي ويجهڙائپ آهي.
[b]اشرف عباسي صاحبه
[/b]ڀٽي صاحب جي ان دؤر ۾ محترمه بيگم اشرف عباسي صاحبه قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر هئي. ان کان اڳ ۾ عورتن کي اهڙي اهم سياسي سيٽ ڏيڻ جي روايت ڪونه هئي. ڀٽو صاحب تاريخ ساز ماڻهو هو. هن عام ماڻهن مان ليڊر ٺاهيا. ليڊرن مان هيرو ٺاهيا. پوءِ انهن جڏهن ڀٽو صاحب کي ڇڏيو ته هيرو مان زيرو ٿي ويا.
في الحال ته هتي مان غلام مصطفيٰ کر جو مثال ٿو ڏيان، جيڪو شيرِ پنجاب ٿي ويو. آرمي ۽ ايئرچيف کي اغوا ڪري گورنر هائوس پنجاب ۾ بند ڪيائين. پنجاب پوليس جي هڙتال، آرميءَ جي انڪار کان پوءِ پنهنجي سياسي ورڪرن جي مدد سان چٿيائين. اِها ليڊرشپ ڀٽي جي هئي، جنهن 30-40 سالن جي عمر جا گورنر مقرر ڪيا ۽ انهن کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو، پر بيگم عباسيءَ ۽ ان جي خاندان نسل در نسل ڀٽي خاندان سان نڀايو ۽ ڪڏهن به پير پٺتي نه ڪيو. بدنصيبيءَ سان شهيد بينظير ڀٽو جي وفات کان پوءِ عباسي خاندان پوئتي ٿي ويو يا کين پوئتي ڪيو ويو.
[b]رتيديرو جو چيئرمين
[/b]عبدالرزاق سومرو وڪيل ۽ عبدالواحد سومرو ۽ سندس گهرواري بيگم رقيه خانم سومرو، ڀٽو خاندان سان ويجها رهيا. سومرو عبدالرزاق BD سسٽم ۾ 1960 ۾ رتيديري جو ٽائون ڪميٽيءَ جو Chairman ٿيو ۽ ٻي اليڪشن ۾ عبدالواحد سومرو Chairman ٿيو. سندس پٽ ڊاڪٽر شفقت سومرو 2005 ۾ مشرف واري بلدياتي نظام ۾ تعلقه ناظم ٿيو.
بيگم رقيه سومرو ضلعي پ پ ۽ سنڌ پ پ پ جي وومين ونگ جي صدر رهي. بيگم فاطمه عبدالرزاق سومرو به ضلعي پ پ پ جي صدر رهي.
بيگم رقيه سومرو ڊگهو عرصو PPP جي MNA ۽ MPA رهي. هاڻي سندس صحت صحيح نٿي رهي. سندس ڌيءَ سيمي سومرو PPP جي ايم. پي. اي آهي. 2015 جي اليڪشن کان پوءِ رتيديري ميونسپل جو غلام مصطفيٰ گهانگهرو چيئرمين ۽ سيد ميهر شاهه، جسٽس ديدار حسين جو سئوٽ وائيس چيئرمين ٿيو آهي.
سيد خاندان رتيديري جي سياست ۾ اڳڀرو هيو. سائين وريل شاهه، مسلم ليگ جي سياست ۾ اڳڀرو هوندو هيو. پاڪستان ٺاهڻ واري مسلم ليگ جي ڪردار کي رتيديري ۾ گرمائڻ وارو سيد وريل شاهه هيو. شاهه صاحب ، سيد بچل شاهه ۽ راجا غضنفر جو والد هيو. قاضي فضل الله ۽ کهڙي محمد ايوب جو ڀرجهلو هيو.
ڀٽي صاحب 1958ع کان پوءِ چمڪڻ شروع ڪيو ته شاهه صاحب سندس مخالفت نه ڪئي. 1970ع جي اليڪشن ۾ شاهه صاحب بيماري جي بستري تي هيو. ڀٽو صاحب سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ويو ۽ کيس چيائين ته PPP ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريو. منهنجي ڄاڻ موجب شاهه صاحب چيس ته “منهنجا سڀ پٽ ڀائٽيا توهان سان آهن. منهنجون دعائون به توهان سان آهن. اعلان ڪريان يا نه ڪريان، ڪهڙو ٿو فرق پوي.”
[b]جسٽس ديدار حسين شاهه
[/b]ان خاندان مان سيد ديدار حسين شاهه جو ستارو چمڪيو ۽ خوب چمڪيو. وڪالت شروع ڪيائين. بينظير صاحبه کيس ممتاز ڀٽي صاحب جي روبرو اليڪشن ۾ بيهاريو. جڏهن ته پراڻا گهاگهه پيپلا ۽ سياسي شخصيتون ۽ ڀٽي خاندان جو ڪوبه فرد اهڙي همت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. ڪنهن وقت سائين ديدار حسين شاهه PPP جي سياست ۾ ممتاز ڀٽي صاحب جو ساٿي يا ورڪر ٿي ڪم ڪندو هيو. پوءِ جڏهن پارٽيءَ آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ته سيد ديدار شاهه رتيديري جي تڪ تان ممتاز صاحب جي مقابلي ۾ بيهي ته گوڏا کوڙي بيهي رهيو. هن اها سيٽ کٽي. سيد ديدار شاهه صاحب جي سياست جي شروعات هڪ ڊرامائي انداز ۾ ٿي. شاهه صاحب 1988ع ۽ 1990ع ۾ ممتاز صاحب کان سيٽ کڻي ويو.
سيد ديدار شاهه، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تمام سٺو پرفارم ڪيو. سيد صاحب سنڌ جي حقن جي معاملي تي پارٽي لائين ڪراس ڪري به ڳالهائيندو هيو. 1990ع ۾ ڄام حڪومت هئي. پ پ لاءِ ڏکيو دؤر هيو، پر ان ۾ به شاهه صاحب خوب پاڻ موکيو.
1993ع واري اليڪشن ۾ ممتاز صاحب ڪامياب ٿيو. پاڪستان ليول ۽ سنڌ ۾ PPP جي حڪومت ٿي. شاهه صاحب کي 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو. پوءِ پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ جو جج پڻ ٿيو، جتان 2002 ۾ رٽائر ڪيائين.
کيس NAB جو چيف پڻ ڪيو ويو، پر سندس پراڻي ساٿيءَ، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي اها ڳالهه نه وڻي. جڊيشريءَ ۾ اهو به عجيب دؤر هيو. 104 هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ جا جج برطرف ڪيا ويا.
ديدار حسين شاهه صاحب جتي وڏو جج، وڏو عملدار ۽ شاندار پارليامينٽرين رهيو. اتي هن ۾ بي انتها خوبيون، خصلتون ۽ ماڻهپو به آهي. ڪنهن کي به گهٽ ۽ ڪمتر نه سمجهندو آهي. وس آهر هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. دسترخوان، دل ۽ دماغ جو ڪشادو. مرڻي پرڻي تي تعلقدارن سان ڀيرو ڪندو رهندو آهي. هاڻي 80 سالن جي عمر کي ويجهو پهتو آهي. اهڙا ماڻهو اعلي قدرن جا پاسدار هوندا آهن. الله تعاليٰ سائين ديدار حسين شاهه کي وڏي عمر عطا ڪري. هن وقت پرنسٽن يونيورسٽيءَ جو پرو چانسلر آهي.
مان سال سوا AC (UT) لاڙڪاڻو رهيس، پر ڪنهن به AC/SDM يا مختيارڪار جي بدلي نه ڊي سيءَ ڪرائي، نه ڪنهن ٻئي ڪئي. خالد صاحب سڀني کي ٽيم ڪري کڻي هليو. دٻڙاٽ ڏيندو هيو. پر مارائيندو ڪونه هو. هرڪو پنهنجي جاءِ تي active ۽ خبردار، ڪو ڪم ڪنهن کان نه گُسندو هو. ست تعلقه آفيسر هئا، انهن مان ڪن جا نالا ياد آهن: غلام دستگير ابڙو، غلام مصطفيٰ جوکيو، محمد بخش سومرو، رسول بخش منگي وغيره هي سڀئي مختيارڪار هئا. ڊي سي جي آفيس ۾ سپرنٽينڊنگ جي اهم پوسٽنگ ٿيندي آهي. اها دراصل DC آفيس جو دماغ سمجهي ويندي آهي. هڪڙو اهڙو دماغ مظفر حسين ابڙو به هيو، جيڪو ڀنگ پيئندو هيو، پر سدائين ڦڙت هوندو هيو. ڊي سيءَ جو PA اڪبر راشدي هوندو هيو. ڇا ته ماڻهو هيو. اهڙا ماڻهو ۽ عملدار مان گهٽ ڏٺا. AC (UT) جي زماني ۾ منهنجو استاد هيو. مان کانئس سکندو هئس. 97-1996 ۾ مان جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊي سي ٿيس ته راشدي صاحب اتي ڪانٽريڪٽ تي Red Crescent ۾ ڪم ڪندو هيو، جنهن جو صدر DC هوندو آهي. منهنجو مٿس گهڻو ڀروسو هيو. کيس مان اڃا تائين استاد ڪوٺيندو آهيان.
[b]پهرين پوسٽنگ ڪراچيءَ ۾
[/b]آڪٽوبر 1976ع ۾ مونکي ڪراچي ۾ سٽي ڪورٽ ۾ Aditional City Magistrate (ACM) ڪري موڪليو ويو. ڪراچي وڃڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو هيو.
[b]بابا جي دوست کان چارج ورتي
[/b]ٻن اڍائي مهينن ۾ جان ڇڏايم. سکر ۾ منهنجي واپڊا ۾ ڊيپوٽيشن تي Laud Acquission Officer (LAO) طور پوسٽنگ ٿي. اتي شمس الدين سومري کان جنوري 1977 ۾ چارج ورتم. جيڪو منهنجي والد سان گڏ ڪم ڪري چڪو هيو. سکر جي پوسٽنگ منهنجي لاءِ سهولت واري هئي. واپڊا جو هڪ نئون ٽن ڪمرن وارو بنگلو مليو. سرڪاري جيپ، پيٽرول، ڊرائيور، بورچي، ٺٺ ٺانگر. وڏو شهر. دوا درمل. ڊاڪٽر جو سک. ڳوٺ جي ويجهڙائي. سکر هونئن به مونکي خوابن جو شهر ڀاسندو آهي. نوان ڪتاب ۽ رسالا ملندا هئا. گهنٽا گهر وٽان shopping جو مزو. ڪافي دوست اسسٽنٽ ڪمشنر اتي post ٿيل هئا. انهن سان ڪچهريون، ملاقاتون ۽ دعوتون. اڪيلائي محسوس نه ٿيندي هئي. PD واپڊا اسان جو ڳوٺائي ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر منور راڄپر جو ڀاءُ، محمد صلاح راڄپر هيو.
[b]سکر جو ماحول
[/b]منظور اعواڻ، انور کوکر، احمد بخش کوکر، مير شفقت، اڪبر سومرو (جيڪو منهنجو لاڙڪاڻي هاسٽل ۾ روم ميٽ هيو)، سيد جاويد شاهه جيلاني خيرپور وارو، ۽ ٻيا نوجوان دوست سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪرين ۾ لڳل هئا. اسلام الدين شيخ، انور کوکر SDM سکر سان ويجهو هوندو هيو. تنهن ڪري اسان جي حلقي ۾ شامل هيو. کيس تڏهن چوندا ئي اسلام الدين کوکر والا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ 1979 ۾ سکر جو ميئر ٿيو ۽ سندس ڀاڳ کليو. سلمان فاروقيءَ کي ويجهو ٿيو ۽ گورنر عباسيءَ جو Family Friend ٿي ويو. سکر جو MNA علي حسن منگي صاحب 1970 ۽ 1977 جي election ۾ چونڊجي ڪامياب ٿيو هيو. 1970 ۾ ته منگي صاحب هڪ سياسي معرڪو سر ڪيو. پيرزاده عبدالستار ڪنهن وقت سنڌ جو CM رهيو هيو ۽ وفاقي وزير اي. ڪي. بروهي جيڪو نالي وارو قانوندان ۽ وزير هيو ۽ محترم مولانا عبدالڪريم ٻير واري کي 1970 واري اليڪشن ۾ شڪست ڏني. پاڻ آزاد اميدوار ٿي اليڪشن ۾ بيٺو هيو، پر کيس PPP جي سپورٽ هئي. اليڪشن کٽڻ کان پوءِ منگي صاحب PPP ۾ شامل ٿي ويو. منگي صاحب هميشه ڀٽي صاحب کي ويجهو رهيو ۽ سندس دوست هيو. 1985 جي نان پارٽي اليڪشن ۾ اسلام الدين شيخ جي مقابلي ۾ هارائي ويو. اسلام الدين شيخ، جوڻيجي صاحب جي حڪومت ۾ منسٽر آف اسٽيٽ ٿيو، پر مٿس ڪي الزام لڳائي وزارت کان ڌار ڪيو ويو. ان دؤر ۾ اسلم سنجراڻي صاحب، اسلام الدين جو سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي شگر مل جو جنرل مئنيجر رهيو.
اسلام الدين پوءِ، پير صاحب پاڳاري جي مدد سان Senator ٿيو. هاڻي (2015 ۾) به PPP جو Senator آهي. پاسا مٽائي زرداري صاحب جي مهربانيءَ سان PPP ۾ آهي. پاڻ Senator، ته پٽ نعمان شيخ وري سکر مان MNA. منگي صاحب 1988 ۾ آخري election کٽي. 1990 ۾ پ پ پ کيس ٽڪيٽ نه ڏني. 1993 ۾ منگي صاحب جو 82 سالن ۾ death ٿي ويو. ائين منگي خاندان جا سکر مان سياسي طرح ٽپڙ ويڙهجي ويا. هاڻي سيد خورشيد شاهه جو سکر جي سياست ۾ بول بالا آهي، ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ PPP جي پاران مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي. سنڌ ۾ به PPP جو سگهارو ليڊر سمجهبو آهي. اڪثر سندس لاءِ سنڌ جي CM ٿيڻ جون افواهون به هلنديون رهنديون آهن. ڏسجي ته اهي افواهون ڪڏهن ٿيون حقيقت جو روپ وٺن، يا افواهون افواهون ٿيون رهن. پر اها حقيقت آهي ته خورشيد شاهه صاحب پاڻ کي، مرحوم مخدوم محمد امين فهيم کان پوءِ، PPP جو مضبوط سياسي ليڊر ثابت ڪيو آهي.
[b]علي حسن منگيءَ جا پويان!
[/b]منگين جو بخت، علي حسن منگي صاحب پاڻ سان قبر ۾ کنيون ويو. هاڻي ته ڪو منگي سکر مان ڪائونسلر به نه چونڊجي سگهيو آهي. سندس پيارو پٽ، گلو آفتاب منگي ٻه ٽي سال ٿيندا ڪراچيءَ ۾ فوت ٿي ويو ۽ پيءُ ماءُ جي قبرن جي ڀرسان ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. منگي صاحب جي نياڻي ڊاڪٽر انور منگي، ڪراچي Bath Island ۾ رهي ٿي. سندس ٽيئي ٻار بي انتها هوشيار ۽ پروفيشنل آهن. پٽ بابي هوسٽن ۾ رهي ٿو. سندس عمر چاليهن سالن کان ڪجهه مٿي آهي ۽ USA جي چونڊ دل جي ماهر ترين ڊاڪٽرن/ سرجنن مان هڪ آهي. ڌيءَ نوين (نومي) منگي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. Bloom Berg TV Channel جي ڪنٽري مئنيجر آهي. ڊان اخبار ۾ Social Issues تي مستقل ڪالم لکندي آهي ۽ Ali Hassan Mangi Trust جي چيئرپرسن آهي. خيرو ديرو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تعليم ۽ ترقي تي 10 سالن کان پراجيڪٽ هلائي رهي آهي. پاڻ پنهنجي زندگي بهبود جي ڪمن کي ارپي ڇڏي اٿائين!
ٽيون ٻار، بيشا نيويارڪ ۾ رهي ٿو. آمريڪا جو Top Lawyer آهي ۽ هڪ law firm جو پارٽنر آهي. سندس عمر چاليهن سالن کان ننڍي آهي.
ڊاڪٽر عبدالله منگي، 1997ع ۾ ميڊيڪل ايڊوائيزر SESSI تان ريٽائر ٿيو. سندس گهر واري ڊاڪٽر انور، جيڪا Psychiatrist آهي، ۽ ڌيءَ نومي ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. خادم حسين منگي، جيڪو علي حسن منگيءَ جو ڀاڻيجو آهي. ان 2015ع ۾ بنگل ديرو، ضلعي لاڙڪاڻي يونين ڪائونسل مان محترمه فريال ٽالپر جي مهربانيءَ سان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ کٽي آهي.
[b]ڀٽي صاحب جي شهادت
[/b]مان سکر ۾ ئي هئس، جو ڀٽي صاحب جو ٽرائيل هلي رهيو هيو. ملڪ جا حالات ڏهاڙي خراب ٿيندا پئي ويا. آرمي وارن جو ضد، ڪورٽ ۾ مولوي مشتاق جو ضد. سياسي ڌريون ورهايل. PPP اڪيلي ٿي وئي. پارٽي جا وڏا ليڊر به سختيون سهي تنگ ٿي پيا هئا. ضياءَ جو عوام تي دٻاءُ برقرار. ماڻهو جيلن ۾ ڪوڙا ۽ ڦاسيون کائيندا رهيا. کين جس آهي، پوئتي نه هٽيا. وڌئون وڌ ۽ اڳي کان اڳرا رهيا. ان کي عوامي قوت چئبو آهي.
مولوي مشتاق (جسٽس) نيٺ ڀٽي صاحب کي رضا قصوريءَ جي پيءُ جي قتل جي ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دنيا جي ماهر قانوندانن اهڙي فيصلي تي تنقيد ڪئي. هڪ ته بنيادي ڪيس هلائڻ واري ڪورٽ، سيشن ڪورٽ کان اهو ڪيس منتقل ڪري هاءِ ڪورٽ پاڻ ٽرائيل ڪيو. اهڙي طرح جوابدار جي هڪ appeal جو حق سلب ڪيو ويو.
ٻيو اهو settled قانون آهي ته، جيڪو قتل جي بڇ ڏيندو آهي، ان کي موت جي سزا نه ڏني ويندي آهي. ڀٽي صاحب تي اهو ڪمزور شاهدين سان ثابت ڪيو ويو، جنهن ۾ سلطاني گواهه شامل هئا، ته ڀٽي صاحب جي چرچ تي محمود احمد خان قصوري قتل ٿيو. قتل جو نشانو سندس پٽ هيو، پر مري پيءُ پيو.
پر سڀني قاعدن قانونن کي پوئتي اڇليو ويو. ملڪ ۾ ته ڄڻ موت جي خاموشي ڇانئجي وئي. دنيا ۾ ڀٽي صاحب جي سربراهه دوستن کي به ان ڦاسيءَ تي انتهائي رنج پهتو.
اپيل ڪئي وئي. ٻاهرين دوست ملڪن جي سربراهن به ڀٽي صاحب جي جان بخشيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون. سپريم ڪورٽ جي 11 ججن ڪيس ٻڌڻ شروع ڪيو. اهي وڃي 7 بچيا. چون ٿا ته يحيٰ بختيار ڪيس کي غير ضروري طرح اينگهايو. جيڪي وڌيڪ خودمختيار جج هئا، انهن کي ضياءَ پنهنجي حڪمت عمليءَ سان هٽايو. 7 جج وڃي فيصلي ڏيڻ وقت بچيا. چار جج پنجاب جا ۽ ٽي جج هر هڪ صوبي جا. چئن ججن يڪراءِ فيصلو ڏنو ۽ ٽن ججن ان Majority فيصلي سان اختلاف ڪيو، پر پوءِ به جسٽس انوارالحق اها موت جي سزا بحال رکي. جڏهن ته ورهايل فيصلي موجب سزا گهٽائي، ان کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي.
ضيا کي ڪنهن چيو هيو ته “قبر هڪ آهي. ماڻهو ٻه آهن. هڪ ڀٽو ٻيو تون. توکي چونڊ ڪرڻي آهي ته موت ڪنهن کي ملي.” ضياء، ڀُٽي صاحب جي چونڊ ڪئي.
ضياء، خانه ڪعبه ۾ به ياسر عرفات سان واعدو ڪيو هيو ته ڀٽي کي ڦاسي نه ڏيندم، پر ائين نه ٿيو.
پارٽيءَ وارن کي چيو ويو ته عوامي احتجاج ڪيو، پر ليڊرن جو خيال هيو ته ڀٽي کي ڦاهي نه ايندي.
سڀ ڪارروايون پوريون ڪيون ويون. 4 اپريل 1979ع کيس ڦاهي ڏيڻ جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو.
منظور اعواڻ سکر جي ڪمشنر الله بخش سومرو جو اسٽاف آفيسر هيو، مونکي 10 بجي فون ڪيائين ته آئون سندس آفيس ۾ اچان. هر آفيسر فون تي ڳالهائڻ کان احتياط پئي ڪيو. مان تڪڙو تڪڙو سندس دفتر ۾ ويس. منهن لٿل هيس، ايئن پئي لڳو ڄڻ روئيندو هجي. ڪمشنر آفيس ۾ هجڻ ڪري هن جي اطلاعات جا ذريعا وسيع هئا. مون کي ٻڌايائين ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏئي ڇڏيائون. ايئن چئي هو خاموش ٿي ويو. مان به چپ ٿي ويس. ڪافي دير اندر ئي اندر ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهياسون. پوءِ ڪجهه سامت ۾ آياسين ته احوال ڪيوسين.
Dead body راولپنڊيءَ کان C-130 ۾ سکر ايئرپورٽ تي آندي وئي. اتان آرميءَ جي هيليڪاپٽر ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچائي وئي. ڀٽي صاحب جو لاش، خاندان جي بزرگ ممتاز صاحب جي والد نواب نبي بخش خان ڀٽي جي حوالي ڪيو ويو. ڪجهه دير لاءِ زنان خاني ۾ لاش موڪليو ويو. پوءِ سندن آباڻي قبرستان ڳڙهي خدا بخش ۾ دفن ڪيايون. سندن خانداني مولوي محمود ڀُٽي صاحب جنازِه نماز پڙهائي ۽ سندن مئنيجر نذر محمد خان لغاري ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو هيو. تمام مختصر ماڻهن کي جنازي نماز پڙهڻ جي اجازت ڏني وئي.
سکر جو ڪمشنر الله بخش سومرو هيو. ڊي سي لاڙڪاڻو شاهد عزيز صديقي ۽ رتيديري جو AC/SDM خالد محمود سومرو هيو.
ڀٽي صاحب جي موت کان پوءِ عجيب ڳالهيون هلايون ويون ته ڀٽو صاحب مئو ناهي، جيئرو آهي، وري موٽي ايندو. ۽ ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه ڏني وئي، پر ان کان اڳ ۾ کيس تشدد ڪري ماريو ويو آهي. ڀلي ڀٽي صاحب پاڻ کي پاڪستان جو ۽ دنيا جو ليڊر ثابت ڪيو. پر وقت اڄ به اهو ثابت ڪيو ته سنڌين کيس نه وساريو آهي. هُن به سنڌين جي حيثيت بدلائي ڇڏي. هاڻي به جيڪو سنڌي پنهنجي وجود کي قائم رکيو بيٺا آهن، ان جو سبب ڀٽي صاحب جي سياست ۽ پاليسيون آهن. نه ته سنڌين کي ڏاڍو سهانگو تين وال ڪيو پئي ويو. اسان کان پوءِ جي نسل جا ٻار، جن ڀٽي صاحب جو پاڇو به نه ڏٺو هيو، اهي به اڄ ‘جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو’ ڪندا ٿا وتن.
[b]علي ڏنو پنهور
[/b]جنوري 1977 کان جنوري 1979 تائين منهنجا ٻه سال واپڊا ۾ ڊيپوٽيشن تي سُک سانت ۾ گذري ويا. پر انتظامي مُک ڌاري کان ٻاهر ڄڻ اٻاڻڪو ۽ ڪٽيل هوس. سو پنهنجي دوستن منظور علي اعواڻ ۽ مير شفقت سان صلاح ڪيم. ٻئي ڪمشنر، سکر جا لاڏلا آفيسر هئا. انهن سان گڏجي ڪمشنر سکر جناب علي ڏني پنهور وٽ وياسون. پنهور صاحب انهن ٻنهي صاحبن کي گهڻو ڀائيندو هيو. اسان جي وٽس پهچڻ سان چيائين ’توهان ٽنهي اسٽرائيڪ ڪئي آهي ڇا؟‘ کيس مقصد ٻڌايم ته منهنجا ٻه سال واپڊا ۾ گذري ويا آهن. سکر ۾ City Magistrate جي پوسٽ خالي آهي. مهرباني ڪري اتي پوسٽنگ ڪرايو. واعدو ڪيائين. سندس AC (G) فقير محمد ڏهر هيو. ان کي چيائين ته عبدالقادر لاءِ CS کي DO لکڻو آهي.
ڪافي عرصو انتظار ۾ رهياسون. ڏهر صاحب کان پڇندا رهياسون، نيٺ ڏهر صاحب ٻڌايو ته ڪمشنر صاحب جو خيال آهي ته سکر شهر مان علي حسن منگي MNA جو اميدوار آهي. متان عبدالقادر سندس مدد ڪري تنهن ڪري فيصلو نٿو ڪري سگهي. پنهور صاحب ڏاڍو ڳجهو ۽ محتاط آفيسر هيو. ڪنهن به قسم جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو هيو.
ايڏو ڳجهو هوندو هيو، جو ڪو ڪاغذ سندس ٽيبل تي پيو هوندو هيو ۽ ڪو ويجهو ماڻهو ان متعلق خبر وٺندو هيس ته ان ڪاغذ جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندو هيو. شايد ان خاصيت جي ڪري پنهنجي آفيسرن جي اکين جو تارو هوندو هيو.
جڏهن منهنجي 96-1995 ۾ خيرپور ۾ پوسٽنگ هئي ته ساڻس گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. صاف سٿرو ٿي رهڻ وارو، علم ۽ ادب جو ڄاڻو، ڪتابن جو شوقين. سندس اهي ئي مشغلا هوندا هئا. جيڪي اسان تي سندس ريٽائرمينٽ کانپوءِ ظاهر ٿيا. اهو راز به سرڪاري orders وانگر اندر ۾ سانڍيو ويٺو هيو. سندس انتقال اباڻي شهر خيرپور ۾ ٿيو. اتي ئي دفن آهي.
سندس ڀاءُ منظور حسين پنهور وڏي عرصي تائين آءِ جي (I.G) جيلز رهيو. اهو به سنڌ جو نالي وارو آءِ جي هيو، جيڪو ڊسمبر 2015 ۾ تقريباً سؤ سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو.
پنهور صاحب مان آسرو لاهي چپ ڪري رهيس. پر دل ۾ اها ئي سُئي اٽڪيل رهي ته منهنجي ڪيريئر جا چار سال گذري ويا آهن. ڪجهه دوست AC/SDM ٿي ويا هئا. منهنجي اسڪول جو دوست پرڪاش ان دور ۾ ڪراچيءَ جو مشهور ڊينٽل سرجن هيو. عباسي شهيد اسپتال ۾ به نوڪري ڪندو هيو ۽ مشهور ڊاڪٽر سرجن شيخ نصير جي اسپتال ۾ به شام جو پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائيندو هيو. هن جي دوستي چيف سيڪريٽريءَ کان سيڪريٽريٽ جي پٽيوالن تائين هر ڪنهن سان هئي. ان دور جو بااختيار ايڊيشنل سيڪريٽري ڪرنل خالد هيو. ان سان به وڃي ياري رکيائين. منهنجي خواهش جِي پرڪاش کي خبر هئي. ڪرنل صاحب جي ڪڍ پئجي ويو. ڪرنل خالد صاحب منهنجي بدلي بطور AC/SDM کپرو ڪئي.
پرڪاش جو اهو ٿورو اڃا ڳائيندو آهيان. 19 سيپٽمبر 1979 تي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيس.