9. جنوري 1992ع کان آگسٽ 1993ع
[/b]28 فيبروري ۽ پهرين مارچ1991ع جي وچ واري رات هئي. تقريباً هڪ بجي منهنجي گهر واري خورشيد قادر منگيءَ جو Death ٿي ويو. ناقابل يقين! پنجن منٽن جي پنڌ تي اسپتال هئي. ڊاڪٽر به پهچي نه سگهيو هو.
27 ڊسمبر 1990ع تي اسان پنهنجي شادي جي ويهين سالگره ملهائي هئي. مان ان معاملي ۾ ڏاڍو سودائي آهيان. مان ٻارن جي، پنهنجي، خورشيد جي، يا شاديءَ جي سالگرهه ملهائڻ کان لنوائيندو هئس. سوچيندو هئس ته ڪنهن دشمن جي بدنظر نه لڳي وڃي. هڪ ٻن سالن کان ٻارن جي سالگره ملهائڻ شروع ڪئي هئي. ان سال اسان 15 سيپٽمبر تي 1990ع تي انيس جي چوڏهين سالگرهه ملهائي هئيسين.
هو 15 سيپٽمبر 1976ع تي ڄائو هيو. خورشيد کي سڀ گهر ۾ پيار مان ’خورشي‘ چوندا هئا، انيس جي ڄمڻ تي ته ايترو خوش هئي، جو ڄڻ ڪنهن عمر جو حاصل ملي ويو هجيس. صفيه ۽ ذڪيه سال جي وقفي سان ڄايون هيون، ته پاڻ ڏاڍي نراس ٿي هئي. کيس پٽ ڄمڻ جي ڏاڍي تمنا هئي، پر پٽ ڄمڻ جي وچ ۾ چئن سالن جو وڏو وقفو ٿي ويو. سندس طبيعت به ٺيڪ نه پئي رهي. سنڌن جي سُور جي ڪري ٻيون پيچيدگيون (Complications) به پيدا ٿي رهيون هيون. ڊاڪٽرن به صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن پنهنجي حياتي عزيز اٿوَ ۽ تڪليفن کان به بچڻ ٿا چاهيو ته وڌيڪ ٻار پيدا نه ڪريو. پر پنهنجي ڏک سور جي هن کي ڳڻتي نه هئي. هن کي ته پٽ جي خواهش هئي، سو پٽ جي اولاد لاءِ درگاهن، فقيرن تي دعائون، سُکائون به ڪندي هئي!
15 سيپٽمبر 1976ع تي انيس ڄائو. مان گهر ڪونه هئس، جڏهن ڇٽيءَ واري رات گهر پهتس ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي. منهنجي سامهون آئي ته خوشيءَ ۽ شرم وچان سڄي ڳاڙهي ٿي وئي هئي. مون مبارڪون ڏنيون مانس ته جواب به پوري طرح نه ڏئي سگهي. آواز سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هيو. ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ هوءَ ڪا نئين نويلي ڪنوار هجي. ڇٽيءَ تي ويجهي پري جا سڀ مائٽ سڏايا هئائين. انيس اسان سڀني جي پيار جو مرڪز هيو ۽ آهي، پر افسوس جو هوءَ نه رهي آهي.
پاڻ 1990ع ۾ انيس جي چوڏهين ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ هُن آخري سالگره ملهائي. ڪنهن ٿي ڄاتو ايندڙ سال 15 سيپٽمبر تي هوءَ ڪونه هوندي.
[b]اسان جي شاديءَ جي ويهين سالگرهه
[/b]جڏهن اسان پنهنجي شاديءَ جي ويهين سالگرهه پئي ملهائي ته صرف پنهنجي گهر جا ڀاتي ۽ تمام ٿورا مائٽ گهرايا هئا ته متان اسان جي شاديءَ کي نظر نه لڳي وڃي. مون کي وِسوسا گهڻا ٿيندا هئا. مائٽ گڏيا، اسان ٻنهي گهر ۾ سٺي ۾ سٺا ڪپڙا پاتا هئاسون. توڙي جو اها سياري جي چوٽ جي رات هئي. پر اسان لان ۾ مچ ٻاري پينگهي ۾ ويٺا هئاسون. ماني به ٻاهر کاڌي سون ۽ رات جو ڪافي دير سان اهو فنڪشن ختم ڪيوسي. مائٽن اسان ٻنهي جي نظر لاٿي ۽ دعائون ڏنيون. اسان جا ٻار به خوش هئا. انهن ٽنهي اسان کي ٻڌايو ته ايئن ڪم نه هلندو، توهان جي شاديءَ جي سلور جوبلي ٺٺ سان ملهائينداسون. ان رات ويهي حساب ڪيوسي ته منهنجي عمر ٽيتاليهه سال ۽ سندس عمر ستٽيهه سال هئي. مون کيس ٻڌايو ته منهنجي رٽائرمينٽ ۾ اڃان سترهن سال آهن. رٽائرمينٽ تائين اسان جا ٻار به پنهنجي گهرن وارا ٿي ويندا. اسان هلي ٻنيءَ تي گهر ٺاهي رهنداسون. وڏي جهوپڙي ٺهرائينداسون. مان ويٺو چلم ڇڪيندس. چيچڙي ۾ ڪمند مان ڳڙ ٺاهينداسين ۽ تون هارياڻين ماين جا ويٺي فيصلا ڪجانءِ ۽ مسئلا حل ڪجانءِ. سندن ٻارن کي قرآن پڙهائجانءِ ۽ اسڪول کولائي ڏجانءِ ته ٻار به ڪجهه عقل سکن.
اسان جي شادي کي ته ويهه سال ٿيا، پر اسان جو نڪاح ٻه سال، چار مهينا اڳ ۾ ٿيو هيو. مان پشاور هليو ويو هوس، پر هوءَ گهر ۾ ويٺي منهنجي واپسيءَ لاءِ هڪ هڪ ڏينهن ڳڻي رهي هئي. مان موڪل تي ايندو هوس ته نه ملڻ جي اجازت هئي، نه ڏسڻ جي، نه ڳالهائڻ جي. حالانڪه اسان جو نڪاح به ٿيل هيو ۽ اسان شرعي طرح زال مڙس هئاسون، پر چون پيا ته شادي نه ٿي آهي. شاديءَ ۾ صرف لانئون ئي ته رهيل هيون. هاڻي ته ڇوڪرو ڇوڪري نڪاح کان اڳ ۾ ئي ملن جلن ٿا، اٿن ويهن ٿا. مينديءَ تي گڏجي ڊانس به ڪن ٿا. نڪاح پوءِ ٿو ٿئي. ڀلا اِهو جائز آهي ڇا؟
اهي ٻه سال چار مهينا بيجا انتظار جا به گذري ويا ۽ اسان جي شادي ٿي. منهنجو جدوجهد جو هڪ مرحلو ته گذري ويو، اچي زندگيءَ جو اهم ۽ ڏکيو مرحلو شروع ٿيو. بهتر کان بهتر مستقبل لاءِ نئين سر ڪوشش ۽ جدوجهد شروع ڪئي، جنهن ۾ مان اڪيلو نه هئس، هوءَ به شامل هئي. ان کان پوءِ اسان جي زندگيءَ جو هر لمحو محنت ۽ لگن سان، ڏکن سکن جو گڏيل داستان آهي. مان اڪيلو ڪونه هئس. اسان دک درد جا شريڪ هئاسون. منهنجي خوشين جي دنيا ڪيتري وسيع ٿي وئي. اڳ ته خوشي ڳولي نه لڀندي هئي. منهنجي آس پاس منهنجي زال، ٻارن جي ماءُ جي روپ ۾، چوطرف خوشيون جهمر هڻنديون رهيون. جيئن ته ٻار وڏا پي ٿيندا ويا، اسان کي پنهنجي ذات جي تڪميل جو احساس به اوترو مستحڪم ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو. ٻارن جون مسڪراهٽون گُل ٽيڙينديون هيون. هو انهن سڀني گلن جي آبياري ڪرڻ واري مالي هئي. اهي احساساتي خوشيون اسان جي وجود ۾ شامل ٿي ويون هيون. هڪ ٻئي کان سواءِ انهن خوشين جو احساس ئي اڌورو ۽ نامڪمل هيو.
[b]ٿــر[/b]
لاڙڪاڻي جي پوئين سالن ۾، هڪڙي جڳهه تي رهندي رهندي هو بيزار ٿي پئي هئي. مان به تبديليءَ جي آس من ۾ سانڍيو ويٺو هئس. ان هورا کورا دوران ئي منهنجي ڪاماري ٽنڊي الهيار واري دوست پير نور محمد شاهه جيلانيءَ چيو ته ٿر نئون ضلعو ٺهيو آهي. اسان سڀني دوستن چيف منسٽر ڄام صادق عليءَ کي تنهنجي لاءِ چيو آهي ته ڊي. سي ڪري، توکي موڪلي. هن واعدو به ڪيو آهي.
مان خوش ٿي ويس. هوءَ به ڏاڍي خوش ٿي، چوڻ لڳي: ”جيڪو چؤنرو اسان گهر ۾ ٺهرايو آهي، اهو تنهنجي ٿر ۾ پوسٽنگ جو پيش خيمو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ان وقت ٿر ته ضلعو به ڪونه هيو. هن وڌيڪ چيو ته هت رهي رهي مائٽن ۽ ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ جي ڪري بيزار ٿي پيا آهيون. تون به ته ڏس پوين سالن ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آهي. هاڻي ڪجهه آرام، ڪجهه سڪون گهرجي.“
هن سچ ٿي چيو. هوءَ ته وڏي سڪون لاءِ هلي وئي. اسان کي بي آرامي ۽ بي چين ڪري وئي. جنوري 1991ع جي پوئين تاريخن ۾ مان ڪنهن سرڪاري ڪم سان ڪراچي ويس. سرور منهنجو ڪزن ۽ منهنجو سالو، جيڪو خورشيد جو ڀاءُ آهي، اهو به واپسيءَ جي سفر ۾ شامل ٿي ويو. چيائين “خورشيد سان گهڻو وقت ٿي ويو آهي، ناهيان مليو، ٻه ٽي ڏينهن توهان سان ترسندس.”
سرور کيس ايترو ئي پيارو آهي، جيترو سندس پٽ انيس. سندن ماءُ جي وفات وقت سرور ننڍو هيو. هوءَ ئي سندس گهر ۾ خيال ڪندي هئي ۽ پٽن وانگر پاليندي هئي.
[b]سرور منگي
[/b]سرور منهنجو آهي ته ماسات، سالو يا دوست، پر مان کيس پٽن جيڏو پيار ڪندو آهيان ۽ پنهنجي پيءُ جيتري عزت ڪندو آهيان. هن جي ذات ننڍي هوندي کان ئي مون تي ڇانئل رهي آهي. هو مون کان ست اٺ سال ننڍو آهي. سمجهدار آهي. دور انديش آهي. زماني کي مون کان بهتر پرکيو اٿائين. غير ضروري غم نه پاليا اٿائين. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو آهي. زندگيءَ ۾ جلدي ئي Settle ٿي ويو. مان اڃا تائين لڏان لمان ٿو. 2013ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيائين ته ٻيو اڳ ۾ ئي ڪاروبار سوچي ڇڏيو هئائين، ان سان لڳي ويو. سندس وڏو پٽ آصف هارون ٻارن ٻچن سان آسٽريليا ۾ ٿو رهي. ٻيو پٽ بابر هارون سعودي عرب ۾ ڪنهن آمريڪن تيل ڪمپنيءَ ۾ فنانس ايگزيڪيوٽو آهي. عامر هارون سندس ڪاروبار ۾ به هٿ ٿو ونڊائي ۽ بئنڪ ۾ به AVP آهي. ننڍو پٽ ايمن هارون پنهنجي ماءُ سان لنڊن ۾ آهي. اتي پڙهي پيو. سرور پاڻ به لنڊن مان ڦيرو ڪندو ٿو رهي. سندس ڌيءَ ڊاڪٽر نرگس، منهنجي ننهن ۽ منهنجي پٽ ڊاڪٽر انيس جي گهر واري آهي.
سرور ٻه ٽي ڏينهن لاڙڪاڻي رهيو. سندس جنم ڏينهن پهرين فيبروري تي هيو، جيڪو کانئس هميشھ وانگر وسري ويو. کيس ان وقت تعجب ٿيو، جڏهن خورشيد سندس برٿ ڊي لاءِ لاڙڪاڻي جي نئين ٺهيل بيڪريءَ جو پنجن پائونڊن جو ڪيڪ سندس اڳيان رکيو هيو. اها هن جي پنهنجي ڀيڻ سان ملهايل آخري سالگره هئي ۽ آخري ملاقات به هئي. شايد کيس قدرت کان اهو حڪم ٿيو هيو ته ڪجهه ڏينهن پنهنجي ڀيڻ سان گذاري آءُ. کيس ٻئي ڏينهن مٽ جا بهه، چڻن جي پَلي ۽ ڪُرڙيون فراءِ ڪري کارائيونسين. فروٽ ۾ ماهوٽن جا زيتون ۽ ٻير هئا. اهي سڀ شيون ڏاڍيون وڻنديون اٿس ۽ سندس ڀيڻ انهن جو ڀرپور اهتمام ڪيو هيو.
خورشيد ۾ به مائٽن سان ملڻ جي تمنا پيدا ٿي. خيرو ديري ۽ رتيديري جو چڪر لڳائي آئي. مائٽن سان وقت گذاريائين.
[b]خورشيد- منهنجي زال جو موت
[/b]اهو ڏينهن به ڏاڍو ڀرپور گذريو. ٻارن ۽ اسان گڏجي ٽي وي تي لانگ پلي “شام سي پهلي” ڏٺوسين. رات جو ٻارهين بجي ڊرامو بند ٿيو. ٽي وي بند ڪئي وئي. هوءَ کائڻ لاءِ پنهنجي لاءِ چانور ۽ کير کڻي آئي. منهنجي لاءِ شامي ڪباب کڻي آئي. ڊنر اسان ڪري چڪا هئاسون.
مان بستري تي ليٽي پيو هوس. پاڻ ٻاهريون در چيڪ ڪري آئي. در بند هيو. ٻارن کي ڏسي آئي. صفيه ۽ ذڪيه هڪ ڪمري ۾ سمهنديون هيون. انيس کي سندس چوڏهين سالگره تي الڳ ڪمرو ڏنو هيوسين، نه ته هُو به اسان سان سمهندو هيو. ان کي ڏسي آئي. سندس مٿان رلي ٺيڪ طرح وجهي آئي. کين تاڪيد ڪري آئي ته هاڻي سمهو، هڪ پيو ٿئي. هوءَ اڃا سڌي ٿي ليٽي ئي مس ته شڪايت ڪيائين ته منهنجو ساهه گهٽجي ٿو. ساهه نه اندر ٿو ٿئي نه ٻاهر ٿو ٿئي. باٿ روم ۾ الٽي ڪرڻ لاءِ وئي، الٽي نه آيس. واپس اچي ليٽي. مون کيس سيني تي زور ڏنو. بيفائدو.
رمضان ڊرائيور، جيڪو اسان جي گهر ۾ سرونٽ ڪوارٽر ۾ رهندو هيو، ان کي سول اسپتال موڪليو، جنهن کي اڃ وڃ ۾ پنج منٽ لڳا. ڊاڪٽر آيو، چڪاس ڪري چائين.
Sir ! Sorry she is dead!
مون کان رڙ نڪري وئي، ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هاڻي ته ڳالهائي رهي هئي.“ ڊاڪٽر وري چيو.
Yes Sir ! Sorry she is dead!
گهر وانگر منهنجي زندگي به هڪدم خالي ٿي وئي، دل، دماغ، روح سڀ ڌوپي خالي ٿي ويا. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهو اوچتو ڇا ٿي ويو. منهنجا زندگيءَ جا سمورا خواب چڪنا چُور ٿي ويا. اسان جي سلور جوبلي سالگرهه، منهنجي رٽائرمينٽ، زمين تي چنئورو ٺاهي چلم کڻي ويهڻ ۽ هن جا وڏيري ٿي هارياڻين جا فيصلا ڪرڻ، ٻارن جا گهر وسائڻ، ڇا اهي خواب ان لاءِ ئي هئا ته ايترو جلدي ڀُري ڀورا ٿي وڃن!؟
مون کي سندس وفات کان پوءِ انهن سڀني سوالن جو جواب ملي ويو، انسان ڀلي ڪوشش ڪري، پر نتيجا سندس اختيار ۾ ڪونهن، نتيجن ٺاهڻ ۽ ڪڍڻ وارو ڪو ٻيو آهي، توهان ڀلي سوال ڪيترا به سٺا حل ڪري اچو، پر نتيجو ڪڍڻ وارو ڪو ٻيو آهي.
خوشيءَ کانپوءِ اسان سڀني، منهنجي ۽ ٻارن جي زندگي غم ۽ اوندهه سان ڀرجي وئي. هنڌ اهو سڙندو آهي، جتي باهه ٻرندي آهي، مٽ مائٽ آيا، انهن جو درد به سچو هيو، غم به سچو هيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هر ڪو هليو ويو.
خبر نه پئي ته صدمو ڪنهن کي وڌيڪ رسيو آهي، هر ٻار اجتماعي ۽ انفرادي طرح مون کي دلداري ۽ تسلي ٿي ڏني ۽ مان کين تسلي ڏئي رهيو هوس، ڪڏهن هڪ ٻئي کي تسلي ڏيندي ڏيندي، کلندي کلندي ڳوڙها به اکين مان ٽِمي پوندا هئا.
مان ڏاڍو حساس ٿي پيو هئس. ٻارن جي ٿوري تڪليف، رنج، ڏک ۽ ناراضگي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي هئي، ڊپريشن وڌي ويو. ٻار مون کي سنڀالڻ ۾ مصروف رهيا، پر آخر هڪ ڏينهن هنن مون کي گڏجي چيو ته، “ڊيڊي جيڪڏهن توهان پاڻ کي نه سنڀاليندا، ته اسان کي ڪير سنڀاليندو!”
سندن ڳالهه سچي هئي.
*
جنوري 1992ع ۾ منهنجي بدلي ضلعي ٿر ۾ ٿي، جنهن جو هيڊڪوارٽر مٺيءَ ۾ آهي. مون حيدرآباد جي ڪمشنر صاحب سان فون تي ڳالهايو، ٻئي ڏينهن صبح جو جهاز ذريعي لاڙڪاڻي کان حيدرآباد پهتس. ڪمشنر اسلم سنجراڻي صاحب هيو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ منهنجو باس هيو. هن دل سان خوش آمديد چيو. ضلعي جي لاءِ مختصر، پر ضروري بريفنگ ڏنائين. ٿر وڃڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ۽ اسڪاڊ ڏنائين. ارباب غلام رحيم صاحب مهرباني ڪري پنهنجي جيپ موڪلي ڏني هئي. منهنجي بدلي به ارباب صاحب ۽ پير نور محمد شاهه جيلانيءَ جي لابنگ جي ڪري ٿي هئي. ڪمشنر صاحب مون کي ٻڌايو ته ٻن ٽن ڏينهن کان لاڳيتو ڪوشش جي باوجود اتي جي ڊي سي سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. مون کي هدايت ڪيائين ته مان چارج وٺي ڇڏيان. مان ماتليءَ وارو رستو وٺي ڊگهڙيءَ کان مٺي روڊ تي چڙهيو هوس، نئون ڪوٽ پهتس ته ڊرائيور ٻڌايو ته نئون ڪوٽ شهر جو اڌ ميرپورخاص ضلعي ۾ آهي ۽ اڌ ٿر ضلعي ۾ آهي. وچ ۾ هڪ ڪئنال هيو، اهو حدبنديءَ جي لڪير هيو. نئون ڪوٽ کان اڳتي نڪتم ته کٻي تي نئون ڪوٽ جو قلعو نظر آيو. سٺي حالت ۾ لڳي رهيو هو، رعبدار قلعو هيو، ننڍا وڏا ڳوٺ ڪراس ڪندي وڄوٽي تي پهتس. اهو ڳوٺ نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ جي وچ ۾ مکيه بس اسٽاپ آهي. ماڻهو اتي اچي ٿڪ ڀڃندا، ماني کائيندا ۽ چانهن پيئندا هئا. اصل ۾ ڪيڪڙن ۽ گاڏين کي اتي ريسٽ ڏنو ويندو آهي. تيل پاڻي چيڪ ڪري، انجڻين کي ٺاري، ڊرائيور، پوءِ سفر شروع ڪندا آهن. مٺيءَ کان اورتي هڪ خطرناڪ چڙهائيءَ وارو لَڪ هيو. جنهن مان ڪيڪڙا فور وهيل لڳائي مشڪل سان ڪراس ڪندا هئا. ڪارن، بسن ۽ ٽرڪن لاءِ اهو لَڪ ڪراس ڪرڻ ناممڪن هيو. ان کي گاڏي وارو لڪ چوندا آهن. اهو لڪ، ٿر جي ترقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل هيو، ڇو ته ٽرڪون مال کڻي ٻئي پاسي نه پئي ٽپي سگهيون، جنهن ڪري اتان ڪيڪڙن تي مال وري لوڊ ٿيندو هيو ۽ اهڙيءَ طرح ڪرايو ٻيڻو چوڻو ٿي ويندو هيو. عبدالله ميمڻ صاحب جي ڪوشش سان 83_1984ع ۾ واريءَ ۽ ڪولتار کي ملائي هڪ روڊ، نئين ڪوٽ کان مٺيءَ تائين ٺهرايو ويو. اهو روڊ ٽرانسپورٽ لاءِ ڪجهه مددگار ثابت ٿيو، پر پوري طرح رليف پوءِ به نه مليو. مٺيءَ کان اڳتي هر طرف وارياسا روڊ رستا هئا، جنهن تي صرف ڪيڪڙا ئي هلي ٿي سگهيا يا وري فور وهيل جيپون.
مان گاڏي وارو لَڪ ڪراس ڪري مٿي چڙهيس ته مٺيءَ جا نظارا نظر اچڻ لڳا. هڪ زماني ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب به مٺيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر/ مختيارڪار رهيو هيو، هو عاليشان اديب هجڻ سان گڏوگڏ سٺو شاعر به هيو. مٺيءَ جي حوالي سان سندس هڪ شعر آهي، جنهن جهڙو شعر اڄ تائين ڪنهن به ناهي لکيو. اهو شعر آهي:
مٺيءَ جي شهر ۾ مون کي ملي
هڪ زال، هو جنهن جو نانءُ مٺي
هُئي سندس ذات مٺي
لات مٺي
بات مٺي
وٺي اُت ٻانهن مستيءَ ۾
ڏني مانس چپن تي چاهه مان
سئو وار مِٺي
چيومانس: اي مٺي!
تون اهڙي مٺي
جو مٺي مصري به اهڙي ناهي مٺي
چيائين: ڇڏ مُٺا قليچ ڇڏ!
مِٺيون ٻيون
آئون مُٺي آهيان
ناهيان مِٺي.
هاڻي خير سان اچي ڊي سي هائوس تي پهتس. گهر واري آفيس ڏٺم. چيائون ڊي سي صاحب اتي ئي آفيس ڪندو آهي. ٻي آفيس اسلام ڪوٽ روڊ تي هئي. خبر پئي ته ADM ۽ ٻيو عملو اتي ويهندو آهي. مون منجهند جي ماني کاڌي ۽ اي ڊي ايم صاحب سان شهر ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويس. آفيس شهر کان ٻاهر، وٽرنري اسپتال جي ڪوارٽرن ۾ هئي. ڀر ۾ هڪ گهر هيو، جيڪو وٽرنري ڊاڪٽر جو هيو، پر ان ۾ ايس. پي ٿر، گهر ٺاهي ويٺو هيو. سندس آفيس به اتي ئي وٽرنريءَ جي ڪوارٽر ۾ هئي. مون SP صاحب جي پڇا ڪئي. ٻڌايائون موجود آهي. سندس نالو غلام قادر ٿيٻو آهي. مان سندس ڪمپائونڊ ۾ گهڙي ويس. اطلاع ڪيم. هو حيراني ۽ پريشانيءَ ۾ ٻاهر نڪري آيو، ته هي ته اهو ماڻهو ناهي، جنهن کي بطور ڊي سي هو سڃاڻي. ADM تعارف ڪرايو. هن کي بدليءَ جي خبر نه هئي. پهرين ملاقات ڀاڳ ڀري هئي. اسان اڃا تائين دوست آهيون.
مون کي خبر پئي ته ڊي سي آفيس جو ته ڪم اڃان شروع ئي ڪونه ٿيو آهي، ڇو ته اڃان سرڪار کي پڪ ڪونهي ته هي ضلعو هلندو به يا نه. باقي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ٺهي رهي آهي، جنهن کي اڃا مڪمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا لڳڻا هئا. اي سي ۽ اي ڊي ايم سان گڏجي اها آفيس ڏسڻ لاءِ روانو ٿيس. آفيس اڌ ٺهي وئي هئي. ان حصي جو ڊرينيج سسٽم به مڪمل هيو. بجلي ڪونه هئي، مون ٻنهي آفيسرن کي چيو ته آفيسون اڄ رات تائين هت شفٽ ڪيو. هنن گهڻا ئي سبب ڏنا پر مون نه مڃيو. مون کين ٻڌايو ته مان عملي سميت هن آفيس ۾ ئي ويهندس. ڀلي کڻي تڏي تي يا زمين تي ڇو نه ويهڻو پوي. منهنجو ارادو ڏسي هو به پاڻي ٿي ويا.
گهر جو حال خراب هيو، پر ڀتيون وڏيون هيون. چون پيا ته گهر ‘پراڻو’ آهي، پر ڪيترو پراڻو؟ اها ڪنهن کي به خبر نه هئي. ڊي سي هائوس ٿيڻ کان اڳ ۾ اهو ريسٽ هائوس هيو.
گهر گهمندي بورچيخاني ويس. اتي بورچي هڪ پٿر تي ويٺو رات جي ماني پچائي رهيو هيو. مون کي ڏسي اٿي کڙو ٿيو، بورچيخانو به هڪ جڊيشل لاڪ اپ ۾ ٺهيل هيو، جنهن جا در لوهه جي ٿلهي شيخن جا هئا. پٿر کي اٿلائي ڏٺم ته ان تي 1858 لکيل هيو. لڳو ته اها بلڊنگ مختيارڪار جي آفيس هئي، جيڪا 1858ع ۾ ٺهي هئي. انگريزن جي نظام ۾ مختيارڪار جي آفيس سان جڊيشل لاڪ اپ به لڳولڳ هوندا هئا. اهو قصو سمجهڻ ۾ مون کي دير نه لڳي. ٻئي ڏينهن اهو پٿر مون عمارت جي ٻاهران ان جي نراڙ تي لڳرائي ڇڏيو.
هاڻي تازو جنوري 2015 ۾ مان وري مٺيءَ ويس ته اها بلڊنگ ئي ڊهي چڪي هئي. ان جي جاءِ تي هڪ شاپنگ سينٽر ٺهي ويو هيو. پٿر جو پتو ڪيم ته اختياري وارن اڻ ڄاڻائي ڏيکاري. وڏن گارڊرن ۽ ٽيئرن لاءِ پڇيم، ته ڪنهن ستم ظريف چيو: سائين، انهن جي ڪري ته اها پراڻي بلڊنگ ڊاهي پٽ ڪيائون، نه ته ڪنهن کي دڪانن جي ڪهڙي ضرورت. آهي گارڊر ۽ ٽيئر ‘ضرورت مند’ کڻي ويا.
آئون ٻئي ڏينهن ڏهين بجي نئين آفيس پهتس. منهنجي لاءِ هڪ ڪمري ۾، جيڪو مون کين ٻڌايو هيو، ٽي ڪرسيون ۽ ٽيبل رکيل هيون. هٿ سان هلائڻ واري گهنٽي رکيل هئي. ڀر ۾ پي اي جو ڪمرو، جنهن ۾ فون فٽ ٿي رهي هئي. ان سان اي ڊي ايم جي آفيس ۽ ٻيو رڪارڊ گڏهه گاڏين تي اچي رهيو هيو.
ايس پي صاحب آفيس ۾ ملڻ آيو. گپ شپ ٿي، زيرو ڪرائيم وارو ضلعو هيو. ضلعو جيڪو پاڻ کُليل جيل وانگر هيو، اتي ڏوهي ڀڄي ڀڄي به ڪيڏانهن ڀڄندو. ڪراس بارڊر وڃڻ ڏوهه هئو. هيڏانهن جو مال هوڏي، هوڏانهن جو هيڏي، اهو به ڪم رينجرس ۽ پوليس جي ڏوهارين سان ملي ڀڳت کان سواءِ ممڪن نه هيو.
پوءِ اها ئي ڳالهه مان ثبوتن سان جنرل لهراسپ خان GOC حيدرآباد کي پيش ڪئي، جنهن چپ چپاپ ۾ هڪ وڏو ايڪشن کنيو.
ٻئي ڏينهن تي مختيارڪارن، اي سيز، ۽ ضلعي جي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. ٽئين ڏينهن تي انجنيئرن سان مليس. خبر پئي مٺيءَ ۾ ته اسسٽنٽ انجنيئرن جون آفيسون آهن، پر اهي هفتي ۾ هڪ ڏينهن ايندا آهن. انجنيئر هتي اچي آفيس ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا، جن آفيسرن جون آفيسون هيون، انهن کي مون چتاءُ ڏنو ته مان به هتي ويهندس ۽ ٻارن ٻچن سميت رهندس. توهان family کي هت نٿا آڻي سگهو ته پاڻ ضرور رهو. منهنجي سوچ اِها هئي ته جيڪڏهن اهي هتي رهندا ته پنهنجي لاءِ سهولتون پيدا ڪندا. انهن سهولتن مان عام ماڻهو به فائدو وٺندا. مون ميٽنگ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ انجنيئر کي چيو ته هُو مٺيءَ ۽ ڏيپلي لاءِ مٺي پاڻيءَ جي اسڪيم تيار ڪري. کيس ان ڪم لاءِ هڪ مهيني جو عرصو ڏنو ويو. اسسٽنٽ انجنيئر ڪيلا مهيشوري هيو. ڪانٽيي شهر جو هيو. برجستو ۽ محنتي نوجوان هيو. هن مهيني کان اڳ ۾ PC-I ٺاهي ڏني. گهر جو حال پورو سارو، آفيس ۾ به رڪاوٽون، پر اهي ڳالهيون مون کي روڪڻ بدران محنت لاءِ اتساهي رهيون هيون.
هفتو کن مٺيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ ٻارن کي وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي آيس. ڪمشنر صلاح الدين قريشي صاحب الوداعي دعوت ڪئي، پر مون الوداعي دعوت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمشنر آفيس جي اسٽاف جي فيئرويل کي enjoy ڪيو. تقريباً سڀ اهي ڇوڪرا هئا، جن کي اسان ئي ڀرتي ڪيو هيو، کين ڪم ڪرڻ سيکاريو ۽ سرپرستي ڪئي هئي. هو مون کي پنهنجي اولاد وانگر لاڏلا هئا ۽ منهنجي عزت پنهنجي وڏن وانگر ڪندا هئا. مان سندن حجتون کڻندو هوس ۽ لاڏ برداشت ڪندو هوس، اتي انهن جي نظرداري ۽ تربيت ڪلرڪ وانگر نه، پر هڪ سيکڙاٽ آفيسر وانگر ڪئي هئي. هاڻي انهن مان اڪثر آفيسر ٿي ويا آهن. هن وقت به جيڪڏهن ڪا تڪليف ٿيندي اٿن ته مون سان رجوع ڪندا آهن.
ٽن سالن ۽ چئن مهينن جي نوڪريءَ کان پوءِ ڪمشنر آفيس ۽ لاڙڪاڻي کي هڪ وڏو الوداعي سلام ڪيم ۽ ٻارن سان گڏجي مٺيءَ جو اداسيءَ وارو سفر شروع ڪيم. ان ڏينهن مٺيءَ تائين پهچندي اسان کي تقريباً نو ڪلاڪ لڳي ويا.
ٻيڙا ساڙي اچي پهتا هئاسون. ان ڪري اسان جو في الحال ته مرڻ جيئڻ مٺيءَ ۽ ٿر وارن سان هيو.
[b]ٻيڙا ساڙي مٺيءَ پهتاسون
[/b]مون پاڻ کي ڪم ۾ گم ڪري ڇڏيو. آفيس جي صورت نڪرندي آئي، شهر جي مسئلن ۽ ماڻهن کان آگاهي ٿيندي وئي. ايئن پئي ڀاسيو ته مٺي ۽ ٿر ۾ انسانن جي زندگي هاڻي ڪَر موڙي اُٿي آهي. لڳو ماڻهن ۾ زندگي نئين عزم سان جاڳي پئي آهي، ۽ نئون ڪلچر پيو وجود ۾ اچي. مون کي قدرت ڄڻ هنن لاءِ پنهنجو نمائندو ڪري هتي موڪليو هيو ته مان جلد کان جلد ترقي وٺرائڻ ۾ اُتان جي ماڻهن جي مدد ۽ رهنمائي ڪريان. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ مون پنهنجي وس کان نه گهٽايو، وڌيڪ سگهه الله سائين ڏني. مان جتي جتي پهچي سگهيس، اتي پنهنجا اهڃاڻ ڇڏيا. ماڻهن به سهڪار ڪيو. مون جيڪي ڪيو ۽ چيو، اهو هُنن هِنئين سان هنڊايو، جيڪو ايندڙ وقتن ۾ سندن مددگار ثابت ٿيو.
[b]مٺيءَ ۾ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي
[/b]شهر ۾ واٽر سپلاءِ جو عجيب نظام هيو. شهر جي ستن پاڙن کي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ ست ٽانڪيون ٺهيل هيون. اتان مايون مرد گهر جي استعمال لاءِ پاڻي ڀريندا هئا،. بينظير صاحبه جي پهرين حڪومت ۾ واٽر سپلاءِ جو رواج پيو ۽ ڪن پاڙن ۾ پائيپ لائين وڌي وئي، پر پاڻي اهو ئي زهر جهڙو کارو هيو. ڊي سيءَ جي گهر جي لڳ هڪ اهڙي ٽانڪي هئي، ان کي مون چڱيءَ طرح صاف ڪرايو. هفتي ۾ هڪ دفعو ان ٽانڪيءَ کي بئراج جو پاڻي واٽر ٽئنڪر تي گهرائي ڀرائيندو هوس، پوءِ ان ٽانڪيءَ مان شهر وارا بنا روڪ ٽوڪ جي پنهنجي ضرورت آهر پيئڻ لاءِ پاڻي استعمال ڪندا هئا، ۽ مان به استعمال ڪندو هئس. ان سان اسان جي ڪوڙي پاڻيءَ مان ڪجهه جان ڇُٽي پئي.
ڪمشنر صاحب ننگرپارڪر جو پروگرام رٿيو. ان کان اڳ ۾ مان ۽ ايس پي ننگرپارڪر جو جائزو وٺي آياسون.
[b]ڪمشنر جو ننگر جو دورو
[/b]مقرر ڏينهن تي ڪمشنر صاحب سان محترم صادقه صلاح الدين، غازي صلاح الدين ۽ سندن ٻار به آيا. ڪمشنر صاحب ۽ اسان جو قافلو منجهند جي ماني مٺيءَ مان کائي، ننگرپارڪر لاءِ نڪتو، SP صاحب به اسان سان گڏ هيو.
ڪمشنر صاحب ۽ سندن مهمان الڳ گاڏيءَ ۾ هئا. مان ۽ ايس پي سندن رهنمائي ڪندا پئي وياسون. پهريون ڳوٺ آيو ته ڪمشنر اسلم سنجراڻيءَ مون کان وائرليس تي پڇيو ته هيءُ ڪهڙو ڳوٺ آهي؟ مون چيو ته مان جاچ ڪري ٻڌايان ٿو. مون سان آتم ڪوٽڪ فوٽوگرافر ويٺل هيو. ان ڳوٺ جو نالو مالڻهور ٻڌايو. هاڻي ڪمشنر صاحب وري ٻئي ڳوٺ جو نالو پڇيو، تيستائين اسان مسئلي جو حل ڳولهي لڌوسين. جيئن ڪمشنر صاحب ڪنهن ڳوٺ جي نالي بابت پڇيو ٿي ته آتم ان جو جواب پئي ڏنو. مان وري اسپيڪر آن ڪري اسلم صاحب کي جواب پئي ڏنو، ٻه ٽي سوالن جا جواب جو هُن ٺهه پهه ٻڌا ته حيرانيءَ مان پڇيائين ”تو کي هت گهڻو وقت ٿيو آهي؟“ مون ٻڌايو ”چار هفتا ٿيا آهن.“ ”پوءِ هنن سڀني ڳوٺن جي نالن جي توکي ڪيئن خبر پئي؟“ مون چيو ”سائين! اهو بزنس سيڪريٽ آهي، پر جواب درست آهي!“
چئن ڪلاڪن کان پوءِ اسين ننگرپارڪر پهتاسون. سج ڪارونجهر مٿان ڌيري ڌيري لهي رهيو هيو. خوبصورت منظر هيو. سج جا آخري ڪرڻا ڪارونجهر تي رتيون راسيون ڇڏي رهيا هئا. اسين ٽيڊي بنگلي تي آياسون. اهو بنگلو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ پاران گهٽ قيمت وارو ريسٽ هائوس هيو. ان جي ڇت ايسبيسٽس جي ٺهيل هئي. چار بيڊ روم هئا. اتي جڏهن پهتاسون ته ايئن پئي لڳو، ڄڻ ڪارونجهر جي، هنج ۾ هجئون. بدنصيبيءَ سان سرڪار اهڙي ريسٽ هائوس جي سارسنڀال نه ڪري سگهي ۽ اڳتي هلي اهو رينجر جي حوالي ڪيو ويو. جنوري 2015 ۾ جڏهن مان ننگرپارڪر ويس ته اتي هڪ ٻئي بنگلي ۾ رهيس، جو سرڪار اُتي نئون نئون ٺهرايو هو. ٽيڊي بنگلي کي، صرف پري کان ئي ڏسي سگهياسون. ننگرپارڪر جي، صبح جِي به ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.
صادقه صلاح الدين صاحبه NIPA ۾ سينيئر انسٽرڪٽر هئي، اتان استعيفا ڏئي آغا خان رسورس سينٽر (NGO) ۾ ڊائريڪٽر ٿي هئي. هيءَ محترمه ناليواري اسڪالر ۽ تعلميدان محترم ڪرار حسين جي ڌي آهي. سندن وڏو عرصو خيرپور ۾ گذريو آهي، ان شهر سان سندن خاندان جي اڃا تائين جذباتي نسبت آهي. پروفيسر جوهر حسين ۽ سينيٽر تاج حيدر، صادقه صاحب جا ڀائر آهن. ٻئي پروفيسر ۽ عالم آهن. ڪرار حسين وڏو شيعه عالم هيو، بلوچستان جي يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر به ٿي رهيو.
سڄو خاندان پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. غازي صلاح الدين صادقه جو گهر وارو آهي ۽ تنهن زماني ۾ جنگ گروپ جي انگريزي اخبار The News جو پهريون ايڊيٽر هيو. رات جو اسان صادق فقير ۽ ٻين مقامي فنڪارن کي ٻڌو. مان ڪجهه لوڪ گيتن جو ترجمو اسلم صاحب ۽ مهمانن کي ٻڌايو پئي. محترمه صادقه پاڻ به سنڌي، چڱي طرح سمجهي پئي.
[b]ٿر جو طوفاني دورو
[/b]هڪ ڀيري MNA غلام رحيم صاحب، ارباب فيض محمد ۽ نور محمد شاهه جيلاني (MPAs)، ٿر جي ڊگهي پر طوفاني دوري جو پروگرام ٺاهيو. مٺيءَ جي ڳوٺن ۾ اوپن ڪچهري ڪئي سون، ننگرپارڪر ۾ به رات رهياسون ۽ صبح جو کُلي ڪچهري ڪئي سون. ٻئي ڏينهن تي ڇاڇري تعلقي جي ڪن ڳوٺن ۾ ۽ ڇاڇري ۾ اوپن ڪچهري ڪئي سون. ايس پي ۽ ٻيا ضلعي آفيسر به گڏ هئا. اڳ ۾ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هيو، جو چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدار اهڙي نموني سان ماڻهن وٽ پهتا هجن ۽ گڏجي مسئلن جي ڄاڻ رکي هجي. پوءِ جڏهن ٿر جي ترقياتي پروگرام ۽ مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي ٺاهي پئي وئي ته سياسي نمائنده ۽ اسان ساڳي سوچ تي هئاسين ۽ اسان ٻنهي ڌرين جو نقطه نظر ساڳيو هوندو هيو. پوءِ ٻيا به اهڙا دورا ڪندا رهياسون. انهن دورن ۾ پريس جا نمائندا به اسان سان گڏ رهيا. پريم شواڻي، نامور ليکڪ ۽ The Dawn جي نمائندي به ڪافي سٺيون اسٽوريز ٿر تي ٺاهي، ڊان لاءِ موڪليون، جن اڳتي هلي اسان جي ‘ٿر سيمينار’ لاءِ رستو هموار ڪيو.
[b] عوام سان رابطا مهم
[/b]مارچ تائين ته موسم خوشگوار هئي، پر اپريل ۾ ۽ ان کان پوءِ موسم سخت ۽ هڪ حد تائين ناقابل برداشت ٿي پئي. ان لاءِ اسان عوام سان رابطي جو ٻيو حل ڪڍيوسين. گرميءَ جي ڏينهن ۾ اسين رات جو کُليون ڪچهريون ڪندا هئاسون. ڪنهن به مقرر ٿيل تاريخ تي وڏي ڳوٺ ۾ پوري ضلعي ايڊمنسٽريشن جي ٽيم پهچندي هئي. کٽون لڳرائي ويهندا هئاسون. جي کٽون نه هونديون هيون، ته تڏن تي ويهندا هئاسون. گاڏين جون هيڊ لائيٽ ٻاري روشني ڪندا هئاسون. ڳالهائڻ لاءِ پوليس جو ميگا فون، جيڪو سيلن تي ڪم ڪندو آهي. ان تي ڳالهائيندا هئاسون. انهن کليل ڪچهرين ڪرڻ جو منهنجو مقصد واضح هيو ته ماڻهن ۽ انتظاميا ۾ جيڪا رابطي جي وڇوٽي (communication gap) آهي، ان کي دُور ڪري سگهجي. ڪو زمانو هيو ته ماڻهو سرڪار جي عام ڪارندي، پوءِ اهي سپاهي هجي يا تپيدار، کي ڏسندا هئا ته سندن ساهه مُٺ ۾ اچي ويندو هيو. پر اسان کُليل ڪچهريون ڪري ٿر جي ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان پنهنجائپ سان ڳالهائي ٻولهائي کين اهو احساس ۽ اها تربيت پئي ڏيڻ چاهي ته ضلعي جا وڏا ڪامورا به ٻين ماڻهن وانگر ساڻن ملن جلن ٿا، ساڻن ڳالهائين ٿا ته پوءِ ڇو نه کين ڪم ڪار چئجي ۽ پنهنجي اهنج کان آگاهه ڪجي. تپيدار ۽ پوليس واري کان ڇو ڀؤ کائين. هاڻي ان مقصد (mission) ۾ مان گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيس.
پوليس ۾ هزار کان وڌيڪ ٿريا ڀرتي ٿيا. ايس پيءَ سان اها ڳالهه طئي ٿي ته هر يونين ڪائونسل مان ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن پوليس پوري ضلعي جي هجي، ۽ ان جي وسيلي ماڻهو سرڪار جي ويجهو اچن.
*
جنرل لهراسيب خان GOC حيدرآباد، رينجرس ۽ انٽيليجنس جي ادارن سان به ان ڳالهه لاءِ مان وڪالت ڪندو رهيس ته مقامي ٿري ماڻهو ئي اهڙي نوڪريءَ ۾ ٻاهرئين آرمي ۽ رينجرس جي ڀيٽ ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا. خوشي ٿي جڏهن انهن صاحبن پاران مثبت موٽ ملي. جنهن سان گهڻا ئي ٿري نوجوان فورسز ۾ ويا، جن ۾ ايئرفورس به شامل آهي.
GOC سان منهنجي اعتماد جو رستو هيو. مان اها دليل بازي ڪئي ته جيڪڏهن ٿر جا مسئلا گهٽائڻا آهن ته ٿر ۾ روڊ رستا ٺاهڻا پوندا. مون کين ان ڳالهه تي به نظرثاني ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ته بارڊر بيلٽ ڇڏي ٻين علائقن ۾ پڪا روڊ ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. پوءِ اڳتي هلي اسان ڏٺو ته ٿر ۾ روڊ نيٽ ورڪ ڏاڍو مضبوط ٿي ويو.
بجليءَ جو حال پورو سارو هيو. ننگرپارڪر تائين بجليءَ جا ٿنڀا ۽ گرڊ اسٽيشن جو سول ورڪ ته تيار ٿي رهيو هيو، پر انهن تي وائرنگ ۽ بجليءَ جي پهچائڻ جو ڪم اڃا تائين رهيل هيو.
مون ڪارونجهر جو جبل، مٿان هيليڪاپٽر منجهان ڏٺو. ڪارونجهر سامهون جيترو سهڻو ۽ وڻندڙ ٿو لڳي ان جي مقابلي ۾ مٿان چوٽيءَ تان اوتروئي هيبتناڪ آهي. جيڪڏهن ڪنهن فلم Cliff Hinger ڏٺي هوندي ته ان جي پهاڙن مٿان تيز تيز چهنبن وارا اُڀا پهاڙ به ڏٺا هوندا، جن تي مٿان ڪا شيءِ ڪِري ته انهن ۾ ٽنبجي پوي، زندگيءَ ۾ مون جيڪي ٿورا، نه وسارڻ جهڙا منظر ڏٺا آهن، ڪارونجهر جو اهو منظر انهن ۾ سرفهرست آهي.
[b]گڍڙو[/b]
گڍڙو هڪ ٻيو ڳوٺ آهي، جيڪو ڏسڻ جو موقعو مليو. گڍڙي نالي سان ٻه ڳوٺ مشهور آهن. هڪ اسان جي ڇاڇري تعلقي ۾ گڍڙو چارڻ ڳوٺ ۽ ٻيو هندستان ۾ آهي. ورهاڱي وقت مٿيون پهاڙيءَ وارو ٽڪرو اسان جي حصي ۾ آيو. جنهن مان ريل ٿي گذري، اُتي پاڻيءَ جي ٽانڪي آهي، آباد زمينون آهن، ماڻهو مال متاع وارا ۽ جتي آباد زمينون آهن، اهو انڊيا جي حصي ۾ آهي. گڍڙو مون ٻن سالن ۾ ٻه ڀيرا ڏٺو. مان ۽ ايس پي ٿيٻو صاحب هڪ رات اتي رهياسون به.
[b]ڊائريڪٽ فون ۽ سيل فون
[/b]ٽيليفون هن دور ۾ ڪيترو نه اهم ۽ سستو خبرچار جو وسيلو آهي، پر 1993ع تائين ٿر ۾ صرف لوڪل فون جي سهولت هوندي هئي. ميرپورخاص جا ٻه نمبر هئا. هڪ ڊي سي وٽ ۽ هڪ ايس پيءَ وٽ. انهن لاءِ به چار ٽاور لڳل هوندا هئا. هڪ ميرپورخاص ۾، هڪ جهڏي ۾، هڪ ڪنريءَ ۾ ۽ هڪ نئين ڪوٽ ۾. انهن مان ڪنهن به هڪ جڳهه تي بجلي نه هجي ته ٽيليفون، بند!
ڊائريڪٽ ڊائيلنگ سسٽم مٺيءَ ۾ مئي 1993ع ۾ رائج ٿيو، جڏهن ارباب غلام رحيم ٿوري وقت لاءِ مير بلخ شير خان مزاريءَ جي نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير ٿيو. ان سسٽم جو افتتاح به ارباب صاحب پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪيو هيو. پوءِ جڏهن 2004 ۾ شوڪت عزيز ٿر مان قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن وڙهي رهيو هيو ته UFone موبائيل سسٽم آيو. هن وقت ته هر سسٽم ۽ هر موبائيل ڪمپنيءَ جا، ننگرپارڪر تائين ٽاور لڳل آهن. انٽرنيٽ ۽ TV ڪيبل سسٽم ٿر جي اڪثر ڳوٺن ۾ موجود آهي.
[b]نجو ڪولهڻ ۽ سولر سسٽم
[/b]جنوري 2015ع ۾، 22 سالن کانپوءِ، مان ۽ منهنجو اهل عيال ٿر جي دوري تي آڌيگام وياسون. رستي تي ڪرشن شرما پنهنجي اين جي او ‘ڍٽ’ (DDAT) جي مقامي ڪوآرڊينيٽر نجو ڪولهڻ جي گهر وٺي هليو.
ٿر ۾ ڪنهن به گهر کي اندران ڏسڻ ۽ انهن جي ڀاتين سان ملڻ جو منهنجو پهريون تجربو هيو. منهنجي مسز ۽ منهنجا ٻئي پٽ به سندن گهر ۽ رهڻي ڪهڻي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. اهو بارڊر جي هڪ هندو گهر جو نمونو هيو. اتي بجلي ته ڪونه هئي، پر جڏهن سندن گهر جي سيل فون(Cell phone) جي گهنٽي وڳي ته مان حيران ٿي ويس. هنن کان پڇيم ته، توهان انهن کي چارج ڪيئن ٿا ڪيو؟ ته مونکي گهر جي هڪ ڇپري جي مٿان Solar System جا ٽنگيل Panel ڏيکاريائون، جنهن ۾ گهر جون 10 پندرهن سيل فونون ڄئورن وانگي چنبڙيل هيون.
آڌيگام بارڊر تي پهتاسين ته اتي ڳوٺاڻن کي ٻڪريون چاريندي ڏٺوسين. سولر پينل سندن لٺين تي لڳل هئا. فون به چارج ٿي رهيا هئا ۽ ٻڪريون به چري رهيون هيون.
[b]ٿر ۾ پهريون ڊِش ائنٽينا ۽ ورلڊ ڪپ - 92
[/b]مون مٺيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ لڳايو. شايد اهو ٿر ۾ پهريون سسٽم هيو.
1992 ۾ ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جون مئچون شروع ٿيون، سڄي ملڪ وانگر مٺيءَ جي نوجوانن ۾ به ڪرڪيٽ جو شوق جنون تائين آهي. ٽي وي ڪونه هئي، تنهن ڪري نوجوان ريڊين ۾ ڪن وجهي ويهي ڪمينٽري ٻڌندا هئا. ڊي سي هائوس لڳ هڪ شهري ڪلب هئي ۽ ان جي اڳيان هڪ وڏو ميدان خالي پيو هيو وچ شهر ۾ مارڪيٽ جي ڀرسان. مان هڪ ٽي وي هٿ ڪري، ائنٽينا جي ڪئبل مان هڪ تار ان ميدان تائين پهچائي، ميدان تي شاميانو لڳرائي، ڪجهه ڪرسيون ۽ گلم وجهرائي، نوجوانن کي مئچون ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هڪ پٽيوالي جي به اتي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي، جيڪو ڪولر مان مٺو ۽ ٿڌو پاڻي انهن کي پياريندو رهندو هيو. جيستائين فائنل مئچ ختم نه ٿي ۽ عمران خان جي ٽيم پاڪستان کي فتح نه ڏياري، تيستائين اها ڊش اتي ئي لڳي رهي.
[b]بئٽ بال
[/b]ورلڊڪپ 1992 ته پاڪستان کٽيو، پر نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ لاءِ وڏو جوش خروش شروع ٿي ويو. جتي ڏس ته ٻار ڏنڊا ۽ بال ۽ سرون کنيون ڪرڪيٽ پيا کيڏن. هڪ ڏينهن شهر مان ڪجهه بئٽون ۽ بال وٺي، جتي ٻار کيڏندا هئا، اتي هليو ويس ۽ ٻارن کي بيٽ بال ڏنا ۽ مان پاڻ به انهن جو ميمبر ٿي ويس. هڪ اوور بالنگ ڪئي ۽ هڪ اوور بيٽنگ ڪئي. کين اهو نياپو ڏئي آيس ته جيڪڏهن ڪن ٻين ٻارن کي بيٽ ۽ بال گهرجن ته منهنجي آفيس مان اچي مون کان وٺي وڃن. پوءِ مان جيستائين بدلي نه ٿيس، تيستائين خاص طور مٺي، ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر جي ٻارن کي بيٽ بال ڏيندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن ٽوئر تان شام جو موٽندي ٻارن سان مان ڪرڪيٽ کيڏي به وٺندو هئس.
[b]پرڀو ستياڻي- واشنگٽن
[/b]facebook اڄڪلهه وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. ڪافي سالن کان وڇڙيل ۽ وسريلن کي ملائي ڇڏيو آهي. نوان نوان دوست ۽ جوڙا ۽ جوڙيون ٺاهي ڇڏيا آهن. چين جي ڇوڪري به فيس بوڪ جي مهابي پنهنجي محبوب امين جي ڪڍ بهاول پور اچي پهتي. اهڙي طرح واشنگٽن ڊي سيءَ جو پرڀو ستياڻي، جيڪو اصل ۾ ٿريو هيو، مٺيءَ جو هيو، منهنجو فيس بُڪ فرينڊ ٿي ويو. پاڻ ڪنهن وقت ٿر ۾ هڪڙي اين جي او (NGO) ۾ ڪم ڪندو هيو.
سال جي اسڪالرشپ تي وڃي آمريڪا پهتو. عمر هئس ته ٽيهه سال کن، پوءِ جڏهن دوستي پڪي ٿي ته چيائين ته هو مون کي، سڃاڻي ۽ مون سان مليو به آهي. مون چيو ”بابا مان ته ڪڏهن آمريڪا ڪونه آيو آهيان، جڏهن مان ٿر ۾ هئس اڄ کان 22 سال پهرين 93-1992ع ۾ ته تون ٻچڙو هوندين.“ چيائين ته ”مان ۽ منهنجا دوست توهان کان بيٽ بال وٺڻ لاءِ توهان جي آفيس آيا هئاسون. جيڪي توهان اسان کي ڏنا هيا. بيٽ ڀڄي پئي ۽ بال کُسي ويو ته وري توهان کان ٻيهر بيٽ بال وٺي ويا هئاسون. توهان نه رسيد ورتي، نه اڳين بيٽ بال جو پڇيو. اسان توهان کي ٻڌايو ته اڳيان بيٽ بال ختم ٿي ويا آهن.“ توهان وڌيڪ چيو ته ”جڏهن هي به خراب ٿي وڃن ته وري ٻيا بيٽ بال وٺي وڃجو. توهان منهنجا انهيءَ زماني کان رول ماڊل آهيو. توهان جيڪا مٺيءَ ۾ لائبرري قائم ڪئي هئي، فرصت جي وقت ان مان ڪتاب وٺي پڙهندا هئاسون ۽ اتي وڃي اخبارون به پڙهندا هئاسون.“
ڪتاب ۽ لائبرريون منهنجي ڪمزوري رهيون آهن. جيستائين ڪجهه صفحا رات جو نه پڙهان، تيستائين ننڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. لائبرريون ۽ ڪتاب مونکي چقمق وانگر پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن. اسڪول جي تعليم دوران، اسڪول جي لائبرريءَ ۽ شهر جي پبلڪ لائبرريءَ مان ڪتاب وٺي پڙهندو هوس. ٻيو وڏو سبب سائين عبدالوهاب صديقي به هوندو هيو، جيڪو مون کي نسيم حجازيءَ جا وڏا وڏا ناول پڙهڻ لاءِ ڏيندو هيو. ان کان علاوه علامه اقبال جي شاعريءَ جا ڪتاب به ڏيندو هيو. جڏهن مان نائين ڪلاس ۾ هئس ته ان وقت تائين اردو ادب جي ايم اي جي ڪورس جا به سڀ ڪتاب پڙهي چڪو هئس ۽ سائين سان ويهي انهن ڪتابن تي بحث به ڪندو هئس. هو اسان کي اردو پڙهائيندو هيو. هن جي اردو ۽ انگريزيءَ جي هينڊ رائٽنگ ڏاڍي خوبصورت هئي. مان سندس هينڊ رائٽنگ جو نقل پچائي ان جهڙي ئي هئنڊ رائٽنگ ڪئي هئي.
[b]لائبرري[/b]
مٺيءَ ۾ ڊي سيءَ جي گهر جي ڀرسان ڪلب هئي. ڪلب جي ڀرسان ٽائون ڪميٽيءَ جو هڪ دڪان هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ناڪي منشيءَ جي آفيس هئي. ان دڪان جو ڪارج مون مَٽائي ڇڏيو. ٽائون آفيسر کان پڇيم ته ٽائون ڪميٽيءَ ۾ گهڻيون اخبارون ۽ رسالا ايندا آهن؟ هن جهجهو انداز ٻڌايو. ڪتاب پڇيامانس ته اهي به ٻه ٽي سوَ ٻڌايائين. منهنجو ڪم ٿي ويو. چيومانس ته ان دڪان کي رنگ روغن ڪرائي، اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب اتي رک. هڪ ڪلارڪ ۽ هڪ پٽيوالو اتي لڳاءِ. اٺين ڏينهن مان ان لائبرريءَ جو افتتاح ڪندس. ان ٽائون آفيسر جو نالو چترو مل هيو. هو به پڙهڻ جو شوقين هيو. تيار ٿي ويو، ڏهن ڏينهن ۾ لائبرريءَ جو افتتاح ڪيم. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جو هڪ سيٽ گهرائي کين ڏنم، پوءِ ان ۾ وڌيڪ ڪتاب رکرائيندو رهيس. ان لائبرريءَ جو نالو ‘شاهه لطيف لائبرري’ رکيوسي. هاڻي هڪ ٻي لائبرري ضلع ڪائونسل جي آفيس جي لڳ به قائم ڪئي وئي آهي.
[b]مٺي پريس ڪلب
[/b]منهنجو مول متو بنيادي طرح اهو هيو ۽ آهي ته ٿري ماڻهوءَ کي هوشيار، خبردار ۽ ڄاڻُو ڪجي. ان لاءِ اخبار، TV وغيره اهم رول ادا ڪن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ اخبار به ٻئي ڏينهن تي پهچندي هئي، ٽي وي ڪونه هئي، ريڊيو حيدرآباد جي نشريات ننگرپارڪر تائين پهچندي هئي. اتي مون کي هڪڙو خال نظر آيو، اهو هيو پريس ڪلب جو. مون در محمد ڪمال کي چيو ته اهو ڪم شروع ڪر. ڪمال به ڪمال جو ماڻهو آهي. هڪ طرف ملهن جا ملاکڙا ڪرائيندو، ته ٻئي طرف اديبن ۽ اخبار نويسن جو ميلو ۽ ملاکڙو. منهنجو دوست هيو. ويجهڙائيءَ ۾ 2017ع ۾ فوت ٿي ويو آهي.
جلد پريس ڪلب جون چونڊون ٿي ويون. ان پهرينءَ چونڊيل باڊيءَ کي حلف مون کڻايو. مان پنهنجي مقصد ڏانهن آهستي آهستي وڌي رهيو هوس. اي سي آفيس جي ڀرسان هڪ اضافي پلاٽ پيو هيو، اُهو ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو هڪ دُڪان کين پريس ڪلب لاءِ ڏنو. ان پريس ڪلب جو سنگ بنياد، مون 12 مئي 1992ع تي رکيو. مون کي چيائون سائين هيءَ ڪلب هاڻي ڪيئن ٺهندي؟ پئسا ته اسان وٽ ڪونه آهن. مون کين گُر ٻڌايو، ذهين نوجوان هئا، ڳالهه سمجهي ويا.
جڏهن آئون پوئين سال (2015ع) مٺيءَ ويس ته حيران ٿي ويس. اهڙي عاليشان بلڊنگ نه ڊي سيءَ وٽ، نه ضلعي سرڪار وٽ. 400 ماڻهن جو ڪانفرنس هال، سڄو ايئر ڪنڊيشنڊ، دڪان، ريسٽ هائوس ۽ آفيسون وغيره. هاڻي ايتري انڪم اٿن، جو چيائون ته في الحال چندو وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
[b]پريم شواڻي هال
[/b]18 سيپٽمبر 2016ع تي، مالڻهور ويڻا، مٺيءَ ۾ پريم شواڻيءَ جي ڪتاب “هوءَ جا ڪولهڻ ڪارڙي” جو مهورت ڪيو. ننڍڙي ڳوٺ ۾ پريم جي پيار ۾ هزار کن ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. انهن ۾ سوڍن ۽ ڪيترن ئي راڄن جو راڻو همير سنگهه به اچي پهتو هيو. اهو فنڪشن ٽين بجي رات تائين هليو. اتي آيل عوام مطالبو ڪيو ته پريس ڪلب يا اتي ڪنهن هال کي پريم شواڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪجي. 19 تاريخ مان پريس ڪلب ۾ نئين ٺهيل هڪ هال جو اُپگهاٽن ڪيو، جيڪو ‘پريم’ جي نالي سان سندس ساٿين منسوب ڪيو هيو.
[b]جيم خانو- مٺي
[/b]مٺيءَ جي وچ شهر ۾، ٽائون ڪميٽي مٺي، ڊي سي جي گهر، ضلع ڪائونسل آفيس جي لڳ هڪ چوديواري ڏنل ڇاپرو هيو، جنهن کي جيم خاني جو نالو ڏنل هيو. کل جهڙي ڳالهه هئي. اسان جو سينيئر ساٿي عبدالحميد آخوند 1992ع ۾ جتي ڪلچر جو سيڪريٽري هيو، اتي اسپورٽس (راندين) جي کاتي جو به سيڪريٽري هيو. هن مهرباني ڪري چار لک روپيا ڏنا ته راندين لاءِ ڪا جڳهه ٺهرايان. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهي پيسا “جيم خاني ڪلب” تي لڳايا ويا. جلدي ئي ٻه ڪمرا ٺهي پيا، ورانڊو ۽ چار ديواري به. اسان جو مزو ٿي ويو. هاڻي ته اتي ٻي وڏي بلڊنگ ٺهي رهي آهي.
[b]گاڏي وارو لَڪ
[/b]مان اڳ ۾ به لکي آيو آهيان ته مٺيءَ پهچڻ کان اڳ ۾ هڪ وڏو گاڏي وارو لَڪ هيو، جتي فور ويل گاڏيءَ کان سواءِ ڪا به سواري چڙهي نه سگهندي هئي. نتيجو اهو نڪرندو هيو ته مٺيءَ تائين ڪابه ڪار، بس يا ٽرڪ نه پهچي سگهندي هئي. ڪيتريون ئي جانيون ان لَڪ جي حادثن جي ڪري ضايع ٿي ويون. محترم تاج جويي پنهنجي مٺيءَ واري نوڪريءَ دوران ان لَڪ تي بيت به چيو هو:
بابُو ڀِٽ تي کيکڙو، گهڙيءَ کن بيهار،
گاڏَي وارو لَڪ چڙهي، اُڃ ڪيو بيزار،
پاڻي لَپ پيار، ته سامت اچي ساهه کي!
سازدا (SAZDA) مٺيءَ کان چيلهار تائين پڪو رستو ٺهرائڻ پئي چاهيو. پٿر ۽ ٻيو سامان اتي پهچڻو هيو، پر اهو لَڪ ان سامان جي پهچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل هيو. سازدا جو ڊائريڪٽر جنرل ان وقت پير عبدالحق جان سرهندي هيو. سرهندي صاحب مون سان مليو ۽ سڄو مسئلو بيان ڪيائين. وٽن ان مسئلي جو حل اهو هيو ته سازدا پهرين اها چاڙهي ڊهرائي، پوءِ سامان چيلهار روڊ تي پهچائي. انڌو گهري هڪ اک، پر مون کي ٻئي اکيون پئي مليون. سازدا کي اسان جي طرفان صرف انتظامي مدد درڪار هئي ته جيئن لَڪ ڊهرائڻ وقت ڪو ٽريفڪ ۽ عوام جو مسئلو نه ٿئي. اهو مسئلو ويهي SP سان طئي ڪيوسين. پوليس ۽ هڪ مئجسٽريٽ اتي لڳائي ڇڏيوسين. ان لَڪ جي گهٽجڻ سان مٺيءَ جي ڪاروباري زندگيءَ تي بي انتها مثبت اثر پيو. ڪرايو گهٽجڻ جي ڪري روزمرهه جي شين جي قيمتن ۾ سستائي ٿي. گهر ٺاهڻ جي سامان، لوهه، بجري، ريتي ۽ سيمينٽ جي پهچ ۾ تيزي آئي. ماڻهن پنهنجا گهر ۽ دُڪان پڪا ٺهرائڻ شروع ڪيا. ڪار، ٽرڪ ۽ بس به مٺي اچڻ لڳي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو ويگنون به هلڻ لڳيون. ماڻهن کي اڳ جي مقابلي ۾ ڀاڙو سستو ۽ مناسب، آرامده ۽ تڪڙي سواري ملڻ لڳي. صبح جو ماڻهو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ لاءِ نڪري، رات جو واپس اچي سگهندا هئا. سير سپاٽي لاءِ اچڻ وارن مسافرن جو انگ به وڌي ويو. مٿراداس (DEO) ان ڀِٽ کي ڏائڻ ڀٽ چوندو هيو، جيڪا مٺيءَ ۽ ٿر جي مٿان ڪارو پاڇو ڦهلايو بيٺي هوندي هئي. مٿراداس چوندو هيو ته هاڻي اها ‘منگي ڀٽ’ آهي.
[b]منهنجي ٻارن جي تعليم
[/b]صفيه، ذڪيه ڪاليج ليول تائين پهچي ويون هيون. انيس به فرسٽ ايئر جو امتحان اتان ڏنو. ٻار به مٺيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويا. گهڻو ڪري گهر تائين محدود. ڪڏهن ڪڏهن کين ننگرپارڪر وٺي ويندو هوس ۽ وري ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ايندا هئاسون. اسان جي ڊپريشن ۽ پريشاني گهڻي حد تائين ختم ٿي رهي هئي. اسان هڪ گلدستي وانگر مٺيءَ ۾ رهيا پيا هئاسون. هر ڏک سک ٻارن جو مون پاڻ تي کڻي ورتو هيو. کين ڪو ڪوسو واءُ لڳڻ نه پئي ڏنو. جيترو اسان جي گڏيل انڊر اسٽينڊنگ هتي ٿي، اها زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هئي. گڏيل سوچ اسان اڃا تائين به Share ڪندا رهندا آهيون.
[b]مهمان جي گرفتاري
[/b]منهنجو سڀني سياسي ڌرين سان ويجهو رابطو ۽ واسطو رهيو. سڀني کي عزت برابر ڏبي هئي، سڀني جو خيال ڪبو هيو. ڄام صاحب جي حڪومت ۾ ارباب صاحب ۽ جيلاني صاحب ڄام گروپ ۾ هئا، جڏهن ته چونڊيل نمائندن ۾ گل محمد لاٽ، غلام محمد ميمڻ، لاٽ جي پٽ جو وري پي پي سان تعلق هيو. جڳديش ملاڻي پ پ مٺي شهر جو صدر هيو ۽ عنايت راهمون ضلعي صدر هيو.
هڪ ڏينهن حڪم آيو ته جڳديش ملاڻي ۽ عنايت راهمون کي جيل ڀيڙو ڪيو. ڪجهه دير ۾ عنايت مون وٽ اچي پهتو، اسان جي روايات ۾ شامل ناهي ته گهر آيل مهمان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪجي. راهمون صاحب چانهن پيتي، ڪم ٻڌايو، موڪلائڻ لاءِ اٿيو، مون چيومانس ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلدي ٿر مان نڪري وڃ. سياڻو ماڻهو هيو ڳالهه سمجهي ويو. گرفتاريءَ کان بچي ويو.
[b]14 آگسٽ ۽ فوزيه سومرو
[/b]1992 جي 14 آگسٽ تي يومِ آزادي ملهائڻ جو پروگرام رٿيوسون. انهن ڏينهن ۾ گلوڪاره فوزيه سومرو عوام ۾ ڏاڍي مقبول هئي. ان سان پڪ پڪاڻي ٿي وئي. سرڪاري توڙي مخالف ڌر جي ليڊرن کي به سڏ ڏنو، جيڪي پاڻ ۾ ملڻ جا روادار ڪونه هئا. سڀ ڊي سي هائوس تي اچي پهتا. انهن ۾ ارباب غلام رحيم، ارباب فيض محمد، ارباب عطاءُ الله، جڳديش ملاڻي، غلام محمد ميمڻ (لاٽ) ۽ سندس پٽ گل محمد، پ پ، مسلم ليگ ۽ ڄام گروپ جا ڪيئي ليڊر شامل هئا. کين سٺي ڊنر ڪرائي ۽ پوءِ پنڊال ۾ ميوزڪ ٻڌڻ لاءِ پهتاسون. سڀ رهنما ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي فوزيه سومرو کي ٻڌي رهيا هئا. مٿس نوٽن جي برسات شروع ڪري ڏنائون. هڪ ٻئي جي مقابلي ۾، جيئن پئي فوزيه کي نوٽ ڏنائون، تيئن پئي فوزيه موج ۾ ڳايو. اها ”يومِ آزادي پاڪستان“ جي محفل دير تائين هلي. 500 ڪرسين جو بندوبست هيو. سڄي شهر لاءِ کليل دعوت هئي. ماڻهو ڪرسين تي ويهي رهيا، پر ان کان علاوه بيٺا به رهيا. ڪي همراهه ته پنهنجن دُڪانن ۽ گهرن مان بينچون ۽ ڪرسيون کڻي به اچي پهتا هئا. ان دور ۾ فوزيه واقعي پنهنجي عروج تي هئي. ان لاءِ مشهور هيو ته هوءَ ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ کارسر، جيڪو ويراواهه جي اوڀر طرف آهي، اتان جي ڪنڀارڻ هئي، پوءِ سندس والدين لڏي وڃي ٽنڊي محمد خان ويٺا هئا.
ان رات مون فيصلو ڪري ورتو هيو ته “ٿر- سيمينار” ضرور ڪرائبو.
[b]ٿر، قطب تارو ۽ رڻ ۾ رات
[/b]هڪ دفعو ٻيهر ڪمشنر اسلم سنجراڻي صاحب، DIG سليم واحدي ۽ ان جي فيملي ۽ سندس ڪجهه ٻيا فيملي دوست به ننگرپارڪر آيا. رات اتي ترسيا. صبح جو اسلم صاحب ته تڪڙو واپس حيدرآباد هليو آيو. مون کي چيائين ته ٻين مهمانن سان واپس ٿيان. ٻي رات اسان کي مهمانن سان، جتي ڏيپلي جي ٻاهران رڻ ڪڇ ۽ ڏيپلي جي وچ ۾ ڪئمپ لڳائي هئي، اتي گذارڻي هئي. لنچ ڪري ننگرپارڪر کان رڻ پٽ جو ڪس ڏئي ڏيپلي لاءِ روانو ٿياسون. اسان ٻه سُونهان (guide) به پاڻ سان کنيا هئا. ان ڪري جو سج لٿي کان پوءِ ٿر جي بارڊر واري پٽيءَ ۾ سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪجهه سال اڳ اسان جا دوست عبدالرزاق قريشي ۽ شبير احمد شيخ، راهه ڀلجي وڃي انڊيا جي چيڪ پوسٽ تي پهتا. شبير شيخ ته ڪافي سمارٽ هيو، اهو ڀڄي نڪتو ۽ اچي پاڪستان ۾ پهتو. قريشي ٿورو ڳورو مڙس هيو، اهو جهلجي پيو، پر پوءِ وڏي مشڪل کان پوءِ بارڊر فورسز جي مذاڪرات کان پوءِ وڃي آزاد ٿيو هيو.
اسان کي محسوس ٿيو ته ڪجهه گڙٻڙ ٿي رهي آهي. سُونهان مون سان اسان جي گاڏيءَ ۾ ويٺا هئا. هڪ سونهون ته جواب ڏئي ويهي رهيو. ٻيو سونهون رهنمائي ڪندو رهيو، پر اسان ڏٺو ته اسان جون گاڏيون ساڳئي گول ڊائري ۾ پنهنجن ئي ٽائرن جي نشانن تي ڦري رهيون آهن. آخر ٻئي سونهين به چيو ته هاڻي مون کي به خبر نه ٿي پوي، ۽ اسان جو وائرليس تي بيس ڪئمپ سان رابطو به ڪونه پيو ٿئي!
گاڏيون بيهاريون سين. منجهي پيا هئاسون. واحدي صاحب سان گڏ هڪ ريٽائرڊ ميجر ظفر به هيو. هو ڪمانڊو رهي چڪو هيو، هن پنهنجو علم هلايو. ستارن جي علم، قطب تاري جي بنياد تي اسان جون گاڏيون هلي رهيون هيون. ٿورو هلي پنهنجي پوزيشن چيڪ ڪري وري هلي رهيا هئاسون. اسان کي خدشو هيو ته ڪئمپ تي پهچڻ کان اڳ ۾ اسان جي گاڏين جو ڊيزل نه ختم ٿي وڃي. نيٺ base camp سان رابطو ٿيو. وائرليس تي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اتي پهتاسون. رات ’رڻ‘ ۾ گذاري سون. صبح جو واحدي صاحب ۽ ٻيا ڪمپني روانو ٿي ويا. اسان به سندن ڪڍ ڪڍ آهستي آهستي ڏيپلي ڏانهن روانا ٿياسون. رستي ۾ هڪ جهونو مڙس ڏيپلي ويندي نظر آيو. اسان اهو سوچي گاڏي روڪي ته کيس ڏيپلي وٺي وڃون، پر جيئن گاڏيون روڪيون سين ته هن به کُڙين تي زور ڏنو. همراهه وٺي ڀڳو. اسان گن مين سندس ڪڍ روانو ڪيا ته کيس پڪڙي اچن. وڏي ڪوشش کان پوءِ همراهه جهل ڏني. کيس پاڻ سان ويهاريو سين. حال احوال ٻڌايائين ته ڏيپلي مان ’داڻا‘ ڪڻڪ وٺڻ پئي ويو. وڌيڪ ٻڌايائين ته اڄ رات ڏيپلي ۾ ڪنهن مسيت ۾ رهي ها. اڳلي ڏينهن تي ڪڻڪ وٺي، ٽين بجي واري ڪيڪڙي ۾ ويهي ها ۽ رات جو سج لٿي مهل پنهنجي ڳوٺ پهچي ها. اسان کيس ڏيپلي وٺي آياسون، پاڻ سان چانهن پياري، رعايت تي ملندڙ ڪڻڪ کيس وٺي ڏني سون، جيڪا هن ڪڻڪ کان ٻيڻي مليس. بس ۾ ويهاري کيس ڳوٺ روانو ڪيوسين. ڪيتري نه مشڪل زندگي آهي اسان جي ٿري ماڻهوءَ جِي.
ڏيپلي کان مٺيءَ ڏانهن ايندي رستي ۾ روهيڙي جي وڻن جا جهُنڊ ڏٺاسون. انهن ۾ گلِ مُهر جي گلن جهڙا، نارنگي رنگ جا گل لڳل هئا. انهن گلن تي شيخ اياز تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي. ان وڻ کي ايترو romanticise ڪيو اٿائين، جو جوان ۽ جوانڙيون، انهن گلن کي بنا ڏسڻ ئي اڪن ڇڪن ٿيو پون ۽ شاعري شروع ڪيو ڏئن. روهيئڙو ڪوهستان ۾ به جام ٿئي، پر ٿر ۾ گهڻو آهي.
[b]واجد[/b]
حيدرآباد کان واپس ايندي ڪڏهن ڪڏهن AC ڊگهڙيءَ وٽ يا ٽنڊي جان محمد وڃي دوستن وٽ چانهن لاءِ ترسندو هوس. واپسيءَ مهل اهڙي هڪ شام جو ڊگهڙيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر صديق ميمڻ ڏيپلائيءَ وٽ ترسيم. هن کي اڳواٽ اطلاع ڪيل هيو. هن ڪن دوستن کي به اتي معمول وانگر سڏيو هيو. انهن دوستن ۾ هڪ نئون چهرو به نظر آيو. منجهيل منجهيل ۽ هيسيل، حيران ۽ پريشان. مان ويٺس ته پنهنجو تعارف ڪرايائون. پهرين ان شخص جو تعارف ڪرايو ويو ته هي واجد آهي، مشهور شاعر. مون کي خوشي ٿي. مان کيس پڙهيو به هيو ۽ هن جو نالو به ٻڌو هيو. مان ٽنڊي الهيار ۾ هئس ته هي ٽنڊي غلام علي، ضلعي بدين ۾ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ آڪٽوراءِ ڪلارڪ هيو. هن کي هتي ڏسي خوش ٿيس.
دوستن چيو ته، سندس گذرسفر جو ڪجهه ڪيو. بيمار به آهي، علاج به نٿو ٿئيس. مون چيو ته ”واجد کي آئون وٺي ٿو وڃان. هو مٺيءَ ۾ مون سان رهندو. سندس نوڪري، رهائش، کاڌي پيتي ۽ علاج جو به ڪم ڪيون ٿا.“ پڇڻ لڳو ”مون کي ڇا ڪرڻو پوندو. چيم جيڪو ڪم تنهنجي طبيعت موجب هجي، اهو ڪجان.“
جڏهن چانهن پي اٿڻ وارو هئس ته واجد کي هلڻ لاءِ چيم، ته هو هڪو ٻڪو ٿي ويو. چيائين ته ”مون سمجهيو توهان مذاق ڪري رهيا آهيو. آئون ڪجهه ڏينهن ۾ ايندس.“ مون کيس نه ڇڏيو. ٿيلهو کڻي گاڏيءَ ۾ رکرايو. واجد کي به گاڏيءَ ۾ ويهاريم. مٺيءَ ۾ هڪ آئوٽ هائوس منهنجي گهر جي ڀرسان هيو، جتي ٻيو اسٽاف به رهندو هيو. ان ۾ جيڪو بهتر ڪمرو هيو، اهو سندس حوالي ڪيم. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائي، ٽيسٽون ڪرائي، دوائون وٺي ڏنيون سين. هڪ پٽيوالي کي تاڪيد ڪئي ته هو واجد جو خيال رکي. کيس ماني منهنجي گهران موڪلي ويندي هئي يا منهنجي گهر اچي کائيندو هيو. جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.
هڪ ڏينهن چيائين ته منهنجو ڪم، نوڪري؟ مون چيو، تون هت آهين گهر کان پري، تون نوڪري ڪري رهيو آهين. پگهار جيڪا توکي اتي ملندي هئي، اوتري شروع آهي. توکي کيسي جو خرچ جيترو گهرجي، اهو مون وٽان ملندو. همراهه منجهي پيو.
پوءِ جنهن شيءِ جي ضرورت هوندي هئس، اها زبان سان نه چوندو هيو. چٺي لکندو هيو، مان يا ته اهو ڪم ڪندو هيس يا پني تي چٺي لکي جواب ڏيندو هيومانس. پهرين تاريخ مون سندس آرڊر ڪڍيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ مون ڊي سي آفيس ۾ به هڪ لائبرري قائم ڪئي. هن کي ان جو لئبررين ڪري رکيم. پاڻ ئي نوڪر، پاڻ ئي مالڪ. جڏهن اچي، جڏهن وڃي، ۽ جڏهن چاهي مون وٽ آفيس ۾ هليو اچي. جڏهن چاهي ته گهر هليو اچي. مٿس ڪا روڪ ٽوڪ ڪونه هئي. هن جي ڪري ٿر ۾ ڪافي علمي ادبي سرگرمي تيز ٿي وئي.
مون جڏهن ‘ٿر- سيمينار’ پئي آرگنائيز ڪيو ته هي به صلاح مصلحت ۾ شامل هيو، پر دل سان ڪونه. الائي ڇو؟ کيس اندر ڪا شيءِ کائي رهي هئي. جڏهن ٿر سيمينار شروع ٿيو ته واجد لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. سيمينار گذرڻ جي اٺن ڏينهن کانپوءِ واپس موٽيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته ڳوٺ ڪم ٿي پيو هيو.
مٺيءَ جي اديبن سان سندس اٿڻ ويهڻ ته هيو، پر انهن سان به چڱي طرح مڪس اپ نه ٿيو هيو. ڪرشن شرما ته واجد کي ‘واجد منگي’ چوندو هيو، جنهن تي واجد چِڙندو به هيو ۽ ناراض به ٿيندو هيو. اها خبر مون کي پو پئي ته واجد منگي آهي، پر چڙڻ جو سبب ڪهڙو هيو؟ شايد مان منگي هئس ۽ ڊي سي هئس. ان ڪري سمجهندو هجي ته منگي چئي سندس اهميت گهٽائي ٿي وڃي. اها ڳالهه واجد کي پسند نه هئي ته سندس اهميت سندس ذات جي ڪري ۽ سندس شاعريءَ جي ڪري نه، پر ڊپٽي ڪمشنر جي ڪري هجي.
مان ڪرشن شرما کان به نه پڇيو آهي ته هن ائين ڇو ٿي ڪيو. واجد کان بيزار هو، ڌاريو هيو ان ڪري، يا ڪو ٻيو سبب هو. سوچيم کانئس ضرور پڇندس. واجد ته اهڙو ماڻهو ڪونه هيو، جو ڪنهن سان ڄاڻي واڻي اُچائي.
واجد تيستائين مٺيءَ ۾ رهيو جيستائين مان هئس. منهنجي بدليءَ کان پوءِ هو به پنهنجا ٽپڙ کڻي لاڙڪاڻي روانو ٿيو.
شاعر محمد علي پٺاڻ، واجد جو نياپو کڻي آيو ته هو اسپتال ۾ داخل آهي، توهان کي ياد ٿو ڪري. مان وٽس اسپتال ويس. همراهه هيڻو لڳو پيو هيو. کيس دلداري ڏنم. ڊاڪٽر کي پارت ڪئي، ٻي جيڪا مدد هئي، سا ڪيم. مٺيءَ کان پوءِ اسان جي اُها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. محمد علي پٺاڻ مونکي ٻڌايو ته هن مٺيءَ جي حوالي سان ڪافي يادگيريون لکيون آهن، انهن ۾ منهنجو به کٽو مٺو ذڪر هوندو، پر اهو مواد الائي ڪنهن وٽ آهي. ڪافي پڇ ڳڇ ڪيم پر پتو نه پيو. سندس ڪو واسطيدار هي سٽون پڙهي ته مهرباني ڪري مون سان رابطو ڪري. سندس احسان مڃيندس. منهنجو نمبر ۽ ايڊريس هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي. انسانن جي زندگيءَ جا ڪتاب ڪيئن بند ٿا ٿي وڃن. ڄڻ پنن کي اڏوهي کائي ٿي وڃي. هو ڪجهه ڪتابن ۾ ۽ ڪجهه شاعريءَ ۾ زندهه رهجي ٿو وڃي ۽ صرف هڪ طرفو ٿو ڳالهائي، نه ٻڌي ٿو نه ئي جواب ٿو ڏئي، واهه قدرت !!!
واجد هڪ پختو ۽ صاحب طرز شاعر آهي. کيس بيماريون ويڙهي ويون ۽ عمر کٽي وئي. هن زندگيءَ کي واقعي شاعرن وانگر ورتو ۽ ڳري مري کپي ويو. پنهنجو ۽ پنهنجي صحت جو خيال نه ڪيو. سندس سنڌ ۽ سنڌي ادب کي اڃا ضرورت هئي. ڪجهه سال جي پئي ها ته ڪجهه وڌيڪ موتي سنڌي شاعريءَ کي ارپي وڃي ها پر جيڪا سندس حياتي.
منهنجي مٺيءَ ۾ آخري شام جي دعوت هئي، جتي ٻيا نيڻ آلا هئا اتي واجد جون به اکيون پسيل هيون ۽ دل ڏکويل ۽ ٽٽل هئي. جتي ٻين تقريرون ڪري پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو اتي هُن پنهنجو شعر پڙهيو، جيڪو سندس جذبن ۽ ٿروارن جي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو، ڇا ته سندس شاعريءَ ۾ سور ۽ درد سمايل آهي. توهان به پڙهي وٺو:
تنهنجي وئي راڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
سڻندو ڪير غريب جون،
آهون او راڻا؟
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
انڌن وڻيا ڪين ڪي،
چنڊ ۽ چانڊاڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
تو سنگ ها سرها ٿيا،
ڀونگيون ۽ ڀاڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
روڪڻ چاهيئي ٿر اندر
گهنگهر جا گهاڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
پڙهي سندءِ سوچ کي،
کر ڪلئي کاڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
ڪيئي نيڻ ڏسان پيو،
مان اڄ ويڳاڻا!
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
واجد، هن سورن سندي،
گهر جو ڇا ٿيندو؟
ٿر جو ڇا ٿيندو؟!
[b]سائينداد ساند ۽ ٻيا دوست
[/b]سائينداد ساند مون کي ٿر جو ماٺيڻو شاعر لڳندو آهي. هر وقت چپ چپات. ڳالهه ڪبي ته ڳالهائيندو. ڳالهائي وري چپ. توهان جي ڳالهائڻ جو پيو انتظار ڪندو ته توهان ڪڏهن ٿا ڳالهايو. ڀلي توهان ٻارهن ڪلاڪ نه ڳالهايو، هو به نه ڳالهائيندو. سائينداد به اسان جي وچ واري ٽهيءَ جو شاعر آهي، جنهن ۾ منهنجو استاد وفا ناٿن شاهي آهي يا اياز گل، ادل سومرو، مختيار ملڪ، غلام حسين رنگريز ۽ ٻيا به ڪيترا اچي وڃن ٿا.
سائينداد ساند ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي غلام حسين رنگريز جو پاڇو يا ٻئي، هڪ ٻئي جو نقل لڳندا آهن. ساند جو مان قرضي آهيان. قرضي نه پر ڊفالٽر. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ ڇپيو ته مان ڪجهه ڪاپيون کانئس حاصل ڪيون ته نيڪال ڪري پئسا ڏيندس. پر پوءِ منهنجي جلدي ئي بدلي ٿي وئي. هن شريف ماڻهوءَ وري نه ورجايو. مان به رٽائر ٿي ويو آهيان. هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ پوئين سال مٺي ويس، ته ڪوشش جي باوجود ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي.
اڄ ڪلهه جي دور ۾ استاد ٿيڻ وڏي آزمائش آهي، پر استادن جو صاحب ٿيڻ ته وڏو ڪم آهي. خوشي ٿي جڏهن خبر پيم ته هاڻي هو ڊگري ڪاليج مٺيءَ جو (جيڪو هاڻي صادق فقير جي نالي سان منسوب آهي ۽ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي ٿو سڏجي) پرنسپال آهي. الله کيس مبارڪ ڪري ۽ توفيق ڏئي ته علم ادب ۽ نئين نسل جي خدمت ڪري.
[b]صادق فقير
[/b]ٿر ۾ جن ماڻهن سان شروعاتي ملاقات ٿي، انهن ۾ هو به شامل هيو. سندس هجڻ جي ڪري منهنجو ٿر ۾ رهڻ نسبتاً آرامده رهيو. هن جي محفل ۽ ڪچهري منهنجي ذهن ۽ روح کي وڏو سڪون پهچائيندي هئي. دک درد گهٽائيندي هئي. منهنجي من کي ڄڻ ريجهائي وٺندي هئي، ڪجهه ڏينهن وچ ۾ پئجي ويندا هئا ته هو پاڻ هليو ايندو هيو. ”سائين محفل کي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن.“
نه لالچ، نه طمع، رڳو واهه واهه. اها به ملي، ته واهه، نه ته خير!
ٿر ۾ جديد غزل کي بهترين انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. اهو سج صادق فقير تي اڀريو. ٿر جي موسيقي، جنهن ۾ مٺو ڪڇي هجي، موهن ڀڳت، ٿر جي ڪويل مائي ڀاڳي هجي، اتي صادق کي پنهنجي انفراديت ٺاهڻ ۾ وقت ئي نه لڳو. جنهن ۾ سندس ڏينهن رات جي محنت ۽ خوش اخلاقي به شامل هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان لالچ نه ڪيائين. هميشه دل جو فيصلو مڃيائين. اسان جڏهن ٿر جي دوري تي نڪرندا هئاسون ته صادق ۽ ڪريم فقير اسان سان گڏ هوندا هئا. جتي رات پئي، اتي راڳ شروع.
مان به کيس ڪڏهن راڳي سمجهي ورتاءُ نه ڪيو. هميشه دوستن واري سڪ ڏني ۽ ورتي، پر ان سڪ پيار ۽ عزت جو ڪڏهن به غلط فائدو نه ورتو، نه ئي ڪڏهن وات کولي ڳالهايو. خيرپور ۾ هئس ته جشن خيرپور تي کيس گهرايو. ان کان علاوه به کيس گهرائيندو هئس.
حيدرآباد ڪلب ۾ “هڪ شاعر، هڪ آواز- اياز گل ۽ صادق فقير” تقريب دوران، حيدرآباد جي ٿڌڙي هوا ۾ ڳائي ماڻهن ۽ مائين کي منڊي ڇڏيائين. اها محفل به يادگار آهي.
نوابشاهه ۾ اسان جولاءِ 2003 ۾ شهيد نسيم کرل جي ورسي ملهائي رهيا هئاسون. صادق به اچڻو هيو، ان رات مٺيءَ ۾ برسات پئجي رهي هئي. وڄوٽي وٽ سندس گاڏي ڦاسي پئي. مٺيءَ موٽي ويو. اتان کان ڇاڇرو، ڇاڇري کان عمرڪوٽ، عمرڪوٽ کان ميرپورخاص ۽ رات جو 11 بجي اچي نواب شاهه ۾ محفل ڪيائين. نه ڪپڙا بدليائين، نه ئي منهن ڌوتائين. جنهن حال ۾ آيو هيو، ان حال ۾ اسٽيج تي اچي محفل مچايائين. ماڻهن کي وندرايائين ۽ پنهنجي اخلاق ۽ رويي جي ڪري دل کٽي ويو.
جنوري 2015 ۾ مان ٿر جي دوري تي family سان نڪتس ته صادق انهن ڏينهن ۾ گهوٽڪي ۽ رحيم يار خان ۾ مصروفيتن ۾ رڌل هيو. جڏهن کيس منهنجو نياپو مليو ته مان 8 جنوريءَ جو مٺيءَ ۾ تنهنجو راڳ ٻڌڻ ٿو چاهيان، ته نه نفعو ڏٺائين نه نقصان، بيانا واپس ڪيائين، 8 تاريخ منجهند جو سڄي رات سفر ڪري پهتو. مون کي نياپو ڪيائين ته، ”مان رات حاضر ٿيندس.“ هُو آيو ۽ محفل مچايائين. منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻن پٽن سان مليو. اهي به ساڻس ملي خوش ٿيا. اها اسان جي آخري ملاقات هئي. ڪجهه ڏينهن بعد هو شهيد ٿي ويو.
سندس شهادت کان پوءِ مٺيءَ جي ماڻهن جي مطالبي تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ کي صادق فقير جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. خوش نصيبيءَ سان منهنجي گهر واري تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي. ان ڏس ۾ هن به پنهنجو پاڻ موکيو. اهو نوٽيفڪيشن سندس آفيس مان نڪتو.
[b]مقيم ڪنڀار
[/b]هڪڙو ڪو ڪُنڀر هيو، جيڪو ڊي سي هائوس جي لڳ هڪ مَنهَن جي هيٺان ويهي ٺڪر وڪڻندو هيو. جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرندو هوس ته منهنجي مٿس نظر پوندي هئي ۽ هو به مونکي تاڙي وٺندو هيو. پري پري کان هٿ اُڀا ڪري هڪ ٻئي کي کيڪاريندا هئاسون. ڪڏهن ڪڏهن ساڻس روبرو ملاقات به ٿي ويندي هئي ته سندس اکين ۾ هڪ لازوال چمڪ نظر ايندي هئم، جيڪا عاشق جي نظرن ۾ هوندي آهي. اها چمڪ سندس اکين ۾ مون آخري ملاقات تائين ڏٺي. هو خط لکندو هيو، ته ان ۾ به سندس اکيون چمڪندي نظر اينديون هيون. سندس خط جو ڇا ته ڊڪشن، لکڻ جو انداز، ٻولي، پر ڪو به مقصد، ڪائي غرض نه. ميرپور ڀُٽي، تعلقي رتيديري ۾ سندس سياسي قبلو، ممتاز علي خان ڀٽو رهندو هيو. هو جڏهن به ساڻس ملڻ ايندو هيو ته مون سان لاڙڪاڻي ۾ ملندو آهي، يا ڪنهن به ٻئي هنڌ تي هوندو هئس ته اتي به پيو ڀيرو ڀڃندو هيو. خطن ذريعي يا روبرو. اهڙو واسطو ساڻس سندس عمر تائين قائم رهيو.
سندس نالو محمّد مقيم ڪنڀار هيو. نهٽي جو ويٺل هيو. نهٽو، نئين ڪوٽ جي قلعي کان ڪجهه ئي پرڀرو آهي. اتي بک ۽ بيروزگاريءَ اچي سندس ۽ گهر وارن جا پاسا ورتا. سو روزگار سانگي مٺيءَ ۾ اچي وارد ٿيو. ٻي جڳهه شهر ۾ نظر نه آيس، ته DC هائوس جي لڳ هڪ گهاٽي ديويءَ جي وڻ هيٺان سياري اونهاري ٿانءَ رکي وڪرو شروع ڪيائين. اسان لاڙڪاڻي وارا دلن جو پاڻي پيئڻ جا شوقين، فرج نه هوندا هئا ته سياري اونهاري دلن ۾ ۽ مٽن ۾ پاڻي وجهي ٺاري پيئندا هئاسون. سو ڪڏهن ڪڏهن دلا گهرائي انهن ۾ پاڻي آٺرائي پيئندا هئاسون. ان پاڻيءَ جو مزو ئي ٻيو آهي. مٺيءَ جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ، پنهنجي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندي هئي. اڪثر سندس ٿانون واري پيڍيءَ تي به وڃي ويهندو هوس. هن عريضي نويسيءَ جو ڪم اتي شروع ڪيو. ڪنهن وقت عريضي نويسيءَ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سندس درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، جو هو فائينل يا مئٽرڪ پاس نه هيو. هو ڏاڍو مايوس ٿي ويو هيو. مان اي سيءَ جي ان آرڊر لاءِ فقير مقيم کان اپيل ورتي ۽ کيس اسٽامپ وينڊريءَ جو لائسنس جاري ڪيو. پوءِ اهڙو دڪان پريس ڪلب جي ويجهو ورتائين ۽ اتي عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين.
هن ڪم کان اڳ ۾ مقيم ڪمداري ۽ منشي گيري به ڊي سي نون ۽ مري بلوچن وٽ ڪئي، پر پوءِ اهو ڪم ڇڏي هن طرف آيو.
مقيم سوشل ورڪر ته هيو، پر ان سان گڏ سنڌ ڌرتيءَ جي سياست به شروع ڪيائين. هن پنهنجي ماءُ سان ڏاڍو پيار ڪيو هيو، ان به هن سان ڏکيو سکيو وقت گذاريو هيو. هڪ وبلو لنگهڻ گذاريندا ته هڪ ويلو کائيندا هئا. هن ماءُ سان واقعي ڏاڍو پيار ڪيو هيو ۽ شايد ان کان به وڌيڪ، يا ان جيترو ئي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ سان پي پيار ڪيو هيو. جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت ايندو هيو ته صرف ۽ صرف مقامي اميدوارن کي ووٽ ڏيندو هيو. ممتاز علي خان ڀٽي جي پارٽي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ CEC جو ميمبر هيو. 1997ع ۾ جڏهن ممتاز علي ڀٽو صاحب نگران وڏو وزير هيو ته مقيم کي مٺيءَ ۾ اليڪشن ۾ بيهڻ جي لاءِ ٽڪيٽ ڏني هئائين. هارايائين، جنهن جي کيس اڳواٽ ئي خبر هئي. فقير مقيم، ننگر واري دلبر خان کوسي جو چاهيندڙ هيو. هن ئي کيس ٿر ۽ ننگر سان نينهن لڳائڻ جا شروعاتي سبق ڏنا. پوءِ ته فقير گرينائيٽ ڪڍڻ وارن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. چئي ڪارونجهر ۾ ڌماڪا ٿا ڪريو، مورن جا هنيانءُ ٿا ڦاڙيو، ڪارونجهر کي تباهه ٿا ڪريو. ريڊيو، ٽي وي، اخبارون صفا ڀري ڇڏيائين. ’ٿر- سيمينار‘ ڪيو سون ته اسان جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. ڏاڍو خوش هيو، اديبن ۽ عالمن سان ملي، چيائين ته سائين نالا وڏا اٿن، پر ماڻهو ته اسان جهڙا ئي آهن.
ٿر سيمينار کان پوءِ مون سان حال اوريائين. چئي، سائين ڏسو ته ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن مان مايون به آيون هيون ۽ نوجوان ڇوڪريون به. ۽ هيون به سڀ سنڌياڻيون. پوءِ اسان ٿريا پنهنجي نياڻين کي ٻاهر ڪڍي نوڪريون ڇو نه ٿا ڪرايون. ڪا ڀوَ جهڙي ڳالهه هجي ته پوءِ اهي اديون ايترو پري، پرديس تي ڪيئن اچن؟ هاڻي مان به پٺاڻيءَ کان نوڪري ڪرائيندس. پٺاڻي سندس پياري ڌيءَ آهي. پوءِ پٺاڻيءَ نوڪري ڪئي. هاڻي ٿرديپ ۾ مائڪرو ڪريڊٽ شعبي جي ڊائريڪٽر آهي. سندس ننڍو ڀاءُ خالد ڪنڀار ٿرديپ ۾ نوڪري ڪري ٿو. مقيم جي حياتيءَ ۾ ئي پٺاڻيءَ پاڻ موکيو ۽ کيس سرڪار طرفان قومي ليول جو ”فاطمه جناح“ ايوارڊ مليو! هاڻي پٺاڻي جهڙوڪر پاڻ، گهر جي مقيم ڪنڀار آهي، جتي مقيم وانگر ئي گهر جي سنڀال ڪري رهي آهي.
مان مقيم جي فوتگيءَ تي دعا گهرڻ سندن گهر ويس. خالد به هيو، پٺاڻي به هئي. دعا گهري سون. پوءِ مقيم جون کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون سين. ماشاءَ الله هاڻي پٺاڻي ۽ خالد پڪو گهر ٺهرايو آهي. لکن ۾ پگهارون ٿا کڻن. پاڻ ۾ سڪ اٿن. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻيا ڀاتي به گڏ ٿا رهائين. ٻئي ڏينهن صبح جو منهنجي گهر واريءَ ۽ ٻارن سان ملڻ لاءِ آيا. اسان جي سڄي قهول کي پٺاڻيءَ سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.
جيڪي ڏک مقيم ۽ سندس ماءُ ڏٺا، بکون ڪڍيون، اهي الله سندس خاندان تان ٽاريا. اهي مقيم جون محنتون ئي هيون، جنهن سبب سندس ٻار سلڇڻا ۽ ڏاها ٿيا.
[b]موهن ڀڳت
[/b]ذهن ڪيڏو به وکريل ۽ پريشان ڇو نه هجي، موهن ڀڳت جو راڳ ان کي سڪون ڏئي ڇڏيندو هيو. مان ننڍي هوندي کان ئي سندس ڪلامن مان چس ۽ حظ حاصل ڪندو هوس. پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويس، موهن ڀڳت جو ڪلام ٻڌڻ منهنجي عادت بڻجي وئي. توهان کي جيڪڏهن رات جو سمهڻ کان اڳ ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ خاص طور شاعري پڙهڻ جو شوق آهي ته ان دوران توهان موهن ڀڳت جي ڳايل ڪلامن واري ڪئسيٽ هلائي، ٽيپ تي هي ضرور رڪارڊ ٻڌو:
ساٿي ڙي سڏ ڪندي ويا...
سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا ...
ذهن کي نشا ڏئي ڇڏيندڙ هي ڳائڻو مٺيءَ ۾ گڍيءَ جي گود ۾ رهندو هيو. صوفي رنگ جي پڳ، ڌوتي ۽ پهراڻ، جنهن جي رنگ تي پابندي ڪونه هئي. هارمونيم تي سندس ساٿي سُکيو هوندو هيو، پاڻ تنبورو وڄائيندو ۽ ڀڳتي انگ ڍنگ ۽ انداز ۾ پنهنجي ڀاءُ سروپي سان گڏجي آ .... ڪندو هيو ته واهه واهه ٿي ويندي هئي. مان هن کي ڪڏهن به اڍنگو ۽ بي سُرو نه ٻڌو. ڪلام ڄڻ سندس ڳلي ۾ tape ٿيل هجي. جيئن جنهن انداز ۾ هڪ ڏينهن ڳايائين، ته ٻئي ڏينهن به اُن ئي سُر ۾ ڳائيندو هيو. قد جو ننڍو هيو، پر عمر چور. سندس ڄمار جي خبر ئي ڪانه پوندي هئي.
ڀنگ پيئندو هيو ۽ آفيم کائيندو هيو. جيڪو ان قبيلي جا ماڻهو عام جام کائيندا آهن. سندس گهر ٻاهران گذربو هيو ته هن جي رياض جو آواز ٻاهر تائين پيو ٻڌبو هيو. سندس چونئرو منهنجي گهر ۽ آفيس جي رستي ۾ هوندو هيو. سندس گهر وٽان گذرندي جيپ جي رفتار گهٽ ڪندو هوس ته جيئن سندس ڪلام ٻڌي سگهان. شهر جي هر راڳ جي محفل ۾ موهن ڀڳت اسان جي ضرورت ٿي پيو. راڳ جي محفل شروع به موهن ڀڳت ڪندو هيو ۽ ختم به موهن ڀڳت ڪندو هيو. آخر ۾ کانئس راڻو ٻڌبو هيو. راڻو، استاد منظور علي خان ۽ محمد يوسف به زبردست ڳائيندا هئا. جيڪو مون کانئن هڪ دفعي خيرپور ۾ ٻڌو هيو ۽ سندن آوازن جي منڊ ۾ منڊجي ويو هئس. پر موهن ڀڳت جي راڻي جي ڳالهه ئي ٻي هئي. ٻڌندو هوس ته اکين مان نِير جاري ٿي ويندا هئا، خاص ڪري هنن سٽن تي:
بـيــکاريءَ کــي بــر ۾، ويـــو ڪـيـف چـڙهـي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪـا جـا انـگ اڙي، جـئـن ڇُٽا ڦَٽ ڇُڙي پـيـا.
ڪنهن محفل ۾ ويندو هوس ته موهن ملڻ لاءِ اڳتي سُري ايندو هيو. قد جو ننڍو، مان سندس ڳلي ۾ ڀاڪر وجهي پاڻ سان لڳائي رکندو هوس ۽ ڪجهه دير جهلي، ساڻس خير خيريت پڇندو هئس. هو به مون کان خير خيريت پڇندو هيو. اهو اسان جو هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ جو انداز هوندو هيو.
جنهن ڏينهن مون کي مٺي ڇڏڻي هئي، ان جي پوئين رات، منهنجي آفيس اسٽاف طرفان الوداعي دعوت هئي. دعوت تي پهتس ته موهن ڀڳت تي نظر پئي. وڌي وڃي کيس ڳلي ۾ حسب معمول ڀاڪر وجهي پڇيم: ’موهن! خوش آهين؟‘ چيائين ’سائين اڄ خوش ناهيان!‘ هڪ اڻپڙهيل ماڻهو جنهن طريقي سان ٿورن لفظن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. اهڙو اظهار مون زندگيءَ ۾، نه ڏٺو، نه ٻڌو.
ٻئي ڏينهن جڏهن مٺيءَ کي الوداع چئي، گهر کان ڪراچيءَ جي لاءِ نڪتس ته موهن ڀڳت جي چؤنري مان آواز اچي رهيو هيو:
سرتيون اوهين ته وڃو ڙي وڃو لا،
منهنجو ڙِي ليک لَڪن سان!
الو ميان ...
هيـڏي شـهــر ڀـنـڀـــور مـــان،
ميڙ مسڪين جي مڃو ڙي مڃو لا،
منهنجو ڙي ليک لَڪن سان!
[b]رينجرز ۽ صحافي
[/b]مان ماڻهن سان بهتر رويو رکرائڻ لاءِ رينجرس سان به چڱا تعلقات قائم ڪيا ۽ اچ وڃ جو رستو رکيو. رينجرز جو ضلعي آفيسر مون وٽ اڪثر مٺيءَ ۽ ننگرپارڪر ۾ اوپن ڪچهريءَ ۾ به ايندو هيو. سندس ڪو ڪم ڪار هوندو هيو ته اهو به ڪندو هيومانس. ان لاءِ ته جيئن هُو اسان جي ماڻهن سان ماڻهن جهڙو سلوڪ ڪن. مون اهو به سوچيو ته کين ماڻهن جي ويجهو آڻجي، جيئن هو انهن جي مسئلن کي سمجهن ۽ سندن ڏکن سورن کان واقف ٿين. منهنجي ان حڪمت عمليءَ ڪم ڪيو ۽ ماڻهن کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو. ڪڏهن ڪو ماڻهو مون وٽ ڪو مسئلو کڻي پهتو، ته کين فون ڪندو هئس ته اهو به ٿي ويندو هيو. ٻيو ته جنرل لهراسيب خان به مون کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هيو. کين اهو به خطرو هوندو هيو، ته منهنجي پاران ڪڏهن ڪا انهن بابت شڪايت نه ٿي پئي.
فورسز ۾ جونيئر پنهنجي سينيئر کان ائين ڊڄندا آهن، ڄڻ ڪانءُ ڪمان کان، يا وري جيڪڏهن ڪو ماڻهو همت ڪري دليلن ۽ ثبوتن سان ڪنهن تي درخواست ڪري وجهي ۽ انڪوائري شروع ٿي وڃي ته ڄڻ کين اڌ موت ملي ويو.
ظاهر آهي جيڪڏهن DM جي ليول تي ڪا شڪايت ٿي پوي ته کين منهن ڏئي مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي ۽ سندن پروموشن به بند ٿيو وڃن. خير اهڙي نوبت، نه اچڻي هئي ۽ نه آئي ۽ خير خيريت رهي، بهرڪيف سندن رويو عام ماڻهن سان بهتر ئي رهيو.
هڪ صحافي گروپ ڪراچيءَ کان مون وٽ آيو، کين ننگرپارڪر گهمڻ لاءِ ۽ رهڻ لاءِ سهولتون گهربل هيون، ان سال (1992ع ۾) ٿر سيمينار به ٿيو ۽ بارش به پئي. سو ٿر ميڊيا ۾ تمام گهڻو آيو.
ان سال ۽ ٻئي سال تمام گهڻا ماڻهو ٿر گهمڻ آيا، خاص طور ننگرپارڪر ڏسڻ لاءِ آيا. منهنجي مٺيءَ ۽ ننگرپارڪر جي ٽيم سندن پروٽوڪول ۾ ۽ مهمانيون ڪري ڪري ٿڪجي پيون هيون. پر پوءِ به ڪنهن کي نااميد نه ڪندا هئاسون. مٺيءَ ۾ يا ننگرپارڪر ۾ نه کائڻ پيئڻ جو سٺو ريسٽورنٽ هيو، نه رهڻ جو هوٽل، اهو بار اڪثر اسان کڻندا هئاسون. شهر جي صحافين ۽ سماجي ورڪرز وٽ به مهمان گهڻا ايندا هئا، ان ڪري جو مهمانن سان سندن سماجي تعلقات هوندا هئا، يا سندن يار دوست يا انهن جو به ڪو واقف ماڻهو ايندو هيو، ته وٽن اچي رهندو هيو. ان ڏس ۾ ڪرشن شرما اڳ کان اڳرو هوندو هيو. ڀروسي جهڙو، مان به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس حوالي ڪندو هوس ته ان کي گهمائي ڦيرائي باسلامت اچي منهنجي حوالي ڪندو هيو. ٿر جو مختيارڪار ڊوگر به عجيب ۽ هردم تيار قسم جو مختيارڪار هيو. هو روينيو آفيسر گهٽ، پوليس آفيسر ۽ فوجي آفيسر وڌيڪ لڳندو هيو. هيو به ڊوگر راجپوت، سو اهي صحافي پنهنجا پيغام کڻي مختيارڪار وٽ پهتا، ٻه راتيون رهي واپس آيا. مون وٽ چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ مون کان غير رسمي طرح انٽرويو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. مون چيومان ته مان پنهنجن مهمان صحافين کي انٽرويو نه ڏيندو آهيان. توهان منهنجا مهمان آهيو، صرف توهان اهو ٻڌايو ۽ صلاح ڏيو ته ٿر جي حالتن ۽ ٿر جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر ڪرڻ لاءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ توهان پنهنجي طرفان ٿر جي ماڻهن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪريو.
نيٺ هڪ صحافيءَ مون سان دل جو حال اوريو. چئي: توهان ٿر جي ماڻهن ۾ ايترو انتظاميا لاءِ اعتماد ڪيئن قائم ۽ بحال ڪيو آهي؟ جن ماڻهن توهان کي ڏٺو به ناهي، اهي به پنهنجن مسئلن جو حل توهان جي ذات ۾ ڳولين ٿا. مون پڇيو ”ڇا ٿيو؟” چيائين ته، ”اسان ننگرپارڪر ۾ هڪ هوٽل تي چانهن ويٺي پيتي، اتي ٻيا مقامي ماڻهو به ويٺا هئا، انهن ۾ هڪ اکين کان سڄو ماڻهو به هيو، انهن ماڻهن ويٺي ڳالهيون ڪيون ته فلاڻي کي رينجر جهلي وئي آهي. ان تي ان ماڻهوءَ، پهرئين کي چيو ته ڊي سي منگيءَ کي ٻڌايو ته ان جهليل ماڻهن جو ڪو داد فرياد ڪري. ڊي سي کي خبر نه پئي هوندي، نه ته هن وقت تائين اهو ماڻهو ڇُٽي اچي ها.“
صحافيءَ وڌيڪ چيو ته، ”اسان ته حيران هئاسون، ته اهو بلائينڊ ماڻهو، جنهن يقينن توهان کي نه ڏٺو هوندو، نه ئي مليو هوندو ۽ توهان کان چئن ڪلاڪن جي جيپ جي پنڌ ۽ 125 ڪلوميٽرن تي ويٺو آهي، ان ۾ ايڏو اعتماد توهان ڪيئن پيدا ڪيو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟“
[b]گورو، چاچي نواز جو گونگو پُٽ ۽ اسڪولي ٻارَ
[/b]ڪمشنر صاحب چيو ته هڪ گورو لنڊن کان آيو آهي، اهو ننگرپارڪر وڃڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن تون پاڻ واندو هجين ته گڏيو وڃجانس. مونکي ڪو خاص ڪم ڪو نه هيو. گورو آيو ته مان ساڻن گڏيو ويس. ننگرپارڪر پهتاسون، رات جو بنگلي تي رهياسون. مون کي انگريزن سان انگريزي ڳالهائڻ دوران سستي، اذيت ۽ ٿَڪ جو احساس ٿيندو آهي. هن سان ته ٻه ڏينهن ساندهه گذارڻا هئا. اسان مٺيءَ کان نڪتاسون ته ڊرائيور، مهدي حسن جي غزلن جي cassette لڳائي ڇڏي. گوري کان پڇيو ٺيڪ آهي؟ چيائين yes، ڪجهه ڪجهه هو به اردو سمجهندو آهي ۽ ان قسم جا غزل پسند ڪندو آهي. سو منهنجو ڪجهه ڇوٽڪارو ٿيو.
ننگر پهتاسون. ماني کائي ڪجهه fresh up ٿي، شهر جي مندرن ۾ چاچا نواز علي کوسي سان گڏجي نڪتاسون. هو هر سياح جو بنا پيسي رهنما (guide) هيو. منهنجو ته يار هيو.
چاچي نواز علي کوسي جو پٽ گونگو هيو. سندس ڄمار 12-13 سال هئي. پوئين دفعي ان ڇوڪري جون مون تصويرون ڪڍيون هيون. اهو ڇوڪرو جڏهن مون کي نظر آيو ته مون پنهنجي بريف ڪيس مان سندس تصويرون ڪڍي کيس ڏنيون. هن جو پنهنجا فوٽو ڏٺا، ته وٺي ٺينگ ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ وٺي گوڙ ڪيو. هر هر پاڻ ڏي اشارو ڪري اسان کي ٻڌائي پيو ته اهي فوٽو سندس آهن. وري اچي مون کي ڀاڪر وجهي، اهو سندس thanks ڪرڻ جو انداز هيو. مون ڪئميرا سڌي ڪري سندس ٻيا فوٽو ڪڍرايا. هن به ٺهي سنبري پوز ڏئي فوٽو ڪڍرايا. فوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ هٿ سان اشارا ڪرڻ لڳو ۽ گوڙ ڪرڻ لڳو. مان سمجهي ويس ته هن چيو پئي ته ٻئي دفعي اچان ته اهي فوٽو به هنن فوٽن وانگيان صاف ڪرائي کڻي اچان. صبح جو اوپن ڪچهري ڪئي سون.
اوپن ڪچهريءَ ۾ ماڻهن جا سوال ۽ اسان جا جواب هئا. گوري ويٺي مزو ورتو. هن کي چيم ته توهان به هنن سان ڳالهايو. پوءِ انگريز اسلام عليڪم چئي ۽ پاڪستان زندهه آباد چيو. ماڻهن وٺي تاڙيون وڄايون. اسان ڪيڏا نه سادا آهيون. اسان وٽ جيڪو گورو اچي، ان کي اسان ’انگريز‘ چوندا آهيون. هنن اسان تي فتح حاصل ڪئي هئي ۽ سؤ سال حڪومت ڪئي هئي. گورن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه رستا ڳوليا هئا: هڪ ته ڪراچيءَ کان ۽ ٻيو ڳجهو رستو ننگرپارڪر کان.
جرمنن فرانس فتح ڪيو هيو. گهڻن سالن تائين فرانس ۾ ڪو ٻاهريون گورو ويندو هيو، ته ان کي به جرمن سڏيندا هئا، ڀلي اهو امريڪن ئي ڇو نه هجي.
هن گوري کي ڀرپاسي جا ماڳ گهماياسون. چاچي نواز علي کوسي پنهنجي ايجاد ڪيل انگريزيءَ ۾ ساڻس پئي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻئي خوش ۽ مان به خوش، چپن کي چٻي ڪرڻ کان ڪجهه آرام ملي پيو.
واپسيءَ ۾ ڏاني ڌانڌل (ڳوٺ) ڪراس ڪندي مون ڏٺو ته اسڪولي ڇوڪرن کي موڪل ملي هئي ۽ اهي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا. انهن کي ڏسي مون ڊبل ڪئبن روڪي. ڇوڪرا ڪي بيٺا، ته ڪي ڀڄي ويا. جيڪي بيٺا انهن کي مون پويان گاڏيءَ تي ويهاريو، پوءِ ٻيا به مڙي آيا. انهن کي به ويهاريو. اهي مارئيءَ جي ڳوٺ ڀالوا ڏانهن وڃي رهيا هئا. انهن کي سندن ڳوٺ ۾ ئي ڇڏيوسين.
اسلام ڪوٽ ۾ موهن لال وٽ مانجهاندو ڪيوسين ۽ مٺيءَ پهتاسون. جڏهن چانهن تي ويٺا هئاسون ته انگريز ڦاٽ ڦاڙيو. تون آهين ڇا؟ ايڊمنسٽريٽر آهين يا سوشل ورڪر؟
سندس ان سوال ۾ ڪيئي Comments هئا.
[b]ڪليم لاشاري
[/b]ڪليم لاشاري archaeology جو هڪ وڏو نالو آهي. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. ڪهاڻيڪار، شاعر، اديب، محقق، نقاد، adventurist، سنڌ ۽ سنڌوءَ جو پارکو، بطور ڊي سي ۽ ڪمشنر، سٺو ايڊمنسٽريٽر، رانديگر ۽ الائي ڇا ڇا... هاڻي وڃي آرڪيالاجيءَ تي پهتو آهي. عملي طور انهن کي restore به ڪري ٿو. پراڻن اهڃاڻن کي ڳولهي به لهي ٿو ۽ انهن تي ريسرچ به ڪري ٿو.
مان مٺيءَ ۾ هئس ته هو چيف منسٽر سنڌ جي آفيس ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيو ۽ امتياز شيخ صاحب سيڪريٽري هيو. هو ڪنهن ضروري ڪم سانگي عاصمه ابراهيم سان گڏ مٺيءَ ۾ اچي هيليڪاپٽر ۾ لٿو ۽ مون کي کڻي گوڙيءَ جي مندر ۽ ننگرپارڪر هليو. گوڙيءَ ۾ لهي هُو ٻئي ڄڻا مندر جي عمارت جون ماپون وٺڻ لڳا ۽ مون فوٽو ورتا. ننگر مان ٿي واپس مٺي آياسون. هيليڪاپٽر اتي لٿو ته شهر جا ٻار هيليڪاپٽر کي ورائي ويا. هيلي ڪاپٽر لينڊنگ ڪئي ته شهر جا ماڻهو ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا. مان ٻاهر نڪتس ته مون تي نظر پين. عاصمه ابراهيم، ڪليم لاشاري ۽ پائلٽ به لهي پيا.
هيليڪاپٽر بند ٿيو. پوليس ان کي گهيرو ڪري بيٺي. اسان جڏهن ماڻهن مان نڪري جيپ ڏانهن پئي وياسون ته شهر جي ڇوڪرن چيو ته اسان هيليڪاپٽر کي ويجهو ڏسڻ ٿا چاهيون. پوليس کين ويجهو ڪيو ۽ جيستائين اسان چانهن پي موٽياسين ته سڄو شهر اچي گڏ ٿيو هيو.
[b]ٿر ۽ وڻ
[/b]ڪيترا اهڙا موقعا آيا، جو مون وڻن ڪٽڻ تي بندش لڳائي ڇڏي. هڪ ته ٿر ۾ وڻ ٿئي ڪونه، ٻيو ٻڪرين، اٺن ۽ ٻين جانورن کي چارو گهرجي، ماحول کي بهتر رکڻ لاءِ به وڻ گهرجن، ته ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون به گهرجن. جتي ماڻهو رينجرز کان ناخوش هئا، اتي گهٽ ۾ گهٽ رينجرز بارڊر تي اٺن ڏهن ڪلوميٽرن ۾ هڪ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هيو، جو اتي وڻن جي حفاظت ڪئي هئائون، جهنگلي جيوت کي ناس ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ به نه ٿي ڏنائون. اهڙي ئي هڪ موقعي تي آءُ پريس وارن سان بارڊر جي اٺن ڏهن ڪلوميٽرن جي اندر ڳوٺن جي دوري ۽ اوپن ڪچهريءَ تي نڪتل هئس. ڳوٺ جي چڱي مڙس اسان جو مانجهاندو جهليو هيو. ماني منهنجي چوڻ موجب مقامي ڊشز تي مشتمل هئي.
ماني کاڌي سون ته اسان جي ميزبان جي ڀاءُ هڪ فرمائش ڪئي ته سائين مون کي هڪ وڻ وڍڻ جي اجازت ڏيو ته مان پنهنجو گهر ٺاهيان. مون انڪار ڪيو ته هن مون کي ايلاز ڪيا. مون هن کي ٻانهون ٻڌيون ته ان ڳالهه تان لهي وڃ. نيٺ منهنجي آزين ۽ نيزارين کي مانُ ڏئي چيائين ته ٺيڪ سائين، جيئن توهان جي مرضي. پر مان مطمئن نه ٿيس، سندس اکين به مون کي شرارت نظر پئي آئي. مون کيس چيو ته، قسم کڻ؟ هن ڌڻيءَ جو قسم کنيو. هن مجبوريءَ ۾ اهو قسم کنيو. پوءِ ڀاڻس کي چيم ته ڏس هن قسم کنيو آهي. هاڻي وڻن جي حفاظت ڪرڻ تنهنجي فرضن ۾ شامل آهي.
[b]انعام شيخ سان ملاقات
[/b]ان ڏينهن منهنجي تياري، گڍڙي ۾ رات رهڻ جي هئي. گڍڙو به عجيب شهر آهي. ديوار برلن وانگر ورهايل آهي. برلن ته هڪ ٿي ويو، پر گڍڙي جو اڌ اسان جو ۽ اڌ ڀارت وٽ آهي. اسان واري پاسي ته ڪو ماڻهو ڪونه ٿو رهي، پر ڀارت وارو گڍڙو آباد آهي. ماڻهو به آهن، پوکون به آهن، ڍور ڍڳا به آهن، پاڻي به آهي، پاڻيءَ جا مٿيان ٽئنڪ به آهن، ريل به اچي وڃي ٿي، مطلب ته ان گڍڙي جي خوشحال زندگي آهي.
اسان پاڻ واري گڍڙي تان بيهي اهي سڀ نظارا ڪري سگهون ٿا. هت صرف رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي، ٻيو رهي نام الله جو!
مٺيءَ مان انعام الله شيخ جو فون آيو. چيومانس هليو آ، پر هاڻي جو هاڻي اچ. هو ان وقت ئي اچي منهنجي گهر پهتو. انعام سان اها منهنجي روبرو پهرين ملاقات هئي. هونئن ته سندس نالو گهڻو ٻڌل هيو. ڪنهن مجلس ۾ مليا هونداسون ، پر ڪچهريون ڪونه ٿيون هيون. منهنجي پياري دوست ۽ هم ڪلاسي ”امان شيخ“ جو ڀاءُ آهي. ڄڻ امان شيخ جي پائوڊر فوٽو اسسٽنٽ ڪاپي هجي، ڀاءُ وارو پارو سندس انگ انگ ۾ ڀريل آهي. هاڻي امان جو پارو ليڪ ٿي ويو آهي، پر انعام ۾ اڃا اها ئي سيمابيت برقرار آهي.
مون کي منجهند جي ماني کائي جلدي نڪرڻو هيو. ماني کاڌي سين. ان دوران ٻڌايائين ته ’سارس‘ رسالو ٿو ڪڍان، ان لاءِ ٿر تي اسٽوري ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان. مٺيءَ ۾ ماڻهن سان مليو آهيان، ڪن اديب دوستن کان انٽرويو ڪيا اٿم ۽ ڪن کان اڃا ڪرڻا آهن. توهان جو به حال احوال وٺڻو آهي. مون کيس لاچاري ڏيکاري. چيائين ته سفر ۾ ڇو نه ڳالهائيندا هلون؟ مان چيو، اها به چڱي ڳالهه!
رات جو سفر مون کي مونجهاري ۽ ڊپريشن ۾ ٿو وجهي ڇڏي. منهنجو حساب اهو هيو ته جيڪڏهن مان مٺيءَ مان هڪ بجي نڪرندس ته روشنيءَ جو سفر ڪري وڃي گڊڙي پهچندس. منهنجي ٻي غرض به هئي ته جيئن اتي پهچي سج لهڻ جو منظر يا روشنيءَ ۾ ڀٽن کي ڏسان ته ڪيئن ٿيون ڀاسن؟ انعام چيو بيگ دوست وٽ پئي آهي. اها کڻي ٿو اچان. هو بيگ کڻي آيو، اسان نڪري پياسون.
انعام اهو انعام ڏنو، جو سوالن مٿان سوال. سوال کان پوءِ ته هو چپ ڪري ويهي پئي رهيو. ريتيلن دڙن جا رستا، جهاڪا جهوڪا، زبان به لڏي پئي ته سڄو وجود ڌڙڪيو ۽ کڙڪيو پئي.
مون انهن ڏينهن ۾ بلڊ پريشر جون دوائون وٺڻ شروع ڪيون هيون. ان ڪري وات خشڪ ٿيندو ٿي ويو، مان پاڻيءَ جا ڍُڪن مٿان ڍڪ ڀريندو پئي ويس. انعام جي انٽرويو ڪرڻ جي انداز ۾ ڏاڍو مزو آيو. مون کي کولي رکيو هئائين. مون به پنهنجي پاڻ کي اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونه پرکيو هيو. شايد مون بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري، هوم ورڪ ڪري نڪتو هيو. ٿر لاءِ، ٿر جي نئين ضلعي لاءِ به وٽس ڪافي مواد هيو. سياسي، سماجي، انتظامي ۽ ذاتي قسم جا سوال به هئا. ڳالهائڻ وارو ماڻهو، پڙهيل ڳڙهيل ۽ فضيلت وارو هجي ته دل خوش ٿيو وڃي. مان سمجهان ٿو ته اهو منهنجي ٿورن انٽرويوز ۾ تمام مٿاهون هيو. مون کي سندس هڪ سوال اڃا تائين ياد آهي! چيائين ته، مٺيءَ جي ماڻهن سان توهان جي متعلق ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اهي سمجهن ٿا ته توهان درويش ۽ صوفي منش ماڻهو آهيو! توهان جا ڇا comments؟ مون چيومانس ته، ماڻهن جي خيالن تي مان پنهنجي خيالن جو ڪهڙو اظهار ڪريان. خلق جي زبان کي الاهي اعلان سمجهڻ گهرجي. هتي جا ماڻهو به اهڙا دلبر آهن، انهن سان انهن جهڙو ٿي رهڻ ڀلو ٿو لڳي.
ڇاڇري پهتاسون. اتي تڪڙي چانهن پي، هڪڙي جيپ ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار جواهرلال کي انعام جي حوالي ڪري مان گڊڙي لاءِ راهي ٿيس. هاڻي جڏهن ٻئي ملندا آهيون ته ٻنهي جي ذهنن مان ‘سارس’ رسالي جي ان انٽرويو جو پڙاڏو، ضرور ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
[b]ٿر ۽ هولي
[/b]هندستاني فلمن ۾ هوليءَ جا سين دلڪش پڪچرائيز ڪيل هوندا آهن. مون کان فلم ‘سلسلا’، جيڪا اميتاب ۽ ريکا جي فلم آهي، صفا نه وسرندي آهي. هڪ گيت اميتاب پاڻ به ڳائي ٿو:
رنگ برسي،
بهيگي چُنر والي، رنگ برسي...
پر مٺيءَ ۾ ملهايل هولي ته، نه ريکا ۽ نه وري اميتاب بچن جي هولي آهي، اها ته جڳديش، ماتو، پريم، ڪوٽڪن ۽ ٻين محبتي ماڻهن جي هولي هوندي هئي. پهرين سال ته جڳديش ملاڻي حيات هيو، پر ٻئي سال اسان کان وڇڙي سرڳواس پڌاري ويو.
پر ٻئي سال ٻيا دوست، هوليءَ جي پارٽي وٺي ڊي سي هائوس تي آيا ۽ مون کي به گذريل سال واري هوليءَ کان به وڌيڪ رنگي ڇڏيو هئائون.
هينئر ٽيويهن سالن کان پوءِ به منهنجو ڪو يار دوست، مٽ مائٽ ٿر مان ٿي ايندو آهي يا ڪنهن ٿرئي سان ملي ايندو آهي ته مون کان پڇندو آهي ته تون ٿر ۾ ڇا پوکي آيو آهين، جو ماڻهو اڃا تائين تنهنجو نالو ايڏي پيار ۽ خلوص سان کڻن ٿا؟ مان صرف مسڪرائيندو آهيان، مان ڇا جواب ڏيانس.
مان ٿر سان، ٿر جي ماڻهن سان پيار ڪيو. مان ماڻهن جي دلين ۾ ۽ ٿر جي مٽيءَ ۾ پيار پوکي آيو آهيان. ڪوئي ائين ڪري ته ڏسي، اهو ڪم ايڏو مشڪل به ته ناهي!
جڏهن مان ٿر پهتس ته ڄڻ بيگانو هئس. هڪ دفعي مشهور ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو، نهٽي جو رهاڪو، جيڪو ڳوٺ مهراڻي جي ڪس جو آهي. مون کانئس هڪ عجيب سوال پڇيو ته، مون کي هت ڪيئن هلڻ گهرجي؟
چيائين ٿرين وٽ آهي ڇا؟
هنن کي گهرجي ڇا؟
ڏک سک ۾ سندن زندگي گذري ٿي. تون ڏئي به ڇا ٿو سگهين. هنن جون ضرورتون لامحدود آهن. هنن کي هڪڙي شيءِ وافر مقدار ۾ گهرجي. جيڪا تو وٽ گهڻي آهي، سا آهي سِڪ، پيار ۽ محبت. تون انهن سان عشق ڪري ته ڏس، تنهنجا ڄڻ زر خريد ٿي ويندا.
قادر ڪيترو نه سچ چيو هيو. هو زر خريد ٿيا يا نه، پر سچ پڇو ته، ٿر مون کي ته ڄڻ زر خريد عاشق ڪري ڇڏيو.
[b]رام سنگهه سوڍو
[/b]اهو 1986 وارو دؤر هيو، تڏهن مان ٽنڊي الهيار جو AC/SDM هئس. سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ ضلعي جي اقليتن جي ميٽنگ هئي. ٽنڊي الهيار ۾ هندن جو هڪ مشهور مندر آهي، راماپير جو. جتي ساليانو ميلو لڳندو آهي. مون کي به ان سلسلي ۾ سڏايو ويو هيو.
اتي هڪ رنگين پٽاپٽي پٽڪي واري وزير، رام سنگهه سوڍي سان ملاقات ٿي، جنهن ان ميٽنگ جي صدارت پئي ڪئي. اسان ان کان اڳ ان انداز ۾ راڻي چندرسنگهه جا فوٽو ڏٺا هئا. هن جو ڦينٽو اُن جهڙو هيو ۽ مڇون به ان وانگر اُڀيون ٿيل. اسان راڻي چندرسنگهه جي ته تيستائين تصوير ڏٺي هئي، پر ان ۾ به وڏي دهشت نظر پئي آئي. پر رامسنگهه سوڍي ۾، رنگين ڦينٽي ۽ ساڳين مُڇن جي هوندي به ان راڻي جهڙي حشمت ڪونه هئي. مڙئي مسڪين ۽ شريف سوڍو پئي لڳو. ميٽنگ کان پوءِ تعارف ٿيو. سوڍو صاحب اقليتن جو وزير هيو. سائين غوث علي شاهه صاحب جي حڪومت هئي. ساڻس وڌيڪ ملاقاتون تڏهن ٿيون، جڏهن آءٌ 1992ع ۾ مٺيءَ ۾ ڊي سي ٿي پهتس. سوڍو صاحب ملڻ آيو هيو. کيس اها ميٽنگ ۽ ملاقات ياد هئي، وڏو حافظو هئس. وڪيل هيو، پر وڪالت گهٽ ڪندو هيو. وچولي درجي جو زميندار هيو. چون پيا ته اربابن جو مٽ مائٽ ٿئي. مان حيران ٿي ويس، پوءِ خبر پئي ته سوڍن جي اها روايت هئي ته اهي پنهنجيون ڇوڪريون اربابن ۾ پرڻائي ڏيندا هئا. ارباب غلام رحيم جي دؤر ۾ به ايم پي اي هيو. 1986ع کان پوءِ به وزير/ ايڊوائيزر رهيو. شريف منش ۽ خدا ترس ماڻهو هيو. علم ادب سان شوق هئس. سندس ڪجهه ڪتاب به لکيل آهن. منهنجي علم ادب دوستيءَ جي حوالي سان به گهڻي عزت ڪندو هيو ۽ مون سان ته ڄڻ پڪي دوستي هئس.
جنوري 2015ع ۾ ٿر وڃڻ ٿيو. رام سنگهه سوڍي جو ذڪر ٿيو ته خبر پئي ته انڊيا ڪُوچ ڪري ويو آهي. اڄ ڪلهه ته سٺن ماڻهن کي رب سائين مٿي ٿو گهرائي، ته ڪي ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ هليو ٿا وڃن.
ڦينٽو (پٽاپٽي پٽڪو)، جيڪو اڳي نج چونڊ سوڍا يا راڻا، سوڍن جا سردار پائيندا هئا، پر اڄڪلهه ته هرڪو ئي ٿو اوڍي. 18 سيپٽمبر 2016ع تي ڳوٺ مالڻهور ويڻا ۾ سرڳواسي ‘پريم’ منهنجي پياري دوست ۽ پياري جي پيءُ جي ڪتاب، ‘هوءَ جا ڪولهڻ ڪارڙي’ جي مهورت هئي. ان ۾ مون کي خاص مهمان ۽ صدر ڪري گهرايو ويو. تقريب ته شاندار رهي، پر اتي منهنجي حوالي سان خاص ڳالهه اها به ٿي ته مون کي اجرڪ، لوئي، يا سنڌي ٽوپيءَ جي بدران مون کي به ڦينٽو ٻڌايو ويو. خاص سوڍن جي انداز ۾. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون محسوس ڪيو ته مون کي اها سالن کان اندروني خواهش هئي ته اهو پٽڪو مان به ٻڌان. ان پٽڪي سان جڏهن فوٽو ڪڍائي پنهنجي فيس بوڪ جي ‘وال’ تي رکيا ته ڪيترن ئي دوستن ان تي واهه واهه ڪئي ۽ ڪن ته عجيب و غريب خطاب به ڏنا.
اهو ڳوٺ، جنهن جو نالو مالڻهور ويڻا آهي، منهنجي ٿر جي ساٿي سرڳواسي نٿورام سوٽهڙ جي به جنم ڀومي آهي. نٿورام منهنجو ٿر جي پوسٽنگ دوران اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي هيو. جيڪڏهن هُو اتي نه هجي ها، ته ٿر ۾ جيڪو ڪجهه مان ڪري سگهيس، اهو سڀ نه ڪري سگهان ها، خاص ڪري ‘ٿر سيمينار’.
ڪشادي دل جو مالڪ، همت وارو، بردبار، خرچ پکو ڪري ڄاڻي. ان معاملي ۾ واڻيو نه لڳندو هيو. مان جنهن وقت ۾ مٺي آيو هوس ته مهمانن لاءِ ڪو ريسٽ هائوس ڪونه هيو. نٿورام جو گهر، جيڪو ان وقت مٺيءَ ۾ چند گهرن مان هڪ سٺو گهر ٺهيل هيو، اهو اسان لاءِ ڄڻ ريسٽ هائوس هيو. مهمان به اتي رهائيندو هيو ۽ انهن جي مانيءَ ٽڪيءَ جو بندوبست پاڻ ڪندو هيو. راڻي چندرسنگهه کان وٺي اربابن ۽ ٻين سڀني اثر رسوخ وارن سان سندس سٺا تعلقات هئا.
ٿر سيمينار ۾ به هن پنهنجو پاڻ پتوڙيو. منهنجو وائيس ڪيپٽن هيو. ڪنهن به شيءَ جي ڪمي ٿيڻ نه ڏنائين. ڪجهه سالن کانپوءِ منهنجو خيرپور ۾ به AC/ADM ٿي رهيو.
[b]ٿر ۾ ذات پات
[/b]اهو مناسب نه لڳندو آهي ته گهر تي ڪم ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي گهر ۾ ماني نه ملي. منهنجو طريقو رهيو آهي ته گهر تي يا گهر جي آفيس تي جيڪو عملي جو ماڻهو ڪم ڪندو هجي، ان کي گهر جي بورچيخاني ۾ جيڪا دال روٽي پچي ٿي، اها ملڻ گهرجي.
مون مٺيءَ ۾ چارج ورتي ته منهنجي گهر واري آفيس ۾ ٽي ماڻهو ڪم ڪندا هئا. هڪ سيول ڪمار ميگهواڙ هيو، ٻيو اڀيمُني مهراج، ۽ ٽيون ڀورو ڀيل هيو. مهراج جو ته شهر ۾ ئي گهر هيو. هو ماني گهران کائي ايندو هيو. هو ويشنو به هيو، ماس ناهي کائڻو، ان ۾ انڊو مرغي ۽ مڇي به شامل هئي. ڀورو ڀيل ۽ سيول ڪمار ميگهواڙ هوٽل تان ماني کائيندا هئا. منهنجي گهر جو بورچي دليپ ڪمار لوهاڻو هيو. مون هن کي چيو ته ”انهن ٻنهي کي ماني ملڻ گهرجي.“ هو منجهي خاموش ٿي بيهي رهيو. ڀوري ۽ سيول کي چيم ته ”ماني کائو ٿا؟“ چيائون ته ”سائين، اسان هوٽل تي کائينداسون.“ ٻڌايائون ته ”اسان ميگهواڙ ۽ ڀيل آهيون، تنهن ڪري هتي نه کائينداسون... چيائون دليپ مانيءَ لاءِ چيو هيو، پر اسان انڪار ڪيو آهي.“ مون چيو ”توهان کي ماني کائڻي پوندي.“ هو ٻئي چپ ڪري بيهي رهيا.
ٻين نوڪرن کي چوان ته چون ”سائين ڀيل ۽ ميگهواڙ هتي ماني ڪيئن کائيندا.“ مون چيو: ”جيئن توهان کائو ٿا“، پوءِ مشڪل سان وڃي اهو بندوبست ٿيو ته هنن پنهنجا ٿانوَ ڌار ڪيا ۽ ماني کائڻ لڳا.
دراصل ٿر ۾ هندن جي ’اوچي‘ ذات وارن کان وڌيڪ تعداد ۾ پٺتي پيل ذاتين (scheduled castes) جا هندو رهن ٿا. انهن جي زندگي هڪ انهن پاڻ تنگ ڪري ڇڏي آهي، ٻيو ’اوچي‘ ذات جي هندن، انهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، باقي جي ووٽ وٺڻو آهي ته، ان وقت اهو، نه شودر آهي، نه وئش، نه کتري، نه برهمڻ.
هڪڙي ڀيري آءٌ ٻارن سان ڪاسبي گهمڻ ويس. ان ڳوٺ جي ماڻهن ڇا ته محنت ڪئي آهي. خوبصورت باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن. اتي وياسين، باغ جي مالڪ تانڪ، جيڪو ماستر هيو، ان اسان لاءِ ڪرسيون ڪڍيون ۽ چانهن جو پڇيو. مون هاڪار ڪئي. مون کي منهنجي اسٽاف چيو ته، ”سائين هي ته ميگهواڙ آهي، هن جي چانهن ڪيئن ٿا پيئو؟“ مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته ڪيترا ميگهواڙ وڏن شهرن ۾ نوڪريءَ ۾ آهن. اهي سڀني سان گڏ ٿا کائن پيئن. انهن کي ته ڇوت جي بيماري ڪونه ٿي لڳي. مون پنهنجي اسٽاف کي چيو ته، ”ٻڌائڻ جي مهرباني. چانهن جي ڪوپ ۾ هي چنبڙيل ته ڪونه هوندا. مان چانهن ضرور پيئندس. اوهان مان جنهن جي دل مڃي، اهو چانهن پيئي. جنهن جي دل نه مڃي، اهو نه پيئي.“ مون پنهنجي اسٽاف کي پُٺ ڏئي ويهي چانهن پيتي.
ٻه هريجن ڇوڪرا: رتن ۽ هرنام، اسان سان اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا. ميهر اوڏ ته منهنجو پيارو دوست آهي، جهڙو گهر جو ڀاتي هجي. اسان جو ٻارن ٻچين ان سان اٿڻ ويهڻ آهي. جڏهن رتيديري ويندو آهيان ته هن جي ماني ضرور کائيندو آهيان.
[b]ٿري ٻارن جو موت
[/b]ٿر ۾ اڄ ڪلهه هڪ وڏو مسئلو ڪَر کڻي چڪو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن کان پريس/ ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته، ٿر ۾ سياري جي مند ۾ ٻارن جون تمام گهڻي انگ ۾ فوتگيون ٿي رهيون آهن. ڏهاڙي ٽي چار ٻار دم ڌڻيءَ حوالي ڪري رهيا آهن. حڪومت ان ڳالهه جو رد نه ڏئي سگهي آهي ته ڪو ٻار نٿا مرن، پر حڪومت پنهنجي پوزيشن کي واضح ۽ بچاءَ ڪرڻ لاءِ صرف سبب ٻڌائي رهي آهي ته ٻار ڇو ٿا مرن. ڪڏهن حڪومت چئي ٿي ته هڪ ڏينهن جا ڄاول ٻار مرن ٿا، ڪڏهن چون ٿا ته ڪچا ٻار ڄمن ٿا، ان ڪري مرن ٿا ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري نه ٿا مرن. جيڪڏهن کاڌ خوراڪ جي ڪميءَ جي ڪري مرن ته پوءِ انهن جون مائرون ۽ پيئر ڇو نه ٿا مرن؟ سرڪار، ٻارن جي بچاءَ لاءِ وڌيڪ انتظام ڪري رهي آهي. سائين قائم علي شاهه صاحب چيو ته ٿر ۾ حڪومت جي بجيٽ ڊبل ڪئي وئي آهي. جيترو ممڪن آهي، اوترو سرڪاري اسپتالن ۾ مايون ۽ مرد ڊاڪٽر رکيا ويا آهن. اسپتالن جو انتظام NGO’s، مثلاً:PPHI ،HANDS ڊاڪٽر عبدالغفار بِلو جي اين جي او ۽ ٻين جي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن اسپتالن جو انتظام بهتر ڪري سگهجي. معنيٰ حڪومت مڃي ٿي ته انتظام اڻ پورو آهي ۽ صحت کاتو پريشانيءَ جي عالم ۾ اٻهرا اپاءُ وٺي رهيو اهي ته شل ڪو ڪٿي داءُ لڳي پئي ۽ مسئلو حل ٿئي.
گذريل سالن ۾ جڏهن قحط رپورٽ ٿيو، ۽ ٻارن، وڏن ۽ ڍورن جي مرڻ جون ڳالهيون ٿيون ته حڪومت بيحال ٿي وئي. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جتان ڪٿان اٿي پئي ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد شروع ڪري ڏني. ايستائين جو ٿر ۾ حڪومت جي پارٽي ۽ ان جا ايم پي اي، ايم اين اي به بيوس ۽ بيحال نظر آيا. اهي پنهنجي کل بچائڻ ۽ لِڪڻ ۾ پورا هئا. اهي ورڪر جيڪي پارٽيءَ جي اختيارن کان بهره ور نه پئي ٿيا، انهن ته غير وابسته ۽ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪري حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد تي تاڙيون پئي وڃايون. ڳالهه جڏهن حد کان ٽپي وئي ته سنڌ حڪومت بحاليءَ جي وزير جو پورٽ فوليو واپس ورتو ۽ سندس ڀاءُ، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هيو، ان جو ۽ ڪمشنر ميرپورخاص جو ملازمت مان بدليءَ جو اعلان ڪيو.
مذڪوره وزير صاحب جو والد، جيڪو رولنگ PPPP جو سربراهه هيو، ان کي بيماريءَ جي حالت ۾ دخل اندازي ڪرڻي پئي ۽ سائين وڏي کي پنهنجا پهريان حڪمناما واپس وٺڻا پيا. ڇو ته وزير صاحب ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ڊپٽي ڪمشنر مٺي، سائين مخدوم امين فهيم صاحب جي علاج جي سلسلي ۾ لنڊن ويل هئا. ان اندروني ويڙهه کي يا انتظامي مسئلن کي سرعام سياسي لڙائيءَ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهربو هيو.
حڪومت گهڻائي اعلان ڪيا، اقدام ڪيا، ٿر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، انهن مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ سائين پير نور محمد شاهه جيلانيءَ جي سربراهيءَ ۾ هڪ وڏي ڪميٽي ٺاهي، تاج حيدر بنا اختيارن جي اچي ٿر جي ڏڪار کي منهن ڏيڻ لڳو.
جڏهن مسئلو ڪجهه ويهي رهيو ته سرڪار کان سندس ڪيل سڀ واعده ۽ اعلان هميشه جيان وسري ويا. ڪاڏي ويو ”ٿر ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ ته ڪاڏي وئي ڪميٽي.
وري هاڻي جڏهن ان ساڳي ڏائڻ بيماريءَ اچي منهن ڪڍيو آهي ۽ ننڍڙن معصومن جون فوتگيون ٿين پيون ۽ کاٽائو جاني هميشه جي طريقي وانگر ان موت تي روزانه جي بنياد تي ڳڻپ شروع ڪئي آهي، ته KTN جي ديکا ديکيءَ ۾ سنڌي ۽ اردو چئنلن به اهو ئي ڪم ڪيو آهي، ان ڪري حڪومت وري بيزاري ۽ پريشانيءَ ۾ اچي وئي آهي. پهريون ته سنڌ جو صحت وارو سڄاڻ سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد منگڻيجو ننگرپارڪر تائين نڪري ويو. مٺيءَ ۾ به چڪر ڏنائين، انتظام ڏٺائين، جتي کيس ڪمي پيشي نظر آئي، ان کي درست ڪيائين، پر ٺاپر نه ٿي. پوءِ سائين ناصر شاهه، کاڌ خوراڪ جو وزير به مٺي ويو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهو حڪومت جو اڄ ڪلهه مسئلن کي منهن ڏيڻ وارو، کلڻو ملڻو وزير آهي. اهو آيو، هن اها تجويز ڏني ته کاڌ خوراڪ جو ڪو فقدان ڪونهي. مٿان سندس سفارش تي سائين قائم علي شاهه اهو اعلان ڪيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ مفت ورهائجي، وري اها به ڳالهه اڳي وانگر زور پئي وٺندي وڃي ته ڊي سيءَ ڏڪار جي حالت رپورٽ نه ڪئي آهي. حساس شخصيت شفيق مهيسر، ڪمشنر ميرپورخاص پريس جي آڏو سندس روبرو الزام لڳايو.
اهڙو مڪينزم هئڻ گهرجي، جيڪو ڏڪار جي حالت ۾ خود به خود ايڪشن ۾ اچي! جيڪي ڊي سيءَ جا اڳوڻا پاور هئا رليف ۽ ايمرجنسيءَ وارا، اهي revive ڇو نه ٿا ڪيا وڃن. ان حالات ۾ ته ڊي سي کي اختيار هئا ته بنا اهڙي سرڪار جي اجازت جي جيترو چاهي خرچ ڪري سگهندو هيو. خدا جي واسطي ڪو اهڙو مڪينزم ٺاهيو وڃي. ڇو ته ٿر جو ڏڪار هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه آهي، نه ئي هڪ سال جي ڳالهه آهي. هي هڪ مستقل مسئلو آهي، ان جو حل مسئلي اندر هئڻ گهرجي.
[b]گرم مصالحي جو خاندان
[/b]ٿر جون ريتون رسمون ۽ روايتون به عجيب آهن. مثلاً: اُٺ تي ٻه ڄڻا، مرد ۽ عورت سوار آهن ته ڏسڻ واري کي خبر پوندي ته مرد سان ويٺل عورت ان جي زال آهي يا نه. مرد سوار جي پويان ويٺل عورت ان جي زال ئي هوندي. پر سوار جي اڳيان جيڪڏهن عورت هوندي ته اها سوار جي زال کان سواءِ ٻيو ڪا به رشتيدار هوندي.
عورت کي جيڪڏهن صرف ٺوٺ کان هيٺ چوڙا پيل هجن ته ڪنواري ڇوڪري هوندي. جيڪڏهن چوڙا ٺونٺ کان هيٺ ۽ مٿي به هجن، ته اها عورت شادي شده هوندي. پر جيڪڏهن عورت کي ٻنهي ويڻين ۾ ٻه ٻه سفيد چوڙيون پيل هجن، ته اها رن زال هوندي.
گهر جي وڏي کي گهر جون عورتون توڙي مرد نالي سان نه سڏين، نه ئي سندس نالو زبان تي آڻين. اسان جي دوست ڪرشن شرما جي والد جو نالو ’مِرچُو‘ آهي. هُو گهر جو وڏو آهي، تنهن ڪري گهر ۾ ’مرچ‘ کي ’تِکي‘ چون. جيڪڏهن ڪنهن کي ڳاڙهو مرچ گهربل هوندو ته چوندو ته ’ڳاڙهي تِکي‘ گهرجي يا ’سائي تکي‘ يا ’ڪاري تکي‘ گهرجي. ٻيو ماڻهو ويٺو سوچي ته اها تکي ڇا آهي. ڪرشن شرما جي ٻين چاچن جا نالا آهن: ڦوٽو ۽ لونگ. پاڙي وارا کين چون ئي ”گرم مصالحي جو خاندان“.
[b]ٿر ۾ اين. جي. اوز (Non Governmental Organizations)
[/b]اين. جي. اوز کي ڪنهن دور ۾ رضاڪار تنظيمون چيو ويندو هيو، جن ۾ ڪنهن به پگهار جو تصور ڪونه هوندو هيو. هرڪو بنا اُجوري جي محنت ڪندو هيو ۽ مدد ڪندو هيو. مسلمان انگريزن جي وقت ۾ انگريزي تعليم کان اڻ واقف هيا. تنهن ڪري انهن رضاڪارانا ڪمن ۾ گهٽ حصو ورتو. تمام ٿورا مسلمان نيڪ مرد هئا، جيڪي ٿورا گهڻا ڀلائيءَ جا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ اسڪول کولڻ ۾ مدد ڪرڻ، اسپتالون ۽ ڊسپنري کولڻ وغيره. سنڌ مدرسة الاسلام ان جو هڪ ڪلاسيڪل مثال آهي، جيڪو حسن علي آفنديءَ کوليو هيو ۽ ٻين مسلمانن هن جي مدد ڪئي هئي. خيرپور اسٽيٽ به هڪ هاسٽل ٺهرائي ڏني، نور محمد هاءِ اسڪول، نوشهروفيروز اسڪول، ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۽ ٻيا ڪجهه ادارا پڻ ٺهرايا ويا، جن سنڌ ۾ جاڳرتا، سوجهرو ۽ سجاڳي پيدا ڪئي. انهن ادارن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ انهن کي هلائڻ لاءِ پڙهيل لکيل نوجوان مهيا ڪيا. هاڻي ڪجهه سالن کان پوءِ اهو تصور ئي بدلجي ويو آهي. رضاڪارن جي بدران، غير سرڪاري تنظيمون (NGO) ميدان تي اچي ويون آهن، انهن جا سربراهه تنخواهه دار ۽ ٻيو عملو به تنخواهه دار ملازم آهي، جيڪو به ادارو ڪو خاص ڪم ڪرڻ لاءِ پئسا ڏئي ٿو، اهو پنهنجي مقصدن لاءِ ائين ٿو ڪري، ۽ جيڪي رجسٽرڊ NGOs آهن، انهن ۾ پگهارن ۽ ٻين خرچن جو به حصو رکن ٿا. اڄ ڪلهه رضاڪارانا ڪمن جو نه، پر NGOs/ غير سرڪاري ادارن جو دؤر آهي.
جڏهن مون ٿر ۾ پير رکيو ته نالي ماتر غير سرڪاري تنظيمون هيون، انهن مان ٻانهن ٻيليءَ جو وڏو نالو هيو. هڪ ته اهو پڪو سنڌي نالو، ٻيو جيڪو ان جو مالڪ يا ڪرتا ڌرتا جاويد جبار هيو، جيڪو پڻ وڏي نالي وارو هيو. 1985ع جي اليڪشن جي نتيجي ۾ سينيٽر به ٿيو هيو ۽ وزير به ٿيو هيو، ڊان گروپ جي حسين هارون ۽ حميد هارون ڀائرن سندس مدد ڪئي، جنهن سان سينيٽر چونڊجي ويو. 1988ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پ پ جو وزير برائي اطلاعات و نشريات ٿيو، پر ان حڪومت جي عمر صرف ويهه مهينا هئي.
ان کان علاوه سيوَ دي چلڊرين فنڊ، سگا (SGA)، ٿر ويلفيئر ڪائونسل، ڍٽ (جيڪا پوءِ ٺهي منهنجي دؤر ۾)، ساڳي نموني سڀني اين جي اوز جي هڪ گڏيل باڊي ’ماروئڙا ٿرپارڪر ايرڊ ريجن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل‘ ٺهي. ’ماروئڙا‘ ٺهرائڻ جي سلسلي ۾ شروعات جاويد جبار صاحب ڪئي، پر جيڪڏهن منهنجون ڪوششون ان ۾ شامل نه هجن ها ته اها نه ٺهي ها. ڇو ته مقامي سطح تي ان جي مخالفت ٿي رهي هئي. کين خدشو هيو ته جاويد جبار صاحب ان کي اغوا نه ڪري وڃي. منهنجي گارنٽيءَ تي سڀ اتي ويٺا ۽ ماروئڙا ٺاهيائون ۽ ان جو پهريون صدر، سگا جي ولي محمد روشن کي چونڊيو ويو. پر الائي ڇو ٻانهن ٻيليءَ ان تنظيم ۾ وڌيڪ دلچسپي نه ورتي ۽ تنظيم ڍري ٿي وئي. مون کي خوشي آهي، جو ماروئڙا جي پهرين گڏجاڻيءَ جي صدارت مون ڪئي هئي، ان ڏينهن مان ڊي سيءَ جي چارج ڇڏي چڪو هئس، پر اهو منهنجي لاءِ اعزاز هيو ته سڀني تنظيمن جي گڏيل گذارش تي مون ان جي صدارت ڪئي هئي. ماروئڙا اڄ به هلي رهي آهي، پر گهڻي فعال نه آهي. ساڳيءَ طرح سگا به ٿر ۾ ايترو فعال نه رهي آهي. ڍٽ (District Development Association Tharparkar- DDAT) به منهنجي سرپرستيءَ ۾ ڪرشن شرما ٺاهي. ان وقت ته ان جي شروعات هئي، پر ڪرشن شرما هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. هن وقت ڍٽ DDAT ٿر جي فعال ترين تنظيمن مان هڪ آهي. ڪرشن شرما REAT سان به واسطا ٺاهيا آهن، جنهن جي توسط سان نه صرف ٿر، پر چئني صوبن ۽ اسلام آباد ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي.
سيو دي چلڊرين فنڊ تنظيم (Save the Children Fund-UK) به ٿر خالي ڪري وئي. ان جو هيڊڪوارٽر اسلام ڪوٽ هيو ۽ ان جو چڱو مڙس جان بيوڪلرڪ هيو. برطانوي گورو هيو، پر هيو ڏاڍو ڏنگو. جڏهن به مون وٽ اچي، ته مون سان جهيڙو ڪري ويندو هيو، ڄڻ پاڪستان تي اڃا به راڻيءَ جي حڪومت هجي، پر پوءِ گوري جو علاج ڪيم ته منهنجو دوست ٿي ويو.
لاڳاپيل حڪومت جي فيصلي پٽاندڙ هنن پنهنجي تنظيم کي اتان ختم ڪيو ۽ ان تنظيم جي ملازمن پوءِ هڪ مقامي تنظيم ٿرديپ ٺاهي، ساڳئي پروگرام کي جاري رکيو. ائين هن ٿرديپ تنظيم پراڻي تنظيم جي ڪُک مان جنم ورتو. ٿوري ئي وقت ۾ ٿر سيمينار کان پوءِ اها تنظيم اڳتي نڪري آئي، ٿر سيمينار بعد ٿر جي وڏي مشهوري ٿي. ان جا مسئلا ۽ معدنيات سامهون آئي. ائين هر ڪنهن جو توجهه ٿر ڏانهن ڇڪجي آيو. اها سنڌ سرڪار هجي، وفاقي حڪومت هجي يا ڏيهي ۽ پرڏيهي ڊونرس هجن، انهن ٿر ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ چاهي. ٻانهن ٻيليءَ کي ته فنڊ مليا پئي، پر ٿرديپ ٻانهن ٻيليءَ جي متبادل ۽ اصلي ٿر جي نمائنده تنظيم ٿي اُڀري. ڇو ته ان تنظيم جو نالو به مقامي هيو ۽ ان جو چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر سونو به مقامي ماڻهو هيو ۽ عملدارن جي به اڪثريت ٿري سنڌين جي هئي ۽ ان جو بنياد به ٿر ۾ رکيل هيو، تنهن ڪري ڊونرس کي اها تنظيم وڌيڪ قابلِ قبول هئي. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ٿر جو رهاڪو، ويٽرنري ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتل، مزاجن چلتو پرزو هيو. ٿرديپ ۾ اڪثر سندس قوم مينگهواڙ قبيلي جا ماڻهو هن نوڪرين تي رکيا. انهن ڊاڪٽر سوني سان ڀرپور تعاون ڪيو.
[b]ڍٽ (DDAT)
[/b]ڍٽ (DDAT) اڃا هاڻي مس ڄائي هئي، ۽ ساهه کڻي رهي هئي. ڪرشن شرما جي زندگيءَ ۾ به لوڏا اچي ويا. هو انڊيا ويو، اتي شادي ڪيائين، ٻار ڄاوس. سندس نياڻي هاڻي دبئيءَ ۾ رهي ٿي، پاڻ جڏهن هت موٽيو ته کيس ڳجها ادارا پڇا ڳاڇا لاءِ ساڻ وٺي ويا ۽ ڊگهو عرصو پاڻ وٽ رکيائون ۽ حال احوال ڪيائون، تنهن کان پوءِ وڃي کيس مُڪتي ملي.
ڪرشن اڳي کان اڳرو آهي. سڄو ڏينهن ٿو هلي، سفر ڪري، نت نرالين تنظيمن سان ٿو اُٿي ويهي، ۽ مغزماري ڪري، ٻئي پاسي يارن دوستن سان به نڀائي. دعا آهي ته هن ۾ اڃا سگهه اچي، ۽ ٿر، سنڌ ۽ پاڪستان جي وڌيڪ خدمت ڪندو رهي.
[b]ٿر، ٻانهن ٻيلي ۽ جاويد جبار
[/b]ٻانهن ٻيلي جا وڏا بڻ بنياد آهن. مون کي خبر ناهي ته جاويد جبار صاحب پاڻ ڇو پويان پير ڪري ويو آهي. 3-1992ع ۾ ان تنظيم جو عروج هيو. ڪافي فنڊنگ ٿر لاءِ آڻيندو هيو. ٻئي ٽئين مهيني وڏي ٽيم وٺي ايندو هيو، جنهن ۾ هن ڪراچيءَ جي مردن توڙي عورتن کي سنڌ جا وستيون واهڻ ڏيکاريا، جنهن سبب سندن دل ۾ سنڌي ماڻهن کان جيڪو ڊپ ڊاءُ هيو، اُهو ختم ٿيو ۽ کين آماده ڪيو ته اهي به سنڌ ۽ ٿر جي خدمت ڪن. جاويد صاحب جي وڏي ٽيم ۾ پاڻ، حسين بخش ڪولاچي، يونس بنڌاڻي، نهال هاشمي (جيڪو هينئر سينيٽر آهي)، عذرا بابر، جيڪا تنظيم جي سيڪريٽري هئي ۽ سٺي تعليمدان، ليکڪه، شاعره، ۽ ڊرامه نگار هئي. جاويد جبار جي ڌيءَ مهرين جبار، جيڪا پڻ ليکڪه، فلم ۽ ڊرامه ڊائريڪٽر آهي. نيويارڪ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي. ريحانه رشيد ليکڪا هئي، نيلوفر، سوشل ورڪر ۽ ٻيو وڏو لڏو هيو، اهي سڀ جاويد صاحب سميت dedicated ورڪر هئا. ڏينهن جا ڏينهن اچي مٺي ۽ خاص طور ننگرپارڪر ۾ گرميءَ سرديءَ ۾ رهي پوندا هئا، پر سندن سيٽ اپ اهڙو نه هيو، جهڙو ٿرديپ جو. ٻانهن ٻيليءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ننگر ۾ نه رهندو هيو. نه شروع ۾ سندن اتي ڪو مستقل هيڊ ڪوارٽر هيو، پوءِ ضلعي ڪائونسل کان هڪ بلڊنگ مسواڙ تي وٺي ان کي رهڻ ۽ آفيس جهڙو ڪيائون. منهنجي سڀني سان ويجهڙائپ رهي، پر عذرا بابر، چلوِلي هئڻ ڪري ان سان گپ شپ جو مزو ئي ٻيو هيو. هوءَ شاعره، ليکڪا، سٺي مزاح جو حس رکندڙ، ڳالهائڻ جي برجستي، بنا رک رکاءَ جي ڳالهائيندي هئي، اخلاق جي مضبوط، ڪنهن به قسم جو جهول نه. 1994ع ۾ نويد ڪلينڪ ڪراچيءَ ۾ منهنجو piles جو آپريشن ٿيو هيو. هوءَ اچي ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ويهندي ۽ گپ شپ ڪندي هئي. منهنجو ٻئي ڌيئر به سندس دوست ٿي ويون.
[b]مان تو سان شادي ڪنديس...!
[/b]هڪ ڏينهن چوڻ لڳي، ته مان توسان شادي ڪنديس، مان پنهنجي والدين کي به ٻڌائي ڇڏيو آهي.
مون چيو هيومانس ته پاڻ کي به ڏس ۽ مونکي به ڏس. جڏهن اسان بطور زال مڙس گڏ گهمنداسون ته ماڻهو چوندا، هُو ڏسو، پيءُ ۽ ڌيءَ ٿا وڃن. تون منهنجي ڌيءَ جي عمر جي آهين!
پوءِ به ان دعويٰ تان هٿ نه کنيائين. مون کي مسلسل ٽي سال چوندي رهي ته ”مون سان شادي ڪر.“ مان کيس سخت لفظ چئي ان ڳالهه تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريان ته مون سمجهيو ته مذاق ٿي ڪري، پر پوءِ مون کي احساس ٿيو ته هوءَ ان ڳالهه ۾ سنجيده هئي.
جنهن ڏينهن منهنجي شادي کرل فيمليءَ ۾ طئي ٿي، ان ڏينهن کان پوءِ مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيائين. ڪنهن فنڪشن ۾ جيڪڏهن سامهون اچي ويندي هئي، ته رستو مٽائي ويندي هئي يا پوئين پير نڪري ويندي هئي.
سندس دوست هما نواب (ڊرامه ايڪٽر) ملي، ان ٻڌايو ته هوسٽن، آمريڪا ۾ ٿي رهي. شادي ڪئي اٿائين. ٻئي زال مڙس ’هماليه ريسٽورنٽ‘ ٿا هلائين.
[b]مان ايوارڊ لائق ناهيان...!
[/b]1998ع ۾ مان ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سنڌ هئس. منهنجو هيڊ ڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ هيو، ٻانهن ٻيليءَ جي اهم ماڻهو يونس ٻنڌاڻي، منهنجي آفيس ۾ آيو ۽ مون کي فنڪشن جي دعوت ڏئي ويو، مان ان فنڪشن ۾ ويس.
ٿر ۽ ميرپورخاص جا جهجها ماڻهو هئا. گورنر سنڌ جنرل معين الدين حيدر صدارت پئي ڪئي. آواري ٽاورس هوٽل ۾ فنڪشن هيو، جن ماڻهن ٿر جي خدمت ڪئي هئي، انهن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو پروگرام هيو. موجوده ڪمشنر کان وٺي پٽيوالي تائين ۽ ٻين اين جي اوز کي به ايوارڊ ڏنائون. عذرا بابر پروگرام هلايو پئي. مونکي ايوارڊ ته نه ڏنائون، پر جاويد جبار ٿر جي خدمتن جي حوالي سان منهنجو ذڪر به نه ڪيو. نهال هاشميءَ منهنجي ڀرپور تعريف ڪئي. مون پوءِ ٻڌو ته نهال هاشميءَ، جاويد جبار سان ٺيڪ ٺاڪ جهيڙو ڪيو. مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته جيڪڏهن مون کي نظرانداز ئي ڪرڻو هيو ته پوءِ يونس ٻنداڻي مون کي دعوت ڏيڻ ڇو آيو هيو.
جاويد جبار صاحب جي ٻانهن ٻيليءَ کي ٿر ۾ سندس اين جي اوز ۾ مخالف ڌڙي حسد ۽ ڀؤ ۾ پير کوڙڻ نه ڏنو. هر طرح سان هن جي ذات تي حملا ڪندا رهيا ۽ کليل ۽ ڳجهي مخالفت به ڪندا رهيا. حالانڪه مونکي ذاتي طرح خبر آهي ته ڪي همراهه ته ٻانهن ٻيليءَ ۾ نوڪري به ڪندا هئا، ته جاويد جبار کان ذاتي فائده به وٺندا رهيا ۽ سندس گلائون به ڪندا رهيا.
هڪڙو سياسي ڌڙو به سندس مخالف هيو. جنهن کي خدشو هيو ته متان هت پير ڄمائي وڃي ۽ سياسي طرح سندن مخالفت ۾ اليڪشن ۾ بيهي.
مان سمجهان ٿو ته اهي سڀ ڳالهيون غلط هيون. هن کي جيڪي سينيٽر جي حيثيت ۾ فنڊ مليا، ته اهي به هن ٿر ۾ خرچ ڪيا. ٿر جي مسئلن ۾ هن وقت سندس دلچسپي نه وٺڻ ٿر جي بدنصيبي آهي. مان ڀانيان ٿو ته عمر ۽ صحت به سندس ڪم ۾ رڪاوٽ بڻي آهي. پر ان جي باوجود هن ۾ ايترو عقل ۽ فهم آهي، جو هو ڪوبه پروجيڪٽ هتي هلائي سگهي ٿو. پر لڳي ٿو ته هو ٿر کان نااميد ٿي ويو آهي، يا هو ائين ٿو سمجهي ته ٿر گهربل ترقي ڪري ويو آهي، ان کي هاڻي سندس ضرورت نه رهي آهي.
مان هن کي انهن سڀني ڳالهين کان مٿانهون ۽ مختلف ٿو سمجهان. هي ماڻهو للڪارن کي مُنهن ڏيڻ وارو آهي. هن ڪڏهن به شڪست نه مڃي آهي. هن هڪ پارٽيءَ ۽ هڪ ليڊر جي ڪڍ زندگي نه گذاري آهي، ڪيترا ڀيرا وزير ۽ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو آهي ۽ ڪيترا ڀيرا اهم عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي اٿائين. هن آخري استعيفا جنرل مشرف جي وزارت تان ڏني. هن وقت ڪيترين اين. جي. اوز جو چيئرمئن آهي.
هن جي گهرواري ماشاءَ الله پخته ڄمار ۾ به گريس فُل آهي، جوانيءَ ۾ جاويد صاحب ان سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، شرط اهو وڌو ويو ته جاويد جبار صاحب جيڪڏهن CSP ٿيندو ته سندس شادي ٿيندي. هو CSS جي امتحان ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ڪيائين. ڀاڀي شبنم جي والدين جو شرط پورو ٿيو ۽ جاويد جبار ڪامياب ٿي ويو. پر هو تخليق ڪار هيو، ’بابُو‘ نه هيو، هو CSP آفيسر نه ٿيو، ۽ ميڊيا جي دنيا ۾ اچي ويو. ايم اين جي ڪميونيڪيشن جي نالي سان ايڊورٽائيزنگ جو ادارو کوليائين، جنهن جي سربراهه هينئر سندس گهر واري شبنم آهي.
هيءُ اڃان نوجوان هيو ته پاڪستان ۾ انگريزي فلم Beyond the last Mountain ۽ ’مسافر‘ جي نالي سان اردوءَ ۾ فلم ٺاهيائين. ڪيترا آرٽيڪل لکيائين. سندس ڪيترا ڪتاب آيا، پاڻ ٻانهن ٻيليءَ جي سربراهي (سرواڻي)، پئسن لاءِ نه، پر غريب غربي جا ڳوڙها اگهڻ لاءِ ڪيائين.
سندس خانداني پس منظر جي مون کي خبر ڪونهي، ته وڏا پيسي وارا هئا يا نه، پر هن پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي آهي. هن جي ٻنهي ٻارن، مهرين جبار ۽ ڪمال جبار به پنهنجي زندگي پاڻ ٺاهي آهي. هينئر مهرين فلم ميڪر آهي ۽ ڪمال بيريسٽر آهي.
جاويد جبار صاحب جو آخري ڪتاب Pathways منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب 2015 ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ پاڪستان، هندوستان ۽ پاڪستان جا تعلقات، ميڊيا، ڪتابن تي لکيل تبصرا ۽ ٻيا انيڪ موضوع آهن. جاويد لکڻ پڙهڻ جو ڪوڏيو آهي. پئسو سندس مجبوري يا ڪمزوري ڪونهي رهيو. پئسا جمع ڪرڻ وارا ماڻهو لکڻ پڙهڻ جي ڌنڌن تي وقت ناهن وڃائيندا.
[b]ٿر سيمينار
[/b]جنوري 1992ع جي آخر ۾ مون ڊسٽرڪٽ ٿر ائٽ مٺيءَ جي ٻئي ڊپٽي ڪمشنر طور چارج سنڀالي. پهريون ڊپٽي ڪمشنر در محمد ڀٽي صاحب هيو. ٿر جو ضلعو پراڻي ٿرپارڪر مان ڪٽي، ان کي عليحده ضلعي جي حيثيت ڊسمبر 1990ع کان ڏني وئي. ان جو نالو ٿر رکي، ان جو هيڊڪوارٽر مٺي مقرر ڪيو ويو. هي اها ئي ايراضي هئي، جيڪا ڊيزرٽ ڊويزن جي نالي سان سڏبي هئي، جنهن ۾ ان سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر مٺي هيو ۽ ان ۾ چار تعلقا شامل هئا. انهن تعلقن جا نالا آهن: مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر. هاڻي (2016ع ۾) ٽي وڌيڪ تعلقا: اسلام ڪوٽ، ڏاهلي ۽ ڪلوئي ٺاهيا ويا آهن ۽ ست تعلقا سب ڊويزنون به آهن. سواءِ ٿورن ٽڪرن جي باقي سڄي ايراضي ٿر ۽ ريگستان تي مشتمل آهي. ڇاڇري جي سب ڊويزن ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقن تي قائم هئي. سرڪار جي نئين ضلعي ٺاهڻ جي قدم تي تنقيد به ٿي. پر آخر وقت ثابت ڪيو ته اهو وقتائتو قدم هيو ۽ ان جي ڪري ٿر جي ترقيءَ جون راهون کلي پيون ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل ۽ درد جو درمان سندن چانئٺ جي ويجهو کين ملي ويو.
ٿر جو ضلعو به هاڻي ٻين ضلعن وانگر هڪ ضلعو ڪوٺجڻ لڳو. جيڪا اهميت ٻين ضلعن کي هئي. اها ئي ضلعي واري حيثيت ٿر جي به ڳڻپ ۾ اچڻ لڳي.
مون جڏهن ضلعي ٺهڻ کانپوءِ ٻئي ڊي سيءَ جي چارج ورتي ته محسوس ڪيو ته جيڪي بنيادي شيون ضلعي کي هئڻ گهرجن، انهن جي کوٽ هئي. مثال طور: ٻين ضلعي آفيسرن جون آفيسون ڪونه هيون. ضلعي ڪورٽ قائم ڪونه ٿي هئي. ڊي سي ۽ ايس پي جا گهر ۽ آفيسون ڪونه هيون. انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت هئي. هر ڪنهن شايد ائين سمجهيو هيو ته ضلعي ٺهڻ سان هر شيءِ پنهنجو پاڻ اچي ويندي، پر ائين نه ٿيندو آهي. ماءُ به ٻار کي روئڻ کان سواءِ کير نه پياريندي آهي. اهو روئڻ جو ڪم مون اچي ڪيو. سرڪاري سطح تي به ته سياسي سطح تي به. سرڪار کي هر هر لکي موڪليو ته اسان جون ڪهڙيون ضرورتون آهن. ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي به خط هٿ ۾ ڏئي کين گذارش ڪئي ته چيف منسٽر صاحب ۽ افسرشاهي کي چئو ته ٿر ۾ انتظامي انفرا اسٽرڪچر قائم ڪرائين.
مون کي خوشي آهي ته ضلعي ڪورٽون جلد قائم ٿي ويون ۽ ٻيون آفيسون به اچڻ شروع ٿيون. 93_1992ع جي ADP ۾ ڊي سي آفيس ۽ گهر، ايس پي آفيس ۽ گهر سرڪٽ هائوس ۽ ٻيا روينيو جا دفتر ۽ گهر پڻ منظور ٿيا ۽ ٺهڻ شروع ٿيا.
مون چارج وٺڻ جي پهرين ڏينهن کان ڪم شروع ڪيو ته اهو ڪم ڪجي، جنهن جي ڪري هڪ ته ٿر جو قائم ٿيل ضلعو سرڪار واپس نه وٺي، ٻيو عوام ۽ انتظاميا جو سنڌ سطح تي توجه ڇڪائجي ته ٿر تمام غريب ضلعو آهي، جتي سنڌ جي ٻين علائقن جي مقابلي ۾ سهولتن جي وڏي اڻاٺ آهي. ماڻهو هت عام ماڻهن واري نه پر غربت کان هيٺين سطح واري زندگي گذاري رهيا آهن. جنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سرڪار کي جيترو توجه ڏيڻ گهرجي، اهو پاڪستان ٺهڻ جي 45 سالن کان پوءِ به نه مليو آهي. ماڻهن جي زندگيءَ جي سطح هيٺاهين ليول کان به هيٺاهين آهي. ان لاءِ عوام ۽ اخلاقي دٻاءُ ميڊيا معرفت ۽ دانشورن جي توسط سان آندو وڃي. ان کان علاوه دنيا کي اهو به ٻڌايو وڃي ته ٿر پنهنجي ثقافتي، تاريخي، آرڪيالاجي، ادب ۽ لوڪ ورثي جي حوالي سان ڏاڍو شاهوڪار آهي. هتي جا مرد توڙي عورتون محنتي، هنرمند، سچار ۽ وفادار آهن. هنن تي ڪو به فرض ۽ ذميواري رکي وئي ته هو پنهنجو سر ڏئي به سرانجام ڏيندا.
ٿر کان ٻاهر رهندڙ سنڌي ماڻهو توڙي غير سنڌي، ٿر جي صورتحال کان واقف ڪونه هئا. بلڪ انهن ۾ ٿر لاءِ عجيب وسوسا ۽ غلط فهميون هيون. ڪن ته ٿر جي ماڻهن کي پاڪستان جو دشمن ۽ غدار ۽ هندن ۽ هندستان جو ايجنٽ پئي سمجهيو. حقيقت ائين ڪڏهن به نه هئي ۽ نه آهي. پر ان سوچ جي ڪري هميشه ٿر کي نظرانداز ڪيو ويو.
اصل ڳالهه اها آهي ته ان سوچ ان انداز کي ڪير بدلي. مون وٽ ان جو حل اهو هيو ته، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهريان عالم، اديب، دانشور، عقلمند ۽ ڏاها ماڻهو گڏ ڪجن، ان سان گڏ ڇاڪاڻ ته هي اخبارن ۽ ميڊيا جو دور آهي. سو اخبارن ۾ لکڻ وارن کرن ماڻهن کي به موقعو فراهم ڪجي ته پاڻ پنهنجي اکين سان ٿر ڏسن، ٿري ماڻهن سان ملن، سندن حالت، اخلاق ۽ عادتون پرکن ته هو ڏنگا مڙس آهن يا سچار ۽ سڌا آهن. حقيقت ۾ ته اڪثر ٿرين جي زندگي ته بد کان به بدتر ۽ جانورن کان به بڇڙي آهي، ۽ خراب گذري رهي آهي.
پنهنجي پَرِ ۾ مون مرض به سڃاتو ۽ مرض جي علاج جي به خبر پئي، پر اهو مهانگو ۽ ڏکيو علاج ڪري ڪير؟ جي ڪجي به ته ڪيئن ڪجي؟
ان جو علاج اسان جا ماڻهو پاڻ ئي ڪندا، انهن مان ئي ڳولهي ڪڍڻو هيو اهڙن ماڻهن کي. سو مون سوچيو ته، ماڻهن کي ٻاهران هت، ٿر تي ڳالهائڻ لاءِ ۽ ٿر گهمائڻ لاءِ، ٿر ڏيکارڻ لاءِ آڻجي.
ايترا وسيلا ڪٿان آڻجن؟ سرڪار ته اسان جي ”عياشي“ لاءِ مدد ڪونه ڪندي، ۽ پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي. ‘ڀنڀور سيمينار’ ۽ ‘وتايو فقير سيمينار’ جو تجربو منهنجي سامهون هيو. پر انهن ٻنهي سيمينارز جا مقصد محدود هئا، پر هت ته پوري ٿر جي حالت سڌارڻ جو معاملو هيو. انهن کي چار ڏينهن رهائڻ، کاڌ خوراڪ، گهمڻ لاءِ گاڏيون گهربل هيون.
مان چارج وٺڻ جي پهرئين ڏينهن ئي اهڙن ماڻهن جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪي ٿر ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ وسيلا مهيا ڪن. انهن جي ۽ اسان جي مدد ڪن. مهمانن کي ماني ٽڪي کارائين، رهائين، گهمائين، گاڏيون فراهم ڪن. انهن سان ڳالهائين، ۽ ٿر جي وڪالت ڪن.
ائين شروع ۾ ئي مون هڪ ننڍي ٽيم ٺاهي ورتي. انهن سان اسان جون مختصر غير رسمي گڏجاڻيون هلنديون رهيون. پروگرام جو خاڪو ٺهندو ويو. جولاءِ آگسٽ ۾ ٽن سالن کان پوءِ ٿر ۾ بارش به پئي. ماڻهن مون کي گهر ۽ آفيس تي مبارڪون ڏنيون، ته اسان ٿر وارا ان آفيسر کي سڀاڳو سمجهندا آهيون. جنهن جي ايام ڪاريءَ ۾ ٿر ۾ برسات پوندي آهي. مان خوش ٿي ويس. ٿر سيمينار لاءِ راهه هموار ٿي رهي هئي. برسات جي ڪري آبادي به ٿي ۽ برپٽ به سائو ٿيو. ٿر کان ٻاهر بيراج ايراضيءَ ۾ ويل مال ۽ ماڻهو موٽڻ شروع ٿي ويا هئا. جيڪي ٿري هتي ٿر ۾ هئا، انهن جي منهن تي سرهاڻ ۽ مرڪ هئي. ڄڻ بارش سڀني جا منهن ۽ دليون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون هيون.
مان اڳ ۾ به ڪٿي لکي آيو آهيان ته مٺيءَ ۾ صرف ٻه فون ڊائريڪٽ ڊائلنگ تي هونديون هيون. هڪ مون وٽ ۽ ٻي هئي ايس پيءَ وٽ.
[b]بارش!
[/b]10 بجي پي اي هليو ويندو هيو ته فون جي لائين مون ڏانهن سڌي هوندي هئي. هڪ رات مان ستو مس هوس ته فون جي گهنٽي وڳي. ڪچي نڊ مان سجاڳ ٿيس. هيلو ڪيم، هوڏانهن آواز آيو: ”ٿر ۾ بارش پئي آهي؟“ مون کي ڪاوڙ ڏاڍي آئي. پڇيم: ”ڪير آهين؟ ڪٿان ٿو ڳالهائين؟“ چيائين خميسو آهيان، سکر مان ٿو ڳالهايان.“ چيم: ”صبح نه ٿي ها ڇا، هن وقت منهنجي ننڊ ڦٽائي ٿئي.“ چيائين: ”سائين هاڻي منهنجو صاحب ننڊ پيو آهي. صبح جو اٿندو ته فون ڪرڻ نه ڏيندو.“ مسڪرايم، دل ۾ چيم ته ان جي سزا مون کي ڏنئي.
پر پوءِ ان ’سزا‘ جو عادي ٿي ويس. تان ته جيستائين ٻاهر ڪم ڪندڙ ٿرين کي پڪ ٿي وئي ته ٿر ۾ واقعي برسات پئي آهي.
[b]ٿر سيمينار
[/b]آگسٽ 1992ع ۾ ٿر سيمينار جي پهرين رسمي ميٽنگ گهرائي. دوستن سان حال احوال ونڊيم. کين ٻڌايم ته ٿر تي سيمينار ڪرائڻو آهي. ان جا مول متا ڇا هوندا. ڪيترا مهمان هوندا. ڪهڙا ڪهڙا مهمان هوندا. مون جيڪو خاڪو ٺاهيو هيو، ان تي سندن صلاحون ورتيون. وري ٻين تڪڙين تڪڙين ميٽنگن ۾ سڄو خاڪو مڪمل ٿي ويو. ڪمشنر حيدرآباد محترم اسلم سنجراڻيءَ کي بريف ڪري آيس. هن به تجويز کي ساراهيو. ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کي لنچ تي گهرايم ۽ کين به ٻڌايم. سندن صلاحون ۽ تجويزون حاصل ٿيون.
هڪ ڪراچيءَ ۽ هڪ حيدرآباد جو دورو ڪيو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هم خيال دوستن سان ويچار ونڊيا. هنن خاص طور ٿر جي دوري جي سوچ جي تعريف ڪئي.
ڪراچيءَ ۾ خدا بخش ابڙو ۽ عطيه دائود وڏي ذميواري کنئي. نثار ميمڻ، ريڊيو وارو به اڳي کان اڳرو هيو.
شيخ اياز سان به مليس. کيس ٿر اچڻ جي ۽ سيمينار جي صدارت ڪرڻ جي دعوت ڏني. پر پنهنجي صحت جي ڪري گهڻو اچ وڃ کان مجبور هيو. طئي اِهو ٿيو ته خدا بخش ابڙو ۽ نثار ميمڻ سندس آواز ۾ هڪ پيغام رڪارڊ ڪندا. جيڪو ٿر سيمينار جي موقعي تي ٻڌايو ويندو. شيخ اياز ٿر تي تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ ٿر جي ٻولي ۽ ڪلچر تي تمام گهڻو لکيو ۽ مشهور ٿيو آهي. هن محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي همراهيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو ئي ٿر جو دورو ڪيو هو. پر ان هڪ دوري مان هن جيترو لاڀ پرايو، اهو ماڻهن تائين پهچايو هو.
شايد شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ شيخ اياز ئي ٿر تي ايتري شاعري ڪئي آهي. هن ٿر جي روح کي پنهنجي روح ۾ رچائي ڇڏيو آهي.
حيدرآباد ۾ وري نصير مرزا کي رابطي دار مقرر ڪيوسين ۽ هن اها ذميواري خوشيءَ سان قبول ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان ملاقات ٿي. سائينءَ سان ڀنڀور سيمينار کان وٺي نيازمندي قائم رهي. پاڻ منهنجي ٿر سيمينار جي سوچ کي ساراهيائون ۽ هر مدد جي پيشڪش ڪيائون. پهرين سيشن جي صدارت به قبول ڪيائون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ٻه ٽي ڀيرا اڳ ۾ ئي عبدلله خان ورياهه ۽ بابر سومري سان گڏجي ٿر وزٽ ڪري چڪو هيو. هو هميشه وانگر تيار هيو. ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ۽ ٻين دوستن کي به تيار ڪيائون ۽ مون کي وڌيڪ ڪارائتيون صلاحون ڏنائون. هاڻي ٻاهر جي مهم پوري ڪري واپس ٿر (مٺيءَ) ۾ اچي خيما کوڙيا. اتان ئي ڀڳل ٽٽل فون تي رابطيداري شروع ڪيم. وڏو زور خطن، چٺين ۽ دعوت نامن تي هيو. منهنجي پراڻي ساک منهنجي گهڻي مدد ڪئي. اهي اڳوڻا تعلقات پڻ ڪم آيا. مان ادب ۽ ادبي کيتر ۾ اڻ ڌريو رهيو آهيان. منهنجو واسطو سڀني گروپن سان رهيو آهي. ڪوشش ڪري هر گروپ جي نڪته نگاهه کي شامل ڪندو رهيو آهيان. هر ڪنهن کي پنهنجي وس آهر عزت ۽ مان ڏنو آهي ۽ ڏک سک ۾ سندن ساٿ ڏنو آهي. سڀني سان هٿ ٻڌڻ جي واٽ رهي آهي. سو ڪنهن کي به مون کان شڪايت نه رهي آهي.
دعوت ناما ٻن هزار اديبن ۽ اخبار وارن صاحبن کي موڪليا. جنهن جنهن سان ممڪن ٿيو، انهن سان فون تي به ڳالهايو يا حيدرآباد ۾ ۽ ان جي آسپاس نصير مرزا جي معرفت ۽ ڪراچيءَ ۾ خدابخش ابڙي جي توسط سان رابطو ڪندو رهيس.
اديب، عالم ۽ اسڪالر ته هڪ طرف پر ان سان گڏوگڏ راڳين کي به دعوت ناما موڪليا. مون چاهيو پئي ته ٿر وارن کي وڌ کان وڌ تفريح به مهيا ڪجي.
هي غريباڻو ۽ فقيراڻو ڪاڄ هيو. سڀني فنڪارن ساٿ ڏنو. ڪن ته ڀاڙو ڪرايو به نه ورتو.
اٺين آڪٽوبر کان مهمانن جي آمد شروع ٿي. نائين آڪٽوبر 1992ع تي سيمينار هيو. اها چنڊ جي ڀرپور چوڏهين جي تاريخ هئي، ته جيئن اسان جا ايندڙ مهمان ٿر جي چانڊوڪين راتين جو به چس وٺن.
آجياڻي جي پهرين ڪيمپ نئون ڪوٽ پوليس چيڪ پوسٽ جي لڳ قائم ڪئي وئي. آيل وفدن کي اتي لاهي، انهن جي لاءِ چانهن، ٿڌي، پاڻيءَ ۽ بسڪيٽن سان آءُ ڀڳت ڪئي وئي. انهن جي رجسٽريشن ڪئي وئي. اتان جي ڪيمپ اسان کي هيڊ آفيس ۾ مهمانن جو تفصيل ٻڌائيندي پئي وئي. جن لاءِ مٺيءَ ۾ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿيل هيو. نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ جو ڪلاڪ جو مفاصلو هيو. جيستائين نئون ڪوٽ وارا نڪتل مهمان مٺي پهچن، تيستائين سندن ميزبان سندن آجيان جي تياري ڪري پيا وٺن ٿر جي ماڻهن سيمينار لاءِ ايندڙ مهمانن لاءِ گهرن ۽ دلين جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. اهڙو مثال ورلي ملندو ته ٿر جهڙي ڏتڙيل علائقن جي ماڻهن 500 کان وڌيڪ آيل مهمانن لاءِ انهن جي مهمانداري بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي شاندار طريقي سان ڪئي هجي. مهمانن جي رهائش جو، مانيءَ جو، اٿي ويٺيءَ جو گهمڻ ڦرڻ جو، رهنمائي ڪرڻ جو، هر طرح سان انتظام ڪيو هيو. مان مهمانن کي به جس ٿو ڏيان، جن وڏن شهرن جي پُرعيش سهولتن سان ڀريل رهائش گاهن جي مقابلي ۾ ٿرين جي ٽٽل ڦٽل گهرن کي تاج محل سمجهي وقت گذاريو، ۽ شڪايت جي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي. جيتري خوشي مهمانن کي ٿر ۾ اچي ٿي هئي، ايتري ئي خوشي ميزبانن کي، مهمانن سان ملي، انهن کي ڏسي ۽ انهن جي مهمانداري ڪري ٿي. آءٌ ڪنهن جا نالا وٺي ڪنهن جا نالا وٺان. هر ماڻهو جيڪو اسان جي انتظام جو حصو هيو، اهو ڄڻ موتيءَ داڻو هيو.
مان اها ڪوشش ڪندو رهيس ته هر مهمان، خاص طور خواتين ۽ بزرگ سهولت سان رهيل هجن.
مون مهمانن جي اچڻ جي پهرين رات هر هڪ مهمان وٽ وڃي ذاتي طرح جائزو ورتو ته هرڪو مناسب ۽ محفوظ هٿن ۾ هجي. جتي جتي ڪا اوڻائي ٻوڻائي نظر آئي ان کي دور ڪيو. وري صبح جو سوير به ان ڳالهه جو اطمينان ڪيو ته هر ڪنهن سک سان رات گذاري آهي ۽ صبح جو کين ناشتو پاڻي ملي رهيو آهي.
سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڏهين بجي پهرين نشست جي صدارت ڪرڻي هئي. پاڻ سوير ڊي سي هائوس تي پهچي ويو هيو. پاڻ ناشتو مون سان ۽ منهنجي ڪن ٻين مهمانن سان ڪيائون.
محترم ارباب غلام رحيم ۽ ارباب فيض محمد اسيمبلين جا ميمبر به اعزازي مهمان هئا. ارباب عطاءُ الله ضلعي ڪائونسل جو چيئرمئن، جيڪو منجهند ۽ رات جو سڀني وفدن جو ميزبان هيو، اهو به اسٽيج تي ويٺل هيو. ٻئي طرف بلوچ صاحب سان مان سندس هڪ پاسي بطور ميزبان جي ويٺو هوس. الله سائين جو نالو وٺي نصير مرزا پهرين نشست جي ڪارروائي هلائي.
تلاوت ۽ ڀٽائيءَ جي وائيءَ کان پوءِ شيخ اياز جو رڪارڊ ڪيل پيغام مائيڪ جي اڳيان رکي نثار ميمڻ هلايو. اها ڳالهه بلوچ صاحب کي نه وڻي. مون کي آهستگيءَ سان پر سختيءَ سان ڪن ۾ چيو ته، ”اُن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“ مون ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي پيغام ٻڌڻ ۾ محو ظاهر ڪيو. ڀلا جواب به ڪهڙو ڏيانس ها.
مائيڪ جو ڪنٽرول نصير مرزا وٽ هيو، جنهن وٽ ٿر جي حوالي سان ڀٽائيءَ ۽ شيخ اياز جي بيتن ۽ شعرن جو ذخيرو آهي. جيڪي ان ڏينهن به بارش وانگيان وسي رهيا هئا ۽ ماڻهو جهومي رهيا هئا.
هونئن به جڏهن منهنجي ڪنهن فنڪشن ۾ نصير مرزا مائيڪ تي هوندو آهي ته مونکي تسلي هوندي آهي ته بطور سرڪاري عملدار جي هو ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو، جيڪا هرو ڀرو سرڪار لاءِ ناپسندگيءَ جو سبب بڻجي. هو منهنجي ذهن کي به پڙهي سگهندو هيو. 2007ع ۾ ڀٽ شاهه تي ڀٽائيءَ سائينءَ جي عرس جي موقعي تي کيس ”لطيف اوارڊ“ ڏنو ويو هيو. ان اوارڊ کي نصير پنهنجي زندگيءَ جو اهم ترين ”انعام“ سڏيو هيو. ان ئي عرس جي موقعي تي شوڪت عزيز، وزيراعظم پاڪستان، خاص مهمان هيو. ارباب غلام رحيم چيف منسٽر ۽ رئوف صديقي وزير ثقافت ۽ سياحت هيو. نصير مرزا پاڻ سان گڏ ريڊيو جي انائوسر طاهره حسن کي به محفل ۾ رنگ شامل ڪرڻ لاءِ گڏ رکيو هيو. طاهره وزيراعظم ۽ رئوف صديقيءَ جي ڏاڍي تعريف پئي ڪري. چيف منسٽر کي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ نظرانداز پئي ڪري. مان وزيراعظم ۽ سي ايم جي پويان ويٺو هوس. ارباب صاحب مون ڏي ڪنڌ ورائي مون کان پڇيو ته، ”هن کي مان نظر نٿو اچان ڇا؟“ مون سندس جذبات نصير مرزا ڏانهن منتقل ڪيا. جنهن ڪوشش ڪئي ته ان اوڻائيءَ جو سدِباب ڪري. پر مان سمجهان ٿو ته جيڪو نقصان ٿيڻو هيو، اهو ٿي چڪو هيو. ان جي مرمت نه ٿي سگهي. ان موقعي تي ئي مون ڪجهه سفارشون وزيراعظم کي لکي موڪليون هيون. جنهن جو پاڻ اعلان ڪيو هئائين. جنهن ۾ صوفي يونيورسٽي، ايف ايم ريڊيو اسٽيشن ڀٽ شاهه، ڪراڙ ڍنڍ جي بحالي، ڀٽ شاهه شهر جي بيوٽيفڪيشن، مزار ۽ ڪلچرل ڪمپليڪس جو سڌارو ۽ واڌارو، فنڪارن جي وظيفي ۾ اظافو ۽ ڪي ٻيون سفارشون.
ان ڏينهن ٿر سيمينار ۾ نصير مرزا پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا ۽ سڀني جي دل موهي وڌي هئي. پهرين نشست جي آخر ۾ بلوچ صاحب پنهنجو صدارتي خطبو ڏنو. هميشه وانگر مختصر ۽ موضوع تي کُتل. کيس ان ڳالهه تي مَٺيان لڳي، ته ”ٿر“ ضلعي جو پورو نالو ”ٿرپارڪر“ هجي، اڌ نالو ڇو رکيو ويو آهي، پوءِ جڏهن سال کن ۾ بلوچ صاحب آگسٽ 1993ع ۾ نگران حڪومت ۾ سائين جسٽس علي مدد شاهه جي حڪومت ۾ وزير تعليم ۽ ثقافت ٿيو ته پهرين ئي وزارتي گڏجاڻيءَ ۾ ”ٿر“ جو نالو مٽرائي ”ٿرپارڪر“ ڪيائين.
پهرين نشست کانپوءِ ماني ۽ نماز لاءِ وقفو ٿيو. گرمي به وڌڻ لڳي. ٽاڪ منجهند ٿي وئي هئي. اتي ئي پنڊال جي لڳ ٻاهران آيل مهمانن ۽ مڪاني حاضرين ماني کاڌي. اسان جو ميزبان هيو ارباب عطاءُ الله، ضلع ڪائونسل ٿر جو چيئرمئن.
ساڍي چئين بجي ٻي ۽ آخري نشست شروع ڪئي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي ۽ خاص مهمان هيو جهونو اديب ۽ عالم، محترم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. اسٽيج جي نظامت منهنجي گذارش تي محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين سنڀالي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ ٻيا اديب جيڪي پهرين نشست ۾ پنهنجا مقالا پڙهي چڪا ها، اهي به موجود رهيا. ٻي نشست ڊگهي ٿي وئي. ٻاهران آيل اديبن کي اسان مايوس نه ٿي ڪرڻ چاهيو. تنهن جي ڪري هي نشست ڊگهي ٿي وئي ۽ سوا نائين بجي تائين هلي.
سيمينار جي آخر ۾ ماهرن جون تيار ڪيل سفارشون ٿر جي ترقيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ پيش ڪيون ويون. جن سفارشن تي اڃا تائين عمل ٿي رهيو آهي ۽ ڪيتريون سفارشون ته روبعمل ٿي چڪيون آهن.
[b]محفل موسيقي
[/b]رات جو محفل موسيقي ٿي، جنهن ٿر واسين ۽ سيمينار جي مندوبين کي رات جو چئين وڳي تائين وندرايو. خوشگوار محفل دوران حيرت تڏهن ٿي، جڏهن بخشڻ مهراڻويءَ هڪ غزل ڳايو: دل جي ويران رڻ تي، ڪڪر بانورا... اڳ ۾ خبر نه هئي ته بخشڻ ايترو سٺو ڳائيندو به آهي. ان ڏينهن بخشڻ به موڊ ۾ هيو ۽ مهمانن کي به موڊ ۾ آڻي ڇڏيائين. بخشڻ آل رائونڊر فنڪار آهي. هن جي بنيادي سڃاڻپ ته بطور ائنڪر پرسن/ اسٽيج سيڪريٽريءَ جي آهي، پر هو ليکڪ به آهي، شاعر به آهي، راڳي ۽ ڪمپوزر به آهي. راشد مورائيءَ جو مٿيون ڪلام ان کان پوءِ مشهور ٿيو، ان جي ڌُن بخشڻ ٺاهي. بي انتها شعر ياد اٿس ۽ موقعي مهل جي لحاظ کان شعرن جي برسات ڪندو رهندو آهي. ڏاڍو ذهين ماڻهو آهي.
ڪو زمانو هيو، مان (2001ع ۾) حيدرآباد جو ڪمشنر به ٿيس. ان سان گڏ ڊائريڪٽر جنرل سازدا (SAZDA) سنڌ جي چارج به هئي. سازدا جا آخري پساهه هئا ۽ سرڪار ان کي دفنائڻ جي تياريءَ ۾ هئي. مون سازدا جي هڪ آفيس وزٽ ڪئي ته ان کي ڪلف لڳل هيو. اتي جيترا به گوسڙو ملازم هئا، سڀني جي لسٽ گهرائي ۽ انهن کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بخشڻ مهراڻويءَ جو فون آيو. هميشه وانگر هجائتو... ”يار مان تنهنجو زيردست به آهيان... تو سسپينڊ ڪيو آهي..“ مون چيو، ”الله نه ڪري ته تون منهنجو زيردست هجين... ۽ مان توکي سسپينڊ ڪريان، جيڪي ماڻهو سسپينڊ ٿيا آهن، انهن ۾ بخشڻ مهراڻوي ڪوئي ڪونهي.“ چيائين ”منهنجو اصل نالو محمد بخش مهر آهي ۽ مان اتي ويٽيرنريءَ ۾ نوڪريءَ ۾ آهيان.“
”ٻهروپيا“ مون چيو.
سازدا بند ٿي وئي. ان جو اسٽاف سنڌ سرڪار ۾ ضم ڪيو ويو. خبر ناهي ته بخشڻ مهراڻوي هينئر ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جي ‘خدمت’ ڪري رهيو آهي.
اها ميوزڪ مستيءَ جي رات ڊگهي ٿي وئي هئي. صبح جو هرڪو ٿڪل ۽ ننڊاکڙو اٿيو هو. سڀني لاءِ چانهن ۽ ناشتي جو بندوبست سندن رهائش واري جڳهه تي ڪيل هيو. ناشتو ڪري مرد حضرات مٺي شهر ۽ آسپاس تي چڪر ڏيڻ نڪري ويا. خواتين ته ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل هنرن جون شيون وٺڻ ۽ مارڪيٽ گهمڻ لاءِ نڪتيون. دوڪاندار کي به چيو ويو هيو ته مهمانن سان مناسب رويو رکن ۽ صحيح اگهه تي شيون وڪڻن.
تقريباً منجهند جو ٻارهين وڳي دوست اچي ڊي سي هائوس جي ٻاهران ننگرپارڪر روانگيءَ لاءِ پهتا. جتي ٻاهريان آيل مهمان هئا. اتي ڪجهه مقامي ساٿي به سنڀريا ۽ ننگرپارڪر جي سفر ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار هئا.
اسان جي اڳين منزل ڏانو ڌانڌل هئي. هيءُ هڪ وچٿرو ڳوٺ هزار ماڻهن جي آباديءَ تي ٻڌل، ويراواهه جي لڳ آهي. رڻ پٽ ۽ ٿر جي سنگم تي آهي. هتي اسان جي مهمانن جي مانجهاندي جي مانيءَ جو بندوبست ميٺارام ۽ سندس خاندان جي گرڌاري لال ڪيو هيو.
اسان کي نهالچند ۽ سندس پوٽي موهن لال، جيڪو اسلام ڪوٽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ويجهڙائپ ۾ چيئرمئن به هيو. انهن اسان تي زور رکيو ته مانجهاندو يا چانهن اسلام ڪوٽ ۾ ڪجي، پر پنڌو وڏو هيو، تنهن ڪري اسان معذرت ڪئي، پر واپسيءَ ۾ ماني يا چانهن جو واعدو ڪيوسين.
[b]استاد بخاري گذاري ويو
[/b]اسان گاڏين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پهتاسون، ته هيءَ خبر پهتي ته 9 آڪٽوبر 1992ع تي سنڌ جو وڏو قوم پرست ۽ عوامي شاعر استاد بخاري گذاري ويو. سڀئي غم جي هڪ پهاڙ هيٺان دٻجي وياسون. استاد بخاري، جتي سنڌ جو وڏو شاعر هيو، اتي سائين بخاري منهنجو گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ 1965ع ۾ مهربان استاد به هيو. بخاري صاحب سٺي استاد سان گڏ سٺو انسان به هيو.
اسان الله جو آسرو ڪري تقريباً ويهن گاڏين جي قافلي ۾ ٿر جي رستن تي روانا ٿي وياسون.
سڄي قافلي کي وائرليس ذريعي ڪنٽرول ۾ رکيوسون. ته متان ڪا گاڏي خراب ٿي مسافرن سوڌو قافلي کان الڳ ٿي رڻ ۾ رلي نه وڃي، اسان ان قافلي کي سلامتيءَ سان سولو هلائڻ لاءِ ڪافي سوچ ويچار ڪيو. ٻه ٽي گاڏيون وائرليس واريون قافلي ۾ رکيون سين. اڳواڻي، منهنجي گاڏي ڪري رهي هئي. جنهن ۾ مان، ايس پي غلام قادر ٿيٻو صاحب، ڊاڪٽر الانا صاحب، عبدالله خان ورياهه، بابر سومرو ۽ منهنجو پٽ انيس قادر به هيو. هڪ ٻي وائرليس واري گاڏي وچ ۾ هئي. آخر ۾ ٻه پوليس جون موبائيل هيون. جن جو بنيادي ڪم اهو هيو ته جيڪڏهن ڪا گاڏي رستي ۾ خراب ٿي پئي ته سڄي قافلي کي روڪين، ۽ ان گاڏيءَ کي تيار ڪري هلائين. جيڪڏهن گاڏي تيار نه ٿئي ته ان جا مسافر ٻي گاڏيءَ ۾ ويهارين. گاڏين جي ڊرائيورن کي هدايت هئي ته گاڏيون سٺي نموني سان هلائين ۽ قافلي ۾ ئي رهن. ان کان ٻاهر نه نڪرن. ڪجهه واڌو ڊيزل ۽ پئٽرول به ساڻ کنيون هيوسين.
ايمرجنسي دوائن سان گڏ ڊاڪٽر به گڏ هيو. هڪ ڪيڪڙو/ ڇڪڙو به سامان سان هيو.
جڏهن اسان اسلام ڪوٽ مان گذرياسين ته اتي جي ماڻهن به بينرن ۽ دهل دمامن سان آيل مهمانن جي مان ۾ خوش آمديد ڪئي. اتان روانا ٿياسون ته اسان جي ٻي منزل ڏانو ڌانڌل هئي. جتي اسان جي مانجهاندي جو بندوبست ٿيل هيو. ڳوٺ کان ٻاهر پهتاسون ته سوين ڳوٺ وارا اسان جي خوش آمديد لاءِ ٻاهر نڪري آيا هئا. دهلن تي نچي ۽ پارڪريءَ ۾ گيت ۽ راسوڙا ڳائي رهيا هئا:
مارو پرديسي مزمان آويو...
اتي ميٺارام ۽ گرڌاري لال ڇا ته اديبن جي کاڌخوراڪ جو بندوبست ڪيو ۽ انهن جي ادب شناسيءَ کي پيش نظر رکندي خالص ٿري 60 کان وڌيڪ ڊشز تيار ڪرايا ويا. جن جي نالن جي لسٽ به لڳائي ڇڏي هئائون. ماني کائڻ کان پهرين گرڌاريءَ ڊشن جي تعارف ۾ هڪ مختصر ليڪچر ڏنو، پوءِ اديب شاعر انفرادي طرح به انهن کاڌن جي لاءِ پڇائون ڪندا رهيا.
مون کي رات کان بخار اندر ۾ واسو ڪري ڇڏيو هيو. پر مان ڪنهن تي به ظاهر نه ڪيو. اتي ماني کائي. مهمان هيڏي هوڏي گهمڻ لاءِ نڪري ويا. خواتين ته ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ گهڙي ويون ۽ ٿري ماين سان حال احوال ونڊيا. ان کان پوءِ اسان پنهنجي منزل ننگرپارڪر لاءِ روانو ٿي وياسون. اها اسان جي ٿر جي دوري جي آخري منزل هئي.
اسان سان عالم اديب، اردو ۽ سنڌيءَ جا، پوري سنڌ، اسلام آباد کان به ڪجهه آيل هئا. عورتن جو به وڏو انگ هيو.
ننگرپارڪر سج لٿي مهل پهتاسون ته اتي به شهرين اڳتي وڌي اچي اسان جو دهلن، شرنائين ۽ ناچ گانن سان آڌرڀاءُ ڪيو. اسان کي ريسٽ هائوس تي وٺي آيا. اتي چانهن پياري وئي. ماني به اتي ٿيل هئي. مانيءَ کان پوءِ مهمانن کي رهائش واري جڳهن تي پهچايو ويو. مان ۽ منهنجي ٽيم ٽيڊي ريسٽ هائوس تي آياسين. مان بخار ۾ وڪوڙجي ويو هوس. ماني به نه کاڌي. ريسٽ هائوس تي ڊاڪٽر کي گهرايو سين. جنهن بخار چيڪ ڪيو ۽ چيو ته 104 کان مٿي آهي. دوا ڏنائين. مون کيس چيو ”ڊاڪٽر صاحب اهڙي دوا ڏي، جو سڀاڻي ساٿين جو ساٿ ڏيڻ جهڙا ته ٿيون.“ مون کي ستت ئي بيهوشيءَ واري ننڊ وٺي وئي. صبح جو جڏهن اک کلي ته ڪڪڙن جون ٻانگون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ڪجهه ڪجهه ڀنڀرڪو به ٿي ويو هيو. اڌ روشني اڌ اوندهه...
مان ڪجهه بهتر محسوس ڪري رهيو هئس. پاڻيءَ جو اڌ گلاس پيتو. ٻاهر ورانڊي ۾ نڪري آيس. سامهون بيٺل ارڏو ڪارونجهر منهنجي روبرو هيو. مان اتي ئي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. منهنجون اکيون مٿس کتل هيون. صبح جي روشني آهستي آهستي ڪارونجهر تان رات جي ڪاري چادر لاهي رهي هئي. صاف سٿري هير گهلي رهي هئي. ٿورڙو سيءَ لڳي رهيو هيو، مان ڪمري مان شال کڻي آيس ۽ پاڻ کي ڍڪي وري اتي ئي ويهي رهيس. ڪارونجهر ۽ آس پاس کي گهوريندو رهيس. ايتري ۾ ٻيا دوست به اُٿي پيا هئا. ڪي ٻاهر آيا. مون کي سرهو ڏسي خوش ٿيا.
ناشتي کان پوءِ مهمانن جو حال احوال وٺڻ لاءِ پهتاسون ته تقريباً سڀ مهمان شهر ۽ آسپاس لاءِ نڪري ويا هئا. اسان به چڪر هنيا. مانجهاندي تي سڀ گڏ ٿياسون. رسمي گڏجاڻي شروع ٿي، جنهن ۾ استاد بخاريءَ جي روح کي ثواب لاءِ دعا گهري سون.
[b]اسٽينلي ريڪس جي ڪتاب جي رونمائي
[/b]ٿر تي پهريون ڪتاب ڪيپٽن اسٽئنلي ريڪس 1853ع ۾ لکيو هيو ۽ اهو ڪتاب انگريز سرڪار 1856ع ۾ Memoires on Thurr and Parkur Distt Sind جي نالي سان شايع ڪيو هيو. اهو ڪتاب اڻلڀ هيو. ان جو پهريون دفعو اسان ڊاڪٽر نواز علي شوق کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيو هيو، جنهن جو خرچ ٿر سيمينار ڪميٽيءَ ادا ڪيو. ان ڪتاب جو ڊاڪٽر نواز علي شوق تعارف ڪرايو، ۽ ننڍڙي سونهن ابڙو (خدا بخش ابڙي جي ڌيءَ) ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نياڻيءَ ڪتاب جو مهورت ڪيو. مان سمجهان ٿو ته اهو پهريون ڪتاب هيو، جنهن جو ننگرپارڪر ۾ ايڏن وڏن عالمن ۽ اديبن جي وچ ۾ مهورت ٿيو هيو. ڪافي مقامي اديب ۽ سماجي اڳواڻ به اچي گڏ ٿيا هئا. انهن سان به ادب تي حال احوال ٿيا. اسان ليکڪن جو ننگرپارڪر جو ميزبان مختيارڪار احمد دين ڊوگر پنهنجي ٽيم سان هردم تيار هوشيار لڳو پيو هيو. هن شخص ايترن VIP مهمانن جو جنهن ڪشاده دليءَ سان آءُ ڀڳت ۽ مهمان داري ڪئي، انهيءَ سڀنن جون دليون موهي وڌيون. مانجهاندي کان پوءِ واپسيءَ جو سفر شروع ٿيو. هن تقريب کي نصير مرزا ڪنڊڪٽ ڪيو. اڪثر دوستن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد به وڃڻو هيو. اسان کين چيو هيو ته جيڪو مٺيءَ ۾ ترسي، صبح جو وڃڻ چاهي، ته انهن جي رهائش جو بندوبست آهي.
واپسيءَ جي سفر ۾ هڪ عجيب مشاعرو شروع ٿيو. سفر ۾ هلندي اسان جي جن به گاڏين ۾ وائرليس هئي، انهن مان ويٺل شاعرن شاعري شروع ڪري ڏني. پوءِ ته محفلِ مشاعره شروع ٿي وئي. ان ۾ تاجل بيوس، نصير مرزا، عطيه دائود، سلطانه وقاصي ۽ ٻيا ڪيترا دوست اڳرا هئا. رستي ۾ ليکڪن ڀوڏيسر واري مسجد ۽ ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ڏٺو.
اسلام ڪوٽ ۾ نهالچند ۽ موهن لال ماني کارائي ۽ ڌوڌپتي چانهن پياري. سج لٿي کان پوءِ اچي مٺي پهتاسون. اسان سڀني کي رات رهڻ جي صلاح ڪئي. ڪي دوست ترسيا پر اڪثريت رواني ٿي وئي.
آخري مهمانن کي 12 آڪٽوبر تي خدا حافظ ڪيوسون ۽ اهڙيءَ طرح اهو عوامي ‘ٿر سيمينار’ ختم ٿيو. ان موقعي تي لڇمڻ ٿڌاڻي، ڊان جي حيدرآباد جي سرڪيوليشن چيف، ڀال ڀلايا. ٿڌاڻي منهنجو ۽ غلام قادر ٿيٻي صاحب جو دوست آهي. هن ڊان جي سپليمينٽ ٿر سيمينار جي موقعي تي ڪڍي پاڻ موکيو ۽ اسان جو به منهن مٿانهون ڪيو. سڀني ان جي جذبي کي ساراهيو.
اهي سڀ اسڪالر ۽ ميڊيا جا دوست جڏهن پنهنجي پنهنجي ماڳ تي پهتا ته انهن پنهنجي اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿر کي ڪور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. تڏهن ٿر، ٿر جو سماج ۽ ٿر لاءِ سوچ جو انداز ئي بدلجڻ لڳو. سرڪار هجي يا سرڪاري ادارا انهن ٿر کي به هڪ اهڙي آبادي سمجهڻ شروع ڪيو، جتي انسان رهن ٿا، ۽ جيڪي ٻين ديس واسين وانگر سهولتن جا مستحق به آهن.
[b]ٿر سيمينار جي روئداد
[/b]ٿر سيمينار کان پوءِ پريس اٿلي پئي. سٺي ۾ سٺي ۽ تفصيلي روئيداد محترمه فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي هئي، پر ڪراچيءَ کان آيل اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن يا سنڌي رسالن ۽ اخبارن به پنهنجو پاڻ ملهايو. اڪثر مثبت رپورٽنگ ڪئي.
هتي هڪ خبر جو ذڪر ٿو ڪريان:
خبر اها هئي ته ننگرپارڪر ۾ 1973ع ۾ ڀٽي صاحب جي دور ۾ شهر کي بجلي پهچائڻ لاءِ هڪ جنريٽر لڳايو ويو، لائينون وڇايون ويون، اهو جنريٽر به يارهن مهينا هليو، پر پوءِ بند ٿي ويو. ان جون شهر مان لائينون پٽجي ويون. ٿنڀن جا نام نشان به ڪونه آهن، جنريٽر اڄ به چالو حالت ۾ آهي، ان اخبار جي نمائندي اهو به لکيو ته هن کي اهو جنريٽر ننگرپارڪر جي هندو اسسٽنٽ مختيارڪار ڏيکاريو.
[b]ننگرپارڪر ۾ بجلي ۽ ٽي. وي
[/b]مون جيئن خبر پڙهي ته اسسٽنٽ مختيارڪار کي فون ڪئي، هن حال احوال ڏنو، مون هن کي چيو ته ڏينهن ٻن ۾ جيئن توکي واندڪائي ٿئي ته تون مٺي پوري تفصيل سان هليو آءُ.
هو آيو ۽ پاڻ سان مٺيءَ جي لائين سپرنٽينڊنگ کي به وٺي آيو، ٻنهي حال احوال ڪيو، خبر پئي ته جنريٽر ٺيڪ حالت ۾ آهي، لائن سپرنٽنڊنگ واعدو ڪيو ته هو PVC لائين لڳائي ڏيندو. معاملا طئي ڪياسين. مون ٻنهي کي چيو ته اهي سائيٽ تي وڃي سڄي ڪم کي اُڪلائين. مسئلو هيو بجلي هلائڻ لاءِ ٻن ماڻهن جو ۽ ڊيزل جو، جنهن جي خرچ جو ڪاٿو 8000 کان 10000 هزارن تائين مهينو هيو، 125 دوڪانن ۽ گهرن کي بجلي ڏيڻ جو پلان هيو.
ننگرپارڪر ۾ اسان جو مختيارڪار هيو احمد دين ڊوگر، ان سان سڄو معاملو طئي ٿي ويو. هن مقامي ماڻهن سان ڳالهايو، سانجهيءَ جي نماز کان ڏهين بجي تائين بجلي پهچائڻ جي رٿا هئي. ٻه ڪم وارا ماڻهو ضلعي ڪائونسل فراهم ڪيا، جن جي پگهار ضلعي ڪائونسل ڀرڻ شروع ڪيو.
6 اپريل 1993 جو ڏينهن بجلي ڏيڻ جو ڏينهن رکيو ويو. مان پنهنجي ضلعي آفيسرن جي ٽيم سان پهچي ويس، شام جو 6 بجي بجليءَ جو بٽڻ آن ڪري، افتتاح ڪيو. واهه واهه ٿي، ان ڏينهن مان ڊش انٽينا ۽ ٽي وي به شهر کي ڊونيٽ ڪئي هئي، جيڪا يونين ڪائونسل آفيس ۾ رکي وئي هئي. ستين بجي يونين ڪائونسل ۾ اچي ٽي ويءَ جو افتتاح ڪيو ۽ ڪجهه دير اتي ماڻهن سان ويٺاسون، ان زماني ۾ ننگرپارڪر ۾ اخبارون به ٻئي ڏينهن شام جو پهچنديون هيون، هاڻي شهر وارا پاڪستان هندستان، بي بي سي ۽ سي اين اين نيوز به ڏسي سگهيا پئي. ان کان سواءِ ڊراما، هندوستاني فلمون ۽ ٻيون تفريح جون شيون به... مون کي ذاتي طرح ڏاڍي خوشي ٿي، جو هن علائقي جا ماڻهو ۽ ٻار ورلڊ ميڊيا سان روشناس ٿيا هئا.
پوءِ مون شهر جو چڪر لڳايو اسان جي ٽيم هڪ هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ اچي ويٺي، ماڻهن سان حال احوال ٿيا، بجليءَ جا بلب ٻري رهيا هئا. ننگر جهڙي سانتيڪي ۽ اونداهين ڳوٺ ۾ زندگي اچي وئي هئي، شهر جيڪو سج لهڻ سان ئي سنسان ۽ سڃو لڳندو هيو، ان ۾ جان اچي وئي هئي.
ٻن مهينن کان پوءِ ننگر آيس ۽ شهر ۾ اچي هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ ويٺس مون محسوس ڪيو ته هن علائقي جو ڪلچر بدلجي رهيو آهي، ماڻهن جي مُکَ تي سرهائي نظر پئي آئي، هوٽل وارا ۽ دوڪاندار به خوش هئا ته سندن ڌنڌو دير تائين پئي هليو ۽ ڌنڌي سان گڏ تفريح مهيا ٿي وئي هئي.
18 سيپٽمبر 2016ع تي ننگر جو چڪر ٿيو، ته مورجي مل مونکي اهو بورڊ ڏيکاريو، جيڪو افتتاح جي موقعي تي لڳايو هيوسين. بورڊ اهڙو صاف سٿرو لڳي رهيو هيو، ڄڻ ڪالهه لڳايو هيوسين. جنريٽر بجلي اچڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل آفيس ۾ پيو آهي ۽ سڙي رهيو آهي.
[b]منظور حسين ڀٽو ۽ بسون
[/b]پرائيم منسٽر نواز شريف جي هڪ پروگرام جي سلسلي ۾ سڀ صوبائي آفيسر اچي ڏيپلي ۾ گڏ ٿيا هئا، منظور ڀٽو صاحب به آيل هيو، جيڪو ايس. آر. ٽيءَ جو چيئرمئن هيو. جڏهن مان حيدرآباد ڊويزن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر هئس ته منظور صاحب اتي ايڊيشل ڪمشنر ۽ ڪين ڪمشنر هيو. جيستائين 3-1992ع ۾ وڃي سندس پروموشن نه ٿيو، 20 گريڊ ۾ منظور صاحب انهن عهدن تي تقريباً 15 سال رهيو. هو اصول پرست آفيسر هو. سندس ريپوٽيشن هڪ ديانتدار ۽ پروفيشنل آفيسر واري هئي. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو، ملڻ جلڻ جو ڀلو، پر سرڪاري ڪم ۾ ڪا رعايت ۽ قاعدن قانونن کي مروڙي سروڙي دوستن جي نامناسب مدد ڪرڻ وارن مان نه! سندس نالو سنڌ ۽ PCS جي سٺن آفيسرن ۾ شمار ٿيندو رهندو. هو سنڌ جي اهم کاتن جو سيڪريٽري ٿيو، جنهن ۾ هوم، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريسن ۽ ڪميونيڪيشن ۽ بلڊنگ ۽ آخر ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو تان 2003 ۾ ريٽائرڊ ڪيائين. هاڻي شاهجهان ايس ڪريم صاحب جي بزنيس اسڪول IBM انسٽيٽيوٽ آف بزنيس مئنيجمينٽ ۾ ڊائريڪٽر آهي. سندس ڀاءَ محمد حسن ڀٽو صاحب فيڊرل سيڪريٽريءَ طور ريٽائرڊ ڪيو. 2003 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به ٿيو هو.
نواز شريف صاحب جي ان دوري ۾ منظور صاحب سان ملاقات دوران مون کيس گذارش ڪئي ته مٺيءَ لاءِ ڪجهه وڌيڪ بسون ڏيو، جنهن جي ڀٽي صاحب معذرت ڪئي ته اسان انهن کي بند ڪرڻ جي سوچي رهيا آهيون. مون چيو ته سائين اسان ڪوچن کي اڳتي آڻڻ ٿا چاهيون، توهان رڪاوٽ نه وجهيو، ان جو به جواب آيو ته ان سان SRTC کي نقصان ٿيندو.
مان به ڳالهه سمجهي ويو هئس، اسان خانگي ٽرانسپورٽ ۾، جنهن ۾ مني بسون هيون، انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي. SRTC وارن انهن کي پوليس جي معرفت بند ڪرايو. ايس پي ٿيٻو صاحب ۽ اسان طئي ڪيو ته يا ته بسون وڌائين، نه ته ماڻهن جي سهولتن خاطر ڪوچز کي ٿر جي ضلعي انتظاميا نه روڪيندي. اهڙو اطلاع چيئرمين SRTC کي به موڪليو ويو. هاڻي ڪافي ڪوچز هلڻ لڳا ۽ ڏينهون ڏينهن تعداد به وڌڻ لڳو. جنهن سان ماڻهن کي سهولت ٿيڻ لڳي. مٺيءَ جا ماڻهو حيدرآباد وڃي ساڳئي ڏينهن تي واپس موٽي پئي سگهيا. جڏهن ته ڪراچيءَ مان به ڪم ڪار اڪلائي، ٻئي ڏينهن تي موٽي پئي سگهيا. واپاري پنهنجو سودو سامان وڏن شهرن مان وٺي واپس آرام سان پنهنجي ڌنڌي کي لڳا پئي. کين سامان جي ڀاڙي خرچ ۾ سهولت ٿي ته مٺيءَ جي مارڪيٽ ۾ به سستائي ٿي پئي.
[b]بئراج مان پيئڻ جو پاڻي
[/b]انهن ڏينهن ۾ سنڌ سرڪار پاران بئراج جو پاڻي ڇور ڪينٽ کي وايا ڪانٽيو، ٽن انچن جي پائيپ لائين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. پر ان سان اهو به فيصلو ڪيو ويو، ته پائيپ لائين جنهن جنهن ڳوٺ مان گذرندي، اتان جي ماڻهن کي ٽئنڪ جي ذريعي پاڻي ڏنو ويندو. مان ان پروجيڪٽ جو فوڪل پرسن هئس. ڪم سنڌ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ۽ آرمي انجنيئرن ڪيو، ان جي سار سنڀال آرميءَ جي حوالي ڪئي وئي، پروجيڪٽ مڪمل ٿيو، اهڙو پاڻي اڃا تائين عام ماڻهن کي ملي ٿو.
مان جيڪا سمري مٺيءَ کي بئراج جو مٺي پاڻي ڏيارڻ لاءِ ٺهرائي هئي، اها سرڪار وٽ جمع ٿي وئي هئي، ڇور ڪينٽ کي پاڻي مليو، ته ٻي خلقِ چيو ته اسان جي شهرن کي به پاڻي ڏيو. مون اها صورتحال سرڪار کي لکي موڪلي ته ماڻهن جي ڊمانڊ جائز آهي. جيڪڏهن کين پاڻي نه ڏنو ويو ته منجهن جيڪا اڳ ۾ ئي ڪافي سهولتن جي اڻاٺ جي ڪري بي چيني آهي، اها ويتر وڌي ويندي.
مون چيو ته منهنجي موڪليل پراڻي پي سي ون (PC-I) تي نظرثاني ڪريو ۽ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. منهنجي مختصر دور ۾ ته نه، پر نيٺ مٺيءَ کي مٺو پاڻي ملي ويو. ان ۾ سياسي حالات جو به وڏو دخل آهي.
[b]روڊ رستا- ڪوئلي جو اثر
[/b]ان کان علاوه نئين دور ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا جيڪي پروجيڪٽ ٺهڻ جا سلسلا شروع ٿيا آهن، انهن ڳالهين ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون. جيڪي ڳالهيون بظاهر اڻ ٿيڻيون لڳي رهيون هيون، پر اها حقيقت آهي ته بنيادي طرح کڻي روڊ جو ئي مثال وٺجي. ڪراچي پورٽ کان وٺي اسلام ڪوٽ جي ڪول فيلڊس تائين ويڪرو کليل رستو ٺاهيو پيو وڃي، جنهن تان وڏي مشنري سرزمين تائين پهچائي ويندي. اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري، ۽ ڇاڇري کان عمرڪوٽ، ۽ ڇاڇري کان مٺيءَ تائين پڪو رستو ٺاهيو ويو آهي. روڊ جيڪو ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جو اهم جزو آهي. ان کان علاوه پاڻي، بجلي، اسڪولن ۽ اسپتالن کي وڌايو ۽ بهتر بڻايو پيو وڃي.
[b]ٿر تي پهريون ڪتاب
[/b]ٿر تي لکيل مواد پاڪستان ٺهڻ وقت تمام گهٽ هيو. هاڻي ته ڪافي لکجي رهيو آهي. پر پوئتي نظر ٿي ڪجي ته پهريون ڪتاب ڪئپٽن نيپيئر اسٽنئلي ريڪس جو لکيل Memoir on the Thurr and Parkur districts of Sind آهي، جيڪو سرڪار 1856ع ۾ ڇپيو، جيڪو هُن 1853ع ۾ لکي مڪمل ڪيو هو. ڪئپٽن ريڪس 1847ع ۾ ڪڇ ۽ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ٿي آيو هيو. ننگرپارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي جي علائقن جو انتظام به هن جي حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن ته هيڊڪوارٽر ڪڇ ۽ ڀڄ ئي رهيو. هن جي ٿر سان گهڻي دلچسپي هئي. هن علائقي جا وڏا وڏا گشت ڪيا، انهن کي سمجهيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو، اهو پهريون ۽ اوائلي ڪتاب آهي، جيڪو ٿر تي لکيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻيا ڪتاب لکيا ويا.
الله پاڪ مون کي اهو موقعو ڏنو ته اهو ڪتاب 1992ع ۾ ٿر سيمينار جي موقعي تي مون محترم ڊاڪٽر نواز علي شوقِ کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي، ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ 9 آڪٽوبر 1992ع تي ننگرپارڪر ۾ ان جي رونمائي تقريب ڪرائي وئي. اهو به خاص موقعو هيو، جو ڪو ايڏي اهميت وارو تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال پراڻو ڪتاب ننگرپارڪر ۾ پڌرو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪجهه ٻيا ڪتاب ٿر بابت شايع ٿيا، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي 1924ع ۾ هڪ ننڍو ڪتاب ‘سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ’ لکيو. سال 1939ع ۾ تيجسنگهه سولنڪي تپيدار ‘امرڪوٽ جو اتهاس’ لکي ڇپايو. پوءِ ڪجهه محمد اسماعيل عرساڻي صاحب ۽ ٻين جا ڪتاب به آيا.
[b]رائچند جو ڪتاب ”تاريخ ريگستان“
[/b]ٿر جي مشهور تاريخدان استاد رائچند هريجن به ڪتاب لکيو. هو شايد پهريون مقامي ماڻهو هيو، جنهن ٿر تي ڪتاب لکڻ لاءِ قلم کنيو هو. پاڻ پرائمري استاد هيو ۽ ننڍڙي شهر چيلهار جو رهواسي هيو. رائچند، ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي اخبارن سنسار سماچار، الوحيد، ميرپورخاص گزيٽ، اخبار تعليم، ملا اسڪول مخزن ۽ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي رسالن ٽه ماهي مهراڻ، سنڌ ڊائجسٽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ادبي ۽ تحقيقي مضمون لکيا. هن ٿري لوڪ گيتن جو سنڌي منظوم ترجمو ڪيو، جيڪو مختلف رسالن ۾ ڇپيو ۽ سندس ڪيترا مقالا مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهن. هن وٽ ان وقت نه اخبار، نه لائبرري ۽ نه ڪو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آس پاس هئو، بس هيانءَ جي سوجهري تي همت ڪري وڏو ڪم ڪري ڏيکاريائين، محمد اسماعيل عرساڻي صاحب کان رهنمائي ورتائين، حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج آيو ته اتي لئبرريون اٿلايائين پٿلايائين. عالمن اديبن سان اٿيو ويٺو. هن جي مٿي ۾ جنون هيو ۽ ”تاريخ ريگستان“ پورو ڪيائين. سندس ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ ۾ جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان ڪتاب تي نظر وڌي ۽ ان کي سنواريو. ڪتاب ته رائچند هريجن 1953ع ۾ لکيو هيو، پر ان کي سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1977ع ۾ آيو، جيڪو ڇاپو منهنجي هٿ ۾ آهي، اهو 2010ع جو ڇپيل آهي. نه صرف ايترو، پر هن تاريخ جو ٻيو حصو به استاد رائچند لکيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ان جي ٻئي حصي جو پهريون ڇاپو 1975ع ۾ ڇپيو. هيءُ به هڪ صخيم ڪتاب آهي. هي ٻيو ڇاپو 658 صفحن تي مشتمل آهي، هي ٻيئي ڪتاب ٿر جي تاريخ، سماجي زندگي ۽ جاگرافيءَ جا بنيادي ماخذ آهن. ان کان پوءِ به هيستائين ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو مون به ڪيو، ڪتاب جو نالو ‘ٿر’ آهي، جيڪو ‘ٿر- سيمينار’ جي پيدائش آهي.
[b]‘ٿـر’ ڪتاب
[/b]1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪيو ويو. مقصد اهو هيو ته ٿر جي ڪلچر، تاريخ ۽ آثارن جي مشهوري ڪجي ۽ ماڻهن تائين پهچائجي ۽ ٻئي طرف جيڪي هن دور ۾ ٿري عوام جا مسئلا آهن، ۽ اتي جن ترقياتي ڪمن جي ضرورت آهي، انهن تي زور ڏجي ۽ اختيارين جو ڌيان ڇڪائجي. ان سيمينار ۾ جيڪي مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا، انهن کي ترتيب ڏئي جولاءِ 1993ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو. ان ڪتاب جا هيل تائين ٽي ڇاپا ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. ان جو ٻيو ايڊيشن سنڌيڪا اڪيڊميءَ 1996ع ۾ ڇپايو هو ۽ ٽيون ايڊيشن تازو 2013ع ۾ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هي ڪتاب موجوده ۽ جديد ريسرچ جي بنياد تي لکيو ويو آهي. جنهن لاءِ هر لکندڙ پنهنجي پر ۾ وڏي محنت ڪئي آهي.
[b]ليفٽيننٽ ڪرنل جارج برٿ ٽرائوٽ
[/b]هن جو پورو نالو ڪرنل جارج برٿ ٽرائوِٽ (Lt. Col. George Birth Trywitt) هو، پر ٿر ۾ عام طور تي تروٽ جي نالي سان مشهور آهي.
اهو به عجيب قصو آهي ته پرڏيهي پرمار حاڪمن ۽ فاتحن جو هڪ گورو عملدار عام مفتوحن ۾ ايترو مشهور هجي جو ٿر جا ماڻهو ڏيڍ سو سالن کان پوءِ به کيس جيءَ ۾ جايون ڏين، لوڪ ادب ۽ خاص طور لوڪ راڳ يا لوڪ گيت عوام جي دلين مان نه، پر سندن روح مان سرجبا آهن، انهن روح مان سرجيل لوڪ گيتن ۾ ڪرنل تروٽ خاص طرح سان موجود آهي. مرد توڙي عورتون سندس ياد ۾ اهي گيت ڳائن ٿا. ڪي گيت روپلي ڪولهيءَ جي ڪردار پاران تروٽ جي خلاف آهن ۽ کيس روپلي جي طرفان للڪار طور به آهن، پر ادب ۾ تروٽ جو موجود هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿو ڪري ته هو ٿرين جي رت ۾ رچي ويو هيو.
1843ع ۾ جڏهن فرنگين ميرن کان سنڌ ڦري، ته انگريز سرڪار پنهنجا عملدار ڌار ڌار هنڌن تي مقرر ڪيا. پارڪر تي پهريون ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئلي ريڪس آيو ۽ ٻيو ايجنٽ تروٽ آيو.
ڏيپلو، مٺي ۽ ننگرپارڪر جڏهن انگريزن جي هٿ هيٺ آيا ته ان جو انتظام ڪيپٽن اسٽئنلي ريڪس جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو انگريز سرڪار پاران ڪڇ ۽ ڀڄ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هيو. ريڪس کي اهو به اعزاز مليو ته هن ٿر کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ٿر تي پهريون ڪتاب 1853ع ۾ لکيو، جيڪو لنڊن مان 1856ع ۾ Memoir of Thurr and Parkur districts of Sind جي نالي سان ڇپايو.
تروٽ، برطانيا جو رهاڪو هو ۽ 1847ع ۾ 17 سالن جي ڄمار ۾ سپاهي ٿي هندستان آيو. تمام تڪڙي ترقي ڪيائين ۽ 1857ع جي جنگِ آزاديءَ دوران کيس انگريز سرڪار جو سنڌ مٿان پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو. هن پارڪر کي انتظامي حوالي سان 1856ع ۾ حيدرآباد ضلعي سان ملائي ڇڏيو ۽ آفيم تي ٽئڪس ۽ ٻنين تي ڍل لاڳو ڪئي. جنهن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين نه مڃيو ۽ باغي ٿي پيا. هن ٽيڪس جي وصوليءَ لاءِ ڏيئو مل کي مختيارڪار ڪري ننگرپارڪر موڪليو، پر سوڍا ۽ کوسا پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا. نيٺ انگريزن ۽ سوڍن وچ ۾ لڙائي لڳي. اڳتي هلي پارڪر جي راڻي ڪرڻجي، سندس ڀاءُ ڀوپت سنگهه، ويراواهه جي راڻي لاڌوسنگهه ۽ ٻين سوڍن، راڻن ۽ ڪولهين روپلي ڪولهيءَ جي سربراهيءَ ۾ اپريل 1859ع ۾ انگريزن خلاف بغاوت شروع ڪئي. پوءِ تروٽ ميرپورخاص کان 600 پوليس وارا وٺي اتي پهتو ۽ ڀڄ ۽ حيدرآباد جا عملدار ۽ ٻي مدد به کيس پهچائي وئي. هن اتي وڃي اٿندڙ بغاوت تي ضابطو آندو. پر جنگ ختم نه ٿي. ڪراچيءَ جي ڪرنل ايونس به فوج موڪلي، ۽ ڏيساوَر مان به فوج گهرائي ٿر ۾ واسو ڪيو. ڪيترا سوڍا ۽ ڪولهي فرار ٿي ويا، پر پوءِ کين پڪڙي جنم ٽيپ ڏني وئي ۽ ٻين سندس ساٿين کي به سخت سزائون ڏنيون ويون. ايستائين جو کين وري ٿر ۾ بغاوت ڪرڻ جي همت نه ٿي.
انگريزن جڏهن ڏٺو ته هن علائقي کي ڪڇ ۽ ڀُڄ کان يا حيدرآباد مان ويهي سنڀالڻ سولو نه آهي ته هنن هڪ ٻيو ضلعو ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر جو ضلعو ٺاهيو. ان ۾ ميرپور کان ننگرپارڪر تائين، پٿوري کان سانگهڙ جا علائقا ملائي، 1860ع ۾ نئون ضلعو ٺاهيو ويو، ۽ تروٽ کي ان نئين ضلعي “ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر” جو پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو، جيڪو 1873 تائين ان عهدي تي رهيو.
ڪرنل تروٽ يار ويس ماڻهو هيو. سندس هٿ ماڻهن جي نبض تي هوندو هيو. متحرڪ ۽ هلڻ چلڻ وارو ماڻهو هيو، حيدرآباد ۾ هڪ باغ هئس. ڪرنل تروٽ جو باغ، جيڪو پوءِ حسن علي افنديءَ کي وڪيائين، جيڪو هاڻي حسن علي آفندي ٽائون جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪرنل تروٽ جا حيدرآباد جي مشهور ماڻهن سان به لاڳاپا رهيا. مرزا قليچ بيگ جو پيءُ مرزا فريدون بيگ به سندس ويجهن سنگتين مان هڪ هيو. تروٽ جي مشوري سان ئي هن مرزا قليچ بيگ جا ٻه وڏا ڀائر تعليم لاءِ لنڊن موڪليا، جيڪي پوءِ پڙهي اهم عهدن تي فائز ٿيا.
انگريزن شروع ۾ انتظامي طرح ٽي ضلعا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ٺاهيا، پر اڳتي هلي انتظامي طرح جيڪب آباد وارو علائقو چوٿون ضلعو ٺاهي، ان کي “اپر سنڌ فرنٽيئر” جو نالو ڏنو. خانگڙهه جي ننڍڙي ڳوٺ کي نئون ضلعو ٺاهيو ويو، جنرل جان جيڪب کي ان جو پهريون پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ بڻائي، کيس وسيع اختيارات ڏئي اتي موڪليو ويو. ان ننڍڙي ڳوٺ کي جان جيڪب جي نالي جي پويان ‘جيڪب آباد’ جو نالو ڏنو ويو، جيڪو اڄ سنڌ جو مشهور شهر آهي. جان جيڪب هتي 1851 کان 1858ع تائين رهيو. هن هڪ طرف جيڪب آباد جي ترقيءَ ۾ اهم رول ادا ڪيو، ته ٻئي پاسي هن بلوچستان جي قبائلين سان مسئلا حل ڪيا. علائقي جي آبادي ۽ پوکيءَ لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪيو. علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪيائين. هو 1858ع ۾ جيڪب آباد ۾ وفات ڪري ويو، کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو.
تروٽ به جان جيڪب جهڙو ڪردار هيو، پر بدنصيبيءَ سان هو انگريز سربراهن جو ٻين وانگر اک جو تارو نه بڻجي سگهيو. هن کي نوڪريءَ وارن آخري ايامن ۾ ڪجهه مسئلا پيش آيا، ڪنهن ماڻهو هن تي حيدرآباد ۾ ڪيس ڪيو. حسن علي آفنديءَ سندس وڪالت ڪئي هئي. هو ڪيس مان آجو ٿيو، ته ٻارهن مهينا موڪل وٺي لنڊن روانو ٿيو، پر 1874ع ڌاري سمنڊ ۾ ڪِري پيو ۽ مري ويو. هٿ جي ڪشادي ۽ يار ويس هجڻ ڪري حيدرآباد ۾ پويان 5000 روپيه قرض ڇڏي ويو، جيڪو سندس زال ادا ڪيو. پر ٻين روايتن موجب تروٽ سمنڊ ۾ ٻڏي نه مئو بلڪه لنڊن ۾ مري ويو هو.
هن اهم شخصيت تي تمام گهڻي کوجنا جي ضرورت آهي. محترم غلام محمد لاکي ‘ٿر سيمينار’ ۾ تروٽ تي مضمون پڙهي وڏو اهم رستو کوليو. اميد ته لاکو صاحب پاڻ ۽ ٻيا محقق ان ڏس ۾ مدد ڪندا ۽ وڌيڪ تحقيق ڪري حقيقتون عام ڪندا.
لاکي صاحب کي ڪرنل تروٽ جي تصوير نه ملي سگهي، پر مون ذاتي ڪوششون ڪري نصير مرزا کان هڪ تصوير حاصل ڪئي. جنهن لاءِ ٻڌايائين ته اها مرزا قليچ بيگ جي ذاتي لائبرريءَ مان ورتي وئي آهي. اها تصوير ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن ۾ شامل ڪئي وئي آهي، اها ئي تصوير وڏي ڪرائي، فريم ڪرائي، ڊي سي هائوس ۽ ڊي سي آفيس ٿرپارڪر مٺيءَ ۾ پڻ لڳائي آيو هوس.
[b]ملڪ ۾ سياسي راند
[/b]خدا جي مهرباني ٿي، ان ئي موقعي تي ٿر ۾ ڪوئلي جي کوجنا سڦل ثابت ٿي ۽ اهو اعلان ٿيو ته ٿهاريو هاليپوٽه جي علائقي مان ڪوئلي جي ذخيرن جي دريافت ٿي آهي. جيڪو ملڪ جي ترقيءَ ۾ انقلابي اهڃاڻ هيو. اهو نواز شريف جي حڪومت جو پهروين دور هيو. نواز جي حڪومت ته 1981ع کان ئي پنجاب ۾ هئي، جڏهن هو خزاني جو وزير هيو. پوءِ 1985ع ۾ وڏو وزير ٿيو. 1988ع ۾ ٻيهر وزيراعليٰ ٿيو ۽ سندس مشهوري ان ڪري به ٿي، ۽ ڪرائي وئي ته هو وزيراعظم بي نظير ڀٽو کي پنجاب جي دوري دوران ايئرپورٽ تي به پروٽوڪول جي خلاف آجيان نه ڪندو هيو. 1990ع ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي نگران وزيراعظم هيو. ساڻس واعدو هيو ته کيس وزيراعظم ڪيو ويندو. پوءِ نوازشريف ۽ ڪمپنيءَ ساڻس بغاوت ڪئي. اسحاق خان ۽ بااختيار ادارن ۽ IJI سان ڳٺ جوڙ ڪري جتوئي صاحب کي مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو ۽ نوازشريف 1990ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو. 1992ع ۾ ڪوئلي جي نڪرڻ کانپوءِ نوازشريف ڪنهن گرم جوشيءَ جو مظاهرو نه ڪيو. 1993ع جي سال ۾ نواز حڪومت ڊاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون. جنهن ۾ ماضيءَ جي دشمنن، صدر اسحاق خان ۽ بي نظير ڀٽو هٿ ملايا ۽ نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ جو پاڻ ۾ عهد ڪيو. سندن ڪوشش جي نتيجي ۾ صدر اسحاق خان آئين جي شق 58-2B جو سهارو وٺي نواز شريف جي حڪومت کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مير بلخ شير مزاري جيڪو ڊيره غازي خان ڏکڻ پنجاب جو وڏو جاگيردار هيو ۽ جنهن کي ڏاڍن مڙسن جي مدد حاصل هئي، ان کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. ان واقعي جو ٿر تي اهو اثر پيو ته ٿر مان ارباب غلام رحيم صاحب پهريون دفعو وفاق ۾ نگران حڪومت ۾ وزير مقرر ٿيو. ان سان گڏ آصف علي زرداريءَ کي به جيل مان ڪڍي وزير جو حلف کڻايو ويو. اهو ئي غلام اسحاق خان، صدر پاڪستان، جنهن کيس جيل ۾ وجهايو هيو. ان کي ئي کيس آشيرواد ڏئي انوائرمينٽ جو وزير مقرر ڪيو.
واهه سياست تنهنجا رنگ...!
ان وچ ۾ سنڌ جي سياست هڪ ٻي قلابازي کاڌي. پر ان قلابازيءَ کان اڳ ۾ ڄام صاحب ڪينسر جي علاج لاءِ ٻاهر ويو ۽ سائين مظفر حسين شاهه کي چيف منسٽر جا پاور ڏنا ويا ته هو ڄام صاحب جي غير حاضريءَ ۾ سندس اختيار استعمال ڪندو رهي.
ڄام صاحب يورپ مان موٽڻ کانپوءِ پنهنجي نياڻيءَ جي شادي پنهنجي ڀائٽيي ڄام نفيس سان ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو. شادي ڳوٺ ڄام نواز عليءَ ۾ رٿي وئي. اتي پاڪستان جي حڪومت جي هر شخصيت موجود هئي. وڏا وڏا فوٽو پوسٽر لڳايا ويا هئا. ان دور ۾ مان مٺيءَ ۾ ڊي سي هئس. منهنجي به ڄام نواز عليءَ ۾ ڊيوٽي لڳل هئي. سڄو شاديءَ جو منڊل پنهنجي اکين سان ڏٺو.
انهن پوسٽرن ۾ پهريون پوسٽر آصف نواز آرميءَ جي چيف جو هيو. ٻيو اسحاق خان صدر جو ۽ ٽيون پوسٽر نواز شريف وزيراعظم جو لڳل هيو. ڄام صاحب موت جي بستري تان به سياست کيڏي رهيو هيو ۽ خوب کيڏي رهيو هيو.
ڄام صاحب زبان جو ڇوٽ هوندو هيو. هو محترمه جي حوالي سان چوندو رهندو هيو ته ڪيتري نه بدنصيب آهي اُها ڌي، جنهن کي شاديءَ کان پوءِ پيءُ جي دعا جو هٿ به نصيب نه ٿيو هجي. ڄام صاحب به سندس نياڻيءَ جي رخصتيءَ وقت نيم بي هوش هيو.
الله جي مرضي!
[b]مظفر حسين شاهه - سنڌ جو نئون وزيراعليٰ
[/b]ڄام صاحب جي رحلت کان پوءِ نئين CM جي سليڪشن/ اليڪشن جو مرحلو زور پڪڙي ويو. هڪ ته ڄام صاحب مرحوم وارو گروپ هيو، جنهن کي سرڪار، پير صاحب پاڳاري ۽ ٻين ننڍن گروپن ۽ آزاد اميدوارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ٽيڪ هئي، ۽ ٻيو گروپ به تيار ٿي ويو. هن گروپ کي پي پي چيو ته توهان وزيراعليٰ چونڊيو. PPP، سرڪاري گروپ جي برخلاف انهن جي پوري مدد ڪندي.
ان وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ 109 ميمبر هئا. ڪنهن سبب جي ڪري 3 ميمبر گهٽ هئا. جڳهون خالي هيون. جنهن گروپ وٽ 54 ميمبر هوندا، ته هو CM چونڊيندو. مخالف ڌر غلام مرتضيٰ جتوئيءَ ۽ ٻين جي سربراهيءَ ۾ سرگرم هئي. طئي اهو ٿيو هيو ته اهو گروپ مسرور جتوئيءَ کي وزيراعليٰ چونڊرائيندو. ارباب غلام رحيم گروپ به مخالف گروپ ۾ شامل هيو، بلڪ ان جو سرگرم ميمبر به هيو. اليڪشن جي ڏينهن کان اڳ ۾ جڏهن ويهي حساب ڪيو ويو ته ٻنهي گروپن وٽ 53- 53 ميمبر هئا. ٻئي ڏينهن جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڃي ويهن ها ته Tie ٿئي ها. رات جو ’اعليٰ سرڪار‘ تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ مخالف گروپ کي سختيءَ سان چيو ويو ته توهان مظفر شاهه جي مخالفت نه ڪندؤ، بلڪ توهان مان ئي مسرور جتوئي ۽ ٻيو سندس ساٿي مظفر حسين شاهه کي ليڊر آف هائوس پروپوز ڪندو.
ٿيو به ائين...
سائين مظفر حسين شاهه، ڄام صاحب کان پوءِ سنڌ جو وزيراعليٰ ٿي ويو، جنهن پير صاحب پاڳاري ۽ ڄام صاحب جون پاليسون جاري رکيون. ٿر ۾ ارباب صاحب گروپ هيڻو ٿي ويو. غلام محمد لاٽ صاحب ۽ سندس پٽ گل محمد لاٽ جيڪي هميشه ارباب مخالف سياس ڪندا رهيا آهن، جن جو واسطو پير صاحب وڏي ۽ راجا سائين سان هيو، اهي نسبتاً سرڪار جا منظور نظر ٿي ويا. اهڙا سگنلز ۽ اشارا ٿر جي انتظاميا کي به مليا.
لاٽ صاحب ۽ گروپ کي مون ڪڏهن به اپوزيشن جو ماڻهو سمجهي تنگ نه ڪيو هيو، پر لاٽ صاحب کي صرف ايم پي اي ئي سمجهي رويو رکيو ۽ عزت ڏني، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ سرڪار جي ايم پي ايز کان گهٽ نه هوندي هئي. نه صرف کين پر سندن ورڪرن ۽ ويجهن ماڻهن سان به سٺي نموني وارو ورتاءُ ڪيو ويندو هيو.
ارباب صاحبن کي جيڪا عزت ۽ مان ملندو هيو، هينئر مان کين ان کان به وڌيڪ عزت ۽ مان ڏيڻ لڳس. اڳ ۾ منهنجو وٽن اچڻ وڃڻ گهٽ ٿيندو هيو، پر هاڻي وڌيڪ ٿيڻ لڳو ۽ مون اختيارين کي چئي ڇڏيو ته مان ٿر ۾ ٿڪجي پيو آهيان. مهرباني ڪري پسند جو آفيسر گهرايو ته توهان کي به تسلي ٿئي ۽ منهنجو به ٿڪ لهي. پر هنن کلي لنوائي ڇڏيو. چوندا هئا ته اسان کي توهان جو بدل نه ملندو. حڪومت جي تبديليءَ کان پوءِ نگران جي دور ۾ بدلي ٿي ته منهنجي هڪ فيئر ويل پارٽيءَ ۾ غلام محمد لاٽ صاحب تقرير ڪندي چيو هيو ته ”جيڪڏهن منگي صاحب جهڙو اڻ ڌريو آفيسر مٺيءَ ۾ ڊي سي نه هجي ها ته پوءِ اسان ۽ ارباب گڏجي سياست نه ڪريون ها.“ نگرانن جي دور ۾ ارباب ۽ لاٽ پي پي پيءَ جي ٽڪيٽ تي گڏ سياست ڪري رهيا هئا!
[b]نگران حڪومت ۽ ڪورٽ جو فيصلو
[/b]مئي 1993ع ۾ حڪومت جي واڳ نگران وزيراعظم لاءِ مير بلخ شير مزاريءَ جي حوالي ڪئي وئي هئي. نوازشريف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ته سندس حڪومت کي ناجائز طور معطل ڪيو ويو آهي. کيس ۽ اسيمبليءَ کي بحال ڪيو وڃي.
ان وقت سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جناب نسيم حسن شاهه هيو. جناب نسم حسن شاهه انهن چئن ججن مان هڪ هيو، جن ڀُٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي سزا بحال رکي هئي. جڏهن ته ٽن ججن ڦاسي بحال رکڻ جي خلاف جج مينٽ ڏني هئي. نسيم حسن شاهه ڪنهن ڪتاب/ انٽرويو ۾ اهو انڪشاف ڪيو هيو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي سزا غلط ڏني وئي هئي!
جسٽس نسيم حسن شاهه پنهنجي فيصلي ۾ نوازشريف جي حڪومت بحال ڪئي. نوازشريف اچي پنهنجي وزيراعظم جي آفيس ۾ ويٺو ۽ نگران وڃي گهر ڀيڙا ٿيا. جهيڙو اڃا به زور وٺي ويو.
هڪ طرف حڪومت، ٻئي طرف صدر صاحب ۽ محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه هئي. آئيني ۽ قانوني ۽ انتظامي بحران شروع ٿي ويو.
جنرل آصف نواز، آرمي چيف، هڪ شام ٽريڊ مل تي ورزش ڪندي اجل جو شڪار ٿي ويو. سرڪاري ۽ فوجي حلقن چيو ته دل جو دورو پيس مري ويو. سندس گهر واريءَ الزام مڙهيو ته کيس Slow Poison ڏنو ويو. ان کان پوءِ جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ آرمي چيف ٿيو. چون ٿا ته جنرل ڪاڪڙ به پهرين فوجيءَ وانگر پروفيشنل فوجي هيو. هت جيڪو به جنرل آرميءَ جو چيف ٿيندو آهي ته ان کي واکاڻيو ويندو آهي. جيئن پرويز ڪياني. ان جون ڏاڍيون ساراهون به ٿيون، ٽن جي بدران ڇهه سال نوڪري به ڪيائين، صدر زرداريءَ کي ڀؤ ۾ به رکيائين. پوءِ جڏهن هاڻي ريٽائر ٿيو آهي ته اعتزاز احسن جو بيان آيو آهي ته PPP حڪومت جي غلطي هئي جنهن ڪيانيءَ کي اضافي ٽي سال ڏنا. هاڻي جنرل راحيل شريف لاءِ تعريفون ٿين ٿيون. جنهن ضرب عضب آپريشن شروع ڪئي آهي ۽ نوڪريءَ ۾ اضافو ڪرائڻ کان به انڪاري آهي. خدا سندس پت رکي. اسان جو ته حال اهو ئي آهي.
[b]اسحاق خان ۽ نوازشريف گهر ڀيڙا
[/b]جڏهن صدر ۽ وزيراعظم جي جنگ تيز ٿي وئي، ان وچ ۾ منهنجي خليفي عاقل کپري واري سان ملاقات ٿي. تنهن ڏاڍو سٺو تبصرو ڪيو ته هڪ صدر آهي، ٻيو وزيراعظم، وڌيڪ ڇا ٿا ٿيڻ چاهين؟
رب رسي ته مت کسي.
سو هنن ٻنهي کان به مت کسجي وئي. سياسي پارٽيون لڙ ۾ مزو وٺي رهيون هيون ۽ آرمي چيف کي چئي رهيون هيون ته تون دخل اندازي ڪر ۽ ڪو ٺهراءُ ڪراءِ.
فارمولا اهو نڪتو ته ٻئي، صدر ۽ وزيراعظم تڏاويڙهه ڪن، استعيفائون ڏين، اسيمبليون ٽُٽن ۽ گهر ڀيڙا ٿين. وزيراعظم ته سياسي ماڻهو هيو. صدر اسحاق خان، جيڪو پنهنجي اٽڪل سٽڪل سان نائب مختيارڪار مان اچي صدر مملڪت پاڪستان ٿيو هيو، ان کي الائي ڪنهن جو آسرو هيو، جو پنهنجي هڪ سال جو رهيل مدو به قربان ڪري ڇڏيائين. اسان جي پياري ملڪ ۾ به عجيب سياسي کيل کيڏجن ٿا. صدر ۽ وزيراعظم ٻئي ايوان صدر ۽ ايوان وزيراعظم ڇڏي، هڪ اسلام آباد، پنهنجي گهر ويو، ته ٻيو رائيونڊ وڃي پهتو.
[b]معين قريشي
[/b]نگران وزيراعظم لاءِ ان وقت ڪو مناسب ماڻهو ڪونه سُجهيو. آمريڪا مان ورلڊ بئنڪ جو هڪ پيسي ڏوڪڙ ۽ حساب ڪتاب جو ماهر ماڻهو ٽن مهينن لاءِ وزيراعظم جي پگهار ۽ مراعات تي هتي گهرائي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. اچڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو ويو، جو کيس پاڪستاني ڪرڻ لاءِ سندس شناختي ڪارڊ ٺهرايو ويو. کيس وسيم سجاد حلف کڻايو. سندس نالو هيو معين قريشي.
[b]وسيم سجاد- صدر
[/b]وسيم سجاد سينيٽ جو چيئرمئن هيو، جيڪو آئين جي احڪامن تحت اسحاق خان کان پوءِ ايڪٽنگ صدر مقرر ٿي ويو، جيستائين اسيمبليون صدر جو انتخاب ڪن!
سنڌ ۾ به سائين علي مدد شاهه ريٽائرڊ جسٽس وزيراعليٰ ٿيو.
اهو هيو 1993ع آگسٽ جو سيٽ اپ، جنهن 1993ع واريون اليڪشنون ڪرايون. جڏهن محترمه جي ٻي حڪومت چونڊجي آئي، اها حڪوت 1996ع تائين هلي. جنهن کي پارٽيءَ جي سابق سڪريٽري جنرل ڀائي جان فاروق لغاري، صدر پاڪستان 58-2B جو سهارو وٺي آرمي چيف سان ملي ڀڳت ڪري اسيمبليون ڊزالوِ (dissolve) ڪيون. 96_1993ع جي حڪومتي عرصي دوران محترمه اهو اعلان ڪيو ته ڪيٽي بندر کي بطور بندر جي بحال ڪيو ويندو. ڪوريا جي مدد سان وڏو پاور پلانٽ لڳائبو. ٿر ڪول فيلڊ کان ڪيٽي بندر تائين ريلوي لائين وڇائبي. جيڪا ٿر ڪوئلي کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندي. پر افسوس! ڀائي جان فاروق لغاري، مير مرتضيٰ جي قتل کي سبب بنائي، محترمه جي حڪومت ۽ اسيمبلي ختم ڪري ڇڏي. محترمه جي سپريم ڪورٽ به مدد نه ڪئي. حڪومت بحال نه ٿي. ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
هن دفعي وزيراعظم جو ڪڻو PPP جي ئي سابق اسپيڪر جناب معراج خالد جي نالي تي نڪتو. ڪئبنيٽ ۾ عبدالله جي ميمڻ صاحب، واٽر ۽ پاور جو وفاقي وزير ٿيو. سنڌ جو وزيراعليٰ محترم ممتاز علي خان ڀٽو ٿيو. اهو به عجيب اتفاق هيو. ممتاز صاحب 1971ع جي ڊسمبر ۾ ڀٽي صاحب جي صدر ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٿيو. 1972ع جا لساني جهيڙا به ممتاز صاحب جي دور ۾ ٿيا. ممتاز صاحب ان کان پوءِ سنڌ جو ڏهيسر سڏجڻ لڳو. پر اهي سنڌي مهاجر جهيڙا حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا. جيڪي اڃا تائين اسان جي ڳچيءَ مان ناهن نڪتا. جن جي نتيجي ۾ مهاجرن سان 40/60 وارو فارمولو طئي ٿيو. اهو به طئي ٿيو ته سنڌ جو گورنر مهاجر ٿيندو. ان کان سواءِ سنڌ کي ٻن زبانن، اردو ۽ سنڌيءَ وارو صوبو قرار ڏنو ويو. سنڌ پوئتي موٽي رهي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي دارالحڪومت جو شهر ٺاهيو ويو جيڪو سنئون سڌو لياقت علي خان جي ماتحت ٿي ويو.
جيستائين ٻولين جي ڳالهه آهي ته انگريزن جي دور ۾ اهو طئي ٿيل هيو ته جيڪو به ICS آفيسر انگريز، يا ڪنهن ٻئي صوبي جو آفيسر نئين صوبي ۾ نوڪري ڪندو، اهو ان صوبي جي ٻوليءَ جو امتحان ڏيندو. سيد هاشم رضا، ICS ڪري بمبئيءَ ۾ نوڪري ڪئي ته اتي جي ٻولي سکي. ورهاڱي کان اڳ ۾ سندس بدلي لاڙڪاڻي بطور ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي 1943ع ۾ ٿي. پر ان کان اڳ ۾ پاڻ سنڌي لکڻ پڙهڻ سکيو.
سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آپ بيتي ”هماري منزل/ Our Destination“ دلچسپ آهي. ٻولي سکڻ جا اهي ٻئي حوالا سندس آپ بيتيءَ مان ڏئي رهيو آهيان. پر پاڪستان جي ٺهڻ جي پنجويهن سالن کان پوءِ ۽ پاڪستان جي آباديءَ جو اڌ کان به وڏو حصو وڃائڻ کان پوءِ به اسان کي عقل نه آيو. پر اهو ’وڏو وڍ‘ اڃا به وسيع ۽ وسيع تر پيو ٿيندو وڃي، ۽ الائي ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. ’همراهن‘ حيلا ته گهڻا ڪيا آهن، حملا به گهڻا ٿيا آهن، پر سنڌي ۽ سنڌ سٻاجهيءَ تي قدرت ڀورائيءَ جا ڀال ڪيا آهن.
[b]ڪيٽي بندر پورٽ
[/b]محترمه پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ جيڪو ٽي سال کن رهيو، پُرعزم هئي ته ڪيٽي بندر کي ترقي وٺرائجي. اهڙي ترقي وٺرائجي جو ان جي ترقيءَ سان ملڪ جي بهتري ٿئي. ڪوريئن سرڪار تيار هئي. پر سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ جي شهادت کان پوءِ سندس حڪومت کي گول ڪيو ويو. 1997ع ۾ نواز شريف جي ٻئي دور حڪوت ۾ پهريون اهو ڪم ڪيو ويو ته ڪيٽي بندر جي پورٽ ۽ بجلي گهر جي رٿا کي بنا سوچڻ جي رد ڪيو ويو. ٿر جو ڪوئلو به رهجي ويو ته ڪيٽي بندر به رهجي ويو. حقيقت ۾ ڪيٽي بندر قدرتي بندر هيو ۽ ماضيءَ ۾ ان هن علائقي کي ۽ پنجاب ۽ هندستان جي ڪجهه علائقن کي فائدو پهچايو هيو. هاڻي به اهو بندر ٿئي ها ته ان سان سڄي سنڌ ۽ ملڪ کي فائدو ٿئي ها ۽ ترقيءَ لاءِ سڄي سنڌ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين ڊيگهه ويڪر ۾ کُلي پوي ها ۽ سنڌ ۾ خوش حالي اچي وڃي ها. ۽ سنڌي به خوشحال ٿين ها پر ...
پ پ پ جو، محترمه جي شهادت کان پوءِ ٽيون دور آيو. پهريون دور ڀٽي صاحب جو، ٻيو محترمه جو ٽيون دور آصف زرداري صاحب جو. آصف صاحب صدر پاڪستان منتخب ٿيو. سندس حڪومت پنج سال رهي. مٿي يوسف رضا گيلانيءَ جي حڪومت ٿي، جنهن کي جسٽس چوڌريءَ جي نظر لڳي وئي. پوءِ به پ پ جي حڪومت رهي. هن دفعي تڪراري منصوبو ’ذوالفقار آباد‘ شروع ڪرڻ جو اعلان ٿيو. پر ڪا لاڀائتي پيش رفت نه ٿي ۽ هاڻي اهو منصوبو ’گورک هل‘ جي منصوبي وانگر ‘مُئل گهوڙو’ آهي. ڪوئي سندس نالو به هاڻي ڪونه ٿو وٺي.
ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته سائين قائم علي شاهه، چائينيز وفد سان ڳالهائيندي ڪيٽي بندر جي پراڻي منصوبي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي حامي ڀري. اهو ته پراڻو ڪيٽي بندر پورٽ ۽ پاور پلانٽ وارو منصوبو چائنيز سيڙپ ڪارن سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ بحال ڪيو ويندو. چائنا جي آيل سيڙپ ڪارن جي وفد به حامي ڀري آهي. ڏسجي ته آسمان ايندڙ وقتن ۾ ڪيٽي بندر لاءِ ڇا لکيو آهي؟ بهرحال خير ۽ ڀلائيءَ جي دعا گهرجي.
[b]ٿر تي (تِڏ) ماڪڙن جو حملو
[/b]اسان ننڍا هوندا هئاسين، ته هڪ ٻه ڀيرو پنهنجي علائقي ۾ ماڪڙ (locust) جا حملا ڏٺا هئاسون. جڏهن ماڪڙ هڪ جڳهه کان اڏامي ٻي جڳهه تي ايندي هئي ته سڄو آسمان ڍڪجي ويندو هيو. وڏا چوندا هئا ته ان جي حملي کان الله پناهه ڏئي. جيڪا به شيءِ کين هٿ آئي، اها کائي چٽ ڪري ڇڏيندي آهي. ڪي چوندا هئا ته ماڪڙ ڏاڍي لذيذ ٿي ٿئي. پچائي کائجي. اسان ته ڪڏهن نه کاڌي. پر ماڪڙ هر شي کائي ويندي هئي. لڪڙ هضم پٿر هضم.
ان زماني ۾ پيلي مشينري ۽ پيلا جهاز زراعت کاتي وٽ هوندا هئا. مشينون ۽ جهاز فصلن تي ڦوهارو ڪندا هئا. ماڪڙ تي به ڦوهارو ڪندا هئا. اهي جهاز ايڏا سولا هوندا هئا، جو زمين جي کيڙيءَ ۾ به لهي پوندا هئا. وري دوا ڀري اڏامي پوندا هئا. نوڪريءَ جي شروعات ۾ لوڪسٽ ڊپارٽمينٽ جون رپورٽون ڏٺيون هيون. اهي رپورٽون ڊي سيءَ جي آفيسن ۾ اينديون هيون ۽ انهن ۾ ٻڌايل هوندو هيو ته ماڪڙ ڪٿي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ڪٿي حملو ڪندي.
ساوا ستابا علائقا ته پوءِ به سٽ سهي ويندا هئا. ٿر ۾ جو ماڪڙ ايندي هئي، هر شيءِ چٽ ڪري ڇڏيندي هئي. جانورن لاءِ گاهه به نه ڇڏيندي هئي. پر مارو ماڻهو جن جو گذرسفر ئي انهن گاهه ٻوٽن تي هوندو هيو، اهي به بک مرندا هئا.
ٿر ۾ پنهنجي tenure جي آخر ۾ جون جولاءِ 1993ع جي مهينن ۾ بيڪانير جي پاسي کان ٿر جي بارڊر علائقن ۾ ماڪڙ جو حملو ٿيو. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون بارڊر علائقو، ماهرن سان گڏجي وزٽ ڪيو. صورتحال جو جائزو ورتو. جهونن ۽ ڏاهن ماڻهن سان ڳالهايو. انهن عجيب ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جي حملن ۽ وڌڻ جي طريقي جو ٻڌايو. اهو به ٻڌايو ته ”سرڪاري يا انگريزي علاج کان سواءِ انهن کي ناس ڪيئن ڪجي.“
ماڪڙ هميشه هڪ سڌي لائين ۾ هلندي آهي. جيڪو به گاهه يا کائڻ جهڙي شيءِ ملندس، جنهن ۾ اڪ جو ٻوٽو به شامل آهي، ان کي به کائيندي آنا (larva) لاهي اڳتي وڌندي ويندي آهي. انهن انڊن (larvas) مان چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻچا ڦٽندا آهن. اهي به چوويهن ڪلاڪن ۾ فوج ٺاهي هلڻ شروع ڪندا آهن ۽ ساڳيو طريقو اختيار ڪندا آهن. اهڙا دشمن ۽ انهن جي فوج جيڪا 24 ڪلاڪن ۾ ٻٽي ٿيندي وڃي، انهن سان منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سرڪار ته پنهنجي جهازن جي معرفت دوا درمل هڻندي رهي. سيڪريٽري ايگريڪلچر آغا آفتاب احمد خان هيو. پراڻو زراعت کاتي جو پروفيشنل آفيسر هيو. هن پنهنجي عملي کي تيز ۽ تيار ڪيو ۽ جهازن جا ”دشمنن“ تي حملا شروع ڪري ڇڏيا.
هوڏانهن مون مقامي ماڻهن جو تعاون ورتو. جنهن لائين ۾ ماڪڙ سڌا هلندا هئا. انهن جي اڳيان ٻه ٽي فوٽ ويڪرا ۽ اونها ساڳي سڌ ۾ کڏا کوٽبا هئا. جيئن ماڪڙ انهن ۾ ڪرندا هئا ته انهن کي پوري ڇڏبو هو. اهو طريقو مقامي ماڻهن جي تعاون کان سواءِ ممڪن نه هيو. روينيو ۽ پوليس جي عملدارن عوام کي ان ڪم لاءِ آماده ڪيو. اتان جي نيڪ مردن ۽ ٻين چڱن ماڻهن پاڻ موکيو. هيو ته اهو ڏکيو ۽ محنت طلب عمل پر علاج يڪ ٽڪ هيو.
1993ع ڪيئر ٽيڪر دور ۾ محترم ڪي بي رند صاحب چيف منسٽر جو پرنسپل سيڪريٽري هيو. ساڻس جيڪا نيازمندي هئي، ان مان به فائدو ورتو ۽ زراعت کاتي کي تيز ڪرڻ ۽ انهن لاءِ اضافي بجيٽ رليز ڪرائڻ لاءِ سندس مدد ملي، جيڪا هن دل کولي ڪئي.
ٿر ۾ تنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، پاڪستان جي بارڊر تائين ٻڌو ويندو هيو ۽ بارڊر کان پريان به ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. ريڊيو جو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر تنهن زماني ۾ سنڌيءَ جو معروف شاعر ۽ گهڻين ئي صفتن جو صاحب محترم عنايت بلوچ هيو بلوچ صاحب منهنجو به دوست هيو، جيڪو اڃا تائين دوست آهي. هو عوامي ڪم جي ڀلي کي هميشه اهميت جي نظر سان ڏسندو آهي. هن ۽ اسان اهو طئي ڪيو ته مان روزانه ٽيليفون تي کيس ماڪڙ جي علائقي لاءِ اطلاع ڏيندس ۽ انهن جي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌائيندس ۽ جيڪي اسپري جا علائقا هوندا آهن، انهن کان کين واقف ڪندس. منهنجو اهو پيغام هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ريڊيو نشر ڪندو رهندو. مون ضلعي ۾ ايمرجنسي لڳائي هئي ۽ سرڪار جا محڪما مون سان هٿ هٿ ۾ ملائي ان جنگ ۾ شريڪ هئا. دراصل هئي به جنگ... منهنجي گذارش تي جهازن جو پورو يونٽ ۽ سينيئر عملدار زراعت کاتي جا، رند صاحب ۽ آغا صاحب ٿر ۾ ويهاري ڇڏيا هئا. اسان Marching Enemy (حملو ڪندي وڌندڙ دشمن) جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. ماڪڙ جو اڳتي وڌڻ گهٽجي ويو هيو. خاص خاص علائقن ۾ اِها محدود ٿي وئي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ڪي بي رند، چيف منسٽر جي سيڪريٽريءَ مون کي اها خبر ٻڌائي ته منهنجي ٿر مان بدلي ڪئي ٿي وڃي. مون کيس گذارش ڪئي ته مون کي ڪجهه وقت ڏيو ته مان ماڪڙ جي خلاف آخري جنگ ڪري فتح حاصل ڪريان. پر منهنجي هڪ نه ٻڌي وئي. بدلي تي ڏک ٿيو. مون کي لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري بورڊ مقرر ڪيو ويو. جيڪا سٺي پوسٽ سمجهي ويندي آهي. پر سچ ته اهو آهي ته مان ان حالت ۾ ٿر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئس. حالانڪه ٿر جون سياسي ڌريون منهنجي بدليءَ مان خوش نه هيون. ڇو ته مون اتي ٻه سال اڻ ڌريو انتظامي رول ادا ڪيو هيو. انهن به چاهيو پئي ته مان اليڪشن تائين اتي ئي رهان. پر ائين ڪونه ٿيو. امير علي بهڻ نئون ڊي سي ٿر ٿيو.
[b]اصلي ۽ نقلي مڪڙ
[/b]انهن ئي ڏينهن ۾ ’ماروئڙا‘ ٿرپارڪر ايرڊ ريجن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن جي تقريب ٿي، ان ۾ ٻانهن ٻيليءَ جا تمام گهڻا ميمبر، جاويد جبار سميت مرد ۽ عورتون به شريڪ ٿيا. ماڪڙ جي ڳالهه نڪتي. اتي هڪ ڪراچيءَ جي خوبصورت ڇوڪري فريحه، جيڪا جاويد جبار ۽ منهنجي وچ ۾ ويٺي هئي، تنهن جاويد جبار کي چيو ته، ”اڄ اسان کي بار بار مڪڙ ڇو ٿا چون“. مون به ٻڌي ورتو. پوءِ جاويد جبار صاحب هن ڇوڪريءَ کي تفصيل سان ٻڌايو ته هي سنڌي اسان کي مڪڙ نه ٿا چون، پر ٿر ۾ واقعي اصلي ماڪڙ اچي وئي آهي. تنهن جي متعلق ڳالهائي رهيا آهن. جاويد صاحب جي اها ڳالهه جڏهن سڀني ٻڌي ته هڪ وڏو ٽهڪ پيو.
[b]نون فنڪارن جي ڳولا
[/b]عنايت بلوچ جيترو ٻاهران سهڻو آهي، اوترو سندس اندر به سهڻو آهي. جيترو شعر ۽ ادب جو کاهوڙي ۽ جاکوڙي آهي، عملي طور ريڊيو جو عملدار به ايتريو ئي محنتي ۽ جفاڪش آهي.
14 آگسٽ 1992ع تي مان حيدرآباد ۾ هئس ۽ عنايت بلوچ کي هٿ اچي ويو هوس. بلوچ صاحب ريڊيو جي پروگرام ۾ وٺي هليو. مون سان گڏ منهنجو پٽ انيس قادر منگي به هيو. اسان ٻئي ريڊيو پروگرام ۾ پهتاسون. ريڊيو اسٽيشن ڏٺو سين. اهو ڪنهن به ريڊيو اسٽيشن تي منهنجي زندگيءَ جو پهريون چڪر هيو ۽ منهنجي پٽ جو به پهريون چڪر هيو. اهو فرق آهي اسان جي نسل ۽ اڄوڪي نسل ۾. هاڻي اسان جتي آهيون، اسان جا ٻار به اتي آهن. جتي اسان جي زندگيءَ جي شام ٿي ٿئي، اتان انهن جي صبح جو سج اُڀري رهيو آهي.
بلوچ صاحب چانهن بسڪيٽن سان پياري ۽ مون کان ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ پروگرام طئي ڪرايو. ڊي سي ٿر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد. ٿر ۾ ٽئلينٽ هنٽ ڪندا. عنايت بلوچ صاحب پنهنجي ٽيم ۽ ساز و سامان سان ٿر جو دورو ڪندو ۽ ٿر جي ضلعي انتظاميا ان کي سهولت فراهم ڪندي.
بلوچ صاحب اهو Talent hunt ڪيو، جنهن ۾ گهڻو ئي ڪامياب رهيو. انهن مان ڪيترائي فنڪار مرد توڙي عورتون پوءِ ريڊيو جا عوامي فنڪار ثابت ٿيا. اڄ به هو ان لاءِ مون کي ڪريڊٽ ڏيندو آهي ۽ مان وري عنايت بلوچ صاحب کي.
[b]بابري مسجد وارو سانحو
[/b]1992ع مئي- جون ۾ هندستان ۾ بابري مسجد وارو واقعو ٿيو. هندستان جو موجوده مذهب پرست وزيراعظم نريندرا مودي، جيڪو ان وقت گجرات صوبي جو وڏو وزير هيو، ان واقعي ۾ ان جو هٿ هيو. مسلمان لاءِ وڏو ممڻ مچايو ويو ۽ سوين بيڏوهي مسلمان شهيد ٿيا ۽ ڪجهه هندو به موت جو لقمو بڻيا.
ان جو ردعمل پاڪستان ۾ ٿيو. ٿر جي آباديءَ جو تقريباً ٽيون حصو هندو آهن. مندر هر ڳوٺ، هر پاڙي ۾ آهن. ٻيو ته ڇڏيو، پر تاريخي مندر گوڙيءَ جا ڏهرا ۽ ڀوڏيسر ۽ ويراواهه وارا جين مندر، جيڪي سُڃ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
هونئن ته ٿر ۾ ماحول پُرسڪون ۽ سانت وارو آهي، پر جيڪڏهن ڪو شرارت ڪرڻ تي اچي ته ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري مون SP ٿيٻو صاحب سان صلاح مشوري سان هڪ Contigency Plan ٺاهيو، جنهن ۾ تاريخي مندرن جي حفاظت لاءِ پِڪٽون لڳايون. شرپسند ماڻهن جي نظرداري شروع ڪئي. هندن ۽ مسلمانن جون گڏيل ريليون ڪڍيون. هندن ۽ مسلمانن جون ڪميٽيون، انٽيليجنس جي نظام کي بهتر ۽ تيز ڪيو، جنهن ۾ پوليس جو گشت پڻ شامل هيو.
اسان جي انهن ڪوشش رنگ لاتو. ڪو به واقعو نه ٿيو. ڇاڇري ۾ ٻن شرارت پسند ماڻهن مندر کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس جي خبردار هجڻ ڪري انهن کي سڳ سوڌو جهليو ويو.
خير اهو دور سڪون ۽ امن سان گذري ويو. اسان کي خاص طرح گوڙيءَ جي مندر ۽ ننگرپارڪر جي جين مندرن جي ڳڻتي هئي. اتي پوليس لڳائي وئي هئي. سڄو مرحلو خير خوبيءَ سان ختم ٿيو. هندو ڪميونٽيءَ سُک جو ساهه کنيو. انتظاميا سندن ملڪ ۾ سندن ويساهه پختو ڪيو. اسان سندن دلين جي وڌيڪ ويجهو ٿي وياسون. اهو سندن روين مان واضح ٿيڻ لڳو ۽ ايندڙ وقت ۾ انتظاميه کي سندن مدد ۽ تعاون حاصل ٿيو.
[b]جڳديش ملاڻي
[/b]جڳديش ملاڻي، پ پ پ جو ٿر ۾ جيالو، بي بيءَ کي به پيارو هيو، پر بيگم ڀٽو جو به لاڏلو هيو. بيگم صاحبه سان لاڙڪاڻي جي نوڪريءَ جي ۽ پيپلز پروگرام جي پي. ڊي هجڻ ڪري به ڄاڻ سڃاڻ هوندي هئي. منهنجي ٿر ۾ بدليءَ جي کيس سڌ هئي. هڪ دفعي ايئرپورٽ تي بيگم صاحبه سان ملاقات ٿي وئي. اتفاق سان جڳديش به اتي موجود هيو. بيگم صاحبه سندس هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏئي چيو هيو ته، ”هن جي پارت هجئي. مون کي مير بابا وانگر آهي.“ جڳديش اڳ ئي ارڏو مڙس، وري جو بيگم صاحبه پارت ڪئي ته هرڪو سمجهي سگهي ٿو. جهل ئي نه ڏئي. مون کي به ارڏاين جي ڪري ڀلو لڳندو هيو. مڊل ڪلاس جو هندو ورڪر، جنهن نموني ۾ ڏکئي وقت ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو، اهو سندس ئي حصو هيو. هن موجوده ٿر مان ڪو به هندو ليڊر ايترو عوامي سطح تي محنت، جدوجهد ۽ تڪليفون ڏسڻ کان پوءِ سياسي طرح اڳتي نه وڌيو. راڻا چندر سنگهه به ’راڻو‘ هيو. هن به مٿانهين سياست ڪئي، پر جڳديش هيٺانهين سطح کان سياست ڪئي، ۽ گهڻن کي ئي پوئتي ڇڏي ويو. جيلن ۾ ويو. انڊر گرائونڊ رهيو، سختيون سٺائين، پر پ پ پ جي سياست کان منهن نه موڙيائين.
آخر ۾ ريليءَ جي سلسلي ۾ ئي دوستن اسماعيل اڍيجو، فقير محمد لاشاري ۽ غلام قادر پليجو سان موٽر وي سان لاهور کان اسلام آباد وڃي رهيو هيو ته، روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سواءِ غلام قادر پليجي جي، ٽئي دوست شهيد ٿي ويا. جڳديش جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ موتي رام ملاڻي سياسي وارث ٿيو، جيڪو به اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، پر اهو بيماريءَ ۾ فوت ٿيو ۽ سندس ٽيون ڀاءُ مهيش ملاڻي سندس سياسي وارث ٿيو. ٿر جي ماڻهن جون خاص طور هندو جاتيءَ جون هن جي خاندان سان تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن. 2013ع جي اليڪشن ۾ ته مهيش ملاڻي جنرل سيٽ تي ارباب گروپ کي شڪست ڏئي ايم پي اي ٿيو. ملاڻي صاحب اتان پهريون دفعو اليڪشن کٽي ۽ ايم پي اي ٿيو. اهو موقعو ارباب غلام رحيم لاءِ اچرج جو هيو ۽ ملاڻي فيمليءَ لاءِ ڪاميابي ۽ خوشيءَ جو لمحو. راڻو مل ملاڻي ته بنيادي طرح استاد آهي، پر وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ هنن جي فيمليءَ جي Think tank واري پوزيشن اٿس. پاڻ وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ ورتي اٿائين. گهر ۾ رهي به سوشل ورڪ ۽ بيڪ ڊور سياست ڪري رهيو آهي. سندس منهنجي فيمليءَ تي احسان آهي. پاڻ سال کن گهر اچي منهنجي ٻارن کي انگريزيءَ ۽ ميٿس پڙهائيندو رهيو. ڪڏهن به ٽيوشن لاءِ پائي به نه ورتائين. ڪنهن کان به ٽيوشن جي فيس ڪونه وٺندو آهي. اهڙن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن جي ڪري ته اهڙا پوئتي پيل علائقا ترقي ڪن ٿا ۽ ماڻهو خوش ۽ پرسڪون، پر اميد ۽ پر اعتماد زندگي گذارين ٿا. جنوري 2015ع ۾ ٿر جي دوري دوران مان راڻي مل ملاڻيءَ وٽ به ويو هوس. خوش ۽ صحت مند هيو. خوش حال زندگي گذاري رهيو آهي. پارٽيءَ طرفان به کيس ڪافي اهميت ملي رهي آهي. مان سندس ٿورا مڃيا ته هن منهنجي ٻارن تي توجه ڏنو. پاڻ چيائين ته، ”توهان هيڏو پري کان مٺيءَ ۾ اچي هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، پر جيڪڏهن اسان توهان جي ٻارن کي پڙهايو ته اهو اسان جو ڌرم هيو ۽ پنهنجو فرض ادا ڪيو.“ اهي سندس ڳڻ آهن.
[b]مسڪين جهان خان کوسو
[/b]تعلقه ننگرپارڪر ۾ 1900ع ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو پوليس ۾ ڊي ايس پي هيو. پاڻ به 1918ع ۾ پوليس جي نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. دبنگ پوليس وارو ٿيو. هميشه مظلوم جو پاسو ورتائين. پوليس جيڪي جٺيون غريب غربي سان ڪندي آهي، اهي هن ڪارون غريبن جي بدران اثروارن سان ڪيونئ مٺيءَ ۾ نوڪريءَ دوران صوبيدار غريب ڪولهين تي ڏاڍ ڪيو ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙايو. مسڪين دخل اندازي ڪئي پر صوبيدار نه مڙيو. هِن وردي لاهي ڦٽي ڪئي. نوڪري ڇڏي ميدان تي لهي آيو، غريب غربن جي مدد ڪرڻ لڳو. اهو سال 1927ع هيو. هيءَ سپاهيءَ مان سوشل ورڪر ٿي ويو.
مسڪين کي ڳوٿري ڪلهي ۾ يا ڪنهن آفيس جي در ٻاهران هوندو هيو يا ڪنهن اخبار جي در جي ٻاهران. ڪولهين ۽ ٻين غريب عرضدارن جا ڪٽڪ ساڻس گڏ هوندا هئا. وٺ وٺان ۽ هل هلان ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. وڏيرن ۽ ڪامورن کي مسڪين جي اها ڳالهه نه وڻي. کيس زنا جي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙايو ويو. هن سان گڏ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ کي به ڪوڙي ڪيس ۾ به اڙايو ويو. محترمه فاطمه جناح ۽ ڊاڪٽر خان به هن جي حق ۾ بيان ڏنا ۽ ڪامورن کي ضلع بدر ڪيو ويو. هن بنان ڪنهن متڀيد هر قوم ۽ قبيلي جي خدمت ڪئي. جبر جي هر قوت مان مهاڏو اٽڪايو. اهو ڪو ٺڪر هيو، ڪو وڏيرو هيو، ڪو پوليس وارو هيو، ڪو روينيو آفيسر هيو يا ڪو ٻيو هن اسيمبلين تائين ڊڪ ڊوڙ ڪئي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا.
هن جو پٽ مري ويو ته ان وقت هيءَ ميرپورخاص ۾ هيو. هن کي اطلاع ڪيو. هن کي خدمت خلق اجازت ڏئي ته ڳوٺ پهچي. چاليهن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ تڏي تي پهتو. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا ڀيل ڪولهي ۽ مينگهواڙ ڀڳوان چوندا هئا. مسڪين 70 سالن کن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.
[b]شيام داس جوشي
[/b]مٺيءَ ۾ ڪيترائي هندو ۽ مسلمان مڻيادار مرد آهن. نه صرف مٺيءَ ۾، پر پوري ٿر ۾ اڪيچار اڪابر ڦهليل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي خوبين کي مانُ ڏجي ۽ سندن علم ۽ فضل کي عام ماڻهن تائين پهچائجي. مٺيءَ ۾ رهندڙ هڪ عجيب ۽ مهاپرش شخصيت پروفيسر شيام داس جوشيءَ جي به آهي. پروفيسر معزز برهمڻ قبيلي ۾ 1930ع ۾ ڄائو. هن وقت سندس ڄمار 86 سال جي لڳ ڀڳ ٿيندي. پرائمري تعليم ۽ مذهبي تعليم به مٺيءَ ۾ ورتائين. ايگريڪلچر ڪاليج مان ايگريڪلچر ايڪانامڪس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. روينيو کاتي ۾ به نوڪري ڪيائين. ان جو امتحان R.Q.E (روينيو ڪُئاليفائينگ ايگزامينيشن) به ڏنائين، جنهن سان ڊپٽي ڪمشنر به ٿي سگهيو پئي. اها نوڪري ڇڏيائين ۽ ايگريڪلچر ڪاليج ۾ ليڪچرر ۽ پروفيسر ٿيو. آخر مٺيءَ ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. مٺي ڪاليج کي رت سَت ڏئي ڊگري ڪاليج بڻايائين. مٿس مذهبي متڀيد جا ڪوڙا الزام لڳائي، کيس نوشهري فيروز بدلي ڪيو ويو، جتان احتجاج ڪري وقت کان اڳ نوڪريءَ کان ريٽائرمينٽ ورتائين. جوشي صاحب هميشه پرجوش طبيعت جو مالڪ رهيو. هي ڌرمي طرح پڪو برهمڻ آهي. مذهبي پرچارڪ آهي ۽ پنهنجي ڌرم تي پوري ويساهه سان پڪو پختو آهي.
1947ع ۾ ورهاڱي کان جلد پوءِ انڊيا هليو ويو، پر پوءِ جلد ئي موٽ کاڌائين ۽ پاڪستان ۾ اچي يڪا ديرا ڄمايائين. مذهبي ماڳن جي ڏسڻ لاءِ هندستان ويندو رهيو آهي.
مٺيءَ ۽ ٿر جي ماڻهن جو عاشق آهي. مٺيءَ ۾ رهي ٿو. مون سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيس. بي حد عزت ڏيندو هيو ۽ ٿر جي بهتريءَ لاءِ ويچار ونڊيندو هيو. اپريل 2015ع ۾ مان وٽس مٺيءَ ۾ سندس گهر لنگهي ويس. مون کي ٻک وجهي ڳراٽڙي پائي جو اچي روئڻ ۾ ڇٽو ته بس ئي نه ڪري. مون کي به روئاڙي وڌائين. مون سان ڊاڪٽر پرڪاش ۽ ڪرشن شرما به گڏ هئا. ڪافي دير سندس حال احوال ورتم. ڪافي ڌرمي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب لکيا اٿائين. هن عمر ۾ به قلم سان وندر ڪري پيو. پنهنجي زندگيءَ تي ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني“ لکيو اٿس. پوري مني صديءَ جي ڪهاڻي آهي. هن ڪتاب جو تحفو مونکي به ڏنائين. سندس صحت ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ٿيلهيون چڙهيون پيون اٿس. انهن جي ٽيڪ تي هلي پيو. سندس پٽ، ڀائٽيا ۽ رشتيدار خدمت ڪن پيا. ڪو ملڻ وارو ٿو اچي، ته سرهو ٿو ٿئي. مان ڪلاڪ کن وٽس ويٺس، پر پوءِ به سندس دل چيو پئي ته آءٌ وٽس ويهان. پر سندس حال ڏسي اجازت وٺي آيس.
[b]صادق فقير سان آخري شام!
[/b]اها 8 ۽ 9 جنوري 2015ع جي وچ واري رات هئي. صادق فقير، سرڪٽ هائوس مٺيءَ ۾ پئي ڳايو:
ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي،
آءٌ سجدو انهيءَ کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي.
ڪلام پورو ڪيائين. ڪلام ڇا پورو ڪيائين، ڄڻ اسان کي ئي پورو ڪري ڇڏيائين. جديد سنڌي غزل ته صادق شوق سان ڳائيندو هيو. پوءِ ٻيا به ڪجهه ڪلام ڳايائين ۽ منهنجي پسند جو ادل سومري جو غزل ٻڌايائين:
تنهنجي گهر جي ڀرسان آهيان،
ڄڻ مندر جي ڀرسان آهيان.
هميشه وانگر منهنجي اکين جا بند ٽُٽي پيا. جڏهن به صادق اهو غزل ڳائيندو آهي ته اکيون ڇلڪي پونديون آهن. هُن جو گهر مندر جي ڀرسان ته ناهي، پر مسجد جي ڀرسان ضرور آهي. هي ساروڻيون هميشه منهنجي اندر کي جهير ڏئي ڇڏينديون آهن. کيس منهنجي ان ڪمزوريءَ جي خبر هئي.
حسن درس جي هڪ خوبصورت غزل جي نئين ڌن ڳائي ٻڌايائين:
پکي پرديس جا سورج پرن پيان لڙي ٿو پيو،
ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو..
واهه... حسن درس ۽ سندس ٻار ياد اچي ويا. آخر ۾ جڏهن ڳايائين:
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين ته روئي پوندين..
واقعي روئي پياسين.
مان مٺيءَ آيل هئس، اهل و عيال سان گڏ. پاڻ بُوڪ (ڪنهن پروگرام لاءِ) ٿيل هيو. کيس جڏهن منهنجو نياپو مليو. پنهنجا پروگرام رد ڪري گهوٽڪيءَ کان باءِ روڊ مٺيءَ پهتو ۽ شام جو منهنجي محفل ۾ سرن جي ورکا ڪيائين.
مان 5_8 سالن کان صادق کي ائين مُهان مُنهن ڪونه ٻُڌو هيو. هن نون ڪلامن جون ڌُنون ٺاهيون هيون. هن جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد ۽ لوچ شامل ٿي ويو هيو. سياري جي ان رات صادق پاڻ ملهايو.
ڳائڻ مهل هن جي ڀر ۾ نزاڪت صادق ويٺو هيو. صادق جي نظر ڪمزور ٿي وئي هئي. سندس پٽ کيس ڪلام جون اڳيون سٽون ٻڌائي رهيو هيو ۽ هي انهن کي ڳائي رهيو هيو. پوءِ جڏهن اسان جي فيملي، ڪرشن شرما جي فيملي ۽ حِنا اعظم ۽ صادق، ماني کائڻ ويٺاسون ته سندس کٿل وار ڏسي ۽ نظر جي ڪمزوريءَ جو محسوس ڪري کانئس پڇيم ته، ”صادق، عمر ڪيتري اٿئي؟“ چيائين ”سائين پنجاهه سال کن.“ اسان جيڪي نوڪرءَ ۾ رهيا آهيون، اهي اهو ئي خيال ڪندا آهن ته هر ماڻهوءَ جي عمر 60 سالن کان پوءِ ختم ٿي ٿي وڃي ۽ ماڻهو ڪم جو نه ٿو رهي. پر صادق ڀلي نوڪريءَ تان فارغ ٿي وڃي، پر ڳائڻ کان ته ريٽائر نه ٿيندو. اهو سوچي مان اندر ۾ کلي ويٺو هوس. چيم ”ماشاءَ الله اڃان تنهنجي صحت ٺيڪ آهي. اڃا ڳائڻ لاءِ تو وٽ وقت آهي. پنهنجي صحت جو خيال رکندو ڪر.“
جنوري 2015 جي رات اها منهنجي صادق سان آخري ملاقات هئي. هو 26 فبروريءَ تي ساڳئي سال مڪي پاڪ ۾ حادثي ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. افسوس موت کيس مهلت نه ڏني، ته پنهنجي فن جي اڃان به وڌيڪ خدمت ڪري ها.
[b]سچل، ساقي ۽ سارنگ
[/b]هي ٽي نالا ناهن، پر ٽي نسل آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ننڍي ڳوٺ جنجهيءَ مان اٿن ٿا ۽ پوري ملڪ ۾ سندن هاڪ ۽ سندن خوشبو ڦهلجي وڃي ٿي. هڪ کي خدا گهرائي ورتو، ان جو وقت پورو ٿي ويو. اهو پنهنجو وارو وڄائي هليو ويو. جڏهن ڪوئي ‘سچل’ جو نالو کڻي ٿو ته اسان کي ته هڪدم درازا وارو ‘سچو’ ٿو ياد پوي، جيڪو چوندو هيو ته:
‘مان جوئي آهيان، سو ئي آهيان،
ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي’.
پر هي به سچل پنهنجي پَر ۾ اهڙو نه ته پوءِ به اهڙو سچل آهي، جنهن جنجهي ڳوٺ جي آس پاس علم دانش، عقل ۽ فهم جي جوت جلائي. ماستر ٿيو، پرائمري اسڪول ۾ پڙهايائين. اوڙي پاڙي جا ٻار، پنهنجا پراوا، انهن کي گهر ۾ به رهايائين. سبق سيکاريائين. جيڪو ڀت پَلر وٽس هيو، ان سان سندن پيٽ ڀريائين. جڏهن اهي ٻار پرائمري پڙهي پيا، ته اچي آنڌ مانڌ لڳس، ته هاءِ اسڪول کلي! جيستائين هاءِ اسڪول کلي، تيستائين هن پنهنجي بدلي ڇاڇري ڪرائي. ڄام ۽ سلطان کي به اتي پڙهايائين، ۽ پاڻ به نوڪري ڪيائين!
پاڻ غريب ماڻهو! هڪ پٽ ڄام، ٻيو سلطان. پر جيڪو ڄام جو ۽ سلطان جو پيءُ هجي، اهو غريب ڪيئن ٿيو؟ سچ ته سچل نه عمل جو غريب هيو، نه دل جو غريب هيو. هن جي نظر ايندڙ وقت تي هئي. هن کي پنهنجو، پنهنجي اولاد جو ۽ ٿر جي مسڪين ماروئڙن جو آجپو صرف علم ۾ نظر پئي آيو. پنڌ پري هيو، پر ناممڪن ته ڪونه هيو. هو الله توهار ڪري، گس تي چڙهي پيو سڀني کي ساڻ کڻي. جنجهي ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول نيٺ کليو. ڄام ۽ سلطان به ميٽرڪ ڪئي. حيدرآباد جو پنڌ پڇيائون. ٻئي ڀائر ته وڃي پنهنجي ڪرت سان لڳا. پر جنجهي ڳوٺ ۾ ٿر جا ٻيا جيڪي عام جام سلطان ۽ ڄام هئا، ته انهن کي به ته سچل دڳ لائي نه!
سچل تي ته وڏو بار هيو ۽ سچل سڀ سنڀالي پنهنجي ڪلهن تي کنيو هيو. هو جيڪو 1928ع ۾ الهڏني جنجهيءَ جي گهر ۾ ڄائو هو. سچل آدرشي پيءُ ته هيو، پر آدرشي انسان به هيو ۽ هڪ اعليٰ خادم ۽ استاد به هيو. نالو ته سچل هيس، پر لطيف سائينءَ جو پارکو هيو. سچل 1944ع ۾ مينهن ٻائيءَ سان شادي ڪئي، شاديءَ کان پوءِ پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي گهر ۾ پڙهائي فائينل پاس ڪرايائين. زال کي ماستري وٺرائي ڏني، ٻنهي زال مڙس گهر ۾ ئي ڄڻ علم جي يونيورسٽي کولي ڇڏي ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڙهائڻ لڳا. اهڙا مثال اسان کي گهٽ ٿا ملن.
ان اسڪول ۾ سچل 1960ع ۾ انگريزي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. 1962ع ۾ اسڪول کي مڊل اسڪول جو درجو مليو ۽ 1979ع ۾ اهو هاءِ اسڪول ٿيو. سچل هميشه 30 کان 40 تائين ٻار رهائيندو هو. ڪي پنهنجي گهر ۾ ڪي مٽن مائٽن جي گهرن ۾. پاڻ پاڻي به کوهه تان ڀري ايندو هيو، کين پڙهائيندو به هيو. پاڻ ۽ مينهن ٻائي ٻارن جي سار سنڀال به لهندا هئا. مينهن ٻائي هڪ پير کان لاچار هوندي هئي، پر پنهنجي فرض ۾ ڪمي اچڻ نه ڏنائين، سندن ٻئي پٽ ته پڙهيا، پر ڌيءَ مارئي به پڙهي پئي، اها به استاد بڻي. راڄ ڀاڳ جا هزارن ۾ ٻار پڙهي پيا. اهي هينئر ٻار ته نه آهن، پر انهن جا ٻار به ٻار نه آهن. “سهيل سانگي”، سائين سچل جو ڀائٽو ٿيو، ان تي به سندس پاڇو پيل آهي.
سچل صرف استاد ٿوروئي هيو. هن کان ماڻهن جا ڏک، سور، اهنج ايذاءَ ۽ بيماري سيماري ڏٺي نه ٿيندي هئي. هن ڇاڇري واري ڊاڪٽر ڪيشولال کان سکيا وٺي. ماڻهن جو علاج به شروع ڪيو. ڳوٺن ۾ پاڻ پنڌ ويندو هيو ۽ بيمارن جو دوا درمل ڪري ايندو هو.
جن ماڻهن کي پٽيل يا چڱا مڙس ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائيندا هئا، سچل انهن جي به رهنمائي ۽ پئسي ڏوڪڙ سان مدد ڪندو هيو.
1962ع کان ڄام ساقي هن جي پاڇي ۾ اچي ويو. ڄام ڀڄ ڀڄان... ۽ غيبات سندس ڪڍ... هي ته غيبات کان به ڏاڍو... ان ڀڄ ڀڄان ۾ ڪڏهن مولوي عبدالڪريم ته ڪڏهن ڪو ٻيو ڪردار... ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾ ...
ان وچ ۾ اهو هُل هليو ته ڄام کي به ڦاهي ملي وئي آهي. ٿر جي لڪڙتار ذريعي سندس گهر واري سکان ٻائيءَ کي به سڌ پئي. هن به ڪئي هم نه تم... ڳوٺ جي اونهي کوهه ۾ کڻي ٽپو ڏنائين... مري وئي.
پڄاڻان پرين، ڏجي باهه ڀنڀور کي...
هونءَ وٽس ڄام ڪهڙو ويٺو هيو... پر اها ته خبر هيس ته زندهه آهي. نيٺ وٽس ورندو. سکان سَتي ٿي وئي!
سچل جا سُور وڌي ويا. ڄام ۽ سُکان جا ٻار، سجاد ظهير ۽ بختاور ماءُ جي پاڇي کان محروم. سچل هاڻي هنن جو پيءُ به ماءُ به. پر وقت کيس جهوري رهيو هيو. آخر ڳري ڳري مري ويو. سال 1991ع جي آخري ڏينهن تي حيدرآباد ۾ دم ڏنائين. سچل جي لاءِ سندس مئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا نه اڀري ته ڇا. سندس پوين ته وڃي حيدرآباد وسايو هيو. سچل کي به حيدرآباد ۾ دفن ڪيائون.
سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ٻڌون ته، ڄام ساقي، ڄام ساقي.... جمهوريت لاءِ ويڙهاند لاءِ ٻڌون ته ڄام ساقي ڄام ساقي... غريبن جي حقن لاءِ ٻڌون ته ڄام ساقي ڄام ساقي... ڄام ساقي ۽ ٻين ويڙهاند ڪندڙ سنڌين جي ذات ڄڻ ديوالائي ڪردار هئا. انهن جي جدوجهد، مڙسيءَ ۽ حڪومت سان ويڙهاند جا قصا، اسان لاءِ ته ڄڻ ڪهاڻيءَ جي روزانو جي قسط هئي، جيڪا آهستي آهستي کُلي رهي هئي ۽ اسان ٻڌي رهيا هئاسون، پر انهن سڀني ڪردارن ۾ ٿر جو هي جوڌو روپلو ڪولهي، جيڪو ڌارين ۽ انگريزن سان سوڍن ۽ ننگر جي ڪولهين سان مقابلن جو امين هيو. اهو ڄڻ انهن ڪردارن جو روپ وٺي تروٽ، اسٽئنلي ريڪس ۽ ٻين انگريزن سان عملي جنگ جوٽيندي جوٽيندي الائي جي ڪٿان کان ڪٿي ٽائيم فريم ۾ پهچي ويو هيو.
انگريزن ته کيس ڦاسي ڏئي سندس انت آندو، پر پنهنجن ڪارن صاحبن نه کيس مرڻ پئي ڏنو، نه جيئڻ. هن لاءِ جيل سجايا ويا، عقوبت خانن ۾ نوان نوان هٿيار تکا تيز ڪري هن تي آزمايا ويا!
جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا وہ شان سلامت رہتی ہے،
یہ جان تو آنی جانی ہے، اس جان کی کوئی بات نہیں۔
ڪيترا ڏينهن ڪيترا سال ڄام، جيل ۽ عقوبت خانن ۾ رهيو. ساڻس ڇا ڇا وهيو واپريو. چيو ويو ته هو پاڪستان جو نمبر ون دشمن ۽ خطرناڪ مجرم آهي. پاڻ ڪڏهن مولوي عبدالڪريم ٿي ويو ته ڪڏهن مولوي عبدالعزيز. شايد آخري ڀيرو حيدرآباد مان ڪنهن دوست جي گهر مان نڪتو ته جهلجي پيو. وري جيل ۽ سختيون، ڊگهو عرصو جيل ۾ رهيو. ٻين ‘مرغن’ کي به هن جو ‘ساٿي’ هجڻ جي ڏوهه ۾ جهليائون، جن ۾ سهيل سانگي ۽ بدر ابڙو به هئا. جن به جيل ڀوڳيو، پر رچي ريٽا ٿيا.
مليٽري ڪورٽ ۾ محترمه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي به بچاءَ جي شاهد طور پيش ڪيو ويو. انهن کي به سياسي ڳالهين لاءِ پليٽ فارم ملي ويو. جڏهن آخري ڀيرو ڄام ساقي جيل مان نڪتو، ته هو جسماني ۽ ذهني طرح مفلوج هيو. کيس سهيل سانگي ساڻ وٺي پرڏيهه مان علاج ڪرائي آيو. پر ڄام ساقي اهو ڄام نه هيو، جيڪو ارڏو ۽ مٿي ڦريل ڄام هيو. جسم مان به توانائي گهٽ ٿي وئي.
ڄام عقلمندي ڪئي. پ پ جو ايڊوائيزر ٿيو. هاڻي ننڍڙي گهر ۾ ‘اندوءَ’ پنهنجي زال، چئن ٻارن سان رهي ٿو. انهن مان هڪ نياڻي ته پرائي ٿي وئي. ٻي به تيارين ۾ آهي. پاڻ کٽ ڀيڙو آهي، نظر در تي آهي. ڪوئي آئيگا. اهو ‘ڪوئي’ اچي ٿو ته سرهو ٿئي ٿو. ڊگهي ڪچهريءَ لاءِ.
منهنجا ڄام سان ويجها لاڳاپا 2001ع ۾ ٿيا، جڏهن ڪمشنر حيدرآباد هئس. حيدرآباد ڪلب ۾ فئمليءَ لاءِ هڪ شام غزل پروگرام رٿيو هيوسين. جتي حيدرآباد جون ٻيون فئمليز آيون هيون، اتي ڄام صاحب به پنهنجي فئمليءَ سان آيو هو. ملاقات ٿي، پوءِ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ڄام جي وڏي گهر واري سکان ته کوهه ۾ ڪِري وڃي سُکي ٿي. پر جڏهن ڄام سياسي هلچل مان واندو ٿيو ۽ سندس حال به هيڻو ٿيڻ لڳو ۽ مسلسل ڪنهن پرگهور لهڻ واري جي ضرورت محسوس ٿيس ته سندس دوست ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي پنهنجي ڌيءَ اندو، اندرا، اختر پروين جي ساڻس شادي ڪرائي ڏني. اندو ان وقت مشڪل سان 12 سالن جي هئي. ڄام پڪو پختو هيو. شابس آ قاسمي صاحب کي ۽ وڏي شابس آهي اندوءَ کي، جو اڃا تائين ڄام کي واقعي مجازي خدا سمجهي نباهي رهي آهي. ان سفر ۾ هوءَ ارباب حڪومت ۾ ‘اغوا’ جي ڪيس ۾ ڪيترا ڏينهن جيل ۾ رهي. دل جو درد به پرايائين. مرڻ کان بچي وئي. ڄام جي زال هجي ۽ جيل جو مزو نه وٺي!
سارنگ تڏهن ننڍڙو هيو. هاڻِ ته ماشاءَ الله جوان جماڻ آهي. ڄام کان به ڊگهو ٿي ويو آهي. گهاٽي ڏاڙهي، ڪاريون مڇون، صفا مرد ماڻهو. جڏهن مون سان ملي ته چئي “ڪامريڊ ...” مون کي چڙ لڳي، مان چوانس “چاچا چوندو ڪر.....” پوءِ وري جڏهن ٻيهر ملي ته چئي “ڪامريڊ .....” مان وڌي وڃي سندس وات تي هٿ رکان.... اهو لفظ مون کي ڏاڍو اوپرو لڳندو آهي. “ڪامريڊ....”
جڏهن آخري ڀيرو مليو ته چوڻ لڳو “چاچا ڪامريڊ”. مان محسوس ٿو ڪريان ته سڌارو اچي رهيو آهيس... هاڻي ته ذميوار آهي. پيءُ جو خيال ڪري ٿو. والده جو ۽ ڀينرن ڀائرن جي سنڀال ڪري ٿو ۽ پيءُ جي دوستن سان اٿي ويهي ٿو ۽ پير ڀري ٿو. ڇا سارنگ سڀاڻي جو سچل يا ساقي ٿيندو؟ اسان جي کيس دعا آهي.
[b]مائي ڀاڳي
[/b]مائي ڀاڳي ٿر، سنڌ ۽ پوري ملڪ جو ڀاڳ هئي. مارئي جي ميلي ۾ 1967ع ڌاران سندس دريافت ٿي. اڳ ۾ هيءَ بلڪل هيرو هئي. جڏهن ميلي ۾ ڳايائين ته املهه موتي ثابت ٿي. مير محمد بخش خان ٽالپر ريڊيو تي وٺي آيو. اتي ڳايائين ته وڻ وڄائي ڇڏيائين. ٿر، لوڪ گيت ۽ مائي ڀاڳي يڪ جان هئا. جڏهن کاٻو هٿ ڪَنَ تي رکي اَلا ڪندي هئي ته وڻ وڄائي ڇڏيندي هئي. ڪڙڪيدار آواز نه اسپيڪر جي ضرورت نه ميوزڪ آرڪيسٽرا گهربل. سنڌ لوڪ گيت ته گهر گهر ۽ محفل محفل، ميلي ميلي ۾ ڳائجڻ لڳا.
ڀٽ جا ڀٽائي........
سمن سائين..........
کڙي نيم ڪي نيچي...........
سمن سرڪار جي اڀر سنڌ جي گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هئي. پوءِ جڏهن مائي ڀاڳيءَ جو ڪلام ٻڌائون ته کين خبر پئي ته سمن سرڪار ڪٿي جو آهي. مان جڏهن ٿر ۾ هيس ته هڪ ڀيرو ارباب فيض محمد ايم پي اي سان گڏ سمن سرڪار جي ميلي تي به ويو هيوس.
مائي ڀاڳيءَ کي پيا ٻڌندا هئاسون ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي سنڌ جي ٻهراڙين جي عام سادي عورت لڳندي هئي. نه لپ اسٽڪ، نه هار، نه سينگار اجرڪ يا ڪا چادر مٿي تي، هٿ ڪن تي، سادا ڪپڙا، اَلو ميان
مان کيس روبرو 1980ع ۾ کپرو ۾ ڏٺو. ڪنهن فنڪشن ۾ آيل هئي. ٻئي ڏينهن منهنجي گهر وارن جي خواهش تي کيس ۾ گهر دعوت ڏني. آئي، ٻارن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلام ٻڌايائين. منهنجي گهرواري ڪجهه لٽا ڪپڙا ۽ خرچي ڏني هئي. مائيءَ کي صدر صاحب جي طرفان پرائيز آف پرفارمنس مليو ۽ ٻيا به ڪيترائي ملڪي ايوارڊ مليا.
2007ع ۾ جڏهن مان سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو سيڪريٽري هيس ته اسان ڪجهه انعامن جو اجراءُ ڪيو هيو. جنهن ۾ ”لوڪ گيتن“ ”لوڪ فنڪار“ جو ايوارڊ به هيو. اهو ايوارڊ متفقه طور بنان ڪنهن ٻي سوچ جي مائي ڀاڳيءَ کي ڏنو ويو. ان ايوارڊ سان ڪيش رقم هڪ لک رپيه به شامل هئا.
ان وقت ”مائي ڀاڳي“ گذاري وئي هئي. سندس اهو ايوارڊ سندس مائي ڀاڳيءَ جي ڌيءَ مائي سوني ۽ ڪالو فقير کي ڏنو ويو هو. کين هڪ تقريب ۾ چيف منسٽر ارباب غلام رحيم ڏنو.
1980ع وارو ڏهاڪو هيو جڏهن مائي ڀاڳيءَ پنهنجي مشهوريءَ جي آسمان کي ڇهي رهي هئي ۽ ٽينا تاني، جيئن اڀرندڙ غزل گرڳائيندڙ طور پنهنجو نالو پيدا ڪري رهي هئي.
عبدالقادر جوڻيجي جي مقبول تر ڊرامه سيريل ڪاروان ۾ ان جي ليکڪ ۽ پروڊيوسر مائي ڀاڳيءَ جي ڪلام:
کڙي نيم ڪي نيچي..........
ٽينا ثانيءَ کان مختلف ڌن سان ڳارايو، ان ڪلام ٽينا ثانيءَ کي راتو رات پوري ملڪ ۽ پوري ملڪ کان ٻاهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ ڪاروان ڊرامي ۾ به چار چنڊ لڳي ويا.
مائي ڀاڳي ٿر کي نئين سڃاڻپ ۽ ٿري، مارواڙي ۽ سنڌ لوڪ ڪلامن کي نئين سري سان متعارف ڪرايو. رهندڙ دنيا تائين سندس نالو رهندو. هوءَ 7 جولائي 1986ع ۾ فوت ٿي وئي.
[b]قسمت جو حال: موت يا زندگي
[/b]انسان پنهنجي آئنده لاءِ سوچڻ ۽ ڄاڻڻ لاءِ متجسس رهيو آهي. ان لاءِ نجومي، هٿ ڏسڻ واري، ستارن جو علم ڄاڻڻ لاءِ ۽ پيرن فقيرن ۽ ٻين ٽوڻن ڦيڻن وارن کان پڇائون ڪندو رهندو آهي. وڏا وڏا ليڊر جيڪي ملڪن ۽ قومن جي فيصلن ڪرڻ جو به اختيار رکندڙ آهن، اهي به ڪو اهم قدم کڻڻ کان اڳ ۾ انهن جي نتيجين کان واقفيت رکي، پوءِ ڪجهه ڪندا آهن. انهن ۾ محترمه بي نظير ڀٽو ۽ سندس اعليٰ لياقتن وارو پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شامل هئا.
ٿر ۾ اهڙا جوتشي ۽ مهراج تمام گهڻا آهن، جيڪي جنم ڪُنڊليون ٺاهي، ڪنهن به انسان جي حياتيءَ جو اڳيون پٺيون حال احوال لکي ڏيندا آهن. انهن جو اهو علم ستارن جي علم ۽ حساب ڪتاب تي مشتمل هوندو آهي. انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ان حساب ۾ صحيح انگ اکر وجهجن ته حساب ڪتاب به صحيح هوندو. انهن جو نتيجو به صحيح هوندو.
مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ به ڪن اهڙن مهراجن جو ذڪر ٻُڌڻ ۾ آيو. منهنجو پي. اي اڀيمنو مهراج پاڻ به مهراج خاندان مان هيو. منهنجي چوڻ تي پنڊت پونمچند کي مون وٽ وٺي آيو. ستر سالن جي عمر کان وڏو هيو. سڄي عمر ان حساب ڪتاب ۾ لڳي وئي اٿس. مون به هن سان مشورو ڪيو. هن منهنجي والده جو نالو پڇيو. ڄمڻ جي تاريخ ۽ وقت پڇيو. ان کي پنهنجي علم جي حساب سان مختلف خانن ۾ ويهاريو ۽ مون کي چيو ته ان جو تفصيل سان زائچو ٺاهي مون کي ڏيندو. منهنجو ان علم تي ڪجهه ڀروسو آهي ۽ ڪجهه ناهي به. جيڪڏهن ڊاڪٽر سٺو آهي ته دل جو آپريشن صحيح ڪندو، پر جي ڊاڪٽر ڪٿي ڀُل ڪئي يا مريض صحيح مرض جي تشخيص ۾ ڊاڪٽر سان تعاون نه ڪيو، يا ٽيسٽ ڪرڻ واريون مشينون خراب هونديون ته پوءِ مريض ئي چٽ ٿي ويندو. ماضي ته انسان جو گذري ٿو وڃي، پر مستقبل جي حساب ڪتاب کي پنهنجي مٿان سوار نه ڪرڻ گهرجي ته هروڀرو جيڪو زائچي ۾ لکيل آهي، اهو ئي ٿيندو. ڪي ماڻهو ته صبح جو اخبارن ۾ جيڪو اسٽار جو ڪالم ڏنل هوندو آهي، پهريان اهو پڙهندا آهن، پوءِ ڏينهن جي شروعات ڪن ٿا. پر ايڏو وهمي نه ٿيڻ گهرجي.
پر اهو تماشو مون به ڏٺو. مهراج صاحب خانن ۾ ورهائي، جنم ڪنڊلي ٺاهي ڏني. هن جي تيار ٿيل جنم ڪنڊلي پنجن صفحن تي مشتمل اچي ملي. حيران ڪندڙ انڪشافات هئا. ماضيءَ جون ڪافي حقيقتون درست بيان ڪيل هيون ۽ ڪجهه هن جا مستقبل لاءِ اشارا هئا.
آئنده لاءِ هن جا ٻه ٽي ڳالهين لاءِ واضح اشارا هئا. جن ۾ اهو به اشارو يا تت هيو ته منهنجون ٻه شاديون ٿينديون. اولاد جيتري هئي، ان کان ٻه ٻار وڌيڪ ٿيندا. منهنجي رومانٽڪ طبيعت جو به ذڪر هيو. منهنجي ذهانت، سادگيءَ ۽ اسٽريٽ فارورڊ هجڻ جو به ذڪر هيو. ايندڙ وقت ۾ ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ذڪر هيو. پئسي جي تنگيءَ جو ته ذڪر هيو، پر اهو به هيو ته ايتري تنگي نه ٿيندي، جو لاچاري محسوس ٿئي. عهدا سٺا ملندا. خيال ۽ خبرداريءَ سان هلائيندؤ ته سوسائٽيءَ ۾ مانُ ۽ مرتبو ملندو. دوست نما دشمن کان، جيڪي خاندان ۽ دوستن ۾ هوندا، انهن کان نقصان رهندو. هن وقت جنم ڪنڊلي مون وٽ موجود نه آهي. ڪوشش ڪيم ته ڳولهيان ۽ ان جا اهم حصا هتي جيئن جو تيئن نقش ڪريان، پر نه ملي سگهي.
جنم ڪنڊليءَ ۾ منهنجي زندگيءَ لاءِ، بيمارين لاءِ به اشارا ڪيل آهن. بيماريون گذري ويون ۽ موت جا ٽي موقعا به گذري ويا. چوٿون موقعو هن سال لاءِ لکيل آهي. موليٰ مالڪ آهي.
ٻيو جيڪو حيران ڪندڙ انڪشاف هيو جنم ڪنڊليءَ ۾، اهو هيو ته، منهنجي پٽ انيس جي شادي 22 سالن جي عمر ۾ ٿيندي. مون پهرين شادي 23 سالن جي عمر ۾ ڪئي هئي. پر اهو ٻيو زمانو هيو. انيس 1992ع ۾ 16 سالن جو هيو ۽ انٽر ڪري رهيو هيو. اهو پڙهي مون کان کِل نڪري وئي هئي. مهراج ڪنهن به شيءِ جو مثبت يا منفي ردعمل نه ڏيکاريو. هن چيو غلط يا صحيح منهنجو فيصلو ناهي، اهو ته پستڪن ۾ جيڪو لکيو پڙهيو حساب آهي، ان موجب حساب ڪتاب ڪيو آهي.
ٿر مان بدليءَ کان پوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ عجيب و غريب لوڏا اچڻ شروع ٿي ويا هئا. مان اڳ ۾ ئي ڪافي حساس ۽ جذباتي ٿي ويو هوس، پر مائٽن جا رويا اهڙا پيا ٿيندا وڃن، جو مونکي وڌيڪ رنج تڪليف ۽ پنهنجي بي وسيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو. جنهن ۾ منهنجي ڪمي يا ڪو ڏوهه ڪونه هيو.
ڪراچيءَ ۾ اسان جي هڪ cousin جي شاديءَ کي 25 سال ٿي ويا هئا. انهن پنهنجي شاديءَ جي سلور جوبلي ملهائي. هنن مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي دعوت نه ڏني. پتو پيو ته هنن جو خيال هيو ته اها منهنجي بدنصيبي هئي، جو منهنجي گهر واريءَ جو انتقال ٿي ويو هيو. تنهن جي ڪري منهنجي منحوسيت جو پاڇو پاڻ تي ۽ پنهنجي سُکئي ستابي زندگيءَ تي نه پئي وجهڻ چاهيو. ان سوچ ڪيترن مهينن تائين مون کي بي چين ۽ ڏکويل رکيو ته هن دور ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، اها سوچ رکندا هجن. افسوس جي ڳالهه آهي. ان کان سواءِ مان خاندان ۾ اٿڻ ويهڻ کان نٽائڻ لڳس. مان مٽن مائٽن کان ڪٽجڻ لڳس. مان جهڙي حساس ماڻهو، جنهن سڄي زندگي ڪٽنب سان گڏ گذاري هجي، ان لاءِ اها صورتحال تڪليف جو سبب هئي.
رومانٽڪ ٽيليفون، عشق و محبت جا قصا، جيڪي ته مون سان ڦوهه جوانيءَ ۾ به ڪونه ٿيا. هڪدم ڇوڪرين کي مون ۾ ڪشش نظر اچڻ لڳي. مون ۾ ڪي سرخاب جا پَر لڳي ويا آهن ڇا؟ اصل ۾ منهنجي جواني ۽ حُسن نه، پر منهنجي عهدي جي جواني ۽ حسن سندن لاءِ ڪشش جو باعث هيو. اها ڳالهه مون سمجهي ورتي هئي. اهو ئي دور هيو، جڏهن مون پيئڻ وڌائي ڇڏيو هيو. منهنجي صحت، مزاج، ذات ۽ شخصيت متاثر ٿي رهي هئي.
نه ڪا جهل نه پل... نه ڪو پڇڻ وارو هيو، نه ڪو ڪڇڻ وارو هيو. ڪو ته اهڙو هجي ها، جيڪو منهنجو حال ڏسي ها ۽ پڇي ها! بس آءٌ مرضيءَ جو مالڪ هئس. ان وقت مون سنجيدگيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو، ته اهڙو ساٿي هجي، جيڪو مون کي سنڀالي به، سڌاري به، قابوءَ ۾ به رکي. ساٿ به ڏئي، راهه راست تي به هلائي، ٿاٻو اچي ته ٽيڪ به ڏئي ۽ سهارو به ڏئي، منهن ڀر ڪرڻ کان بچائي به وٺي.
کوئی تو ہو٬ جو میری وحشتوں کا ساتھی ہو۔۔۔
مون ٻي شادي ڪئي. مون کي عزيز فاطمه کرل ۾ اهڙا ڳڻ محسوس ٿيڻ لڳا. شاديءَ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته سودو سڦل ڪيو اٿم. هوءَ منهنجي توقعات کان وڌيڪ ساٿياڻي ۽ سنڀاليندڙ ثابت ٿي آهي. سندس ڪهڙي ۽ ڪيتري تعريف ڪريان! ٻه پٽ به ڄاوا! محمد عريس (1997ع) ۽ علي حميس قادر (2000ع).
[b]سالن کان پوءِ وري ٿر ...
[/b]مان 8_7 جنوري 2015ع تي مٺي ۽ ٿر جي شهرين جي دعوت تي ٿر ويس. مون سان منهنجي گهر واري، جيڪا تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي، ۽ ٻئي پٽ به گڏ هئا. ڪارونجهر هال مٺيءَ ۾ تقريب رکي وئي هئي. منهنجي ٿر جي پروگرام کي ڪرشن شرما ڪوآرڊينيٽ ڪري رهيو هيو. حنا اعظم به منهنجي فيمليءَ کي ڪمپني ڏني. اسان عمرڪوٽ، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر کان ٿيندا، 7 جنوريءَ جي رات جو مٺي پهتا هئاسون. 8 جنوريءَ تي شهرين جي طرفان رسيپشن ۾ وياسون. اهو ٿر جي ماڻهن پاران 22 سالن جي وقفي کان پوءِ هڪ سابق ڊي سي ٿر کي ايترو مان سمان ڏنو پئي ويو. شهر جا چونڊ ماڻهو اچي مڙيا هئا. هال سڄو ڀريل هيو. صحافي، دانشور، اين جي اوز جا ڪارندا، سابق ڪائونسلر ۽ چيئرمئن ۽ ناظم، شاگرد ۽ استاد ۽ شهر جا معززين ۽ آفيسر اچي گڏ ٿيا هئا. اجرڪ ۽ لوئيون مون کي ۽ منهنجي گهر جي ڀاتين کي ڍڪايون ويون. منهنجا ٻه نوجوان پٽ جن اهو مانُ سمانُ پهريون دفعو ڏٺو هيو. اهي ڏاڍا لطف اندوز ٿيا. پنهنجي پيءُ جي ايتري عزت ٿيندي ڏسي کين ڏاڍي خوشي ٿي. هنن کي خوش ٿيندو ڏسي مون کي ۽ سندن ماءُ کي به ڏاڍي خوشي ٿي. ڪافي حاضرين تقريرون ڪيون ۽ پنهنجن حوالن سان مون سان گهاريل گهڙين جي ساروڻين کي دهرايو. ڪيتريون ته اهڙيون ڳالهيون هيون، جيڪي مون کان به وسري ويون هيون.
پوين 22 سالن ۾ جيڪي ننڍا ٻار شاگرد هئا، اهي به ٽيهن سالن کان ٽپي ويا هئا. پرڀو ستياڻي، جيڪو پوين سالن ۾ واشنگٽن ۾ هيو، ۽ هينئر ٿر موٽيو آهي. ان به ان دور جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن هو ۽ سندس ساٿي مون کان اچي بيٽ بال وٺي وڃي ڪرڪيٽ کيڏندا هئا.
ماتورام ڀڳت، جيڪو پوئين وقت ۾ مٺيءَ جو ناظم هيو. 22 سال پراڻيون يادون دهرائيندي ٻڌايو ته مان به ساڻن گڏجي هولي ملهائيندو هوس.
ڪملا آپا، جيڪا سڀني جي آپا بڻيل آهي. تعليم کاتي ۾ صالحه صديقيءَ سان گڏ تعليمدان هئي. هن ان وقت کي دهرايو ته جڏهن 1992ع ۾ بابري مسجد جو سانحو ٿي پيو، پر اسان عوام سان ملي جلي اهو مرحلو خير خوبيءَ سان گذاريوسون ۽ هندو جاتيءَ کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهتي. صالحه ته هئي ميرپورخاص جي، پر هن گريس فل عورت به ٿر وارن سان ڳن ڏنا ۽ ٿر جي ٻارن جي تعليم جي کيتر ۾ وڏي ڊگهي وقت لاءِ خدمت ڪئي. هيمنداس ان پروجيڪٽ جي يادن جو ذڪر ڪيو، جيڪو مون شهرين جي لاءِ هائوسنگ سوسائٽيءَ وارو ڪم شروع ڪيو هيو. جنهن جو پاڻ سيڪريٽري هيو. ٻڌايائين ته زمين ته موجود آهي، پر وڌيڪ پيش رفت نه ٿي آهي. کاٽائو جاني ان موقعي تي اهو ذڪر ڪيو ته، مون ڪيئن پريس ڪلب مٺيءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو هيو ۽ کين هڪ پلاٽ ڏنو هيو.
ڀارو مل امراڻيءَ چيو ته ‘ٿر- سيمينار’ جي موقعي تي جيڪا دستڪارين جي نمائش لڳائي وئي هئي، اها قابل داد هئي. ٿرديپ جي ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار بختاڻي، ٿرديپ جي ڊائريڪٽر ۽ ٿنڪ ٽئنڪ، چيو ته منگي، سنڌ جو دوست آهي. هن هر طرح ڪوشش ڪئي آهي ته غريب ماڻهن جي تڪليفن کي دور ڪري. ساجن چاري ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته منگي پنهنجي وقت ۾ اين جي اوز کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ سندن مدد ڪئي. حاجي محمد دل هڪ جهوني تعليمدان ۽ سماجي اڳواڻ ان تي زور ڏنو ته سماجي اڳواڻ ۽ ميڊيا ماڻهن جي سجاڳيءَ لاءِ ڪم ڪن، جيئن عبدالقادر منگيءَ پنهنجي وقت ۾ ڪيو. انهن کان سواءِ ڪيلاش لوڊا، ماما وشن ٿري، جئه پرڪاش، اوڀايو جوڻيجو، شنڪر ساگر، پرتاب شيواڻي، ڪرشن شرما ۽ دولترام کتريءَ ڳالهايو.
ڪرشن شرما چيو ته، منگي صاحب اسان جوانن جو رول ماڊل رهيو آهي. جيڪي گس هو اسان کي ڏيکاري ويو آهي، انهن تي هلڻ ۾ ئي ٿر جي ماڻهوءَ جو آجپو ۽ ترقي مضمر آهي.
پريم شِواڻي، جنهن سان منهنجو گهڻو وقت، ويجهڙائپ سان ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گذريو هيو. مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو ۽ سڃاڻيندو هيو ۽ منهنجو عاشق هيو. پريم، انگريزي سٺي لکي ۽ ڳالهائي ڄاڻندو آهي. سينيئر استاد هيو. منهنجي همت افزائي ڪرڻ تي هو ڊان جو نمائندو ٿي ويو ۽ انگريزي پڙهندڙ ماڻهن ۽ ٿر جي مشڪلاتن جي وچ ۾ سفير جو رول ادا ڪيائين. اهڙا پاڻ ارپڻ وارا ماڻهو هن سوسائٽيءَ ۾ گهٽ ملندا. هو جهونو ٿي ويو هيو. چيلهه ۾ به سور هئس. رسيپشن ۾ آيو ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ ويٺو رهيو ۽ ساروڻين تي ٻڌل هڪ ڊگهي تقرير ڪيائين، جنهن ۾ منهنجي حاصلات جو به ذڪر هيو ۽ هلڪي هلڪي طنز به ڪندو ويو. ٿر جي ڊگهي سفر ۾ مان پريس کي وٺي هلندو هوس، جنهن ۾ ڪرشن شرما ۽ پريم شواڻي مستقل سفر جا ساٿي هوندا هئا. پريم شواڻي، اپريل 2016ع ۾ ديهانت ڪري ويو آهي.
شهرين سان لنچ کان پوءِ پريس ڪلب ۾ چانهن پيتم.
شام جو ريڊيو مٺيءَ تان لائيوِ پروگرام ڪيو. جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن فون تي رابطو ڪيو ۽ اڪثريت ته اهو به چيو ته توهان ڪوئي طريقو ڪڍو، هتي وري ڊي سي ٿي اچو.
ٻئي ڏينهن صبح جو اسان جو ننڍڙو قافلو ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿي ويو.
موهن ڀڳت جي گهر وٽان گذرياسون. هن جي گهر مان دونهون اُٿي رهيو هيو. پر هن دفعي مون کي سندس رياض جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو.
سرتيون اوهين ته وڃو ڙِي وڃو لا،
منهنجو ڙي ليک لڪن سان...!
اسان جِي گاڏي، مٺي- ونگي موڙ جي نئين ٺهيل روڊ تي تيزيءَ سان اڳيان اڳيان وڌندي پئي وئي.