آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

11. مارچ 1995ع کان نومبر 1996ع

[b]خيرپور جا ڏينهن رات- ڊي سي خيرپور
[/b]مان سعيد احمد صديقيءَ، چيف سيڪريٽري وٽ ڪال آن ڪرڻ ويس. مون کي ڏسي مسڪرايائين ۽ مبارڪ ڏنائين. وڌيڪ ٻڌايائين ته منهنجي Posting پي ايم صاحب جي ليول تي طئي ٿي آهي. خيرپور سياسي ڳڙهه آهي. ڪنهن ها پئي ڪئي ڪنهن نه پئي ڪئي. تنهنجي ڪم جو ذمو مون کنيو آهي. نااميد نه ڪجانءِ. سڀني کي بئلينس ڪري سمجهداريءَ سان هلجانءِ. صبحاڻي وڃي چارج وٺ، دير نه ڪر. مان سندس ٿورا مڃي نڪري آيس. شريف صاحب سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر شريف ميمڻ صاحب کان موڪلايو. پنهنجي ٽيبل جا خانا خالي ڪيا. پنهنجي اسٽاف کي خدا حافظ ڪيو. سندن تعاون جا ٿورا مڃيا. کين خيرپور ۾ منهنجا مهمان ٿي اچڻ جي دعوت ڏني.
پنهنجي گرو K. B. Rind سان اسلام آباد ۾ ڳالهائي کيس احوال ڏنو هن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. مون کي هدايت ڪيائين:
“ڪنهن کي به ناراض ڪرڻو پئي ته ناراض ڪجانءِ پر ڪنهن به صورت ۾ پير صاحب پاڳاري کي ناراض نه ڪجانءِ.”
رند صاحب کي 1977ع ۾ PNA جي تحريڪ ۾ سانگهڙ جي AC/SDM جي دور جو تجربو هيو. سانگهڙ ۾ گوڙ گهمسان ٿيو. رند صاحب کي حڪم مليو ته نظاماڻي حويليءَ تي فائرنگ ڪراءِ. رند صاحب جواب ڏئي ڇڏيو. مٿس پريشر وڌندو ويو، پر سندس انڪار برقرار رهيس. رند صاحب، CM جتوئي صاحب کي سڄي صورتحال جي خبر ڏني. جنهن به کيس فائرنگ کان منع ڪئي.
پنهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق هو مون کي منع ڪري رهيو هيو. پر زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترا موقعا آيا، جنهن ۾ مون کي ‘انڪار’ ڪرڻو پيو. ڏکيائي ته ٿئي ٿي، پر اڳتي هلي ماڻهو گهڻن مصيبتن ۽ ضمير جي بار کان بچي ٿو پوي. اهو انڪار جو گُر مان عبدالله ميمڻ ۽ ڪي بي رند صاحب کان سکيو. پريشر ۾ غلط فيصلو نه ڪرڻ انتظاميا جو هڪ وڏو ڪاميابيءَ جو ڳڻ آهي. جنهن لاءِ بي انتها همت ٿي گهرجي.
خسرو پرويز خان سان ڳالهايم، جيڪو خيرپور جو ڊي سي هيو ۽ جنهن جي بدلي ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ ٿي هئي. هن چيو ته “سڀاڻي ڀلي اچو، پر خيرپور ۾ اُڄڻ، ڪليري برادرين جو جرگو رکيل آهي، مان ان ۾ بطور ڊي سي شرڪت ڪرڻ ٿو چاهيان. توهان به اچي جائزو وٺو. توهان کي شام جو چارج ڏيندس.”
ٻي فون ڪمشنر سکر ڊويزن محترم نثار احمد صديقيءَ کي ڪيم، جيڪو ڪنهن زماني ۾ منهنجو ويجهو دوست هيو. ٻه ڀيرا ڪال ڪرڻ جي باوجود سندن ريٽرن ڪال نه آئي. مون اندازو لڳايو ته شايد صديقي صاحب منهنجي پوسٽنگ مان خوش نه ٿيو آهي.
پوءِ مون اي ڊي ايم خيرپور الهڏني سولنگيءَ کي چيو ته ڪمشنر صاحب يا ان جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ سان رابطو ڪري منهنجي صبح جي ملاقات جو ٽائيم طئي ڪرائي. صبح جو سکر جي جهاز تي چڙهيم ته سائين قائم علي شاهه ۽ منظور حسين وساڻ ۽ ٻيون ڪجهه خيرپور جون شخصيتون به جهاز ۾ موجود هيون. شاهه صاحب ۽ وساڻ صاحب مون کي خوش آمديد ڪئي. مان به پاسيرو ٿي جهاز ۾ ويٺس. سکر ۾ جهاز لٿو ته ٻنهي گاڏيءَ جي آڇ ڪئي. مون سندن ٿورا مڃيا ۽ کين ٻڌايو ته اي ڊي ايم منهنجي لاءِ گاڏي آندي آهي. ADM سولنگي صاحب مليو. مان لائونج ۾ ترسڻ بدران ساڻس گڏ نڪري آيس. هن ٻڌايو ته ڪمشنر صاحب چيو آهي ته هو به خيرپور ايندو، اتي ملاقات ڪنداسون.

[b]خيرپور آمد
[/b]مان خيرپور ڊي سي هائوس تي آيس، جتي خسرو صاحب ۽ سندس سلڇڻي گهر واري ڀاڀي نائلا منهنجو ناشتي تي انتظار ڪري رهيا هئا. خسرو صاحب سان ته منهنجون پهرين به ملاقاتون هيون، پر ڀاڀي نائلا سان پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي. مان جڏهن 1986ع ۾ SDM سجاول هئس ته خسرو صاحب ٺٽي ضلعي مان AC (UT) جي ٽريننگ پوري ڪري پوسٽنگ جي تياري ڪري رهيو هيو. 11th ڪامن جو DMG جو آفيسر هيو. ٺٽي ضلعي ۾ ڪوٽڙيءَ جي لڳ سندس والد صاحب جون زمينون آهن. ڊوميسائيل به ٺٽي جو اٿس. سندس والد آرميءَ جو رٽائر آفيسر آهي. سندس ڪجهه ڀائر به آرميءَ ۾ آهن. خسرو خان جو قدبت به ڪنهن جرنيل کان گهٽ نه آهي. سوا ڇهه فوٽ قد. گورو چٽو رنگ رعبدار مڇون. ڳالهائيندو کڙڪي سان. اوپرو ماڻهو کيس ڏسي پريشان ٿي ويندو. پر دل جو ايترو ئي سٺو، اسان جو NIPA ۾ ٽريننگ دوران چار مهينا ويجهو واسطو رهيو.
ناشتي ۾ ڀاڀي نائلا پنهنجي ميزبانيءَ، مهمان داريءَ جا معجزا ڏيکاريا هئا. مان PIA جي ناشتي جو اڳ ۾ ئي ‘مزو’ وٺي آيو هوس، پر پنهنجن ميزبانن کي به هروڀرو نااميد نه ڪيو.

[b]اڄڻ- ڪليري ٺهراءُ
[/b]سرڪٽ هائوس پهتاسون ته عجب جهان لڳو پيو هيو. خيرپور جا معزيزن وڏي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ڪليرين ۽ اڄڻ ڌرين جا سرڪٽ هائوس اندر ۽ ٻاهر ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. پوليس جو وڏو انگ SSP قمرالزمان سميت موجود هيو. قمرالزمان منهنجي گهاري وري دور ۾ ASP گهارو هيو.
اسان جي پاڻ ۾ 1983ع کان ئي ‘محبت’ هئي. هت جو وري ملياسون ته مون دل ۾ دعا گهري ته مولا خير ڪجانءِ. ڪجهه دير کان پوءِ ڪمشنر نثار احمد صديقي، سائين قائم علي شاهه، پير عبدالقادر شاهه جيلاني، منظور حسين وساڻ، اسد علي شاهه جيلاني، پرويز شاهه، ساجد ٻانڀڻ، نعيم کرل ۽ ٻيا معتبرين به اچي پهتا.

[b]ڀيانڪ پيار ڪهاڻي!
[/b]ڪليري ڌر جي ڇوڪري پنهنجي مرضيءَ سان اڄڻ ڇوڪري سان نڪري وئي هئي ۽ نڪاح ڪري ڇڏيو هئائون. جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا پنجاهه ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا. ٻنهي ڌرين جا ڳوٺ ويجها هئا. حالت جنگ جهڙي هئي ٻنهي لاءِ... ڪليرين جي نک جتوئين سان به لڳندي آهي، تنهن ڪري جتوئي به هت ڌر هئا. ايتري خون خرابي کان پوءِ ضلعي جي معززين کي خيال آيو ته وچ ۾ پئجي ٺهراءُ ڪرائجي. ٻنهي ڌرين کي ڳالهين تي راضي ڪجي. شڪارپور جو سردار خادم حسين جتوئي به پهتو هيو. سرپنچ اهو هيو. فيصلو به ان کي ڪرڻو هيو، امينن جي مدد سان. خادم حسين جتوئي صاحب هاڻي نابين ٿي ويو هيو، پر فيصلو رک رکاءُ کان سواءِ اهڙو ڪندو هيو، جهڙو منڊيءَ تي ٽڪ. ڪنهن جي پاسخاطري نه ڪندو هيو.

[b]جرڳو- فيصلو
[/b]ڳالهيون ٿيون. اها ڳالهه ثابت ٿي ته ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ پنهنجي مرضيءَ سان گهر مان نڪري (ڀڄي) وڃي ڪورٽ ميريج ڪئي هئي. جنهن ۾ ڇوڪريءَ جي مالڪن جي مرضي ۽ ڇوڪري جي مالڪن جي مرضي شامل نه هئي نه ئي کين خبر هئي. هل هلان، ڳالهين کان پوءِ اهو ته طئي ٿيو ته اڄڻ ڇوڪري، ڇوڪريءَ کي ڀڄائي ڏوهه ڪيو آهي، توڙي جو ڇوڪريءَ جي مرضيءَ سان سڄو ڪم ٿيو آهي. پر جاگيردارانه نظام ۾ ڇوڪريءَ جي شاديءَ جي مرضيءَ جي ڪا حيثيت نه آهي، جيستائين سندس وارث اهڙي اجازت نه ڏين. پوءِ حساب ڪيو ويو قتلن جو. هر هڪ ڌر جا هيترا قتل ٿيا آهن. ڳالهين ذريعي ثابت ڪيا ويا ته ڪهڙي ڌر ڪيترا قتل ڪيا. جرڳي جي سٺي ڳالهه اها آهي ته ڌريون ڪوڙ نه ڳالهائينديون آهن. جيڪڏهن ڪوڙ ثابت ٿي ويو ته ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڌر تي ٻيڻو چئوڻو ڏنڊ وڌو ويندو آهي.
جنهن ڌر جا جيترا وڌيڪ خون ٿيا، ان کي اوترن وڌيڪ خونن جو خون بها ادا ڪرڻو پيو. ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري لاءِ اهو طئي ٿيو ته ڇوڪرو، ڇوڪريءَ کي طلاق ڏيندو. ڇوڪري مالڪن وٽ ويندي. اهي ان کي پنهنجي مرضيءَ سان پرڻائيندا. فيصلي کان ٻاهر مون کي خبر پئي ته ڇوڪري پيٽ سان آهي.
مون ڇوڪري جو پيءُ ڏٺو. 60 سالن جي لڳ ڀڳ عمر جو، مٿي تي پراڻو انگوڇو ٻڌل هئس. پراڻي ڦاٽل گوڏ. ميرو سفيد رنگ وائل جو چولو. ڏاڙهي وڌيل، پريشان حال، هر ڪنهن کي ڦاٽل اکين سان پيو نهاري. سندس اکين مان موت پئي جهاتيون پاتيون.
اڄڻ ڇوڪرو، جنهن جي عمل جي ڪري 50 خون ٿيا، اهو ٽيهن پنجٽيهن سالن جو جوان، ڪڻڪ رنگو، منهن ويڪرو، ڪارا ڀنڀا وار، ٿلهرو، سفيد ڪاٽن جا اسٽارج ٿيل ڪپڙا، سٺو بوٽ، بي پرواهه، ڪو ڀؤ ڀولو ڪونه، عشق ۾ ٻڏل، ڪنهن تي فلڪ ئي نه. ڄڻ ته خبر ئي نه هجيس ته سندس عمل جي ڪري ڪيترو نقصان ٿيو آهي ۽ اڳتي ڇا ٿيڻو آهي. پڙهيل ڳڙهيل. ڪنهن وزير جو پرائيويٽ سيڪريٽري هيو.
ڇوڪري ڪليري به سهڻي سلوڻي، ڀوري رنگ جي، قد پورو پنو، اکيون خوبصورت، فيشن جا ڪپڙا پاتل، پرڪشش، ٺاپر ۾. چپ چاپ. وقت جي وهڪري کان بي خبر. هن جي دنيا هن جي اکين ۽ اندر ۾ سميٽجي آئي هئي. جڏهن هن مڙس کي پئي ڏٺو ته اکين جون ڏياٽيون روشن پئي ٿي ويس.
آخر امينن فيصلو ڪري اهو انصاف ڪيو ته ڇوڪري، ڇوڪريءَ ڀڄائي آهي، تنهن ڪري ڇوڪري مالڪن کي موٽائي ويندي. ٻنهي کي ڌار ڪيو ويو. ان فيصلي کان پوءِ مون ٻنهي مان ڪنهن کي به ڄاڻي واڻي ڪونه ڏٺو. همت نه ٿي. خونن جا حساب ڪتاب لکن ۾، اهي الڳ.
ان جرڳي کان پوءِ خبر پئي ته ڇوڪريءَ جي طلاق کان پوءِ اهي لاڙڪاڻي لڏي ويا. ڇوڪريءَ جو ٻار ڪيرايو ويو. کيس سندس سوٽ سان شادي ڪرائي وئي.
ٻي ۽ آخري خبر اها آئي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري وري ڀڄي ويا آهن ۽ آزاد ڪشمير هليا ويا آهن. ڪجهه وقت کان پوءِ ان فلم يا ڊرامي جو ڊراپ سين ٿيو. شاهينگ سندن گهات ۾ هئا. جيئن ٻئي کين هٿ آيا ته ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيائون.
خيرپور جي نوڪريءَ جو آغاز ان ڀيانڪ پيار ڪهاڻيءَ سان ٿيو. مون کي پهرين رات خيرپور ۾ ننڊ نه آئي.

[b]ڪم شروع
[/b]ٻئي ڏينهن چارج وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. آفيس موجوده مختيارڪار ۽ اي سي آفيس جي لڳ هئي. نئين آفيس به مين روڊ تي ڊي سي هائوس جي ڀرسان ٺهي وئي هئي. پر ان ۾ ڪجهه ڪم رهيل هيو. خسرو پرويز صاحب ان نامڪمل آفيس جو افتتاح ڪرائي ان تي پنهنجي نالي جو پٿر هڻائي ڇڏيو هيو. اصولاً ته غلط هيو، پر مون سندس نالي جي پٿر سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي. ان کي ائين ئي رهڻ ڏنو. ڪجهه ڏينهن ۾ ان نئين آفيس ۾ ضروري ڪم ڪرائي اوڏانهن شفٽ ڪيو.

[b]ايڪسيڊنٽ ۾ 29 ماڻهن جو موت
[/b]مان چارج وٺڻ جي ٻئي ڏينهن شام جو ڪمشنر سکر نثار احمد صديقي صاحب وٽ ڪال آن لاءِ پهتس. ڪلاڪ کن ڳالهه ٻولهه ٿي، ته خيرپور ڊي سي هائوس تان پي اي ڳالهايو. ٻڌايائين ته هڪ سوزوڪي وين سيوهڻ کان موٽندي راڻيپور ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پئي آهي. اڻٽيهه ماڻهو مري پيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. مان ان ئي فون تي ADM کي هدايتون ڏنيون ته گمبٽ ۽ خيرپور جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي. ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن کي ۽ ٻئي اسٽاف کي گهرائي وٺو. زخمين کي هڪدم اسپتال ۾ کڻايو. ايس ڊي ايم مختيارڪار، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي به سرزمين تي موڪليم. سڄو اسٽاف سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پراڻي ڊي سي کي الوداعي دعوت لاءِ گڏ ٿيل هيو. دعوت ڪينسل ڪئي وئي. هر ايس ڊي ايم ۽ مختيارڪار کي ڪم سان لڳايو. ADM کي چيو ته هو آفيس کولي آپريشن جو رابطو ڪري. مون ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سکر اسپتال ۾ به ايمرجنسي لڳرائي ۽ سکر جون سڀ ايمبولنسون راڻيپور روانيون ڪري. مون چانهه اڌ ۾ ڇڏي ڪمشنر کان موڪلايو ۽ راڻيپور لاءِ روانو ٿي ويس. موبائيل فون تڏهن ڪونه هئا. وائرليس سسٽم تي رابطو ڪندو ويس. ڪلاڪ کن ۾ جاءِ واردات تي پهتس.
شڪارپور ضلعي جي خانپور تعلقي جا جتوئي سک سُکان کڻي سيوهڻ ويا هئا. ننڍي سوزوڪي ڪيري هئي. ان ۾ پنجٽيهه ماڻهو هئا. جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ هئا. اڻٽيهه ماڻهو ٿڏي تي مري ويا هئا. سوزوڪي وين خراب ٿي بيٺل ٽرڪ ۾ پويان گهڙي وئي هئي.
اڻٽيهه ماڻهن جا لاشا ايمبولينس ۾ پوليس اسڪارٽ ۽ پنهنجي هڪ ايس ڊي ايم سان خانپور روانيون ڪيون.
زخمين جي فرسٽ ايڊ ڪرائي SDM سان سکر روانا ڪيا، جتي ڊي سي سکر سڀاڳو خان جتوئي ۽ ايم ايس اشفاق پراچه اسپتال ۾ موجود هئا.

[b]خيرپور ۾ منهنجي ٻي رات به ڀيانڪ هئي
[/b]خيرپور سان منهنجو ويجهو واهپو يا اچ وڃ ڪونه رهيو. ننڍي هوندي اسٽيٽ جي زماني ۾ جڏهن بابا پنهنجي سئوٽن جي ڪيسن جي پيروي ڪرڻ لاءِ ايندو هيو، هڪ ٻه ڀيرو مان به آيو هوس. هڪ دفعي ٽانگي تي ميرواهه تان گذري رهيا هئاسون ته ٽرئفڪ کي روڪيو ويو. ٿوري دير ۾ ڏٺوسين ته هڪ هيلي ڪاپٽر اچي فيض محل ۾ لئنڊ ڪيو.
لا (Law) جي فائينل جو امتحان مان ۽ نثار صديقي صاحب خيرپور لا ڪاليج مان 9-1978ع ۾ ڏنو هيوسين.
مختيار ملڪ جو ڀاءُ اغوا ٿي ويو هيو ته اهو لاڙڪاڻي آفيس ۾ آيو هيو ۽ ملاقات ٿي هئي. قربان منگيءَ سان خط و ڪتابت ٿيندي هئي. تنوير عباسي صاحب سان دعا سلام هئي فون تي. حميد سنڌيءَ سان ملاقاتون هيون، جيڪو ان وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وي سي هيو. رشيد کرل صاحب ۽ مان فاريسٽ ڪاليج ۾ 1968ع کان 1970ع تائين گڏ پڙهيا هئاسون، پر کاتي ۾ ويجهڙائي نه رهي. علام حسين منگي، جيڪو محراب پور جو هيو ۽ خيرپور ۾ نوڪري ڪندو هيو. اهو ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ منهنجي آفيس ۾ ايندو هيو ۽ هر دفعي مون کي پنهنجي ڳوٺ مانيءَ جي دعوت ڏيندو هيو ۽ هر دفعي مان کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيندو هئس ته دعا ڪر ته آءٌ خيرپور جو ڊي سي ٿي اچان ته تنهنجي ڳوٺ تنهنجي ماني ضرور کائيندس. سائين قائم علي شاهه، سائين غوث علي شاهه ۽ پير صاحب پاڳارو خيرپور جا وڏا حوالا هئا. نسيم کرل تيستائين شهيد ٿي چڪو هيو، پر منهنجي لاءِ اڻ ڄاتل ڪونه هيو. نعيم کرل جو به وڏو نالو هيو.
خيرپور ۾ نوڪريءَ کان اڳ ۾ مون وٽ، ان جا اهي مختصر حوالا هئا. ماڻهو نوان، ملڪ نئون، ڪلچر نئون. ماڻهو پهرين ملاقات ۾ ئي مون کي سٺا لڳا، شهر به شاندار هيو. ڪلچر به ڀرپور ۽ شاهوڪار هيو. ماڻهو به بنيادي طرح آزاد منش هئا. جيءُ ۾ جايون ڏيڻ وارا، شهر صاف سٿرو، گهٽيون ۽ روڊ رستا بهتر ۽ ثقافت جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي.
مير علي نواز ناز جو شهر عشق ۽ محبت جي خوشبوءِ سان واسيل هيو. وري تنوير عباسي ۽ نسيم کرل جي ته ڳالهه ئي اؤر هئي. ٻنهي جي ادبي ورثي جي ڪري، هر گهر ۾ هڪ شاعر هڪ اديب توهان کي ملندو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي تعليم ته وڌائي، پر ان سان نوجوانن ۾ جاڳرتا به وڌي وئي هئي. خيرپور ۾ ته اڳ ۾ ئي ناز هاءِ اسڪول ۽ ڪرنل شاهه هاسٽل هئي. پوءِ سپيريئر سائينس ڪاليج ۽ هاسٽل ٺهيو. ون يونٽ ٿيو ته خيرپور ڊويزنل هيڊڪوارٽر ٿيو. ناز هاءِ اسڪول ۾ اسٽيٽ جا ۽ ٻاهريان ٻار پڙهندا هئا. انهن جي پڙهائي ۽ رهائش جو خرچ اسٽيٽ ادا ڪندي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ٻار به هاسٽل ۾ رهندو هيو ته ان جي تعليم، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ به فري هوندي هئي. ڪيترائي نالي وارا عالم، اديب، شاعر ۽ آفيسر به ناز هاءِ اسڪول ۾ پڙهيا ۽ پوءِ اسٽيٽ ۽ ملڪ جي خدمت ڪيائون.

[b]هنرمند، تعليمدان ۽ شاعر آندا ويا...
[/b]مير صاحبان (سرڪار) ٻاهريان هنرمند ۽ تعليمدان ۽ شاعر هت گهرايا ۽ نوڪرين ۾ رکيا، جن خيرپور جي آسودگيءَ ۾ اضافو ڪيو. هٿ جي اڻت جي هنر لاءِ بنارسي ڪالوني ٺاهي وئي، جتي بنارسي ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هيو، ۽ اڃان تائين شاندار ڪپڙو تيار ٿي رهيو آهي.
ڪپڙي ٺهرائڻ لاءِ حڪمرانن جيڪي هنرمند ۽ ڪاريگر هندستان مان گهاريا، اهي نسل در نسل هتي جا ٿي رهيا. هنن جو هٿ جون سلڪ جون ساڙهيون پوري پاڪستان ۾ مشهور آهن. پر ون يونٽ ٿيڻ کان پوءِ اهي جڏهن پنهنجي سرپرستي وڃائي ويٺا ته سندن مسئلن ۾ اضافو ٿي ويو. پر اڃا تائين پنهنجي ڪم کي چهٽيا پيا آهن. ۽ گذرسفر ڪن پيا. اسان جا ايڪسپورٽ ڪرڻ وارا اداراسندن هنر ۽ محنت ۽ سندن حال کان بي خبر هڪ مخصوص طبقي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. حالانڪه خيرپور جا سياستدان سنڌ سرڪار جا سربراهه به رهيا ۽ سندن ملڪي حڪمرانيءَ ۾ به هلندي پڄندي آهي. پر هنن جي فن جي پاسداري گهٽ ٿي آهي. بنارسي ڪالوني آهستي آهستي اجاڙپڻ جو شڪار ٿيندي پئي وڃي.
خيرپور ۾ انقلابي قدم کنيو ويو، اهو هيو خيرپور ٽيڪسٽائيل مل جو قيام. هن مل به اسٽيٽ ۾ وڏو معاشي انقلاب آڻي ڇڏيو. مقامي ۽ ٻاهر جا ڪاريگر ۽ مستري ۽ مزدور هزارن ۾ ڪم کي لڳي ويا. يورپ مان مشنري گهرائي فٽ ڪرائي ۽ ان جي هلائڻ ۽ سنڀال لاءِ به سندن خدمتون حاصل ڪيون ويون. انهن مقامي ڪاريگرن کي به ان ڪم لاءِ تربيت ڏني وئي. اها مل هتان جي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪندي رهي ۽ ڪپڙو ٻاهر به برآمد ڪندي رهي.

[b]زمين[/b]
خيرپور رياست جي زمين به بي انتها سرسبز آهي. چوندا آهن ته ماڻهو پوکجي ته ماڻهو ڦٽي نڪري. هتان جي ٻنين ۾ به اها خوبي آهي. کجي ته ائين ٿيندي آهي، جئن ڪانڊيرا ۽ ڊڀ ڦٽندا آهن. پاڻي وافر مقدار ۾ هيو. ميرن رياست کي آباد ڪرڻ لاءِ مير واهه، ۽ اَبل واهه کوٽايا ۽ انهن مان ٻيا واهه ۽ برانچون کوٽايون، جن سڄي ملڪ کي آباد پئي ڪيو. ون يونٽ کان پوءِ به جڏهن رياست جي حيثيت ختم ٿي ته سکر بئراج مان ٻين ضلعن لاءِ آباديءَ جو حصو 33 سيڪڙو مقرر ٿيو، جڏهن ته خيرپور ضلعي لاءِ 47 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي. ان حصي موجب خيرپور ضلعي کي پاڻي ملي ٿو ۽ آبادي به اهڙي ٿئي ٿي. ايتري وڏي ايراضيءَ تي پوک ٿيڻ ڪري هتان جا ماڻهو خوشحال آهن.
سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ کجيءَ ۽ کارڪن جي آبادي خيرپور ۾ ٿي رهي آهي. ايستائين جو برآمد به ٿي رهي آهي، هتي کجيءَ جي فصل کي پراسيس ڪري ٻاهر موڪلڻ جو پروگرام هيو، پر پوءِ اڌ ۾ رهجي ويو. هاڻي ته کنڊ جا به ڪارخانا آهن. هڪ راڻي پور ۾ ڪنسالينٽيڊ شگر ملز ۽ ٻيو خيرپور شگر ملز، جيڪا محترم مبين احمد جماڻيءَ لڳائي آهي. انهن ڪارخانن جي ڪري هن ضلعي ۾ وڌيڪ خوش حالي پڻ آئي آهي.
روڊ ۽ ريل جو رستو به خيرپور جي وچان وچان گذري ٿو. نئون رستو ڊيوئل ڪئريج به هاڻي ته ٺهي ويو آهي. ٻيو هاءِ ويز نواب شاهه کان ڪنب کان خيرپور مان گذري ٿو. ايئرپورٽ ته ڪونهي پر سکر جو ايئرپورٽ باءِ پاس سکر جي ٺهڻ جي ڪري خيرپور کي ويجهو ٿي پيو آهي. لاڙڪاڻي سان درياهه وچ ۾ هئڻ ڪري فاصلو وڌيل هيو. پر آهن ته خيرپور ۽ لاڙڪاڻو درياهه جي آرپار. خيرپور جو ماڻهو لاڙڪاڻي ويندو هيو ته چوندا ته پارويو آهي. پر ان پارَ کي به پارِ ڪرڻ لاءِ هاڻي خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ درياهه تي پل ٺهي وئي آهي.
تعليم اڳ ۾ به سرس هئي، پر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ به اتي انقلاب آندو آهي. انجنيئرنگ ڪاليج به کلي ويو آهي ته ميڊيڪل ڪاليج جي کلڻ جون به تياريون آهن. ريڊيو اسٽيشن ته ڪافي پراڻي آهي. هينئر ڪلچرل ڪمپليڪس، ميوزيم، آڊيٽوريم، اوپن ايئر ٿيٽر، اسٽيڊيم ۽ سچل لائبرري به علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي وڏي هٿي ڏني آهي. پارڪ ۽ باغ به جهجهي تعداد ۾ ٺاهيا ويا آهن.
وزيراعظم قزلباش ۽ مير علي مراد II جا منصوبا اهي هئا ته هن اسٽيٽ کي ويلفيئر اسٽيٽ بڻائجي ۽ ٽيڪس فري ڪجي. جنهن ۾ ماڻهن کي ٽيڪس ڀرڻي نه پوي ۽ ڪو به ماڻهو بي روزگار نه هجي.

[b]دلڪشا منزل (1890)
[/b]ڊي سي آفيس جي نئين عمارت ٺهي رهي هئي. ان جي ڀرسان SDM خيرپور جو گهر هيو، ۽ ان گهر جي ڀرسان دلڪشا منزل آهي. دل ڪشا منزل سان لڳولڳ فيض محل آهي. دلڪشا منزل 1890ع ۾ واليءِ خيرپور جي والده جي رهائشگاهه لاءِ ٺهي هئي. واليءَ جي رهائش ۽ درٻار خيرپور ۾ ته فيض محل ۾ ٿيندي هئي. سندس والده کين هردم دعا ڏيڻ لاءِ کين ويجهو ئي رهندي هئي.
دلڪشا منزل به وڏا لاها چاڙها ڏٺا. والده جي وفات کانپوءِ اها وزيراعظم جي سرڪاري رهائش گاهه ٿي. اهڙي طرح دلڪشا منزل وزيراعظم هائوس ٿيو. 1955ع ۾ ون يونٽ جي ڏائڻ جتي سنڌ جي شناخت ختم ڪئي، اتي خيرپور جي رياست جو درجو به ختم ٿيو. هڪ معاهده جي تحت رياست کي ويسٽ پاڪستان جو حصو قرار ڏنو ويو. پاڪستان سان الحاق ته اڳ ۾ ئي رياست جو پاڪستان ٺهڻ سان ٿي ويو هيو، پر رياست پنهنجي جداگانه حيثيت برقرار رکي هئي. پر هينئر ته سرڪار ئي ختم ٿي وئي هئي. تنهن ڪري وزيراعظم جو عهدو به ختم ٿي ويو. پر سرڪار، خيرپور سان سا مهرباني ڪئي، جو ان کي ڊويزن جو رتبو ڏنو ۽ ڪمشنري هت قائم ڪئي. جنهن ۾ تڏهوڪا نواب شاهه، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جا ضلعا شامل ڪري ڇڏيا. انهن سڀني ضلعن جو رخ خيرپور ڏانهن ڪيو. جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ حيدرآباد، ٺٽو، دادو، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر (ائٽ ميرپورخاص) ضلعا شامل ڪيا ويا. ڪراچي هڪ ئي ضلع هيو 1955ع ۾.

[b]خيرپور ڊويزن ختم
[/b]حڪومتون ڦري. 1972ع ۾ ڊويزنون ختم ڪيون ويون. ضلعا رهجي ويا. سرڪار ٻن سالن کان پوءِ محسوس ڪيو ته ڪم ڪونه ٿو هلي. سو وري 1974ع ۾ ڊويزنون بحال ڪيون ويون. ٻيون ڊويزنيون ته ساڳي طرح بحال ٿيون، پر خيرپور جي بدران سکر ڊويزن ٺاهي وئي. ۽ خيرپور صرف ضلعو ئي رهجي ويو. سنڌ سرڪار جي طرفان اها پهرين معاهده شڪني ڪئي وئي، خيرپور جي والين سان ڪيل معاهدي جي عوامي سطح تي ڳجهه ڳوهه ۾ ته ٻيون به ڪيتريون ئي خلاف ورزيون ٿي چڪيون هيون.
منهنجو پهريون ڏينهن رسمي طرح آفيس ۾ گذريو. ملاقاتون ٿيون. ملڪ جون خبرون چارون ورتيون. ضلعي جي ڪن اهم ترين شخصيتن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. کانئن دعائون پنيون. هنن به دل کولي دعائون ڏنيون. ڪراچيءَ سرڪار جي عملدارن سان ڳالهيون ٿيون. کين اطلاع ڏنو ته حڪم پٽاندر خيرپور خير سان پهچي ويا آهيون.

[b]سائين قائم علي شاهه سان ملاقات
[/b]پهرين شخصيت سائين قائم علي شاهه هيو، جنهن سان سندس جڳهه تي دعا سلام لاءِ ويس. سائين ان دو ر۾ ايم پي اي هيو، ۽ سنڌ جي رولنگ پيپلز پارٽيءَ جا سربراهه به. سندن پٽ سائين اسد علي شاهه سنڌ حڪومت ۾ منسٽر جي درجي سان صلاحڪار هيو ۽ وٽس ناڻي جو اهم ترين کاتو هيو. سائين خوش دليءَ سان خوش آمديد ڪيو. وٽس سيد عابد علي شاهه ۽ امداد منگي به ويٺا هئا. سائين سان ٿيل ملاقاتون ياد ڏياريم، جڏهن پاڻ وزيراعليٰ هيو ۽ مان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هئس. کين اهو به ٻڌايم ته چيف سيڪريٽري سعيد احمد صديقيءَ مون کي هدايت ڪئي آهي ته مان سائينءَ جو تمام گهڻو خيال ۽ لحاظ ڪريان. مون وڌيڪ چيو ته انشاءِ الله توهان کي شڪايت نه ٿيندي. توهان کي پاڻ کي به آفيسرن جي مجبورين ۽ حدن جي خبر آهي. سائين ان ڳالهه کان به مطمئن ٿيو.
مون کين وڌيڪ چيو ته توهان علي حسن منگي صاحب جا سياسي ساٿي ۽ ذاتي دوست رهيا آهيو. منهنجي لاءِ توهان جي ذات عزت جي مقام تي آهي. خدا جي مهرباني ٿي منهنجي انهن سڀني ڳالهين جو ڀرم رهجي آيو ۽ مون کي به سائينءَ جو جلد ئي اعتماد حاصل ٿي ويو. هونئن ته لڳائي ٻجهائي وارا گهڻا ئي ماڻهو هئا. پر سائين هميشه مون تي مهربان رهيو ۽ اڃان تائين مهربانيءَ ۽ شفقت سان پيش ايندو رهيو آهي.
عابد علي شاهه منهنجو گهاٽو دوست ٿي ويو ۽ اڃان به دوستي آهي. هاڻي شاهه صاحب اسڪائوٽس جو سنڌ لاءِ ايڊيشنل ڪمشنر اسڪائوٽس آهي. منهنجي جڏهن ساڻس پهرين ملاقات شاهه صاحب وٽ ٿي ته شاهه صاحب ٻڌايو ته عابد شاهه ميونسپل ڪميٽيءَ جي معاملن جي سندس پاران نگهباني ڪري رهيو آهي ۽ جلد ئي کيس ائڊمنسٽريٽر خيرپور ميونسپل جي چارج ملندي. خيرپور ۾ ڊيولپمينٽ جو پيڪيج هلي رهيو هيو. امداد منگي ان جي اڪثر ڪمن جو ٺيڪيدار هيو. عابد شاهه سان اڳتي هلي ڪافي واسطو رهيو. خاص طور جشن خيرپور ۾ منهنجو اهم ٻانهن ٻيلي هيو. خيرپور ۾ ٻيا به جيترا سماج سڌار جا ڪم ڪيم، ان ۾ عابد شاهه ڪافي سٺا مشورا ڏنا. خيرپور پيڪيج لاءِ ته عابد شاهه ڪميٽيءَ جو ميمبر به هيو. ۽ ڪم جي نظرداري به بهتر طور ڪندو رهيو.
خيرپور ضلع ۾ اٺ تعلقا ۽ چار سب ڊويزنون آهن. نوان نوان ضلعا ٺهيا آهن. پر خيرپور سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وئي آهي ۽ اصلي انتظامي صورتحال بحال رکي وئي آهي. سب ڊويزن به خيرپور آهي. ان ۾ خيرپور ۽ ڪنگري تعلقا، گمبٽ سب ڊويزن ۾ گمبٽ ۽ سوڀو ديرو تعلقا هئا. ٺري ميرواهه سب ڊويزن ۾ ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقا، ۽ ڪوٽ ڏجيءَ ۾ ڪوٽ ڏجي ۽ نارو تعلقا هئا. نارو اڪثر ريگستاني علائقي تي مشتمل آهي. جنهن ۾ وڏي ايراضي اڇڙي ٿر جي اچي وڃي ٿي. هن وقت ان علائقي مان تيل ۽ گيس نڪري رهيو آهي. جنهن ڪري ماڻهن ۾ خوشحالي اچي رهي آهي ۽ کين روزگار به ملي رهيو آهي. نارو ڪينال هتان گذري ٿو، جيڪو آس پاس وارن علائقن کي آباد ڪندو عمرڪوٽ تائين پهچي ٿو ۽ اتي به آبادي ٿي رهي آهي.
شادي شهيد وارو علائقو پٿريلو آهي. جڏهن ته گمبٽ تعلقو ڪچي ۽ پڪي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪيٽيون به آهن ته ڪچي جو علائقو به آهي. ٻيو اڪثر علائقو پٽ آهي ۽ آباديءَ وارو سنئون سڌو علائقو آهي.
خيرپور جا ماڻهو پنهنجين پراڻين عمارتن سان ڏاڍو پيار ڪن ٿا ۽ مٿن ساهه ڇڏين ٿا. ميرواهه، شهر جي وچ مان ٿو گذري. ان تي نيون پليون ٺهي ويون آهن. جيئن سنڌوندي، سنڌ جي شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿي، تيئن مير واهه به ميرن جي ملڪ خيرپور لاءِ ساهه جي حيـثيت رکي ٿو. ماڻهو ذري گهٽ مير واهه جي ڄڻ پوڄا ڪن ٿا.

[b]تنوير عباسي
[/b]تنوير عباسي جهڙو اعليٰ شاعر به ميرواهه سان بيحد پيار ڪندو هيو. ميرواهه جي ڪپ تي ڊي سي منظر اڪبر جي وقت ۾ هڪ زمين جو ٽڪر سرڪار کان ورتائين، اتي سرمد جو گهر ۽ ڪلينڪ ٺهرايائين. سڄي عمر خيرپور ۾ ان گهر ۾ ئي رهيو. ڀاڀي ڊاڪٽر قمر، سرمد ۽ پارس ۽ مارئي به اتي رهيا. سندس شامون ان گهر جي ڇت تي گذرنديون هيون ۽ ويٺو مير واهه جو نظارو ڪندو هيو. بدنصيبي! سندن پهرين گهر واري ۽ ڌي روبينه سندن ڳوٺ سوڀيديري ۾ رهنديون هيون. ڪنهن يار دوست کي به دعوت ڏيندو هيو ته کليل هوا ۾ جام پيا ڀريندا هئا. اياز، رشيد ڀٽي ۽ رباني اتي ئي ساڻس محفلون مچائيندا هئا. پر انسان زندگيءَ ۾ الائي ڪهڙا خواب ٿو اُڻي. سڄي حياتي تنوير خيرپور نه ڇڏي. ٿوري تي ئي قناعت ۽ ڪفايت سان اتي ئي زندگي گذاري ڇڏي. سرمد جو گهر به ڄڻ سقراط جو گهر هيو. جتي نون سيکڙاٽن کي علم، ادب، شعر شاعري، عشق ۽ راڳ جا سبق سيکاريندو هيو. جيڪڏهن تنوير خيرپور ڇڏي پرديس وسائي ها ته ڪيترائي عهدا سندس پيرن تي پيا هئا. هيو ته ماڻهن جو ڊاڪٽر پر انهن جي صحت سان گڏوگڏ انهن جي روحن جو علاج به ڪندو هيو. سچل چيئر جو اعزازي ڊائريڪٽر هيو. سچل يادگار ڪميٽيءَ جو وڏي عرصي تائين سيڪريٽري رهيو. ڀاڀي قمر سان پيار جو پيچ پاتائين ته ٻئي هڪ ٿي ويا. مرندو مري ويو پر هن کان پل به پري نه ٿيو. هوءَ به مٿس ساهه ڏيندي هئي. يا رات جو گهر پهچڻ ۾ دير ڪري. تنوير جا دوست ڀاڀيءَ جون پهاجون هونديون هيون.
تنوير مڌ جي سٽ سهي نه سگهندو هيو. هڪ ٻن پيالن کان پوءِ لڙهڪي پوندو هيو. ڀاڀي قمر سندس دوستن، خاص طور نسيم کرل ۽ هادي بخش لاڙڪ کي اڪثر چوندي هئي ته تنوير کي نه پيارين. پوءِ به سنگت هئي، ڪڏهن ڪڏهن مستي به ٿيندي هئي. اهڙي هڪ رات نسيم ۽ لاڙڪ محفل کان پوءِ تنوير کي گهر ڀيڙو ڪري ويا. تنوير مدهوش. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڀاڀي قمر، نسيم ۽ لاڙڪ کي فون ڪئي ته “مان توهان کي منع ڪندي آهيان توهان ته به نه مڙيا. نيٺ منهنجي مڙس کي گهڻو پياري مئل حالت ۾ گهر ڇڏي ويا آهيو. مان وڃان ٿي ٿاڻي تي فرياد ڪرڻ!”
تنوير عباسيءَ جهڙي دلبر ماڻهوءَ سان جي کن پل ملاقات ٿي وڃي ته ڄڻ زندگيءَ جو حاصل هوندو هيو. مان به اهڙا موقعا ڳوليندو وتندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن مان به کيس ماني پاڻيءَ جي دعوت ڏيندو هوس. انڪار هو به نه ڪندو هيو. منهنجي ته ڄڻ زندگي ٺهي ويندي هئي. اها شام منهنجي هوندي هئي. مان هڪڙو احتياط ڪندو هئس جو مختيار ملڪ کي به گهرائي وٺندو هوس، جيئن ڪو کيس گهر پهچائڻ وارو ته هجي.
پهرئين دفعي آيو ته مختيار به هيو. منهنجو بورچي بنا منهنجي چوڻ جي مٺيون ڪوڪيون ٺاهي کڻي آيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته تنوير صاحب کي وڻنديون آهن. انهن ڏينهن ۾ مون کي به کنڊ کان پرهيز ڪانه هئي. مون به دل تي کاڌيون. تنوير جي تازي شاعري ٻڌي سون. ٻن پيالن کان پوءِ مختيار کي چيائين “هن سان ملاءِ” هوءَ ملي، ڪجهه هن کي به شاعري چچريل لفظن ۾ ٻڌايائين. هن به خوش دليءَ سان ٻڌي. هوءَ به تنوير جي انهن ادائن تي هريل هئي. ٻنهي جو ڪم ٿي ويو. مان به بطور ميزبان جي خوش ٿي ويس. بورچي تنوير جي پسند جا ڊشز ٺاهيا هئا. تنوير گهٽ کاڌو. مان ڪجهه ڊشز مختيار سان کيس گڏ ڪري ڏنا. شڪر آ اڌ رات جو ڀاڀي قمر جو فون نه آيو ته منهنجي خلاف ٿاڻي تي فرياد لکائڻ ٿي وڃي.

[b]تنوير، حميد سنڌي ۽ مان
[/b]تنوير خيرپور جي جان هيو. پر الائي حميد سنڌي جيڪو هاڻي عبدالحميد ميمڻ وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور هيو، ۽ ڪنهن زماني ۾ تنوير عباسيءَ جو پڳ مٽ يار هيو. سندن وچ ۾ ويڇا ٿي پيا هئا. جڏهن مون چارج ورتي ته مون کي ان ڳالهه جي خبر پئي. آءٌ هر ڳالهه وانگر هن مسئلي ۾ به ڏاڍو پراميد هئس ته سندن سرچاءُ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندس. تنوير جو نوجوان شاگردن ۽ يونيورسٽيءَ جي استادن تي، شهر وارن تي ڏاڍو اثر هيو. حميد ميمڻ صاحب وائيس چانسلر هڪ اداري جو سربراهه هيو. جيڪڏهن کيس نقصان پيو ٿئي ته اداري ۽ شاگردن جو نقصان هيو. تنوير وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هيو. سچل چيئر ڇڏي چڪو هيو. نقصان جيڪڏهن ٿيڻو هيو ته حميد صاحب جو ئي ٿيڻو هيو. عهدو وڃي ته به نقصان ۽ جيڪڏهن سندس ناموري وڃي ته به سندس ئي نقصان. پر شايد اندر جي نفرتن جو مون صحيح ڪاٿو نه لڳايو هو. اندر جا ڪي زخم گهرا هئا.
منهنجي خيرپور ۾ چارج وٺڻ کان ستت ئي پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ڪو فنڪشن هيو، جنهن ۾ حميد صاحب مون کي به نينڍ ڏني. مان به پهتس. تقرير ڪندي مون ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته جيڪي ڪلفتون آهن، دوستن ۾ اهي دور ڪبيون. مون ته نيڪ نيتيءَ سان ڳالهه ڪئي هئي. پر شايد حميد صاحب کي اها ڳالهه نه وڻي هئي. هن منهنجي ان ڳالهه کي ‘دخل در معقولات’ پئي سمجهيو. پر مون پوءِ به سبق نه پرايو.
ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ جي استادن جي تنظيم جا ڪجهه نمائنده ڊاڪٽر پروفيسر نيلوفر شيخ جي سربراهيءَ ۾ مون کان وقت وٺي شام جو مون سان ملڻ لاءِ آيا. مون کي ٻڌايائون ته يونيورسٽيءَ جا ڪجهه مسئلا آهن، جن جي ڪري تعليمي ماحول خراب ٿي رهيو آهي. وي سي ڪنهن به ڳالهه تي غور ڪرڻ لاءِ يا اسان سان سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونهي. هنن پنهنجي مسئلن جو تفصيل ٻڌايو ۽ مون کي چيائون ته مان پنهنجون good offices استمال ڪري يونيورسٽيءَ جي ماحول کي بهتر ڪيان. مون کين همدرديءَ سان ٻڌو ۽ کين يقين ڏياريو ته مان نيڪ نيتيءَ سان ڪوشش ڪندس ته مسئلا حل ٿين. هنن به مون کي پڪ ڏياري ته هو به مون سان هر طرح جو تعاون ڪندا. منهنجي چوڻ تي هنن ڪلاسن کي بحال ڪيو ۽ ماحول کي ڪي قدر بهتر ڪيو.
يونيورسٽيءَ ۾ ٻه گروپ ٿي ويا هئا. هڪ ته وي سيءَ جو هيو، ٻيو هيو ڊاڪٽر نيلوفر جو. حميد صاحب هڪ طرف تنوير عباسيءَ جي ڪري پنهنجي ناموس کي ڌڪي رهيو هو، ٻئي طرف کيس استادن جو منهان منهن مقابلو هيو. پر استاد به قدم قدم سنڀالي کڻي رهيا هئا. هنن کي شايد اهو اندازو هيو ته مان وي سي جي چوڻ تي ڪو سندن خلاف ايڪشن نه کڻي وجهان. تنهن ڪري پيش بنديءَ طور مون وٽ روئڻ پٽڻ ۽ پنهنجو حال ٻڌائڻ لاءِ آيا هئا. ان ملاقات کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ به ڪجهه ٺاپر ٿي وئي. پر حميد صاحب شايد اهو سمجهيو ته استادن مون کي پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا اقدام ڪيائين، جو استادن وري گوڙ گهمسان ۽ پڙهائيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو. هن دفعي يونيورسٽي انتظاميه جو پروگرام اهو هيو ته استادن کي ايترو مڇرائجي جو هو يونيورسٽيءَ جي بائونڊريءَ مان نڪري مئن شاهراهه تي اچي هنگامو ڪن ۽ ٽريفڪ ۾ خلل وجهن ته جيئن فلم سندن ڳچيءَ مان نڪري ضلعي انتظاميه جي مٿي ۾ لڳي. اها صورتحال اسان قابل قبول ڪونه هئي. پاڻ حميد صاحب ڪراچي هليو ويو. مون رجسٽرار اي آر ملڪ کان صورتحال پڇي. هو به ڏاڍو پريشان هيو. جنهن کي مون ٻڌايو ته استادن چون ٿا ته مان جيڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ سندن ڌرڻي واري هنڌ تي اچي کين اٿاريان ته هو هنگامه آرائي نه ڪندا.

[b]حميد صاحب جي گورنر کي منهنجي خلاف شڪايت
[/b]مون ائين ئي ڪيو. هنگامه آرائي ختم ٿي وئي. ان پڪ سان ته هو پنهنجي پروگرام کي ختم ڪن ته انتظاميا سندن مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ وي سي سان ڳالهائيندي.
هفتو ئي نه گذريو ته مون کي چيف سيڪريٽريءَ کان هڪ خط اچي مليو. جنهن سان ٻه خط ٻيا به شامل هئا. هڪ چئن صفحن جو خط وي سي صاحب جو گورنر صاحب ڏي منهنجي خلاف لکيل به شامل هيو. جنهن ۾ مون تي الزام لڳل هيو ته ‘مان استادن کي وي سي جي خلاف ڀڙڪائي هڙتال ڪرائي رهيو آهيان. يونيورسٽيءَ ۾ سندس اجازت کان سواءِ اچان ٿو ۽ اتي جو ماحول خراب ٿو ڪريان.’ ٻيو خط گورنر جي سيڪريٽريءَ جو چيف سيڪريٽريءَ ڏي هيو. وي سي جي فائدي ۾ ۽ منهنجي خلاف. چيف سيڪريٽريءَ ڏيڍ لائين جو انهن خطن جي مٿان پنهنجو خط لکي مون ڏي ٽئي خط موڪليا. پنهنجي خط ۾ لکيو هئائين ته “يونيورسٽيءَ جي صورتحال کي حالات جي ضرورت آهر اُڪلاءِ.”
منهنجا ته وي سي صاحب جا خط ڏسي طاق لڳي ويا. ‘ائين به ٿيندو آهي ڇا.’ مون کي اڃا ٻه هفتا به ڪونه ٿيا هئا. حميد صاحب جي بي سمجهي ۽ اٻهرائپ مون کي صرف اهو نياپو ڏنو ته مٿين ليول تي اندر اندر ڪجهه پڪجي رهيو آهي. جنهن جي حميد صاحب کي خبر آهي. تنهن ڪري پريشانيءَ ۾ ابتا سبتا اقدام ڪري رهيو آهي. مون ته سندس مدد ڪرڻ پئي چاهي. پر ميٽ پئي سندس مٿو پئي سڙيو. مون پاسو ڪري ڇڏيو. استادن ۽ وي سي کي سندن حال تي ڇڏي ڏنو. منهنجي صرف اها ڪوشش هئي ته ڪو شهر ۾ ۽ روڊن تي استادن جي ۽ ٻارن جي طرفان امن امان جو مسئلو پيدا نه ٿئي.

[b]گورنر جودورو
[/b]ان وچ ۾ گورنر ۽ يونيورسٽيءَ جو چانسلر محمد ڪمال اظفر يونيورسٽيءَ جي دوري تي پهتو. يونيورسٽيءَ جي شادي شهيد ڪئمپس نئين ٺهي رهي هئي. ڪم شروع ئي مس ٿيو ته ان جا بنياد ويهجي ويا. جڏهن نئون ڪيمپس پلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ شاگردن ۾ بي چيني هئي. هر روز روڊ بلاڪ، پڙهائي بند، ڪلاسن جو بائيڪاٽ، تنهن ڪري سوچيو ويو ته مورڳو يونيورسٽي شهر کان چار پنج ميل پري شادي شهيد جي پهاڙين تي ٺاهجي. حفاظت جي حفاظت ۽ پهاڙين جو منظر ان کان علاوه.
وائيس چانسلر حميد ميمڻ صاحب هيو ۽ ڪنسلٽنٽ جناب ڊاڪٽر علوي هيو. ڊاڪٽر علوي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو هيو. اهو اصل ڪم ڪنسلٽنٽ جو هيو ته، سُوائل ٽيسٽ چڱي طرح ڪرائي ها ته ان پهاڙي زمين جي ‘برداشت جي قوت’ ڪيتري آهي ۽ ان حساب سان لوهه ۽ سيمينٽ ۽ پٿر ان ۾ ڀرجي. اڃان بنياد کان معاملو اڳتي ئي نه ٿيو ته ميٽ جا پهاڙ ڳرڻ شروع ٿي ويا. سڄو پراجيڪٽ جو ڪم لهي ويو. ڪم بند، پئسا بند، جيڪو ڪروڙين روپيا خرچ ٿيا، اهي به چٽ.

[b]وي. سي حميد ميمڻ جي بدلي- ڊاڪٽر بشير شيخ نئون وي. سي
[/b]گورنر صاحب سرزمين ڏٺي. شايد کيس محترمه بي نظير ڀٽو صاحبه جي هدايت هئي ته اپر سنڌ جي ان يونيورسٽيءَ جو ڪم شروع ڪرايو وڃي. ڪم شروع ٿئي ته ڪيئن ٿئي. ڏوهي ماڻهن کي کڻي سزا به اچي، پر جيڪو وقت ويو اهو ته موٽي نه ايندو. گورنر صاحب سرزمين ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو. واپسي ۾ مان گورنر صاحب سان گڏ ساڳي گاڏيءَ ۾ ويٺو هوس. چوڻ لڳو، “منگي صاحب تون جيڪڏهن گورنر هجين ۽ هن صورتحال ۾ ڪو فيصلو ڪرڻو پوئي ته ڇا ڪرين؟” مان ان اوچتي سوال لاءِ تيار نه هوس، ۽ نه گورنر ٿيڻ لاءِ تيار هئس. هڪ لمحو خاموش رهي مون چيو، “سائين! جيڪو ڪم ٿيو، سو ته ڇٽو. ان ڪم ۽ ان سائيٽ کي وساري ڇڏجي. موجوده سائيٽ جي آس پاس زمين خريد ڪري اتي نئين ڪئمپس ٺاهجي. جن سببن جي ڪري نئين ڪئمپس ٻاهر پئي ٺاهي وئي، اهي ختم ٿي ويا آهن. موجوده عمارت ۽ زمين به استعمال ڪري سگهجي ٿي.” هن ڪجهه سوچي چيو ته، “چڱو هن يونيورسٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان زمين ڏسو ۽ ان جي جيڪا مارڪيٽ پرائيس آهي، اها به ٻڌايو ته ڪو فيصلو ڪجي. مان ڪئمپس جو ڪم جلدي شروع ڪرائڻ ٿو چاهيان.”
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حميد ميمڻ صاحب جي جاءِ تي ڊاڪٽر بشير شيخ وائيس چانسلر ٿي آيو. وقت ۽ حالات بدلجي ٿا وڃن. ڳالهيون رهجي ٿيون وڃن. سٺيون ڳالهيون رهجي وڃن ته ڀلو.

[b]خيرپور وومين ڪاليج
[/b]خيرپور تعلقي ۾ مرين جي ڳوٺ ۾ باهه لڳي، ڪافي نقصان ٿيو. رات جو واقعو هيو. فائر برگيڊ موڪلي باهه تي ته قابو ڪيو سين، پر جيستائين فائر برگيڊ پهچي پهچي تيستائين رات جي اونداهين ۾ ٻه ماڻهو مري ويا. مان اوڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هوس ته سيد اسد علي شاهه ايڊوائيزر فنانس فون ڪيو ته هو گورنمينٽ وومين ڪاليج ۾ ڪنهن فنڪشن ۾ آهي. مان اتي اچان ته هو مون سان شامل ٿي ويندو.
مان ڪجهه دير ۾ اتي پهتس. شاهه صاحب کي اطلاع ڪرايو. چيائين ته “هيڏانهن اچو ته تقرير ڪري نڪران ٿو.”
ان گيٽ کان اندر داخل ٿيس ته سامهون باوقار کڙي تڙي خاتون ايندي مون کي کيڪاريو. مون بي ڌيانيءَ ۾ پڇيو، “ڇا توهان هيڊ مسٽريس آهيو؟” مائي ڳاڙهي ٿي وئي، چوڻ لڳي ته، “سر مان پرنسپل آهيان. منهنجو نالو رفعيه ناز پٺاڻ آهي. هيءَ ڪاليج آهي.” مان ڦڪو به ٿيس. جيئن اڳتي پهتس ته ڏٺم ته وڏي محفل متل هئي. شاهه صاحب مهرباني ڪري اسٽيج تان هيٺ لهي مليو ۽ مون کي به هٿ کان وٺي اسٽيج تي ويهاريو. جيئن مان اسٽيج تي چڙهيس ته ذهين اسٽيج سيڪريٽري فيض صاحب جو هي شعر پڙهيو:
چلے بھی آئو کہ گلشن کا کاروبار چلے۔
مون پاڻ کي ئي ڪونه سنڀاليو هيو ته تاڙين جو ڦهڪو ٿي ويو.
مون کي خيرپور ۾ خير جا اڃا اٺ ڏينهن به ڪونه ٿيا هئا. هي فنڪشن پهريون هيو. اهو خواتين جي ڪاليج ۾ سائين اسد علي شاهه جي مهربانيءَ سان ٿيو هو.
اجتماع ڏاڍو پرجوش هيو. شاگردياڻيون به، ته پروفيسرياڻيون به، ڪجهه شهر جا معزز ماڻهو به ڪاليج ۾ آيل هئا. اڌ ڪلاڪ کن فنڪشن هليو. پرنسپل جي تقرير کان پوءِ مون کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو. مون گهڻو ئي نٽايو، پر تقرير ڪرڻي پئي، اهو فنڪشن گهڻن سببن جي ڪري مون کي ياد رهندو.
مان اسٽيج سيڪريٽريءَ جي ادائگيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس. جيڪا اردوءَ ۾ ڪنڊڪٽ ڪري رهي هئي. مون اهو ئي سمجهيو ته اها خاتون ڪا اردو ڳالهائيندڙ قبيلي مان آهي. چانهن تي قربان منگي، جنهن کي مان پوپٽ چوندو آهيان، کان پڇيم ته اها اسٽيج سيڪريٽري ڪير صاحبه آهي. قربان منگيءَ مخصوص انداز ۾ ڏاڍي جوش ۾ چيو ته “سائين، اها پنهنجي عزيز فاطمه، نعيم کرل جي ڀيڻ آهي نه!”

[b]تسليم منگي
[/b]ٻيو اسٽاف به اچي مليو. هڪڙي ننڍي قد جي پياري چاڪليٽي رنگ جي سهڻي ڇوڪرڙيءَ کي پڻ قربان منگي مون سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو. “سائين هي تسليم منگي آهي. منير منگيءَ جي ڀيڻ ۽ لال محمد منگيءَ جي ڌيءَ. پاڻ افسانه لکندي آهي ۽ شاعري به ڪندي آهي.” ڇوڪري ايتري ننڍي پئي لڳي جو مون کي حيرت ٿي ته ڪاليج ۾ ڪيئن پهتي هوندي. مون کانئس پڇيو، “بابا توهان فرسٽ ايئر ۾ آهيو؟” تسليم جواب ڏنو: “نه سر! مان ته هتي سنڌيءَ جي ليڪچرار آهيان.” مان ان ڏينهن شايد بيوقوفيون ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو هيو. يا شايد منهنجا خيرپور لاءِ اندازا غلط هئا.
ان پياري سهڻي سلوڻي ڇوڪري تسليم منگيءَ جي شادي ٿي وئي.
اها ڇوڪري جيڪا افسانه لکندي هئي ۽ شاعري ڪندي هئي، هئي ته ليڪچرار پر ايتري ننڍڙي هئي، جو مان کيس فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي سمجهيو هيو. ان جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ ڊيٿ ٿي ويو. ائين پاڻ نوجوانيءَ ۾ ئي هڪ اڻپوري افساني جو عنوان ۽ نامڪمل غزل جي گونج ٿي وئي.
انا لله و انا اليه راجعون

[b]خيرپور جي سابق واليءَ مير علي مراد خان ٽالپر سان ملاقات
[/b]اهو اهم ڏينهن هيو. مون خيرپور جي تاريخ سان ملاقات جو پروگرام ٺاهيو هيو. هوڏانهن راضپو آيو هيو. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس سيڪريٽريءَ جي معرفت مون عرض موڪليو هيو. انهن ڏينهن ۾ پاڻ ڪراچيءَ ۾ هيو. مون کي اطلاع مليو ته جڏهن خيرپور ايندو ته مون کي اطلاع ڪيو ويندو. مون کي ٻه ڏينهن اڳ ۾ اطلاع مليو هيو ۽ شام جو 6 وڳي جو وقت مقرر ٿيو هيو. اپريل جي شروعات هئي، مٿان ڪجهه گرميءَ به پير سوريا هئا. ملاقات کان اڳ ۾ سندن متعلق ڪافي معلومات جمع ڪري ورتي هئي. سڀ ڪجهه سرڪار جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ واندا ٿي ويا هئا.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ هالاڻيءَ ۾ فيصله ڪن جنگ 1783ع ۾ لڳي، جنهن ۾ ٽالپرن کي فتح حاصل ٿي. اڳلي سال سنڌ جا ٽي حصا ڪري مرڪزي حصو مير فتح علي خان جي حوالي ٿيو، ميرپور وارو حصو مير ٺاري خان ماڻڪاڻي ميرن جي ۽ خيرپور وارو حصو مير سهراب خان جي حوالي ٿيو هيو. جهيڙي جهٽي، ويڙهه، لڙائي ۾ به مِيرَ گڏ هئا، پر سندن پاليسيون بنياد ي طرح الڳ الڳ هيون.
خيرپور رياست جو آخري تاجدار والي رياست مير علي مراد خان ٽالپر 29 جون 1933ع تي رائيٽن، انگلنڊ ۾ پيدا ٿيو. 24 جون 1947ع تي والي ٿيو. پر ان وقت سندس عمر 14 سال هئي، ڇو ته عمر ۾ ننڍو هيو، تنهن ڪري کيس حڪمرانيءَ جا اختيار نه ڏنا ويا ۽ سندس جاءِ تي هر سال ڪونه ڪو رشتيدار حڪمراني ڪرڻ لاءِ انگريز نامزد ڪندا هئا.
مير صاحب جي تاج پوشي 11 سيپٽمبر 1951ع تي وزيراعظم پاڪستان جناب لياقت علي خان، ڪوٽ ڏجيءَ جي قلعي ۾ بجا آندي ۽ فيض محل ۾ جشن تاج پوشِ ٿيو. مير صاحب ستت ئي انگلنڊ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو. سندس دور ۾ ممتاز حسن خان قزلباش وزير هيو. جنهن انتظامي اختيار پئي هلايا. مير صاحب جي انگلنڊ کان واپسيءَ کان جلدي پوءِ رياست کي ون يونٽ ٺاهي، مغربي پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو. ته پوءِ نه رهيو بانس، نه ئي بئنسري. مير صاحب بطور آخري واليءَ جي گهڻو وقت اختيار نه هلائي سگهيو. هاڻي کيس سرڪار پاڪستان جي طرفان گذر سفر لاءِ وظيفو ملندو آهي. پئسي جي قوت خريد گهٽجي وئي، پر سندن وظيفو ساڳيو ئي رهيو. کيس حڪومت پاڪستان جي طرفان هلالِ پاڪستان جو اعزاز مليل آهي. مير صاحب جي شروعاتي دور ۾ رياست جي ڪل آمدني 28 لک روپيا هئي، جيڪا 1954ع ۾ وڌي ڏيڍ ڪروڙ ٿي. خيرپور ٽيڪسٽائيل مل 1951ع ۾ قائم ٿي چڪي هئي.
ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ هز هائينس جي اها اٿارٽي نه رهي. ان وقت سندس عمر 22 ورهيه هئي. پاڻ ملڪ جي وڏي شيعه عالم علامه رشيد ترابيءَ جي نياڻي ۽ علامه عقيل ۽ نصير ترابيءَ جي همشيره سان شادي ڪيائون. جنهن مان کين ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. ننڍو پٽ محترم مهدي رضا خان ٽالپر سندن ملڪيت جو ڪم ڪار سنڀالي ٿو. هز هائينس صاحب جن جو وائلڊ لائيف سان وڏو چاهه آهي. ڪافي وقت وائلڊ لائيف فنڊ جو ميمبر رهيو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ 1972ع کان سنڌ جو چيف گيم وارڊن به رهيو. پنهنجي اسٽيٽ ۾ ڪوٽ ڏجيءَ جي ڀرسان مهراڻو گيم سنڪچري ٺاهيائين. جنهن ۾ هرڻ جا ناياب نسل محفوظ ڪيائين. جيڪي اتي وڌن ويجهن ٿا. انهن جي بحاليءَ تي به وڏو خرچ ڪري رهيو آهي.
هز هائنيس هاڻي گهڻو ڪري مذهبي عبادات ۾ مشغول رهي ٿو ۽ گهر ۽ فئمليءَ تائين محدود ٿي ويو آهي.
منهنجو ميزبان به اڄ عزت مآب محترم هز هائنيس مير علي مراد خان ٽالپر (ٻيو)، سابق ۽ آخري والي خيرپور اسٽيٽ آهي. جنهن کان مون ملڻ ۽ ملاقات لاءِ ٽائيم گهري ورتو هيو. مان ڏنل ٽائيم تي فيض محل ۾ پهتس. مون کي سندن سيڪريٽري درٻار هال مان گذاري سندن بيڊروم سان اٽيچڊ لونگ روم ۾ ويهاريو. جنهن جو دروازو فيض محل جي اولهه واري ديوار مان کلي رهيو هيو. مان ويس ئي مس، ته پاڻ ڪمري ۾ نمودار ٿيا. چپن تي پراسرار مرڪ هين. مان به اڳتي سُريس. وڌي اچي مليا ۽ آڌرڀاءُ ڪيائون. پنهنجي ڀرواري صوفي تي ويهاريائون. خوش خير عافيت ڪيائون. مون به موٽ ڏني. ساڻن پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ کين ملڻ جو سبب ٻڌايو ته سلام ڪرڻ آيو آهيان. پاڻ خوش ۽ هشاش بشاش لڳي رهيا هئا. ان وچ ۾ نوڪرپاڻي ۽ شربت اسان جي اڳيان رکيو. شربت پيئندي اسان جي گفتگو هلندي رهي. پاڻ اردوءَ ۾ پئي ڳالهايائون. ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون سنڌيءَ ۾ هڪ اڌ جملو ڳالهائي پئي ورتو ته جيئن پاڻ به سنڌي ڳالهائين، پر سرڪار اردوءَ ۾ ئي ڳالهائيندو رهيو. سندن ننڍپڻ انگلنڊ ۾ گذريو آهي. تعليم به اتي سينيئر ڪيمبرج تائين ورتائون. فارسيءَ جا عالم آهن. اردو به عاليشان پئي ڳالهايائون. ايران به زيارتن لاءِ سندن اڪثر وڃڻ ٿيندو رهندو آهي.
مون کان ملڪ جو ۽ خيرپور جا احوال وٺندا رهيا. مان به کانئن سندن مصروفيتن جو پڇندو رهيس ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال تي کانئن رايو پڇندو رهيس. اهو 1995ع جو زمانو هيو. منهنجي سوال جي جواب ۾ چيائون ته، ملڪ جو حال ته اسٽيٽ پاڪستان جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ ساڳيو آهي. ڀٽي صاحب جي وقت کان اڳ ۾ پاڪستان ٽٽي پيو. ڀٽي صاحب ڪجهه بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو به نه هلي سگهيو. مان ته سياست ۾ ڪا دلچسپي ڪونه ٿو وٺان. منهنجي سوال ته توهان سياست ۾ ڇو نه آيا، تي جواب مليو ته، سياست جو حال 1955ع کان جيڪو آهي، اهو توهان ڏسو پيا. پر مون اندازو لڳايو ته ملڪ جي واليءَ جي حيثيت ۾ پنهنجي حيثيت وڃائڻ کانپوءِ گندي سياست ۾ پوڻ کان پوءِ پاڻ ڪنهن ايري غيري ۽ نٿو خيري جي پويان نه پئي لڳڻ چاهيو. صرف ڀٽي صاحب جي ذات هئي، جنهن کان ڪجهه متاثر پئي نظر آيا. ان وقت جي موجوده حڪومت کان به گهڻو پراميد ڪونه هئا. وقت ۽ حالت کان بي پرواهه ۽ بي خبر لڳي رهيا هئا. ڇا وهي واپري رهيو هو، ان جي ڄڻ کين اڻ تڻ ئي ڪونه هجي.
مون کانئن هڪ چڀندڙ سوال نهايت ملائميت ۽ مناسب لفظن جي چونڊ ڪري پڇيو ته کين جيڪو وظيفو ملي رهيو آهي، ان مان گذرسفر ٿي وڃي ٿو؟ چپن تي هڪ ڏک ڀري مسڪراهٽ تري آين. ڪجهه وقفو وٺي چوڻ لڳا ته روپئي جو اهو قدر ته ڪونهي، جيڪو 1955ع ۾ هيو. ٻي جيڪا ملڪيت آهي، ان مان به گهڻي اپت ڪونهي. ان کان سواءِ صرف منهنجي فئملي مون کي پالڻي ڪونهي. پر اسان سان ٻيا به مٽ مائٽ شامل آهن، جن جي گذرسفر جو اسان کي بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. اسان ته پنهنجون عمارتون به بحال نٿا رکي سگهون. فيض محل جو حال ڏسو يا شيش محل، ڪوٽ ڏجيءَ جو. اهي ته هاڻي ملڪ جون ورثي (heritage) جون عمارتون آهن. شڪر آهي وقت پيو گذري.
“حڪومت به توهان تي ڌيان نٿي ڏئي؟” چيائون “شڪر آ. ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪونهي. حڪومت جون به پنهنجون مشڪلات ۽ ترجيحات آهن.”
ان وچ ۾ سئنڊوچ serve ٿيندا رهيا. هاڻي خادم چانهن جو ڪوپ رکي رهيو هيو. ان جي آواز تي مان سرڪار سان ڳالهائڻ جي محويت مان نڪتس. واچ ڏٺي ته ڪلاڪ کن گذري چڪو هيو. مون محسوس ڪيو ته پاڻ به منهنجي ڳالهين مان محظوظ ٿي رهيو هيو. ڳالهين سان سندس دل جو غبار به نڪري رهيو هيو. مان چانهن جي چسڪي وٺي مير صاحب ڏي نهاريو. منهنجي دماغ ۾ هڪ ٻئي سوال ڪَر کنيو. “ڇا توهان چاهيندا ته توهان جو اولاد سياست ۾ اچي؟” چيائون: “اهو مٿن ئي منحصر آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪهڙو انتخاب ٿا ڪن.”
مون کي لڳو ته مير صاحب بي انتها لبرل آهي. ٻارن تي پنهنجا رايا هروڀرو مڙهڻ نٿو چاهي.
مون چانهن جي سرڪ وٺڻ کان اڳ ۾ پڇيو ته “ڇا توهان جي مسئلن جي متعلق سرڪار کي آگاهه ڪجي؟” فورن وراڻيائون: “نه، ان جي ضرورت نه آهي. توهان جي مهرباني. سرڪار کي هر ڳالهه جي خبر هئڻ گهرجي.”
مان چانهن جي آخري سِپ ورتي ۽ موڪلائڻ لاءِ اجازت ورتي. پاڻ وري خوش دليءَ سان مليا ۽ دروازي تي اچي موڪلايو. مون ويندي ويندي چيو ته “مون کي پنهنجو خيرخواهه سمجهيو. ڪو به ڪم ڪار هوندو ته مان حاضر آهيان. وس آهر مددگاري ڪندس.” منهنجو شڪريو مڃيائون. مان نهٺائيءَ سان سلام ڪري نڪري آيس.

[b]شخصيتون[/b]
خيرپور ۾ ڪيتريون ئي مختلف سوچون ۽ نظريا رکندڙ وڏي اثر واريون سياسي، سماجي ۽ پيراڻيون گاديون آهن. مان اهڙي صورتحال ۾ به جتي اهڙي قسم جو ماحول هجي، اڻ ڌريو رهي ڪم ڪيو آهي ۽ هر ڌر ۽ هر ماڻهوءَ سان سندس سطح تي تعلقات استوار ڪيا آهن. سياسي ماحول ۾ ائين ڪرڻ ڪجهه ڏکيو ڪم ته آهي، پر سياسي ڌرين کي به مون سان ڪم ڪري جلدي احساس ٿي ويندو آهي ته جيڪڏهن منهنجو ڪنهن ڌر سان يا ڪنهن شخصيت سان تعلق آهي ته اهو ٻي ڌر جي مفادات جي قيمت تي نه آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته هر ڪنهن سان سندس مفادن جي معاملي ۾ ائين هلجي، جيڪو ٻئي جي مفادن سان ٽڪراءُ نه ٿئي. جتي ائين ٿي به پوي ته پوءِ جيڪا حق سچ جي ڳالهه هجي، ان تي قائم رهجي. حالانڪ اهو ڪم ٻه ڌاري تلوار تي هلڻ برابر آهي، پر ان سُٽ کي سلجهائڻو پوي ٿو.
خيرپور ۾ ڪيتريون ئي مضبوط ڌريون ۽ شخصيتون آهن. انهن ۾ پير سائين پاڳارو ۽ سندن خاندان، سيد سائين غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه ۽ سندس پارٽي پيپلز پارٽي ۽ سندن خاندان جا فرد، پرويز علي شاهه، جاويد شاهه، نفيسه شاهه، اسد شاهه، ارشاد بيبي، پير راڻي پور سيد ميران شاهه ۽ پير عبدالقادر شاهه جيلاني، سخي قبول محمد، سچل سائينءَ جو گادي ڌڻي (هاڻي وفات ڪري ويو آهي)، کرل صاحبان، ساجد علي ٻانڀڻ، منظور حسين ۽ نواب خان وساڻ، بچل شاهه صاحب، هز هائينس سابق والي رياست ۽ سندس پٽ شهزادو مهدي رضا خان، ٻيون ڪيتريون ئي علمي ادبي ۽ ثقافتي شخصيتون، جن ۾ تنوير عباسي، جسٽس اسلم جعفري، جسٽس ڊوگر، امتياز ڦلپوٽو، مولابخش لاڙڪ ۽ نوجوان شاعرن، اديبن ۽ پريس وارن جو پڻ ڊگهو لڏو. سڀ کان بااثر ۽ اهم ترين مذهبي گروپ، انهن جو رول خاص طور محرم جي ڏينهن ۾ تمام گهڻو اهم ٿو ٿي وڃي. ان معاملي ۾ خيرپور جي تاريخ ڏاڍي خطرناڪ رهي آهي. اسٽيٽ جي زماني ۾ هڪ طرح شيعه مسلڪ، هتان جي حڪمرانن جو مسلڪ هيو، تنهن ڪري ان مسلڪ کي ڪافي اهميت ڏني ويندي هئي ۽ انهن ڏينهن کان وٺي ان جا بنياد هتي مضبوط آهن. ميرن جي دور ۾ جيڪي به ٻاهران هنرمند ۽ تعليمدان هتي آيا هئا، اهي گهڻو ڪري ان مسلڪ سان واڳيل هئا. ڪنهن زماني ۾ جوش مليح آبادي ۽ فاني بدايوني، بطور شاعر جي درٻار سان واڳيل هئا. مير صاحبان عيد جون نمازون امام بارگاهه ۾ پڙهڻ کان پوءِ عيدگاهن ۾ به اچي پڙهندا هئا. هنن ڪوشش ڪئي ته ٻنهي ڌرين سان سڪ ۽ عزت ڀريو ڪردار ادا ڪندا رهن. اڪثر واليءِ رياست جڏهن دفن ٿيندا هئا ته سندن مڙهه رياست ۾ امانت طور دفن ٿيندو هيو ۽ موقع وٺي ڪربلا مولا ۾ دفن ڪيو ويندو هيو. سپاهه صحابه پاڪستان جو نائب صدر مولانا علي شير حيدري به خيرپور جو هيو. هن جي طرفان به مون کي مڪمل سهڪار ملندو رهيو. شيعه حضرات ۾ عرفان عباس صاحب ۽ علي اسلم جعفري ۽ ٻيا عالم به مون سان سهڪار ڪندا رهيا. مون محرم جا ٻه سال ۽ ٻه ڏها خيرپور ۾ گذاريا، پر ٻئي سال ان موقعي تي ڪنهن به قسم جو تڪرار، جهيڙو يا خونريزي ڪونه ٿي. حالانڪ ان کان اڳ ۾ ۽ منهنجي بدلي ٿيڻ کان پوءِ خون ريزي ۽ ماڻهن جا قتل ٿيا.

[b]مذهبي شخصيتون ۽ مسئلا
[/b]جلسن جلوسن کي منهن ڏيڻ جو منهنجو پنهنجو طريقو هيو. جيڪي به اهم ۽ تڪراري ماڳ هوندا هئا ته انهن تي مان پاڻ، SSP ۽ رينجرز جي ميجر کي ساڻ کڻي موجود رهندا هئاسون. جيستائين اهي مجلسون ۽ جلوس آخري منزل تي پهچي ضم ٿي وڃن. مان ڪوشش ڪندو هئس ته پاڻ موقعي تي ئي فيصلو وٺي ڪو ننڍو وڏو مسئلو هجي ته ان کي رفع دفع ڪريان. مختيارڪار يا ايس ڊي ايم جي صوابديد تي اهڙا اهم معاملا نه ڇڏيندو هئس. فساد جي چڻنگ کي ئي وسائي ڇڏبو هيو. بجاءِ ان جي چڻنگ کي ڀڀڙ ٿيڻ جو موقعو ڏجي. جيڪڏهن مان خيرپور جي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان ڪنهن ڪم تي فخر ڪري سگهان ٿو ته اهي خيرپور ۾ گذاريل محرم جا ٻه سال آهن، جيڪي پرامن ۽ پرسڪون گذريا. لڳندو ته ائين هيو ته اسان اهي ڏهه ڏينهن محنت ٿا ڪريون، پر حقيقت اها هئي ته مان سڄو سال شيعه سني تعلقات تي نظر رکندو هئس ۽ شيعه سني عالمن سان بهتر لاڳاپا رکندو هئس. نه صرف سندن مذهبي مسئلن کي اوليت جي بنيادن تي حل ڪندو هئس، پر سندن ذاتي معاملن ۽ مسئلن کي به ترجيحي بنيادن تي رفع دفع ڪندو هوس.
منهنجا ساڻن هن وقت تائين ذاتي ۽ سماجي تعلقات قائم آهن. اهي تعلقات هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ مذهبي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به منهنجا مددگار رهيا.

[b]خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جو ڪچو ۽ زورائتيون ڌريون
[/b]خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جا ضلعا پاڻ ۾ ٻکيل آهن. وچ ۾ پورالو بادشاهه درياءِ سنڌ ٿو وهي. چوندا آهن ته سنڌو ڏهه سال کٻي پاسي تي زور رکندو آهي ته ڏهه سال سڄي پاسي تي. جنهن پاسي تي درياهه زور رکندو آهي ان پاسي تي زمين پائيندو (کائيندو) آهي. اها زمين درياهه جي ٻئي پاسي ته ظاهر ٿيندي آهي. ان لحاظ کان ضلعي جون روينيو جون حدون درياهه جي کٻي سڄي تي بدلبيون رهنديون آهن. نقشي جي حساب سان اها زمين رهندي ته ان ضلعي جي آهي، پر ڪڏهن درياهه جي هڪ پاسي کان ٿي ويندي ته ڪڏهن ٻئي کان. لاڙڪاڻي جي ڪچي جا زميندار به زورائتا ۽ خيرپور جي ڪچي جا زميندار به ڏاڍا مڙس. پاڻ ۾ ياريون دوستيون به اٿن ته جهيڙا جهٽا به. پر پوليس ڇٽي پئي آهي. ان لاءِ اها نوٽيفڪيشن نڪتل آهي ته درياهه جا ڪنارا ئي ضلعي جون پوليس حدون آهن. پوءِ ان ڳالهه جو لحاظ نه ڪبو آهي ته روينيو جون حدون ڪهڙيون آهن. ان معاملن جي ڪري اڪثر مسئلا به ٿيندا آهن. لاڙڪاڻي ضلعي جي زمين جيڪڏهن خيرپور ڏانهن اچي وئي ۽ اتي ڪو ڏوهه ٿيو ته پوليس جي حساب سان ان جي جاچ خيرپور جي پوليس ڪندي.
لاڙڪاڻي جي ڪچي جي زميندارن ۾ محترم ممتاز علي خان ڀٽو، کهڙا صاحب، ٻگهيا صاحب، جڏهن ته خيرپور جي زميندارن ۾ پير صاحب پاڳارو، کرل صاحبان، راڻيپور وارا پير ڪلهوڙا ۽ ٻيا ڪيترا صاحب اچي وڃن ٿا.
ڪچي جي زميندارن ۾ پاڻ ۾ رواداري آهي ۽ ان رواداريءَ سان فيصلا ٿيندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن جهيڙا جهٽا به اڀري پوندا آهن.

[b]ڪچو، بند ۽ ٻوڏ
[/b]شير درياءِ سنڌ پنهنجو پاڻ ۾ عجيب سمنڊ ئي ته آهي، اهو شير جڏهن مستيءَ ۾ ايندو آهي ته سنڌ جي سيني تان ٽپا ڏيندو گذرندو آهي. نه ڏسندو آهي اڳ، نه پٺ، نه نفعو نه نقصان، نه غريب نه امير. سڌو هماليه مان، نيپال، تبت، ڀارت مان ٿيندو اچي پاڪستان جي وچان وچ وهي ٿو. سنڌو مٺڻ ڪوٽ کان، هيٺ لهندو ته زمين کان مٿارو ٿيندو. ان کي قابو ڪرڻ لاءِ سندس ٻنهي پاسي کان مٽيءَ جا بند ٻڌا ويا آهن. پوءِ جيئن جيئن دريا هيٺ لهندو اهي بند به هيٺ سمنڊ تائين لهندو ايندو، وڃي ڪيٽي بندر ۽ کاري ڇاڻ تعلقي ۾ سمنڊ جي کاري پاڻي سان ملي جلي ويندو، ۽ سمنڊ سان سمنڊ جهڙو ٿي ويندو.
مين تو دريا هون، سمندر مين اُتر جائون گا!
جيڪڏهن 5-7 سال بارش نه پوي ۽ دريا نه چڙهي ته بند ڀُرڪِڻا ٿي پون، انهن ۾ ڏار ۽ رونڻان پئجي ٿيون وڃن، پوءِ جڏهن دريا چڙهي ٿو ته انهن بندن جي سوراخن ۽ روڻين ۾ پاڻي وهي بندن کان ٻاهر ٿو نڪري ۽ جيڪڏهن اهو وقت سر قابو نه ڪجي ته بند ۾ گهارو پئجي ٿو وڃي، اهو گهارو وقت سر بند نه ٿئي ته اهو وڌي وڌي سوين فوٽن ۾ ٿي ٿو وڃي ۽ دريا جو پاڻي اوڏانهن وهڪرو ٺاهي هيٺاهيون ايراضيون ٻوڙي ٿو وجهي ۽ ٻوڏ جي صورت حال پيدا ٿو ڪري، ٻوڏ جو پاڻي بي انتها سگهه ٿو رکي. هوا، طوفان ۽ باهه جيڪڏهن هڪ دفعو بي قابو ٿيون ته پوءِ انهن کي قابو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿيو پوي. جيستائين اهي پنهنجي پوري سگهه جو مظاهرو ڪري ڪجهه ماٺيون نه ٿين تيستائين انهن کي بند ڪرڻ مشڪل آهي.
سال 1932ع ۾ سکر بيراج کان پوءِ، 1955ع ۾ ڪوٽڙي وٽ غلام محمد بيراج ٺاهي وئي، ان کان پوءِ گڊو وٽ گڊو بيراج ٺاهي وئي اتان به ڏهه يارهن لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش رکي ويئي، هاڻي جڏهن موسمون بدلجي ويون آهن. دريا جا پاڻي پيارڻ جا علائقا (catchment) گهٽ وڌ ٿي ويا آهن، پهاڙ تي برف جا پهاڙ وڌيڪ ٿا ڄمن ۽ ڳرن، انهن علائقن ۾ بارشون وڌيڪ ٿيون پون ته دريا ۾ پاڻي به وڌيڪ ٿو اچي، پوءِ ڊيم به ڀرجي ٿا وڃن. بيراجون به پاڻي نٿيون کڻي سگهن ته پوءِ مٿان لهندڙ پاڻي سنئون سڌو سنڌوءَ ۾ ڌوڪيندو سمنڊ واري رستي ڏانهن ٿو اچي. وري اڄ ڪلهه اسان جي انجينئرن ظلم اهو ڪيو آهي، جو دريا جي اولهه اوڀر علائقن کي ملائڻ لاءِ، لاڙڪاڻو-خيرپور ۽ آمري- قاضي احمد تي جيڪي پليون ٺاهيون اٿائون، انهن جي Span ايتري ويڪري به نه ٺاهي اٿائون ته دريا جو پاڻي چاڙهه ۾ هجي ته اهو آرام سان گذري وڃي. ان جو ڪلاسيڪل مثال 11-2010ع جي ٻوڏ جو آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي، خيرپور واري پل تي دريا جو پاڻي اچي ڦاسي پيو، ان کي گذر جو رستو ئي ڪونه، پوءِ آخر انجنيئرن پنهنجي هٿن سان ٺاهيل پل کي پنهنجي ئي هٿن سان ان جي پاسن کان گهارا وجهي وڌيڪ پاڻيءَ کي اتان گذاريو. اميد اها هئي ته ٻوڏ جي وڃڻ کان پوءِ ان جي Span وڌائيندو، پر نه ائين نه ٿيو، وري جيڪڏهن خدا نه ڪري، ٻوڏ آئي ته وري اهي لاٽون اهي چڳهه، وري پل جا پاسا ڊاٺا ويندا. هاڻي هڪ ڇا پر ٻي آمري- قاضي احمد پُل به ڊهندي، جيڪا مها ٻوڏ کان پوءِ ٺهي آهي. 11-2010ع ۾ ٻوڏ آئي ته سنڌ جي ٽنهي بيراجن ۾ ڪاٿي لڳائڻ جي ڪا اهڙي مشنري ڪونه هئي، جيڪا صحيح انگ اکر ٻڌائي ته ڪيترا ڪيوسڪ دريا ۾ پاڻي هيو! بيراجن جا در ته مٿي کنيا ويا پر دريا پاڻ پئي پنهنجي مرضيءَ سان هليو، پر جڏهن ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ ٽوڙي بند کي 2010 ۾ گهارو لڳو، ته دريا بادشاهه سنڌ جي ساڄي ڪناري تي ڪاهي پيو. ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعو، بلوچستان، قمبر-شهدادڪوٽ ضلعو، لاڙڪاڻو ضلعو، دادو ۽ ڄامشورو ضلعي مان ٿيندو، ڪوٽڙي بيراج وٽان وڃي درياءَ ۾ ٻيهر داخل ٿيو، ڪيترو ئي وقت هڪ دريا مان ٻه درياءَ هڪ ٻئي جي آسپاس ريل جي پٽڙيءَ وانگر وهندا رهيا، بارش ته وڌيڪ صورت حال خراب ڪئي، ٽنڊي الهيار ضلعي ۾ ايترو پاڻي بيهي رهيو ته ان جو نيڪال سالن تائين ٿيندو رهيو.
وري مٿان ڪوٽ عالمون وٽ به دريا ۾ گهارو پيو. ٺٽي ضلعي ۾ ڳوٺ ٻنو وٽان سنڌ جو لاڙ وارو حصو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ٽوڙيءَ ۽ ڪوٽ عالمونءَ وٽ اڳ ۾ به گهارا پيا آهن ۽ اهي ٻئي ڪمزور نقطا ڪري ليکيا ويندا آهن، پر انهن جي بچاءُ جو ڪو بندوبست اڳواٽ ٿيل نه هيو.

[b]ايس. پي قمر ۽ انعام
[/b]صدين کان ٿيندو پيو اچي ته جتي لِڪَ هوندا آهن، اتي ڏوهَه به گهڻا هوندا آهن، اهي لِڪَ پاٿاريدارن جي شڪل ۾ هجن يا جهنگلن جي روپ ۾. خيرپور وارو ڪچو ٽن چئن ضلعن جي ڪچن سان ڳنڍيل آهي، انهن ۾ شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ نوشهروفيروز، ڏوهارين تي زوربار وڌو ويندو آهي ته اغوا ڪيل ماڻهن کي بلوچستان ڏانهن ڪڍي ڇڏيندا آهن.، اتر سنڌ جي ڏوهن جو اهي ضلعا، مرڪز رهيا آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪچي ۾ رهندڙ هڪ زورائتي قبيلي جي ڳوٺن تي ڌاڙيل هلان ڪري آيا، انهن جا ڇهه ماڻهو ماري هليا ويا، ان کان اڳ ۾ هلان ڪندڙ ڌر جا ٽي ماڻهو موئلن جي ڌر ماريا هئا پر انهن کي پوليس مقابلو ڏيکاري 5 لک روپيه مٿن رکيل انعام قمرالزمان ايس. ايس. پي پاڻ کنيو هيو. ايستائين جو ڪوڙي مقابلي ۾ کنيل انعام مان ٽڪو به ڪنهن ٻئي پوليس عملدار کي نه مليو هيو. هاڻي جو هيءُ واقعو ٿيو ته اها ڳالهه چيف منسٽر سنڌ عبدالله شاهه صاحب تائين پهتي ته سڄي قصي ۾ SSP غلط رول ادا ڪيو آهي.

[b]ايس ايس پي قمرالزمان تي انڪوائري
[/b]عبدالله شاهه ڪچي ۾ سرزمين تي پاڻ پهتو، متاثر ڌر به هئي، پي پيءَ جا ٻيا چڱا مڙس به هيا، ڪمشنر نثار احمد صديقي، حفيظ بنگش ڊي آءِ جي ۽ ڊي سي (مان) ۽ ايس ايس پي قمرالزمان به هيو. عبدالله شاهه صاحب ٻهراڙيءَ جو ماڻهو، هوشيار سياستدان اهڙن مسئلن کي خود سمجهي رهيو هيو. هن انتظاميا سان ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ آخر ۾ مون کي ان سڄي معاملي جي انڪوائري ڪرڻ جي ذميواري ڏني ته جيئن کيس سچائي پيش ڪريان. اها انڪوائري سنئين سڌي SSP قمر چوڌريءَ جي خلاف هئي ته هن ڪهڙي بنياد تي اهو مقابلو ڏيکاريو ۽ 5 لک پاڻ کنيا.
مون انڪوائري شروع ڪئي ته قمر چوڌري ڇتو ٿي پيو، هو هر طرح سان مون کي هراسان ڪرڻ لڳو، مون کي سڌيون اڻ سڌيون ڌمڪيون مليون ته اهڙن ئي موقعن تي پوليس کان مارائي اهو ظاهر ڪندو ته مونکي ڌاڙيلن جي گولي لڳي آهي.
مون انڪوائري ڪئي. جيڪي حقيقتون هيون، اهي لکي چيف منسٽر کي موڪليون، جن ۾ اهو ثابت ٿيو ته اڳ ۾ ڳوٺاڻا مارايل ڌر ماريا هئا، پوليس ڪوڙو مقابلو ڏيکاريو ۽ سندن مٿان انعام جي رکيل رقم قمر چوڌري ايس ايس پي ڦٻائي هئي، ان مقابلي ۾ ماريل ماڻهن/ ڌاڙيلن جي پلاند لاءِ هينئر ڳوٺ تي هلان ٿيو هيو ۽ ڳوٺاڻا ماريا ويا هئا.

[b]ايس ايس پيءَ ممتاز صاحب سان جهيڙو جوٽيو- مونکي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو وڃي
[/b]ايس ايس پي قمر وري هڪ ٻيو داءُ بدلايو. هن ممتاز علي خان ڀٽو سان جهيڙو جوٽيو. الزام لڳايو ته هو ڌاڙيلن کي پناهه ٿو ڏئي، پريس ۾ ممڻ متو، ته ممتاز خان به ته چپ ڪري ويهڻ وارو ڪونه هيو. هن قمر ايس ايس پيءَ جي خلاف خيرپور جي پريس ڪلب جي آڏو پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن ايس ايس پي سان گڏ پي پي جي خيرپور جي ليڊرشپ تي الزام لڳايا. قمر پي پي جي ليڊرشپ کي اهو باور ڪرائڻ ۾ لڳي ويو ته پي پي جا مفادات ممتاز علي خان جي خلاف صرف هو ئي بچائي ۽ انهن جي حفاظت ڪري سگهي ٿو. قمر جو پلان اهو هيو ته پي پي ۽ ممتاز علي خان کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڪري پاڻ نڪري وڃي ۽ خيرپور جو بي تاج بادشاهه ٿي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي وڃي. حقيقت ته اها هئي ائين ڪرڻ سان ممتاز علي خان کي ته جيڪو نقصان ٿئي ها يا نه پر پي پي هروڀرو هڪ غير ضروري جهيڙي ۾ گهلجي رهي هئي، جيڪو لاڙڪاڻي تائين ۽ سنڌ اسيمبليءَ تائين به پهچي وڃي ها. ممتاز علي خان 1993ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر هيو. هن سيد عبدالله شاهه جي هائوس جي ليڊر جي چونڊجڻ تي تقرير ڪندي چيو هيو ته عبدالله شاهه جا استاد ته ڪامل آهن، پر ڏسون پاڻ بطور چيف منسٽر جي ڪيئن ٿو ڪم ڪري. ڪامل استاد جو اشارو ممتاز صاحب جو پنهنجي طرف هيو، ڀٽي صاحب جي دور ۾ سائين عبدالله شاهه، ممتاز علي خان سان گڏ ڪم ڪيو هيو.
ممتاز علي خان ڀٽي SSP قمرالزمان تي الزام لڳائي انڪوائري لاءِ سنڌ سرڪار کي لکيو. ڪمشنر نثار احمد صديقي هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو، جنهن ۾ حڪم ڪيو ويو هيو ته “ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ خيرپور انهن الزامن جي انڪوائري ڪري رپورٽ موڪلي.” مون ڪمشنر صاحب کي چيو ته ڪنهن ٻئي ڊي سيءَ کي اها انڪوائري سونپيو، پر هن ضد ڪيو ته تون پاڻ انڪوائري ڪر. مون تاريخ مقرر ڪري انڪوائريءَ جو نوٽيس ڪڍيو. وڏو ممڻ مچي ويو، خبرن جو مرڪز مان بڻجي ويس.

[b]مون انڪوائري شروع ڪئي
[/b]انڪوائري واري ڏينهن پنهنجي آفيس جي سيڪيورٽي، مڪمل طور رينجرز جي حوالي ڪري ڇڏي هئي، ڇو ته ضلعي پوليس جو سربراهه ڌر هيو ۽ انڪوائري لاءِ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ حاضر ٿي رهيو هيو. قمر جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن به قسم جي حرڪت ڪرڻ ناممڪن ڪونه هئي، هو ڪجهه به ڪري سگهيو ٿي.
مون کين ڪورٽ جي اڄ جي ڊيڪورم کان واقف ڪيو، اصول ته اهو آهي ته بيان ريڪارڊ ڪرائڻ وارو شاهد يا جوابدار اٿي بيهي بيان ريڪارڊ ڪرائيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪورٽ جو پريزائيڊنگ آفيسر چاهي ته انهن کي ويهي بيان ريڪارد ڪرائڻ جي به اجازت ڏئي سگهي ٿو. مون پهريان ممتاز علي خان ڀٽي کي چيو ته بيان پهريان توهان ريڪارڊ ڪرايو. مون ائين چيو ته هو ويهي بيان ريڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا. ممتاز علي خان آڪسفورڊ جو پڙهيل ۽ بار ايٽ لا آهي، تمام گهٽ ماڻهن سندس انگريز لکت پڙهي هوندي يا کين ڳالهائيندي ٻڌو هوندو.
ان کان پوءِ جناب قمر صاحب ڪراس ايگزمينشن ڪيو، ان کان پوءِ پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو، بيان ۾ ٻيو ته ڪجهه ڪونه هيو، صرف مون تي الزام هيو ته مان اڻ ڌريو ناهيان، مون کي ممتاز صاحب نوڪريءَ ۾ رکيو هيو، مان سندس ڳوٺائي ۽ دوست آهيان، هن کي منهنجي طرفان ٿيندڙ انڪوائري قبول ڪونه آهي. پر SSP صاحب کي اهو عقل نه آيو ته مٿس لڳل الزامن جي ترديد ڪري، مون هن جو بيان ريڪارڊ ڪيو، ممتاز صاحب کي ڪراس ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونه هيو. مون بنان تاريخ مقرر ڪرڻ جي انڪوائري ملتوي ڪري ڇڏي.
مون ڪمشنر صاحب کي لکي موڪليو ڇو ته هڪ ڌر مون کي اڻ ڌريو نه ٿي سمجهي، مون ۾ اعتماد ڪونهي تنهن ڪري انڪوائري ڪرڻ لاءِ ٻي ڪنهن ڊي سي کي چئو يا هاءِ ڪورٽ جي معرفت ڪنهن ضلعي جج ۽ ايڊيشنل ضلعي جج جي حوالي ڪئي وڃي. هي انڪوائري مون مزيد هلائڻ جي معذرت ڪئي، پوءِ خبر ناهي ته ان انڪوائريءَ جو ڇا ٿيو.
ان واقعي کان پوءِ ۽ منهنجي ڌاڙيلن جي انڪوائري بعد، سرڪار کي ڪا سمجهه اچي وئي، پهريان ته قمر صاحب کي بدلي ڪيو ويو، ان کان پوءِ کيس فيڊرل گورنمينٽ ۾ رپورٽ ڪرايو ويو.

[b]غلام قادر ٿيٻو- ايس ايس پي خيرپور
[/b]قمر جي بدلي ته پنهنجي جاءِ تي پر خوشي اها ٿي، جو سندس جاءِ تي غلام قادر ٿيٻو SSP خيرپور ٿي آيو. ٿيٻو صاحب ۽ مان ٿر-مٺيءَ ۾ ڏيڍ سال کن گڏ ڪم ڪري چڪا هئاسون ۽ اسان جي ڪيمسٽري پاڻ ۾ ملندي هئي، پوءِ خيرپور ۾ به جيڪو وقت گڏ هئاسون، پوليس ۽ انتظاميا جا تعلقات سٺا رهيا.

[b]ڪمشنر نثار صديقيءَ جي اسٽائيل
[/b]نثار صديقيءَ انتظاميا ۾ هڪ روايت ۽ رواج برپا ڪيو هيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو اغوا ٿئي ۽ يا ڪو ٻيو اهڙو سخت قسم جو ڏوهه ٿئي ته پوليس سان گڏ ايس ڊي ايم يا ڊي ايم به ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي ڪڍ لڳي پئي، ان ۾ ڪو انتظاميا کي فائدو ٿئي پيو يا نه پر ايترو ضرور ٿيو ته اهڙن معاملن ۾ انتظاميا به پاڻ کي پوليس سان گڏ ذميوار بڻايو ۽ ڏوهن جي ذميواري پاڻ تي کنئي، جنهن جو اهڙو پڪو رواج پئجي ويو ته سرڪار ۽ عوام ٻئي اهو سمجهڻ لڳا ته ڊي سي به ان معاملي جو ذميوار آهي.
اهو سلسلو هلندو رهيو جيستائين اتي DC هئس ۽ نثار صديقي صاحب ڪمشنر هيو، جيڪڏهن مان نه ويندو هيس ته پاڻ ميدان ۾ DIG سوڌو لهي پوندو هيو. نه صرف ايترو پر صديقي صاحب به پوليس واري انداز ۾ جوابدارن جي تفتيش به ڪندو هيو ۽ ان کي انجواءِ به ڪندو هيو. صديقي صاحب بي خوف ماڻهو رهيو آهي. مڊل ڪلاس جو سيلف ميڊ ماڻهو، الله تي آسرو، نه ڪنهن جو ڊپ نه ڪنهن جو آسرو، مون ڏٺو ته سندس ڪمشنر سکر واري دور ۾ ڪو به وڏو ماڻهو ساڻس خوش ڪونه هيو. ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ڪندو، سائين غوث علي شاهه جو ماسات آهي، سائين به کيس ڪم گهٽ چوندو هيو، پير سائين پاڳاري جا ماڻهو به دٻيل لفظن ۾ کانئس ناخوشيءَ جو اظهار ڪندا هئا. اڪثر وَ بشتر پي پيءَ جا ماڻهو به ٽي ڀيرا سوچي کيس ڪو ڪم چوندا هئا. الله پاڪ کيس ’نه‘ چوڻ جي وڏي سگهه ڏني هئي/آهي. ٻيا ته ناراض هئا پر ضلع لاڙڪاڻي جا سياستدان يا وڏا ماڻهو به کانئس خوش ڪونه هئا جن ۾ سرِ فهرست ممتاز علي خان ڀٽو هيو.

[b]نثار صديقي روپوش ۽ انوار حيدر جهلجي پيو
[/b]جڏهن ڪيئر ٽيڪر آيا ته نثار صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هيو. ممتاز صاحب نگران وڏو وزير ٿيو ته انوار حيدر ڪمشنر لاڙڪاڻي کي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ جيل ۾ بند ڪرايائين. نثار صاحب جي ڪڍ به امداد الله انڙ صاحب جي اينٽي ڪرپشن لڳي پر پاڻ کسڪي ويو ۽ انڊر گرائونڊ ٿي ويو، تيستائين زمين دوز هيو جيستائين ممتاز صاحب جي حڪومت هئي.
پوءِ غوث علي شاهه صاحب جي حڪومت ۾ 1999ع ۾ جڏهن اڃان صديقي صاحب بي ايس 19 ۾ ئي هيو ته هوم سيڪريٽري ٿيو. حڪيم سعيد دهلويءَ جي شهادت کان پوءِ لياقت صاحب جي حڪومت کي ۽ اسيمبلين کي معطل ڪيو ويو ۽ آئين جي شقن موجن غوث علي شاهه کي سنڌ جو ائڊمنسٽريٽر ڪيو ويو جنهن کي CM جا اختيار هئا ۽ جناب ممنون حسين کي گورنر مقرر ڪيو ويو، چوندا آهن ته جڏهن جڏهن سنڌ حڪومت کي ڪيرايو ويندو آهي ته وفاقي حڪومت به ڪرندي آهي. وزيراعظم نواز شريف کي جڏهن ڪمانڊو چيف آف آرمي اسٽاف کي لاهڻ جو شوق ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ پاڻ جهلجي ويو، سائين غوث علي شاهه به جهلجي ويو ۽ نثار صديقي، هوم سيڪريٽريءَ کي به جهلي ملير ڪينٽ ۾ رکي حال احوال ڪيائون، کيس وري هوم آفيس ۾ ڇڏي ويا، جتان کيس 20 گريڊ ۾ ترقي به ملي هئي. ڪمشنر سکر مقرر ڪيو ويو، جتي جولاءِ 2001ع تائين رهيو، کيس بورڊ آف روينيو ۾ مقرر ڪيو ويو.

[b]آءِ بي اي سکر جو قيام
[/b]صديقي صاحب جڳ مشهور اداري هارورڊ مان بزنيس ايڊيوڪيشن ۾ ورتل اعليٰ ڊگريءَ کي به استعمال ڪندي پاڪستان جي مشهور اداري ۾ پڙهائڻ به لڳو. هن جي سکر جي ڪمشنريءَ واري دور ۾ 1996ع ڌاري پبلڪ اسڪول سکر ڪافي ترقي ڪئي هئي، اتي ئي آءِ. بي. اي سکر جو بنياد هن رکيو ۽ ان جا ڪلاس به اتي شروع ڪيائين، خوش نصيبيءَ سان پهرين بورڊ آف گورنرس ۾ بطور ڊي سي خيرپور جي ان جو ميمبر هيس. ان اداري جو پهريون نالو به منهنجو تجويز ڪيل هيو، SIBA (سيبا) سکر انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريسن. هاڻي ان کي سکر IBA ڪوٺين ٿا.
جڏهن نثار صاحب 2004ع ۾ ريٽائرڊ ڪيو، ته سکر آءِ. بي. اي جا پهريان ڊائريڪٽر ٿيا ۽ ان جو الحاق ڪراچي IBA سان ڪرايو، پر ڪراچيءَ وارن اهو برداشت نه ڪيو ۽ فيصلو ڪري سکر IBA کي De-affliate ڪيو.
حضرت علي سائينءَ جو قول آهي ته ”ڏکيائين ۾ موقعا هوندا آهن.“ صديقي صاحب کي جس هجي، هن ڀڄ ڍڪ ڪئي ۽ سکر IBA کي ايترو مٿي کڻي ويو جو سنڌاسيمبلي ان کي ڊگري ڏيڻ جو چارٽر ڏنو، ۽ هن وقت سکر آءِ بي اي پاڪستان جي ڪنهن به اداري کان پوئتي ڪونه آهي. 50% کان به وڌيڪ شاگردن کي ميرٽ ڪم پاورٽي بنياد تي اسڪالرشپ ملي رهيون آهن. اپر سنڌ ۽ بلوچستان جا نه صرف ڇوڪرا پر ڇوڪريون به اتي بزنيس تعليم وٺن ٿيون ۽ هاسٽل ۾ انهن جي رهڻ ۽ حفاظت جو به جوڳو بندوبست ٿيل آهي، نثار صاحب 2003ع کان اتي آهي، نئين چارٽر ملڻ کان پوءِ کيس چئن چئن سالن جا ٻه ٽرم ملي چڪا آهن. صدر پاڪستان کيس نشانِ امتياز به ڏنو آهي، سنڌ اهڙن پٽن تي جيترو به فخر ڪري گهٽ آهي.
2017ع ۾ IBA سکر کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي.

[b]چيف منسٽر عبدالله شاهه صاحب
[/b]سنڌ جي چيف منسٽري هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو قصو هجي يا پوءِ جو. اڳ ۾ جيڪو رول هندو ادا ڪندا هئا هاڻي اهو رول ايم ڪيو ايم ادا ٿي ڪري. پنجويهه کان 33 سيڪڙو ميمبر انهن جا هوندا آهن، جيڪڏهن سنڌي ميمبر ورهائجي وڃن ته اڌ انهن جو کڻي ان ننڍي گروپ مان چيف منسٽر چونڊي انهن تي پنهنجا شرط وَ شروط رکي حڪومت هلائي ويندي آهي، نالي ماتر ته سنڌي CM هوندو آهي پر جيترا ايم ڪيو ايم جا وزير هوندا آهن ايترا ئي چيف منسٽر هوندا آهن. جيڪڏهن چيف منسٽر انهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو ڪلارڪ به بدلي ڪيو ته ڄڻ طوفان اچي ويندو، اهو تجربو ذاتي طرح مون به ڀوڳيو آهي.
جيڪڏهن چيف منسٽر PPP ٺاهيو ته پوءِ اهو سسٽم وري ٻي طرح هلندو، پوءِ به چيف منسٽري هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي، ريموٽ تي چيف منسٽر فيصلا ويٺو ڪندو، سندس چيف منسٽريءَ کي ته لوڏا ئي لوڏا پر سندس اها عزت به چيف منسٽريءَ واري سلامت ڪونه، آفيسر بدلي ٿيو وڃن سي ايم کي سڌ ئي ڪونه، سي ايم هڪ ڳالهه ڪري عمل ابتو پيو ٿئي. پوئيَن سالن ۾ ته ڪيترائي سنڌ ۾ ڊيفيڪٽو سي ايم هئا، پر پوءِ جڏهن نيب رئنجر ۽ ايف آءِ اي ٽاڪوڙا وجهڻ شروع ڪيا ته اهڙا هٿ ٺوڪيا CM ٽڙي پکڙي ويا، ڪي دبئي ويا، ڪي لنڊن ته ڪي وري چپ ٿي ويا، باقي هڪ ٻه واڌو سي ايم آهن جيڪي سائينءَ قائم علي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. آرڊر انهن جا صحيحون سائينءَ جون، اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ خدا سڀني ڏي خير ڪندو. سائين عبدالله شاهه 1996-1993ع تائين چيف منسٽر رهيو، سائينءَ کي به ساڳيا مسئلا درپيش هئا پر ايترا ڪونه. چيف منسٽري مڙسيءَ سان هلايائين. شاهه صاحب جي دور ۾ انتظامي آفيسرن جا ٽينيوئر مستحڪم رهيا. ڏهاڙي ڏهاڙي ڊي سي ۽ ايس پيءَ جون بدليون ڪونه ٿينديون هيون نه وري ڪو وزير ۽ ايم پي ايز جون بدلين ۾ ڪو ٽائون مقرر هونديون هيون.
سائين جي دور ۾ مان به خيرپور جو ڊي سي هيس 1995 ۽ 1996ع ۾ انتظام هلائڻ جو ۽ ڊي سي ۽ ايس پيءَ کي قابو رکڻ جو سندس نرالو اسٽائيل هوندو هيو.
مان سان جن سب آرڊينيٽس ڪم ڪيو آهي، انهن مان ڪيترن ئي وڏو نالو ڪڍيو. عباس بلوچ ڪمشنر سکر، منهنجي وقت ۾ ٺري ميرواهه ۾ ايس ڊي ايم هيو، ماٺيڻو ملنسار-سندس نوڪريءَ جو بنياد پروٽوڪول هيو، تنهن جي ڪري به لڳ لاڳاپو رکندڙ ۽ عزت ڪندڙ آهي.
تنهن دور ۾ اڄ جو مشهور وڪيل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل بيريسٽر ضمير گهمرو AC/SDM ڪوٽڏيجي منهنجي سڀني SDMs کان عمر ۾ ننڍو، CSS ۽ PCS پاس ڪئي هئائين، PCS پهرين پاس ڪئي هئائين ۽ اچي ڪوٽڏيجي ۾ لڳو. هيو به خيرپور ضلعي جي ‘گهمرا’ ڳوٺ تعلقي ڪنگري، پير جو ڳوٺ جو، پڙهڻ جو شوقين هيو، انگريزي سٺي لکندو ۽ ڳالهائيندو هيو. سٺي فيمليءَ جو آهي، پر آفيسر ٿيڻ ۾ سندس محنت جو عمل دخل گهڻو آهي. انقلابي خيال رکندڙ آهي، سڀني آفيسرن ۾ ذهني طرح مونکي ضمير گهمرو وڌيڪ ويجهو هيو، منهنجي ۽ SSP جي وچ ۾ جيڪو ڦڏو هلي رهيو هيو ته مونکي چوندو هيو ته سائين: “توهان درويش آهيو، ڏاڍو درگذر ٿا ڪريو.” مون هن کي سمجهايو هيو ته کليل جهيڙي ۾ پنهنجو به نقصان ٿيندو، جيڪي ڪم ايس پي ڪري ٿو، پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ خود ئي ڪرندو، پوءِ جڏهن هن جون مون انڪوائريون ڪيون، کيس خيرپور ۽ سنڌ مان ڪڍيو ويو.
ڪوٽ ڏيجي جي سب ڊويزن ڏاڍي ماٺي ۽ پرسڪون هوندي هئي. ٻن تعلقن تي مشتمل هئي، هڪ ڪوٽڏيجي ۽ ٻيو سوراهه – نارو- نارو ته گهڻو تڻون ريگستان تي ٻڌل هيو. ايراضيءَ ۾ وڏو تعلقو هيو، هڪ طرف وڃي انڊيا جي راجسٿان سان ٿي لڳي. ته ٻئي طرف سکر ۽ گهوٽڪيءَ جي ٿر سان ۽ ڏکڻ ۾ سانگهڙ جي اڇڙي ٿر سان، هن تعلقي ۾ گهڻو ڪري پير صاحب پاڳاري جا مريد/حر رهندا آهن. جيڪي گهڻو ڪري پرامن آهن، هاڻي ان علائقي ۾ گيس ۽ تيل نڪري پيو آهي، تنهنجي ڪري ڪافي بهتري ايندي پئي وڃي. ڪوٽڏجي به ميرن جي ٻي گادي هئي، اتي به ميرن جو اثر رسوخ هيو، پر هاڻي PPP جو اثر وڌيڪ آهي. منظور حسين وسان جو ڳوٺ به هن تعلقي ۾ آهي ۽ سندس اثر رسوخ به هن تعلقي ۾ وڌي ويو آهي.

[b]ضمير گهمري جا جلوا
[/b]هڪ شام ضمير گهمرو AC/SDM شهر ۾ قيمتن جي چڪاس لاءِ ويو، ڪن دوڪاندارن تي ڏنڊ واڌائين اتي هڪ سياسي ليڊر منظور بگٽي به ڪٿان اچي ويو ۽ AC/SDM سان هن جي منهن ماري ٿي پئي، منظور بگٽيءَ کي سيد پرويز شاهه جي ٽيڪ هئي. ضمير مون کي سڄي روئداد ٻڌائي ۽ اهو به چيو ته هو رئنجر وٺي منظور بگٽيءَ جي ڳوٺ ويندو ۽ کيس قيد ڪري لاڪپ ڪندو. مون کيس منع ڪيو ته قصو سياسي ٿي ويندو، نتيجي ۾ آفيسرن کي ئي نقصان ٿيندو آهي. گرم خون، ضمير نه مڙيو، وڃي منظور بگٽيءَ کي قابو ڪيائين. مٿان احڪامات آيا، ته منظور کي آزاد ڪيو ويو. مون کي خراب لڳو، پنهنجي مضبوط پوزيشن کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين.
ٻئي ڏينهن تي پرويز علي شاهه، جيڪو صوبائي وزير هيو، پنهنجي گروپ جا ڪجهه ايم پي اي ۽ وزير وٺي وڏي وزير وٽ ان دانهن سان پهتو ته ضمير گهمري، منظور وساڻ جي چرچ تي سندس بي عزتي ڪرڻ لاءِ سندس سياسي ورڪر منظور بگٽيءَ کي قيد ڪيو آهي.
رات جو ٻارهين بجي مونکي CM سائين عبدالله شاهه جو فون آيو. ضمير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيائين، مون کين چيو ته سائين ضمير جو ڏوهه ناهي، اڳرائي منظور ڪئي آهي. هن سان وچ بازار ۾ منهن ماري نه ڪري ها ته ضمير ائين نه ڪري ها، ضمير به جيڪڏهن ائين ڪيو آهي ته هن انتظاميا جو منهن مٿي ڪيو آهي. انتظاميا به توهان جي آهي اسان به توهان جا آهيون. وچ شهر ۾ اسان جي بي عزتي ٿيندي ته پوءِ توهان جا ڏنل اختيار ڪير هلائي سگهندو.
شاهه صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي ٿڌو ٿيو، چيائين “چڱو چڱو، هن کي چؤ ته آئنده اسان جي ڪارڪنن سان چڱي طرح هلي.”
ڳالهه ختم ٿي وئي، پر اصل ۾ ختم نه ٿي. ڪجهه فيصلا ٿي ويا هئا.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضمير جي بدلي ٿي ۽ ٽنڊي الهيار جو AC/SDM ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي مشهور بيورو ڪريٽ ثاقب سومرو AC/SDM ڪوٽڏيجي مقرر ٿيو.

[b]مون کي دٻ!
[/b]اسان جشن خيرپور ڪيو ته ڊان گروپ جي حيدرآباد سرڪيوليشن چيف لڇمڻ ٿڌاڻيءَ جلوو ڏيکاريو، اچي خيرپور پهتو. چيائين ته جشن خيرپور جي موقعي تي ڊان جي طرفان سپليمينٽ ڪڍندس، مون چيو ته بابا اسان وٽ ڏوڪڙ ڪونهن، هو نه مڙيو، اخبار لاءِ ڊيزائين اسان جي لاڏلي نديم گل عباسيءَ ڪيو، جنهن کي عابد شاهه ۽ قربان منگيءَ جي مدد هئي، مون کي ٽائيم ڪونه هيو، ڏاڍو مصروف هيس. جڏهن جشن خيرپور جي سپليمينٽ ڇپجي آئي ته سائين قائم علي شاهه، اسد شاهه ۽ پرويز شاهه جا وڏا وڏا فوٽا، باقي چيف منسٽر عبدالله شاهه جا ۽ ٻين ليڊرن جا ننڍا ننڍا فوٽو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سائين عبدالله شاهه ساجد ٻانڀڻ ايم پي اي جي شاديءَ تي آيو، جيئن ئي مون تي نظر پيس ته باهه ٿي ويو. چڱي خاصي لپري لاٿائين، چوڻ لڳو ته اها سپليميٽريءَ ڇپائي ڇڙو تو پنهنجا فوٽو سرڪاري خرچ تي ڪڍايا، چيائين هاڻي جو هاڻي وڃ ۽ مونکي رپورٽ ٺاهي موڪلي ڏي. سندس ڪاوڙ ڏسي سوچيم ته نوڪري وئي، شادي ۾ شرڪت کان سواءِ خيرپور موٽي آيس. رسول بخش بلوچ سيڪريٽري ٽو سي ايم سان ڳالهايو، خبر پئي ته خيرپور جي ڪهڙي سياستدان ممڻ مچايو هيو ۽ CM کي اخبار ڏيکاري هئي، حالانڪه ظاهري طرح اها ڪاوڙ يا ‘چغلي’ جيلاني گروپ جي خلاف هئي، پر ان جو نشانو مان بڻيس. رپورٽ ٺاهي موڪلي ڇڏي، پر پوءِ خير ٿي ويو. وڌيڪ چرپر ڪونه ٿي، جيڪا ٿي، سا ٿي.
شاهه صاحب ڪامورن کي دٻ ته چاڙهيندو هيو، پر هروڀرو نقصان ڪونه پهچائيندو هيو، هر سياست دان وانگر هو به اهو چاهيندو هيو ته هر سطح تي هر طرح سندس ٻين کان وڌيڪ اهميت هجي. ڪامورن جو هڪ طريقي سان ڇپر ڇانءُ به هوندو هيو، ڪنهن کي به نقصان ڪونه ڏنائين. ها باقي ڪنهن سان وير هيو ته اهو بخش نه ڪيائين. هر وزيراعظم، وزيراعليٰ، وزير ۽ سياستدان جو مزاج پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، انهن کي صحيح سمجهي انهن سان ورتاءُ ڪرڻ، هڪ فن آهي، ۽ اهو آرٽ به آهي ته سائنس به آهي. مان اڳ ۾ به چئي آيو آهيان ته خيرپور وڏن وڏن شخصيتن ۽ سياستدانن سان ڀري پئي آهي، پير به گهڻا، مير به گهڻا، سيد اولياءِ فقير به گهڻا، وزير به گهڻا ته جاگيردار به گهڻا، ايترن پريشر گروپس ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سڀني کي رس ۾ رکڻ لاءِ ڪاموري ۾ جيتريون اهي خصلتون اوترو هو اتم ۽ ڪامياب. مون ڪوشش ڪئي ته هروڀرو ڪنهن کي ناراض به نه ڪريان ۽ پنهنجو پاند به نه پسايان. لطيف
سائين جي چوڻ مطابق ته:
مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ائين چون، متان پاند پسائين!
لطيف
راند ڏاڍي ڏکي هئي، پر ڪوشش ڪئي ته عزت، احترام ۽ رواداريءَ وارو رستو قائم رکجي ۽ گهڻي حد تائين اهو قائم به رکيو.

[b]منهنجي ڌيءَ صفيه جي شادي
[/b]صفيه قادر منگي منهنجي وڏي ۾ وڏي ڌيءَ آهي. منهنجي شادي ڊسمبر 1970ع ۾ ٿي. صفيه سيپٽمبر 1971ع ۾ ڄائي. منهنجي گهر واريءَ جي وفات وقت 1991ع ۾ صفيه جي عمر 19 سال کن هئي.
منهنجي گهرواريءَ کان پوءِ سڄي گهر جي ذميواري هن پاڻ تي کنئي ۽ خوش اسلوبيءَ سان نڀائي هئي. اسان چار ڄڻا گهر ۾ هوندا هئاسون، مان ۽ ٽي منهنجا ٻار. هن مون کي به سنڀاليو. پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جو به خيال رکيو ۽ پاڻ کي به سنڀاليو. ها ايترو ٿيو ته سندس تعليم ايم اي پريويس کان پوءِ ختم ٿي وئي.
سندس شادي فئمليءَ ۾ سندس ماسات لال ڏني سان طئي ڪئي وئي، جيڪو پنهنجائپ جو ڌاڳو منهنجي گهرواريءَ جي وفات جي ڪري ٽٽي ويو هيو، ان کي مون نئين سري سان ڳنڍيو. ان شاديءَ ۾ سندس مامي سرور منگيءَ جو به عمل دخل هيو، هن جي راءِ کي مان وڏي اهميت ڏيندو آهيان. هن صورت حال ۾ جڏهن سندس والده جو Death ٿي ويو هيو ته سندس مامي جي راءِ منهنجي لاءِ گهڻي اهميت پئي رکي، جنهن وقت صفيه جي شادي ٿي رهي هئي ان وقت سندس ٿيڻ واري گهوٽ کي لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار جي نوڪري هئي. هن جو نالو لال ڏنو آهي پر مان کيس پيار مان لال ڪوٺيندو آهيان. هن وقت قاسم آباد جو اسسٽنٽ ڪمشنر آهي، ٻارن سان حيدرآباد ۾ مستقل طور سيٽلڊ ٿيل آهي، کيس چار ٻار آهن. ٻه پٽ ٻه نياڻيون، وڏي پٽ دانيال جي عمر 19 کن سال آهي.
منهنجي پهرين ٻار جي شادي اپريل 1996ع ۾ ٿي هئي، مون چاهيو پئي ته اها ڌام ڌوم سان ٿئي، علائقي جا معزز ترين مهمان ۽ منهنجا مائٽ ۽ دوست پوري سنڌ مان اچي شريڪ ٿيا. خيرپور جا تقريباً سڀ اهم ترين ماڻهو آيا، لاڙڪاڻي جا به وڏا ماڻهو آيا، سنڌ جي جن جن جڳهن تي مون نوڪري ڪئي هئي، اتان جي ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ منهنجي نياڻيءَ کي پنهنجي دعائن ۾ الوداع ڪيو.
صفيه جي شاديءَ کان پوءِ اسان جو گهر اسان کي خالي خالي پئي لڳو، گهر ۾ مان، ذڪيه قادر ۽ انيس قادر وڃي رهياسون. مان نوڪريءَ سان، انيس قادر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي پڙهائي ۾ مصروف، ذڪيه گهر ۾ اڪيلي، گهر کائڻ پئي آيو، ذڪيه پنهنجي وڏي ڀيڻ جو رول ادا ڪيو. هن جي گهر ۾ اڪيلائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ مامي ديدار حسين جي ڌيءَ رفعت کي اسان پاڻ سان رهايوسي. هن منهنجي ٻارن سان گڏ سندن ماءُ جو ٿڃ (کير) پيتو هيو، ان حوالي سان هوءَ سندن رضائي/ ٿڃ شريڪ ڀيڻ به هئي، رفعت پوءِ خيرپور مان بي ايس سي هوم ايڪانامڪس ۾ ڪئي، ذڪيه قادر پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه ۾ پڙهي رهي هئي پر ٽئين سال ۾ هن ڪاليج کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

[b]منهنجي ٻي شادي
[/b]صفيه جو گهر ۾ خال نه ڀرجي سگهيو. منهنجي سوشل ۽ فيملي لائيف هڪ طرف ۽ مٽن مائٽن ۽ ڀيڻ جو زور ٻئي طرف وڌندو پئي ويو ته مان شادي ڪريان، گهر جو ڪار وهنوار ٺپ، منهنجيون اڪيلايون ۽ پريشانيون پنهنجي جاءِ تي. دارونءَ جو استعمال سرس ٿي ويو. مان جڏهن نئون نئون خيرپور ۾ ڊي سي ٿي آيو هئس ته هڪ معزز خاندان جي معزز خاتون جا اهي Comment (راءِِ /ٽيڪا ٽپڻي) مون تائين پهتي ته،
ڈ ی سی صاحب آئے اکیلے ہیں لیکن خیرپور سے اکیلے جائیں گے نہیں!
دلچسپ راءِ هئي، اها ڪمينٽ پهچائڻ واري کي مون چيو هيو ته ان اديءَ کي شايد منهنجي بدليءَ کان پوءِ پنهنجي راءِ بدلڻي پوي.
سچ ته مان هاڻي ڀڄي ڀُري رهيو هوس. منهنجي ٽنهي ٻارن به اهو محسوس ڪيو ته مان اڪيلو ۽ اداس ٿو ٿيندو وڃان. هنن شروع شروع ۾ مون سان شاديءَ جو ذڪر ڪيو، صفيه ليڊر هئي، مون ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. خيرپور جي وقت جو ئي منهنجو هڪ غزل آهي، ان جا ڪجهه شعر منهنجي حال جي اظهار لاءِ ڪافي آهن.
سياري جي ڊگهي رات ۽ اڪيلائي،
تنهنجي آ رڳو تات ۽ اڪيلائي،
بي ترتيب ڪمرو وکريل چيزون،
گهربل آ تنهنجي ذات ۽ اڪيلائي،
شديد مايوسيءَ ۽ ڊپريشن ڏانهن وڌي رهيو هيس. بلڊ پريشر ته هيو، ڊاڪٽر چيو ته پنهنجو خيال ڪر، وڌيڪ ڊپريشن چڱي نه آهي، شيزو فرينا جي طرف وڃي رهيو آهين، بهتر آ ته شادي ڪر. هن ڪجهه گوريون به ڏنيون. انهن سان ڪجهه حالت بهتر ٿي، ملڻ جلڻ وارن کي خيرپور جي دوستن کي ۽ ٻارن کي ڪوشش ڪيم ته ڪل نه پوي ان حال جي، پر، ڏسڻ وارا به قيامت جي نظر رکن ٿا.
ٻارن ڪجهه رشتا، تجويز ڪيا، مان ڪنهن به اهڙي ڇوڪريءَ سان رشتو نه پيو ڪرڻ چاهيو، جيڪا عمر ۾ مونکان گهڻي ننڍي هجي يا ڏسڻ ۾ مونکان گهڻو ننڍي لڳي، مون چپ ڪئي. خدا کي ڪجهه ٻيو منظور هيو، پر مون ڏسي وائسي غلطي نه پئي ڪرڻ چاهي.
جيڪو سال ڏيڍ مون کي خيرپور ۾ گذريو هيو، ان دوران شهر جي تقريباً سڀني معزز ترين ماڻهن سان منهنجا پنهنجائپ وارا ۽ غير رسمي تعلقات استوار ٿي ويا هيا، عام گپ شپ کان علاوه سنجيده ۽ گهرو معاملن ۽ مسئلن تي به ڳالهائي سگهندا هئاسون، ڪي دوست ته موڪلن وارن ڏينهن تي به منهنجي گهر تي گپ شپ لاءِ ايندا هئا، اهڙي ئي هڪڙي ڏينهن هڪ معتبر ماڻهوءَ جنهن جو مان هميشه ٿورائتو رهندس، منهنجي شاديءَ جي ڳالهه چوري. چوڻ لڳو ته “توهان اڃان 50 سالن تائين به نه پهتا آهيو، اڃان ٻارهن تيرهن سال نوڪري به آهي ۽ نوڪري ۽ اسٽيٽس به سٺو آهي، پريشان به رهو ٿا، توهان شادي ڪريو.”
وري ڳالهه وڌائيندي ڪجهه ممڪن رشتا به مونکي تجويز ڪيائين، جنهن ۾ منهنجي موجوده گهرواريءَ جو نالو به شامل هيو، هن اهو به ٻڌايو ته کيس ڪنهن به رشتي لاءِ ڪونه موڪليو آهي نه ڪنهن فيمليءَ سان منهنجي ان بابت ڳالهه ٿي آهي، توهان آماده هوندا ته سڳو سوري سگهجي ٿو. مونکي هيءَ رشتو مناسب پئي لڳو، پر مون کي اندازو نه هيو ته سندس گهروارا ڪيئن ردِ عمل ڏيکاريندا. مون چپ ڪئي، شادي ڪرڻ تي دل به چوي پئي، پر شادي ڪرڻ کان لنوايو به پئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري جڏهن گهر ۾ ڳالهه نڪتي ته مون عزيز فاطمه جو ٻين تجويز ڪيل عورتن سميت کين نالو ڏنو.
منهنجون نياڻيون ڪاليج ۾ پڙهنديون هيون. عزيز فاطمه سان سندن اٿڻ ويهڻ هيو، سندس گهر به اينديون وينديون هيون. ٻارن ٻين ڪجهه نالن سان گڏ هن جو نالو به پسند ڪيو.
ٻارن ته آمادگي ڏيکاري هئي، منهنجي سالي ۽ ماسات سرور منگيءَ ۽ ٻين مائٽن سان به ڳالهه ٿي، اهي به راضي هئا.

[b]شاديءَ جو رشتو
[/b]ڊاڪٽر سليم ۽ نعيم احمد کرل سان غير رسمي طرح عزيز فاطمه جي رشتي لاءِ سندن گهر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کين پنهنجو ارادو ٻڌايو. کين چيو ته جيڪڏهن هو مناسب سمجهن ته رشتي کي اڳتي هلائجي نه ته ڄڻ ڳالهه ٿي ئي ڪونه. هنن پاڻ ۾ صلاح مشوري لاءِ ٽائيم گهريو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪليئرنس ملي ته “رسمي طرح رشتي لاءِ وڏي ڀاءُ عبدالرشيد کرل وٽ ڪراچيءَ اچو.”
اسان جي طرفان علي حسن منگي صاحب مرحوم جو پٽ آفتاب منگي، آفتاب جي ڀيڻ ڊاڪٽر انور منگي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر عبدالله منگي منهنجو رشتو کڻي عبدالرشيد کرل صاحب وٽ ويا، جتي اهو رشتو طئي ٿي ويو. مٺائي ورهائي آيا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شاديءَ جي پڌري، صفيه ۽ لال ڪري آيا. شاديءَ جي تاريخ 8 آگسٽ 1996ع مقرر ڪئي وئي. ٻنهي گهراڻن جا ويجها مائٽ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيا.
شادي ايترو جلدي طئي ٿي، جو منهنجي دوست ۽ ساٿي ايس ايس پي غلام قادر ٿيٻو کي به شاديءَ جي طئي ٿيڻ کانپوءِ ان رشتي جي خبر پئي، شاديءَ ۾ ٻاهرين مهمانن مان صرف ٿيٻو صاحب هيو.
خير خوبيءَ سان 8 آگسٽ تي شادي ٿي گذري، ڪنهن ڪيئن چيو ڪنهن ڪيئن چيو، پر ويهه سال ٿي ويا آهن، نڀندي رهي آهي، ٻه پٽ به ٿيا آهن، هڪ محمد اريس ۽ ٻيو علي حميص قادر، فيمليءَ ۾ هاڻي منهنجا سڀ ٻار پاڻ ۾ مٺ محبت سان رهي رهيا آهن.
نومبر 1996ع ۾ منهنجي خيرپور مان بدلي ٿي ته مان اتان اڪيلو روانو نه ٿيو هيس، عزيز فاطمه به منهنجي گهرواري ٿي گڏ هلي آئي هئي، ان خاتون جا اهي لفظ ته ڄڻ پيغمبرانه ثابت ٿيا هئا. مان ان دعا لاءِ عمر ڀر سندس ٿورائتو رهندس، جنهن ۾ هن چيو هيو ته “ڊي سي اڪيلو آيو آهي پر ويندو اڪيلو ڪونه. مائي صاحب تو کٽيو مون هارايو!”
شاديءَ کان اڳ ۾ منهنجي زال ليڪچرر هئي، شاديءَ کان پوءِ پڇيائين ته “نوڪري ڇڏيان يا جاري رکان.” مون کيس ئي اهو اختيار ڏنو ته جيئن پاڻ مناسب سمجهي ۽ اهڙو فيصلو ڪري. هن نوڪري جاري رکي، هاڻي 19هين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري آهي.

[b]محترمه بينظير ڀٽو جي عورتن ۾ زمين ورهائڻ جي پاليسي
[/b]هر سياسي حڪومت عوام کي خوش رکڻ لاءِ ڪونه ڪو سياسي ايجنڊا کڻي ايندي اهي، جيئن 2008ع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) متعارف ڪرايو ويو، اهو پروگرام ايترو ڪامياب ويو آهي جو ٻهراڙيءَ جون مايون ته ووٽ ئي PP کي ان ڪري ٿيون ڏين جو سندن چواڻي سندن ڀيڻ بي نظير هر مهيني کين پيسا موڪلي ٿي.
ساڳي طريقي سان محترمه بي بيءَ جو ٽارگيٽ گروپ عورتون رهيون آهن. 96-1993ع واري دور ۾ پاڻ اهو پروگرام آندائون ته ٻهراڙيءَ جي هاريءَ عورتن کي سرڪاري زمين گرانٽ ڪجي. ان سلسلي ۾ سرڪاري زمين جي سروي ڪئي وئي، ڪن ٻين ضلعن ۾ زمين هاري عورتن ۾ ورهائي وئي. ساڳيو پروگرام خيرپور ۾ ٺاهيو ويو، اتي ديهه تجل چونڊي وئي، ديهه تجل ۾ اثر رسوخ پير صاحب پاڳاري جو آهي. اتي پروگرام اهو ٺاهيو ويو ته نه صرف ديهه جي عورتن کي پر ٻاهرين عورتن کي به زمين الاٽ ڪجي ته هن علائقي ۾ پي پيءَ جو به اثر رسوخ وڌي وڃي. اهو به چيو ويو ته اتي جيڪي وڏا واريءَ جا دڙا آهن انهن کي ڊاهي پٽ ڪري زمين کي آباديءَ جي لائق ڪري هارياڻين کي ڏني وڃي، ان مقصد لاءِ جيڪي سنڌ سرڪار وٽ بلڊوز آهن انهن کي ان ڪم تي لڳايو وڃي، ان ڳوٺ کي ماڊل ڳوٺ ٺاهيو وڃي، اتي اسڪول ۽ اسپتال، پي سي او، بجلي ۽ ٻيون زندگيءَ جون سهوليتون به فراهم ڪيون وڃن، ان مني پروجيڪٽ لاءِ بلڊوز اچي ويا، ٻيو ڪم به شروع ٿي ويو، اهو تجل جو ريسٽ هائوس تاريخي ريسٽ هائوس آهي، اتي ٽڪيل ايس پي غلام رسول شاهه صاحب کي 1942ع واري زماني ۾ حرن حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو هيو. هن ايس پي صاحب لاءِ چيو ويو ته ان پير صاحب سورهيه بادشاهه کي گرفتار ڪيو هيو.
اهو خاص ڏينهن اچي ويو ته سنڌ جا سڀ وزير ڪبير به اچي اتي حاضر ٿيا، بينظير صاحب به آئي، ڪالونائيزيشن آفيسر پير ضياءُ الحق سهرورديءَ پاران ٺاهيل سندون عورتن ۾ ورهايون ويون. بينظير صاحبه ماڊل ٽائون گهميو. اسڪول ۽ اسپتال ڏٺي. انتظاميا ۽ ڊي. سيءَ سميت سڀني کي شابس ڏني. سي. ايم سائين عبدالله شاهه سان رواني ٿي وئي.

[b]غلام علي شاهه پاشا، سکر جو ڪمشنر
[/b]جنوري 1996ع ۾ نثار احمد صديقيءَ سکر ڊويزن ۾ تقريباً ٽي سال پورا ڪيا، کيس حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. سيد غلام علي پاشا کي سکر جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، ٻنهي جي ڪم ڪرڻ جي طريقي ۾ وڏو فرق هيو. صديقي صاحب هر شيءِ تي پاڻ نظر رکندو هيو، ڪڏهن ڊي سي ٿي ويندو هيو، ڪڏهن ايس پي ته ڪڏهن صوبيدار ته ڪڏهن انجنيئر، مونکي سندس ورڪنگ ان ڪري وڻندي هئي ته هو هر اهم مسئلي کان ذاتي طرح واقف هوندو هيو، تنهن ڪري اسان خبردار رهندا هئاسون ۽ بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا هئاسون ته غلطي نه ٿئي. ساڳي طرح پنهنجن زبردستن تي به نظر رکندا هئاسون، خوش نصيبيءَ سان صديقي صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو پاڻ ۾ ڦڏو ڪونه ٿيو. ڪم ڪرڻ جا تعلقات ڏاڍا سٺا رهيا.
تعلقات ته پاشا صاحب سان به سٺا رهيا، پر پاشا صاحب جي وقت ۾ آفيسرن کي ڇوٽ وڌيڪ هئي، معتبر ماڻهو هيو.

[b]ڪجهه دوستن جي اچ وڃ
[/b]سڪ وارن دوستن لاءِ خيرپور ۾ منهنجي پوسٽنگ سندن اچڻ وڃڻ لاءِ مرڪز بڻي، سندن خيرپور ۾ ته ڪو ڪم ڪونه هوندو هيو. پر سکر ۾ اچڻ وڃڻ اڪثر ٿيندو هيو ته مون وٽان به ڀيرو ڀڄندا هئا.

[b]پير ضياءَ الحق سهروردي
[/b]پير ضياءُ الحق سهروردي منهنجو پيارو ۽ عزيز دوست آهي، ان زماني ۾ ڪالونائيزيشن آفيسر سکر بيراج هيو، سندس هيڊ ڪوارٽر ته حيدرآباد هوندو هيو، پر سرڪاري ڪم ڪار سانگي لاڙڪاڻي ۽ سکر جا به سندس دورا ٿيندا رهندا هئا.
سندس اصلي اباڻو ڳوٺ ته ڀريا، نوشهرو فيروز ضلعي ۾ آهي پر هينئر حيدرآباد ۾ Settled ٿي ويو آهي. سندس خوبصورت گهر حيدرآباد جي، مشهور سٽيزن ڪالونيءَ ۾ آهي، جنهن ڪالونيءَ ۾ شمس جعفراڻي به رهي ٿو. پير ضياءُ الحق جو نانو پير قربان، نوابشاهه ضلع ڪائونسل جو اسپيڪر رهيو آهي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو 1955ع تائين ميمبر به رهيو آهي، سندس سياست سندس پاڙيسري جتوئي خاندان سان گڏ هوندي هئي، پير ضياءُ جو سئوٽ پير طارق قربان به سياست جي ميدان جو شهسوا رهيو، جيڪو MPA به ٿيو ۽ سنڌ گورنمينٽ ۾ ايڊوائيزر به هيو، زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي ۽ جوانيءَ ۾ ئي الوداع چئي ويو. دعا سڳو به سندن خاندان ڪندو آهي پيري ميريدي به اٿن، پر گذرسفر پيري مريديءَ تي ڪونه اٿن، نه وري مريدن کان ‘ڏن’ وٺن. پاڻ هالا جي، وڏي امين سائين جا مريد آهن ۽ ان درگاهه سان سندن اڃا تائين نسبت آهي.
پير ضياءَ صاحب راڄوڻو ۽ نهٺو ماڻهو آهي، صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو آهي. اسان ٻئي ساڳي ڏينهن 2 مئي 1975ع تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿياسون ۽ نوڪريءَ ۾ به ذاتي تعلق ۽ ويجهڙائپ رهي، پاڻ ڪنهن کي ڏيندو آهي پر ڏکوئيندو ناهي، ڪو زيادتي به ڪندس ته ڪڇندو ڪونه، دل ڪوسي گهٽ ڪندو آهي، سفر جو سٺو ساٿي ۽ مهمان نواز آهي.
خيرپور ۾ پي پيءَ جي حڪومت جيڪا تجل ۾ زمين جو پروگرام رٿيو هيو، ان ۾ به پير صاحب زمين جو ڪالونائيزيشن آفيسر هيو ۽ سندس ئي اختيار هيو ته اها زمين نيڪال ڪري بي زمين هارياڻين کي ڏيڻ ۽ سندس صحيح سان پوءِ خواتين ۾ انهن جون سندون ورهايون ويون. نيڪال واري ڏينهن پاڻ ئي ’راڄ جو راڻو‘ هيو، اسان ته فقط سندس ڄاڃي ۽ مددگار هئاسون.
ان سڄي پروسيس لاءِ پير ضيا خيرپور ايندو هيو ۽ منهنجي گهر تي منهنجي گيسٽ هائوس تي اچي رهندو هيو، ان کان علاوه به پاڻ جڏهن ڪم ڪار سان سکر يا لاڙڪاڻي ايندو هيو ته رهندو مون وٽ ئي هيو.

[b]عبدالغني چنا
[/b]ٻيو جيڪو منهنجو اهم مهمان هوندو هيو اهو هيو محترم عبدالغني سليم چنا سينيئر، پاڻ اصل شڪارپور جو آهي، اسان جي 1972ع ۾ ملاقات ٿي، مان فاريسٽ آفيس ۾ آر ايف او هيس. هدايت پريم به اتي مون سان گڏ ڪم ڪندو هيو. عبدالغني چنا ۽ بيدل مسرور به اسان جي آفيس ايندا رهندا هئا ۽ اسان به وٽن ويندا رهندا هئاسون، هي ٽئي ڄڻا سنڌيءَ ۾ هڪ پبليڪيشن ڪڍندا هئا، ون يونٽ نئون نئون ٽُٽو هيو. منهنجو سنڌي ادب ڏانهن به تنهن زماني ۾ هدايت ’پريم‘ جي صحبت جي ڪري لاڙو ٿيو هيو، وري سوني تي سهاڳو هنن دوستن جي صحبت ۾ مدد علي سنڌي به تنهن دور ۾ ايڪٽو هيو ۽ جيئي سنڌ جو برجستو سياسي رهنما ۽ ليکڪ هوندو هيو، اهو به شڪارپور تان ڀيرو ڪندو هيو، ارباب کهاوڙ سان به ملاقات ٿيندي هئي. عمر ۾ ته مون کان ننڍا هئا پر ادبي ۽ سياسي عمر سندن مونکان تمام گهڻي وڏي هئي، سندن ئي سنگت ۾ سنڌي ۽ سنڌي قومي ادب ڏانهن راغب ٿيس. عبدالغني چنا، ڀُٽي صاحب جي وقت ۾ 1972ع ۾ سي ايس ايس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيو. جڏهن نوابشاهه ۾ هيو ته هڪ هفتي ڪراچيءَ ٻارن ڏانهن ويندو هيو ته ٻيو هفتو مون سان خيرپور ۾ گذاريندو هيو، پوءِ هتان سکر، روهڙيءَ يا لاڙڪاڻي ۾ اديب دوستن وٽان ڀيرو ڪندو هيو، ڪڏهن مان به ساڻس ساڻ هوندو هوس يا ڪڏهن هي دوست اسان وٽ خيرپور ۾ ايندا هئا ۽ اڪثر ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون، خيرپور ۾ ڪوئي اديب اچي ۽ تنوير عباسيءَ سان نه ملي، تنوير ڪڏهن مان وٽ ايندو هيو، ڪڏهن اسان وٽس ويندا هئاسون، پيون اهي ياريون هلنديون هيون، اسان وٽ خيرپور ۾ اڪثر ادبي ۽ ثقافتي سلسلا هلندا رهندا هئا، انهن راڳ رنگ جي محفلن ۾ به چنا صاحب شريڪ ٿيندو رهندو هيو.
مخدوم بلاول به پيءُ جي قدم تي هلندي CSS ڪئي آهي ۽ آڊٽ ۽ اڪائونٽ گروپ ۾ BS-18 ۾ سينيئر پوزيشن ۾ آهي، ان نوڪريءَ ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ”جيو نيٽ ورڪ“ ۾ ڪم ڪندو هيو، جتي ’ثنا جماڻي‘ به ڪم ڪندي هئي. CSS ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي. کين ٻه پٽ آهن، سرواڻ ۽ ملهار، پيارا ٻار، ماءُ پيءُ جهڙا ڪيوٽ آهن.
مان جڏهن خيرپور ۾ شادي ڪري رهيو هوس ته پهريون دوست عبدالغني چنا هيو، جنهن کي اها خبر ڏني هئي.
سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ‘لاس ائنجلس جي هڪ شام’ ڇپيل آهي.
سراج الحق ميمڻ مرحوم سان چنا صاحب جي ڪري منهنجي اچ وڃ ۽ اٿڻ ويهڻ وڌيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي وڏي ڪچهري به ٿيندي هئي. سندس هڪ نياڻيءَ جو رشتو سراج صاحب جي ڀاءُ جي گهر ۾ ٿيل آهي. سراج صاحب جو فوٽو سندس گهر جي ڀت تي فريم ۾ لڳل ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، تمام ٿورا گهر هوندا، سراج صاحب جي مائٽن کان ٻاهر جن جي گهر ۾ سندس فوٽو لڳل هجي، دراصل سراج صاحب چنا جو رول ماڊل هيو، انڪم ٽيڪس آفيسر، اديب ۽ سٺو انسان آهي، ڪڏهن ڪڏهن مان ۽ سراج صاحب کيس ڇيڙيندا هئاسون.

[b]ڊاڪٽر پرڪاش کٽواڻي
[/b]ڊاڪٽر پرڪاش لال کٽواڻي، منهنجو رتيديري جي پرائمريءَ اسڪول کان وٺي دوست ۽ ساٿي آهي. سيڪنڊري اسڪول ۾ به هاءِ اسڪول رتيديري ۾ به گڏ هئاسون ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ به گڏ هئاسون، هو پري ميڊيڪل ۾ هيو مان پري انجنيئرنگ ۾، هو ان سال 1967ع ۾ انٽر ۾ پاس ٿيو ۽ مان فيل، حالانڪه سواءِ بائيولاجيءَ جي ٻيا سڀئي سبجيڪٽس مان کيس پڙهائيندو هيس، اهو به زندگيءَ جو هڪ رنگ آهي، پرڪاش ميڊيڪل ۾ ته سليڪٽ نه ٿي سگهيو، پر هو ڌُن جو ڏاڍو پڪو، BDS ۾ چونڊجي ويو، اهو ته سندس لاءِ وڌيڪ سٺو ٿيو. 1972ع ۾ ڊينٽل سرجن ٿي ويو ۽ ٽريننگ لاءِ جناح اسپتال ۾ مقرر ٿيو، هندو هجڻ جي ڪري کيس مشڪلاتون ته آيون پر وڃي پار پيو ۽ پڪو ڊاڪٽر ٿي ويو.
غلام عباس سومرو صاحب اسان جو چاچو ۽ اڪبر سومري جو پيءُ چيف منسٽر سنڌ محترم ممتاز علي خان ڀٽي جو PRO ۽ سينيئر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر انفرمميشن هيو، هن جي هلندي پڄندي گهڻي هئي ۽ نئون نئون ون يونٽ ٺٽو هيو، سنڌ ۾ پي پيءَ جي حڪومت قائم ٿي هئي، نوڪرين ۾ آفيسرن جو هر هنڌ خال هيو، عباسي شهيد اسپتال به نئين ٺهي هئي. ڊاڪٽرن جي ڀرتي ٿي رهي هئي. ڊينٽل سرجن ته بنهه گهٽ هئا. ڊاڪٽر پرڪاش هٿ پير هنيا. ڪجهه چاچي غلام عباس جي مدد ٿي، مهاجرن جي علائقي ۾ پرڪاش کي ڊينٽل سرجن جي نوڪري ملي وئي، ڊاڪٽر پرڪاش ان اسپتال جو پهريون ڊينٽل سرجن هيو. پروموشن وٺندي اتي ئي 21 گريڊ ۾ 2008ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، ڏاڍا لاها چاڙها آيس، ڌمڪيون به مليس، پر اسپتال ۾ ئي رهيو، رهائش به KNC جي فليٽس ۾ گرومندر ۾ رکيائين، جتي ٽيهن (30) سالن کان به وڌيڪ رهيو، ريٽائرمينٽ کان پوءِ عبدالله شاهه غازيءَ جي ڀرسان گهر ورتائين D-96، اتي رهي ٿو ۽ ڪلينڪ به اتي ئي ڪري ٿو. شروع ۾ نوڪريءَ سان گڏ نصيرشيخ جي هلال هاسپيٽل ۾ ڊينٽل ڪلينڪ کوليائين ۽ وڏو عرصو اتي ڪم ڪيائين.
تيز ترار دوست آهي، ڏندن جو ڊاڪٽر، هٿ ۽ اک جو پڪو، پيسا به ٺيڪ ٺاڪ گڏ ڪيائين ۽ سنڌ جي سينيئر بيورو ڪريٽس سان تعلقات به گهڻا ٺاهيائين. اسان کي اسسٽنٽ ڪمشنر هوندي به جڏهن ڪراچيءَ ۾ سيڪريٽريٽ جي گيٽ وارو به نه سڃاڻندو هيو ته پرڪاش جا هوم سيڪريٽريءَ ۽ چيف سيڪريٽريءَ سان تعلقات هوندا هئا.
آءٌ جتي جتي بدلي ٿي ويندو آهيان پرڪاش به اتي اچي ويندو هو مون وٽ، مان سندس ٿورائتو آهيان، خيرپور به ايندو رهيو، هڪ دفعي پنهنجو هڪ سنڌي دوست وٺي آيو، جيڪو هيو ته هالاڻي جو پر آمريڪا وڃي پهتو، جتي کيس نيشنلٽي مليل آهي ۽ آمريڪي شهري آهي. ڊاڪٽر گيهاڻي آمريڪا ۾ ڏندن جي وڏن ڊاڪٽرن مان هڪ آهي.
هن کي هن دفعي پنهنجي جنم ڀوميءَ جي سڪ سڏيو، ڪراچيءَ آيو، سندس ملاقات آمريڪا ۾ ئي ڊاڪٽر پرڪاش سان ڪنهن ڪانفرنس ۾ ٿي هئي، پوءِ ته پرڪاش کي پاڻ وٽ رهايائين ۽ ڪيترا ڏينهن سندس خدمت ڪيائين ۽ آمريڪا جو پنهنجي خرچ ۽ پنهنجي گاڏيءَ ۾ سئر ڪرايو، پرڪاش به کيس سنڌ ۽ سندس شهر هالاڻيءَ گهمڻ جي دعوت ڏئي آيو هيو. ڊاڪٽر چندرو گيهاڻي وڌيڪ موهجي پيو هيو. ڊاڪٽر پرڪاش کي به دنيا گهمڻ جو وڏو شوق آهي، شوق ڇا آهي اصل مرض آهي، جڏهن ڪو ٻاهريون هندو سنڌي يا سنڌي مسلمان جيڪو ٻاهر رهندو هوندو ان سان ياري ڳنڍيندو، پوءِ موقعي جي حساب سان ملڪ جو چڪر ڏيندو ته ان دوست کي ميزبانيءَ جو شرف ضرور بخشيندو. آمريڪا سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي آيو آهي، آمريڪا ۾ سندس پٽ پڙهيو ۽ اتي ئي نوڪريءَ ۾ ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ آهي، ۽ پنهنجي گهرواري ڊاڪٽر ڪنچن سان رهي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ پرڪاش به لنڊن، ڪئناڊا ۽ آمريڪا مان گهمي آيو آهي.

[b]ڊاڪٽر چندر وگيهاڻيءَ جو گهر
[/b]ڊاڪٽر چندرو گيهاڻي به ڪنهن ڊينٽل ڪانفرنس ۾ اچي ڪراچي پهتو، ڊاڪٽر پرڪاش سندس ڪراچيءَ ۾ ته آءٌ ڀڳت ڪئي، پر کيس سندس ڳوٺ هالاڻي ۽ سندس ٽه ماڙ پڪي جاءِ ڏيکارڻ لاءِ مون وٽ خيرپور به وٺي آيو، ٻئي ڏينهن کين پوليس اسڪارٽ ۽ مئجسٽريٽ ڏئي هالاڻيءَ موڪليو. هالاڻي خيرپور کان ڪلاڪ ڏيڍ جي ڊرائيو تي آهي، پڇا ڪري گهر لهي ويا، در تي پهچي چندرو چانئٺ تي منهن ڀر ليٽي پيو ۽ چانئٺ چمڻ لڳو. ڀتين ۽ درن کي ڀاڪر پائڻ لڳو، گهروارا ٻاهر نڪري آيا، انهن جو پوليس ۽ گاڏيون ڏٺيون ته ڏاڍا حيران ۽ پريشان ٿيا، کين ماجرا ٻڌايون، چندرو دل کولي، رانڀاٽ ڪري رنو، جڏهن سامت ۾ آيو ته گهروارن کيس چانهن مانيءَ جي آڇ ڪئي، گهر ۾ ڪا فوتي ٿي هئي. هن گهر اندران ڏٺو، گهر جو وڊيو ٺاهيو. هالاڻيءَ ۾ سندن گهر ۾ ڪو سنڌي ماستر رهندو هيو. جڏهن ڊاڪٽر چندرو گيهاڻي واپس مون وٽ پهتو ته ائين پئي لڳو ته ڄڻ وڏي بارش کان پوءِ آسمان تي ڪڪر ڌوپي ويا آهن، وڻن ٽڻن وانگر ڊاڪٽر به فريش ۽ خوش لڳي رهيو هيو.
پرڪاش پيارو انسان آهي، سندس پيءُ سخاوت راءِ والده ديوي ٻائي، ٻئي ڏاڍا سهڻا هئا ۽ هڪ ٻئي جو جوڙ هئا، ٻنهي جون ڀوريون اکيون هيون، سندن سڀئي ٻار، ڇهه پٽ ۽ چار ڌيئرون به اهڙيون ئي سهڻيون آهن، سندن هڪ وڏي ۾ وڏي ڀيڻ رجني جي جيڪب آباد جي سريچند سان شادي ٿي هئي. اهي ٻئي، ٻارن سميت 1965ع کان اڳ ۾ ڀارت لڏي ويا، پرڪاش به 1965ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏئي ٻن مهينن لاءِ ڀارت گهمڻ ويو هيو، انهن ڏينهن ۾ مون مرزا اديب جو ڪتاب صحرا نورد ڪي خطوط پڙهيو هيو، سو مون به 50 صفحن جو هڪ وڏو خط ڀارت ڏانهن لکي موڪليو، جنهن ۾ رتيديري جو احوال هيو، رتيديري جي بازارن جو، مٺائين جو، روڊن رستن جو، انهن تي بيٺل وڏن وڏن سرينهن جي وڻن جو ذڪر هيو. رتيديري جي تاريخ ۽ ڪلچر سمايل هيو، پرڪاش رتيديري ۾ موٽي آيو ته اهو خط مون کانئس ورتو هيو، پر پوءِ گم ٿي ويو.

[b]قمرالدين جوڻيجو ۽ ميهرچند اوڏ
[/b]اڪثر اسڪول جا دوست ميهرچند ۽ قمرالدين خيرپور ايندا هئا، جڏهن منهنجو ڊپريشن وڌي ويندو هيو ته ڳوٺ مان انهن ٻنهي کي گهرائي وٺندو هوس، هو هڪ ٻه ڏينهن مون وٽ رهندا هئا.

[b]خيرپور پريس
[/b]خيرپور جو ادبي لڏو ۽ پريس ڪلب به ڏاڍي برجستي هئي، پريس جا نمائندا به شاعر ۽ ليکڪ هئا، ڪي ته پنهنجي فيلڊ جا منفرد ماسٽرس هئا. غلام عباس ڀنڀرو انهن ۾ سيني کان سينيئر آهي، خوش مزاج آهي، منفي رپورٽنگ کان پري آهي. هن جي پويان شاگردن جو وڏو ٽولو آهي، جيڪي سندس نقش قدم تي هلي رهيا آهن. ڀنڀرو صاحب شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جو ليکڪ آهي. مشهور صحافين ۾ منصور ميراڻي، مدثر ڪلهوڙو، عبدالرزاق خلجي (پير ڳوٺ جو) ايم بي سومرو، خان محمد خان (پوين ڏينهن ۾ صحافت ۾ آيو) اعجاز چنا، شوڪت نوناري، ۽ ممتاز بخاري ادب سان سلهاڙيل هئا پر پريس ڪلب لاءِ به ٽائيم ڪڍي وٺندا هئا، ممتاز بخاري سکر جو هيو پر خيرپور کي به ويجهو هيو، اياز گل، ادل سومري سان به ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. مان جڏهن ماضيءَ تي نظر وجهان ٿو ته ڪوبه اهڙو واقعو ياد نٿو اچي، جيڪو منهنجي ۽ پريس جي وچ ۾ تلخيءَ جو سبب بڻيو هجي.

[b]تنوير عباسي
[/b]مان جتي ڪٿي نوڪريءَ دوران هميشه ادبي لڏي کي پنهنجي قريب يا پنهنجو حلقو چوندو آهيان ۽ ادبي لڏو به منهنجي ان ڳالهه کي خوش دليءَ سان قبول ڪندو آهي.
خيرپور جو ادبي لڏو دراصل تنوير عباسي جو ڪيڙيل ۽ شاگرد هلقو هيو. تنوير صاحب پنهنجي پوري حياتي خيرپورلاءِ ۽ خيرپور جي ادبي لڏي کي تربيت ڏيڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي، اها شاعري هجي افسانو هجي، لطيفيات، سچل يا شيخ اياز هجي، تنوير سڀني نوجوان محققن ۽ ليکڪن جي تربيت ڪئي. هن پنهنجي گذرسفر لاءِ، ڊاڪٽريءَ ۽ مريضن کي گهٽ وقت ڏنو، ادب جي مريضن ۽ متوالن کي وڌيڪ وقت ڏنو، چوڻ وارا چون ٿا ته خيرپور ۾ ڀاڀي قمر تنوير سندس گهر واري، هن جي پيرن مان ڪڙيون ڪڍي ها ته ڪيترين ئي يونيورسٽين جو وائيس چانسلر يا وزير ٿئي ها! آخر ۾ وصيت ڪري ويو ته وفات کان پوءِ سندس چم ۽ هڏا لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي ڏنا وڃن ته جيئن اتان جا شاگرد مرڻ کان پوءِ به هن مان فائدو وٺن، جتان پاڻ ڊاڪٽريءَ جو علم پرايو هئائين، پر سندس پونئيرن کيس اسلام آباد جي فيشن ايبل قبرستان ۾ دفن ڪيو.
تنوير عباسي پنهنجو پاڻ ۾ رابندرناٿ ٽئگور هيو ۽ سندس گهر سرمد هائوس شانتي نڪيتن هيو. هن خيرپور ۾ پنهنجا سوين هزارين شاگرد پيدا ڪيا، سقراط وانگر ڪيترن ئي شاگردن کي ‘خراب’ ڪيائين، انهن کي شاعر، اديب ۽ عاشق بڻايائين، جڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ گذاري ويو ته خيرپور جي گهٽين ۾ نوجوان پاڻ ۾ ڳراٽڙيون پائي پار ڪڍي رهيا هئا ۽ گهرن ۾ نوجوان اديب ۽ شاعرائون به اوسارا ڪڍي روئي رهيون هيون. ڄڻ هنن جي گهر جو ڪو ڀاتي گذاري ويو هجي.

[b]مختيار ملڪ
[/b]مختيار ملڪ به تنوير عباسي صاحب جو ٻالڪو هيو. سندس رويا به تنوير وارا آهن. هيءُ به شاعر آهي تنوير وانگر. هن جو اسٽار به قوس آهي، تنوير وانگيان. هن جو به ڪلاس آهي تنوير وانگر ۽ هن جا به ٻالڪا (شاگرد، چيلا) آهن. خيرپور جي هڪ طبقي تي هن جو به علمي ادبي اثر آهي. هيءُ به تنوير وانگر جيڪو آهي، ان تي مطمئن آهي. تنوير ان به هلڪيون هلڪيون ڪلفتون رکڻ وارا آهن ۽ هن سان به. دل جو سادو، ڪنهن کي ايذاءُ نه پهچائيندو. جنهن جاءِ تي جيڪو ڪم ڪيائين، ان کي ڪمال تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ان ۾ نواڻ پيدا ڪندو. هيءُ جيڪڏهن ريڊيو تي نه هجي ها ته اڃا به اڳتي وڃي ها.
جشن خيرپور ۽ علمي ادبي کيتر ۾ مون کي خدمتون ڪرڻ لاءِ هميشه اتساهيندو ۽ مدد ڪندو رهيو. جيڪي به منهنجو ادب ۽ ڪلچر جي حوالي سان خيپور ۾ منهنجون حاصلات آهن، انهن جو جس مختيار کي نه ڏيڻ ساڻس زيادتي ٿيندي.
مختيار ننڍپڻ کان وٺي علمي ادبي ڏس ۾ پاڻ پتوڙيو آهي. ٻارن جي شاعري ڪيائين. ٻاراڻي اوستا ۾ ئي استادن جي اکين جو تارو رهيو. ادل ۽ ايز جي ٽهيءَ جو، انهن وانگر ئي انهن جي جوڙ جو شاعر آهي. شاعريءَ جو هڪ ڪتاب اچي چڪو اٿس، جيڪو شاعريءَ جو پڪو پختو آهي. سندس هڪ ڪتاب کان سندس وڌيڪ ڪتاب اچڻ گهربا هئا.
خيرپور ۾ مختيار مون کي سڀني کان وڌيڪ ويجهو هيو. ڪڏهن ڪڏهن دل جا حال به هن سان ونڊيندو هوس.
مختيار جهڙا ڪردار، مشڪلاتن جي تلاش ۾ هوندا آهن. هن سان به ساڳي ويڌن آهي. ننڍي هوندي جي زندگي ڪا گهڻي خوش گوار ڪونه گذري. ساماڻيو ته سک ويس. عشق ڪيائين، مخالفتون ڏٺائين. شادي ڪيائين ۽ وڌيڪ ڏکين حالتن ۾ پئجي ويو ۽ انهن ئي ڏکيائين ۾ سندس گهر واري نبيله شاهه جو موت ٿيو. انهن ڏينهن ۾ مان خيرپور ۾ هئس. جيڪا مختيار جي حالت هئي، اها ٻڌائڻ کان ٻاهر آهي. ڏاڍين ڏکيائين کان پوءِ پاڻ کي جوڙي سگهيو. مائٽن چيس “ٻي شادي ڪر”. لنوائيندو رهيو. پوءِ جڏهن ‘نرگس’ سان ٻي شادي ڪيائين ته مائٽ رنج ٿي ويس. چي: “اسان جي مرضيءَ سان شادي ڇو نه ڪيئه؟” اسان مڊل ڪلاس جي گڏيل گهرن جو اهو الميو آهي. هر فيصلو گهر جي هر فرد جي مرضيءَ سان ڪجي.
عجب اتفاق آهي، مختيار جي ٻنهي زالن جا نالا ن سان شروع ٿين ٿا. نبيله ۽ نرگس.
وري ٻارن جا نالا س (S) سان شروع ٿا ٿين. وڏا ٻار پهرين گهر واريءَ مان: سنگهار ملڪ، سنڌيا ملڪ، ۽ ٻي زال جا ٻار: سلائج ملڪ ۽ سورٺ ملڪ آهن.
مختيار هينئر ملتان ريڊيو اسٽيشن تي اسٽيشن ڊائريڪٽر آهي. سندس پٽ سنگهار ملڪ CSS ڪري ASP ٿي ويو آهي. فيصل آباد ۾ زير تربيت آهي. سندس سور اچي گهٽيا آهن.

[b]حاجي عبدالڪريم کرل (منهنجو سهرو)
[/b]حاجي عبدالڪريم کرل جا وڏا درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ ٻَڌي آباد ٿيا. هاڻي هي هتي ستين پيڙهي آهي. حاجي عبدالڪريم به پنهنجي وڏن جي چوٿين پيڙهي هيو. شهيد نسيم کرل ۽ سندس پٽ دارا شڪوه (فيصل) کرل ڇهين ۽ فيصل جو پٽ احمد خان کرل (جيڪو اٽڪل 8 -10 سالن جو ٿيندو) ۽ ان جا سوٽ کرلن جي هتي ستين پيڙهي آهي.
حاجي عبدالڪريم کرل انهن سڀني پيڙهين مان اهم شخص هيو، جنهن کرلن جا هت بنياد مضبوط ڪيا. حاجي صاحب لکيل پڙهيل، صوم صلواة جو پابند، فارسيءَ جو صاحب طرز، اديب ۽ شاعر هيو. سندس ڀاتين کي پرکي ميرن کيس پنهنجو منشي مير (مختيار) مقرر ڪيو، جتي 1927ع تائين رهيو.
هنن کرلن جو وڏو راءِ احمد خان کرل هيو. جنهن جنگ آزاديءَ ۾ انگريزن سان جنگيون جوٽيون ۽ مٿن راتاها (ڪماڊو) حملا ڪيا، جن پنجن اهڙن معرڪن ۾ ڪامياب ٿيو، پر ڇهين معرڪي ۾ 1857ع ۾ پاڻ به شهيد ٿي ويو.
هي اهو دور هيو، جو انگريزن هندستان ۾ وڏي پئماني ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي. جنگجو قبيلن تي ظلم ۽ جبر شروع ڪيو. جنهن جي ڪري کرل به راوي ۽ چناب جا ڪنارا ڇڏي ملتان ۽ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح حاجي عبدالڪريم جو وڏو سنڌوءَ جي ڪناري تي ڳوٺ کرل آباد تعلقي گمبٽ ۾ آباد ٿيو. ان ڳوٺ کي پوءِ ڳوٺ حاجي عبدالڪريم کرل ۽ هينئر ڳوٺ ‘شهيد نسيم کرل آباد’ سڏين ٿا.
کرل شهاپور جهانيان بهاول پور وارن پيرن جي هٿ تي مسلمان ٿيا ۽ پوءِ ڪيترائي کرل گهراڻا پاڻ به پيراڻِ گادين جا ڌڻي ٿيا.
حاجي عبدالڪريم جي ايمانداري ۽ ديانتداري ڏسي هڪ دور ۾ ميرن سامان خريد ڪرڻ لاءِ کيس لاهور موڪليو. مير علي نواز ‘ناز’ انهن ڏينهن ۾ پنهنجن وڏن سان ناراض ٿي، لاهور ۾ گمناميءَ ۽ لڪ ڇپ واري زندگي گذاريندو هيو. اتي حاجي صاحب سان ملاقات ٿيس. حاجي صاحب کيس واپس رياست هلڻ لاءِ چيو، پر پاڻ نه هليو. حاجي صاحب پنهنجي هڙان 400 روپيا ڏيڻ چاهيا، پر اها مدد به قبول نه ڪئي، پر پوءِ اهي پئسا ورتائين. حاجي صاحب اهو سڄو احوال واپسيءَ تي مير صاحبن کي ٻڌايو. مير علي نواز ‘ناز’ کي پرچائي خيرپور رياست واپس وٺي آيا. ڪجهه عرصي کانپوءِ مير علي نواز ‘ناز’ خيرپور رياست جو والي ٿيو. جنهن حاجي صاحب کي سندس نيڪ نيتن جي ڪري 21 هزار ايڪڙ زمين جاگير ڪري مختلف ديهن ۾ انعام اڪرام طور عطا ڪئي. اهو وقت هيو، جڏهن خيرپور جي هن کرل فيمليءَ جو حال بدليو.
ايتري مال ۽ ملڪيت ملڻ جي باوجود حاجي صاحب وڌيڪ نهٺو ۽ راڄ ڀاڳ، مٽ مائٽ ۽ اوڙي پاڙي جو حامي، مددگار ۽ ڀرجهلو رهيو ۽ سندن وقت ويلي مدد ڪندو رهيو. حاجي صاحب پنهنجي ٻئي ڀاءُ عبدالرحيم کرل کي به سٺي تعليم ڏياري، جيڪو خيرپور رياست جو چيف جج ۽ ويسٽ پاڪستان حڪومت جي هاءِ ڪورٽ جو جج ٿي ريٽائرڊ ٿيو. جسٽس (ريٽائرڊ) عبدالرحيم کرل جي مزار عبدالله شاهه غازيءَ جي قبرستان ۾ آهي.
عبدالرحيم کرل، حاجي عبدالڪريم کرل کان ڪافي ننڍو هيو. جنهن کي حاجي عبدالڪريم پٽن وانگر پاليو ۽ نپايو ۽ تعليم ڏياري.
حاجي صاحب ٻه شاديون ڪيون. کيس پوئين گهر واريءَ مان پنج پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.
(1) شهيد نسيم احمد کرل (سنڌيءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار)
(2) حاجي عبدالرشيد کرل (فهيم احمد کرل)، سنڌ جو هوم سيڪريٽري ۽ ٻيلي کاتي جو چيف ڪنزرويٽر ٿيو.
(3) تسنيم احمد کرل (زمينداري ڪري ٿو)
(4) شهيد پروفيسر ڊاڪٽر سليم احمد کرل (ڊاڪٽر سليم کرل ڊاڪٽر ۽ پروفيسر ٿيو، ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊاڪٽري پڙهائيندڙ هيو. 31 ڊسمبر 2013ع ۾ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن جو نشانو ٿي ويو.)
(5) نعيم احمد کرل (وڏو نالو ڪڍيو اٿائين. 2002، 2008 ۽ 2013ع ۾ گمبٽ جهڙي ڏکئي انتخابي حلقي مان صوبائي چونڊ کٽندو اچي ٿو.)

نياڻيون:
(1) عظيم فاطمه (پنهنجي سوٽ خليل احمد کرل سان شادي ٿيس. جيڪو ويجهڙ ۾ وفات ڪري ويو آهي.)
(2) عزير فاطمه (منهنجي گهر واري، جيڪا پروفيسر آهي. تعليم کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهي آهي.)
حاجي عبدالڪريم ۽ جسٽس عبدالرحيم، هڪ طرف پنهنجي پٽن کي پڙهايو، پر نياڻين جي تعليم کان به بي پرواهه نه رهيا. سندس پٽ توڙي ڌيئر اعليٰ تعليم يافته آهن. سندس پوٽا ۽ پوٽيون به پڙهيل لکيل آهن. شرجيل ڪريم کرل هن وقت بلوچستان ۾ ڊي. آءِ. جي پوليس آهي. اسفند يار خان کرل بئريسٽر آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.
حاجي عبدالڪريم کرل اٽڪل 84 سالن جي ڄمار ۾ 1959ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس تدفين سندس ڳوٺ ۾ ٺهرايل مسجد ۽ مدرسي جي ڀر ۾ پنهنجي لاءِ ٺهرايل قبر ۾ ٿيل آهي.

[b]گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (GIMS)
[/b]گمبٽ جي پير صاحب جي گُردن جي عارضي ۾ وفات ٿي وئي، پاڻ سينيٽرز به هئا، انهن کي بطور سينيٽر جي جيڪي به ترقياتي فنڊ هئا، اهي پاڻ گردن جي بيماريءَ جي علاج لاءِ گمبٽ ۾ اهڙو سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ مختص ڪري ڇڏيائون، گمبٽ جي اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي هوندو هيو. مقامي ماڻهو، نيڪ نمازي ۽ سٺو ڊاڪٽر هيو، پر اسان جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهوليت جي اڻاٺ اهڙي، جو قينچي ڪونه هوندي هئي، سو آپريشن ٿئٽر ڪيئن هلي. قئنچي نه هجي ته لکن ڪروڙن جو آپريشن ٿئٽر ئي بيڪار ٿي ويندو. ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ کي سر ۾ سودا ۽ سمايو ته گمبٽ ۾ به ڪو چڱو ڪڊنيءَ جي علاج جو مرڪز هجي، مونسان ڳالهه اچي ڪيائين، مان به ڪيترا ڀيرا گمبٽ ويس، آخر صلاح بيٺي ته اهو ڪم ڪجي. ڊاڪٽر ڀٽي پاڻ تي بار کنيو، ڪجهه شيون گڏ ڪيون سي، سڄو بار ڊاڪٽر ڀٽيءَ تي هيو، پير صاحب کي به اهو خيال ڊاڪٽر ڀٽيءَ مٿي ۾ ويهاريو هيو ته گمبٽ جهڙي ننڍي شهر لاءِ ڪو گردن جي بيماريءَ جي علاج لاءِ مرڪز هجي ۽ پير صاحب پنهنجا فنڊ ڊاڪٽر ڀٽي جي، صوابديد تي رکي ڇڏيا هيا، ان ايڏي وڏي ڪم ۾ منهنجو گهڻو حصو ته نه آهي پر ايتري خوشي ضروري محسوس ٿي آهي ته ان ۾ مون به گاري جي هڪ لپ وڌي هئي.
هاڻي جڏهن، ڊاڪٽر ڀٽي اتي گردن ۽ جيري جو آپريشن ٿو ڪري ته وڌيڪ خوشي ٿي ٿئي ۽ پير صاحب ۽ ڊاڪٽر ڀٽي لاءِ دل مان دعا ٿي نڪري ته هڪڙو ننڍو خواب خيال هاڻي هيڏو وڏو گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (گمس GIMS) ٿي ويو آهي، جنهن جي نالي رکڻ جي معاملي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، جيڪو افسوسناڪ معاملو آهي، پير عبدالقادر شاهه جيلاني صاحب به تر جي معزز ترين شخصيت آهي، اسان جي سندس سمجهدار پٽ سائين فضل شاهه صاحب ايم پي اي کي گذارش آهي ته سائين توهان به سرڪار کان اهڙو ڪو ٻيو ادارو ٺهرايو، جنهن تي توهان پنهنجي والد صاحب جو نالو رکجو.

[b]محترمه گمبٽ ۾
[/b]ان پير صاحب جي وفات تي بينظير صاحبه گمبٽ ۾ رحلت تي غذرخواهي ڪرڻ ائي، پي پيءَ جي سڄي ليڊرشپ موجود هئي. هڪ ايم اين اي هيو، اهو به موجود هيو، مبين جماڻي به هيو. مبين جماڻي خيرپور ۾ ٽنڊي مستيءَ جي ڀرسان خيرپور شگر مل لڳائي آهي اڳ ۾ شوڪت جماڻيءَ جو نالو ته سوشل سرڪل ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، پر بلاول هائوس ٺهڻ کان پوءِ مبين جماڻيءَ جو نالو به ٻڌڻ ۾ آيو. مشهور اهو ڪيو ويو ته اهو گهر مبين صاحب ٺهرائي محترمه کي تحفي ۾ ڏنو آهي، پر ائين نه هوندو. وڌيڪ الله کي خبر! پر محترمه مٿس مهربان گهڻو هئي، مبين صاحب به بنيادي طرح ته بلڊر آهي پر هاڻي وڏو واپاري ٿي ويو آهي. دبئيءَ ۾ ڪاروبار به اٿس ۽ هڪ وڏو هوٽل به اٿس، هتي پاڪستان ۾ به ڪافي ڌنڌا ڌاڙي اٿس، خوش حال ۽ تيز ترار ماڻهو آهي، سندس هڪ پٽ فهد دبئيءَ ۾ آهي. جماڻي صاحب شريعت محمديءَ مان پورو فائدو وٺندي چئن زالن جو ور به آهي.
محترمه جڏهن تعزيت ڪري هيلي پيڊ تي آئي ته مان اتي بيٺو هوس، MNA صاحب به پهچي ويو، مبين جماڻي به ۽ ٻيا گهڻا ليڊر پوئتي هئا.
محترم MNA کي مخاطب ٿي چيو ته ’مبين ڪو تنگ مت ڪرو‘ هن چيو “بي بي مين آپ سي اسلام آباد ۾ بات ڪرونگا”. بي بي شوخائي مان چيو “بات وات کو چهوڙو، مجهي سب پتا هي.”

[b]ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ
[/b]ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ راڻي پور جو آهي، هاڻي فوت ٿي ويو آهي پر وڏو ڪهول وڏي ملڪيت ۽ وڏو نالو ڇڏي ويو آهي. قادر بخش صاحب جي گهرواري به پنهنجو مٽ پاڻ هوندي هئي، ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار هيو. قادر بخش صاحب 80 سال جي عمر ۾ گذاري ويو، سندس گهرواري ستر سال جي عمر ۾ سندس وفات کان سال کن اڳ ۾ گذاري وئي، نالو ته مرحومه جو خبر ناهي پر سڀ کيس مرڻ گهڙيءَ تائين بي بي Baby ڪوٺيندا هئا. ملڪيتون وڌيون ته پوين ۾ جهيڙا به وڌيا، هاڻي وڃي ڀائن ڀينرن ۾ ٺاپر ٿي آهي، ڊاڪٽر قادر بخش هڪ طرح منهنجو به مائٽ ٿئي. سندس نياڻي ڊاڪٽر ياسين، منهنجي سالي شهيد ڊاڪٽر سليم کرل جي گهرواري آهي. ڊاڪٽر قادر بخش منهنجي به عزت ڪندو هيو. کرل فيمليءَ ۾ شاديءَ کان پوءِ منهنجي پاڻ وٽ دعوت ڪيائين، سندس مهرباني.
ڊاڪٽر صاحب خيرپور جي اوائلي ڊاڪٽرن مان هيو، ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ خيرپور ضلعي جي سڀني شخصيتن جو علاج معالجو ڪندو رهيو آهي.

[b]نصرت حسين ابڙو
[/b]نصرت حسين ابڙو اصل ۾ مديجيءَ جو هيو، منهنجو والد صاحب به مديجيءَ جو هيو، تنهن ڪري اسان ٻنهي ۾ ويجهڙائپ هئي.
اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر هيو ۽ سکر ۾ سندس پوسٽنگ هئي. پاڻ سٺو ليکڪ به هيو ۽ سٺو انسان به. اسان خيالات جي ڏي وٺ ڪندا رهندا هئاسون، ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ خيرپور ۾ به ايندو هيو. منهنجي ۽ سڀاڳي خان ڊي سي سکر جي به ساڻس صحبت هوندي هئي، چرچو ڀوڳ پاڻ به ڪري وٺندو هيو ۽ اسان به ڪندا هئاسون. برساتن ۽ ٻوڏ جي متعلق هڪ ڏينهن ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪميٽي روم ۾ ميٽنگ هئي، ڪميٽي روم ڪا وڏي ۽ ويڪري ڪونه آهي، ماڻهو گهڻا هئا ۽ ڪرسيون گهٽ، جڏهن به ڪو نئون ماڻهو ميٽنگ هلندي آيو پئي ته ٻاهران ڪرسي گهرائي هال ۾ ان کي ويهاريو پئي ويو.
نصرت ابڙو ميٽنگ هلندي ڪمري مان نڪري ويو، ان وچ ۾ ڪو ٻيو آفيسر آيو ۽ سندس ڪرسي خالي ڏسي ان تي ويهي رهيو. نصرت جڏهن موٽيو ته سندس ڪرسي ڀريل هئي، ٻي ڪرسي به ڪونه هئي، هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو، خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ چوڻ لڳو. ’مان ته هڪ ڪرڻ ويو هوس!‘ مون آهستگيءَ سان چيو: هاڻي ٻيو به ڪري آءُ! منهن جي ساڄي تي ڪمشنر نثار صديقي ۽ کاٻي تي سڀاڳو خان ويٺو هيو، ٻنهي مونکي ٻڌي ورتو هيو ۽ ٻنهي کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو، نصرت پڇڻ لڳو ڇا ٿيو؟ سڀاڳي خان ورجايو “وڃو هاڻي ٻيو به ڪري اچو؟” سڄي حال ۾ وڏو ٽهڪڙو پئجي ويو.

[b]جشن خيرپور- مشاعرو
[/b]ادبي اڃ اجهائڻ لاءِ جشنِ خيرپور دوران پاڪستان جا نالي وارا شاعر گهراياسون، جن ۾ احمد فراز سرِفهرست هيو، فخرالزمان اڪيڊميءَ آف ليٽرس جو سربراهه آيو. ان کي به ان اميد سان گهرايوسي ته گهٽ ۾ گهٽ مشاعري جو خرچ ڏيندو، پر ائين نه ٿيو، منير نيازي ۽ امجد اسلام امجد فلائيٽ cancel ٿيڻ سبب نه اچي سگهيا، احمد فراز جڏهن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارن جي فرمائش تي اهو غزل ٻڌايو ته:
سنا ہے دن میں اسے تتلیاں ستاتی ہیں
رات کو جگنو اسے ٹھر کے دیکھتے ہیں۔
ته هال ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هوڪرا پئجي ويا هئا!
اسٽيج تي فخرالزمان ۽ فراز لڳو لڳ ويٺا هئا، مان فراز جي ڀرسان ويٺو هوس ، جڏهن فخر اسٽيج تي چڙهڻ لڳو ته فراز مونکي ڪن ۾ چيو ته:
اگر اس کو بلانا تھا تو مجھے کیوں بلایا تھا۔
تنوير عباسيءَ کي پنهنجو نظم تي بي انتها داد مليو، نوجوان سنڌي شاعرائن به پنهنجو پاڻ ملهايو، جنهن ۾ رخسانه پريت اڳري هئي.

[b]بار ڪائونسل خيرپور
[/b]بار ڪائونسل، خيرپور جو مضبوط ادارو آهي. وڏا معتبر نالا بار جا ميمبر رهيا آهن، انهن ۾ سائين غوث علي شاهه ۽ سائين قائم علي شاهه، ٻيئي وزيراعليٰ ٿيا. هادي بخش لاڙڪ، نسيم کرل، نظر محمد ڳاهو ۽ شفيع چانڊيو، جيڪو هاڻي ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان آهي، شفقت مهيسر، علي اسلم جعفري، آدم جعفري ۽ عبدالحميد ڊوگر به شامل آهن، اهي ٽئي هاءِ ڪورٽ جا جج ٿيا، جنهن مان حميد ڊوگر صاحب سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو. ڪجهه سال اڳ ۾ کرل فيمليءَ مان ميرن جي دور ۾ منهنجي گهرواريءَ جو چاچو جسٽس عبدالرحيم کرل، اسٽيٽ جو چيف جسٽس هيو ۽ پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو به جج ٿيو، امتياز حسين ڦلپوٽو به خيرپور جو سٺو وڪيل آهي. راحيل کرل (عبدالرشيد کرل جو پٽ ) ۽ اسفند يار کرل (ڊاڪٽر سليم کرل جو پٽ) به بار ائٽ لاءِ ڪري آيو آهي، ڪراچيءَ ۽ خيرپور ۾ وڪالت ڪري رهيو، لا ته شرجيل کرل به ڪئي پر هن وڪالت جي بدران DIG ٿيڻ پسند ڪيو، هن ڪرمنالاجي ۾ ايل ايل ايم ڪيو آهي، اڳتي هلي شايد هي نوجوان به وڪالت ڪري.
هاڻي خيرپور ۾ عورتون به وڪالت ڪن ٿيون جن مان رعنا شاهه سر فهرست آهي. گل ناز ۽ ريحانه گل رضوي، جج ٿيڻ لاءِ تياريون ڪري رهيون آهن.

[b]مير مرتضيٰ جي شهادت
[/b]بدنصيبيءَ سان 21 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽي جي سندس گهر 70 ڪلفٽن جي ڀرسان شهادت ٿي وئي، اهو اهڙو واقعو هيو، جهن جي ڪري ملڪ ۾ غم ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي، هو محترمه بينظير ڀٽو جو اڪيلو جيئرو ڀاءُ هيو، مير ۽ بي بي پاڻ ۾ ويجهو به اچي رهيا هئا. مير صاحب پنهنجي ننڍڙي نياڻي فاطمه ڀٽو سان گڏجي پرائيم منسٽر هائوس ۾ محترمه سان ڊنر به کائي آيو هيو، آخر ڀاءُ ڀينر هئا، فاطمه ڀٽو بي بيءَ سان ڏاڍو پيار ڪندي آهي، کيس وڏي چئي مخاطب ٿيندي آهي.
پر افسوس مير مرتضيٰ کي فرصت نه ملي، صدر ڀائي فاروق لغاري، بهانا ڳولهي رهيو هيو ۽ نيٺ 58-2B ۾ بينظير صاحبه جو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اسيمبليءَ کي ئي تحليل ڪري ڇڏيو، نتيجي طور سنڌ ۾ نگران وزيراعليٰ ممتاز علي خان ڀٽو نومبر 1996ع ۾ مقرر ٿيو، اها تقرير حيران ڪندڙ هئي. ممتاز علي خان تمام جهونو سياستدان آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ساٿي ۽ سندس دور ۾ سنڌ جو گورنر ۽ پاور فل وزيراعليٰ ۽ مواصلات جو وزير 77-1972ع تائين رهيو آهي، پنج ويهن سالن کان پوءِ ٻيهر وزيراعليٰ سنڌ ٿيو، مونکي ڪيترن دوستن ۽ خيرپور واسين مبارڪ باديون ڏنيون، هنن کي اها ڳالهه سامهون هئي، هڪ ته ممتاز صاحب وقتي ويلي ڪم ڪار لاءِ مون وٽ مهرباني ڪري ايندو هيو، منهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ به شريڪ ٿيو هيو.

[b]خيرپور مان بدلي
[/b]مبارڪون ته ملنديون رهيون، ۽ مون به ممتاز صاحب کي مبارڪ باد ڏني، پر مون کي هڪ کٽڪو هيو، سندس وزيراعليٰ ٿيڻ کان ڏهه ڏينهن اڳ ۾ ڪو ڪم چيو هوائون اهو وقت سر نه ڪري سگهيو هوس، سو مون کي احساس هيو ته پاڻ ان صورتحال کان خوش ڪونه هيو، آخر منهنجي خيرپور مان بدلي ٿي وئي، مونکي S&GAD ۾ رپورٽ ڪرايو ويو، جنهن جو مونکي انديشو هيو اها ئي ڳالهه ٿي، منهنجي جڳهه تي محمد يونس ڍاگا ڊي سي خيرپور ٿي آيو، جيڪو هن وقت فيڊرل گورنمينٽ ۾ 22 گريڊ ۾ سيڪريٽري واٽر ۽ پاور آهي، جنهن جي ذمي اهو ڪم ڏنو ويو آهي ته ملڪ ۾ بجليءَ جي بحران کي ختم ڪري، ڪافي خوبين جو ملڪ آهي. ايماندار ۽ همت وارو برجستو آفيسر سمجهيو ويندو آهي.
هاڻي ته خيرپور به منهنجي زال جي ڪري اڌ گهر هيو، بدلي ته ٿيو هيس پر خيرپور سان پريت جا پيچ پئجي ويا هئا.
مون جلد کان جلد ڊي سي هائوس خالي ڪرڻ پئي چاهيو پر خيرپور ۾ تقريباً ٻه سال رهيو هوس. دعوتن جو سلسلو شروع هيو. مون انفرادي دعوتن جي ته معذرت ڪري انڪار ڪري ڇڏيو، باقي ڪن ادارن طرفان ڪجهه دعوتون قبول ڪيون هيون.

[b]هو عاشق آهي!
[/b]آخري دعوت پريس ۽ ادبي لڏي جي طرفان هئي جيڪا قربان منگيءَ جي سربراهيءَ ۾ تنوير عباسي، غلام عباس ڀنڀري، خان محمد ۽ مختيار ملڪ هوٽل ڪاڪ محل خيرپور ۾ ڏني هئي، هال ڀريل هيو، اديبن ۽ شاعرن کان علاوه شهر جا معززين جن ۾ جاويد شاهه جيلاني، اسلم جعفري صاحب، سليم عباسي صاحب، شاڪر شاهه، عابد شاهه، مولا بخش لاڙڪ، صوفي ڊاڪٽر قبول محمد شاهه (آخري)، وي سي ڊاڪٽر بشير شيخ، نظر محمد ڳاهو، شفيع محمد چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا ئي معززين اچي گڏ ٿيا هئا. تقريرون ٿيون، سڀني لفطن سان مون کي نوازيو. منهنجو ٻن سالن جون محنتون ثاب پيون. دوستن جي واکاڻ منهنجو ٿڪ لاهي ڇڏيو.
آخر ۾ تنوير عباسي صاحب خراج ڏيندي چيو ته عبدالقادر منگي سٺو انسان ۽ سٺو آفيسر ته آهي پر هن جي وڏي ۾ وڏي سُٺائي اها اهي ته هو ’عاشق‘ آهي.

[b]رتيديري جي رستي- حيدرآباد
[/b]ڪجهه ڏينهن گذريا ته چيف سيڪريٽري سعيد احمد صديقيءَ جو فون آيو، پڇيائين ته ڊي سي کان سواءِ جيڪا خالي پوسٽ هجي اها ٻڌاءِ، باقي اڳتي هلي ممڪن ٿيو ته توکي ڊسٽرڪٽ ۾ موڪلينداسون.
چيف ته منهنجي خيرپور مان به بدليءَ جي مخالفت ڪئي هئي، پر مجبوريءَ ۾ بدلي ڪيائين، ڪنهن کي به ڪا سڌ نه هئي ته نگران سسٽم ڪيترو هلندو.
مونکي ڪابه پوسٽنگ ڪونه سجهي رهي هئي، خبر هئي ته ايڊيشنل ڪمشنر I حيدرآباد جي پوسٽ خالي آهي، مون کيس اتي پوسٽنگ لاءِ چيو، ٻئي ڏينهن سيڪريٽري سروسز هاشم لغاري صاحب فون ڪري ٻڌايو ته مان حيدرآباد وڃي ڊيوٽي رپورٽ ڪريان، پر مان جلديءَ ۾ ڪونه هيس. رتيديري ۾ مزو اچي رهيو هيو، ڪجهه ٽائيم وڌيڪ وٺڻ پئي چاهيو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد حاجي هارون جي فون آئي، چيائين ته “جلدي اچي چارج وٺو، اليڪشن جو ڪم زورن تي آهي، سينيئر آفيسر جي ضرورت آهي.” مون کيس هفتي کن جي مهلت لاءِ چيو، پر پاڻ ٻن ڏينهن لاءِ راضي ٿي ويو. ٽئين ڏينهن مون چارج ورتي.
اليڪشن جو ڪم زورن تي هيو، رهائش لاءِ سرڪٽ هائوس ۾ مون کي ٻه ڪمرا مليا، جتي ٻارن سان رهي پيس.
غلام اڪبر لغاري، جيڪو هينئر سيڪريٽري ڪلچر آهي، اهو AC ٿي ڪمشنر آفيس ۾ اچي لڳو. مون کي سهوليت ٿي پئي، لغاري صاحب به ادب ۽ شاعريءَ جو دلدادهه آهي. سندس ڪجهه ڪتاب به اچي ويا آهن، پيارو ۽ ڀروسي جهڙو انسان آهي. سندس گهرواري به اردوءَ ٻوليءَ جي سٺي افسانه نگار آهي، سندس ڪجهه افسانن جا ڪتاب اردوءَ ۾ اچي چڪا آهن. مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا به اردو ۾ ترجمو ڪئي اٿائين، جيڪا قليچ چيئر ڇاپي آهي. لنڊن جي يارڪ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪئي اٿائين. ڪئناڊا ۾ رهي ٿي.
حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن زاهد سعيد هيو، وڏي دل جگر ۽ همت وارو آفيسر هيو، هڪ ته سابق ڪيپٽن هيو، ٻيو ڊي ايم جيءَ جو هيو، ٽيون پنجاب جو هيو، آرمي آفيسرن سان ميٽنگ ۾ جتي ڪمشنر صاحب ڳالهائيندي ڪيٻائيندو هيو ته زاهد سعيد انهن مسئلن کي منهن ڏيندو هيو. هينئر اسلام آباد ۾ وفاقي سيڪريٽري آهي.
حيدرآباد ۾ هيءَ سٺي ٽيم هئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چيف سيڪريٽري حيدرآباد ۾ ڪنهن مائٽ جي شاديءَ ۾ آيو، ان ئي سرڪٽ هائوس ۾ رهيو جتي مان رهيل هيس، پاڻ حيدرآباد يونيورسٽيءَ مان پڙهيو، اتي ئي ليڪچرر به هيو، پوءِ 1964ع ۾ CSP ٿي ويو، صدر فاروق لغاريءَ جو بئچ ميٽ آهي. صدر لغاري پنهنجي 1964ع جي بئچ ميٽس کي پاڻ سان کڻي ٽيم ٺاهي، عبدالله جي. ميمڻ به سندس بئچ جو هيو، جنهن کي صدر، نگران حڪومت ۾ واٽر ۽ پاور جو وفاقي وزير ڪيو هيو. ٻئي ڏينهن تي سعيد صديقي صاحب سان سرڪٽ هائوس ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ٿي، هو به آرام جي موڊ ۾ هيو، اسان کي ته آرام ئي آرام هيو، نگران سيٽ اپ تي ڳالهايوسي، نگران وڏي وزير تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيرن ۽ انهن جي کاتن تي انهن جي ڪم ڪار تي، مطلب ته هر شيءِ ڊسڪس ڪئي سون، مون به رک رکاءُ نه ڪيو، جيڪو سڌو ۽ ايمانداريءَ سان منهنجو خيال هيو اهو پيش ڪيو، اٿڻ وقت وري چيائين ته توسان زيادتي ٿي آهي، ان جو ازالو ٿيڻ گهرجي، مون مسڪرائي چپ ڪئي، ‘ازالو ته توهان ئي ڪندؤ !’ مون دل ۾ سوچيو.

[b]صبح مهراڻ- نصير مرزا ۽ ملاح سسٽرز
[/b]حيدرآباد ۾ مان 8 بجي صبح جو اٿي چاءِ پي باٿ روم ۾ ويندو هوس، ننڊ جا اڃان کيپ چڙهيل هوندا هئا، صبح جو تيار به ٿيندو هيس ۽ ريديو حيدرآباد تان نصير مرزا جو پروگرام صبح مهراڻ به ٻڌندو هوس، ان پروگرام کي نغمه ملاح ۽ سلميٰ ملاح ٻه ڀينر هلائينديون هيون. سندن انداز جو تنهن زماني ۾ وڏو چرچو هيو. هڪ ته پروگرام جاندار هوندو هيو، مٿان نصير مرزا جي اسڪرپٽ جا ڪمال ۽ ملاح سسٽرس جي شاندار پريزيٽيشن، هڪ هڻندي هئي ته ٻي کڻندي هئي، ڪلام به ڏاڍا مقبول ۽ وڻندڙ هوندا هئا.
ملاح سسٽرس سماج سڌارڪ عارب ملاح جون نياڻيون آهن، بااخلاق، باڪردار، فضيلت ۽ سمجهه واريون الله اهڙيون نياڻيون سڀن کي ڏئي. عارب ملاح جي ويجهڙائيءَ ۾ فوتي ٿي وئي آهي.
سلميٰ جو رشتو خيرپور کان جنسار ملاح موڪليو، پر انڪار ٿي ويو، جنسار ٻئي هنڌ شادي ڪئي ٻه ٽي ٻار به ڄاوس، وري رشتو موڪليائين، مالڪن هن دفعي ها ڪئي ۽ سندن شادي ٿي وئي، عاشقن جا به عجيب رنگ آهن، هينئر سلميٰ کي جنسار مان ٽي پٽ آهن، خيرپور ۾ رهي ٿي، ملياڻي ٿي وئي آهي.
نغمه کي نوڪري آهي 18 گريڊ ۾ لوڪل گورنمينٽ ۾ حيدرآباد ۾ آهي، شادي اڃان ڪونه ٿي اٿس. شايد اهو به لکئي جو ليک!