12. هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو (ڊسمبر 1996 کان آگسٽ 1997)
[/b]مون پندرهن ڏينهن پوسٽنگ جي انتظار ۾ گذاريو هيو ۽ هت پوسٽنگ کي پنجويهه ڏينهن ٿي رهيا هئا، خيرپور جي بدليءَ جو اڃان چاليهو ڪونه ملهايو هيو ته هڪ رات جو چيف منسٽر هائوس کان فون آيو، آپريٽر چيو ته سڀاڻي توهان جو 12 بجي چيف منسٽر صاحب سان ملاقات جو وقت مقرر ٿيل آهي. مون هن کان پڇيو ته “کيس ڪنهن چيو آهي؟” ٻڌايائين “سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر سائين نور احمد شاهه”. مون چيو ته “بابا مون ٽائيم ڪونه گهريو آهي، وري به سائين کان پڪ ڪر، اهو ڪو ٻيو هوندو.”
آپريٽر ٻيهر ملايو، چيائين ته سائين نور احمد شاهه پاڻ ڳالهائيندو.
سائين لائين تي آيو. چيائين ته “سڀاڻي توهان کي CM صاحب گهرايو آهي، پوڻين ٻارهين بجي مون وٽ اچجو، پوءِ CM صاحب سان ملجو”. مون پڇيو “خيريت ته آهي؟” چيائين ته “اچو ته ڳالهايون ٿا!”
مان پريشان ته ڇو گهرايو ويو آهيان، ڇا CM ڪا دٻ ڏيڻ لاءِ گهرايو هوندو؟ پر مون سوچيو ته ان لاءِ پاڻ ڇو گهرائيندو! امداد الله انڙ صاحب ائڊوائيز اينٽي ڪرپشن ئي ڪافي آهي! آءٌ پريشان هيس! ٻئي ڏينهن تي سائين نور احمد شاهه وٽ حاضر ٿيس، ٻڌايائين ته “CM صاحب کي لاڙڪاڻي جو ڊي.سي بدلائڻو آهي. تنهن ڪري صاحب توهان کي انٽرويو لاءِ گهرايو آهي.”
[b]چيف منسٽر ممتاز علي خان ڀٽو سان ملاقات
[/b]شاهه صاحب وٽ چاءِ پي احسان شاهه پي ايس وٽ آيس، مونکي هڪ ڳالهه جي خوشي به ٿي ته ممتاز صاحب مونکي خيرپور مان 40 ڏينهن اڳ اهو سوچي بدلي ڪيو هيو ته مان پيپلو آهيان. مان پي پيءَ جي وقت ۾ ٻه سال خيرپور ۾ ڊي سي رهيو هوس، لاڙڪاڻو منهنجو گهر آهي، سال 1988ع کان 1992ع تائين اتي نوڪري ڪئي آهي. پي پي وارن سان دوستاڻا ناتا آهن. ممتاز صاحب جو پٽ امير بخش خان ڀٽو اسان جي ڳوٺ رتيديري، خيريديري ۽ بنگلديري مان اليڪشن ۾ بيٺو آهي. 3 فيبروريءَ تي اليڪشن آهي، ان ۾ 40 ڏينهن بچيا آهن، بي نظير صاحبه جي ساڳي اليڪشن جو به ساڳيو حلقو آهي. پتو نه ٿو پوي، جيڪڏهن انهن نگرانن جو عرصو ڊگهو ٿو ٿي وڃي ته پوءِ پوسٽنگ جي حوالي سان انڪار ڪرڻ وڌيڪ نامناسب ۽ جوکائتو ٿيندو، اهي سڀ ڳالهيون سوچي رهيو هوس ته احسان شاهه چيو ته “سائين اچو”. مان ڇرڪي اٿيس!
CM صاحب ننڍي ڪنڊائتي پيل ٽيبل جي پويان ويٺو هيو، سامهون ٻه ڪرسيون پيل هيون، شيشي جي دريءَ جا پردا کليل هئا، خوبصورت لان ۽ موسمي گل دريءَ مان نظر اچي رهيا هئا، مان جيئن ئي ٽيبل جي ويجهو پهتس ته CM صاحب اٿي مون سان هٿ ملائيندي چيو، ويهو!
ممتاز صاحب سان اڳ ۾ به ڪيتريون ملاقاتون ٿي چڪيون هيون پر CM هائوس ۾ سندس شان ۽ مان ئي اور هيو، مسڪرائي منهنجو حال احوال ورتائين، چانهن جو پڇيائين، ٻڌايو ته “سيڪريٽري وٽ پي آيو آهيان.”
مقصد جي ڳالهه تي آيو، چيائين ته “موجوده ڊي سي لاڙڪاڻي کي سمجهدار آفيسر سمجهي اتي رکيو هيو، پر هن جو ته حال ئي ڪونهي، صفا دنيا جهان جي خبر ئي نه اٿس، ڄڻ ڪو ڊي سي هائوس ۾ ماستر ويٺو هجي، هن کي اها خبر نه آهي ته ڊي سي هلندو ڪيئن آهي. CM جو پروٽوڪول ڇا آهي.”
“مون کي خبر آهي توهان لاڙڪاڻي ۾ رهيا آهيو ۽ خيرپور ۾ به، ڪيترائي پيپلا توهان جا دوست هوندا، توهان وٽ اسان خيرپور ۾ ايندا هئاسون، توهان ملندا هئا، ڪم ڪندا هئا، بئلينس ڪري هلندا هئا. مان چاهيان ٿو ته لاڙڪاڻي ۾ توهان اچو، توهان ڊڄو نه ته ڪو اليڪشن ۾ اسان توهان تي دٻاءُ وجهرائينداسون، اليڪشن به ٿئي، الائي نه، اسان جي پارٽيءَ وارو ڪوبه توهان کي تنگ نه ڪندو، نه منهنجو پٽ نه مان، توهان پنهنجي مرضيءَ سان فيئر ٿي هلو، جيئن هڪ ڊي سيءَ کي هلڻ گهرجي، توهان وٽ ڪوبه سياسي ماڻهو اچي وڃي سگهي ٿو، اسان کي اعتراض ڪونه آهي، توهان ڊي سي آهيو، پر مان چاهيندس ته توهان دٻدٻي سان ڊي سيءَ وانگر نوڪري ڪريو ۽ لا اينڊ آرڊر کي درست رکو ۽ ايڊمنسٽريشن جي رٽ قائم ڪيو.”
منهنجي ذهن ۾ ڪجهه خدشا ۽ خيال هئا، انهن مان گهڻن جو جواب ته پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو هئائين، ڪن ڳالهين جي مون وضاحت طلبي، اها به ملي وئي، پر مان ها ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هيس. آخر ۾ مون گذارش ڪئي ته، ٻه ڏينهن ڏيو ته مان سوچيان، چيائون “نه، اڳ ۾ ئي ڪافي وقت نڪري ويو آهي اڄ شام تائين ٻڌائجو.” مان موڪلائي نڪري آيس، احسان شاهه ۽ نور احمد شاهه سان مليس، سيڪريٽري صاحب کي حال احوال ٻڌايو ۽ خدا حافظ ڪري آيس. پنهنجي ‘گُرو’ ڪي بي رند صاحب کي فون ڪيم. هن چيو ته “ڀلي وڃ، اسان به ته قاضي اختر جي دور ۾ هئاسون.” ٻي فون مون پنهنجي سالي محترم عبدالرشيد کرل کي ڪئي، جيڪو ممتاز صاحب جو دنگئي زميندار هيو، ۽ سندن جهيڙا چاليهن سالن کان هلندا اچن پيا. ايستائين جو شهيد نسيم کرل کي به ممتاز صاحب جي حڪومت ۾ MPO ۾ جيل ۾ بند ڪيو ويو هيو.
هن به چيو ته ‘ڀلي لاڙڪاڻي وڃو’. ٽين فون پنهنجي ماسات سرور منگيءَ کي ڪئي هن منع ڪئي ته “ڪنهن سان ڦٽائيندين، ڀلي تون فيئر به هل پر تو تي الزام ضرور لڳندا.” هو صحيح ثابت ٿيو. پر ڇا سڌو انڪار ڪري سگهجي پيو؟
سيڪريٽري سروسز هاشم لغاري کي به فون ڪيم، هن ٻڌايو ته “اسان چار ڄڻا ويٺاسون، چيف سيڪريٽري، هاشم لغاري، سائين نور احمد شاهه ۽ منظور ڀٽو صاحب جيڪو ان وقت هوم سيڪريٽري هيو، آفيسرن جي لسٽ تي نظر ڦيرائي سي، توهان جو نالو سرفهرست نڪتو، ان کان علاوه چيف سيڪريٽريءَ به هر هر توهان جي لاءِ پئي چيو ته ٺيڪ هئنڊل ڪري ويندو. هن توهان تي اعتبار ڏيکاريو آهي، انڪار ڪري سندس اعتبار کي ڇيهو نه رسايو، پر سرڪاري نوڪريءَ ۾ جيڪڏهن توهان کي اتي لڳائن ته توهان ڇا ڪندا، يا توهان جي نوڪري ئي اڳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ هجي! اتي اها صورتحال ٿي وڃي ته به ته منهن ڏيندؤ.”
[b]لاڙڪاڻي جي ڊي سيءَ جو آرڊر
[/b]مون سائين نور احمد شاهه کي 9 بجي رات جو فون ڪئي، چوڻ لڳو اسان توهان جي فون جو انتظار ڪري رهيا هئاسون، مون شاهه صاحب کي چيو ته سائين سرڪار ملازم جي حيثيت ۾ مان توهان تي ڇڏيان ٿو ته جيڪو فيصلو ڪريو، منهنجي طرفان نه ’ها‘ آهي نه ئي ’نه‘.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مونکي CS جو فون آيو ته “سڀاڻي ڊي سي لاڙڪاڻي جي چارج وٺ. آرڊر ڪڍي رهيو آهيان، پر لاڙڪاڻي وڃڻ کان اڳ ۾ CM ۽ مونسان ملندو وڃان”. ٻئي ڏينهن تي CM صاحب سان ملڻ ويس، هن ‘گوڊلڪ’ چيو، وڌيڪ چيو ته “ملاقات جلد لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي،” چيف سيڪريٽري سعيد احمد صديقيءَ صاحب سان CS هائوس تي ملاقات ٿي، همايون فرشوري صاحب به ويٺو هيو، کلي چوڻ لڳو “پهنسا ديا نان!” مون چيو “سر بري طرح!” چوڻ لڳو “ٺيڪ ٿي ويندو. تون هئنڊل ڪري ويندي مونکي يقين آهي، مون توسان ڊي. سي پوسٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هيو، مون واعدو پورو ڪيو.”
مون سي ايم هائوس مان ئي بدر الدين اڄڻ، ڊي سي لاڙڪاڻو کي فون ڪيو، هن کي اطلاع ٿي ويو هيو، چوڻ لڳو “اهو ڇا ٿي ويو؟” مون پڇيو ته “اهو ته توهان ٻڌايو”. کيس ٻڌايو ته “اڄ ستين بجي لاڙڪاڻي وايا سکر پهچندس، گاڏي ۽ اسڪارٽ موڪلي ڏجو، چارج ڀلي سڀاڻي ڏجو، مونکي جلدي ڪونه آهي.”
سکر ايئرپورٽ تان لهي مون لاڙڪاڻي جو سفر ڪيو، مون ڪراچيءَ مان ڪمشنر عابد شيخ صاحب سان فون تي ڳالهايو. سندس والدهه جو Death ٿيو هيو، هو سکر هيو. مون کيس ٻڌايو ته “مان سکر کان اچان ٿو، چاهيان ٿو ته تعزيت ڪندو وڃان”، هن چيو ته “هو صبح جو لاڙڪاڻي ايندو، اتي ملنداسون.”
[b]لاڙڪاڻي آمد
[/b]مان لاڙڪاڻي پهتس، سرڪٽ هائوس وڃڻ کان اڳ ۾ پنهنجي دوست منظور علي اعواڻ جي گهر لاڙڪاڻي ويس، جتي هو ايڊيشنل ڪمشنر هيو. ملي خوش ٿيو، وٽس چانهن پيتي، حال احوال ڪيوسي، چيائين “سٺو ٿيو، پر لوڪل هجڻ ڪري توکي مسئلا درپيش ايندا.” مون چيو ته “ساڍا ٽي سال رهي چڪو آهيان، جتي واقفيت ۽ لوڪل هجڻ جي ڪري ڪي نقصان آهن، اتي فائده به آهن، جيڪڏهن ماڻهو سڃاڻن ٿا ته مان به ماڻهن کي سڃاڻان ٿو ۽ مسئلن کان به واقف آهيان.”
ٻئي ڏينهن ڪمشنر صاحب سان ملاقات ٿي تعزيت ڪئي مانس، هن به ساڳي ڳالهه ڪئي ته لوڪل آهيو مسئلا ٿيندا، ٻيا ڪجهه سرڪاري حلقا مليا، انهن به اها ڳالهه ڪئي ته لوڪل اهيو، ڄڻ اها ڄاڻي واڻي مهم هلي رهي هئي، جڏهن ايڊيشنل ڪمشنر هيس، تڏهن ته ڪنهن کي لوڪل نظر نه آيو هوس! مون ان ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو.
بدر صاحب مختصر بريفنگ ڏني، پريشان هيو، هر هر پڇي رهيو هيو ته ”ڇا ٿيو؟“
[b]لاڙڪاڻي جي ڊي سيءَ جي چارج ورتي
[/b]5 جنوري 1997 تي، ڀُٽي صاحب جي سالگرهه ڳڙهي خدابخش ڀُٽي ۾ ملهائڻ جي تياري ٿي رهي هئي. شهيد ڀٽو پارٽيءَ پاران غنويٰ صاحبه به تياري ڪري رهي هئي ۽ بينظير صاحبه به تيارين ۾ هئي، اليڪشن مٿان هئي، غنوا صاحبه به لاڙڪاڻي مان نيشنل ۽ پراونشل اسيمبليءَ لاءِ اليڪشن لڙي رهي هئي. صوبائي سيٽ تي نثار کهڙو سندس مقابلي ۾ هيو، نيشنل اسيمبليءَ مان بيگم ڀٽو فارم ڀريو هيو، بينظير صاحبه رتوديرو شهدادڪوٽ تان اليڪشن وڙهي رهي هئي، رتيديري مان سيد ديدار حسين شاهه کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج ٿي وڃڻ جي ڪري هاڻي محمد اياز سومري کي اتان ٽڪيٽ ڏني وئي هئي. اياز جي مقابلي ۾ امير بخش ڀٽو اميدوار هيو، اياز پهريون ڀيرو اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهي رهيو هيو، اصل ۾ شهدادڪوٽ جو هيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو آهي.
غنويٰ بيبي ۽ محترمه جي پارٽين جو پارو مٿي هيو، شهيد ڀٽو جي ورڪرن کي پڪ هئي ته هو ڪافي سيٽون کڻندا، تنهن ڪري هو سنڌ مان گهڻن ئي حلقن ۾ بيٺا هئا. مٿين سرڪار به کين پڪ ڏياري هئي ته سنڌ ۾ سندن حڪومت ٺهندي، ابتدائي طور ممتاز صاحب جي فرنٽ جو ساڻن الحاق هيو ۽ ٻنهي سيٽ ايڊجسٽمينٽ سان گڏجي اليڪشن وڙهڻ جو پڪو پهه ڪيو هيو، ان ٽينشن جي ماحول ۾ 5 جنوريءَ ۾ باقي وڃي 9 ڏينهن بچيا هئا، سڀ بندوبست ڪيا هئا، رتيديري جو AC/SDM اسد ماني هيو. هي صاحب اسلام آباد جو هيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي پهرين چارج هيس. لاڙڪاڻي جو اي سي محمد راحيل صديقي هيو، راحيل به DMG جو هيو، اسد جو بئچ ميٽ هيو پر سلجهيل ۽ سمجهدار هيو، اصل ڳوٺ رحيم يار خان هيس. شهدادڪوٽ ۾ گدا حسين شاهه اي سي هيو، ٽينشن ته سڄي ضلعي ۾ هيو پر رتيديري ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ هيو، لاڙڪاڻي کي ته راحيل سنڀالي ويٺو هيو پر مونکي رتيديري ۾ Mess پيو نظر اچي. مان اسد جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن نه هيس. اسد گند وڌيڪ ڪندو پئي ويو، جيڪو هن کي چئجي پيو ان جي ابتڙ پئي هليو. SSP اڪبر ڀنگوار هيو پر ان جي بدلي به جلدي ٿي وئي، پوءِ عنايت الله سومرو آيو، عنايت الله سومري هڪ ڌاڙيل کي ماري وڌو هو، تنهن ڪري کيس ترقي ملي هئي، ايس پي ٿي ويو هيو، هن جو ڀاءُ الهورايو سومرو فرنٽ جو رڪن ۽ نگران حڪومت ۾ مواصلات جو وزير هيو.
اسان پهرين جنوريءَ کان وٺي بيسڪ هيلٿ سينٽر ڳڙهي خدابخش ڀٽي ۾ ايمرجنسي ڪئمپ لڳائي ڇڏي هئي، جتي چوويهه ڪلاڪ ميجسٽريٽ ۽ پوليس جي ڊيوٽي لڳل هئي، اهو سينٽر وائرليس ۽ فون سان ڳنڍيل هيو.
پوليس ڪنٽرول اطلاع ڪيو ته محترمه بينظير صاحبه ڪراچيءَ کان ايڌيءَ جي هيلي ڪاپٽر ۾ لاڙڪاڻي لاءِ اڏاڻي آهي، ڪلاڪ ڏيڍ ۾ لاڙڪاڻي پهچندي.
[b]محترمه بي بيءَ جي لاڙڪاڻي آمد
[/b]هڪدم ايس پي لاڙڪاڻي کي هدايت ڪيم ته ميونسپل اسٽيڊيم جي بدران کيس پوليس گرائونڊ تي LAND ڪرايو، پوليس گرائونڊ کي ڪمپائونڊ وال ڏنل هئي، جڏهن ته ميونسپل اسٽيڊيم جون ڀتيون هيون، سڀ ماڻهو اندر ڪاهي پون ها ۽ لاءِ آرڊر جي صورتحال ٿي وڃي ها، ٻيو ته صحيح طريقي سان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ڏني وڃي. SDM کي هدايت ڪيل هئي ته محترمه سان هيلي پيڊ تي ملي ۽ پنهنجو تعارف ڪرائي، آخر ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي آهي، کيس مناسب سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول ملڻ گهرجي!
محترمه لٿي ته سائين قائم علي شاهه ۽ آفتاب شعبان ميراڻي به ساڻس گڏ هئا. هيلي پيڊ تي عباسي فيمليءَ جي طرفان محترمه ڊاڪٽر اشرف عباسي، منور عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي موجود هئا. هنن به ٻه گاڏيون آنديون هيون، مان آفيس مان نڪري پوليس گرائونڊ جي آس پاس موجود هيس. وائرليس تي هلندڙ ڪميونيڪيشن مانيٽر ڪري رهيو هيس. محترمه هيلي پيڊ تي لهي پرائيويٽ گاڏين ۾ چڙهڻ جي بدران سرڪاري گاڏيءَ ۾ ويٺي، هو جيپ ۾ هميشه مهڙ واري ڊرائيور جي ڀر واري سيٽ تي ويهندي هئي، ميڊم عباسي، آفتاب شعبان ميراڻي ۽ سائين قائم علي شاهه پوئين سيٽ تي ويٺا.
محترمه چوڻ لڳي ته “جڏهن مان وزيراعظم هيس تڏهن به هن گاڏيءَ ۾ ويهندي هيس نه!”
سندن اڳين منزل ڳوٺ وليد هئي، جيڪو ميڊم ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ جو ڳوٺ آهي ۽ لاڙڪاڻي شهر جي اتر ۾ آهي.
[b]ميڊم غنويٰ جو سڏ-سبڪ مجيد جون ڌمڪيون
[/b]اسان جي ماڻهن ۾ به عجيب وسوسا ويٺل آهن، مونکي منهنجي اسٽاف ٻڌايو ته جڏهن به ڪو ڊي سي هلال احمر ڪميٽي ۽ پبلڪ اسڪول جي بي او جي (BOG) جي ميٽنگ ڪندو آهي ته اهو جلدي بدلي ٿي ويندو آهي. مون مٿين هفتي ۾ ٻئي ميٽنگون رکيون. ريڊ ڪرسينٽ جي ميٽنگ ڪري ڇڏي پر بدلي نه ٿي، وري بطور چيئرمئن بورڊ آف گورنرس جي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي جي گڏجاڻي گهرائي.
اسڪول جي چڪر لڳايو، شاگردن سان ملاقات ڪئي. استادن سان مليس، سندن مسئلا معلوم ڪيا، ڪميٽي هال ۾ آياسون ميٽنگ الله جي پاڪ ڪتاب قرآن پاڪ مان تلاوت سان شروع ٿي، محترم عبدالمنان چانڊيو اسڪول جو پرنسپل هيو ۽ بورڊ جو سيڪريٽري به، اسان جڏهن پڙهندا هئاسون ته عبدالمنان چانڊيو ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هيو.
اسان ايجنڊا مس کنئي ته منهنجي آفيس مان منهنجي PA جو ارجنٽ فون آيو. هن ٻڌايو ته جناب سبڪ مجيد ۽ سڪندر جتوئي المرتضيٰ هائوس تان غنويٰ صاحبه جو نياپو کڻي آيا آهن، منهنجي آفيس ۾ ويٺا آهن ۽ مون سان روبرو ڳالهائڻ چاهين ٿا، مون PS کي چيو ته مان ميٽنگ پوري ڪري پوءِ ئي ساڻن ملي سگهندس، بهتر آهي ته ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ منهنجي آفيس اچن.
مون ميٽنگ جاري رکي، موڊ خراب ٿي ويو، لڳو ته واقعي بدليءَ واري ڳالهه سچي آهي.
گهر آيس، ڪجهه دير ۾ سبڪ ۽ سڪندر جتوئي صاحب آيا. سبڪ مجيد، ميڊم غنويٰ جو پاليٽيڪل فرنٽ مئن ۽ صلاحڪار هيو، همراهه ڏاڍو ناخوش هيو ته مان ساڻس جلدي ڇو نه مليس، مون کيس چيو ته توهان جي لاءِ ئي بهتر آهي ته ملڻ جو وقت وٺي ايندا ڪريو، ٻيا به دنيا جا ڪم آهن، ٻيا به ملڻ وارا ماڻهو آهن. سڪندر جتوئي خاموش هيو، سڪندر جتوئي منهنجي دوست آغا خان جتوئيءَ جو ڀاءُ آهي ۽ الطاف حسين ڀٽيءَ جو ڀيڻويو ۽ اسان جي پياري ادي ڊاڪٽر مختيار ڀٽيءَ جو مڙس. هن جو رويو مهذب ۽ ادب آداب وارو هيو، گهڻو خاموش هيو، هنن جي خواهش تي ايس پي لاڙڪاڻو به مون وٽ ويٺو هيو.
سبڪ ڳالهه تي آيو! چيائين “غنويٰ بي بي توهان ۽ ايس پي کي هاڻي جو هاڻي المرتضيٰ تي گهرايو آهي.” مون پڇيو ته “خيريت آهي، ڪو ايڏو مسئلو آهي ڇا؟” چيائين “خبر ناهي پر هوءَ توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي،” مون چيو ته “مان ته هلڻ کان مجبور آهيان، اليڪشن مٿان آهي، مان اليڪشن ڪميشن جي هدايتن پٽاندر ڪنهن به سياسي ليڊر سان سندس گهر ۾ ملي نٿو سگهان، اهڙو ڪو معاملو آهي ته توهان ميڊم کان پڇي اچي ٻڌايو، پر جيڪڏهن پاڻ ٻڌائڻ ٿي چاهي ته منهنجي آفيس ۾ اچي سگهي ٿي، منهنجي گهر اچي منهنجي فيمليءَ سان ماني به کائي ۽ حال احوال به ٿي ويندو.”
سبڪ مجيد، ميڊم جو چيف اليڪشن ايجنٽ ۽ ڏاڍو نڪ چڙهيو هيو، هن اهڙو انڪاري جواب هن دور ۾ ڪنهن به ڪاموري کان ڪونه ٻڌو هوندو. هن جيڪي ممڪن هيون، مونکي ڌمڪيون ڏنيون، چيائين ته “توکي خبر ناهي ته ميڊم سنڌ جي چيف منسٽر ٿيڻ واري آهي، موجوده چيف منسٽر سان اسان جو اليڪشن جو اتحاد آهي، اهو اڄ شام جو المرتضيٰ تي ايندو ميڊم سان اسان توهان جي شڪايت ڪري سگهون ٿا.”
مون صفا انڪار ڪري ڇڏيو، چيم ته “لاڙڪاڻي ۾ ته وڏا وڏا ليڊر آهن، سابق پرائيم منسٽر ۽ وزير آهن، مان ڪنهن ڪنهن وٽ ويندم.”
هن چانهن جو اڌ ڪوپ پيتو هيو، اڌ ڇڏي روانو ٿي ويو. سڄي اڻوڻندڙ صورتحال هئي، پر سبڪ شايد مون کي صحيح نه سمجهيو هيو، مون کي ڪامريڊ سوڀي جا ٻه ڏينهن اڳ چيل لفظ ياد اچي ويا هيا. ڪامريڊ، امان الله شيخ سان منهنجي آفيس ۾ آيو هيو، امان منهنجو ڪاليج ۾ هم ڪلاسي هيو، وڏو سياستدان ۽ دانشور آهي، پر هيءَ به هاڻي پوئين بينچ تي ويهي تماشو ڏسي ۽ وڪالت ڪري رهيو آهي. لڳي ٿو ته سندس ڀاءُ انعام شيخ به خاموش ٿي رهيو آهي ۽ پوئين بئنچ تي ويهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
بدر اڄڻ سان به ڪامريڊ سوڀي جي سٺي دوستي هئي، بدر ڊي سي ٿيڻ کان اڳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هيو.
[b]چيف منسٽر کي آگاهي
[/b]مون چيف منسٽر جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ فاروق لاسيءَ کي فون ڪئي، جيڪو سي ايم سان گڏ اسلام آباد ۾ هيو، کيس سڄو معاملو سمجهايو ته اهو قصو سي ايم جي گوش گذار ڪري، فاروق کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، مونکي چيائين ته ‘تون پاڻ CM سان ڳالهاءِ،’ مان لاڙڪاڻي جي زماني ۾ ڪڏهن به سي ايم کي فون پاڻ نه ڪئي، نه وري ڪو ڪڏهن ذاتي ڪم چيو، جيڪڏهن سي ايم سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي به هئي ته بطور پروفيشنل آفيسر جي انهيءَ کان ڪمشنر عابد شيخ کي واقف ڪندو هوس.
فاروق لاسيءَ کي مون وري قصو سمجهايو، هن کي چيم ته “جيڪڏهن پاڻ صاحب ڳالهائڻ چاهي يا ڪا صفائي وٺڻ چاهي ته فون ڪجان.” هن چيو “سي. ايم صاحب رات لاڙڪاڻي المرتضيٰ هائوس تي وڃون ٿا. وڌيڪ توهان روبرو موهن جي دڙي جي ايئرپورٽ تي حال احوال ڪجوس.”
CM صاحب موهن جو دڙو ايئرپورت تي رات جو 11 بجي امير بخش خان سان گڏ لٿو، ڪمشنر، مان ۽ ڊي آءِ جي کين Receive ڪيو. هلندي وقت مان کين سبڪ مجيد وارو قصو ٻڌايو، پاڻ چيائون ‘توهان ٺيڪ ڪيو،’ ايئرپورٽ کان کين المرتضيٰ تي ڇڏي مان ڊي سي هائوس تي روانو ٿي ويس.
صبح جو خبر پئي ته سندن ‘ڳالهيون نتيجه خير ثابت نه ٿيون،’ وري ملاقات ٿيندي، اها به خبر پئي ته سبڪ منهنجي شڪايت ڪئي ، تنهن تي CM کيس ڇنڊ پٽي. چيائينس ته “جنهن کي ڊي سيءَ ۾ ڪم هجي اهو ڊي سي جي آفيس ۾ وڃي ڪم چئي اچي، هو ڪنهن جو ڪمدار ته نه آهي.” غنويٰ صاحبه جي اليڪشن ۾ هارائڻ کان پوءِ سبڪ مجيد جو نالو ئي مون ناهي ٻڌو.
[b]ڪامريڊ سوڀو جو تحفو “مها ڀارت”
[/b]ڪامريڊ سوڀي مون کي ان ڏينهن چانهن پيئندي ٻڌايو ته “جن به توهان کي ڊي سي ڪري گهرايو آهي، انهن کان غلطي تي آهن، توهان بدر کان وڌيڪ هنن کي ڏکيا پوندا،” مون ان وقت ڪامريڊ جي ڳالهه نه سمجهي هئي، مون چيو هيو ته ڪامريڊ دعا ڪريو الله عزت جو وقت ڪڍي. ڪامريڊ اٿڻ وقت مهاڀارت جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب جو تحفو مونکي پنهنجي صحيح سان ڏئي روانو ٿي ويو هيو، اهو ڪتاب اڃان تائين مان پنهنجي ساهه سان سانڍيو آهي. مان جڏهن اهو ڪتاب ڏسندو آهيان ته هڪڙو خيال ايندو آهي ته ڪامريڊ جهڙو سيڪيولر دانشور مون کي ڌرمي ڪتاب ڇو گفٽ ڪيو؟
[b]پي پيءَ وارا
[/b]اليڪشن دوران ئي هڪ رات هڪ بجي پنهنجي ڪئمپ آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو هوس، آفيس جو در کليو، نثار احمد کهڙو، غلام الله ماهوٽو، خورشد جوڻيجو ۽ اياز سومرو داخل ٿيا. چيائون “بکيا آهيون، پهريان ڪجهه کاراءِ ته پوءِ حال احوال ڪيون.”
ڪيڪ، بسڪوٽ ۽ چانهن ۽ ڪافي گهرائي.
چيائون “رتيديري تعلقي جي ڳوٺ اگهم ۾ اسان جو اهم ورڪر بهادر خان اگهم صوبيدار رتيديري هروڀرو پڪڙي ٿاڻي تي ويهاريو آهي.” مون چيو ته “صبح جو ڏسنداسون، SP به هاڻي ننڊ پيو هوندو”. چيائون “همراهه جي ٻانهن هينئر گهرجي، صوبيدار سان ڳالهاءِ.”
صوبيدار به ننڊ پيو هيو، ان کي اٿاريو ويو، مون کيس چيو ته “بهادر اگهم کي ڇڏيو.” صوبيدار گهڻائي سبب ڏنا، مون چيومانس ته “آئنده حرڪت نه ڪندو، وڌيڪ صبح جو ڏسنداسون.” سندن طلب موجب سندن اهم ورڪر کي آجو ڪيو ويو، پوءِ به اهڙا وقتي ويلي ڪم چوندا رهندا هئا، جيئن جيئن اليڪشن ويجهي اچي رهي هئي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي هئي. منهنجو AC/SDM رتوديرو عجيب حرڪتون ڪري رهيو هيو، ٻنهي ڌرين کي ڇيڙڻ لاءِ بيوقوفيون ڪري رهيو هيو. مون سندس ساٿي راحيل صديقيءَ AC/SDM لاڙڪاڻي کي چيو ته هن بي وقوف کي سمجهاءِ، پر جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ .
[b]جج
[/b]ڊسٽرڪٽ جج ۽ سيشن جج علي نواز پيرزادو صاحب هيو، سينيئر ۽ معتبر ماڻهو آهي. منهنجي هن سان ورڪنگ رليشن شپ سٺي هئي. اليڪشن جي اسٽاف جي ڊيوٽي پولنگ اسٽيسن کي آخري شڪل ڏيڻ، اميدوارن جي شڪايتن کي اڪلائڻ، بيلٽ پيپر ڇپائڻ ورهائڻ ۽ اليڪشن جي نظرداري ڪرڻ به سندس ذمي هئي، مونکي لا ۽ آرڊر لاءِ فورس ۽ مئجسٽريٽ رکڻا هئا، کيس ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻي هئي.
[b] ارباب صاحٻ جي ممتاز صاحب سان ملاقات
[/b]مون کي جڏهن چيف منسٽر ملاقات لاءِ گهرايو هيو ته اتي ارباب غلام رحيم صاحب، شيرازي برادرس ۽ ميرپورخاص جو هندو ليڊر ڪشنچند پارواڻي صاحب سي ايم سان ملڻ آيا. مان سي ايم سان ملي ٻاهر نڪتس ته ارباب غلام رحيم چيو ته “مان سي ايم سان ملي اچان ته احوال ڪيون ٿا، توهان ترسجو.” ارباب صاحب اڪيلو اندر ويو، پر جلدي ئي موٽي آيو.
اچڻ سان مون کي چيائين ته “توهان جي ڳوٺاڻي وڏيري جو دماغ مٿي آهي، مون کيس چيو ته اسان جو گروپ توهان جي حوالي آهي، توهان ٿوري گهڻي انتظامي مدد ڪريو، پر صفا پڙ ڪڍي بيٺو، چيائين ته منهنجو اليڪشن سان واسطو نه آهي نه ئي مان حڪومت ٺاهڻ ٿو چاهيان، سو اهو ڪم نه ٿيندو، توهان وڃي پنهنجو ڪم ڪيو.“
لاڙڪاڻي سرڪٽ هائوس ۾ هڪ ملاقات دوران مان به هيس، جنهن ۾ غوث بخش خان مهر ۽ الطاف حسين انڙ به سي ايم صاحب کي اليڪشن جي اتحاد جي آفر ڪئي، پر انهن کي به ساڳيو جواب ڏنائين!
اليڪشن مٿان هئي، ممتاز صاحب کي شايد اهو خيال هيو ته اليڪشن نه ٿيندي يا شايد پاڻ کي صفا الڳ ٿلڳ ٿي رکڻ چاهيائين.
اليڪشن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رمضان مهيني ۾ افطار جون دعوتون شروع ٿي ويون هيون، اهي روزي کولڻ جون دعوتون ته هيون پر هڪ طرح اليڪشن جي مهم به هئي.
چيف منسٽر مون کي چئي ڇڏيو هيو ته “ڪنهن افطار دعوت ۾ جيڪڏهن هو مدعو آهي ته مان ڀلي ان ۾ شرڪت نه ڪريان ۽ پنهنجو سرڪاري ڪم ڪندو رهان.”
چيف منسٽر منهنجي چارج وٺڻ کان اليڪشن جي ٿيڻ تائين هڪ دفعو به اليڪشن جي متعلق مون سان ڊسڪس نه ڪيو هيو، صرف اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ رزلٽ اچڻ واري رات جو ڏهين بجي مون کان رزلٽ پڇيو هئائين، جيڪي رزلٽ مون وٽ آيا هئا، اهي کين ٻڌايا.
امير بخش خان به ميرپور ۾ يا لاڙڪاڻي ۾. مونکي هڪ ڀيرو به پنهنجي جاءِ تي ميرپور ڀٽو يا لاڙڪاڻي نه گهرايو. هميشه پاڻ مونکان ٽائيم وٺي پوءِ منهنجي آفيس ۾ ايندو هيو ۽ صحيح وقت تي پهچندو هيو.
اليڪشن کان پوءِ امير بخش خان جسٽس ايم ڪي شاهاڻي جي رات جي ماني ڪئي، جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس ۽ بشير خان قريشي به هيو. بشير خان جا ماما احمد نواز، محمد نواز ۽ شاهه نواز قريشي، سندس پيءُ مرتضيٰ قريشي منهنجا چڱا دوست هئا، احمد نواز ته مون سان ميٽرڪ تائين گڏ پڙهيو هيو. بشير خان انهن جي ڪري به مون سان هميشه جهڪي ملندو هيو.
فرنٽ جو وزير هوندو هيو روشن علي پيچوهو، جيڪو علي اڪبر پيچوهو جو پٽ هيو. اڪبر صاحب ممتاز علي خان جو جهونو ساٿاري ۽ بزنس پارٽرنر رهيو هيو، اهو به مون وٽ ايندو هو. ڪم لاءِ نه پر گپ شپ لاءِ. پيچوها منهنجا ويجها دوست رهيا آهن، انهن ۾ صديق پيچوهو، پرويز پيچوهو ۽ ڪي ٻيا.
شايد سبڪ مجيد واري واقعي منهنجي هاڪ ڌاڪ يا ساک بيهاري ڇڏي هئي، جيڪو ماڻهو ايندو هيو ته اڪثر پروٽوڪول جي پيروي ڪري ايندو هيو، حالانڪه منهنجو هر ڪنهن سان ورتاءُ دوستاڻو ۽ عزت ڀريو هوندو هيو.
[b]امداد چولياڻي (چانڊيو)
[/b]مسلم ليگ (ن) ته اليڪشن جي حوالي سان ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي ڪونه هئي، سندس ليڊر امداد علي چولياڻي چانڊيو، ڊويزن جو صدر هيو پر اليڪشن جي حوالي سان گهڻو فعال ۽ اثرائتو ثابت نه ٿيو. جڏهن ته نثار کهڙي سان 1988ع ۾ سندس اليڪشن ۾ قاضي اختر جي خلاف اڳرو هيو، انهن ڏينهن ۾ مان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر هوندو هوس. اسان جي سٺي دعا سلام هئي، پڙهيل لکيل نوجوان هيو، لاهور مان ڪنهن مارشل فيمليءَ مان شادي ڪئي اٿائين، سندس پٽ به CSS ۾ پوزيشن کنئي آهي، مون کيس مبارڪ ڏني هئي.
امداد چولياڻي صاحب مسلم ليگ (ن) جو وائيس پريزيڊينٽ هيو پر ويجهڙائي ۾ سندس نالو ٻڌڻ ۾ گهٽ ٿو اچي. چولياڻي صاحب اپريل 2017ع ۾ وري پ پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
بابو سرفراز جتوئي وڪيل به مسلم ليگ (ن) جو برجستو ليڊر تعلقي ڏوڪريءَ مان هيو. بابو سرفراز صاحب کي مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر ڪيو ويو آهي. امداد صاحب مسلم ليگ کي ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
[b]قربان علي عباسي
[/b]لاڙڪاڻي جي سياست جو هڪ ڪردار جيڪو ميونسپل جي سياست ڪندو آهي، وڏي سياست دان ۽ اعليٰ انسان جو پٽ قربان علي عباسي به آهي، ڪاليج جي اليڪشن ۾ اسان سندس ورڪر هئاسون. هن ڪڏهن صوبائي سطح جي سياست نه ڪئي آهي، پر هڪ مخصوص حلقي ۾ سندس اثر رسوخ آهي، جنهن جي ڪري مقامي سياست ۾ ميونسپل ۾ حصو وٺندو رهندو آهي.
[b]ٻگهيا ۽ انڙ
[/b]ڏوڪريءَ تعلقي جا الطاف انڙ ۽ ٻگهيا صاحب هڪ ٻئي جي خلاف اليڪشن لڙندا آهن، هن وقت واحد بخش خان ٻگهئي جي پٽن جو بخت چوٽ تي چڙهيل آهي. نظير احمد ۽ حزب الله خان ٻگهيو ايم اين اي ۽ ايم پي اي آهن. ماهوٽو صاحب جهونو ٿي ويو آهي، اليڪشن کان پري آهي. (ماهوٽو صاحب 2016ع ۾ فوت ٿي ويو آهي.)
[b]سردار شبير احمد خان چانڊيو
[/b]سردار شبير احمد خان چانڊيو قمبر وارهه کان ايم اين اي ٿيندو هيو، نادر مگسي به شهدادڪوٽ مان ايم پي اي ٿيندو رهندو آهي، رتيديري جي MPA جي سيٽ ڦرندي رهندي آهي، ڪڏهن PPP وٽ ڪڏهن ممتاز صاحب وٽ مقامي صورتحال وڏو ڪم ڏيکاريندي آهي.
[b]هار جيت
[/b]1997ع واري اليڪشن به ڪم ڏيکاريو. JUI جا ووٽ ٻه ٽي هزار ممتاز خان ڏانهن ويندا آهن ته سندس پوزيشن سرسيءَ واري ٿيندي آهي. سردار جلباڻيءَ جا ووٽ به ساڳيو رول ادا ڪندا آهن.
خيريديري جي منگين جا ووٽ اڌو اڌ ٿي ويندا آهن، ساڳيو بنگلديري جي ڀٽن جو ووٽن جو حال آهي. رتيديري شهر جي اڪثريت PPP کي ملندي آهي، پر هيءَ عجيب اليڪشن ٿيندي آهي، ٿورن ووٽن تي هار جيت ٿيندي آهي. 1988ع واري اليڪشن ۾ ممتاز صاحب کٽي رهيو هيو، پر اليڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا نيشلسٽ ليڊر رتيديري ۾ آيا، ڪن بينظير صاحبه کي گهٽ وڌ ڳالهايو، ماڻهن جو ڦِرقو ڦري ويو. ممتاز صاحب هارايو ۽ سائين ديدار حسين شاهه 3000 ووٽن تان کٽيو.
[b]ڪنور ادريس
[/b]اهڙا معجزا هتان جي اليڪشن ۾ ٿيندا رهندا آهن. ممتاز علي خان ڀٽي پنهنجي پراڻي ڊپٽي ڪمشنر DM ڪراچيءَ محترم ڪنور ادريس کي پنهنجي نگران روينيو جو وزير مقرر ڪيو، ڪنور صاحب ڄاتل سڃاتل قادياني آهي. JUI جي عالمن مظاهرا ڪيا ۽ ممتاز صاحب کان مطالبو ڪيا ته کيس ڪابينا تان هٽايو وڃي، پر هو پنهنجي ضد تي اڙيو بيٺو ته ان سبب جي ڪري کيس نه هٽائيندس. هن شريف ماڻهوءَ استعيفيٰ به ڏني پر ممتاز صاحب چوي ‘مين نه مانون’ اليڪشن ويجهو ايندي وئي هر ڪنهن جو اهو خيال هيو ته ڪنور ادريس صاحب کي هٽايو ويندو، پر ممتاز صاحب ‘ٽس تان مس’ نه ٿيو، ان صورتحال رتيديري جي اليڪشن کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو.
[b]شهيد ڀٽو پارٽي
[/b]ڏهڪاءُ هيو شهيد ڀٽو پارٽي جو ۽ غنويٰ بي بيءَ جو. جن محترمه جي حڪومت ختم ڪئي هئي، انهن به اهو تاثر ڏيڻ شروع ڪيو هيو ته غنويٰ بي بي ايندڙ سالن ۾ سنڌ جي حڪومت ۾ تمام اهو رول ادا ڪندي، ماڻهو ڳالهيون ڪندا رهيا. سر شاهنواز خان ڀٽي جو لاڏ ڪوڏ مان ٺهرايل المرتضيٰ هائوس ۽ 70 ڪلفٽن تي ٽن نالن جون پليٽون لڳل آهن. سر شاهنواز ڀٽي جي بئريسٽر ذوالفقار علي ڀٽي جي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽي جي. ذوالفقار جونيئر ته ننڍو آهي، جڏهن وڏو ٿئي، انهن گهرن جي ۽ انهن گهراڻن جي سياست جي وارث عرب لبناني خاتون آهي، جنهن کي سنڌي به ڳالهائڻ نه ٿي اچي ۽ اردو به پوري ساري ڳالهائي رهي آهي، سندس غير دانشمند صلاحڪارن کيس اهڙا ڏس ڏنا ۽ سبزباغ ڏيکاريو، جو هن جي سوچ چڙهي وئي. ساڻس رهندڙ ورڪر به هاڻي کان ئي سنڌ حڪومت جا ڄڻ مالڪ ٿي ويا هئا، چپن ۽ چانهن جي پيالي جي وچ ۾ ڪافي لوڏا هوندا آهن.
طلبگاران ساحل ياد رکهين!
لبِ ساحل بهي کشتي ڊوبتي هي.
[b]بينظير صاحبه جا منهنجي خلاف اخباري بيان!
[/b]اليڪشن 3 فيبروري تي ٿيڻي هئي، روزن جي عيد به گذري وئي هئي، پهرين فيبروري جي صبح جو اٺين وڳي، منهن جي ‘گرو’ ڪي. بي. رند صاحب جو فون آيو، هو اگر فون ڪندو آهي ته ان وقت ئي ڪندو آهي، مان اڌ ننڊ جاڳ مان اٿيس، پاڻيءَ جو ڍڪ پيتم، نڙي ڪجهه صاف ٿي، هوڏانهن ڪي بي صاحب جو آواز آيو، ‘ننڊ پيو هئين ڇا؟’، مون چيو ‘ها سائين، پر هاڻي صفا سجاڳ آهيان’. پاڻ ڪراچيءَ آيل هيو، منهنجي خير عافيت پڇيائين، وڌيڪ پڇڻ لڳو ‘ٻيو سڀ ٺيڪ ته آهي؟’، ائين پڇڻ لڳو ڄڻ ڪو مون سان وڏو سانحو ٿيو هجي. مون چيو ‘سڀ ٺيڪ آهي پر توهان ڇو ٿا پڇو؟’ پوءِ ٻڌايائين ته ‘بي نظير صاحبه جا سڀني اخبارن جي پهرين صفحي تي تنهنجي خلاف بيان آهن، اهو اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿو ڪرائي، ممتاز علي ڀٽي سي ايم جو دوست آهي وغيره وغيره.’ مون چيو ‘مون اخبارون ڪونه ڏٺيون آهن، مان اخبار ڏسان ته پوءِ ڳالهايون ٿا!’
مون اخبارون پڙهيون ته ننهن کان چوٽيءَ تائين پگهري ويس، منهنجو رابطو نثار کهڙي سان هيو، PPP جا اليڪشن سان لاڳاپيل مسئلا مون تائين هو پهچائيندو هيو، مون هن کي فون ڪيو. هن چيو ته “تون ان کي سنجيدهه نه وٺ، سياست ۾ ائين ٿيندو آهي.” مان مطمئن نه ٿيس، مان سياستدان نه هيس، ٻئي ڏينهن به ساڳيو بيان اڃان به سخت، مان ڳالهه سمجهي ويو هوس، منهنجي سهپ جي طاقت وڌي وئي هئي. اهڙن بيانن جو مون وٽ ڪو جواب ڪونه هيو، جيڪي صحيح نه هجن، صرف مون کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ محترمه جا اهي بيان اچي رهيا هئا.
[b]اليڪشن جو ڏينهن 3 فيبروري 1997ع
[/b]يومِ حساب اليڪشن جو ڏينهن اچي ويو، مان لاڙڪاڻي مان ڳوٺ ميرپور ڀٽو لاءِ روانو ٿي ويس. سي ايم صاحب سندس اوطاق جي ٻاهران سندس ڳوٺ ۾ ئي پولنگ اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو، ووٽ وڌائين گاڏيءَ ۾ ويٺو، ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيو، مان ۽ ڪمشنر گڏ هئاسين، پاڻ ايئرپورٽ تي پهچڻ سان ئي جهاز ۾ چڙهيو ۽ ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. ڪمشنر لاڙڪاڻو عابد شيخ صاحب به لاڙڪاڻي روانو ٿي ويو. ڪميشنر عابد صاحب به گهر، آفيس جو در بند ڪري، فونون بند ڪري ويٺو. مان ۽ ايس پي اهو فيصلو ڪيو ته امير بخش خان ڀٽي ۽ بي نظير ڀٽو صاحبه جي حلقي ۾ نه وينداسون، اتان جو، فون ۽ وائرليس تي حال احوال وٺندا رهندا سون، جيستائين اوڏانهن ايمرجنسي نه هوندي، نه وينداسون!
اسان ڏوڪري، وارهه ۽ قمبر جي پولنگس تي چڪر ڏيندا رهياسون، بي نظير صاحبه پاڻ رتيديري شهر جي پولنگ اسٽيشن تي اچي ويهي رهي هئي. شهدادڪوٽ ۽ ميرو خان ۾ به خير خيريت هئي، اسان کي شهيد ڀٽو جي ورڪرن کان ڊپ هيو ته وارهه، قمبر يا لاڙڪاڻي ۾ گوڙ نه ڪن، پر هنن کي يقين هيو ته هو کٽندا تنهن ڪري هو به خاموش هئا.
اسان 5 بجي شام جو لاڙڪاڻي شهر ۾ پهتاسون، ايس پي پنهنجي گهر ويو، مان ڊي سي هائوس ٿي آيس، ووٽنگ ختم ٿي چڪي هئي، ڳڻپ شروع هئي، مون گهر اچي هڪ سٺو واش ورتو، چئنج ڪيو ۽ چاءِ جو ڪپ پيتو، ٻارن سان گپ شپ ڪئي ۽ ڪئمپ آفيس ۾ اچي ويٺس. جيڪي ٽيليفون ڪال هئا، انهن جا جواب ڏنا. منظور حسين ڀٽو هوم سيڪريٽري هيو، ان سان ڳالهايم ۽ کيس ٻڌايم ته خير خيريت رهي.
رزلٽ آيو. سڄي ضلعي جي قومي ٽن ۽ صوبائي پنجن سيٽن تي PPP کٽيو، رتيديري واري صوبائي سيٽ تي امير بخش خان اياز سومري کان ٻن ٽن سون جي فرق سان کٽيو.
غنويٰ ڀٽو پوري پاڪستان ۾ قومي ۽ صوبائي هڪ به سيٽ نه کٽي، پاڪستان ۾ نواز شريف جي مسلم ليگ (ن) کي تمام وڏي سرسي نصيب ٿي. تقريباً ٻه ڀاڱي ٽي حصا سيٽون هنن کٽيون، جنهن جو مطلب ته نواز شريف آئين ۾ به تبديلي ڪري سگهيو پئي، سنڌ ۾ معاملو گڏيل سڏيل هيو، ايم ڪيو ايم 38% سيڪڙو نشستون کنيون. تقريباً 40 سيڪڙو PPP کي مليون، باقي به ورهائجي ويون.
سنڌ ۾ به مسلم ليگ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هئي، ايم ڪيو ايم کي پاڻ سان ملائي، ايم ڪيو ايم جا نيشنل اسيمبلي جا ميمبر به مسلم ليگ سان ملي ويا، هيٺ مٿي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ وزارتون به پنهنجي پسند جون ورتائون.
[b]چيف منسٽر لياقت علي خان جتوئي
[/b]امتياز شيخ ۽ چيف سيڪريٽري سعيد صديقي مٿا ملائي چيف سيڪريٽري هائوس تي ويهي رهيا. نيٺ امتياز شيخ صاحب حل ڪڍي ورتو. هُما پکي هن دفعي محترم لياقت علي خان جتوئي صاحب جي ڪلهي تي ويٺو ۽ هن مارچ 1997ع ۾ چيف منسٽر جو قسم کنيو، خيال اهو هيو ته امتياز شيخ چيف منسٽر جو ڄام صاحب ۽ مظفر حسين شاهه صاحب جي دور وانگر سيڪريٽري ٿيندو، پر هيلٿ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
امير بخش خان ڀٽو به ايم پي اي ٿي ويو هيو. هن وزارت قبول ته ڪئي، پر سرڪاري پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو.
اياز محمد سومري صاحب جنهن امير بخش کان شڪست کاڌي هئي ان منهنجي ۽ ريٽرنگ آفيسر لاءِ وڏو گوڙ مچائي ڇڏيو ته انهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائي آهي. اليڪشن ٽربيونل ۾ امير بخش خان ۽ ريٽرننگ آفيسر، قربان علي شاهه لڪياري، ايڊيشنل سيشن جج جي خلاف پٽيشن داخل ڪئي، پر منهنجي خلاف پٽيشن داخل نه ڪيائين. سندس مهرباني.
هميشه ائين ٿيندو آهي ته نئين چيف منسٽر ۽ حڪومت جي اچڻ سان آفيسرن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويندو آهي، مون اميد پئي ڪئي ته منهنجي بدلي ٿي ويندي، مون کي بدليءَ جي پريشاني ڪونه هئي پر اها پريشاني ضرور هئي ته ڪنهن مناسب جڳهه تي پوسٽنگ ملي. پر منهنجي لاڙڪاڻي مان ٽرانسفر نه ٿي. ڪمشنر عابد شيخ جي به ٽرانسفر ڪونه ٿي. ايديشنل ڪمشنر منظور علي اعواڻ فوڊ جو ڊائريڪٽر ٿي ڪراچيءَ ويو.
منهنجي بدلي ته ڪونه ٿي پر منهنجي خلاف سازشن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو.
[b]محترمه غنويٰ ڀٽو جي مونکي المرتضيٰ هائوس تي چاءِ جي دعوت
[/b]اليڪشن کان پوءِ، هڪ ڏينهن محترمه غنويٰ ڀٽو صاحبه جو هڪ ورڪر، سندس چٺي کڻي ڪنهن ڪم سان آيو. مون کيس چانهن پياري ڪم ڪيو ۽ محترمه لاءِ سلام موڪليا.ان سان گڏ کيس نياپو موڪليو ته مان ساڻس چانهن پيئڻ ٿو چاهيان! المرتضيٰ هائوس تي يا ڊي سي هائوس تي جتي کين سهوليت لڳي. ساڳي ئي ورڪر معرفت مون کي المرتضيٰ تي چانهن جي ڪوٺ ملي.
مان پوري پروٽوڪول سان پنهنجي ناٺي مختيارڪار لال ڏني منگيءَ سان ڏنل وقت تي المرتضيٰ تي پهتس. ميڊم جي پرڪشش ۽ خوشگوار موڊ سان ملي مسرت ٿي. خوشدليءَ سان کيڪاريائين ۽ خير خيريت ونڊيسون. اليڪشن جي نتيجن جي تلخي وساري چڪي هئي. ايئن تاثر ڏنائين ڄڻ ڪو ٻار راند هارائيندو آهي. مون کيس سندس اسپورٽس مئن اسپرٽ جو دل ئي دل ۾ داد ۽ تحسين ڏنو. چيائين ته ‘جيتريون اميدون وڏيون هيون، نااميديون اوتريون ئي وڏيون مليون.’ بظاهر ته ڌڪ پچائي وئي هئي. پرسندس اندر مان ڪا شيءِ کٽل ۽ ٽٽل نظر آئي پئي.
اليڪشن ۾ منهنجي نه ملڻ جي ڳالهه هن به نه ڪئي. مون به نه چوري. اڌ ڪلاڪ کن چانهن تي گپ شپ ٿي. هڪ ٻئي سان منهان منهن ملاقات ٿي. هڪ ٻئي جي خير خبر ڪئي. ملاقات سٺو تاثر ڇڏيو. هڪ مهذب ۽ پڙهيل لکيل وڏ گهراڻي نوجوان، ڏکي عورت جو، جيڪا اڪيلي سر، گهر سنڀالي رهي هئي، ٻار به ته سياست به. ۽ سڀ کان وڌيڪ ته خاندان جي ۽ خاندان جي وراثت جي به. اڪيلي عورت سنڀاليندڙ هئي. سبڪ مجيد جهڙا صلاحڪار ميڊم لاءِ فائديمندي کان وڌيڪ نقصانڪار ٿي رهيا هئا. جيڪي سندس اثر رسوخ پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ئي استعمال ڪري سگهيا ٿي.
[b]ڊنر جي دعوت
[/b]اٿڻ کان اڳ غنويٰ بيبيءَ مون کي فيمليءَ سان ڊنر جي دعوت ڏني. ٽائيم به پاڻ مقرر ڪري ڇڏيائين. ٻن هفتن کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ مان واپس ايندي ته مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڪرائيندي.
ڪجهه ڏينهن ئي گذريا ته ميڊم غنويٰ جو فون آيو ۽ ڇنڇر جي شام جو اٺين وڳي مون کي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي ڊنر کائڻ جي دعوت ڏنائين. ان سان گڏ منهنجي پٽ محمد عريس خان جي ڄمڻ جي مبارڪ به ڏنائين.
منهنجو هيءُ پٽ، ٻي گهر واريءَ مان 15 مئي 1997ع تي لاڙڪاڻي ۾ ئي ڄائو هو. مون کيس مٺائيءَ سان ميسيج به ڪري موڪليو هو. پاڻ به جوابي مبارڪباد ۾ مٺائي موڪلي هئائين. هاڻي جو روبرو ڳالهه ٿي ته ان جي ڄمڻ جي مبارڪباد ڏنائين.
اسان ٻئي زال مڙس المرتضيٰ تي ڏنل وقت تي پهتاسون. اسان کي گهر جي ٻاهريان کيڪاريو ويو. جيئن لائونج ۾ داخل ٿياسون ته پاڻ وڌي منهنجي گهر واريءَ کي ڀاڪر پائي گرم جوشيءَ سان ملي ۽ مون کي به مسڪرائي کيڪاريائين ۽ ڊرائينگ روم ۾ وٺي آئي.
پوئين دفعي جي ملاقات کان وڌيڪ تازو توانو لڳي رهي هئي ۽ پرسڪون پڻ. ننڍڙي ذوالفقار جونيئر سان به ملاقات ٿي. ان وقت سندس اکين ۾ آئيندي جا خواب ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو مستقبل نظر اچي رهيو هو. (هيءُ 20 سال اڳ جو احوال آهي)
ڊرائينگ روم ۾ سڪندر جتوئي صاحب سندس وني مختيار ڀٽي ۽ سندس نياڻي به ويٺل هئا. انهن کان علاوه ٻه ٻيون خواتين به هيون، جن جو تعارف مون کي هن وقت ياد نه رهيو آهي. مختيار ۽ اسان ڄڻ گهر جا ڀاتي هئاسون. منهنجي اسڪول جي دوست الطاف ڀٽيءَ جي ڀيڻ آهي. ڄڻ اسان جي به ڀيڻ آهي. ويهن پنجويهن سالن کان پوءِ ملاقات ٿي هئي. سڪندر جتوئي هميشھ وانگر خوش مزاج هئو.
ميڊم منهنجي گهر واريءَ کي پاڻ سان صوفي تي ويهاريو. مان ۽ سڪندر گڏ ويٺاسون. پهرين ملاقات جي ڪري اسان جي اجنبيت اڳ ۾ ختم ٿيل هئي. هن وقت رويا پنهنجائپ وارا هئا. ٻيو ته خواتين به پاڻ ۾ مليون هيون. هو به جلدي پاڻ ۾ رلي ملي ويون. منهنجي زال کان خير خيريت پڇي، پوءِ ميڊم مون ڏانهن متوجه ٿي. خبرچار پڇيائين، منهنجي ڪم جو پتو ڪيائين ته ڪيئن ٿو هلي. پنهنجائپ وارو لهجو واضح هو.
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڦري گهري سندس اليڪشن تي آيون. چيائين ته “مون ته پاڪستان جي اليڪشن جي ڪم کي سولو ڪم سمجهيو هو، تنهن ڪري ايترين جڳهن تان اليڪشن فارم ڀريو ۽ ٻين اميدوارن کي به بيهاريو.” مون کي پڪ ڏياري وئي ته مان ايتريون سيٽون کٽندس جو ٻين پارٽين سان ملي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندس ۽ وفاق ۾ به ڪجهه وزارتون ملنديون. پر ايئن نه ٿيو. صدر صاحب جو حال ڪونه هيو. (فاروق لغاريءَ لاءِ اشارو) مون کي صرف پي پيءَ کي ڌڪ ڏيارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. اسان جي ڪري انهن کي لاڙڪاڻي کان سواءِ ڪافي ڌڪ لڳو ۽ انهن جا ووٽ اسان جي سبب ورهائجي ويا. منهنجا صلاحڪار به صحيح تجزيو نه ڪري سگهيا. بدنصيبيءَ سان اسان ممتاز ڀٽو صاحب سان به صحيح نموني سيٽن جي ورڇ نه ڪري سگهياسون. مان لاڙڪاڻي گهر جي سيٽ نه کٽي سگهيس جيڪا مير صاحب 1993ع ۾ کٽي هئي. وارهه جي سيٽ تي ٺاهه ڪيون ها ته اها سيٽ به اسان يا فرنٽ کٽي ها.
ان دوران ڪولڊ آيو. وچ وچ ۾ خواتين پنهنجي ڳالهين ۾ مصروف ٿي ويون، سڪندر جتوئي ۽ مان به پنهنجي ڳالهين ۾ جُنبي وياسون، پر منهنجو سڄوڌيان ان طرف هو ته ميڊم کان ڪجهه حال احوال سياست تي وڌيڪ وٺان.
ان دوران سُوپ سَرِو ٿيو. ماشاءَ الله ڇا ته بورچيءَ ڪرتب ڏيکاريا هئا. سوپ جو سپ وٺندي مون سوپ جي تعريف ڪئي ۽ ميڊم غنويٰ جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو.
مون چيو، “توهان سياسي طرح ڏاڍو ڍلا ٿي ويا آهيو، حالانڪه اليڪشن کي اڃا گهڻو وقت نه گذريو آهي.” چيائين ته “ڪجهه آرام پئي ڪريان ڪجهه حالات جو، وقت جو، پارٽيءَ جو ۽ اليڪشن جي نتيجن جو جائزو پئي وٺان ۽ غور پئي ڪريان.”
“ووٽر اهي ئي هئا، جيڪي پي پيءَ ۽ اسان جي وچ ۾ ورهائجي ويا، نه اسان کي فائدو ٿيو، نه پي پيءَ کي. هر طرح سان اسان پي پي جي شڪست ۾ calalyst ٿي وياسون. اسان کي جيڪا اليڪشن جي نتيجن جي ڪري نااميدي ٿي اها ناقابلِ بيان آهي.”
وري مون چڀندڙ سوال ڪيو، “جيڪي وڏيون دبنگ ۽ سياسي شخصيتون، خاص طور جيڪي پي پي کان ناخوش هيون، اهي به هن وقت سياسي طرح خاموش ۽ توهان وانگر پاسيريون پيون ٿينديون وڃن؟” “ها! مان سمجهان ٿي، اهي ساٿي وقت جو فائدو وٺڻ لاءِ اچي اسان سان گڏ ٿيا هئا، جڏهن هنن جا مقصد پورا نه ٿيا ته هو هاڻي وري ڪا ٻي راهه نهاريندا هوندا. هنن جي سياست نظرياتي ته ڪونه آهي. باقي جيڪي نظرياتي ۽ مير سان پيار ڪرڻ وارا عام ورڪر آهن، اهي اسان کي ڪڏهن به نه ڇڏيندا.”
“اڳتي جا سياسي پلان؟”
“اليڪشن هينئر ختم ٿي آهي، ڀلي ساٿي! سوچ ويچار به ڪن، ٿڪ پٽن، شاڪ مان نڪرن، صلاح مشورا ڪنداسون.“ منهنجو اڳيون سوال هو، ”ڇا سياست کي ڇڏي ڏيندا ۽ پارٽيءَ کي ختم ڪندا؟“ وڏي اعتماد مان چيائين ”نه ! نه!! مير جي پارٽي ۽ ذوالفقار ڀٽي جي پارٽيءَ کي آءٌ ختم ڪرڻ جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان! باقي سفر ۾ ڪيترا ساٿي ملندا آهن، ڪيترا ڇڏي ويندا آهن. اهو ته طريقو رهندو ئي آهي.”
مون آخري سپ سُوپ جي ورتي ۽ چيو ”مون توهان جو سوپ به ٿڌو ڪري ڇڏيو“ چيائين، ڪا ڳالهه ناهي. مان توهان جي ڳالهين جي حقيقت تي غور ڪري رهي آهيان.“ “مان جيڪو توهان سان ڳالهايو پئي اهو پبلڪ جو خيال آهي.” هن مسڪراهٽ ڏني ۽ اٿي گهر ڏانهن هلي وئي.
مون المرتضيٰ تي سوچيو. هاڻي جيڪا گهر جي اولهه طرف اڏاوت آهي، اصل اهو گهر هو. ان کي Gray رنگ ڏنل آهي ۽ اها المرتضيٰ جي ’انيڪسي‘ ٿي ڪوٺجي ۽ ان جي اولاهين ڀت، رضا شاهه ڪبير (VIP) روڊ طرف آهي. پر مکيه داخلا جو دروازو اسٽيڊيم جي طرف کان آهي. انيڪسي ۽ گهر جي وچ ۾ لان آهي. انيڪسيءَ جي ڀت سان ٿلهو ٺهيل آهي، اهو اسٽيج طور استعمال ٿيندو هو، جڏهن ڀٽي صاحب جا ‘اسٽيٽ گيسٽ’ ايندا هئا ته اتي لان ۾ ڪو ڪلچرل ميوزيڪل پروگرام ٿيندو هو.
[b]المرتضيٰ هائوس
[/b]اها رات مان ۽ منهنجي گهر واري المرتضيٰ ۾ رات جي مانيءَ جي سڏ تي موجود هئاسون. مون کي جتي المرتضيٰ ۾ مهمان ٿيڻ جي خوشي هئي، دل تي اداسي ۽ مونجهه به هئي.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين!
مانيءَ جي ٽيبل تي اچي سڀ مڙياسون. مون کي ادي مختيار ڀٽيءَ سان ۽ سندس نياڻيءَ سان ملي به خوشي ٿي. هوءَ منهنجي گهر واري سان ملي به خوش ٿي. ميڊم غنويٰ کي به منهنجي زال سان ملڻ جي خوشي ٿي ۽ پاڻ ۾ رلي ملي ويون. منهنجي زال مون کي ٻڌايو ته هن ميڊم غنويٰ کي گهر مانيءَ جي صلاح ڪئي آهي. جيڪا ميڊم قبول ڪئي آهي. مون به ميڊم کي ۽ سڪندر جتوئي کي ٻارن سان گهر دعوت ڏني. جيڪا قبول ڪئي وئي، پر بدنصيبيءَ سان منهنجي جلدي بدلي ٿي وئي ۽ اهڙو موقعو نه مليو جو سندن ميزباني ڪريون. ڊنر ڪرڻ بعد ڪجهه وقت ويهي پوءِ اجازت ورتيسون. اها خوشي ڀريل اداس رات ختم ٿي. اسان گهر پهتاسون ۽ رات جو دير تائين ڀٽي خاندان ۽ ميڊم غنويٰ جي متعلق ڳالهائيندا رهياسون ۽ سوچيندا رهياسون ته قسمتون ڪيئن ٺهن ۽ ڊهن ٿيون.
المرتضيٰ هائوس شاهنواز خان ڀٽي 1950ع جي ڏهي ۾ ٺهرايو. جنهن پوءِ ڪيترن ئي پاڪستاني حڪومتن جي حڪمرانن جي ميزباني ڪئي ۽ انهن سان گڏ ٻاهرين حڪمرانن کي به اتي جالڻ ۽ رهڻ جو موقعو مليو. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ مير صاحب ته ٻاهر هو، بيگم صاحبه ۽ محترمه اتي ئي رهنديون هيون. 1988ع جي اليڪشن کان پوءِ محترمه وزيراعظم ٿي ۽ اتي ئي رهي. پهريون سرڪاري اسٽيٽ گيسٽ جيڪو ڀٽي صاحب جي مزار تي آيو. اهو ڀٽي صاحب جو جان نثار، جنهن لاءِ مشهور ٿيو هو ته راولپنڊي جيل جي ڇت ڀڃي ڀٽي صاحب کي هن جا گوريلا اغوا ڪري ويندا، اهو ياسر عرفات هو. هاڻي پهرين دؤر ۾ بينظير صاحبه وزيراعظم ٿي ته ياسر عرفات ڳڙهي خدابخش ۾ ڀٽي صاحب جي مزار تي آيو ۽ ويٺي رنو. هن جي پاڪستان اچڻ تي ڪا پابندي ڪونه هئي، پر ضياءُ جي حڪومت ۾ هو هت ڪونه آيو. ڇو ته ضياءُ هن سان خانه ڪعبه ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاهي نه ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو.
ان دور ۾ به المرتضيٰ هائوس محترمه جي استعمال ۾ هو، پر هو سمجهي رهي هئي ته اهو گهر، اڳ ۾ يا دير ۾ مير مرتضيٰ لاءِ خالي ڪرڻو ئي پوندو.
ٻيو گهر ڀٽي صاحب جي ٻي گهر واريءَ امير شيرين بيگم جو نئون ديرو هائوس هو. بي بيءَ اهو گهر بيگم صاحبه کان پيسن تي خريد ڪيو. ان کي ٺيڪ ڪري پنهنجي استعمال ۾ آندو.پوءِ ان گهر کي ئي پنهنجي سياسي ۽ رهائشي مرڪز بڻايو.
مير صاحب جي 1993ع ۾ ايم پي اي چونڊجڻ ۽ واپس اچڻ کان پوءِ اهو گهر مير صاحب جي گهر واري ۽ ٻارن جي استعمال ۾ رهيو، ۽ بي بي صاحبه ان گهر کان پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏيو.
[b]محمد عريس خان جي پيدائش
[/b]پندرهن مئي 1997ع تي مان لاڙڪاڻي جي لطيف ميڊيڪل ڪامپليڪس جي آپريشن ٿيٽر جي ٻاهران بي چينيءَ سان اچي وڃي رهيو هيس، منهنجا ڪزنس سرور منگي، آفتاب منگي ۽ سڪندر منگي ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي آيل هئا، اهي به مون سان گڏ هئا.
ڊاڪٽر رفيه بلوچ آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر نڪتي. مان هن جي طرف وڌيس. مون کي مبارڪ ڏئي چيائين ته “پٽ جي مبارڪ هجيوَ، ماءُ به ٺيڪ حالت ۾ آهي. توهان ٻار کي ڏسي سگهو ٿا.” مان اندر ويس، پهريان گهر واريءَ کي ڏٺم، هوءَ هوش ۾ اچي رهي هئي، پٽ هٿ پير هلائي رهيو هو. مون کي خوشي ٿي. ماءُ ۽ ٻار کي چمي ڏني. رب جا شڪرانا بجا آندا. 21 سالن کان پوءِ الله سائين هڪ ٻيو ٻار، پٽ عطا ڪيو هو. پهريون پٽ انيس قادر منگي، 15 سيپٽمبر 1976ع تي ڄائو هو. جڏهن مان غيبي ديري ٻوڏ جي ڊيوٽيءَ تي هئس ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ کيس ڇٺي رات اچي ڏٺو هيم. انيس جي بحر وزن سان هن پٽ جو نالو اريس، محمد اريس خان رکيو. هُو خوشنصيب هو جو منهنجا ٽي ڪزنس، سندس ڀاءُ ۽ ڀينر به سندس ڄمڻ وقت موجود هئا. اها رات مون به لطيف ميڊيڪل ۾ گذاري.
19 سالن کان پوءِ به اريس خان جڏهن ڊي سي هائوس لاڙڪاڻي جي ڀر مان گذرندو آهي ته پنهنجو ڄم ياد ڪندو آهي.
آءٌ ڊي سي او نوابشاهه هيس ته قاضي اعجاز اتي آيو. گهر جو مٿيون اوڀر وارو ڪمرو ڏسي چوڻ لڳو ته ”بابا جڏهن ڊي سي نوابشاهه هو ته مان هن ڪمري ۾ رهندو هئس.“
ڪيپٽن قاضي سچيڏنو سنڌ جو مشهور آفيسر رهيو آهي. پاڻ تقريباً سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ڊي سي رهيو آهي. سندس پٽَ به مشهور شخصيتون ۽ آفيسر رهيا آهن.
قاضي سچيڏنو صاحب جيڪب آباد جو، ڊي سي رهيو ۽ اتفاق سان قاضي امتياز به اتي ڊي سي رهيو، ساڳي گهر ۾ ۽ آفيس ۾ ڪم ڪيائين ۽ وقت گذاريائين. منهنجي جڏهن سکر مان بدلي ٿي ته سامان پيڪ پئي ڪيو. منهنجي گهر واري آفيس ۾ آفيسرن جي نالن جو بورڊ لڳل هو. منهنجو ننڍو پٽ علي حميص قادر جيڪو ان وقت پنجن سالن جو هو. تنهن ڊرائيور کي چيو ته “اهو بورڊ کڻي هل. جڏهن مان هتي ڊي. سي. او ٿي ايندس ته پنهنجو نالو ڊيڊيءَ جي نالي کان پوءِ لکندس.”
خبر ناهي ته آئيندي جو لکڻ وارو اسان جي اولاد جي ڀاڳ لاءِ ڇا لکي رهيو آهي.
*
اٺن ڏينهن کان پوءِ منهنجي نياڻيءَ، صفيه کي ساڳي اسپتال ۾ ساڳي ڪمري ۾ ساڳي آپريشن ٿيٽر ۾ ساڳي ڊاڪٽر رضيه بلوچ جي سنڀال ۾ ليبر روم ۾ پهرين ٻار جي ڊليوري هئي.
ڊاڪٽر صاحبه سيزرين ڪراس سيڪشن ڪيو، پٽ، دانيال ڄائو. اسان جي خوشيءَ جي انتها نه رهي. صفيه جي سس ته ڏاڍي خوش هئي. هن کي ڪنهن جي به گهر ۾ نياڻيءَ جي پيدائش اصل نه وڻي، حالانڪه کيس ڇهه ڌيئر ۽ ٽي پٽ آهن. پر نياڻين ڄمڻ کان هوءَ بلڪل ناخوش رهندي آهي.
[b]ڊاڪٽر بلقيس ملڪ
[/b]هن کان اڳ ۾ شيخ زيد وومين هاسپيٽل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بلقيس ملڪ هئي جنهن کي ڀٽي صاحب لاهور مان گهرائي هت انچارج ڪري رکيو هو. جنهن بهتر ۽ حسنِ خوبيءَ سان اسپتال هلائي. پر بدنصيبي اها ٿي ته ڊاڪٽر بلقيس ملڪ ڪنهن به نئين ڊاڪٽر کي ايترو ٽرينڊ نه ڪيو هو جو اها سندس جاءِ والاري سگهي.
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ هاڻي 75 سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿي. پاڻ عمر ڀر شادي نه ڪيائين، هڪ ڇوڪري هنج ورتائين، جيڪا ساڻس گڏ رهي ٿي. ڊاڪٽر صاحبه جون خدمتون ياد رکيون وينديون. اسان کيس جوانيءَ ۾ ڏٺو. ماشاءَ الله خوبصورت خاتون هئي.
[b]پرائيم منسٽر نواز شريف جو ڇاپو
[/b]اڌ رات جو پي. اي ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ته سڀاڻي وزيراعظم صاحب 11 بجي موهن جي دڙي تي پهچي رهيو آهي. وڌيڪ پروگرام ايئرپورٽ تي پهچڻ کان پوءِ ظاهر ڪندو. منهنجي ته ننڊ ڦٽي وئي.
هڪدم ڪئمپ آفيس ۾ آيس، ايس ڊي ايم کي گهرايم. ايس. پي منظور مغل کي فون ڪيم، هن کي اطلاع ملي چڪو هو. هُو پنهنجي سيڪيورٽي جي ڪم کي لڳي ويو. طئي ٿيو ته صبح جو 8 بجي سيڪيورٽي جو جائزو وٺنداسون. خبر نه پئي پوي ته وزيراعظم جو ڪهڙو پروگرام هوندو.
ان کان اڳ ۾ هڪ ٻن ضلعن ۾ نواز شريف صاحب ڇاپا هڻي چڪو هو ۽ سندس فيصل آباد وارو ڇاپو ڏاڍو مشهور ٿيو هو جنهن ۾ آفيسر کي هٿ ڪڙيون هڻايون هئائين ۽ انهن جي ٽي وي تي ڏاڍي تشهير ٿي هئي. اسان کي به اها ڳالهه ٿي سمجهه ۾ آئي ته ائين ٿيندو. لياقت علي خان جتوئي صاحب ايئرپورٽ تي لهڻ سان ئي مون کان پڇيو ته “PM جو ڇا پروگرام آهي؟” مون چيو ته “سائين پروگرام اڃا ظاهر ڪونه ڪيو اٿائون. هتي اچڻ کان پوءِ ٻڌائيندا. آرميءَ جا ٻه هيليڪاپٽر به بنا اطلاع جي هتي پهتا آهن. هنن تيل به هتي ريفل ڪيو آهي. لڳي ٿو ته هتان ڪنهن ٻئي ڊگهي فاصلي تي فلاءِ ڪندا.”
جتوئي صاحب پريشان ٿي ويو. اسان سان ڪچهري ڪرڻ لڳو. وري مون کي چوڻ لڳو ته “مان وزيراعظم کي چانهن لاءِ روڪيندس، توهان کوج لڳائي وٺجو، سندس اسٽاف کان يا پائليٽن کان.”
پرائيم منسٽر ڏنل وقت 11 بجي پهتو. جهاز مان لٿا. کيس سي ايم لائونچ ۾ وٺي آيو. 20- 25 ٻيا ماڻهو به هئا، جن ۾ فوٽوگرافر، پي ٽي ويءَ وارا، ۽ ٻيو وڏو لڏو، هڪ اڌ ڪو پرائيويٽ ماڻهو به هو، جنهن کي اسان نه سڃاتو. پوءِ خبر پئي ته اهي پنجابي سيٽلر هئا، انهن جي ڏس تي ڇاپو هڻڻ وڃي رهيو هو. مون پنهنجي ذهين ايس ڊي ايم راحيل صديقيءَ کي کوج لڳائڻ تي ڇڏيو. هو خبر کڻي آيو ته پرائيم منسٽر هيليڪاپٽر استعمال ڪندو ۽ سندن اڳين منزل زرعي ورڪشاپ ميرپورخاص آهي. وڌيڪ خبر ناهي. مون سي ايم کي ٻڌايو. هن سان اڃان پي ايم ذڪر نه ڪيو هو. حالانڪه سي ايم کانئس پڇيو به هو. پي ايم کيس چيو ته توهان کي هيليڪاپٽر ۾ ٻڌائيندس. ٻئي هيليڪاپٽر روانا ٿي ويا.
پرائيم منسٽر وڃي ٿر شاخ جي ٽيل (Tail) تي پهتو. اها شاخ دراصل ارباب غلام رحيم ۽ سندن خاندان جون زمينون آباد ڪندي آهي. پنجابي سيٽلرن شڪايت ڪئي هئي ته “ارباب اسان سان ظلم ڪيون ويٺا آهن. پاڻي کڻي ٿا وڃن، زمينون آباد نٿيون ٿين.” ٿر شاخ هميشه خساري واري شاخ رهي آهي. سکر بيراج کان چار سو ميل کان به وڌيڪ فاصلو هاڻي آبادي ڪيئن ٿئي؟
شاخ جي ٽيل سڪل هئي. وزيراعظم سي ايم کي چيو ته “ڏسو اربابن جو ظلم، سڄو پاڻي کڻي ٿا وڃن ۽ پنجابي آبادگارن کي پاڻي نٿا ڏين. هڪدم اربابن کي ٻَڌائي جيل ۾ وجهو.” ارباب، لياقت علي خان سان حڪومت ۾ شريڪ هو. ارباب فيض محمد جيلن ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جو وزير هو. ارباب غلام رحيم صاحب ايم اين اي هو. اسيمبليءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ نواز شريف جي خلاف تمام گهڻو پيو ڳالهائي. شابس هجي سي ايم جتوئي صاحب کي هو گوڙ ڪري بيهي رهيو. پي ايم کي چيائين ته “هو منهنجي حڪومت جو حصو آهن. ٻيو ته ان کوٽ جي سبب جي به جاچ ڪريون ٿا. جيڪي ڏوهه تي هوندا انهن تي قدم کڻنداسون. شڪايت ڪرڻ وارن جي شڪايت به دور ڪندس. باقي اهو مناسب ناهي ته ايم اين اي ۽ وزير کي جيل ۾ وجهان.” ميان صاحب پنهنجي ٽيم سميت ناڪام ٿي واپس هليو ويو. جتوئي صاحب جو ‘انڪار’ به قابل تعريف هو. ڪالاباغ جي معاملي تي به عبدالحميد خان، لياقت علي خان کي چيو هو ته جيڪڏهن تون ڪالاباغ منظور ڪري آئين ته پوءِ منهنجي ميت کي ڪلهو نه ڏجانءِ.”
آخر حڪيم محمد سعيد دهلويءَ واري شهادت کان پوءِ، جتوئي صاحب جي حڪومت کي نواز شريف گول ڪيو. پر جتوئي صاحب جي حڪومت کي ڊاهڻ جا ٻيا سبب به، شايد وٽن، گهڻائي هئا!
[b]چيف سيڪريٽري سعيد مهدي
[/b]سنڌ جو چيف سيڪريٽري اليڪشن ٿيڻ سان ئي ۾ تبديل ڪيو ويو. سعيد صديقي صاحب کي بدلي ڪري محترم سعيد مهدي صاحب کي مقرر ڪيو ويو. سعيد صديقي صاحب جون خدمتون گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ رهيون هيون. هر آفيسر کي سڃاتائين پئي. جڏهن ته سعيد مهدي صاحب ميان صاحبن کي اسسٽنٽ ڪمشنر جي زماني کان ويجهو رهيو هو. ڊي، سي ڪمشنر ۽ پرنسيپل سيڪريٽري ميان صاحب جي چيف منسٽريءَ جي زماني ۾ رهيو هو. هو ڄڻ ميان صاحب لاءِ اکين ۽ ڪنن جو ڪم ڪندو رهيو هو. سندن ويجهي ۾ ويجهو ۽ ڀروسي جهڙو آفيسر هو. سنڌ ۾ چيف منسٽر کان اڳ ۾ ئي سعيد مهدي کي چيف سيڪريٽري ۽ راڻا مقبول کي آءِ جي سنڌ ڪري رکيو ويو. راڻا مقبول ته ايس پي پنڃيل خان جون سڪون لاهي ڇڏيون.
سعيد مهدي صاحب کي خبر هئي ته هن جي صاحبن جون ڪهڙيون ترجيحات هيون ۽ انهن جا مفادات ڪٿي ۽ ڪهڙي جڳهه تي اٽڪيل هئا. مٿيان سي ايم جي ڳالهه کان وڌيڪ سي ايس جي ڳالهه کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. هونئن به جتوئي صاحب ڪن معاملن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي آزاد فيصلا ٿي ڪيا، جيڪي ميان صاحب جي حاڪمانه مزاج جي خلاف هئا.
لاڙڪاڻي جو خالد کهڙو صاحب جنهن جي شادي دولتانه فيمليءَ مان ٿيل آهي، اهو سعيد مهديءَ کي ويجهو هو. ڀائن جا پاڻ ۾ جهڳڙا هئا. پاشا کهڙو صاحب هڪ طرف هو ۽ ٻيا ڀائر ۽ حميده کهڙو صاحبه ٻئي طرف هئا. سعيد صاحب ڪڏهن ڪڏهن خالد محمود کهڙي لاءِ صبح جو 9 بجي فون ڪندو هو. هن جو مزاج پنجاب جي بيورو ڪريسيءَ وارو ٺهيل هو پر سنڌ کي به چڱو سمجهي ويو هو.
[b]چيف سيڪريٽري لاڙڪاڻي ۾
[/b]سعيد مهدي، چيف سيڪريٽريءَ جو پروگرام لاڙڪاڻي ڊويزن جي دوري جو ٿيو. مان بطور ڊي سي اڳ ۾ هيس. ڊويزن جي ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ۽ پوليس سان لا ۽ آرڊر جي ميٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ڪيائين. روينيو آفيسرن سان الڳ ميٽنگ موئن جو دڙو ۽ ميوزيم ڏسڻ کان پوءِ اتي ئي گلستان هوٽل ۾ ڪيائين. هن هوٽل جي لان ۾ شهنشاهه ايران ۽ ڀٽي صاحب تاريخي ٺهراءُ ڪيا هئا. انهن جي يادگار طور اتي هڪ ميورال به ٺهرايو ويو هيو.
اتي ميٽنگ هلندي سعيد مهدي صاحب مون کي ٽوڪيندي چيو ته “توهان منهنجي فون اٽينڊ نٿا ڪيو ۽ ڪال بيڪ به نٿا ڪيو.” سندس ان ڳالهه نه صرف مون کي نه، پر منهنجي ٻين دوستن، خاص طور سڀاڳي خان کي به هڪو ٻڪو ڪري ڇڏيو. جيڪو منهنجي ڪال بيڪ ڪرڻ جي عادت کان چڱيءَ طرح واقف هو. مان ڇا چوان!
سڀاڳو خان جيڪب آباد جو ڊي سي هو ۽ احمد بخش ناريجو شڪارپور جو ڊي سي هو. عابد شيخ صاحب لاڙڪاڻي جو ڪمشنر هو.
عابد صاحب اهڙن موقعن تي گهٽ ڳالهائيندو آهي. جنهن جو ڪم لاهڻو هوندو هئس ان جو ڪم اڪيلي ۾ ئي چيف سيڪريٽري سان ڳالهائي لاهي ايندو هو.
لاڙڪاڻو ڏاڍو ڏکيو ضلعو رهيو آهي. پر جيڪڏهن اتي پي پي پي جي حڪومت هوندي آهي ته گهڻو سولو ٿي پوندو آهي، ڇو ته اتي حڪم ۽ پاليسي هڪ شخصيت جي هلندي آهي پر جيڪڏهن ٻي پارٽيءَ جي حڪومت هوندي آهي ته پوءِ هر سياسي ماڻهو بادشاهه هوندو آهي، پوءِ اهو پي پي جو هجي يا ٻي ڪنهن پارٽيءَ جو. هن دور ۾ به مسلم ليگ جي حڪومت هئي. جنهن جو هڪ به ايم پي اي ضلع مان نه هو. امداد چولياڻي صاحب ڊويزن جو صدر هو. منهنجو پراڻو دوست هو. پر وقت کيس وڏو ليڊر ڪري ڇڏيو هو. ليڊر ڪنهن جا به دوست نه هوندا آهن. ڪمشنر صاحب ساڻس دوستي ڳنڍي هئي، ٻيا به جيڪي ن ليگ جا ننڍا وڏا ليڊر هئا. انهن پنهنجا پنهنجا Pressure Group ٺاهيا هئا. مشتاق جتوئي ۽ سندس والد قربان علي منهنجا پراڻا واقف ۽ تعلقدار هئا. مشتاق جتوئي جو هوٽل ”سپنا“ ورڪرن لاءِ کليل هوندو هو. سندس ورڪر سندس هوٽل تي ماني کائي منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪندا هئا ۽ پاڻ مون وٽ اچي انهن کي گاريون ڏئي چانهن مون وٽان پي ويندو هو. مان ته دل ۾ کلندو هئس ته ماڻهو ڊي سي لاڙڪاڻي کي ڪيترو ڳهيلو ٿا سمجهن. انهن حالتن جي ڪري لاڙڪاڻو وڌيڪ مشڪل ٿي پيو هو.
مون هڪ ڳالهه پاڻ سان طئي ڪري ڇڏي هئي ته هر ماڻهو کي عزت ان جي حيثيت موجب ڏبي. اهو ڪنهن به پارٽيءَ جو هجي، ڪم به هر ڪنهن جو ميرٽ تي ڪبو، مون پنهنجن زيردست آفيسرن کي به اهو سبق پڙهايو. ميٽنگ ڪندي ڪندي سعيد مهدي صاحب مون کي چوڻ لڳو ته “رولنگ پارٽيءَ وارن کي شڪايت آهي ته توهان سندن نه ته ڪم ٿا ڪيو نه ئي کين عزت ٿا ڏيو. ان جي برعڪس توهان پي پي وارن جا ڪم به ڪيو ٿا ۽ انهن جي ايم پي ايز کي ٻاهر به ڇڏڻ وڃو ٿا؟” هن اها ڳالهه اوچتي ڪئي ۽ سڀني جي روبرو منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳو. هن جو لهجو نرم هو، پر اندر جي خبر خدا کي پر هي لفظ ته ڏکيا هئا!
مون کيس جواب ڏيندي چيو ته ”سر! عزت هر ڪنهن کي سندس حيثيت ۽ سماجي رتبي موجب ڏيندو آهيان. ڪم به هر ڪنهن جو ميرٽ تي ئي ٿئي ٿو. ان ۾ تفريق ڪونه ڪندو آهيان. ڊسڪريشن حڪومتي ڌر جي طرف ويندو آهي. باقي جيڪڏهن مون غير واجب رويو مخالف ڌر سان رکيو ته پوءِ منهنجي توهان وٽ شڪايت نه ايندي. بلڪه سنڌ اسيمبليءَ ۾ نثار احمد کهڙو صاحب چيف منسٽر صاحب جي شڪايت ڪندو ۽ بينظير صاحبه نيشنل اسيمبليءَ ۾ پرائيم منسٽر صاحب لاءِ دانهيندي ته لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ووٽرن سان ظلم ٿو ٿئي.” مون کيس اڻسڌي طرح ٻڌايو ته ٻنهي کي بچايو ويٺو آهيان.
سعيد مهدي صاحب جهانديدو فيلڊ آفيسر رهيو آهي. اهڙي صورتحال مان گذريو هوندو. چپ ٿي ويو. موضوع بدلائي ڇڏيائين. مون کي پڪ هئي ته چيف سيڪريٽري آيو ئي منهنجو ‘اجرڪ چورائڻ’ لاءِ هو. واپسيءَ کان پوءِ پڪ منهنجي بدلي ڪندو. پر ايئن نه ٿيو.
[b]الله حق وڪيل آهي- ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جون منهنجي خلاف سازشون
[/b]هڪ ڏينهن پرائيم منسٽر جي سيڪريٽريٽ مان فون آيو. منهنجو پنهنجي اسٽاف کي چيل هو ته جيڪڏهن ڪو آرميءَ جو، سي ايم جي يا پي ايم جي سيڪريٽريٽ جو نالو کڻي فون ڪري ته، هڪدم نه ملايو، جيستائين توهان جو نمبر سڃاتل نه هجي. ان ڪال ڪرڻ واري جو نمبر وٺي پنجن منٽن کان پوءِ ڪال ملايو. ڇو ته ڪيترا تجربا ٿيا هئا جنهن ۾ ڪوڙيون ڪالون ڪري عجيب مطالبا ڪندا آهن.
منهنجي پي اي ڪال بيڪ ڪري پي ايم هائوس جي ايڪسچينج تان اهو آفيسر ورتو. پي. ايم هائوس وارن آفيسرن اسسٽنٽ ڪمشنر اسد جي سخت قسم جي بدتميزيءَ جي شڪايت ڪئي. اسد ان وقت مون وٽ نه پر ڪمشنر وٽ AC (G) هيو. هن جي بدلي سندس افعالن جي ڪري رتيديري مان ٿي وئي هئي. ڪمشنر ته چاهيو پئي ته هن کي مان بطور اي سي لاڙڪاڻو رکان پر مان پڙ ڪڍي بيٺس. تنهن ڪري ڪمشنر صاحب کيس ’وفائن‘ جي صلي ۾ پاڻ وٽ ئي پوسٽ ڪرايو.
مون پرائيم منسٽر هائوس کي ٻڌايو ته هو هينئر ڪمشنر جو اسٽاف آفيسر آهي. هنن چيو ته توهان اسان جي طرفان اها شڪايت لکي ڪمشنر کي موڪليو ۽ ڪاپي اسان ڏي موڪليو. مون ائين ئي ڪيو. اسان جي آفيسن ۾ به ته فرشتا ويٺل هوندا آهن نه، پي اي جي روپ ۾. خط جيڪو مون ڪمشنر کي موڪليو اهو اسد پاڻ وٽ روڪي ڇڏيو. هن کي خبر پئجي وئي هئي.
هو مون سان ملڻ آيو. مون ملڻ کان انڪار ڪيو. آخر ڪجهه ڏينهن جي ايلاز منٿن ۽ قسم قرآنن کان پوءِ هو خوش محمد ڏاهاڻيءَ ڪمشنر جي پي ايس کي وٺي آيو. ڪمري ۾ داخل ٿي جنسي طور قالين تي گيسي ڪيائين. اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ڏاهاڻيءَ کي چيم ته پاڻي پيارينس، پاڻي پيتائين ڪجهه سامت ۾ آيو. منهنجي آفيس ۾ قرآن شريف پيو هو، اهو کنيائين ۽ چوڻ لڳو ته “مان جيڪو تنهنجي خلاف ڪم ڪيو آهي ان ۾ منهنجي نيت شامل ڪونه هئي پر مون کان اهو ڪم ڪمشنر عابد شيخ ڪرايو آهي. هن نالو کڻي ان مٿئين آفيسر لاءِ چيو ته ان مون کي آسرا ڏئي تنهنجي خلاف ڪم ڪرايو. پوءِ جڏهن بدلي ٿي ته چيائين ته تون ڳڻتي نه ڪر مان تو کي پوسٽنگ وٺي ڏيندس. اها به نه ٿي. آءٌ ٽن مهينن کان سندس آفيس ۾ سڙي رهيو آهيان. هاڻي هن پرائيم منسٽر هائوس جي شڪايت ۾ ڦاٿو آهيان. مدد ڪريو.”
مان چپ ڪري سڀ حيرانگيءَ سان ٻڌي رهيو هئس. يا مولا! ڇا ايئن به ٿيندو آهي. مون اسد کي چيو ته “مون ته ڪجهه ڪونه ڪيو آهي. اهي تنهنجا افعال آهن جو پي ايم هائوس شڪايت ڪئي آهي. ڪمشنر صاحب جو تون لاڏلو آهين، تو کي هو بچائي وٺندو.” اسد ويتر پريشان ٿي ويو. آخر مون کي چيائين ته “مان پي ايم هائوس کي approach ڪريان ٿو، توهان به ان خط لاءِ followup نه ڪجو.”
الله سائين اهي راز کوليا جن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو ڪمشنر، پنهنجي ڊي سيءَ جي خلاف ان جي اي سي کي اهڙي طرح استعمال ڪندو. پر اهو آخري ڀيرو نه هو.
[b]انوار حيدري
[/b]سابق ڪمشنر لاڙڪاڻو سيد انوار حيدر، سٺو آفيسر رهيو آهي، پر جيئن ته نگران آيا ته ممتاز صاحب جي حڪم تي کيس اينٽي ڪرپشن جي سربراهه جناب امداد الله انڙ صاحب جهلي لاڙڪاڻي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، جتي هو ڪمشنر رهي چڪو هو. انوار صاحب کي بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف هئي. ڪورٽ جي حڪم تي کيس سول اسپتال لاڙڪاڻي جي دل جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو. مٿس پوليس جو سخت پهرو ۽ اچڻ وڃڻ وارن جي به نظرداري هئي. شايد مٿي رپورٽ ڪندا هوندا.
مون لاڙڪاڻي ۾ چارج ورتي ته ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس ملڻ ويس ۽ گل به ڏنا. اسان گڏ ته نوڪري نه ڪئي آهي پر ساڳيءَ ڇت هيٺان سنڌ ۾ نوڪري ضرور ڪئي هئي ۽ هڪ ٻئي سان عزت جو واسطو رهيو هو. اهو افسوسناڪ منظر هو. انوار حيدر سيد هندستان کان شڪارپور ۾ اچي رهيو هو، هتي پڙهيو. ننڍي ڪا نوڪري ڪيائين، پوءِ سيڪنڊ ڪامن ۾ سي ايس ايس ڪري اي سي ٿيو. سکر جو به ڊي سي رهي چڪو هو. سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر فوڊ به رهيو هو. محترما جي 1993ع واري حڪومت اچڻ کان پوءِ ڪمشنر لاڙڪاڻو ٿيو هو.
سندس ايام ڪاريءَ ۾ ممتاز صاحب کي شڪايتون رهيون. نه صرف ممتاز صاحب کي شڪايت هئي، امداد الله انڙ صاحب، جيڪو سنڌ ۾ انٽي ڪرپشن جو انچارج هو ان کي به ناراضگي هئي. سو هن حال ۾ کيس ڏسي ڏک ٿيو. مون کيس چيو ته “آءٌ کيس جيل مان ته آجو نٿو ڪري سگهان، پر هر ممڪن حد تائين کيس سهوليت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.” ان ڪم تي مان لال منگيءَ کي لڳائي ڇڏيو هو جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ آباد ۾ مختيارڪار هو ۽ جنهن انوار حيدر صاحب جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو هو.
امداد الله انڙ
امداد الله انڙ صاحب به پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍيون لاهيون چاڙهيون ڏٺيون. پي سي ايس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ سانگهڙ ۾ ڊي سي ٿيو. جتي ڄام صادق علي صاحب کي ڏاڍو ويجهو ٿيو. ستن حرن جي قتل ۾ ڄام صاحب سميت امداد صاحب ۽ ايس پي غلام شبير ڪليار نامزد ٿيا. پوءِ ٻئي جلدي حيدرآباد جا ڊي سي ۽ ايس پي ٿيا. انڙ صاحب سردار احمد خان راڄپر جي گهر مان شادي ڪئي. خالد ميان راڄپر جيڪو اسان سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ان جو ڀيڻويو هيو. سندس پٽ حمير انڙ ماشاءَ الله ڏاڍو سنجيدو ۽ سلڇڻو آهي. انڙ صاحب جون زمينون ۽ ڪاروبار اهو ٿو سنڀالي. مسلم ليگ (ن) ۾ به لاڙڪاڻي مان عهديدار آهي. حمير انڙ منهنجي پٽ ڊاڪٽر انيس جو گهاٽو دوست آهي، منهنجي به، چاچن وانگر عزت ڪندو آهي.
[b]تجر باغ
[/b]تجر باغ جو هاڻي نالو جناح باغ آهي. هيءَ اصل نواب ولي محمد لغاريءَ جو باغ آهي. مرڻ کان پوءِ هن کي اتي 1832ع ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو هو ۽ ان تي هڪ ‘تجر’ ٺهرائي وئي. پوءِ نواب ولي محمد لغاريءَ جو پٽ نواب احمد خان لغاريءَ لاش اتان ڪڍائي حيدرآباد ۾ وڃي دفن ڪيو، جنهن تي هڪ مقبرو ٺهرايو ويو.
تجر واري جڳهه لاءِ روايت آهي ته اها نواب صاحب جي ڪچهريءَ واري جڳهه هئي، جتي اها تجر ٺهرائي وئي. هن تجر واري هنڌ 1881ع ۾ انگريزن جي وقت ۾ هڪ لئبرري قائم ڪئي وئي. هتي پوءِ جناح ٽائون هال 1956ع ڌاري ٺهيو ته لائبريري ان ۾ منتقل ڪئي وئي. هيءَ جڳهه پوءِ مختلف وقتن تي مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿي. ڪو دؤر هو جو هتي لوڪل براڊ ڪاسٽنگ هوندي هئي. ڪجهه وقت هت ريسٽورنٽ به رهي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ اها عمارت پاڪستان نيشنل ڪائونسل لاڙڪاڻي کي ڏني وئي. آثار قديمه کاتي کي حڪم ڪيو ويو ته تجر جي مناسب مرمت ڪرائي.
ٽائون هال ۾ ڪنهن زماني ۾ اسان بيڊمنٽن جون ميچون به کيڏيون. جتي ڪافي ادبي، علمي ۽ ثقافتي سرگرميون ڪيون ويون. ان ٽائون هال کي ڊهرائي هڪ وڏو شاندار هال ٺهرايو ويو آهي، جيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي حوالي آهي.
[b]نواب ولي محمد خان لغاري (۽ نواب احمد خان لغاري)
[/b]نواب ولي محمد خان لغاري پنهنجي دور جو بلند رتبي وارو مدبر شخص ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ سندس دور ۾ هن کان ورلي ڪو دلير ۽ دانشمند شخص هن جي برابري ڪندو هو. هيءُ لغاري بلوچن جي قبيلي مان هو، جنهن جو سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ ۾ وڏو نالو آهي. سندس والد نواب غلام محمد خان لغاري ٽالپورن جي وڏي بهرام خان جي ساٿارين مان هو، جنهن ميان سرفراز ڪلهوڙي جي درٻار ۾ به وڏو مانُ رکيو ٿي. پاڻ ربيع الاول 1189هه/ 1775ع ۾ مير بهرام خان سان گڏ قتل ٿي ويو هو.
هن جو پٽ ولي محمد خان مير فتح خان جي درٻار ۾ آيو. هالاڻيءَ واري جنگ ۾ سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالغني خان سان 1196هه ۾ جنگ چڱي دليري ڏيکاري. جڏهن مير فتح خان فتحياب ٿي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ته هن کي خاص مقرب مقرر ڪيائين. هن جي جنگي ڪارنامن جو ذڪر ڪتاب نواءِ معارڪ ۾ تفصيل سان اچي چڪو آهي ته ڪيئن بارڪزين سان منهن ڏنائين ۽ شاهه شجاع کي شڪارپور مان ڪڍڻ لاءِ حڪمت عمليءَ سان ڪم ورتائين ۽ ڪامياب ٿيو. نواب ولي محمد کي چانڊڪا پرڳڻو جاگيرطور مليل هيو. حيدرآباد جو ٽنڊو ولي محمد به سندس نالي تي قائم ٿيل آهي. هن جي وفات کان پوءِ ميرن ۾ نفاق وڌي ويو، فوج ۽ حڪومت ۾ ابتري وڌي ويئي.
لغارين جي اصل رهائش ديري غازي خان لڳ چوٽي ۾ هوندي هئي جتي اڃا تائين رهن ٿا. برنس پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “اسماعيل شاهه ۽ نواب ولي محمد سنڌ ۾ ميرن جا وڏا وزير هئا. بلوچ جيڪي ميرن جي وڏي ٽيڪ ليکيا ويندا هئا.”
نواب ولي محمد خان شاعر به هو ۽ سندس ڪليات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏني آهي. جيڪا سنڌي علم ۽ ادب ۾ وڏو اضافو آهي. ان ڪليات تي تعارفي طور بلوچ صاحب وڏو مهاڳ لکيو آهي، جيڪو بلوچ صاحب ئي لکي سگهي ٿو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي پر بدنصيبيءَ سان مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهي. بورڊ کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهي ڪلاسڪس مارڪيٽ مان ناپيد نه هئڻ گهرجن.
هن فارسيءَ ۾ به شاعري ڪئي. سندس فارسيءَ ۾ تخلص ولي هو. نواب ولي محمد پنهنجو ديوان 1807ع ۾ مڪمل ڪيو، پر ان کان پوءِ به هير رانجها، چئن يارن، امامن ۽ ميرن جي تعريف ۾ شعر لکيائين.
1196هه / 1782ع واري فيصلا ڪن جنگ ۾ ميرن جي طرفان ڪلهوڙن سان هالاڻيءَ ۾ جنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ملي. ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ ٽالپورن جو دور شروع ٿيو. ان کان پوءِ ميرن جي چوياريءَ وارو دؤر شروع ٿيو، جيڪو سونهري دور هو. نواب ولي محمد ان وقت سندن وزيراعظم هو. کيس ملڪي ۽ ٻاهرين تعلقات جون ذميداريون به تقويض ٿينديون رهيون جنهن ۾ هر هر ذميداريءَ مان خوش اسلوبيءَ سان ڪامياب ۽ ڪامران ٿيندو رهيو. نواب صاحب پنهنجي حڪمران وٽ سرخرو هو. اهو ئي عوام ۽ عام ماڻهوءَ ۾ مقبول هو. اهو ئي سبب هو جو انگريزن به چئي ڏنو ته جيستائين ميرن وٽ نواب ولي محمد لغاريءَ جهڙو دانشور ۽ سمجهو سياڻو وزيراعظم ۽ بهادر جرنيل آهي، تيستائين ميرن کي شڪست ڏيڻ مشڪل آهي.
[b]نواب احمد خان لغاري
[/b]1832ع ۾ نواب ولي محمد لغاري وفات ڪئي ۽ نواب احمد خان سندس جاءِ والاري. سيد نور محمد خان جي وفات کان پوءِ ۽ مير نصير خان جي دور ۾ درٻاري سياست ۽ اندروني ڇڪتاڻ کان بيزار ٿي نواب احمد خان لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي جاگير ۾ وڃي رهيو. جڏهن انگريزن بدعهدي ڪري ميرن سان لڙايون ڪيون ته نواب احمد خان به پنهنجي ماڻهن سان گڏجي ميرن جي طرفان انگريزن سان وڙهندو رهيو. دُٻي ۽ مياڻيءَ واري جنگ ۾ ميرن کي شڪست ملي ته هي بلوچستان هليو ويو جتي انگريزن جي خلاف فوج ڪٺي ڪندو رهيو پر ميرن جو سنڌ ۾ ئي شيرازو وِکري ويو. چئن سالن کان پوءِ نواب احمد خان لغاريءَ کي واپس سنڌ ۾ اچڻ جي انگريزن کان اجازت ملي ۽ کيس انگريزن طرفان پوڻا ٽي لک جريب زمين تابعداريءَ جي شرط سان ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي. هن قبول نه ڪئي ۽ لاڙڪاڻو ڇڏي اچي سڪرنڊ ۾ رهيو.
سندس وفات 21 فيبروري 1870ع تي ٿي. ديهه مرزاپور جاگير ۾ سادگيءَ جي عالم ۾ کيس امانت طور دفن ڪيو. پوءِ سندس لاش ڪڍائي درگاهه جهوڪ ۾ تدفن ڪيو ويو، جنهن درگاهه جو پاڻ مريد هو.
(هي تفصيل ڪتاب ”تازن معرڪن جي تاريخ“ تان صفح 406 تان ورتل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ۾ ڇپايو هو.)
*
[b]موهن جو دڙو
[/b]موهن جي دڙي جي ذڪر کان سواءِ پاڪستان، سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جو ذڪر مڪمل نه ٿيندو. موهن جي دڙي جي آسپاس کوٽائين ۾ ٻڌ تهذيب جا نشان مليا. تيستائين گنڌارا جا نشان ملي چڪا هئا. اها تجرباتي کوٽائي 1911ع ۾ شروع ڪئي وئي. پوءِ وري سر جان مارشل ۽ سر مارٽيمر ويلر ۽ انهن ٻنهي جي ٽيمن وڏي جاکوڙ سان کوٽائي ڪئي. 2500 ق.م تهذيب جا اهڃان ڪڍي ظاهر ڪيا، جيڪي کنڊرات ۽ نوادرات هتان مليا، تن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. دنيا جي ماهرن جي اها مشترڪه راءِ آهي ته هن تهذيب جي اهڃاڻن ۾ 5000 هزار سال پراڻي هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ڪونه آهي. هتي جا کوهه ناليون گهر، مورتيون، سِرُون، اکر ۽ ٻيو سامان ان ڳالهه جا ثبوت آهن ته موهن جي دڙي جي تهذيب ڪيترو پراڻي آهي.
هينئر 16-2015ع ۾ موهن جي دڙي تي ڊرلنگ ڪئي ٿي وڃي. ان جي ابتدائي نتيجن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڃان به ڪي وڌيڪ پراڻا آثار اتي موجود آهن، ۽ ايراضي به شايد وڌيڪ ملي وڃي. هن وقت جڏهن سائنسي طرح وڌيڪ ترقي ٿي آهي ته ڪجهه وڌيڪ ئي معلومات ملي وڃي. بدقسمتيءَ سان ايتري ترقيءَ ۽ ڪمپيوٽر سسٽم جي ترقيءَ جي باوجود موهن جي دڙي مان هٿ آيل سِرن جي ٻولي اڃا تائين پڙهي نه سگهيا آهيون. جڏهن اها ٻولي ڊيسيفر ٿي ته شايد اڃا به وڌيڪ ڄاڻ پلئه پوندي.
[b]قاضي اختر
[/b]مون قاضي اختر صاحب سابق چيف منسٽر سنڌ ۽ بيگم نسيم اختر کي گهر مانيءَ تي دعوت ڏني ۽ ٻئي قرب ڪري آيا ۽ منهنجي ۽ منهنجي گهر واريءَ جي عزت وڌائي.
بيگم قاضي اختر به شهر جي سڄاڻ عورتن مان هڪ هئي، جنهن عورتن کي ڪافي متحرڪ ڪيو هو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ اڳڀري هوندي هئي. قاضي اختر صاحب لاڙڪاڻي جو پهرئين جوڙ جو وڪيل هو. لاڙڪاڻي بار جو برجستو وڪيل هو. ديانتداري ۽ ايمانداريءَ ۾ بدناميءَ جي حد تائين نيڪ نام ۽ مشهور هو. ڀٽي صاحب سان به لاڳاپيل رهيو. سندس والد صاحب غلام مصطفيٰ قاضي ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو. لاڙڪاڻي ۾ به نوڪري ڪيائين. اصل پاٽ جا هئا. قاضي صاحب لاڙڪاڻي ۾ اچي سيٽل ٿيو. پاٽ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين لکيل پڙهيل ۽ عالمن جن ۾ علامه عمر بن محمد دائود پوٽو به شامل هو. انهن جو گهر رهيو آهي. پاٽ ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو رهيو هو. پوءِ جڏهن دادو ضلعو ٺهيو (1912ع) ته پاٽ (سيوڻ تعلقو) دادو ضلعي جو حصو ٿي ويو.
مون کي به پاٽ ڏسڻ جو موقعو مليو. اهو 1993ع ڌاري نواز شريف حڪومت جو پهريون دور هو جنهن ۾ هن بي زمين هارين ۾ زمين ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌ مان دادو ضلعي جي ڳوٺ پاٽ کي چونڊيو ويو. شايد نواز شريف کي به ڪنهن پاٽ جي اهميت متعلق ٻڌايو هو. مان ان وقت ٿر جو ڊپٽي ڪمشنر هئس ۽ اسلم سنجراڻي صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هو. هن صاحب سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي ڊيوٽي لڳائي هئي. جنهن ۾ منهنجي ڊيوٽي به لڳل هئي. مان مٺي کان نڪتو هئس ۽ رات جو ڊي سي دادوءَ وٽ سندس گهر تي مهمان هئس. ٻئي ڏينهن صبح جو پاٽ پهتو هئس. خوشي ٿي هئي ته هن تاريخي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو هيو. اچڻ سان پهريون شهر جو چڪر لڳايو، پوءِ جلسي واري جڳهه تي پهتو هيس.
قاضي اختر صاحب 1985ع ۾ ضياءُ جي وقت ۾ نان پارٽي اليڪشن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو هو ۽ پوءِ سنڌ ۾ تعليم کاتي جو وزير ٿيو هو. سائين غوث علي شاهه صاحب جي ڪيبينيٽ ۾ ان وزارت ۾ پنهنجي سخت مزاج جي ۽ ديانتداريءَ جي ڪري ۽ تعليم کاتي ۾ خاص طور نقل ڪرڻ تي ڏنڊي کڻڻ جي ڪري به مشهور ٿيو هو. پوءِ جڏهن سائين غوث علي شاهه کي چيف منسٽريءَ تان هٽايو ويو ته قاضي اختر صاحب کي چيف منسٽر ڪيو ويو، پر سندس اها چيف منسٽري ٿورو وقت هلي. جنرل رحيم الدين کي سنڌ جو گورنر ڪيو ويو ۽ هن صاحب اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. پر 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جي جهاز جي ڪريش کان پوءِ جنرل رحيم الدين پنهنجا تڏا ويڙهيا. قاضي اختر کي وري سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ڪيو ويو.
اسان کي 1975ع مئي ۾ نوڪري ملي هئي. پر اسان تي ڀٽي صاحب جو ٺپو لڳل هو تنهن ڪري اسان کي پروموشن نه ملي رهيو هو. تيرهن سال پروموشن جي انتطار ۾ گذري ويا. قاضي صاحب اهو جمود ٽوڙيو ۽ اسان جي تقريباً سڄي بئچ کي پروموٽ ڪيو، ۽ مون کي اسسٽنٽ ڪمشنر (ج) کان بدلي ڪري ايڊيشنل ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪيو ويو.
لاڙڪاڻي کي 1977ع ۾ ڀٽي صاحب پهرين جولاءِ 1977ع کان ڊويزن جو درجو ڏنو هو، جتي خالد احمد کرل ڪمشنر ۽ محمد پنڃيل جوڻيجو ڊي آءِ جي مقرر ڪيا ويا هئا. پر 5 جولاءِ تي مارشل لا لڳڻ ڪري اهي لاڙڪاڻي ڊويزن جا آرڊر واپس ورتا ويا.
قاضي صاحب اهو به ڪارنامو ڪيو جو لاڙڪاڻي ڊويزن کي 11 سالن کان پوءِ بحال ڪيو.
ٻيو جيڪو ڀٽي صاحب جو سوچيل ۽ اڌ ۾ ڇڏيل ڪم هو، اهو هو لاڙڪاڻه ڪيڊٽ ڪاليج جو. قاضي صاحب ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو قائم ڪيو. اهو ڪيڊٽ ڪاليج هينئر به لاڙڪاڻي، ڀرپاسي ۽ بلوچستان جي ٻارن لاءِ تعليم جي ڏس ۾ وڏي خدمت ڪري رهيو آهي. ميجر پروفيسر محمد يوسف شيخ (ايس ايم يوسف) 1990ع کان هن ڪاليج جي 20 سالن تائين خدمت ڪئي. جتي هو PD ۽ پرنسپل رهيو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ادبي ۽ ثقافتي کيتر ۾ به خدمتون ڪندو رهيو. يوسف صاحب جو به ڳوٺ لاڙڪاڻو ئي آهي.
اختر علي جي قاضي صاحب جو شمار لاڙڪاڻي لا ڪاليج جو 1966ع کان 1985ع تائين باني پرنسپل ۽ ڪامرس ڪاليج جو بنياد رکندڙن مان آهي.
1988ع ۾ بطور نگران چيف منسٽر سنڌ وارهه جي تعلقي مان صوبائي اسيمبلي سيٽ تي بيٺو. سندس مقابلي ۾ پي پيءَ جو نو وارد ۽ نو آزموده نثار احمد کهڙو بيٺو. اليڪشن دوران قاضي صاحب ڪمشنر لاڙڪاڻي ۽ اليڪشن ڪميشن کي شڪايتن جي ڌم لائي ڏني، ۽ چيو پئي ته انتظاميه ڌانڌلي ڪري رهي آهي. انتظاميه جو سربراهه به پاڻ هو. 1988ع ۾ اليڪشن هارايائين ۽ نثار احمد کهڙي اها اليڪشن کٽي، پيپلز پارٽيءَ ۾ پنهنجي داخلا کي سڪارتو ڪيو.
نوازشريف صاحب 1992ع ۾ قاضي اختر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو. جتان 1996ع ۾ استعيفيٰ ڏئي پورچوگال ۾ پاڪستان جو سفير ٿيو. قاضي اختر علي صاحب گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هو، ۽ چپ چپات ۾ لاڙڪاڻي جي سڄي عمر خدمت ڪيائين. وڪيل ته هو پر پاڻ وڏو سماج سڌارڪ،تعليمدان ۽ ماڻهن جو هڏ ڏوکي به هئو. سندس ڀائر قاضي امام علي ڪراچي حيدرآباد ۽ سجاول ۾ وڪالت ۽ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ زمينداري به ڪئي. ٻئي ڀاءُ ڊاڪٽر قاضي حيدر علي حيدرآباد ۾ گدوءَ جي چرين واريءَ اسپتال ۾ وڏي عرصي تائين انچارج ٿي رهيو ۽ حيدرآباد جيم خانه جو سيڪريٽري به ٿي رهيو. جيڪو علائقي جي سماجي ۽ ثقافتي ڪارنامن جي ڪري مشهور ٿيو.
ننڍو ڀاءُ قاضي آصف سنڌ يونيورسٽيءَ جو ميٿميٽڪس جو پروفيسر ۽ ڊين ٿي رهيو. هن مثبت انداز ۾ يونيورسٽيءَ جي تعليمي سرگرمين کي اڳتي وڌايو. قاضي اختر صاحب کي رب پاڪ هر خوشي، سهوليت ۽ نامه چار سان سرفراز ڪيو. پر بدنصيبيءَ سان کين اولاد جي نعمت سان نه نوازيو. پنهنجي گهر واري بيگم نسيم اختر جي وفات کان پوءِ پاڻ به 2010ع ۾ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو.
[b]ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان تي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ڏجي
[/b]هن خاندان جا فردَ ايترا نامور ۽ ناموس وارا آهن جو هڪ هڪ فرد تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. ڪيئي ڪتاب لکجي ويا آهن. ڪيترائي ڪتاب لکيا وڃن پيا ۽ لکيا به ويندا ۽ اهو سلسلو هلندو ئي رهندو. ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو تي ڪيترين يونيورسٽين ۾ چيئرس ٺهي ويون آهن. اهي الائي ڇا ڪري رهيون آهن. ڪم ڪنديون هونديون، پر اهو ايترو پبلڪ ۾ نه آيو آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جيڪو ريسرچ تي ڪم ٿيو آهي ان تي نه ئي ڳالهائجي ته بهتر آهي. انهن سڀني جن سرڪاري سرپرستيءَ تي Bhuttology تي ڪم ڪيو آهي. انهن جو ڪم صرف خوبصورت ٽائيٽلز تائين محدود آهي. گهٽ ۾ گهٽ ‘ڀٽولاجي’ جو سبجيڪٽ ته سنڌ ۾ متعارف ٿيڻ گهرجي. هيتريون يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادارا ‘ڀٽوز’ جي نالي تي ته ٺهي ويون آهن پر انهن ۾ ”ڀٽوز“ تي ڇا پڙهايو ٿو وڃي. انهن جي سنڌ سرڪار کي هڪ سينڊيڪيٽ ٺاهي پرائمريءَ کان گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ تائين ڀٽوز تي ڪورسز منظم ڪرڻ گهرجن. شاگردن کي Ph.D جي ڊگري آفر ڪري ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر اسڪالرشپ ڏئي تعليم وٺڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ لاءِ همٿائجي. هونئن اهو ڪم اڄ نه ته پوءِ ڪڏهن به نه ٿيندو. لوهه به گرم آهي ۽ حڪومت به ‘ڀٽوز’ جي آهي. ڪو سنڌي اهو ڪم ڪرڻ جي قابل نٿو سمجهيو وڃي ته پروفيسر ڪرار حسين جي پٽ سينيٽر تاج حيدر کي اجازت ڏجي ته هو نوجوان ۽ جذبي وارن اسڪالرن جي هڪ ٽيم تشڪيل ڏئي ڪم ڪري سگهي ٿو. اها Study صرف ڀٽوز تي نه هوندي، پر پوليٽڪس ، پاليٽيڪل سائنس. فلاسافي، لا، تصوف، اسلام، سماجيات، سنڌ، پاڪستان، سياسي تصورن تي هئڻ گهرجي.
[b]فاطمه ڀٽو جو ڪتاب Songs of Blood and Sword
[/b]فاطمه ڀٽو مٿئين نالي سان هڪ خوبصورت ڪتاب لکيو آهي.
جنهن لاءِ لکيو اٿائين ته اهي هڪ ڌيءَ جون پيءُ لاءِ يادگيريون آهن. سندس يادگيريون به آهن ان کان وڌيڪ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم ۽ اکيون کوليندڙ ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن. اعجاز منگيءَ ان جي ترجمي بابت خيال ته ڏيکاريو آهي، پر هن ڪتاب جو اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيو آهي. منهنجي به دل چوي پئي ته هن ڪتاب مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هت آڻيان، پر ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيترا آڻيان. فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان! سو بس، في الحال مان ڀٽو خاندان کي مڃتا طور هن ڪتاب ۾ ڏنل مختصر شجري تي اڪتفا ڪريان ٿو. اهڙو شجرو ٻين ڪتابن ۾ آيل آهي. سلمان تاثير جي هڪ پراڻي ڪتاب ۾ به نظر آيو. پر مان مناسب ٿو سمجهان ته ڀٽي خاندان جي ڌيءَ فاطمه ڀٽو جي ڪتاب مان اڌارو وٺان، جيڪا نه صرف ذوالفقار علي ڀٽي جي پوٽي آهي، وڏور پٽ شهيد مير مرتضيٰ جي ڌيءَ آهي. فاطمه جو هي آخري يا پهريون ڪتاب نه آهي. ان کان اڳ ۾ شاعريءَ جو ڪتاب اچي ويو آهي ۽ هن ‘يادگيرين’ کان پوءِ به افغانستان جي پس منظر ۾ هو هڪ ناول پڻ لکي چڪي آهي.
[b]لاڙڪاڻي جي ڀٽو خاندان جو شجرو-1
[/b]Bhuttos of Larkana
Taken from a family Tree Commissions
By Zulfiqar ali Bhutto and kept in 70 clifton
محمد خان
فتح محمد خان
مٺو خان
محمد قاسم خان
طائب خان ابڙو خان گاجي خان
رتو خان سهتو خان
پير بخش خان
الله بخش خان دودو خان
خدابخش خان الاهي بخش خان امير بخش خان
مير غلام مرتضيٰ
سر شاهنواز خان علي گوهر خان
ذوالفقار علي ڀٽو امداد علي سڪندر علي
شاهنواز صنم مير مرتضيٰ بينظير
(Fallow from Blood and Sword song of)
[b]ڀٽي خاندان جو شجرو – 2
[/b]سلمان تاثير جي ڪتاب: "ذوالفقار عل بھٹو۔ بچپن سے لیکر تختہ دار" تان ورتل. اردوءَ ۾، صفحه VI
شجره نسب
[b]ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب سان پهرين ملاقات
[/b]منهنجون ڀٽي صاحب سان رسمي ملاقاتون ته نوڪريءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪافي ٿينديون رهيون پر پهرين ملاقات آءٌ نه ٿو وساري سگهان.
اهو زمانو منهنجي تعليمي دور جو هو. لاڙڪاڻي ڪاليج مان انٽر سائنس ڪري مان پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ پشاور جي فاريسٽ ڪاليج ۾ ٻن سالن جي ڊپلوما (پوءِ ان کي ڊگري ڪيو ويو) ڪورس لاءِ داخل ٿيو هئس. اهو سال 1968ع کان 1970ع وارو دور هو. اهو سخت سياسي ڪشمڪش جو زمانو هو. ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ۽ رتيديري جو هو. جڏهن فارين منسٽر هيو ته رتيديري به ايندو رهندو هو. هر ٻار يا وڏو کانئس چڱيءَ ريت واقف هو. پر 1965ع واري جنگ ۾ سندس مقبوليت ۽ مشهوري ته عروج تي پهتل هئي. وري جو 1966ع ۾ ايوب خان جي وزارت مان الڳ ڪيو ويو ته سمجهو ملڪ ۽ خاص طرح لاڙڪاڻي جي ماڻهن ان حقيقت کي وڌيڪ محسوس ڪيو. جڏهن ڀٽي صاحب هڪ سال کان پوءِ 30 نومبر 1967ع ۾ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر ۾ پارٽيءَ جو ڪنوينشن ڪوٺائي، ان جو بنياد وڌو، ته رتيديري مان محترم عبدالرزاق ۽ عبدالواحد سومرو به ان ۾ شريڪ ٿيا هئا.
ان سان نه صرف ڀٽي صاحب جي شان ۽ مان ۾ اضافو ٿيو پر لاڙڪاڻي جو نالو به نروار ٿيو. ڀٽو صاحب پارٽي ٺاهي آرام سان نه ويٺو پر طوفاني دورا شروع ڪيائين. پاڻ ۽ سندس ٽيم نوجوان ۽ روشن خيال شخصيتن تي مشتمل هئي. اهي سڀ نڪري پيا ۽ رابطي جو سلسلو شروع ڪيو. اهو ئي دور هو جو مان به پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڇڏي پشاور وڃي وسايو هو. ان ئي دور ۾ نصرت رسالو حنيف رامي صاحب 1968ع ۾ لاهور مان ڪڍندو هو. رسالي جو مٿيون ڪور هميشھ ڳاڙهو هوندو هو ۽ ڪارا اکر هوندا هئا.حنيف رامي صاحب به وڏين خوبين جو مالڪ هو. اديب، مصور ۽ آخر ۾ سياستدان ۽ پنجاب جو وڏو وزير به ٿيو.
مان پهريون ۽ آخري شاگرد هئس جيڪو فاريسٽ ڪاليج پشاور ۾ نصرت رسالو پوسٽ جي وسيلي گهرائيندو هئس. سنڌي ۽ ٻيا شاگرد اهو رسالو مون کان اوڌر تي وٺي پڙهندا هئا. ان حوالي سان مان مشهور ٿي ويس ته آءٌ ’پيپلو‘ آهيان، پر مان ڪڏهن به عملي سياست ۾ شريڪ نه ٿيس. هونئن به سنڌين کي ٻين صوبن وارا پيپلو سڏيندا هئا.
ڀٽو صاحب ان دور ۾ پشاور جا به چڪر ڏيندو هو ۽ جلسا جلوس ڪندو هو. هڪ ٻن جلسن ۾ مان ۽ امير علي سولنگي به سندس تقريرون ٻڌڻ ويا هئاسون. پر مُهان مُنهن ملاقات ڪونه ٿي هئي . 1970ع سال چونڊن جو سال هو. انهن سالن ۾ روڊ رستا به سٺا ڪونه هئا ۽ اڄ جي سياستدانن وانگر کين ايترو پيسو به ڪونه هو جو هيليڪاپٽر جي عياشي ڪري سگهن. تنهن ڪري اهي جهنگ، روڊن جي وسيلي طئي ڪندا هئا، يا وڌ ۾ وڌ ريل ۾. ڀٽي صاحب وٽ ان زماني ۾ هڪ ويڪنيئر گاڏي هوندي هئي. جنهن ۾ سفر ڪندو هو. اهو زمانو لئنڊ ڪروزر ۽ پيجارو ۽ بليٽ پروف گاڏين جو ڪونه هو. نه ئي انهن ڏينهن ۾ دهشتگردي ٿيندي هئي. اهو هڪ غير معمولي واقعو هو جو ڀٽي صاحب تي سانگهڙ ۾ حملو ٿيو ۽ خدا جي مهرباني سان هو بچي ويو۽ مرحوم حاجي عثمان چانيهو جي ماهرانه ڊرائيونگ ان ڏينهن ڪم اچي وئي. جيڪو جهر جهنگ مان گاڏي هلائي کيس حيدرآباد ڪڍي آيو. جتي ڀٽي صاحب پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. اسان کي فاريسٽ ڪاليج ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا موڪل ملندي هئي جو ڳوٺ اچي سگهبو هو. پنڌ وڏا هئا ۽ سواري ريل جي 30 ڪلاڪ، پشاور کان رتيديري تائين لڳي ويندا هئا.
1970ع جي مئي-جون ۾ مان رتيديري آيل هئس. منهنجو اٿڻ ويهڻ محترم شمس الدين ابڙي سان هوندو هو. جيڪو ان وقت هاءِ اسڪول ٽيچر هو ۽ ڪنهن زماني ۾ اسان جو استاد به رهيو هو ۽ بزمِ ادب رتيديري جو سائين امان علي سمي سان گڏ روح روان هو. هن جي خاندان جو وڏو حڪيم محمد ابراهيم ابڙي جي ڀٽي، خاندان سان راهه رسم هئي ۽ ڀٽو صاحب سندس قدر ۽ عزت ڪندو هيو. محمد ابراهيم صاحب راڄ ڀاڳ وارو ماڻهو هو. پنج ووٽ به هٿ ۾ هوندا هئس. رتيديري ۾ طب جو دڪان هئس. سندس ڳوٺ ڪوڏ راڻي ابڙا رتيديري کان 3 ميلن جي مفاصلي تي رتيديري- جيڪب آباد روڊ تي هو. انهن ڏينهن ۾ ئي ڀٽو صاحب طوفاني دورن تي نڪتل هو. جيڪب آباد کان رتيديري اچڻو هئس. ڪوڏ راڻي ابڙن ۾ به ڪارنر گڏجاڻيءَ جو پروگرام رکيائين ۽ ابڙي صاحبن جي چانهن پيئڻ جي دعوت منظور ڪئي هئائين. ابڙو صاحبن مون کي به دعوت ڏني هئي. مان به پهتس. ڀٽو صاحب آيو ته منهنجو به ساڻس تعارف ڪرايو ويو ته “عبدالقادر، رتيديري جو آهي”، پر پشاور فاريسٽ ڪاليج ۾ پڙهي رهيو آهي. ڀٽي صاحب سان سردار پير بخش خان ڀٽو ۽ ممتاز علي خان ڀٽو ۽ ٻيا ڪجهه ساٿي گڏ هئا. ڀٽي صاحب مون تي تمام گهڻو توجه ڏنو ۽ مون سان پشاور بابت حال احوال ڪندو رهيو ۽ پارٽيءَ متعلق پڇندو رهيو. پڇندو رهيو ته اسان سنڌي شاگرد پارٽي لاءِ پشاور ۾ ۽ ڪاليج ۾ ڇا ڪري رهيا آهيون. مون کيس ٻڌايو ته بنيادي طرح اهو پروفيشنل ڪاليج آهي. وقت ڪونه ٿو ملي ۽ سياسي سرگرمين تي به پابندي آهي. پر مان نصرت رسالو گهرائيندو آهيان، ٻين دوستن کي پڙهائيندو آهيان ۽ سياسي بحث مباحثن ۾ ٻين صوبن جي ساٿين کي به شامل ڪندا آهيون. ڀٽو صاحب خوش ٿيو ۽ مون کي چيائين ته “اهو تمام اهم ڪم آهي، جيڪو توهان ڪري رهيا آهيو. اسان کي نظرياتي نوجوان پيدا ڪرڻا آهن. مان حنيف رامي کي چوان ٿو توهان کي پارٽي جو لٽريچر به موڪليندو رهندو.” اهو سلسلو ڪجهه وقت رامي صاحب سان رهيو، پر پوءِ ڪٽجي ويو.
ڀٽي صاحب پنهنجي پروگرام بابت ٻڌايو، چانهن پيتي ۽ موڪلائڻ لاءِ اٿيو. مون کيس عرض ڪيو ته گروپ فوٽو ڪڍائي. فوٽو لاءِ ‘پوز’ ٺاهي سڀ بيٺاسون. اسان جي دوست عبدالفتاح وٽ ڪئميرا هئي. هن کي چيوسين ته “فوٽو ڪڍ!” هن ڏاڍي معصوميت سان چيو “رول ختم ٿي ويو آهي!” ڀٽو صاحب مسڪرايو، منهنجي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي چيو ته “ڪا ڳالهه ناهي، فوٽو ٻئي دفعي ڪڍائينداسين.” بدنصيبيءَ سان اهو ٻيو دفعو منهنجي زندگي ۾ وري نه آيو، ۽ نه وري ايندو.
[b]1970 واري اليڪشن
[/b]آڪٽوبر 1970ع ۾ مان فاريسٽ ڪاليج مان آجو ٿي آيس، اچي فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ڳڙهي ياسين ۾ نوڪري ڪئي. ڊسمبر 1970ع ۾ اليڪشن جو زور هو. ڀٽو صاحب جي مقابلي ۾ لاڙڪاڻي واري سيٽ تان محمد ايوب کهڙو مقابلي ۾ بيٺو هو. سندس تڪ ۾ ٽي تعلقه لاڙڪاڻو، ڏوڪري ۽ رتوديرو شامل هو. جڏهن ته ٻي سيٽ تي ممتاز علي خان بيٺل هو جنهن جو مقابلو قاضي فضل الله ڪري رهيو هو. ان ۾ قمبر، وارهه، شهدادڪوٽ ۽ ميرو خان تعلقه شامل هئا. اسان دوستن اها اندروني مهم شروع ڪئي ته جيڪي به دوست نوڪرين ۾ لڳل آهن، انهن جو بيلٽ ووٽ وٺي ڀٽي صاحب کي وجهرائجي. هر ڪنهن کي اندازو هو ته ڀٽو صاحب وڏي ليڊ سان کٽندو پر اسان به اها معصوم ڪوشش ڪئي ته ڀٽي صاحب جي مدد ڪيون. ٻه ٽي سو ووٽ هٿ ڪياسين، نه صرف رتيديري مان، پر لاڙڪاڻي تعلقي مان به منهنجي اليڪشن ڊيوٽي رُڪ اسٽيشن تي لڳي. جتي ڪنهن زماني ۾ ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪيو ويو هو. اليڪشن ۾ ته ڀٽي صاحب ۽ ممتاز علي خان ڀٽي کٽيو، پر ان سان گڏ کهڙي صاحب ۽ قاضي صاحب جو سياسي دڪان هميشه لاءِ بند ٿي ويو. کهڙي صاحب جو پٽ شاهه محمد، پاشا کهڙو ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪنهن دور ۾ وزير ٿيا، پر اهو الڳ قصو آهي. نثار احمد کهڙي صاحب 1987ع ۾ پيپلز پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ هاڻي ان پارٽيءَ جي سياست ڪري رهيو آهي. سندس والد محمد نواز کهڙو، جيڪو محمد ايوب کهڙي جو ڀاءُ هو، اهو نثار صاحب جي ننڍپڻ ۾ ئي رحلت ڪري ويو. نثار صاحب اڄ ڪلهه تعليم جو سينيئر وزير آهي. سنڌ سرڪار ۾ ايستائين پهچڻ ۾ سندس وڏي جاکوڙ جو حصو آهي. ڪئي ڀيرا چيف منسٽري سندس ڪن تان گذري وئي آهي.
[b]ڊرگهه ۽ لنگهه ڍنڍون ۽ ان جا مالڪ
[/b]ڀٽو صاحب هنن ٻنهي ڍنڍن جو ڄڻ عاشق هو. پاور ۾ هجي يا نه پر هنن ڍنڍن تي ڀيرو ڪندو رهندو هو. اتي شڪار ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ سندس بهترين مشغلو هوندو هو. وزير خارجه هو ته ايوب خان اڪثر پنهنجي يارن دوستن سان هتي شڪار ڪرڻ ڀٽي صاحب وٽ ايندو هو. لاڙڪاڻي جي سياري جي موسم، ڍنڍ جي ڏير ۽ پن، هلڪي وڻندڙ اُس ۽ مٿان وري ڀٽي صاحب جي ڀرپور مهمان نوازي. سندس سياسي ساک جي سلسلي ۾ هن ڍنڍ به پنهنجي عاشق سان رهايو. فيلڊ مارشل جي اقتدار وڃڻ کان پوءِ جنرل يحييٰ خان به پنهنجي فوجي لڏي سان هتي ڀٽي صاحب جو مهمان ٿي ايندو هو. اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي کي ‘لاڙڪاڻي پلان’ جو نالو به ڏنو ويو. پوءِ جڏهن ڀٽو صاحب ملڪ جو ڪرتا ڌرتا ٿيو ته اڪثر سربراهن کي ڊرگهه ڍنڍ تي وٺي ايندو هو. انهن ۾ شهنشاهه ايران ۽ شيخ زيد بن سلطان خاص هوندا هئا. سال 1976ع ۾ مان جڏهن AC (UT) هئس ته عرب عمارتن جو سربراهه شيخ زيد بن سلطان آيو هو ۽ ڀٽي صاحب ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن جي سفيرن کي به هتي دعوت ڏني هئي. رات جو المرتضيٰ جي اسٽيج تي ڪلچرل شو ٿيو هو، جنهن ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ ناهيد صديقي پنهنجي ڪٿڪ ڊانس جي فن جو مظاهرو ڪيو هو. تڏهن ناهيد صديقي ضياءُ محي الدين جي زال هئي ۽ ضياءُ صاحب سندس فن جي واڌاري تي ڪافي توجھ ڏئي رهيو هو. ٻئي ڏينهن تي ٻين سفيرن، اميرن، وزيرن ۽ بادشاهن سان جنرل ضياءَ به ڊرگهه جي ان دعوت تي سڏيل هيو.
سال 2015ع ۾ چاليهن سالن کان پوءِ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول KLF-6 ۾ سال 15يا 2014ع ۾ ناهيد صديقيءَ کي اسٽيج تي فيض احمد فيض جي شاعريءَ تي پرفارم ڪندي ڏٺو. پاڻ کي ڏاڍو فٽ رکيون بيٺي آهي. اهڙي ئي سمارٽ لڳي رهي هئي، جهڙي 40 سال پهريان هئي.
1997ع ۾ مون کي خيال آيو ته ڇو نه ڊرگهه ۽ لنگهه ڍنڍ تان چڪر ڏئي ۽ چانهن پي اچجي. لاڙڪاڻي جو ايس ايس پي منظور احمد مغل هو. هن کي به صلاح ڪئي، هو به هڪدم تيار ٿي ويو.
ڊرگهه ۽ لنگهه ڍنڍون ‘رامسر ڪنوينشن’ جو حصو آهن. دنيا اندر 1971ع ۾ ايران ۾ ڍنڍن جي بچاءَ لاءِ ايڪو سسٽم کي قائم رکڻ لاءِ اهو ڪنوينشن متعارف ڪيو ويو هو ته جيئن دنيا جون ڍنڍون (Wet lands) ۽ انهن تي پرديسي پکين کي بچايو وڃي. انهن ڍنڍن جي حفاظت واسطيدار ملڪن جي ذميداري ٿي ٿئي، پر افسوس! ايئن نه ٿيو.
اسان ڊرگهه ڍنڍن تي پهتاسون پر افسوس! ويراني ئي ويراني هئي. نه ڪو ڌڻي، نه ڪو سائين، نه ڪو ڏسڻ وارو هو نه ڪو پسڻ وارو. هڪ چوڪيدار ۽ اسان جي روينيو جو مختيارڪار يا ان جو اسٽاف، جيڪو اسان جي چانهن پاڻيءَ جو بندوبست تي معمور هو ۽ ڪجهه سپاهي گارڊ اسان جي ڊيوٽي تي متعين هئا. اندر داخل ٿياسين ته صاف ڪيل ڪمري مان تازي اڏاميل مٽيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. ڀٽي صاحب جي ٺهرائيل ننڍي خوبصورت ۽ اسٽائلش ريسٽ هائوس برباديءَ جي تصوير ڏسي شهريار جو شعر ياد آيو:
یہ کونسی جگہ ہے دوستو
یہ کونسا دیار ہے۔
لکنؤ اجڙي ويو هو. ٻاهر ڪرسيون ڪڍائي ويٺاسون، جتي هاڻي نه ڇٻر نه ڇٻراٽو. ڪجهه به ڪونه هو. ڪنهن زماني ۾ اتي برابر ته سڀ ڪجهه هو. پاڻي به ڪافي حد تائين سڪي ويو هو. هن ڍنڍ ۾ ٽن واهن کان پاڻي ايندو هو. هاڻي ته ڍنڍ جو نالو رهيو هو. چانهن پيتيسين، آس پاس ۾ چڪر ڏنوسين، صرف ڌوڙ ڌڪاءُ ۽ وايراني هئي. والڊ لائيف جي همراهه سان حال احوال ڪيوسين. هو به نااميد هو، هتي هڪ تاريخي رجسٽر رکيل هو، جنهن تي هت ايندڙ پنهنجا نوٽ لکندا هئا ۽ تجويزون ڏيندا هئا. ان تي ڀٽي صاحب ۽ ٻين بادشاهن جا به نوٽ لکيل هئا. اهو رجسٽر به غائب هو. منهنجو هاڻي به وقت جي انتظاميه کي عرض آهي ته ان معاملي جي جاچ جوچ ڪن، شايد متان ملي وڃي. ڊويزنل ڪمشنر ڪجهه دلچسپي جي وٺي ته ڪا به شي ناممڪن ڪونه آهي.
ڊرگهه ۽ لنگهه ڍنڍون هاڻي ضلع قمبر شهدادڪوٽ ۾ آهن. ڊرگهه ڍنڍ قنبر کان 10 ڪلوميٽر ٿيندي. هي ڍنڍ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ مشهور آهي. انگريزن جي دور ۾ به گورا بادشاهه هتي شڪار ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هي هنڌ ڀٽي صاحب جي ڪري پوري دنيا جي وڏن ماڻهن جو شڪار گاهه ٿي ويو. 1960ع ۾ هتي باقاعده شڪار گاهه ٺهيو. 1972ع ۾ هن کي وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس جي سيڪشن 14 تحت وائيلڊ لائيف سئنڪچري ڪيو ويو. هتي سياري ۾ پکي اچڻ شروع ڪندا آهن ۽ ويندڙ سياري سان پکي پنهنجي ماڳ تي واپس ورندا آهن هن ڍنڍ جي رکوالي نگراني سردار نور محمد شيخ جي حوالي ڪئي وئي هئي. پر پوءِ ڀٽي صاحب هن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو. ڍنڍ جي ڊيگهه 3 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ٻه ڪلوميٽر اٿس.
(ڪجهه تفصيل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي
جلد 5 جي صفحي 400 ۽ 401 تان ورتل آهي)
[b]علامه عبدالڪريم ٻير واري، سائين حسين شاهه قنبر واري ۽ ديني رهنمائن سان ملاقات
[/b]مون ٻه سال خيرپور ۾ گذاريا. اتي وڏي ۾ وڏو مسئلو هوندو آهي ته شيعه- سني يڪجهتي ڪيئن قائم رکجي. ڪوشش ڪجي ته محرم جي ڏينهن ۾ خون ريزي نه ٿئي. خيرپور جي مذهبي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتي شيعه- سني بنياد تي ڏاڍي خون ريزي ٿي آهي. خاص طور ٺيڙهيءَ وارو واقعو وسارڻ مشڪل آهي. انهن ڏينهن ۾ انتظاميه جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي اکيون ۽ ڪن کليل رکڻا پوندا. انهيءَ مذهبي يڪجهتي کي قائم رکڻ لاءِ صوبي ۽ ملڪي ليول تي ضرورت آهي ته ان لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. ان کان پوءِ مقامي سطح تي ٻارهن مهينا ئي اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جنهن سان ڌرين کي احترام ۽ عزت سان ويجهو آڻڻ گهرجي.
لاڙڪاڻي ۾ مون نوڪريون ڪيون آهن ۽ ڄائو نپنو به هتي ئي آهيان. هتي ڪڏهن به مذهبي شدت ڪونه رهي. پر 1997ع ۾ مون کي ڪجهه مذهبي شدت نظر آئي. مون خيرپور ۾ نوڪريءَ دوران ڪيترن ئي مذهبي عالمن سان سٺا تعلقات رکيا ۽ اهي تعلقات لاڙڪاڻي ۾ به ڪم آيا، ۽ نوان مراسم پيدا ڪيا.
ايس ايس پي منظور احمد مغل ۽ مان نڪتاسون سائين علامه عبدالڪريم ٻير واري وٽ چانهن پيئڻ. سو دعا گهرڻ لاءِ پهتاسون. سائين ٻير وارو ڄاتل سڃاتل عالم آهي. ماڻهو سندن معتقد هئا. مون کي به ساڻس ملاقات جو شوق هو. مان اڳواٽ کانئس ٽائيم ورتو هو. ڏنل وقت تي حاضر خدمت ٿياسيون. حجري ۾ ڪجهه ماڻهو ٻيا به هئا. اسان کي ڏسي سڀ هليا ويا. باقي سندن ٻه ويجها ساٿي موجود رهيا. اسان به سلام ڪري اُتي ويٺاسون. زماني جا حال احوال ڪياسون ۽ ڪجهه مذهبي ڳالهيون پڻ ٿيون. شڪل شبيھ اهڙي هين جو ماڻهو ملڻ سان مرعوب ٿيو وڃي. نوراني صورت وارو بزرگ، پاڻ جتي عالم فاضل آهن. ان سان گڏ جميعت علماءِ جا سربراهه به رهيا. کانئن پوءِ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب سنڌ ۾ سيڪريٽري جنرل ٿيو. پاڻ 1970ع جي اليڪشن ۾ سکر-ڳڙهي ياسين جي تڪ مان اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بيٺا.
ان کان پوءِ شايد ٻي ڪنهن اليڪشن ۾ ڪونه بيٺا. سائين علامه عبدالڪريم ٻير واري صاحب قرآن شريف جو سولو ۽ آسان ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي. پڙهڻ کان پوءِ ئي علامه صاحب جي علم ۽ فضيلت ۽ سنڌيءَ ۽ عربيءَ ٻولين تي دسترس ۽ مذهبي ڄاڻ جو اندازو ٿئي ٿو. ڪافي ڊگهي ڪچهريءَ کان پوءِ خير جي دعا گهري روانگيءَ جي اجازت ورتيسون.
اسان جي اڳين منزل ٻئي بزرگ سان ملاقات جي لاءِ روانگي هئي، اهو بزرگ به قمبر تعلقي ۾ رهي ٿو ۽ اڃا تائين حال حيات آهي. سندس علم ۽ رشد جو وڏو ڌاڪو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد سندن مريد ۽ معتقد آهي. محترمه بينظير ڀٽو به 2007ع جي اليڪشن جي ڏينهن ۾ جڏهن دبئي کان هت پهتي ته سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ ملڪ ۽ قوم ۽ پنهنجي سلامتيءَ لاءِ وٽن دعا گهري. ملاقات جو فوٽو سندن فيس بڪ ۽ پوسٽرن ۾ شايع ٿيو. ان ۾ سائين حسين شاهه ڪرسيءَ تي ويٺل آهي ۽ پاڻ محترمه هيٺ ڪارپيٽ تي پلٿي ماري ويٺي آهي. اهو محترمه جو اخلاق آهي، جو هوءَ بزرگ وٽ ڪَهي وئي، ساڻن برابري نه ڪئي ۽ سندن احترام ۾ هيٺ ويٺي. ان فوٽو کان پوءِ سائين حسين شاهه سيد قمبر وارو سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ مشهور ٿيو ۽ ماڻهن کين سندن صورت سان به سڃاڻڻ لڳا.
سائين حسين شاهه سان به منهنجي ۽ منظور مغل جي ملاقات ٿي. سائين عبدالڪريم وانگر ملڪ، قوم ۽ ضلعي لاءِ دعائون گهريون سين. سائين سان به ڊگهيون ڳالهيون ٿيون ۽ حال احوال ٿيا. پاڻ عيد ميلادالنبيءَ صلي الله عليھ وسلم جي سلسلي ۾ هر سال جلسو ۽ ذڪر ۽ دعا ڪندا آهن. جتي وڏي تعداد ۾ سندن پوئلڳ اچي حاضر ٿيندا آهن. ان سال مان به حاضر ٿيو هئس ۽ برڪت مان فيضياب ٿيو هئس. اها عبادت/ ذڪر ۽ تقريرون صبح جي اذان تائين هليون.
[b]نواز شريف ڪچي جي سرڪاري زمين هارين ۾ ورهائي
[/b]محترم نواز شريف پرائيم منسٽر پاڪستان ٻيو ڀيرو فيبروري 1997ع ۾ ٿيو ته کين پنهنجو پراڻو پروگرام ياد پيو. ٻيا پروگرام ته پنهنجي جاءِ تي، پر پاٽ ۾ 1993ع ۾ ڪچي جي زمين ورهائي هئائون، هاڻي چاهيائين پئي ته سنڌ جي ڪچي جي زمين جي ورهاست سان پنهنجي سياسي مهم ۽ پروگرام جي شروعات ڪري. اسان کان سنڌ گورنمينٽ مشورو گهريو ۽ اسان کين مشورو ڏنو ته هتي زمين نومبر، ڊسمبر ۾ ورهايو، پر فيصلو اسان وٽ پهتو ته ڪچي جي زمين جي ورهاست لاڙڪاڻي ضلعي جي، ڏوڪري تعلقي جي ديهه فتح پور کان ڪئي ويندي. پڪي جي زمين جي ورهاست ته روينيو آفيسر يا ڪالونائيزيشن آفيسر ڪندو آهي، پر لئنڊ گرانٽ پاليسيءَ موجب ڪچي جي زمين ڊپٽي ڪمشنر جي اختيار ۾ هئي. ٽائيم ٿورو هو، ڪم مشڪل هو، منجهائيندڙ ۽ مسئلن پيدا ڪندڙ آهي. هن دفعي سرڪار اهو ڪم ڪيو ته اسان تي ڇڏيو ته جيڪي لئنڊ گرانٽ پاليسي موجب جتي ماڻهو آهن، انهن کي ئي زمين ڏني وڃي ڪنهن به غلط ماڻهوءَ کي زمين جي الاٽمينٽ برداشت نه ڪئي ويندي. تپيدارن، سپروائيزرن، مختيارن ۽ ٻئي روينيو عملي کي سمجهايو ويو ته ڪنهن به قسم جي ٺڳي نه ڪن، ڪنهن کان به پيسو نه وٺن. لئنڊ گرانٽ جو سنڌ جو انچارج ميجر جنرل سڪندر پاشا هو. جنهن سان ان سڄي ڪم جي لاءِ رابطو رهيو ۽ هو صاحب ٻه ٽي ڀيرا لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ سرزمين تي به ويو. هن کي سنڌ ۾ حاجي محمد هارون ميمڻ سهوليت ڪار يا مددگار يا ائڊوائيزر ڪري ڏنو ويو هو.
ڏوڪريءَ جو مختيارڪار علي شير ميراڻي هو، جيڪو ويجهڙائي ۾ پروموٽ ٿيو هو. هن ڏاڍي عقلمنديءَ فهم ۽ فراست سان سڄي مسئلي کي هئنڊل ڪيو ۽ بار کنيون. روينيو کاتي ۾ 18 گريڊ ۾ آهي.
نواز شريف صاحب جو ته وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جو پهريون دورو هو. دوري کان پوءِ ڏاڍو خوش هو ۽ خوش خوش واپس وريو. ظاهر آهي ته پرائيم منسٽر خوش هو ته وزيراعليٰ لياقت علي خان به خوش هو. مون کي پٺي ٺپي شابس ڏنائين.
1992ع ۾ هڪ ڀيري جڏهن مان ڊي سي ٿر هئس ته پاڻيءَ جي پائيپ لائين لاءِ جيڪا فوجي ڇانوڻي وڃي رهي هئي وايا ڪانٽيو ۽ چيلهار، ته مان جتوئي صاحب وٽ فنڊس جي رليز لاءِ ويو هوئس. هڪ ٻه ٻيو دوست به منسٽر فنانس جي آفيس ۾ ويٺل هو. ان سان گَپ شپ ڪري رهيو هو ۽ ان کي ديوار تي لڳل ناڻي وارن وزيرن جا فوٽو ڏيکاري رهيو هو ۽ کيس نالا کڻي ٻڌائي رهيو هو ته هي هي صاحب ناڻي جا وزير رهيا آهن، ڪجهه وقت کان پوءِ اهي وڏا وزير ٿيا. هن دوست چيس ته الله ڪندو توهان به وڏا وزير ٿيندا. هاڻي به ناڻي جو سابق وزير سائين مراد علي شاهه ناڻي مان وڏو وزير ٿيو آهي. ماڻهو ڪيئن خواب ٿو اُڻي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهي سچا به ثابت ٿين ٿا!
[b]سمبارا هوٽل
[/b]لاڙڪاڻو مشهور شهر آهي ۽ اتي چڱن چڱن ماڻهن جي اچ وڃ آهي. ان لحاظ کان 1970ع تائين اتي ڪا به غير سرڪاري اهڙي جڳهه يا هوٽل ڪونه هيو، جو رهائش لاءِ استعمال ڪجي. ماني کائڻ لاءِ چڱي ريسٽورينٽ ڪا ورلي ئي هوندي. سکر جو به ساڳيو حال آهي. هڪڙو سرڪٽ هائوس هوندو هو جتي سرڪاري آفيسر يا وزير رهندا هئا، جنهن ۾ 4 سوٽس (ڪمرا) آهن. اهو به هاڻي هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب جي تصرف ۾ آهي. نئون سرڪٽ هائوس ٺهيو آهي، جنهن ۾ به چار سوٽ آهن. لاڙڪاڻي ۾ روينيو ۽ پوليس کاتن پنهنجي آفيسرن جي استعمال لاءِ ننڍا ريسٽ هائوسز ٺهرايا آهن. خانگي شعبي ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر هوٽل سپنا، پارسا، گرين ۽ ڪجهه ٻيا هوٽل به ٺهي ويا آهن.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ اهي سهوليتون ڪونه هيون. ڀٽي صاحب جو مهمان خانو ڪشاده ۽ مهمانن جي به روز اچ وڃ، پاڻ اچي ته دنيا پلٽجي پوندي هئي. ان ڪميءَ جي پورت لاءِ پاڻ ”سمبارا ان“ هوٽل پي آءِ اي کان ٺهرايائين، جنهن ۾ 48 (اٺيتاليهه) شاندار سوٽس لاهور جي انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل (هاڻي پي سي هوٽل) جي طرز جا ساڳي آرڪيٽيڪٽ کان ٺهرايائين جنهن ۾ ٻه ونگز هئا. اوڀر ۽ اولهه. هر ونگ ۾ چوويهه ڪمرا، 12 هيٺ 12 مٿي. مئنيجمينٽ به پي آءِ اي جي حوالي هئي. نئون هوٽل هو. مهمانن جون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو. ان هوٽل جي ٺهڻ جي نگراني خالد احمد کرل ڊي سي لاڙڪاڻي ڪئي. هڪ دفعي اهڙي دوري تي ڀٽي صاحب، خالد صاحب کي هدايت ڪئي ته هن جيڪب آباد ۾ بگٽي صاحب جي گهر/ اوطاق ۾ هڪ پراڻي طرز جو ٽِيڪ (Teak) جو ٽڪ تي وڏو دروازو ڏٺو آهي. اهو دروازو وٺي سمبارا جي گيٽ طور لڳايو. اهو دروازو اڃا تائين سمبارا اِن جي گيٽ تي لڳل آهي. چون ٿا ته ان دروازي لاءِ تنهن وقت -/35000 رپيه (پنجٽيهه هزار) قيمت 1973ع ۾ ادا ڪئي هئي.
75-1974ع ۾ ڀٽو صاحب سمبارا ان ۾ ممتاز صاحب جي نياڻين جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو ته گيٽ جي حالت ڏسي ڏاڍو ناخوش ٿيو. گيٽ ته ساڳيو هو پر ڪنهن ستم ظريف ان کي ڳاڙهو رنگ ٿڦي ڇڏيو هو ۽ ان جي ٽيڪ جي ڪاٺ جا ذرا ۽ لڪيرون (Grains) ظاهر ڪونه هئا. ڀٽي صاحب ڊي سي صاحب کي ڏس ڏنو ته لاهور جي گورنر هائوس ۾ ”ڦلاڻي“ نالي سان ڪاريگر آهي، ان کي وٺي اچي ان کان گيٽ جا (Grains) ظاهر ڪرائي ۽ هلڪي پالش ڪرايو. گورنر صاحب به ان شاديءَ ۾ موجود هو. ان کي ڊي سي جي منهان منهن ڪرائي ڇڏيائين. مان 1976ع ۾ زير تربيت اي سي ٿي آيس ته ان گيٽ جي صفائي سٿرائي هلي رهي هئي. گيٽ جي قيمت -/35000 رپيا هئي پر ان جي صفائيءَ تي لک رپين کان وڌيڪ خرچ ٿي ويو هو.
ان هوٽل جي زمين 10 ايڪڙ ڊي سي هائوس جي زمين مان سنڌ سرڪار ان ڪم لاءِ مفت ۾ ڏني هئي. ڊي سي هائوس مان، جيم خانه ۽ انجنيري کاتن لاءِ به زمين ڏني وئي هئي. هاڻي ايتري زمين آهي جو اهڙا ٻه ٽي ڊي سي هائوس ٺهي وڃن.
انگريز بادشاهن جتي جتي ڊي سي جا گهر ٺهرايا، اتي وسيع ايراضي ڊي سي هائوس کي چوڌاري الاٽ (تفويض) ڪئي. بيراج جو پاڻي ان زمين کي لڳندو هو، جنهن مان اتي آبادي ٿيندي هئي. ڪڻڪ باغ يا ٻيا فصل. اهي ۽ سڀ فصل ڊي سيءَ جي ذاتي ملڪيت ليکيا ويندا هئا. جيستائين اتي اهي ڊي سي هوندا هئا، اهي ئي استعمال ڪندا هئا. ميرپورخاص جي ڊي سي هائوس ان جو نادر نمونو آهي. هاڻي ته اهو گهر ڪمشنر، ڊي سيءَ کان کسي ورتو آهي. ڪنهن زماني ۾ ميرپورخاص ڊي سي هائوس جا انب سنڌ جي ڪمشنر ۽ گورنر وٽ به تحفي طور ويندا هئا. هاڻي ان باغ جو اهو حال ڪونه ٿو نظر اچي. مان 1996ع ڊسمبر ۾ لاڙڪاڻي ويس ته اتي ڊي سي هائوس ۾ واڱڻ جو فصل لڳل هو. جيڪو پنج ڇهه مهينا هليو. اهي واڱڻ نه فقط مان کاڌا پر ڊي سي هائوس جي عملي کي به ورهائي ڏيندو هئس.