آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

4. سيپٽمبر 1979ع کان سيپٽمبر 1981ع

[b]انوکي منزل- کپرو
[/b]سکر مان ٽنڊي آدم ريلوي اسٽيشن لاءِ ريل ۾ چڙهيس. اهي خواب، اهي سپنا، جيڪي اکين ۾ سانڍيل هئا، اُهي ڳوڙها بڻجي منهنجي اکين ۾ رکي رکي ٽمڪي رهيا هئا. ڇا خواب ائين حقيقت جو روپ وٺندا آهن؟ آءٌ خوابن کي حقيقت ٿيندي ڏسي رهيو هوس. مان ڏاڍو جذباتي ٿي رهيو هوس. وهم، وسوسا کڻي منجهند ڌاران ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشن تي اچي لٿس. کپري جو پهريون اي سي، پير عبدالحق جان سرهندي، جولاءِ 1977 ۾ اتي پوسٽ ٿيو هيو، اهو ٻه سال اتي گذاري، بدلي ٿي ويو هيو، ۽ اها جاءِ خالي هئي.
چارج سانگهڙ جي AC محترم آفتاب احمد سومري وٽ هئي. ان کي پهچڻ جو اطلاع ڪيو هو. هن مهرباني ڪري SDM جي جيپ ۽ اسٽاف جو ماڻهو ۽ گن مئن موڪلي ڏنو هيو. مختصر سامان جيپ ۾ رکي سانگهڙ لاءِ روانو ٿيس.
آفتاب سومري سان مليس. لنچ ڪئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ سان ملاقات ڪئي. هن ضروري هدايتون ڏنيون، جيڪي خاص ڪونه هيون. هيءَ منهنجي پهرين SDM جي چارج هئي، تنهن ڪري وڌيڪ محتاط هئس.
پوءِ کپري لاءِ روانو ٿيس. ضلعن جي حدن جا فاصلا اُن طرف به عجيب نظر آيا. نوابشاهه، سانگهڙ 35 ميل، سانگهڙ-ميرپورخاص 35 ميل، ميرپورخاص کپرو 35 ميل، کپرو سانگهڙ 35 ميل. لڳو ڪنهن ماپ ڪري انهن جڳهين تي ڳوٺ ۽ شهر ٺاهيا هجن.
سانگهڙ کان کپرو ايندي عجيب محسوس ٿي رهيو هيو، جڏهن دلشاد شاخ ٽپي، ميرپورخاص وارو رستو ڇڏي، جيپ اوڀر طرف رخ ڪيو ته روڊ سڌو ئي سڌو هيو، بلڪل نڪ جي سڌ ۾.
تعلقي جي ايراضي ساڍا چوڏهن لک ايڪڙ آهي ۽ يارهن لک ايڪڙن کان وڌيڪ وارياسو غيرآباد، ريگستان ۽ اڇڙو ٿر آهي. پوءِ به ساڍا ٽي لک بئراجي ايراضي آهي. 1979 ۾ سنڌ ۾ پهرين نمبر تي، تعلقي ٽنڊوالهيار جي آبادي ۽ ٻئي نمبر تي تعلقي کپري جي آبادي ۽ جمع بندي هوندي هئي.
کپري جو روڊ سنڌ جي ٻين روڊن وانگر ڊانوان ڊول هيو. ڪلاڪ کان ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو. ريسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش جو بندوبست ڪيل هو.
صبح جو آفيس پهتس. گهر آفيس جي ڀرسان هيو. آفيس ٽن ننڍن ڪمرن تي ٻڌل هئي. هڪ ڪمرو 10x12، منهنجي ڪورٽ به ته آفيس به. هڪ ڪمرو وڪيلن ۽ ملڻ وارن لاءِ ۽ ٽيون وڏو ڪمرو اسٽاف لاءِ هيو. جنهن ۾ هڪ اسسٽنٽ، هڪڙو سينيئر ڪلارڪ ۽ ٻه جونيئر ڪلارڪ هئا. ٻه پٽيوالا هئا. هڪ ‘صاحب’ جي لاءِ ۽ ٻيو اسٽاف جي لاءِ. جيڪو مونکي اٽينڊ ڪندو هيو، ان جو نالو ’هوت خان‘ هيو. هوت خان هڪ ڪلاسيڪل نائڪ هيو.
منهنجو سرشتيدار سينڌل خان ڪنڀر هيو. مون اهو نالو ئي پهريون دفعو ٻڌو هيو. سرشتيدار جو ڪم ڪيسن جا فائيل رکڻ هيو. جوابدارن ۽ وڪيلن ۽ SDM جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو هيو. پر هيءُ ايترو ته سادو هيو، جو منهنجي لاءِ به ڪڏهن ڪڏهن مشڪلاتون پيدا ٿي پونديون هيون. هن جي سچائي ۽ سڌائي هن جي خامي يا ڪمزوري محسوس ٿيڻ لڳندي هئي. پر هن ۾ ساڳئي وقت ايتريون ته خوبيون هيون، جو هن جي اوڻاين کي نظرانداز ڪري ڇڏبو هو. حد درجي جو سچو، ايماندار، نيڪ نيت ۽ وفادار، ڪوڙ ڪپت کان پاسيرو. هن جون وفاداريون اڻ ورهايل هيون. جيترو وقت اتي رهيس، هُو به مون سان رهيو، پر پوءِ به سالن جا سال اتي رهيو، نه ترقي ڪيائين نه کپري مان بدلي ٿيو. هينئر رٽائرڊ ٿيو آهي. کپري ۾ رهي ٿو. چار پٽ اٿس. هڪ کي نوڪري آهي، ٽي بيروزگار ويٺا آهن.

رسمي طرح سان سب ڊويزن ۽ تعلقي جي آفيسرن ۽ اهم ماڻهن سان ملاقاتون شروع ٿيون. تقريباً سڀ آفيسر ۽ سب ڊويزن جا اهم ترين ۽ اهم ماڻهو Courtsy Call لاءِ آيا. انهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. مختيارڪار محمد اسماعيل ميمڻ ڏيپلي جو هيو. هروڀرو منهنجي لاءِ مسئلا پيدا نه ڪيائين. پنهنجي ڪم جو چڱو ڄاڻو هيو. علائقي ۽ ماڻهن کان به سٺو واقف ٿي ويو هيو.
سول جج عبدالڪبير لغاري هيو. سول جج ۽ مختيارڪار جون آفيسون لڳولڳ هيون. لغاري صاحب ۽ مان اڃا تائين يار آهيون. بدنصيبيءَ سان هاءِ ڪورٽ جو جج نه ٿيو، هاڻي حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري ٿو. ڪبير لغاري صاحب جي بدليءَ کان پوءِ سائين ڏنو ميتلو سول جج ٿي آيو، جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو. درگاهه جو گادي نشين آهي، خيرپور ضلعي ۾ بي حد honest، ڄاڻو ۽ فضيلت وارو شخص آهي. هاءِ ڪورٽ مان افتخار چوڌريءَ جي چڪر ۾ نوڪريءَ مان لهي ويو.
کپري ۾ ڊي ايس پي نه هيو، پر ان جي جاءِ تي انسپيڪٽر پوليس هيو. منهنجي آخري ڏينهن ۾ اتي الله بخش جسڪاڻي انسپيڪٽر ٿي آيو. ڏاڍو برجستو، ڏاهو ۽ لائق آفيسر هيو. حيدرآباد ۾ دهشتگردن جي هٿان قتل ٿي ويو.
کپرو ۾ اهم آفيسر، منهنجو سابق Boss محمد سرور آرائين به DFO هيو. محمد سرور آرائين سان ملي خوشي ٿي. پراڻن وقتن ۽ پراڻن سالن جون ساروڻيون ورجائيون سين.
کپري ۾ هڪ نوجوان RFO سان به منهنجي پهريون دفعو ملاقات ٿي. هو نئون نئون B.Sc (Forestry) ڪري 16 گريڊ ۾ اچي کپري ۾ RFO لڳو هيو. ڀورين اکين، ڳاڙهن ڳلن وارو شرميلو صادق مغل، حيدرآباد جو هيو. هن ۾ مون کي پنهنجو پاڻ نظر ايندو هيو. هن جا عزم اُوچا ۽ سندس اکين ۾ مستقبل جي ٽنگيل خوابن جي روشني نظر ايندي هئي. RFO ٿي هُو خاموش ويهي رهڻ وارو نه لڳو. مان DFO سرور آرائين صاحب جو مستقل مهمان هوندو هوس. جڏهن ڪو به مهمان وٽس ايندو هيو ته مون کي ضرور دعوت ڏيندو هيو ۽ منهنجون تعريفون ڪندو هيو. ٻيلي کاتي جي هڪ وڏي نالي محترم G.D. Memon، ڪنزويٽر آف فاريسٽ، سان به اتي ملاقات ٿي. هي هالا جا ٻه ميمڻ ڀائر هئا، جيڪي ٻئي پاڻ کي G.D. Memon سڏائيندا هئا. وڏو ڀاءُ Finance department جو سيڪريٽري هيو. ننڍو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هيو. وڏي ڀاءُ جو پٽ سليم ميمڻ به DC، ڪمشنر ۽ سنڌ ۾ سيڪريٽري ٿي ريٽائر ڪيو. ويجهڙائي ۾ فوت ٿي ويو آهي. اسان سڀني تي ۽ خاص طور اسان جي پياري دوست غلام حسين قريشي (GHQ) تي وڏو مهربان رهيو. A. K Lodhi صاحب سان به پهريون دفعو آرائين صاحب وٽ ملاقات ٿي. لوڌي صاحب کپري، کوڙي ٻيلي ۾ پنهنجي شڪاري سنگت سان تترن جي شڪار تي آيو هيو. ڪامران مرزا به اتي مليو هيو.
عبدالڪريم لوڌي صاحب، سنڌ ۽ پاڪستان جو وڏو نالي وارو ۽ دبنگ آفيسر رهيو آهي. شروعات ۾ پاڪستان navy ۾ هيو. پوءِ CSP جي پراسيس سان 1958 ۾ CSP آفيسر ٿيو. ٻيا مشهور آفيسر پرويز احمد بٽ ۽ سيد سردار احمد به سندس بئچ ميٽ هئا. پر لوڌي صاحب جي بات هي اور هئي. 6'.3" فوٽن کان وڏو قد روبيسٽ شخصيت، ڳالهائڻ جو برجستو، انگريزيءَ جو مائي باپ. جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ڪو آفيسر فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي به غلطي ڪري ته کيس ڊرافٽ واپس ورائي موڪليندو هيو. حيدرآباد جو ڊي سي ۽ ڪمشنر رهيو. No nonsence قسم جو آفيسر هيو. جڏهن لوڌي صاحب ڪمشنر هيو ته مان AC/SDM گهارو هئس. منهنجو ساڻن 4 مهينن جي ڪمشنريءَ جي دور ۾ واسطو قائم ٿيو ۽ سندس مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهيو.

[b]پير صاحب پاڳاري سان ملاقات
[/b]کپرو تعلقو سياسي طور پير صاحب پاڳاري جو سياسي ڳڙهه آهي. سندن اهو علائقو سانگهڙ تعلقي سميت پير صاحب جي مريدن ۽ ’مَکيءَ جي حُرن‘ جو مرڪز رهيو آهي. گِڙنگ بنگلو به سانگهڙ تعلقي ۾ سانگهڙ - ميرپور روڊ تي، سانگهڙ شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. جتي انگريزن بمباري ڪئي هئي. کپري سانگهڙ ۾ ’لوڙها‘ ٺاهي، حرن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ اهل عيالن سان اتي قيد رکيو ويو هيو. 1979ع تائين به ڪن ڦٽل لوڙهن جا نشان قائم هئا. جيڪي کپري جي ٻاهران مون پڻ ڏٺا.
خليفو عاقل هنڱورو، پير سائين پاڳاري جو چيف خليفو هيو. ان کي ڄڻ پير صاحب جي بادشاهيءَ ۾ سياست ۽ جماعت ۾ چيف سيڪريٽري/ چيف منسٽر جي حيثيت حاصل هئي. پر هر پاليسي/ حڪم پير صاحب جن جو ئي هلندو هيو.
منهنجي پير صاحب جن سان پهرين ملاقات به کپري تعلقي ۾ شايد معيز علي شاهه جي ڳوٺ ۾ خليفي عاقل صاحب جي توسط سان ٿي هئي. ماشاء الله … پير صاحب حشمت وارا، صحتمند، سڪ قرب وارا ۽ جوان لڳي رهيا هئا. سندن ڳالهائڻ ۾ رعب تاب، منهن تي مسڪراهٽ ۽ اکين مان ذهانت واضح. مون کان خير خيريت ۽ حال احوال ورتائون. پڇيائون ’ڪا تڪليف ته نه آهي؟‘ مون سندن ٿورا مڃيا. چيائون ’توهان کي هتي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيندي.‘ اهو ڄڻ سندن چيف خليفي کي پيغام هيو، ته مون کي ڪا به تڪليف نه پهچي. واقعي مون کي ٻن سالن جي عرصي ۾ سندن جماعت جي طرفان ڪا به تڪليف نه پهتي ۽ جوڳي عزت ۽ مان ملندو رهيو. ويندي سائين محمد خان جوڻيجي تائين.

خليفي عاقل سان منهنجي ڏاڍي ويجهڙائپ رهي. اڪثر مون وٽ ايندا رهندا هئا ۽ بنا ڪم ڪار جي. ڇو ته منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته ڪو به ماڻهو هجي، ان جو هروڀرو ڪم نه رهي ۽ ان جو جلدي اڪلاءُ ٿي وڃي.
هڪ دفعي ته خليفي عاقل اهو به چيو ته “توهان جهڙائي AC هتي رهيا ته اسان جهڙن وڏيرن جا ته سياسي دُڪان بند ٿي ويندا. ماڻهو ڪم لاءِ سڀ توهان وٽ ٿا اچن. اسان وٽ ته ڪو ورلي ئي ٿو اچي. ۽ اُهو به اهڙو ماڻهو، جنهن جو ڪم ٿيڻ جهڙو نه هوندو آهي.”
مان ڪا متڀيد نه رکندو هوس ته هي ڪهڙي پارٽيءَ جو آهي ۽ ڪنهن جو سفارشي آهي. آهستي آهستي ماڻهو ان ڳالهه تي هِري ويا ته بنا ڪنهن سفارش جي مون تائين پنهنجو ڪم ۽ مسئلو کڻي اچن. 1979ع جي ئي آخر ۾ لوڪل باڊيز جون اليڪشنس ٿيون. ضلعي ڪائونسل، ضلعي ۽ تعلقي ڪوآرڊينشن ڪائونسل، ٽائون ڪميٽيون ۽ يونين ڪائونسل وجود ۾ اچي ويون. ضياءَ جو به اهو ئي مقصد هيو ته سياسي خال کي ڀرڻ لاءِ اهي ڪائونسل ڪم ڪن. انتظاميا کي به هدايت ڪئي وئي ته انهن ڪائونسلن سان تعاون ڪيو وڃي ۽ انهن جي سربراهن کي جوڳي اهميت ڏني وڃي. سنڌ ۾ لوڪل باڊيز جو Brain سلمان فاروقي هيو، جنهن گورنر عباسيءَ کي شيشي ۾ لاٿو ۽ برجستگيءَ سان ڪم ڪري رهيو هيو. سلمان فاروقي صاحب پاڻ به tour ڪندو هيو. گورنر کي به tour ڪرائيندو هيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لوڪل باڊيز جا convention به ڪرائيندو هيو. سلمان فاروقيءَ جهڙا سدا ساوا، سدا سرها، سدا بهار legendary beaurocreat هميشه حڪمرانن جي اک جا تارا هوندا آهن.
گورنر عباسيءَ سان به ٻِٽ ۽ فِٽ. محمد خان جوڻيجي جي پنج نڪاتي پروگرام جو به روح روان. بينظير ڀٽو صاحبه جي People Programme کي به هلائڻ وارو هي. نواز شريف جي پيلي ٽيڪسي جو به خالق. آصف زرداريءَ جو Principle Secretary، Ombodsman ۽ صلاحڪار. ڪڏهن به جيل ۾ نه ويو.

[b]اڪيلو ووٽ پر چيئرمين!
[/b]اليڪشن ۾ معجزا ٿيندا رهندا آهن. پر مون هڪڙو معجزو کپري جي ٽائون ڪميٽي کپري ۾ ڏٺو. وڏين ڌرين برابر سيٽون کنيون ۽ آزاد اميدوار طور عبدالمجيد چوهاڻ هڪ سيٽ کنئي. هڪ ڌر کيس وائيس چيئرمئن جي سيٽ offer ڪئي، ٻيءَ ڌر کيس چيئرمئن جي سيٽ ڏني. هو آخرڪار چيئرمئن ٿي ويو. 1979 کان 1983 تائين چار سال چيئرمئن ٽائون ڪميٽي کپرو رهيو. مون کيس SDM/ Returning Officer جي حيثيت ۾ Oath کڻايو. هاڻي هو شهر جو VIP ٿي ويو.

[b]خليفو عاقل ۽ ٻيا اهم ماڻهو
[/b]خليفو عاقل ته اوور آل حُر جماعت جا interest جاچيندو هيو. پر پوري شهر ۽ پنهنجي ڳوٺ جي يونين ڪائونسلن ۽ اڇڙي ٿر جي معاملن کي وري قاضي فيض محمد راڄڙ ڏسندو هيو. گهٽ پڙهيل، پر سمجهو، پنهنجي ڏاهپ ۽ اثر رسوخ جي ڪري سندس ڳالهه کپري جي حدن اندر گهڻو مانُ لهندي هئي. خليفو عاقل ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جو چيئرمئن هيو ته قاضي فيض محمد وري تعلقي کپري جي ڪائونسل جو چيئرمئن. مان تعلقي ڪائونسل جو ميمبر هيس. خليفي صاحب وانگر منهنجي دوستي به قاضي صاحب سان هئي. تعلقي جون جيڪي به اسڪيمون ڏيڻيون هونديون هيون، انهن تي ڪافي هوم ورڪ ڪري، هڪ ٻئي جي صلاح سان انهن کي ٺهرائي موڪليندا هئاسون.
ڊي سيءَ وٽ جڏهن ضلعي ليول تي معاملا ويچار هيٺ ايندا هئا ته کپري مان منهنجون موڪليل سفارشون جيئن جو تيئن قبول ڪيون وينديون هيون.
مون اهو به گُر جلدي ڳولهي لڌو هيو ته پنهنجي Sub Division جي مسئلن کي اهڙي طرح Handle ڪجي، جيئن ڊي. سي وٽ ڪا شڪايت نه وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڊي. سي محترم محمد اسماعيل خاصخيلي چوندو هيو ته “مون کي لڳي ٿو ته کپرو سب ڊويزن ڄڻ منهنجي ضلعي ۾ آهي ئي ڪونه! ”
قاضي فيض محمد جو ڀاءُ قاضي عبدالقدوس MNA رهيو. هو ڀٽو فيمليءَ سان لاڳاپيل هيو. قاضي عبدالقدوس جا کپري ۽ ننگرپارڪر ۾ لوڻ جي کاڻين ۽ گرينائيٽ جا ٺيڪا پڻ هئا.
حاجي محمد ابراهيم هنڱورجو پڻ پير صاحب جي جماعت جي سگهاري شخصيت هو. هن جا محمد خان جوڻيجي سان ويجها، پر خليفي عاقل ۽ قاضي صاحب سان به سٺا لاڳاپا هئا. حاجي ابراهيم صاحب پارٽيءَ جي اخبار ’مهراڻ‘ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر هيو ۽ اخبار جا مالي معاملا هُو ئي سنڀاليندو هيو. ان ڪري به سندس حيثيت مستحڪم هئي.

[b]محمد خان جوڻيجو
[/b]جناب محمد خان جوڻيجو سنڌڙيءَ جو رهاڪو هو. سنڌڙيءَ جي مشهوريءَ جو هڪڙو سبب ’سنڌڙي انب‘ به آهي. پهريان ته مان سمجهندو هوس ته سنڌڙي ميرپور خاص ضلعي ۾ آهي، پر پوءِ هتي آيس ته سنڌڙي به کپري تعلقي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ ملي. هيءُ شهر، تعلقي کپري، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعي جي ٽڪنڊي تي آهي، جتي هنن ٽنهي ضلعن جون حدون ملن ٿيون. جوڻيجي صاحب جي خاندان جون زمينون ٽنهي تعلقن ۾ آهن. جوڻيجي صاحب جي ڳوٺ جو نالو سندس والد صاحب جي نالي تي “ڳوٺ خان صاحب دين محمد خان جوڻيجو” آهي.
جوڻيجي صاحب جي انبن جا باغ تمام گهڻا ۽ مشهور آهن. چون ٿا ته سنڌڙي انب به سندس پيداوار آهن. سٺو ۽ برجستو زميندار هيو. صبح جي نماز پڙهي ٻنين تي نڪري ويندو هيو. هڪ هڪ وڻ ڪري جاچيندو هيو. جڏهن سج ڪاڙهو ڪندو هيو ته گهر موٽي ايندو هو. اهو سندس روزگار به هيو، پورهيو به هيو، ته شوق ۽ مشغلو به. ٻاهران زراعت ۾ سند به ورتل هئس، جوڻيجو صاحب ٻني ٻاري ۽ زمينداريءَ سان گڏ صنعتڪار به هيو ۽ واپار به ڪندو هيو. سڌو سادو ماڻهو (Down to Earth) ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ وارو، اوڙي پاڙي جي غريب غربي جي مدد ڪرڻ وارو، بنا ڏيکاءُ جي ماڻهن جي مدد ڪندو هيو. ڏسڻ ۾ سادو، سادا ڪپڙا پائيندڙ، ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو، ڪڏهن به مون کيس ڏاڍيان ڳالهائيندي ۽ دڙڪو ڏيندي نه ڏٺو نه ٻڌو. گهڻو ڪري جناح/ لياقت ڪئپ پائيندو هيو ۽ بدن تي سفيد رنگ جا ڪپڙا.
پير سائين پاڳاري جو پيارو هيو. ون يونٽ حڪومت ۾ به ريلوي جو وزير رهيو. ضياءَ جي حڪومت ۾ به وزير رهيو. وڏي عزت ڪمايائين. سندس پٽ اسد خان به ساڳيءَ طبيعت ۽ مزاج جو ماڻهو آهي. اڪيلو پٽ هيس. حامد ناصر چٺه سندس والد جو گرويدهه هيو، پنجاب جي leadership سندس پيءُ جي تمام گهڻي خير گهرُو هئي. جوڻيجي صاحب کان پوءِ سندس پٽ اسدالله خان کي establishment جو وفاقي Advisor مقرر ڪيو ويو. جنهن جو درجو وفاقي وزير جو هيو. سندس هڪ ڀيڻ پنجاب مان Senator چونڊي وئي ۽ ٻيءَ ميرپورخاص ضلعي جي 09-2005 تائين ناظمه رهي چڪي آهي. محمد خان جوڻيجي صاحب لاڙڪاڻي جي لاهوري خاندان مان شادي ڪئي هئي.
مان وٽس اڪثر ويندو رهندو هوس. سندس ڳوٺ خانصاحب دين محمد خان جوڻيجو ۾، اسدالله خان سان به اڪثر ملاقات ٿي ويندي هئي. منهنجي عمر ان وقت 30 سال کن هئي. جوڻيجو صاحب ڪهنه مشق سياستدان، سابق وزير ۽ تمام گهڻو مصروف رهندڙ ماڻهو هو. مون سان جوڻيجو صاحب پنهنجائپ ۽ برابريءَ جي سطح تي ڳالهائيندو هيو. شروع شروع ۾ ته مان ڏاڍو embrassed محسوس ڪندو هوس. پوءِ وڌيڪ ملاقاتن ۾ مان comfortable ٿي ويو هوس. ان ڪري ساڻس ڪچهري ڪرڻ جو مزو به ايندو هيو. هن جي عزت ڏيڻ ۽ ڌيان ڪرڻ مان لڳندو هيو ته کپري سب ڊويزن ۾ منهنجو هڪ سٺو Image ٺهي ويو آهي. جيتري قدر منهنجي انتظامي ڪارڪردگيءَ جو واسطو آهي، اتي منهنجي علم ادب سان تعلق جي به هر ڪنهن کي خبر پئجي وئي هئي. جوڻيجي صاحب وٽ به اهو تاثر هيو ته مان پڙهيل لکيل ’نوجوان‘ آفيسر آهيان. هُو مون سان ملڪي ۽ بين الاقوامي معاملن تي بنا رک رکاءُ جي، کُلي ڳالهائيندو هيو. مان به پنهنجا خيال بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پيش ڪندو هوس.
مون جڏهن به وٽن وڃڻ جي خيال ڪيو ته چوندا هئا: ”هليا اچو“. پوءِ ڳالهائيندي ڳالهائيندي مانيءَ جو وقت ٿي ويندو هيو ته چوندو هيو ’اچو ته ماني گڏجي کائون.‘ جيتوڻيڪ جوڻيجي صاحب لاءِ مشهور هيو ته پاڻ هر ڪنهن کي ماني نه کارائيندو هيو.
جتي کپري ۽ سانگهڙ ۾ جوڻيجي صاحب ۽ خليفي صاحب جي ليول جا سياسي ليڊر هئا. اتي PPP جي طرفان ان ليول جا ايڏا وڏا رهنما ڪونه هئا. حاجي محمد عثمان چانهيو 1977 جي تڪراري اليڪشن ۾ مخالف ڌر جي بائيڪاٽ جي ڪري MPA چونڊجي ويو، پر ان کان اڳ ۾ يا ان کان پوءِ 2013 تائين ڪو به MPA/MNA پير صاحب جي جماعت کان ٻاهران هتان نه چونڊيو.
2013ع واري اليڪشن ۾ شازيه مري صاحبه اتان MNA چونڊجي وئي. اهو سندس ڪرشمو هيو يا پارٽي يا جماعت جي رهنمائن جو ڪمال هيو، جو پير صاحب جي جماعت اتان MNA جي چونڊ هارائي.

[b]چانهيو برادران
[/b]حاجي عثمان چانهيو ملڻ آيو. سندس ڏاڍو نالو ٻڌو هيم. حاجي هاشم چانهيو جو پٽ هيو. حاجي هاشم ويجهڙائيءَ ۾ فوت ٿيو هيو. ڪاٽن فيڪٽري اٿس. گهڻي ئي زمين اٿن. مَٽ پئسن جا اٿس. حاجي عثمان سان ملاقات ٿي. ڏاڍو ڪلچرڊ، اٿيل ويٺل ماڻهو لڳو. ڄام صادق عليءَ جو دوست هيو. PPP ۾ ڪافي اهميت هيس. ڀٽي صاحب تي جڏهن سانگهڙ ۾ 1970 ۾ گوليون هلايون ويون ته ان وقت حاجي عثمان چانهيو ئي سندس گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هيو. سندس گاڏي ڪمال هوشياريءَ ۽ حرفت سان ڪڍي آيو ۽ ڀٽي صاحب کي بچائي ورتائين. منهنجون تمام گهڻيون دعوتون ڪندو هيو. کارائڻ جو ڪوڏيو. بورچي سٺا. گهر، اوطاق سٺي ۽ پريزنٽيشن سٺي. وٽس ماني کائي دل خوش ٿي ويندي هئي. حاجي صاحب هيو ته PPP جو پر ڪڏهن به وٽس وڃڻ تي Army وارن يا پير صاحب جي جماعت وارن اعتراض نه ڪيو ته آءٌ PPP وارن جي دعوتن تي ڇو ٿو وڃان يا اهي مون وٽ ڇو ٿا اچن. اهڙو رک رکاءُ مون ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ يا ڪنهن علائقي ۾ نه ڏٺو.
هڪ ڏينهن هڪڙو نوجوان ٽائيم وٺي مون وٽ آيو. مون کي خبر هئي ته ويجهڙائيءَ ۾ PPP جي اهم ترين رُڪن، عبدالوحيد ڪٽپر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي اٿائين. ان وقت ڪٽپر صاحب جيل ۾ ئي هيو، ۽ پيرول تي آزاد ٿي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيو هيو.
نوجوان پنجويهن کن سالن جو ٿيندو. مزاجن برجستو. کيس اهو احساس هيو ته حاجي عثمان جو ننڍو ڀاءُ آهي. تنهن ڪري هر ڪو کيس حاجي صاحب جو ننڍو ڀاءُ ڪري treat ڪري رهيو هيو. پر لڳي رهيو هيو ته حسن علي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي حيثيت مڃرائي رهندو. مون کي اچڻ سان چيائين ته ”مان حاجي عثمان جو ننڍو ڀاءُ ضرور آهيان. ان ۾ منهنجو قصور ڪونهي. اهي ته الله جا فيصلا آهن. حاجي عثمان به منهنجو ننڍو ڀاءُ ٿي سگهيو پئي. تڏهن مان هن سان ايئن نه هلان ها، جيئن هو مون سان هلي ٿو. پر مون کيس ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ننڍو ئي سهي، پر مان سندس ڀاءُ آهيان، حاجي هاشم جو پٽ آهيان. حاجي عثمان سان هر شيءِ ۾ اڌ جو مالڪ آهيان.“
مان اهو سڀ ڪجهه مسڪرائي مسڪرائي ٻڌي رهيو هوس. جيڪو منهنجي لاءِ غير متعلق ۽ غير ضروري هيو. نوجوان جي لهجي مان بغاوت جي بوءِ اچي رهي هئي. هو شايد مون کي اهو به اڻ سڌي طرح ٻڌائي رهيو هيو ته سندس وڏو ڀاءُ ساڻس زيادتي ڪري رهيو آهي. هن کي شايد مون وٽ اچڻ کان اڳ ۾ اها خبر هوندي ته مان ڪٽپر خاندان جي گهڻو ويجهو آهيان. هن ناهيد سان شادي ڪئي، جنهن کي گهر ۾ سڀ انور جي نالي سان سڏيندا هئا. ڪٽپر صاحب جا پٽ حسن علي جا دوست ۽ ڪلاس فيلو رهيا هئا.
حسن عليءَ ٻڌايو ته حاجي عثمان کيس مون وٽ اچڻ لاءِ چيو هيو، پر مان ”سندس ننڍو ڀاءُ ٿي توهان وٽ اچڻ مناسب نه سمجهيو.“
مون کيس چيو ته ”مان توهان کي پاڻ وٽ هر صورت ۾ عزت ڀرئي طريقي سان خوش آمديد چوندس. ساڻس پهرين ملاقات پرجوش رهي. موڪلائڻ وقت چوڻ لڳو، مون وٽ پنهنجو گهر ڪونهي، تنهن ڪري توهان جي فيمليءَ جي دعوت نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن پنهنجو گهر ٺهرايو ته توهان جي دعوت ڪندس.“ تيز ترار، ambitious ۽ تکو نوجوان لڳو.
چانهيي حسن عليءَ، پنهنجو ننڍڙو گهر ساڳي حويليءَ جي پاسي ۾ ۽ هڪ خوبصورت بيٺڪ (اوطاق) پڻ ٺهرائي، جيڪا ڪراچيءَ جي آرڪيٽيڪٽ (Rizki) جي پلان ڪيل هئي.
گهر ٺهڻ کان پوءِ پهرين دعوت منهنجي ڪئي وئي. ڪجهه شهر جا ٻيا معتبر ماڻهو جيڪي کيس ويجها هئا، اهي به موجود هئا. ننڍي چانهيي جي رنگ ڍنگ کي ڏسي دل خوش ٿي. رشتا قائم ڪبا آهن، جوڙبا آهن، ٽوڙيا ناهن. ناهيد اسان جي سمجهُو ۽ پياري ڀيڻ آهي. ميڊيڪل ۾ پڙهندي هئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ چانهيي صاحب سندس تعليم ختم ڪرائي.
حسن علي، آهستي آهستي پنهنجي ورهاست مڪمل ڪرائي. زمينداري به ڪري ٿو. اتي سندس پٽ مرتضيٰ سندس مدد ڪندو آهي. مرتضيٰ به پيءُ وانگر جل ڦٽاڪو آهي. وڏي پٽ جو نالو هاشم، ڏاڏي جو نالو پيل اٿس ۽ گهر ۾ رضا جي نالي سان سڏبو آهي. اهو پيءُ جو واپار ٿو سنڀالي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو. هاشم جي شادي، اسان جي پياري دوست سردار مشتاق احمد راهوءَ جِي نياڻيءَ سان ٿيل آهي.
حسن عليءَ کي ٽي نياڻيون آهن. هڪ جي شادي پنجاب جي هڪ وڏي خاندان ۾ ٿيل آهي.
حسن علي، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وزير رهيو. کيس ڇهه کاتا هئا. ايگريڪلچر، فوڊ، فاريسٽ، وائيلڊ لائيف، فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ. مٿس ڪنهن به قسم جو ڪو به ڪرپشن جو الزام نه لڳو. ايگريڪلچر ۾ سندس سيڪريٽري رشيد ميمڻ هيو ۽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري شمس الحق ميمڻ هيو.
2002 جي اليڪشن کان پوءِ انهن جي وزارت جو خاتمو ٿيو، پر جنرل مشرف سان اڃا تائين نڀائيندو اچي. وچ ۾ شگر جي ڪري صحت خراب هئس، پر هينئر بهتر آهي.

[b]جنرل مشرف سان منهنجي پٽ عليءَ جي ملاقات
[/b]منهنجو ننڍي ۾ ننڍو پٽ علي حميص قادر ڏاڍو ذهين آهي. هر شيءِ لاءِ پنهنجو ڪو خيال ارادو يا Concept ٺاهي وٺندو آهي. منهنجيءَ نوڪريءَ دوران هو ائين سمجهندو هيو ته سڀ صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ وزير ۽ سياست دان منهنجا دوست آهن. منهنجي retirement 2007 ۾ ٿي. ان دؤر ۾ علي حميص جي عمر ست سال هئي. اهو دؤر هيو جو جنرل پرويز مشرف ميڊيا تي ڇانئيل هيو. عليءَ کي جنرل مشرف جو اسٽائيل ڏاڍو وڻندو هيو. چوندو هيو ته هي توهان جو دوست ڏاڍو سٺو آهي. منهنجي هن سان ملاقات ضرور ڪرائجو.
2007 جي آگسٽ مهيني ۾ اهل وَ عيال سان عمري تي ويو هوس. روضه رسول صه تي هئاسون ته پرويز مشرف به اتي دعا ۽ نماز لاءِ آيو. سعودي سيڪيورٽي جوانن ۾ گهيريل هيو. عليءَ هن کي ڏسي چيو، توهان جو دوست آيو آهي. مون کي هن سان ملاقات ڪرڻي آهي. مون کيس ٻڌايو ته هت ممڪن نه آهي. ڪوشش ڪندس ته توکي ڪڏهن نه ڪڏهن هن سان ملاقات ضرور ڪرايان.
سال 9-2008 ۾ حسن عليءَ جي ڪنهن ٻار جي شادي هئي. ان ۾ جنرل مشرف کي به دعوت هئي. تيستائين هو صدارتي عهدي تان لهي چڪو هيو. ياري نڀائيندي حسن عليءَ جي دعوت ۾ آيو هيو. اسان کي به family سان هن شاديءَ ۾ سڏ هيو.
جڏهن جنرل مشرف پنڊال ۾ داخل ٿيو ته عليءَ مون کي چيو ته توهان جو دوست آيو آهي. مون ڏٺو ته جنرل پنڊال ۾ ڪاهيندو پئي آيو. مون عليءَ کان پڇيو ته، “ملندين؟” علي عام طور ملڻ جلڻ ۾ سوشل نه آهي، چيائين “ها”. مان هن کي ٻانهن کان جهلي جنرل طرف وڌيس ته حسن عليءَ تعارف ڪرايو. مون هٿ ملايومانس ۽ عليءَ جو تعارف ڪرايو. جنرل مشرف، عليءَ سان هٿ مليو. هن کان انگريزيءَ ۾ خير خيريت معلوم ڪيائين. عليءَ به انگريزيءَ ۾ جواب ڏنس. ننڍپڻ کان ئي علي انگريزي سٺي ڳالهائيندو آهي. اوچتو عليءَ چيس “Uncle, I miss you on TV.” ان تي جنرل کِليو، کيس ڳل تي ٿپڪي ڏئي جواب ڏنائين “Don’t worry young man, you will see me soon!” علي اهو جواب ٻڌي خوش ٿي ويو ۽ سندس ڪيترائي ڏينهن TV تي انتظار ڪندو رهيو، پر جنرل وڃي ملڪ کان ٻاهر نڪتو. علي هاڻي 16 سالن جو آهي. O Level ڪئمبرج سسٽم ۾ پڙهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن جنرل جي جهلڪ ڏسندو آهي. پر ملڪ ۾ جنرل جي نه هجڻ بابت سڄي ڳالهه سمجهي ويو آهي.

[b]حسن عليءَ جا دوست!
[/b]حسن علي، وزير ٿيڻ کان پوءِ سروري جماعت کان پاسيرو آهي ۽ PPP به کيس الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ٻه سال وزير رهيو. شاهه محمود قريشي سندس سالن کان family friend آهي. جڏهن PPP جو فارين منسٽر هيو، تڏهن به ۽ هاڻي به. مخدوم صاحب ڪراچيءَ ۾ هوندو آهي ته چانهيو صاحب وٽ ئي رهندو آهي. آصف صاحب به سندس Petarian ۽ ذاتي دوست رهيو آهي ۽ ڪيئي ڀيرا وٽس کپرو ۾ اچي رهيو به آهي.
حسن علي، ارباب غلام رحيم جو به پياريو دوست هيو. ڪنهن زماني ۾ سياسي سوچ ويچار گڏ ڪندا هئا. هاڻي ٻئي هڪ ٻئي جي خلاف آهن. ٻئي مون کي ميارون ڏيندا هئا، حسن علي چوندو هيو ته ارباب صاحب منهنجو مخالف آهي، پر توهان اڃان تائين هن جا دوست آهيو. ارباب صاحب جو به تقريباً ساڳيو لهجو هوندو هيو. مان ٻنهي کي ساڳيو جواب ڏيندو هوس ته ’نه ارباب صاحب، منهنجو حسن عليءَ جي ڪري دوست آهي، نه ئي حسن علي سان منهنجي ارباب صاحب جي ڪري دوستي آهي. توهان جون دوستيون ۽ دشمنيون توهان پاڻ نڀايو. مون کي منهنجو تعلق نڀائڻو آهي. آئون ٻنهي جو خير خواهه آهيان. جيستائين مون سان تعلق رکيوَ، تيستائين نڀائيندس. جڏهن توهان تعلق ختم ڪيو ته پوءِ آئون توهان جو دعاگو رهندس.‘
ان دؤر ۾ امتياز شيخ ۽ حسن عليءَ جي به ويجهي ياري رهي، جيڪا شايد اڃا تائين قائم آهي.

اتي PPP جا ٻيا به ڪجهه ليڊر ذڪر جي قابل آهن. انهن مان حاجي جان محمد هنگورجو هڪ هيو، جنهن جو ذڪر ڪري آيو آهيان، مخدوم جميل الزمان جو سهرو ٿئي ۽ جيڪو سروري جماعت جو هتان جو هڪ اهم ليڊر هيو. PPP سان ويجهو سلهاڙيل ۽ وچولو زميندار هيو. خوش پوش ۽ خوش لباس هيو. ڪجهه سال ٿيا آهن، حاجي جان محمد فوت ٿي ويو آهي.

[b]سرفراز راڄڙ
[/b]هميشه جوان جماڻ نظر ايندڙ اسان جو پيارو، علم، ادب ۽ شاعري جي کيتر جو ساٿي سرفراز راڄڙ ڀلو شاعر ۽ PPP جو کپري مان سرڪرده سياستدان آهي. 1990 کان وٺي هر اليڪشن ۾ PPP کيس MNA/MPA سيٽ لاءِ هارائڻ لاءِ بيهاريندي آهي. هي جوان مڙس به سندرو ساهي ميدان ۾ لهي پوندو آهي. خير ڪڏهن نه ڪڏهن ته سندس ڪڻون به نڪرندو ۽ هو ڪامياب ٿيندو. پر اڃان تائين اهڙو ڪڻو نه نڪتو اٿس. پنجن ڇهن سالن جي جيڪا ميڙا چُونڊي هوندي اٿس، اها اليڪشن ۾ خرچ ڪري، وري 0 کان شروع ڪندو آهي. PPP جي 2008 واري اليڪشن کان پوءِ کيس اسپيشل اسسٽنٽ ڪيو ويو.
جڏهن سنڌي لئگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرمئن جي پوسٽ خالي ٿي، ته سرفراز راڄڙ ان وقت اٿارٽيءَ جو ميمبر هيو، ۽ کيس acting چيئرمئن ڪري ڇڏيائون. بعد ۾ ان تان به کيس لاهي ڇڏيائون.

[b]منٺار فقير
[/b]خير...سرفراز راڄڙ اسان جو پيارو دوست آهي. مون کي ته عمر ۽ قدبت، شڪل سوڀيا ۾ به سدائين جوان ئي لڳندو آهي. ننڍو نهٽو، کلڻو ملڻو، ڪنهن جي روح کي نه رنجائيندڙ، نه ڪنهن جي دل ڏکائيندڙ. پاڻ ڀلي سڄو ڏکن ۾ هجي. ٻئي کي ڪڏهن ڏک نه پهچائيندو. منٺار فقير جي خاندان مان آهي. منٺار فقير پنهنجي دؤر جو صاحب طرز ڪافيءَ جو شاعر هيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. کاڻي راڄڙ ۾ سندس درگاهه آهي. فقير صاحب سروري درگاهه جو پوئلڳ هيو، 1935 ۾ سندس وفات ٿي.
سرفراز سندس گادي نشين ته ناهي، پر گادي نشين جو سئوٽ ضرور آهي. منٺار فقير جي درگاهه تي ميلا ملاکڙا مچندا آهن. مون ڪافي ڀيرا سندس درگاهه تي پير ڀريا، ان بهاني سرفراز راڄڙ جي مهمانداريءَ جو مزو به ماڻيو. سرفراز مارچ 1952 ۾ ڄائو، رب پاڪ کيس هر ڏکئي ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري.

[b]سهراب خان مري
[/b]کپري ۾ پ پ جو ٻيو ارڏو اڳواڻ سهراب خان مري آهي. ڀٽ ڀائٽي يونين ڪائونسل جو آهي. وڏي راڄ ڀاڳ وارو ماڻهو آهي. هميشه ڀٽ ڀائٽي يونين ڪائونسل ۾ هيٺين يا مٿين سطح جي اليڪشن ۾ کٽي وٺندو آهي. PPP پاران MPA جو اميدوار به هيو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. ڀٽ ڀائٽيءَ سان گڏ ٻي اهم يونين ڪائونسل گرهوڙ شريف آهي، جتي گرهوڙي صاحب جو گادي نشين ئي گهڻو ڪري ڪامياب ٿيندو آهي.

[b]شهيد عبدالرحيم گرهوڙي
[/b]شهيد عبدالرحيم گرهوڙي مشهور علمي ادبي ۽ مذهبي شخصيت آهي. اڇڙي ٿر ۾ وڃي هندو ٻاون سان جنگ جوٽيائين، اتي شهيد ٿي ويو. سندس مڙهه کڻي گرهوڙ شريف ۾ اچي دفن ڪيائونس، گرهوڙي صاحب جي شخصيت، شاعريءَ ۽ پيشن گوئين جي ڪري مشهور آهي. ڀٽائي صاحب بابت به سندس مشهور شعر آهي:
آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمان،
کڻي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.
سندن ٻيو هڪڙو مشهور شعر آهي ته:
پنڌ کُٽندا، سنڱ ٽٽندا، مُند نه وسندا ميھ،
ادب ويندو، حياءُ ويندو، لڄ نه لهندي ليھ،
راجا راڪس ٿيندا، گولا پيئندا گيھ،
تون آهين ته شينھ، پر سلام ڪرڻو پوندو سهي کي!
پاڻ ڪاپائتي سُر ۾ چون ٿا:
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، ڀيرڻُ ڀيريو جَن،
ڪاپو سندن تَن، اڻ توريو ئي اگهيو.
رام ڪليءَ ۾ چيو اٿن:
پاڻ وڃائڻ، پَر ڇڏڻ، ايءُ قلندري ڪولاب،
گُل جِي بوءِ گلاب، ڏيکاريندو ڏيهه کي.
-
ڪنين ماضي من ۾، ڪنين استقبال،
حاصل جنين حال، آءٌ نه جيئندي ان ري.
سُر آسا ۾ چيو اٿن:
ڌوئي ماڃي اکيون، جڏهن پاٺيائون،
تڏهن ڏٺائون، پرين پاڻ اکين سين.
گرهوڙي صاحب هر لحاظ کان هڪ سگهاري شخصيت آهي. سندن مدفن گرهوڙ شريف ۾ آهي. سندس شاعريءَ ۽ شخصيت بابت مقالا گڏ ڪيا هئم. سنڌ نيوز جي ايڊيٽر مدد علي سنڌيءَ سان انهن جي اشاعت بابت صلاح مشورو ڪيم ته انهن کي سهيڙي، ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، پر پوءِ مقالن جو اهو مسودو ئي هيٺ مٿي ٿي ويو ۽ ڪتاب ڇپرائڻ وارو اسان جو اهو project اڌ ۾ رهجي ويو.

کپري ۾ غير سنڌين ۾ قائمخاني برادري به اهم هئي. شهر ۾ تقريباً چوٿون حصو ووٽ بئنڪ انهن جو هيو. هٿونگي ۾ به قائمخاني وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. وڏي تعداد ۾ سابق فوجي به هتي رهندا هئا. سندن چڱو مڙس ڊاڪٽر عبدالجبار قائم خاني هيو، هن 1980 جي چوٿين اپريل تي دعوت ڪئي. مون کي به دعوت ڏنائين، مون کيس فون ڪري چيو ته اڄ ڀٽي صاحب جي شهادت جو ڏينهن آهي. اڄ اچڻ جي لاءِ معذرت. جيڪڏهن ڪو ٻيو ڏينهن منتخب ڪريو ها ته مان ضرور اچان ها. بهرحال توهان اڄ جي دعوت جو اهتمام نه ڪيو ها ته چڱو هيو.

[b]رمضان جو احترام ۽ عُشر
[/b]ملٽري سرڪار حڪم ڏنو ته آفيسر اوپن ڪچهريون ڪن. عوام سان رابطه مهم شروع ڪري سندن ڪم سرزمين تي حل ڪن، شهرن جي صفائيءَ جي مهم ۽ رستا ۽ ناليون صاف ڪرائين. ان مقصد لاءِ نيون نيون اليڪشنون به ڪرايون ويون. هر وارڊ ۾ اتي جي ميمبر کي activate ڪيو ويو هيو. حڪم هو ته قيمتن تي چوڪسي رکي وڃي ۽ نفعا خورن ۽ ذخيره اندوزن کي وڏيون سزائون ڏنيون وڃن، جن ۾ ڦٽڪن جي سزا ۽ ٻيون جٺيون به شامل هيون. رمضان شريف جي احترام جو آرڊيننس به آندو ويو، ته ڪوبه ماڻهو عام پبلڪ جي جاءِ تي کاڌي پيتي جون شيون نه واپرائيندو. هاڻي ماڻهن جون نسل درنسل بگڙيل عادتون ۽ انهن کي ڦٽڪن ۽ ٻين سزائن جا دڙڪا ڏئي سڌي رستي تي آڻڻو هيو. گڏ عشر ۽ زڪوات جو آرڊيننس به آندو ويو ۽ مستحقن جون لسٽون تپيدارن جي مدد سان تيار ڪرايون ويون.
رتي ڪوٽ جي زڪوات ڪميٽيءَ جي چيئرمين پهرين قسط ڪڍي. ان مان ڀاڻ خريد ڪري زمين کي ڏئي ڇڏيو. اسان کي اطلاع مليو. کيس مون گهرايو. چيائين “هائو بيشڪ ائين ڪيو آهي. مون کي ڏسو، اک کان ڪاڻو آهيان، ڄنگهه کان منڊو آهيان، ٽن سالن کان فصل ڪونه ٿيو آهي. مون کان وڌيڪ مستحق ۽ معذور ڪير هوندو. ڀاڻ گهرائي ڪڻڪ جي فصل کي ڏئي ڇڏيو اٿم.” چيو سي ته “الله جو ڏوهه ڪيو اٿئي.” چيائين “الله معاف ڪندو، باقي توهان زور ٿا ڀريو ته فصل لهي ته کڻي ٻين مستحقن کي به ڪجهه حصو پتي ڏيندس. حالي ته مون کي ڇڏيو ته وڃي پنهنجي فصل جي ڪريان. چوٿين سال به فصل مري نه وڃي.”
هڪڙي مئجسٽريٽ ٽي چار ماڻهو سرعام چانهن ۽ سگريٽ ڇڪيندي پڪڙيا. انهن کي سمري ڪورٽ هلائي ٿڏي تي سزا ڏيڻي هئي. هوٽل تي وڃي ويٺو، چانهن اچي اڳيان رکيائونس، ٻه ٽي SIP وٺي، سگريٽ جو ڪش هڻندي هنن جوابدارن کي چيائين، ”توهان کي شرم نه ٿو اچي، سرعام رمضان ۾ چاءِ ۽ سگريٽ ٿا واپرايو. توهان مان هر هڪ تي ٻه سو روپيه ڏنڊ آهي.“ ماڻهن چيو سائين ”توهان به چانهن ۽ سگريٽ ٿا پيو.“ ”اڙي وري بحث ٿا ڪيو، توهان کي خبر ناهي ته مان مئجسٽريٽ آهيان.“

[b]ڦٽڪا[/b]
قيمتن جي چڪاس لاءِ ميجر صاحب به مون سان گڏجي هليو. هڪ دُڪاندار رمضان بوزدار هٿ چڙهي ويس. جنهن کنڊ تي هڪ ڪلو تي هڪ روپيه وڌيڪ منافعو ورتو هيو. مختيارڪار حڪم ڪري چيائين ته هن تي پنج ڦٽڪن جي سزا ۽ پنج سؤ روپيه ڏنڊ جو آرڊر ڪر. مون چيو ته ”هن جي دُڪان ۾ آهي ئي سامان پنج سؤ روپين جو. چاليهن سالن کان وڏي عمر جو آهي، ٻه ڦٽڪا به ڪونه سهي سگهندو. وڃي الله کي پيارو ٿيندو. رهندو هن جا ٻار ٻچا رلندا پنندا وتندا. وڏا ٿي چور چڪار ٿيندا. مٿس ايترو ڏنڊ وجهجي، جيڪو سهي سگهي. پر ميجر صاحب جو، ايترا ماڻهو آس پاس ڏٺا ۽ پنهنجن اختيارن تي غور ڪيو ته وڌيڪ ڦوڪجي ويو. ان ننڍي مسئلي کي پنهنجي عزت ۽ اختيار جو مسئلو بڻائي آرڊر ڪري ڇڏيو. مان گهر هليو آيس، پر منهنجي دل ڳوري هئي. ٻئي ڏينهن تي ڪامريڊ وڪيل کي گهرائي چيم ته رمضان بوزدار کي جيڪا سزا ملي آهي. ان جي خلاف سانگهڙ ۾ ڪرنل وٽ هُو اپيل ڪري. وڌيڪ پوءِ ڏسنداسين. ڪامريڊ کي چيم ته پريس ڪانفرنس به ڪر. سندس وڏو نالو ٿي ويندو. چوڻ لڳو ته ”سائين متان مارايو.“ پر همت ڪري اپيل ڪري آيو. ۽ پريس ڪانفرنس نه ڪئي، ٻن ڏينهن ۾ ڪيس هليو. منهنجو رايو به ڪرنل صاحب پنهنجي چيمبر ۾ ورتو. مون کيس ٻڌايو ته:
”هڪ ته صرف هڪ روپيو وڌيڪ ورتو آهي، وڏي عمر جو آهي، ننڍو دُڪاندار آهي، ڪو وڏو واپاري يا ذخيره اندوز ناهي، ڏهاڙي کنڊ جي قيمت گهٽ وڌ ٿي رهي آهي. ٽي چار ڏينهن جيل ۾ رهيو آهي.ڦٽڪن جي سزا جو سوچي سوچي عذاب ڀوڳيو اٿائين. اها سزا ڪافي اٿس، هاڻي آزاد ڪيو وڃي.“
ڪرنل منهنجي ڳالهه مڃي ۽ هن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

[b]گرفتاريون-مان، ڊي سي ۽ بريگيڊيئر!
[/b]1979 وارين جنرل اليڪشن جو اعلان ٿيل هيو، پر انهن اليڪشن کي به ٻين جنرل اليڪشن جي اعلانن وانگر رد ڪيو ويو. مارشل لاءِ وارن جو هڪ خاص اسٽائيل هوندو هيو ته جڏهن به ڪا عوام جي ڀلي جي ڳالهه رد ٿيندي ته پوءِ پ پ جا ۽ ٻيا آزادي پسند جيل ۾ بند ڪري ڇڏينداهئا. چون ٿا ته اها عوام سان خاص نفسياتي جنگ هئي، جنهن جو پاڪستان ۾ خالق انفرميشن جو مسنٽر جنرل مجيب هيو. اسان کي ڊي سي سانگهڙ جي معرفت حڪم مليو ته ان اعلان جي نتيجي ۾ جيڪي پ پ جا يا ٻيا ماڻهو گوڙ فساد ڪندا، انهن جون لسٽون ٺاهي، انهن کي پڪڙي جيل ۾ وجهو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جيڪا مارشل لا هيڊڪوارٽر سانگهڙ ۾ ميٽنگ رکيل آهي، ان ۾ حاضر ٿيو. شهدادپور ۾ مرحوم ايوب ٻانڀڻ ايس ڊي ايم ۽ سانگهڙ ۾ ايس ڊي ايم محمد صديق ميمڻ (مرحوم) هيو. شهدادپور سب ڊويزن ۾ PPP ايڪٽوِ هئي ۽ ڪجهه ڪجهه سانگهڙ ۾ به. پر کپري ۾ اهڙو ڪو ماڻهو يا ورڪر مون کي نه سجهي، جيڪو گوڙ ڪرڻ وارو هجي. سندن هيٺينءَ سطح تي ڪو ورڪر ڪو نه هيو، وڏا ليڊر جن جو مان ذڪر ڪري چڪو آهيان. اهي ضلعي مان ئي نڪري ڪراچيءَ جا وڻ وڃي وسائيندا هئا. مان هروڀرو ڪنهن کي ڇو پڪڙيان. سو لسٽ جي وچ ۾ NIL لکي، ان تي صحي ڪري، ٽي ڪاپيون ٺاهي، ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيس.
ميٽنگ تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ٿي. پريزائيڊ برگيڊيئر طارق ڪري رهيو هيو. هڪ طرف ڊي سي محمد اسماعيل ۽ ايس پي عبدالله خان چاچڙ ويٺو هو. ٻئي طرف ڪرنل صاحبان، اسان ٽي SDM جوابدارن وانگر سندن سامهون ويٺا هئاسون. ايس ڊي ايم شهدادپور شروع ٿيو، هن پنهنجي ڪارڪردگي بيان ڪئي. ٻن سوَن جي لسٽ هئي، جن ۾ پنجاهه گرفتار ۽ ٻيا روپوش ڏيکاريل هئا. پوليس سندن ڪڍ لڳل هئي. ان کان پوءِ ايس. ڊي. ايم سانگهڙ جو وارو، ان جي پنهنجي حال سارو سٺي ڪارڪردگي هئي، کيس به شابس ملي.
هاڻي منهنجو وارو آيو. مون هڪ فائيل ڊي سي جي آڏو رکيو ۽ هڪ برگيڊيئر جي آڏو. فائيل رکي چپ ڪري ويهي رهيس. برگيڊيئر طارق مسڪرائي مون ڏي ڏسي چوڻ لڳو، ’جِي SDM صاحب!‘ مون چيو، ’سر مون ڪنهن کي به نه پڪڙيو آهي. ڪو اهڙو وڳوڙي هجي ته پڪڙيانس. سڀ سک آهي. ڪوبه گوڙ گهمسان نه ٿيو آهي.‘ برگيڊيئر صاحب جو هوش اڏامي ويو. منهنجو ڊي سي به ٿورو ٿورو پريشان نظر اچي رهيو هيو. SP عبدالله خان چاچڙ ته چپ هيو.
برگيڊيئر طارق پڇيو، Young Man، توکي هتي گهڻو عرصو ٿيو آهي، نوڪري ڪندي؟ مون چيو: ٽي مهينا. پڇيائين: ٽن مهينن ۾ توهان سب ڊويزن جي ماڻهن کي سمجهي ويا آهيو؟ مون چيو، کپري جهڙي علائقي کي سمجهڻ لاءِ ٽي مهينا ڪافي آهن.
ڪمانڊر صاحب کي ڳالهه نه وڻي! چيائين ته ”جيڪڏهن ڪو گوڙ گهمسان ٿيو ته تون ذميدار رهندين؟ مون چيو: اڌ شهر کي جيل ۾ وجهڻ کان پوءِ به، گوڙ گهمسان ٿيو، تڏهن به مان ئي ذميوار هوندس!“
ڪمانڊر ، ڊي سيءَ کي چيو SDM کي آزمايون ٿا!
مون ڏي ڏسي هڪ ڀيرو ٻيهر چوڻ لڳو ”تون ذهين ۽ با اعتماد آفيسر ٿو لڳين، پر ايڏي رسڪ (Risk) نه کڻبي آهي.“ مون چيو ”اها منهنجي Professional assessment آهي. ڀروسو ڪريو توهان کي laid down نه ڪندس. نتيجا جلد توهان جي آڏو هوندا.“
پوءِ نتيجو اهو نڪتو، جو شهدادپور ۽ سانگهڙ ۾ بد دلي وڌي وئي. کپرو پرسڪون ۽ نارمل رهيو. سوشل لائيف به ائين نارمل هئي، ڄڻ ڪنهن کي مارشل لا جو ڊپ ڊاءُ نه هجي. روز بروز جي زندگيءَ جو ڪاروبار به نارمل رهيو. حر جماعت جو به سهڪار رهيو، ته PPP جي ليڊرشپ جو به.
DC اسماعيل صاحب به مون کي ڀائيندو هيو. شايد ان ڪري به، جو مان ڪنهن به قسم جو ان لاءِ پرابلم پيدا نه ڪيو. ماڻهن سان سڌي PR رکي، ننڍي وڏي ماڻهوءَ سان ميل جول جاري رکيو، پوليس تي نظر هئم. جڏهن ڪو پوليس وارو عوام سان مستي ڪندو هيو ته ان جي حد ۾ open kachahri جو تعداد وڌائي ڇڏيندو هوس. ماڻهن جي مناسب شڪايتن جو ازالو ڪبو هو. پوءِ يا ته پوليس آفيسر ڳالهه سمجهي ويندو هيو، نه ته پوءِ مان سندس ڪارنامن جو ڪچو چِٺو ٺاهي ڪچهريءَ جي حوالي سان سڄي ضلعي جي سينيئر پوليس آفيسر (SSP)، ڊي سي ۽ آرمي وٽ پهچائي ڇڏيندو هوس. جنهن سان مٿس ڪونه ڪو ايڪشن ضرور ٿيندو هيو.
اوپن ڪچهرين جي ڪري سڄي سب ڊويزن جي عوام، ڪائونسلرن ۽ چيئرمئن کي مون وٽ ۽ منهنجي آفيس ۾ پهچ آسان ٿي وئي. جتي اڳي ورلي ڪو ماڻهو ايندو هيو، هاڻي منهنجي آفيس ڀري پئي هوندي هئي. اديبن ۽ اخبار وارن جو آءٌ favorite هوندو هئس. هڪ نه ٻئي هفتي پريس ڪلب ۾ ساڻن ملاقات ٿيندي هئي. اديبن جي اچ وڃ تي ڪا پابندي ڪونه هوندي هئي. ائين مون وٽ ايندا هئا، ڄڻ پنهنجي گهر ۾ پيا اچن وڃن.
هر وقت هر ماڻهوءَ لاءِ منهنجو فون کليل هيو. ساڻن Open communication رهندو هيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سب ڊويزن ۾ ڪٿي به ڪو واقعو ٿيندو هيو، ته پهريون اطلاع مون کي ئي ملندو هيو. منهنجي پهچڻ جهڙو واقعو هوندو هيو ته جهٽ سرزمين تي پهچي ويندو هئس. پوليس کي موڪلڻو هوندو هو، ته ان کي روانا ڪري ڇڏيندو هئس.
هڪ دفعي Law and Order جي ماهوار گڏجاڻيءَ ۾ نياز صديقيءَ SSP سانگهڙ، جيڪو پاڻ به هڪ تيز ۽ سمجهُو پوليس آفيسر هيو، تنهن چيو ته هر ڏوهه يا واقعي جي منگي صاحب کي ايترو ته جلد خبر پوي ٿي، جو اسان کي حيرت وٺيو وڃي. مون کي چوڻ لڳو ”ائين اڪيلا جاءِ واردات تي نه نڪري ويندا ڪريو.“ چيومانس! ”پوليس، ڊريس پائڻ ۾ جيڪڏهن ڪلاڪ وٺي، ته آءٌ ڇا انتظار ڪندو رهان؟“

[b]بختو مل- ڦر ۽ اغوا!
[/b]کپري جا هندو شهر جي اهم آباديءَ ۾ شمار ٿيندا هئا. شهر جي سارين، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ ٻين وکرن ۾ به سندن وڏي اهميت ۽ وڏو حصو هيو. انهن ۾ مونکي ٻه شخصيتون ياد اچن ٿيون. هڪ سيٺ آلو مل لوهاڻو، ٻيو سيٺ بختو مل، جيڪو سندس مائٽ هيو. بختو مل سان هڪ واقعو ٿيو، ڪي شاهينگ هڪ نئين ماڊل جي جيپ ۾ چڙهي سندس گهر تي چڙهائي ڪري آيا، ڦر ڪيائون. ٽجوڙي نه کُلي، ته ان کي به کڻي، بختي مل کي به جيپ ۾ وجهي وچ شهر مان لنگهي، روهڙي ڪئنال جو Inspection پاٿ وٺي روهڙيءَ کان بلوچستان جي طرف هليا ويا.
چون ٿا ته ڦورو سڏ تي آيل هيا، ڪو مقامي ماڻهو به گڏ هين، جيڪو گهٽين کان چڱي طرح واقف هيو،
اهي به چميگويون هيون ته بختي مل ڏي ڪنهن جو حساب ڪتاب هيو. اهو چڪتو ڪرڻ لاءِ ان همراهه اها راهه اختيار ڪئي هئي. جڏهن هنن جو حساب برابر ٿيو ته بختو مل به اچي گهر پهتو. بختو مل پوءِ جلدي فوت ٿي ويو.

[b]ڏوهاري[/b]
کپرو تعلقو، ٻرندڙ جبل (Volcano) وانگر هوندو هيو. سانت ته سانت، جيڪڏهن ڦاٽو ته توبهن! ڪي ڏوهي ٻئي هنڌان ڏوهه ڪري اڇڙي ٿر ۾ اچي مٽن مائٽن وٽ لِڪندا هئا ته ان وقت تائين لڪل هوندا هئا، جيستائين ڪو چغلي نه هڻي.
منهنجي ڪوشش هوندي هئي ته ڏوهاري ماڻهو وڌ کان وڌ عرصي لاءِ جيل ۾ رهن. ڪن تي ڏهه ڪيس ته ڪن تي پندرهن ۽ ڪن تي ويهه ڪيس. سنڌ ڪرائيم ڪنٽرول ايڪٽ ۾ بند ڪبو هيو، يا وري کين ڪنهن ٻئي قانوني ضابطي هيٺ آڻي ڇڏبو هو.
منهنجو گهر منهنجي آفيس جي ڀرسان هيو. منهنجو پٽ انيس قادر جيڪو 1980 ۾ چئن سالن جو هيو. اڪثر نائب قاصدن سان گڏجي منهنجي آفيس ۾ هليو ايندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪيس هلندي به هليو ايندو هيو، چوندو هيو. هن چور کي ڇڏي ڏيو، مان کلي کيس پيار ڪندو هوس. نوڪر کي اشارو ڪندو هوس، جيڪو هن کي واپس وٺي ويندو هيو. قيديءَ کي ته ڇڏيان يا نه، پر ان وقت منهنجو موڊ خوشگوار ٿي ويندو هيو. مان ته آزادي پسند آهيان، پر منهنجا ٻار به آزادي پسند آهن. اهو شايد سندن سرشت ۾ آهي.
رٽائرمينٽ کان پوءِ پراڻا ڪاغذ ويٺي ساريم. جڏهن بدلي ٿيندي هئي ته کليل فائيل ۽ ڪاغذ ٽيبل جي خانن مان ڪڍي ڪنهن بريف ڪيس ۾ وجهي ڇڏيندو هوس، پوءِ جڏهن موقعو ملندو هيو ته ڪجهه ڪاغذ محفوظ ڪندو هئس.
ائين ئي محفوظ ڪيل ڪاغذ پئي ڏٺم ته ٻه خط نڪري آيا. هڪ مارچ 1981 ۽ ٻيو ساڳئي سال جون جو هيو. اهو پيريڊ منهنجي کپري جي نوڪريءَ جو هيو. ٻنهي خطن جي عبارت ۽ هئنڊ رائيٽنگ به تقريباً ساڳي هئي. ڪنهن ڪَچَن اکرن ۾ اڌ پڙهئي ماڻهوءَ اُهي لکيا هئا.
دنيا جهان جون گاريون ۽ ڌمڪيون لکيل هيون، جنهن ۾ چيل هيو ته مان سندن ساٿين کي جيل ۾ ناحق ٿو وجهان. انهن کي نه ڪڍيو ويو ته مون تي حملو ڪري ماريندا يا اغوا ڪندا.
مون اُهي ٻئي خط محفوظ ڪري ڇڏيا هئا، پر SP يا DC سان ذڪر نه ڪيو ۽ الله تي ڇڏي ڏنو. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي مون سان هڪ واقعو ٿيو.
منهنجي ڪورٽ ۽ آفيس ساڳي هئي. 10x12 فوٽن جي ڪمري ۾ سرشتيدار ۽ سرڪاري وڪيل جي ويهڻ کان پوءِ مشڪل سان ڪنهن جوابدار جي بيهڻ لاءِ جاءِ بچندي هئي.

[b]قيديءَ جي بدتميزي
[/b]ڪيس هلائيندي مون محسوس ڪو ته هڪ جوابدار ڪجهه بيچيني محسوس ڪري رهيو هيو. مون سپاهي کي چيو ته هن کي ٻاهر وٺي وڃي، جيستائين سپاهي منهنجي ڳالهه تي عمل ڪري هُو مون کي هڻڻ لاءِ چپل لاهي چڪو هيو. هٿ مٿي ڪيائين ۽ چپل اُڇلي هنيائين، جيڪا منهنجي ڄنگهه تي اچي لڳي. هن جو مقصد پورو ٿيو. پوءِ سپاهي وٺي وڃي ٻاهر کيس ڪُٽ ڏيڻ لڳا. مون کيس ڇڏايو. Contempt proceedings هلايون، ۽ کيس ڇهه مهينا سمري ٽرائيل ڪري سزا ڏني. پوءِ چيڪ ڪيو ته ڪرائيم ڪنٽرول act ۾ 6 قيدي هئا، جن کي سانگهڙ ٽرانسفر ڪرائي ڇڏيو هئم. لڳي ٿو ته اهي خط انهن قيدين مان ئي ڪنهن جيل مان لکيا هئا.

[b]ڪٽپر صاحب سان ملاقات
[/b]عبدالوحيد ڪٽپر صاحب هڪ ڀيرو کپرو پنهنجي نياڻيءَ سان ملڻ آيو. الائي پيرول تي هيو يا آزاد ٿي ويو هيو، پر Intelligence سندس ڪڍ هئي.
مون ضد ڪيو ته توهان سان ملڻو آهي، يا توهان اچو يا مان ٿو اچان. ڪٽپر صاحب ٻنهي مان ڪا به ڳالهه نه مڃي. آخر مان حسن علي صاحب جي گهر هليو ويس، ڪٽپر صاحب سان ماني کاڌي ۽ ساڻس حال احوال ٿيو.

[b]مختيارڪار لاڙڪ- هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ انڪوائيري
[/b]محمد اسماعيل صاحب DC، سانگهڙ جي مختيارڪار سان ڏاڍو ناراض ٿي پيو. هاءِ ڪورٽ جو جج آيو ته خدا بخش لاڙڪ موڪل جي درخواست ڦٽي ڪري گم ٿي ويو. جج صاحب وٽ رڪارڊ آندو ويو ته پورو ڪونه هيو. پئسا ڪي بئنڪ ۾ پياريل ته ڪي نه، بلڪه Traffic Challan به ڪٻٽن جي مٿان پيا هئا.
ان جي انڪوائري مون کي ملي. خدا بخش لاڙڪ بي سمجهي ۽ نادانيءَ جو ڪم هيو، پر نوجوان مختيارڪار هيو ۽ اڃان ٽي سال سروس مس ٿي هئس. مٿس ٻه چارجز هيون.
• ڪرپشن (Corruption)
• ان ايفي شنسي (Inefficiency)
مون ٻي چارج prove ڪئي. پهرئين ۾ کيس آجو ڪيو.
جڏهن منهنجي رپورٽ DC صاحب وٽ وئي ته هن کي ڏاڍو ڌچڪو لڳو. منهنجي پيشي ٿي. سوال جواب ٿيا. منهنجي دليلن سان ڀريل تقرير اسماعيل صاحب تي ڪو اثر نه ڪيو. چيائين “مونکي اميد نه هئي، ته تون اهڙي بيڪار انڪوائري ڪندين.”
اسماعيل صاحب بطور ڊي سيءَ جي منهنجي انڪوائريءَ سان agree نه ڪيو. سو پنهنجي طرفان comments ڏئي ۽ لاڙڪ کي جوابدار ٺهرائي، بورڊ آف روينيو کي قدم کڻڻ لاءِ موڪليو. کيس سزا ملي، پر پوءِ خدا بخش لاڙڪ اپيل ۾ منهنجي انڪوائريءَ جي بنياد تي آجو ٿي ويو، ۽ پوءِ ڊي. سي ۽ ڊي. سي. او لاڙڪاڻو ٿي رٽائر ڪيائين. لاڙڪ خدا بخش 2017ع ۾ فوت ٿي ويو آهي.

[b]اديب ۽ صحافي
[/b]کپري ۾ جتي منهنجي انتظامي نوڪريءَ جي شروعات ٿي، ان سان گڏ سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان پڻ منهنجي واقفيت ۽ PR جو سلسلو شروع ٿيو. پر انهن سڀني کان اهم منهنجي لاءِ اديب ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ شخصيتون هيون.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، جيڪو ان وقت سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر هيو. عبدالله خان ورياهه ۽ بابر سومرو، رتوڪوٽ جو ماڳ ڏسڻ آيا. منهنجا مهمان ٿيا. مان به ساڻن گڏجي رتو ڪوٽ روانو ٿيس. دوستيءَ جا اهي ٻنڌڻ الانا صاحب سان اڃا تائين قائم آهن، پر عبدالله خان ورياهه ۽ بابر سومري سان تعلقات سندن وفات تائين قائم رهيا.
واپسيءَ ۾ هڪ قلمي نسخو، الانا صاحب کي سنڌالاجيءَ لاءِ سوکڙي طور پيش ڪيو ويو. عبدالله خان ورياهه منفرد اديب ۽ عالم هيو. هُو هيو ته سياستدان، پر اتي ڄڻ مِس فِٽ هيو. هن ريسرچ ۽ سِڪن بابت تحقيق جو ڄڻ نئون طريقو ڳولهي لڌو هيو. وٽس قسمن قسمن جا سڪا (coins) هئا. انهن جي study سان تاريخ جون ڪڙيون ملائيندو هيو. Ph.D لاءِ رجسٽر ٿيل هيو. ريسرچ مڪمل ٿي وئي هئس. سيمينار رهيل هئس. اوچتو سندس دل تي حملو (Heart attack) ٿيو. Bypass آپريشن ٿيس. آپريشن ڪامياب هيو، پر اوچتو ٻيو attack ٿيس. ان ۾ هو جوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. اهڙا پٽ سنڌ ٿورا ڄڻيا آهن. دوستن ۽ مٽن مائٽن کي اڪيلو ڪري ويو.
بابر سومرو به ڄڻ سندس پڪو همراهي هيو. ڪئميرا سان ساڻس هر ٽوئر ۾ گڏ هوندو هيو. بابر به جلد فوت ٿي ويو.
ان لڏي مان نالي ڀائي عبدالقادر جوڻيجو به هڪ هيو. ساڻس ملاقات به کپري واري دؤر ۾ ئي ٿي. قادر سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ڊرامي جو مور آهي. جڏهن PTV تي قادر جا اردو ڊراما نشر ٿيڻ شروع ٿيا ته ان وقت شهرن ۽ ڳوٺن جون بازارون بند ٿي وينديون هيون. وڏا انعام اڪرام مليس. پنهنجو نالو چمڪايائين. صحيح معنيٰ ۾ عبدالقادر جوڻيجو، عبدالقادر جوڻيجو پوءِ ئي ٿيو ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿيو. سندس هڪ ڊرامي جي هيروئن روحي بانو ساڻس ايتري Involve ٿي وئي، جو اڌ چري ٿي پئي. قادر پنهنجي صحت جو به توازن وڃائي ويٺو. نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ (SLA) جو چيئرمئن ٿي رٽائرڊ ٿيو. هاڻي ڄامشوري جي خاموش زندگيءَ جون ٿڌيون گرم هوائون کائي رهيو آهي.

[b]ڌڻي بخش بروهي
[/b]ڌڻي بخش بروهي، منهنجي ٻارن جو استاد، جيڪو کين ٽيوشن پڙهائيندو هيو. هڪ روپيه به ٻن سالن ۾ نه ورتائين. نه وري ڪڏهن ڪو غلط يا صحيح ڪم چيائين. اڃا تائين دوست آهي. ٻارن ٻچن سان اچ وڃ رکندو اچي.

[b]بدلي[/b]
کپري ۾ مان 1979 جي سيپٽمبر مهيني آيو هوس، ۽ وري سيپٽمبر 1981 ۾ ئي منهنجي بدلي ٿي. پورا ٻه سال کپري جهڙي دور دراز هنڌ گذريا، پر ڏاڍو تنگ گذريا. ڪوشش ڪئي ته تڪليف جو احساس نه ٿئي. ڪو انتظامي مسئلو ڪونه هيو، پر هر شيءِ کان دور ۽ پري هئس. ڳوٺ کان، مٽن مائٽن کان، دوا درمل کان، سٺي تعليم کان، حيدرآباد کان، ڪراچيءَ کان ۽ ٻين سڀني سهوليتن کان پڻ وانجهيل ۽ محروم.
وڏي ڪوشش، جدوجهد ۽ چئوچوا کان پوءِ وڃي بدلي ٿي. شابس هجي سالڪ نذير احمد کي، جنهن بدلي ڪئي. اصل محرڪ بدليءَ جو عبدالله ميمڻ صاحب هيو، جيڪو ڪمشنر حيدرآباد هيو، ميمڻ صاحب سڀني زيردستن لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو، پر جيڪڏهن ڪو مستي ڪندو هيو ته ان جو ويري بڻجي، ان جي ڪڍ پئجي ويندو هيو. جِنُ ڇڏي ڀُوت ڇڏي، عبدالله ميمڻ نه ڇڏي. تنهن ڪري AC/SDM، DC ۽ SP سندس عزت به ڪندا هئا ته کانئس لهرائيندا به ڏاڍو هئا.