سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

سنڌ جا سوڍا اتهاس جي آئيني ۾

سنڌ جا سوڍا اتهاس جي آئيني ۾

صدين کان ڍاٽ جي مور پنک جهڙي سنگهاسن تي سُونهندڙ راج مُڪٽ راڻا ۽ سنڌڙي جا جونجهار سوڍا ”اگني ونس“ پرمار راجپوت جو اولاد آھن. پرمار، پنوار، پُوار جنهن جي اُتپتي هندستان جي رياست راجسٿان ۾ موجود ”آبُو جبل“ تي ٿي هُئي. اهو آبُو پهاڙ جنهن کي هن وقت هندستان جو مشھور ٽوئريسٽ اسپاٽ ”مائونٽ آبو“ چيو وڃي ٿو. روايت آھي ته جڏھن ڀڳوان پرشرام ايڪهي ڀيرا کترين کي هن دنيا مان ختم ڪيو هو تڏھن برهمڻن کي دئيتن ۽ اسرن (شيطان صفت مخلوقن) ڏاڍو تنگ ڪرڻ شروع ڪيو هو. رُشين ۽ مُنين کي يگيه ۾ ڀنگ وجهي ڏيندا هُئا. کشترين جي خاتمي کان پوءِ دئيتن سان مقابلو ڪرڻ وارو ڪو ماڻهون رهيو ڪون هو. ان ڪري برهم رشي وشيشٽ مني آبو جبل تي هڪ اگني ڪُن ٺاهي وڏو هَون ڪيو ۽ ان اگني ڪُن ۾ انسان جو اٽي جو پُتلو ٺاهي چار ڀيرا وڌو ۽ منتر شڪتيءَ سان ان مان چار مرد پيدا ڪيا جيڪي ترتيبوار هن طرح هئا. پڙھيار، سولنڪي، چوهاڻ ۽ پرمار. پرمار لفظ جو مفهوم آھي ته پر=پرايا + مار= ناس ڪر. ڌارين کي ماريندڙ ۽ دشمنن جو سنگهار ڪندڙ کي ئي پرمار چيو وڃي ٿو. اگني ڪُن مطلب باھ جي ڄر. باھ مان پيدا ٿيڻ ڪري اُنهن کي اگني ونس يعني باھ جو اولاد چوندا آهن.

پوڻان ساک پينتيس هي وڏ پرماران ونس
سوڍ پرماڻي جگ سهي امراڻي اونتس

پرمار راجپوتن جون پنجٽيهه شاخون آھن جيڪي تاريخ ريگستان مطابق هن ريت آھن:
(1) موريا (چندر گُپت موريا وارا) (2) سوڍا (ڍاٽ جا راجا) (3) سانکلا )پونگل جا جاگيردار ۽ ٻيا ڪيترائي مارواڙ ۾ رهن ٿا.) (4) کير (5) اُمرا / سومرا (6) وهل (چندراوتي جو راجا) (7) ميپاوت (ميواڙ ۾ ٻيجولي جا سردار) (8) ٻلهر (اُتر هندستان ۾ آھن.) (9) ڪاٻا ( اڳي سوراشٽر ۾ ھُئا هاڻي سروهي ۾ آھن. (10) اُمٽ (مالوا ۾ اُمٽواڙا جو راجا.) (11) ريهور (12) ڍونڍا (13) سورٽيا (14) هرير (مالوا ۾ ننڍا ننڍا جاگيردار.) (15) چونرا (16) کيچڙ (17) سوکڙا (18) برڪوٽا (19) ڀوجا (20) سمپل (21)ڀيڀا (22) ڪالنپر (23) ڪالموھ (24) ڪوهلا (25) پويا (26) ڌونڌ (27) ڪهرڙيا (28) ڏيوا (29) ٻرهر (30) جيپرا (31) پوسرا (32) ڌوئا (33) رڪومرا (34) ٽيڪا (35) اها شاخ هاڻي ناهي
.وقت جي وير پرمارن جي پيدائش جي باري ۾ ڪوي شڪتيڏان ڪويا پنهنجي ڪويتا ۾ ھن ريت لکي ٿو ته:

مُني وشيشٽ جگ منڏيو آبُو سکر اُتنگ
داڻوَ جد ڏيڌو دخل ڍاڀڻ ڪيڌو ڍنگ

اگن ڪُنڊ سُون اُوپنا پهه شتري پرمار
سولنڪي چوهاڻ سم ھُئو وڙي پرتيهار


پرمار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ رُشين ۽ مُنين سک جو ساھ کنيو. دئيتن کان جان آجي ٿي. پرمارن جي راجا شاهي بابت محترم رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ڀاڱي پهرين ۾ لکي ٿو ته ”راجا چندرسين کان پوءِ چوٿين پيڙھي ۾ راجا ڀيمڪ ٿيو ۽ راجا ڀيمڪ کان پوءِ اٺين پيڙھي ۾ جيڪو راجا ٿيو ان گادي جو هند ڌار نگري مان ڦيرائي اُجين ۾ ڪيو.“ جڏھن ته تحقيق ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته اهو درست ناهي ڇاڪاڻ ته، اُجين ڌار نگري کان پهرين وسايل هُئي. اُجين کي گادي جو هند رڻڌوج جي پرمار ڪيو هو.
ٻي ڳالهه ته راجا چندرسين وير وڪرماجيت کان پوءِ پيدا ٿيو هو. ڌار نگري گهڻي وقت کان پوءِ راجا ڀوج وسائي هُئي. پرمارن پهرين آبُو جبل تي راڄ ڪيو پوءِ آبُو کان هيٺ لهي چندراوتيءَ نگري وسائي جتي سنڌُوراج پرمار راجائي ڪئي. چندراوتيءَ کان نڪري رڻڌوج پرمار اُجين نگري وسائي. اُتي ئي راجا ويروڪرماڌتيه جنم ورتو. پرمار راجائن ۾ راجا وير وڪرمادتيه چڪرورتيءَ سمراٽ راجا هو جنهن اُجين نگري تي ڇهه سؤ سال ڇهه مهينا ويهه ڏينهن ٽي گهڙيون ۽ ٽيهه پل راڄ ڪيو هو. جنهن جي نالي پويان هندو ڌرم جو وڪرمي سنبت وارو ساليانو ڪئلينڊر ٺهيل آھي. وڪرماجيت کان پوءِ مشھور پرمار يشوي راجا ڀوج ٿيو جنهن چندراوتيءَ جي ويجهو ڌار نگري کي پنهنجي راڄڌاني بڻائي ۽ تخت جي ٻٽيهه گُڻن کي سمجهيو. آبو کان پوءِ اجين ۽ ڌار نگري تي راج ڪرڻ بابت هڪ پراچين ڪهاوت ملي ٿي ته:
”ايڪ اُجين ڌار ٻيجو آبُو ٻيسڻو“

پرمار ڪُل ۾ جتي چڪرورتي راجا وير وڪرمادتيه ۽ مها دانيشور راجا ڀوج جهڙا ٻاون وير پُرش پيدا ٿيا هئا. اُتي پير پٿوري ۽ ڀرٿري هري جهڙا هري ڀڳت به جنميا هئا. پرمار ڪُل ۾ ڇهه مشھور مها شڪتيون به پيدا ٿيون هيون.جن جا نالا هي آھن. راجا جگديو جي راجڪُماري وانڪل ڏيوي، راجا ڪلنگ پرمار جي راجڪماري سچيا ڏيوي، جانري جي ويرُو پرمار جي پُتريءَ مالهڻ ڏيوي،راجا بدريس جي راجڪماري روپان ڏيوي، راوَ مگيراوَ جي راجڪماري جوگ ماتا ۽ راجا چاهڙراءِ جي پُتريءَ ڪلياڻ ڪنور.
پرمارن جي اصل گادي ته آبُو جبل کي ئي ڄاڻايو ويو آھي پر اُنهن آھستي آھستي عقل ۽ ويرتاھ سان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي تقريبن سمورو اُتر هندستان هٿ ڪري ورتو هو. اُتر ۾ ڪشمير ۽ ٽھري گڊوال (هماليه جبل) کان ڏکڻ جي ڪرناٽڪ تائين ۽ اوڀر ۾ بنگال کان اولهه ۾ رتناڪر ساگر (سنڌ) تائين قبضو ڪري ورتو هو. انهي ڪري اها ڪهاوت مشھور ٿي ته:
”پرٿوي پرماران تڻي اني پرٿوي تڻان پرمار“
تاريخ ريگستان جي ڀاڱي پهرين ۾ محترم رائچند راٺوڙ لکي ٿو ته”پرمار راجپوت جو اندر ديوتا جي ڪرپا سان اگني ڪنڊُ مان پيدا ٿيو، تنهن دانوَ ۽ اسرن (سٿين) لوڪن کي ماري، برهمڻن جو بچاءُ ڪيو ۽ هُن پوءِ نه رڳو آبُو پهاڙ ۽ ان جي آسپاس وارن ملڪن تي حُڪومت ڪئي، پر هُو ساري اُتر هندستان جو راجا ٿيو. ”پرٿوي پرمارن جي آھي“اها مشھور ڪهاوت آھي. انهن جو وڏو راڄ ھو. تنهن ڪري هنن جا پويان”راجپوت“ يعني ”راجا جو پُٽ“ سڏجڻ لڳا.“
راجپوتن کي سنڌيءَ ۾ ’’رجپُوت‘‘ به چوندا آهن. رج= ڌرتي+پُوت: پُٽ. يعني ڌرتيءَ جو پُٽ (Son of soil)
راجپوتن جي اهم سڃاڻپ آهي تلوار ۽ سخاوت ۽ ٻليدان.
چون ٿا ته ڪنهن رجواڙيءَ ۾ هڪڙي کوهه تي ڪجهه ڇوڪريون پاڻي ڀري رهيون هيو. اُتان هڪڙي پنڊت جو گذر ٿيو، جنهن پاڻي پيئڻ جي تمنا خاطر اُنهن کان تعارف پڇيو.
سڀني ڇوڪرين پنهنجي مريادا انوسار پرمپرائن تي ٻڌل تعارف ڪرايو. اتي موجود هڪ راجپوت ڪنيا هن ريت تعارف ڪرايو ته:
لنڪا مان هيڙين هڻي گهوڙا آوين همڦتا
شيش لٿي ڌڙ لڙين، اَوپر ڍول نغارا بجتا
سورج اوگي ڏان ڪرين اهون تاڇ پوتُري پنڊتا.

(لنڪا مان جنگ کٽي ايندڙ سوروير گهوڙن تي سوار آهن ۽ گهوڙا سهڪندا اچن. سر لٿي کان پوءِ ڌڙ به يُڌ ڪري ٿو ۽ انهن جي امرپدوي تي شوڪ ڪرڻ بجاءِ ڍول نغارا وڄن ٿا. سَج اُڀرندي ڏندڻ پاڻي ڪرڻ کان اڳ دان پُڃ ڪن ٿا. آئون انهن جي ڌيءَ آهيان.)
پنڊت ان ڪنيا جي مٿي تي هٿ رکي چيو: جيو پُتري، جَل پيار.‘‘
راجپوتن جا ڇٽيهه ڪُل ۽ چار ونس آھن. جيئن ته ڪجهه مؤرخن راجپوتن جا ڇٽيهه ونس ڄاڻايا آھن. محترم رائچند هريجن به ڇٽيهه ونس لکيا آھن. اهو درست ناهي. اصل ۾ ڇٽيهه ڪُل آھن ۽ چار ونس آھن.
1- سوريه ونس/سورج ونس
2- چندر ونس
3- يادوَ ونس/ يڌُو ونس
4- اگني ونس/ اگن ونس
انهن ڇٽيهه ”36“ ڪُلن کي چئن ونسن ۾ هن طرح ورهايو ويو آھي. انهي بابت هڪ پراچين دُوهو ملي ٿو ته:

دس روي سُون دس ششي سُون دُوا دس رشي پرماڻ
چار هُتاسن تي ڀئه ونس ڇتيس وکاڻ.

(ڏھ سورج ونس، ڏھ چندر ونس، ٻارنهن يادو ونس ۽ چار اگني ونس. اهي ڇٽيهه ڪُل آھن راجپوت راجا شاهي جا.)
محترم رائچند هريجن جي تاريخ ريگستان ۽ ڪرنل جيمس ٽاڊ جي ٽاڊ راجستان (حالات مارواڙ) ۾ راجپوتن جا ڇٽيهه ڪُل هن ريت بيان ڪيا ويا آھن.
(1) اکيه واڪ (2) اندو سُوم (3) گهلوت چوويهه شاخون (4) يادو/ يدو.چار شاخون (5) تنور. سترنهن شاخون (6) راٺوڙ. تيرنهن شاخون (7) ڪشوواھ/ڪڇاواھ (8) اگني ونس پرمار. پنجٽيهه شاخون (9) چوهاڻ. ڇويهه شاخون (10) سولنڪي/ چالڪيا.سورنهن شاخون (11) پرتيهار پڙھيار. ٻارنهن شاخون (12) چاوڙا.هڪ شاخ (13) ٽانڪ/ تکيه (14) جوٽ.جيٽي يا جاٽ (15) هُن/هُڻ (16) ڪاٺي (17) بلا (18) جهالا/ موڪواڻا.ٻه شاخون (19) جيٺو/ ڪامري (20) گوهل(21) سرويا (22)سلار (23) ڏاٻي (24) گوڙ.پنج شاخون (25) ڏوڏا (26) گوهروال (27) ٻڙگوچر.ٽي شاخون (28) سينگر.هڪ شاخ (29) سيڪروال هڪ شاخ (30) ويس/ بئيس. هڪ شاخ (31) ڏاهيا (32) جوهيا (33) موهل (34) نڪومپ (35) راجپالي (36) ڏاهيما.

راجا ڀوڄ کان پوءِ جيڪي راجا ٿيا، اُھي راجا جگديو تائين راجا ئي سڏائيندا آيا. راجا جگديو مُولي جام نگر گجرات تي راڄ ڪيو. راجا جگديو کانپوءِ راوَ سڏائڻ لڳا.
محترم رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ڀاڱي پهرين ۾ لکي ٿو ته ”راجپوت اڳي جڏھن اُجين ۾ ھُئا تڏھن مهاراجا ۽ راجا سڏبا هئا. مگر ڪيرارو ۾ اچڻ کان پوءِ راوَ/ راءِ سڏجڻ لڳا ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ راڻا سڏجڻ لڳا.“
راجا جگديو جا ٻه پُٽ ٿيا. هڪ راوَ ڌاراورش جي ۽ ٻيو راوَ ڪاباجي (هن جي پويان ڪاٻا شاخ وجود ۾ آئي) . راوَ ڌاراورش کانپوءِ راوَ ڌنڌمارجي راجا ٿيو. هن جو پُٽ امرسنگهه ٿيو جنهن وڪرمي سنبت 1071 برابر 1015ع ۾ امرڪوٽ شھر جو بنياد وڌو. ڌنڌمارجي جي وڏي پُٽ ڌرڻي وراھ پنهنجي نو ڀائرن ۾ نو ڪوٽ ورهائي ڏنا ۽ انهن نوڪوٽي مارواڙ وسائي. هڪ پراچين شعر آھي ته:

منڏو ور سانونت هوئو اجمير سنڌ سُو
گڊ پونگل گجمال هُوئو لو ڌريو ڀان ڀُو

آل پال ارٻڌ ڀوجراج جالنڌر
جوگراج ڌر ڍاٽ ھُوئو هانسو پارڪر

نوڪوٽ ڪراڙو سنجُگتا ٿر پنوار ھر ٿا پيا
ڌرڻي براھ ڌر ڀايان ڪوٽ بانٽ جُو جُو ڪيا.


راوَ ڌرڻي وارھ جا ٻه پُٽ ٿيا هڪڙو راوَ ڌوم جي هو جنهن کي ڌوم راج يا ديوراج عرف مهيپال به چوندا هئا. جنهن آبو جبل تي راڄ ڪيو. ٻيو راوَ ٻاھڙجي جنهن ٻاڙمير شھر وسايو. راوَ ڌوم جو پُٽ اَمٽراوَجي ٿيو جنهن جي پويان امٽ شاخ وجود ۾ آئي. هن شاخ وارا نرسينگهه گڊ ۾ رهن ٿا. راوَ ٻاهڙجي جو پُٽ راوَ چاھڙجي ٿيو جنهن ڇوهٽڻ ڏونگر ويجهو چاهڙسر نالي ڳوٺ وسايو. چاهڙ راوَ کي هڪ ڌيءَ ۽ ٻن پُٽن جو اولاد ٿيو. پُٽ سوڍو ۽ سانکلو ھُئا. ڌيءَ جو نالو (ڪلياڻ ڪنور) سچيا ماتا هو. جيڪا سچيا شڪتي جي اوتار مڃي وڃي ٿي. هن وقت سوڍن جي پوجيه ڏيوي آھي. هن جو وڏو ٿان اوسيان گجرات ۾ آھي. ڪراڙو جي کنڊرن ۾ سچيا ماتا جي پراڻي مندر جا آثار اڄ به ڏسڻ وٽان آھن. سوڍي جو اولاد سوڍا پرمار سڏائڻ لڳا ۽ سانکلي جو اولاد سانکلا پرمار..سانکلن جي الڳ تاريخ آھي. سانکلا هندوستان ۾ رهن ٿا. سوڍا سنڌ سان تعلق رکن ٿا. سوڍا شٻد سنسڪرت ٻولي جي شٻد سوڍ مان نڪتل آھي جنهن جو ارٿ آھي:وير، بهادر ۽ ٻلداني.
سوڍن بابت اهم جانڪاري ڪجهه هن ريت هيٺ ڏجي ٿي.

جاتي: راجپوت
اُپ جاتي: سوڍا
ونس: اگني ونس
ڪُل: پرمار
گوتر: وشيشٿا
پريوار: تريپريوار
ويد: يجُر ويد (شُڪلا)
اُپويد: ڌنُر ويد
مُول پُرش: ڌوم راج
پهرين سلطنت: اُجين (مالوا)
موجوده سلطنت: ڍاٽ (عمرڪوٽ)
راج پدوي: راڻا
ڪُل ڏيوي: هرسڌي ڏيوي
پوجيه ڏيوي: سچيا ماتا
اِشٽ ڏيو: منداوريا (سوريه)
ڪُل ڏيو: مها ڪال
پير پٿورو صاحب: پوجئه ڏيو.
مهاديو: مها ڪال اُجين
گنپتي: ايڪل ڏنتي گنيش
گايتري: برهما گايتري
ڀيرو: گورا ڀيرو
تلوار: رڻ تار
ڍال: هريان
نشان: ڪيسري شينهن
جهنڊو: پيلو (ڪيسريو)
هٿيار: ڀالو
پگڙي/ پٽڪو: پنچ رنگي
پر دُک ڀنجن: وير وڪرم
سمها دانيشوري: شھنشاهجي پرمار
مها دانيشوري: راجا ڀوج
ڪشما ڏان: راجا مونج
راج يوڳي: ڀرٿري هري
سوڍي جو پُٽ سينڌل ۽ چاچڪ ديو ٿيا. سينڌل جو اولاد سينڌل سوڍا ٿيا. مختلف مؤرخن سوڍن جون پنجٽيهه شاخون بيان ڪيون آھن، پر تحقيق ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته سوڍن جون شاخون اسي کان مٿي آھن جيڪي تفصيل ۽ ترتيب سان هن ريت آھن.
سينڌل سوڍا، جيسل سوڍا، ساود سوڍا.
چاچڪ ديو جي پنجين پيڙھي ۾ ڌاراورش جي پُٽ درجنشال کان پوءِ وجود ۾ ايندڙ سوڍن جون شاخون هي آهن.
ڀاڻ سوڍا، سنگراسي سوڍا، راجيا سوڍا، ڪيلهڻ سوڍا، نانگڙ سوڍا، ڪيتل سوڍا، آسڪرڻ سوڍا، ڀيڀا سوڍا، دودا سوڍا، ڪرڻ سوڍا، پاتا سوڍا، ڀارمل سوڍا، ويرم ديو سوڍا، گجُو سوڍا، ويرڌمل سوڍا، ڪِتا سوڍا، رَتا سوڍا، ٿِريا سوڍا، سُورا سوڍا، ساگرائي وئرسي سوڍا، ورجانگ سوڍا، وجا سوڍا، اُڌا سوڍا، ساڏور سوڍا، ڀُڄٻل سوڍا، مڏا سوڍا، بِڇُو سوڍا، ويڏا سوڍا، نرسينگهه سوڍا، جيسا سوڍا، سُورجمل سوڍا، مانسنگهه سوڍا، سرتاڻ سوڍا، ڀُوپت سوڍا، ڀوجراج سوڍا، وجئراج سوڍا، واگها سوڍا، ڌوڌا سوڍا، رام سوڍا، ويرسي سوڍا، گنگداس سوڍا، دَلا سوڍا، ارجڻ سوڍا، لوڻڪر سوڍا، مهاجل سوڍا، نَرا سوڍا، نَٻا سوڍا، مالديوجي سوڍا، ميهراڻ سوڍا.
ڌاراورش جي ٻئي پُٽ آسراءِ جي اولاد مان وجود ۾ آيل سوڍن جون شاخون هي آھن.
تيجُو سوڍا، سينگپال سوڍا، ٻُوٽا سوڍا، جڙيا سوڍا، مالديو سوڍا (پارڪريا)، لُونڀا سوڍا، مُولراج سوڍا، اڙانتا سوڍا، اجرويا سوڍا، تڙگامان سوڍا، پاٽينگڙا سوڍا، نَڏا سوڍا، اکا سوڍا، مانا سوڍا، رائسل سوڍا، ڏيوراج سوڍا، لُوڻا سوڍا.
ڌاراورش جي ٽئين پُٽ تيجمال سنگهه جي پيڙھي مان وجود ۾ آيل سوڍن جون شاخون هي آھن.
ستلا سوڍا، ڌارا سوڍا، سُونگل سوڍا، ڏيپال سوڍا، ڀُوپال سوڍا، اَپ سوڍا، ڪَپ سوڍا، وڏيريا سوڍا، الڻ سوڍا، مالڻ سوڍا، گجپال سوڍا، ٻھُو پال سوڍا، مهندا سوڍا، ولهي سوڍا، اجيت سوڍا، اکمالود سوڍا، ملوت سوڍا.
ڌاراورش جو چوٿون پُٽ جگت سنگهه ٿيو. جنهن جو پُٽ رتن سنگهه ٿيو. رتن سنگهه جا ٻه پُٽ ٿيا، لکڌيرجي ۽ مُجوجي. اُھي ٻئي سوراشٽر مُڻي ۾ وڃي رهيا. انهن جو اولاد لکڌيروت سوڍا سڏرائي ٿو.
هاڻي ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته سوڍو سنڌ ۾ ڪڏھن، ڪيئن ۽ ڇو آيو.؟ ان لئه مختلف مؤرخن جي لکيل تاريخ کي تراشڻي پوندي. اتهاس کي حقيقتن جي پرڻ سان ڇاڻڻو پوندو. روايت آھي ته سوڍي کي سندس ڀيڻ ڪلياڻ ڪنور (سچيا ماتا) دعا ڪئي هُئي ته تون سنڌ تي راڄ ڪندين. ان بابت ڪوي شڪتيڏان جي شاعري ساکي آھي.

سو واڙي سچيا رو آڏُو اِشٽ انُوپ
سوڍي ني ور سمپيو ڀيو ڍاٽ رو ڀُوپ

(شوواڙي جي سچيا ماتا پنهنجي اشٽ ديو مهاديو جي ڪرپا سان سوڍي کي ور (دعا) ڏنو ۽ ھُو ڍاٽ جو راجا ٿيو.)

سُت چاهڙ سوڍو سپهه هال رتو گڊ هيل
اگياري سو اڪياسئي مها سُڌ تيرس ميل

(چاھڙ راوَ جي سپوٽ پُٽ سوڍي يارنهن سؤ ايڪاسي وڪرمي سنبت جي مانگهه مهيني جي ساهي تيرس تي رتي ڪوٽ تي قبضو ڪيو هو.)

چوڻ وارا چون ٿا ته سوڍي پنهنجي راڄڌانيءَ ڪراڙو کان ڪوچ ڪري پهرين رتي ڪوٽ تي قبضو ڪيو. جتي هڪ صديءَ تائين راڄ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي حُڪومت جي حدن کي وڌائڻ لئه امرڪوٽ سومرن کان ڇني ورتو .

کٽ ويس اوسر توٽا کگان هُوران وڙي هلا ويو،
ٻاري سو ورس ٻيانسي سوڍو امرڪوٽ آ ويو.

مٿئين دوهي مان صاف ظاهر آھي ته سوڍو هڪ صدي تائين رتي ڪوٽ ۾ ئي راضي رهيو بعد ۾ ٻارنهن سؤ ٻياسي وڪرمي سنبت ۾ امرڪوٽ تي راڄ ڪيو. محترم رائچند هريجن لکي ٿو ته ”سوڍو ۽ سندس پُٽ چاچڪ ديو رتي ڪوٽ ۾ رهيا. چاچڪ ديو کان پوءِ سندس پُٽ راجديو/ رائديو رتي ڪوٽ جي گادي تي ويٺو“
تيجسنگهه سولنڪي پنهنجي ڪتاب ”امرڪوٽ سنڌ جو اتهاس“ ۾ لکي ٿو ته ”جيئن ته ڌرڻي وراھ جو وڏو پُٽ مهيپال آبو جو راجا ٿيو ۽ ٻئي پُٽ باهڙ کي ڪجهه نه مليو، تنهن ڪري هو وڃي راڌنپور رهيو. سندس وڏو پُٽ نالي سوڍو سنڌ جي سومري حاڪم وٽ 1125ع ۾ لنگهي آيو جنهن مهرباني طور کيس رتو ڪوٽ (هي ڪوٽ کپري تعلقي ضلع ٿرپار (هن وقت سانگهڙ ۾ اچي ٿو) ۾ کپري جي ڳوٺ کان ڇهه ڪوھ اُتر ڍوري جي ڀرسان اڃان ڦٽل صورت ۾ موجود آھي) ڏنو.“محترم تيجسنگهه جي پهرين راءِ ته باھڙ راوَ کي ڪجهه نه مليو سو هو وڃي راڌنپور ۾ رهيو. سو بلڪل درست ناهي ڇاڪاڻ ته باهڙ راوَ ٻاڙمير شھر وسايو هو نه ڪي راڌپڻ پور ۾ رهيو هو. باھڙ راوَ ڪراڙو ۾ به رهيو هو. راڌڻپور ۾ ته سندس پوٽو سوڍو ڪجهه وقت لئه رهيو هو. تيجسنگهه اڳتي لکي ٿو باھڙ جو وڏو پُٽ سوڍو سنڌ ۾ آيو. اهو به درست ناهي ڇاڪاڻ ته سوڍو باھڙ جو پُٽ نه پر پوٽو هو. باھڙ جو پُٽ چاهڙ راوَ هو جنهن چاهڙسر نالي ڳوٺ ٻَڌو هو. چاهڙ راوَ جي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ سوڍو ڪجهه وقت راڌڻپور ۾ رهيو جتي سچيا ماتا وردان ڏنو ته سنڌ تي وڃي راڄ ڪر ان کانپوءِ سوڍو سنڌ ۾ آيو. سوڍن جي اڪيلي اتهاسڪ ڪتاب ”سوڍائڻ“ ۾ ڊاڪٽر شڪتيڏان ڪويا لکي ٿو ته، ”سوڍو پنهنجي مددگار جان نثار ساٿين سان گڏجي سنڌ ڏي سنڀريو. ڇھن ڏينهن جي مسافري بعد ستين رات جو رتي ڪوٽ تي حملو ڪري رتي مغل کي ماري پنهنجو راڄ قائم ڪيو“ هاڻي ان مان صاف ظاهر آھي ته هن کي مهرباني طور رتوڪوٽ نه مليو هو. مُغل ۽ مهرباني ٿي ئي نه ٿو سگهي. جيئن تيجسنگهه ڄاڻايو آھي.
تيجسنگهه سولنڪي وڌيڪ لکي ٿو ته ”سوڍو ۽ سندس پُٽ چاچڪ ديو رتي ڪوٽ جي حُڪومت ۾ ئي راضي رهيا. چاچڪ ديو کان پوءِ راج ديو عرف راءِ ديو رتي ڪوٽ جي گادي تي ويٺو. جيئن ته سوڍي کي رتي ڪوٽ ۾ آئي سؤ ورھ اچي ٿيا هُئا. انهي ڪري سندس پويان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي ويا هُئا. سنڌ جي عياش سومرن جي پوتي به ڪشي ڇڏي هيائون. سومرن جو راجا ٺٽي ۾ رهندو هو. جو امرڪوٽ کان 50 ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. انهن سڀني سببن جي ڪري رائديو امرڪوٽ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. امرڪوٽ جي حقيقت وٺڻ لئه جنف چارڻ کي موڪليائون جو کين تسلي هُئي ته سومرا راجپوتن کي چارڻ جي امرڪوٽ اچڻ تي ڪو به شڪ ڪونه پوندو. راجديو جو انومان ٺيڪ نڪتو، جنڦ چارڻ بنان رڪاوٽ جي امرڪوٽ جي سموري حالت کان واقف ٿي راج ديو کي امرڪوٽ ڪاھ ڪرڻ لئه همٿائي وٺي آيو. تٿ ساتم سهائي مهينو ويساک سنبت 1282 وڪرمي برابر 1226ع جي يڌ لڳي. وجئه مڪٽ راجديو جي مستڪ تي شوڀڻ لڳو.“
محترم ڀارومل امراڻي ”همروٽ ڇتيسي“ ۾ لکي ٿو ته”سوڍي کان پوءِسندس پُٽ رائديو(راج ديو) راڄ سنڀاليو. رائديو کان پوءِ سندس پُٽ چاچڪ ديو راجائي سنڀالي. راڻا چاچڪ ديو داناءُ ۽ بهادر هو. هن راڄ سنڀالڻ سان ئي امرڪوٽ فتح ڪيو. چارڻن کي کاروڙو دان ۾ ڏنو هئائين.“
ڪوي شڪتيڏان ڪويا جي شاعراڻي ڪتاب ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ جي ڀوميڪا ۾ ڀومي جي ڀلماڻسئي جيتمال سنگهه سوڍي لکيو آھي ته”سوڍاجي سنڌ جي ڪُشاشڪ رتي مُغل کي جنگ ۾ هارائي پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي ۽ راڻا جي لقب سان راڄ ڪرڻ لڳو. سوڍي جي ئي پيڙھي مان راڻا رائديوجي امرڪوٽ جو راڄ سومرن کان ڇني ورتو.“ اڳتي لکي ٿو ته”راڻا جئه ڀرم جي پُٽ راڻا جسهڙ امرڪوٽ تي پنهنجو راڄ 1282 وڪرمي سنبت ۾ قائم ڪيو ۽ هن ڪم ۾ سندس مددگار جنڦ ڏيٿا چارڻ کي کاروڙي جي جاگير ڪروڙ پساوَ ۾ دان ڪئي.“
هاڻي انهن سڀني مؤرخن جي الڳ الڳ راءِ آھي.تيجسنگهه سولنڪي موجب سوڍي جو پُٽ چاچڪ ديو هو ۽ چاچڪ ديو جو پُٽ راجديو ٿيو جنهن امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ جنڦ چارڻ کي کاروڙو دان ۾ ڏنو. محترم ڀارو مل امراڻي جي راءِ آھي ته سوڍي جو پُٽ رائديو ٿيو ۽ رائديو جو چاچڪ ديو. سڄي گنگا ئي اُلٽي. پيءُ کي پُٽ ۽ پُٽ کي پيءُ ڪري ڇڏيو. ڀارو مل موجب چاچڪ ديو امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ ان ئي جنڦ کي کاروڙو دان ڪيو. جيتمال سنگهه جي راءِ موجب رائديو امرڪوٽ هٿ ڪيو ۽ ٻارنهن سؤ ٻياسي ۾ راڻا جئه ڀرم جي پُٽ جسهڙ امرڪوٽ تي راڄ ڪيو اهو به بلڪل غلط آھي ڇاڪاڻ ته 1282 وڪرمي سنبت تي جسهڙ نه پر رائديو امرڪوٽ هٿ ڪيو هو. وڌيڪ لکي ٿو ته ان جي مدد ڪندڙ جنڦ چارڻ کي کاروڙو دان ۾ ڏنو. جيتمال سنگهه جي ان راءِ سان ته سهمت آھيان ته امرڪوٽ رائديو سومرن کان ڇني ورتو جنهن جي باري ۾ هي دوهو به شاهدي ڏي ٿو ته :
کٽ ويس اوسر توٽا کگان هُوران وڙي هلاويو،
ٻاري سو ورس ٻيانسي سوڍو امرڪوٽ آ ويو.

باقي جسهڙ جو امرڪوٽ هٿ ڪرڻ واري ڳالهه درست ناهي. جڏھن ته حقيقت اها آھي ته امرڪوٽ راجديو هٿ ڪيو هو جيڪو چاچڪ جو پُٽ هو. جنڦ کي کاروڙي جي جاگير انهن ٻنهي مان ڪنهن به ڪون ڏني هُئي. جنڦ کي جاگير ڏيڻ وارو سخي ڏاتار جئه ڀرم جو پُٽ جسهڙ هو. جنهن سنبت ٻارنهن سؤ وڪرمي ۾ (ڏهاڪو صحيح معلوم نه ٿو ٿئي ) جنڦ کي بنان ڪنهن لالچ جي ڪروڙ پساوَ ۾ دان ڪيو هو. جنهن بابت پراچين ڇپايو اڄ به مشھور آھي.

سهس ڌين سلوار اسي ڌر واهڻ اگگل
ترڻ سو کونڊي تيس جڪي دُوجڻ مهاجل
سانڍي ڪرها سو سات ڌُڙڪ پچاس دُئاگل
ڀجڙ ويسان دس ڀلا جڪي باج جهڙا ويگاگل
اڌڪوڙ گرٿ جسهڙ اُچت ايڪاڻوئي پرمار هو
جنڦ نان ڏيڌي کاروڙو سمت ٻاري جئه ڀرم سهو.

مذڪوره ڇپايي ۾ ڄاڻايل آھي ته جئه ڀرم جي پُٽ جسهڙ وڪرمي سنبت ٻارنهن سؤ ۾ جنڦ ڏيٿا چارڻ کي ڪروڙ پساوَ (راجپوتن پاران چارڻ ڪوين کي دان ڪرڻ وارو مقرر قائدو) ۾ ڪروڙ پساوَ جي رقم مطابق اڌ رقم جو مال دان ڪيو، جنهن ۾ ڀلا گهوڙا، هاٿي، مينهون ڍڳيون وغيره ۽ اڌ رقم جي زمين دان ڪئي، جيڪا پنڌرنهن سؤ ايڪڙ پوکي لائق هئي. اڄ به جنڦ جا پويان ان کي پوکين ٿا.
تاريخي توڙي جاگرافيائي لحاظ سان رتي ڪوٽ جي گادي ڍاٽ کان بلڪل الڳ آھي. ان ڪري رتي ڪوٽ تي راڄ ڪندڙ سوڍي ۽ سندس پُٽ چاچڪ ديو کي ڍاٽ (امرڪوٽ) جي گادي واري سلسلي ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڍاٽ رتي ڪوٽ کان الڳ آھي. ڍاٽ يعني امرڪوٽ تي سوڍن جي پهرين بادشاهي سن 1226ع کان وٺي 1330ع تائين 104 سال رهي.سن 1330ع ۾ سنڌ جي سومري حاڪم دودي ٽئين راڻي ڌاراورش کان راڄ کسي ورتو. 1330ع کان 1439ع تائين 109 ورھ امرڪوٽ سوڍن جي هٿ مان نڪري ويو. پنهنجو وڃايل راڄ وري راڻي همير 1439ع ۾ هٿ ڪيو.1439ع کان وٺي 1709ع تائين 270 سال امرڪوٽ مڪمل طرح سوڍن جي صاحبي ۾ رهيو. ان کان پوءِ به راڻپ واري پدوي اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. ڍاٽ جي گادي تي پهريون نمبر راڻو ويٺو هو راڻو رائديو. ڍاٽ جي گاديدار راڻن جي شروعات رائديو کان ڪرڻ گهرجي. ان حساب سان موجوده راڻون ڇويهون نه پر ڇٽيهون راڻو آھي. اڄ ڪلهه جا مؤرخ الئه ڇو پورا ڏھ راڻا غائب ڪري ڇويهون راڻو لکن ٿا. جڏھن ته ڍاٽ جي راڻن جو صحيح شُجرو هن ريت آھي.
(1) راڻو رائديو/راج ديو (2) راڻو جئه ڀرم (3) راڻو جسڌر/ جسهڙ (جنڦ چارڻ کي ڪروڙ پساوَ ۾ کاروڙو جي پنڌرنهن سؤ ايڪڙ جاگير ۽ تمام گهڻي چل سمپتي دان ڪندڙ) (4) راڻو سوميشور (5) راڻو ڌارا ورش (هن جو ٻيو پُٽ آسراءِ پارڪر لڏي ويو، جنهن جا پويان پارڪر جا راڻا ٿيا جن انگريزن کي ٽوٽا چٻايا هئا.) (6) راڻو دُرجن شال/ دُرجن سنگهه (7) راڻو کينئرو (هن جيسلمير جي مهاراول جي گهران شادي ڪرڻ وقت سانڀيلي/ سامئيي کان تورڻ تائين پهچڻ وقت يجمانن/ ڪَسبين کي پنڌرنهن سؤ گهوڙا ريجهه/دان ۾ ڏنا هُئا. ان ڪري اڄ به چونئري وقت ”راڻو کينئرو“ گيت ڳايو وڃي ٿو. هن ئي چارڻياڻي مهاشڪتي جوماديهه کي پنهنجي ڌيءَ ڪري ٻُڌا ڀاٽي سان پرڻائي هُئي. جوماديهه جو قسم کنيل هو ته هُوءَ ڪنهن به چارڻ سان نه پرڻبي. ان ڪري هُوءَ راڻي کينئري وٽ هلي آئي) (8) راڻو اوتار ڏي) هن مارواڙ جي منڊور پرڳڻي جي راوَ چونڊاجي جي راجڪماري ڦُولڪنور سان شاديءَ ڪرڻ وقت يجمانن / ڪَسبين کي ٽي هزار گهوڙا ريجهه / دان ۾ ڏنا هئا.) (9) راڻو همير (هن ڪامل درويش پير پٿوري سان جنگ ڪرڻ لئه چڙھائي ڪئي هئي، پر ترت ئي مرشد جي ڪرامتن کان ڊڄي پيش پيو هو.) (10) راڻو ڏوڏو (هن راڻي همير جي صغير پُٽ ويسي کان دوکي ۾ راڄ کسيو هو .هن کي مهاشڪتي ڏيول ماتا ويرمُٺ ھڻي ماري واپس راڄ ويسي کي ڏياريو هو.)(11) راڻو ويسو/ويرسين (12) راڻو تيجو (13) راڻو چانپو (14) راڻو گانگو (15) راڻو پتو / پرشاد (هن دهليءَ جي حاڪم هُمايون مغل کي پناھ ڏني هُئي. افغانستان جي پٺاڻ شير شاھ سوري کان شڪست کائي پناھ لاءِ سنڌ جي سوڍي وٽ هلي آيل همايون کي راڻي پرشاد نه رڳو وڏي عزت ڏني پر شير شاھ سُوري سان جنگ ڪرڻ لئه ايران جي شاھ کان مدد حاصل ڪري ڏني. همايون جي بيگم حميده بانو کي ڀيڻ ڪري شاھي عزت ۽ آدر ڏنو. هتي ئي مغل اعظم اڪبر بادشاھ جو جنم سن 1542ع ۾ ٿيو.) (16) راڻو چندرسين (هي راجا سورج سنگهه جو سهرو هو.) (17) راڻو ڀوجراج (18) راڻو ايسرداس (هن کي جيسلمير جي راجا اول سٻل سنگهه سنبت وڪرمي 1710 ۾ گادي تان لاهي راڻي گانگي جي پوٽي جئسنگهه عرف جگ سنگهه کي امرڪوٽ جي گادي تي ويهاريو.)(19) راڻو جئه سنگهه/ جگ سنگهه (20) راڻو سُرتاڻ سنگهه (هن پويان سوڍن جي سُپر ڪاسٽ سُرتاڻ وجود ۾ آئي.) (21) راڻو آسڪرڻ (22) راڻو سگرام سنگهه (23) راڻو مهراج (24) راڻو ڪيسر سنگهه (25) راڻو کيمون (هن جي پيڙھي مان راڻو رتن سنگهه ٿيو. جنهن کي انگريزن بغاوت جي ڏوھ ۾ ڦاسي ڏني.) (26) راڻو سگرام سنگهه ٻيو (27) راڻو شوراج سنگهه (28) راڻو سٻل سنگهه (29) راڻو مهراج ٻيو(هن جي وقت ۾ راڻي رتن سنگهه انگريزن سان وڙھي پنج هزار ايڪڙ جاگير هٿ ڪئي هئي، جيڪا اڄ به موجوده راڻي هميرسنگهه وٽ آھي.) (30) راڻو ڀڀوت سنگهه (31) راڻو صورت سنگهه (32) راڻو پيرڏان سنگهه (33) راڻو جسونت سنگهه (34) راڻو ارجڻ سنگهه (35) راڻو چندرسنگهه (هي وڏو مها پرتاپي راڻو هو.) (36) راڻو همير سنگهه. موجوده راڻو

ڌاراورش سوڍي جو ٻيو پُٽ آسراءِ پارڪر لڏي ويو جنهن پارڪر جي گادي تي پنهنجو راڄ ڪيو. پارڪر جي گاديدار راڻن جو شجرو همروٽ ڇتيسي ۾ محترم ڀارومل امراڻي هن ريت ڏنو آھي.
”آسراءِ ، ديو راج ، سلک/ سڙڪجي، ديپو، کنگهار، ارجڻ جي، ڀيم جي، ويرسل، ڀاکرسي، گانگوجي، اکوجي، ماڻڪ راءِ، لوڻجي، ڏيپار جي، رامسنگهه، وڻوير جي، رائڌڻ جي، گجسي، ڪانجي/ڪرڻجي، رتن جي، هميرجي، رڻڇوڙجي ۽ انچل سنگهه.“
انچل سنگهه پارڪر جو آخري راڻو ٿيو جيڪو بعد ۾ هندستان لڏي ويو. راڻپ واري پدوي به ساڻس گڏ کڻي ويو.
سمي جي ٻلوان سوڍن جي صاحبي ڍاٽ جي لئه اها ڳالهه تمام وڏي فخر واري آھي ته ان جي گناتپي/ رشتيداري تمام وڏن ماڻھن سان رهي آھي. ڍاٽ جا سپوت سوڍا پاڻ مهاراجائن، مها راولن ۽ ٺڪاڻيدار جاگيردارن جون ڪنيائون پرڻيا آھن ته پنهنجون ڌيئرون به مهاراجائن، راولن ۽ لوڪ ديوتائن ۾ پرڻايون آھن. راڻو کينئرو جيسلمير جي مها راول جي راجڪماري سان پرڻيو هو.راڻو اوتار ڏي منڊور جي راوَ چونڊاجي جي ڌيءَ ڦُولڪنور سان پرڻيو هو. ڍاٽ جون پنجٽيهون راڻو چندرسنگهه سوڍو راوتسر جي راوت تيجسنگهه جي گهران پرڻيو هو. اهڙي طرح انهن پنهنجي ڌيئرن جي سڱاوتي به مهان ماڻھن سان ڪئي. راجسٿان جي پنج پيرن ۾ مشھور ۽ لوڪ ديوتا ويرپاٻو جي راٺوڙ ۽ تنور راما پير ٻئي امرڪوٽ جي سوڍن مان پرڻيا هئا. سورج مل سوڍي جي سندر ڪنيا ڦُول ڪنور سان پاٻوجي راٺوڙ پرڻيو هو ۽ سوڍي دلجي جي معذور نياڻي نيتل ٻائي سان راما پير پرڻيو هو. راما پير سان شادي ڪرڻ کان پوءِ نيتل ٻائي جي معذوري ختم ٿي ويئي.
امرڪوٽ پرڻيا اُڀئه مهي ٻنڌي سر موڙ
تونئر رامسا پير تيون رنگ پاٻو راٺوڙ

(امرڪوٽ جي سريلي ڌرتي تي مٿي تي مُوڙ ٻڌي، ڏهي للاڙ وٺندڙ تنور راما پير ۽ ٻاپوجي راٺوڙ اوهان کي سلام آهي.)

ان کان سواءِ تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ کاروڙي مالڏي مان ڪڇ جو راءِ ڀارو به پرڻيو هو. جنهن جو سپوٽ پُٽ جئهليو وڏو سخي ڏاتار ٿي گُذريو آھي.جنهن جي باري ۾ پراچين دوهو ملي ٿو ته:

جئهليا ڀاري تڻان، جگ ڦري جو
جات سمون سڀڪو، رات سمون نه ڪو


(ڪوي چئي ٿو ته را ڀاري سمي جي جئهلئي جهڙا سمان سموري دنيا گهمي ڏس. ذات جا سمان ڪيئي ملي ويندا پر جئهلئي جي رات جهڙا نه ملندا. مطلب هُو پنهنجي رات ڄائو هو.)
ريگستان جي راڻن ۽ سنڌڙي جي سوڍن جو تاريخ جي ترازُو ۾ سخاوتي پلڙو به ڀاري آھي. جنڦ چارڻ کي کاروڙي جي جاگير خيرات ۾ ڏيندڙ ”راڻو جسهڙ“ ڏاتارپي جو وڏو نالو هو. سانڀيلي کان تورڻ تائين پهچڻ وقت چارڻن،ڀاٽن ۽ ڀانن کي پنڌرنهن سؤ گهوڙا دان ڪندڙ ”راڻي کينئري“ کان وٺي پرڻجڻ وقت ٽي هزار توکر ڪسٻين کي دان ۾ ڏيندڙ راڻي ’’اوتار ڏي‘‘ تائين سخي سوڍن جو هڪ اهڙو سلسلو آھي جيڪو نسل در نسل تسلسل جي روپ ۾ هلندو اچي. سخاوت ۾ ڪيئي سوڍا سپوٽ ٿي گُذريا آھن. پوءِ اهو چيلهار جي چارن ۾ ڄار جي وڻ ھيٺ اوتارو اڏي منگتن کي منهن منڱيا دان ڏيندڙ ”جهوجهار سنگهه سوڍو“ هُجي يا چارڻن کي اڻ گهريا اُٺ گهرين پُڄائيندڙ ڇور جو مور ”دولت سنگهه سوڍو“ هجي. ڏاهلي گج ڏاڻ جي وجئري سوڍي وڏ ھٿ ”واگهجي“ جا ڀلا ڪهڙا واکاڻ ڪجن جنهن جي سخاوت کي ساراهيندي جهانڦلي جي جهيٻي ڪيسر نڪلنڪ سوڍي جو نانءُ ڏنو آھي. پارڪر جي مٽيءَ به وڏا سخي سوڍا ڄڻيا آھن جن ۾ چندن گڊ ۾ چويهه ورھ هر روز ڪروڙ پساوَ ڪري پوءِ ڏندڻ پاڻي ڪندڙ ”راڻي چندن“ کان وٺي وانڍئي ڳوٺ جي وڏي ڪوي چارڻ سُوري کي گُجرات جي حاڪم احمد شاھ جي عذاب کان بچائيندي پنهنجو سر وڍي ڏيندڙ پارڪر جي ”پُنراج سينڌل سوڍي“تائين ڪيئي اهڙا نرالا نالا آھن جن جي ڏاتارپي جا ڏس وطن جي اتهاس جو ورق ورق ڏي ٿو. جن جي قربانين سان تاريخ جا ڪتاب ڀريا پيا آھن.سوڍن جي سخاوت، سُونهن، سورهيائي، سچائي، سُلڇڻائي، حُب الوطنيءَ ۽ هوشياريءَ تي آئون اڃان ڪجهه وڌيڪ لکان ها پر منهنجو وڌيڪ لکڻ شايد قصيده نويسي ۾ شُمار ٿي وڃي ان ڪري آئون مجموعي طور سوڍن جي تاريخي تعارف لئه محترم ڀارومل جي هي ڀلوڙ راءِ اوهان لائق پڙھندڙن اڳيان پيش ڪندس ته هن کي پڙھي توهان پاڻ فيصلو ڪجو ته سنڌڙيءَ جا سوڍا قدرشناسي جي لائق آھن يا نه؟
”وقت جي سچن ۽ کرن ڪوين، سوڍن کي ڳايو آھي. ڪردار جو ڪچو ڪو به ماڻھو، ڪهڙي به ڪُڙم مان ٿي سگهي ٿو، پر مجموعي طور تي سوڍو سنڌ ۾ پيار، پريت،ريت، رسم ۽ ماڻھپي جو مثال آھي. رڻمل سوڍي، جوڌا سنگهه، هانسي سوڍي، راڻي ڪرڻجي، لڌو سنگهه ۽ اُڌيسنگهه سوڍي تائين سرويچ سوڍن سنڌ جي سينڌ کي، ڪنوار جي سينڌ جي سندُور جيان پنهنجو رت ڏيئي ريٽو ڪيو آھي...‘‘
صديون اڳ سوڍن جي صاحبي کي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏسنداسين ته به انهن ڀومي جي وير بهادرن جي تصوير سياري جي سج جيان صاف شفاف ۽ چٽيءَ ڏسڻ ۾ ايندي. پهرين ڪوي بانڪيداس جي شاعري ۾ سوڍن کي ڏسون ٿا. ڪوي بانڪيداس ان دؤر ۾ امرڪوٽ آيو هو جنهن دؤر ۾ ڍاٽ پرڳڻو جوڌپور جي مهاراجا وجئه سنگهه جي هٿ هيٺ هو. اُن وقت هُن سوڍن کي پنهنجي شاعري ۾ هن ريت بيان ڪيو ته:

ڪيرت وليان ڪاهلا دِت وليان دوڍاھ
پرڻيجي ساري پرٿي گائيجي سوڍاھ

راڻا امرڪوٽ را گيا جمارو جيت
جيان را منگل ڌمل ۾ گوريجي جس گيت

سوڍا امرڪوٽ را سر ڪٽيان شمشير
واهي هڻيا ويرهر وانڪا ڀارٿ وير

ايڪ ايڪ سُون آگلا راڻا امرڪوٽ
پرگٽ ھُوئا پرمار وي ماڻينگر منموٽ

انهن ئي وقت جي وير بهادرن ۽ سنڌڙيءَ جي سپوت سوڍن کي بارائي جي ڪوي شڪتيڏان ڪويا به ڪيڏي نه خوبصورت ڀيٽا ڏني آھي.

هُوي جگ ۾ هوڪٻا راگ تڻو انوراگ
پورس انمي پاگ ۾ ڀل سوڍا وڏ ڀاگ

ڌرتيءَ اُوجل ڍاٽ ري والهي واٽ وسيس
ٿرو امامو ٿاٽ وهي ھاٽ رهاڻ هميس

سوڍا رنگ ليڌا سدا ريڌا گُڻ راجاڻ
ڪيڌا اڀري ڪوياڻ ڏيڌا سانسڻ ڏاڻ

سُوروير سوڍاڻ ۾ جلمي ٿيٽُو جاڻ
لي ڪرپاڻ رڻ ڌڙ لڙي اُتبنگ پڙ امراڻ

سانڀڙ ڪيرت سنڌڙي نرمل ڀڙڪي نُور
سوڍا ريجهاڙُو سڪل پرمل جس ڀرپُور

گهاٽ انوکي جس گهڙت هئي هيت ري هاٽ
جُوني تلڪ للاٽ جگ درُو تاري جَيُون ڍاٽ

ورهاسان ناسان وجي پرٿمي ٿرڪي پوڙ
گجب ڍاٽ گڻگور ري ڏيٺي واھ گهُڙ دوڙ

تور انوٺي تريوٽ پيچ موليو پاڻ
تن ڪسيا جرڪس تُري سُڀٽ جڪي سوڍاڻ

چوڻ وارا چون ٿا ته امرڪوٽ جي راڻي اوتار ڏي جي دؤر حڪومت ۾ ڍاٽ ۾ قحط ڏُڪار پيو هو. ان وقت راجستان جي ڳوٺ جانري مان مالهڻ ماتا جو پاٽوي ڀوپو هريو سندس ڀائر سان ڪاوڙجي ٿر جي ڳوٺ کاريو غُلام شاھ ۾ اچي رهيو هو. اهڙي قحط ڏُڪار ۾ به هريي ڀوپي جون مينهون سائو گاھ چرنديون هيون. اهڙي خبر ڪنهن خابرو راڻي اوتار ڏي کي ٻُڌائي جنهن پنهنجي وزيرن کي حُڪم ڏنو ته، اهڙي ماياوي ماڻھون کي ٻَڌي کڻي اچو. وزير جڏھن کيس ٻَڌي کڻڻ لئه آيا تڏھن هريي کي اڳواٽ خبر پئجي ويئي. وزير جڏھن هريي وٽ پهتا تڏھن هريي چيو ته ٻڌي کڻڻ لئه آيا آھيو.؟ تڏھن انهن ها ڪئي. هريي چيو ته ترسو پهرين هي لوڙي کڻي هلو. هريي انهن جي اُٺ تي ماتاجي جي لوڙي رکي ته اُٺ اُٿئي ئي نه. هيڏي ڪرامت ڏسي انهن هريي کان معافي گهري. هريي چيو اوهين هلو آئون پاڻھي اچان ٿو. چون ٿا ته، وزيرن کان اڳ هريو امرڪوٽ جي لانٻي تلاءِ تي پُڄي ويو ۽ ماتا کي پُڪاريندي برسات گهرڻ لڳو. ٻارنهن ميگهه وسي پيا. راڻي اوتار کي خبر پيئي جنهن کيس گهرائي وڏي عزت ڏني. هريي کي جاگير ڏيڻ جي آڇ ڪئي. تڏھن هريي وراڻيو ته تون وڏو ماڻھون آھين. تنهنجو اولاد سڀاڻي آڪڙ وارو ٿيندو ۽ آئون ننڍو ماڻھون، منهنجو اولاد سڀاڻي تنهنجي اولاد سان نه هلي سگهندو ۽ تنهنجو اولاد پٽجي ويندو. ان ڪري سُٺو ان ۾ آھي ته آئون تو کان پري رهان. تڏھن راڻي اوتار ڏي پنهنجي وزير کي حُڪم ڪيو ته گهوڙو وٺي ٿر ڏي وڃ جتي سج لهي اتي کونٽو کوڙي اچ اتي هريي کي ڳوٺ اڏي ڏيون. چون ٿا ته موجوده هريار ڳوٺ وٽ سج لٿو ۽ اتي هريي ڀوپي جي نالي سان ڳوٺ هريار ٻڌو ويو. هريي ماتاجي سان مخاطب ٿي چيو ته اي ماتا! هاڻي تنهنجو ٿان ڪٿي ٺاهيان. ماتا کيس چيو ته جتي شينهن جي ليٽ ڏسين اتي ٿان ٺاهج. چون ٿا ته، هريار جي ڳوٺ ۾ جيڪو جهوپڙي وارو مندر آھي، جتي پيهي کُلندي آھي اتي ۽ ٻيو مٺي واري روڊ تي جيڪو ٿان آھي اُتي شينهن جي ليٽ ڏسڻ ۾ آئي هئي. هريي ڀوپي راڻي اوتار ڏي کي وڏي دعا ڏيندي اهو وچن ڏنو هو ته، جيسيتائين ھريار ھوندي تيسيتائين اوھان جي راڻپ ھلندي رهندي.
ھرياڻي ھريو ھوئو امراڻي اوتار
ڏوني گھر برابر پرٿمي موٽا پرمار
(هريار ۾ هريو رهيو ۽ امرڪوٽ ۾ اوتار ڏي. ٻئي هن ڌرتيءَ جا وڏا پرمار پريوار هئا.)

مالهڻ ماتا جي شان ۾ چيل ڇند هيٺ ڏجي ٿو.

چئورياسي سڌ چارڻي
نولاک لوڙيالي
صحيح ڪل ڄاڻ
ميري آڻي نھين آوي،
آوي نرسنگهه جيٿ ري آڻ
مالي وسي منڏور
ھريو وسي ھريار
مالڻ مانڏاڻو ميليو
گونگڙي ري گھاٽ
لاوڻ والين چوسٽ جوگڻين
جسڪو ميلان ھون جوگڻين
جوگڻ موٽو جاپ
جوکو آوي نھين جيو نان
تن نه آوي تاپ
ڌڻي ڌڻ سامليو
ڪل ڏيوي چوٽيلي چامونڊا
ھمير ڀاٽي ٻاوليو
ڏاوو رکان کيتر پال
جمڻو رکان نرسنگهه وير
ھينئي رکان ڪالڪا ڏيوي
اوپر رکان ھنومان وير
الٽ ڏيوي پلٽ ڪايا
ھاڪ مانري ھنومان آيا
ھنومان پتر ڌڌڪا کلايا
اجني ڪا جايا
اوڌوت آيا
ڪھو تو مير پربت ڦير ڌران
ڪھو تو سورج چندر ايڪ گھونٽ ڪران

ڍاٽ جي راڻپ وارو پريوار اڄ به هريار واري مالهڻ ماتاجي جي وڏي شرڌا سان شيوا ڪري ٿو. ڍاٽ جي سُرتاڻ سوڍن جي ڪُل ڏيوي کاروڙي جي ڌڻياڻي چارڻي مها شڪتيءَ ڏيول ماتا آھي. جنهن جي ديا سان انهن جي راجائي وارو ڌوَج اڄ به اوچي ڳاٽ سان ڍاٽ ۾ ڦڙڪي ٿو.