سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

اڀيسنگهه سوڍو

اڀيسنگهه سوڍو

ننگر جا نڏا سوڍا هن وطن جي شاندار سُڃاڻپ هئا. انهن وٽ مٽيءَ جي مريادا جي اهميت عام ماڻھن کان الڳ هئي. اُھي جتي وطن جي سرحدن جي حفاظت لئه سر گهوري سرها ٿيندا هئا اُتي وطن جي هر پڌارٿ سان بي پناھ پيار به ڪندا هئا. اُهي سندن وڏڙن کان وراثت ۾ مليل پيڙھياتين پرمپرائن کي پارڻ چڱي ريت ڄاڻيندا هئا. اُھي پرجاپتيءَ ۽ رعيت جا رکوالا هئا. اوطاقون هلائڻ به انهن جو اعليٰ ظرف هو. ننگر جي انهن نامور سوڍن ۾ اڀيسنگهه سوڍو به هڪ هو. اڀيسنگهه جنهن جي اوطاري ۾ ويهي ماڻھون محبتون پرائيندا هئا. اهو اڀيسنگهه جيڪو پنهنجي ديس جي غريب جنتا جي نه رڳو رکشا ڪندو هو پر، انهن جي ننگ ۽ ناموس کي پنهنجي عزت سمجهي عزت ڏيندو هو. هُو سموري عمر مٿي تي پٽڪو ٻڌي هلندو هو. مٿي اُگهاڙو هلڻ هن جي صفت ۾ ئي نه هو. هاريءَ ناريءَ جو وڏو خيال ڪندڙ هي با اخلاق سوڍو سدائين ريتن جو رکوالو رهيو. سانگا جي جل ٿل جوڀن جهڙو هي پُرجلال سوڍو نه رڳو امل جي اهميت کي سمجهندو هو پر، دل جو درياءِ ۽ سخي هئڻ سان گڏو گڏ وڏو مهمان نواز به هوندو هو. سندس گهر جي ڀر ۾ موجود ڪچسري ڪوٽڙيءَ جو ڪک ڪک اڄ به شاهدي ڏيندو ته اڀيسنگهه جي امل ۾ ڪنهن لئه به ٻيائي نه هوندي هئي. امير غريب هر ڪنهن کي هڪڙي ئي رنگ ۽ هڪڙي ئي ريت سان امل ڪرائيندو هو. اهو ڪو اڀاڳو ڏينهن هوندو هو جو اڀيسنگهه جي ڪوٽڙيءَ تي ڪو مهمان نه هجي. امل جي دٻلي سدائين کيسي ۾ پيل هوندي هئي. ڄام خان وانڍئي جي ڄام خاصخيلي سان سندس تمام گهري دوستيءَ هوندي هئي. ھُو هر روز ڄام خان جي اوطاري واري ڄار جي ڇاتلن ڇتن هيٺ ويهي امل ڪسونٻو ڪندو هو. ڄام خان آفيوم ڪونه کائيندو هو پر هن سوڍي جو هٿ نه واريندو هو. اڀيسنگهه کان امل وٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو هو ۽ بعد ۾ ٻئي ڪنهن ٻنڌاڻي کي ڏيئي ڇڏيندو هو. اڀيسنگهه کي به خبر هوندي هئي ته ڄام خان امل واپرائي ئي ڪونه پر، ڄام خان کي ڏيڻ کان سواءِ هن کي امل اُڳندو ئي ڪونه هو. اها هُئي دوستيءَ. چون ٿا ته ايڪهتر جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ ڄام خان هن جي وڏي رکشا ڪئي هئي. هڪ ٻئي تي ساھ ڏيئي پساھ ڏيندا هئا. راڄ مهاڄڻ جا مامرا به گڏجي سُلجهائيندا هئا. ايڪتهر ۾ انڊيا لڏي وڃڻ کان پوءِ ڄام خان جو جيءَ جهري پيو. هن جي اوطاري جي اڱڻ ۾ بيٺل ڄار جي وڻ جو ڪنڌ جهڪي ويو. اڀيسنگهه جي ڪوٽڙيءَ جا ڏيئا گُل ٿي ويا. سانگا سُڪي ويئي. ڪجلاسر جي اک مان ڪجل هاڻو ڳوڙھو ڪري ڌرتيءَ ۾ گم ٿي ويو. اڀيسنگهه ٿراد مان نيم سان پنهنجي جگري يار کي خط لکندو هو. هن آخري خط ۾ لکيو هو ته ”يار ڄام خان ٻيو ته ٺيڪ آھي جيئرو آھيان پر يار جمعدار اوهان ۽ ويراواه کان سواءِ امل (آفيم) لڳي ئي نٿو“ هن ننڍڙي خط ۾ هن پوري دؤر جو درد اوتي ڇڏيو هو. پنهنجي يار ۽ وطن کان سواءِ مڙي ساھ کڻي جيئڻ ۽ آفيم جو نشو نه ٿيڻ ڪيڏي نه پيڙا پُر ٿيل آھي ان هڪڙي خط ۾. ان پيڙا کي فقط ڄام خان ئي صحيح نموني سمجهي سگهيو هوندو، جنهن پاوڙياري ڳوٺ وٽ پنهنجي جگري يار کي آلين اکين ۽ ٽٽل دل سان الوداعي هٿ لوڏي وداع ڪيو هوندو.
ويراواھ جي واڳ ڌڻين جو جڏھن به ذڪر نڪرندو تڏھن اڀيسنگهه سوڍي جي امل کي ضرور ياد ڪيو ويندو. ويراواھ جي هن آخري گادي نشين راجپوت جو امل سان عشق جي حد تائين پيار هوندو هو. هُن جو امل سان عشق ان ڪري هو جو هُو راجپوتن جي ثقافتي رسم رهاڻ جو ڪوڏيو هو. راجپوتن جي رهاڻ آفيم سواءِ اڌُوري هوندي آھي. هن ثقافت کي صدين لئه جيارڻ چاهيو ٿي. هُن چاهيو ٿي ته اسان جي رهاڻ ٻين کان الڳ هجي، ان ۾ راجپوتي رسيا رنگ هجن. ان ۾ اسان جي پوروجنن کي يجمان رنگ ڏين. هُو جيستائين ننگر ۾ هو هن پنهنجي پرمپرا ۽ پنهنجي اصول کي پل به نه وساريو.
اڀيسنگهه انتهائي سادي قسم جو ماڻھون هو. هڪڙي ڀيري ڏاني دانڌل ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي کُلي ڪچهري رکيل هُئي. جتي خطي جا چڱا مُڙس سڀ گڏ ٿيل هئا. ڪمشنر ماڻھن جا مسئلا ٻُڌي رهيو هو. مسئلا ٻُڌڻ کان پوءِ آخر ۾ ڪمشنر تقرير ڪئي. تقرير ڪندي بار بار اهو جملو ورجائيندو رهيو ته اوهان ڳالهين تي عمل نه ٿا ڪيو. اڀيسنگهه هڪڙو ڀيرو ٻُڌو، ٻيو ڀيرو ٻُڌو نيٺ وڏي آواز سان چيائين سائين روز امل (آفيوم) ڪيان ٿو. پارڪري لهجي ۾ چيائين ڪمشنر سمجهيو ڪونه. ڪمشنر وري به تقرير جاري رکندي چوڻ لڳو ته توهان عمل نه ٿا ڪيو. هاڻ اڀيسنگهه کان رهيو نه ٿيو ۽ ھُن ڀري ڪچهري ۾ آفيوم جي دٻلي کولي ڪمشنر کي ڏيکاريندي چيو ته سائين رام جو سوڳند هڪڙو آئون نه پر، هي سڀ روزانو امل ڪندا آھن. تڏھن ڪمشنر ٽھڪن ۾ ٻُڏي ويو ۽ ھن سوڍي جي سچي دل ۽ معصوميت تي موهت ٿي داد ڏيندي چيو ته سوڍا اڄ آئون به امل ڪندس.
پارڪر ۾ سوڍن جي انگريزن خلاف بغاوت جي شروعات به ويراواھ جي واڳ ڌڻين وٽان ٿي هئي. انهن پنهنجي ڀومي کي ڀيلڻ نه ڏنو. پنهنجا پراڻ ڏيئي پنهنجو وطن بچائي ويا پر وطن انهن کي بچائي نه سگهيو الئه ڇو…؟ تاريخ جي تَن ۾ تير جيان چُڀندڙ اهو سوال صدين تائين هڪ معمو بڻجي رهجي ويو آھي ته اهڙن مريادا پرشوتم ماڻهن کي ڌرتيءَ ڇو ڪونه سَٺا؟ ارڙھن هزار ايڪڙ فرسٽ ڪلاس جاگير جي مالڪ جڏھن ڌرتيءَ ڇڏي هوندي تڏھن يقينن هُن جي دل به درد مان تڙپي اُٿي هوندي. هُن پنهنجي سانگا ڍنڍ کي آخري ڀيرو ڏسڻ مهل جيڪو سرد شوڪارو ڀريو هوندو ان جي ڪيفيت فقط هُو پاڻ ئي سمجهي سگهيو هوندو.
اڀيسنگهه جي جگري يار ڄام خان جي پوٽي ساگر خاصخيلي وايراواھ جي هن آخري تخت ڌڻي کي ساريندي لکيو آھي ته ”اهو ڪشادو اڱڻ نرين جي بجاءِ کِپ جي ڇاڄي سان ڍڪيل اورڙو، اندروني ڏيک ۾ اڇي نوار سان پيل کٽ، ڏيئن کان سواءِ اداس جارا، ڀُري ويل ڀتيون ۽ آفيم واري رس رهاڻ کان محروم ٿي ويل ڪوٽڙي! بس اهو ڪو گذريل پوڻي صدي جا عڪس آھن جيڪي اتهاس جي ڪينواس ۾ اڃان ڪروٽون موڙين پيا اهي ويراواه جي انهي آخري راجپوت گادي نشين اڀيسينگهه جي انهي نگاه جو رهجي ويل منظر آھن جيڪا هن ويندي ويندي پاوڙياري جي ڳوٺ وٽ بيهي ڦيري هئي. هُو ٿورو مُرڪيو هو ۽ پوءِ هليو ويو هو! اها ڳالهه مونکي ساڻس گڏ انهي پٿو بجير ڪافي سال اڳ ٻڌائي هئي! مونکي خبر ناهي ته اها سندس پاڇل پڇتاءُ جو ڪو پيغام هو يا انهي مُرڪ ۾ انهي مٽيءَ لاءِ ڪو سنيهو هو جنهن تي هو ڪڏھن به مٿي اگهاڙو نه هليو هو! پر چڱائي انهي مرهيات گابر خاصخيلي ۽ سندس پُٽن جي به نه وڃائڻ کپي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي غريباڻي حال سارو اڄ به انهي اڀسينگهه جي رجواڙي جي رکوالي ڪندا اچن! مونکي هڪڙي ڀيري منهنجي ڪاڪي ٻڌايو هو ته اڀيسينگهه هتان وڃڻ کان پوءِ ڀارت مان مسلسل ڏاڏي ڏانهن چٺي چپاٽي لکندو رهندو هو. آخري خط ۾ ھُن پارڪري لهجي ۾ هيئن لکيو هو( يار جوم خون ٻيجو تو ٺيڪ سي جيوتو سون پڻ يار جمعدار تمون هون وگر نه ويراواه هون وگر امل اوگتوئي ئي نٿي) ترجمون “ يار ڄام خان ٻيو ته ٺيڪ آھي جيئرو آھيان پر يار جمعدار اوهان ۽ ويراواه کان سواءِ امل (آفيم) لڳي ئي نٿو“ اهو آخري خط هو جيڪو اڀيسينگهه ڏاڏي کي لکيو هو!
اڀيسنگهه سوڍو امر سنگهه سوڍي جو گود جو پُٽ هو. هُن واگڙ مان شادي ڪئي هئي ۽ ٿرادي لهجي ۾ ڍاٽڪي ڳالهائيندو هو. تمام امن پسند انسان هو.
اهڙن سُرنگن سوڍن جي وڇوڙي جتي وطن کي ويراڳ ۾ وڪوڙي ڇڏيو اُتي گهڻن ديش ڀڳتن جي دلين کي به ڏاري ڇڏيو. اهي ته ويا هليا پر انهن جون سارون اڄ به سيني به سيني نسل در نسل هليون اچن. جيستائين پارڪر جي پهاڙن جي عظمت جو اهڃاڻ ڪارونجهر ڪنڌ مٿي کڻي بيٺو هوندو تيستائين اُڌيسنگهه جي تلوار جي تجلن، ڪيسُوڀاءُ جي حُب الوطنيءَ، ڪلجي جي بهادريءَ ۽ اڀيسنگهه جي امل کي ڪير به وساري نه سگهندو. هُو صدين جي صدا بڻجي ماروپٿر جهڙي مهڪ سان ديس جي وڻ وڻ کي واسيندا رهندا
***