خانجي سوڍو
هُو جيڪو ڪيسر مڪواڻي جي ڪڙلي نگر (ڪيرٽي) جو والي وارث هو. هُو جيڪو مگهجياڻي پريوار جو ڪُل ديپڪ هو. هن جي سهائي ۾ سمورو ڳوٺ ڪنهن پئرسي فانوس وانگي روشن هو. پڳ واءِ (کوھ جونالو) جو پاڻي پِي وڏو ٿيل هي سورج سريکو سوڍو وڏو ديالو مرد هو. هن جي سڀاوَ ۾ شيتلتا ۽ ڪوملتا اپرم پار جهلڪندي هئي. هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه هوندو هو. هن جي گفتار ۾ پيار جو هُڳاءَ ۽ انسان جي اڏولتا جا احساس ٻهڪندي نظر ايندا هئا. هن کي مون حياتي ۾ پهريون ڀيرو پير پٿوري جي درگاھ تي باس باسيندي ڏٺو هو. هو مٽيءَ جي سير لاءِ مرشد پير پٿوري جي چانئٺ ائين چمي رهيو هو، جئين موهن ڪلپنا پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي درشن لاءِ خواجه معين الدين چشتي جي درگاھ جي چانئٺ جو ڏاڪو ڏاڪو چميو هو. نه موهن کي سنڌ ملي ۽ نه ئي هن سوڍي کي نرينه اولاد !! هن جي من ۾ پٽ جي هڪ تمنا هئي جيڪا اکين مان جهلڪي رهي هئي. سڄي عمر درويش اوگهڙ ناٿ جي آستان ۽ سيد مڙد شاھ جي مزار تي ماٿو ٽيڪي ٽيڪي هن سچي دل سان باسون باسيون پر پرماتما شايد هن جي قسمت ۾ نرينه اولاد جو نالو ئي نه لکيو هو. يا سندس وڏڙن کي مليل سراپ ستن پيڙهين تائين هن جو به پيڇو ڪندو رهيو.
اها ڪَل ڪلتار کي ئي آهي، هُو جنهن جي ٻاتڙي ٻولي ۾ ڪنهن ٻوگهلي ٻار جي اهڙي صدا سمايل هئي، جنهن کي دل سان سڻندي ماڻهن جي من ساگر ۾ محبت جا درياءِ اُٿلي پوندا هئا. هُو وڏن سان وڏو ۽ ننڍن سان ننڍو ٿي وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان ملندو هو. هُو گوتم ٻُڌ جي گيان ”اپو ديپو ڀوا “ ( پنهنجو ڏيئو پاڻ ٿي ) تي پورو پورو عمل پيرا هوندو هو. هن جي اندر ۾ مهاتما گانڌي وارو اهنسا وادي انسان به موجود هو، ته مهاوير وارو ” جيوَ پراڻي “ سان پريم ڪرڻ به هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هو. هُو ماڻهون ته ڇا پکين ۽ جانورن سان به پيار ڪندو هو. هن سان ڪير ڪاوڙ ۾ ڪڙو ڳالهائيندو هو ته هُو مرڪي جواب ڏيندو هو. هُن جي من ۾ بدلي جي ڀاونا ڪڏهن به ڪر نه کنيو. هُو اڪثر چوندو هو ته گانڌي جي هن قول تي ڪير سوچي ته دنيا روشن ٿي پوي ” اک جي بدلي اک گهرنداسين ته دنيا انڌي ٿي ويندي“ هن ڪڏهن به ڪرم جي بدلي ڦل جي اڇا نه گهري. سدائين ٻين ڪاڻ جيئڻ ۾ ئي جيون جي سڦلتا سمجهي . . !
پهرين جنوري 1936ع تي شريمان سونسنگهه سوڍا جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن آدرشوادي انسان شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ ڪيرٽي مان حاصل ڪئي. 1951ع ۾ هن ست درجا سنڌي فائنل پاس ڪيو . مئٽرڪ 1954ع ۾ ڊي_ ايل _بي هاءِ اسڪول مٺي مان پاس ڪئي. ساڳي سال يعني 24 سيپٽمبر 1954 ع تي سرڪاري ملازمت ملي. ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي حيدرآباد آفيس ۾ بطور ڪلارڪ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندي تمام وڏي ترقي ڪئي. آر ٽي اي ۾ اسسٽنٽ آفيسر جي عهدي تي 31 ڊسمبر 1995ع تي رٽائرٽمينٽ ورتي. حيدرآباد ۾ نوڪري دوران سندس رهائش گاھ وحدت ڪالوني بي 12 وارو فليٽ هئي، جيڪا ٿر واسين لاءِ ڪنهن اوطاق کان گهٽ نه هئي. اڄ ڪلهه ته ٿر به وڏي ترقي ڪئي آهي. هر سهوليت تقريبن سولائي سان ميسر آهي، پر سٺ ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ بلا جي ڪکايل جو علاج به حيدرآباد کان اورتي نه ٿيندو هو. تڏهن هي سخي سوڍو حيدرآباد ۾ ويندڙ هر ماڻهو جي وس آهر مدد ڪندو هو. نه رڳو ايترو پر اجهو به ڏيندو هو. خانجي سوڍي جي ان خدمت کي ٿر جا انيڪ ماڻهون اڄ به ياد ڪن ٿا. سوڍي کان ڪير ڪڏهن اوکيءِ ۾ ٻه پئسا گهرندو هو ته، هُو بنان ڪنهن پڇا ڳاڇا جي هڪدم کيسي ۾ هٿ وجهي بند مُٺ ۾ بنان ڳڻپ جي پئسه سامهون واري جي کيسي ۾ وجهندو هو، ۽ چوندو هو ته ”ٻڌي مُٺ لاک لهي “ اهي پئسه هن ڪڏهن به ڪنهن کان واپس نه ورتا. هن کي ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ وڏو مزو ايندو هو. خانجي سوڍي نه رڳو اوکي ۾ ماڻهن جي سهائتا ڪئي پر نه ڄاڻ ڪيترن بيروزگارن کي روزگار لڳرايو.سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنيون. اڄ ڪلهه اهي احسان فراموش ٿي ويا آهن ته، ٻي ڳالهه آهي، پر هن انهن جي زندگين کي سنوارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو.
خانجي سوڍي جي ملازمت واري دور ۾ ٿر ۾ تعليم جي به سهوليت نالي ماتر هئي. ٿر جي راجپوتن جا انيڪ ڇوڪرا هن وٽ بي 12 واري فليٽ تي رهندا هئا، جن کي نه رڳو تعليمي خرچو ڏيندو هو پر ماني ٽڪي ۽ ڪپڙو لٽو به ڏيندو هو.خانجي سوڍو فقط هڪ انسان نه هو، پر هُو هڪ ادارو هو. اهڙو ادارو جنهن جي ڇپر ڇانوءَ ۾ انيڪ بيروزگارن کي روزگار مليو، انيڪ غريبن کي تعليم جهڙو زيور مليو ۽ انيڪ مريضن کي هن جي مدد کان پوءِ شفا ملي ..
خانجي سوڍي ڳوٺ مٺڙِيو ڀٽي مان ڀوپال سنگهه ڀٽي جي گهران شادي ڪئي اولاد ۾ کيس فقط هڪڙي ڌيءِ هئي. جنهن کي ڪڇ ڀڄ ضلعي جي ڳوٺ رام پورا ويڪرا جي صاحب جاڙيجي پرٿوي راج سنگهه سان پرڻائي نياڻڪو بار پنهنجي ڪلهن تان لاهي ويو. نرينه اولاد نه هئڻ ڪري ڏجئه سنگهه سوڍي جي موڀي پٽ رڻڇوڙسنگهه کي گود ۾ ورتو. سوڍو خانجي تمام سادي طبعيت جو مالڪ هو. سدائين اڇي ويس ۾ ملبوس هوندو هو. سڄي ڄمار هڪڙي سواري رکيائين ٽويوٽا جيپ ۽ ڊرائيور به هڪڙو ئي ڪاروُ ڀاءُ ڪوٽڙيو جهپيو وارو.! سياسي طور به سدائين سرگرم هوندو هو. ڍاٽ جي روپاڙي راڻي راڻا چندر سنگهه سان تمام ويجها تعلقات هئا. راڻا چندر سنگهه هن جي هر ڳالهه رکندا هئا. هن ايڏي وڏي سياسي ايپروچ جو ڪڏهن به غلط استعمال نه ڪيو. سدائين هر ڪنهن جو ڀلو ڪيو.ڇا ڪاڻ ته هُو خود ڀلو هو.
دڙن جي هن ديس واسي جي مٽيءَ جو پنهنجي مٽيءَ سان نه ملڻ وارو ڏک رڳو ڪيرٽي جي نٻن سوڍن کي ناهي پر سموري ٿر جا اهي اهل دل ڏکارا آهن، جن جي هن سوڍي سان بي انتها محبت هوندي هئي . هالم سنگهه جي هونهار ۽ هر دلعزيز پُٽ وشن سنگهه تپيدار سان گڏ، پنهنجي اڪيلي ڌيءَ سان ملڻ خاطر 2005ع ۾ سرحد پار ويو هو. جتي 26 جولاءِ2007 ع تي دل جي دوري پوڻ سبب هميشه لاءِ موڪلائي ويو.سوڍي خانجي جو پنهنجي ڀومي کان پري پرائي ڌرتي تي اگني سنسڪار ڪيو ويو. هن صدمي گهڻن جي دلين جون ڌرتيون لوڏي ڇڏيون هيون.
***