ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو
هُو جنهن کي مگراڻي جو مور چئجي، ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته هُو اُن مٽيءَ جي مٺ آهي. جنهن ڍاٽ جو ڳاٽ اُوچو ڪرڻ ۾ پيڙهين کان پنڌ ڪيا آهن. اُن مٽيءَ جي مهانتا رڳو اُها جنتا ئي ڄاڻي سگھي ٿي، جيڪا رت جو تلڪ ڏئيي راڻن کي راج گدي تي ويهاري راجپوتي پرمپرا پاري ٿي. ان عوام جي اميدن جو نئون سج ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو، جنهن جو جنم ان جاءِ تي ٿيو، جتي کِلڻ جي کِل جا تجلا وڄڙين واڌاڻا بڻجي ڏڪاريل وطن جي ڏوٿين کي ڏڍ ڏيندا هئا. جتي مومل جا ماڻا مينڌري جي من کي موهي نه سگھيا. جتي همير جي هٺ راڻي کي ڪاڪ جا پنڌ ڪرڻ کان روڪي نه سگھي، ان اُتم ڌرتي جي دلربا شهر عمر ڪوٽ کان 14 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اُتر ڏشا ۾ آباد راڻا جاگير ۾ راڻا همير سنگهه سوڍي جي گهر ۾ 20 اپريل 1991ع تي اک کوليندڙ ڪنور ڪرني سنگهه سوڍي جي جنم تي جڏهن جاگير ۾ ٿاليون وڳيون،تڏهن سمُورو صحرا ٽهڪ ڏيئي ٽڙي پيو هو. ڍاٽ جي هر ماڻهو واڌاڻا وصول ڪيا هئا ڇو ته، ڍاٽ جي ڦلواڙي ۾ هڪ نئون ڦل ٽڙيو هو.ڪنور ڪرني سنگهه سوڍي کي ننڍي لاڪون لورين بدران سورهيائي،سچائي ۽ سياست جا سهرا ٻُڌايا ويا هئا ۽ هن ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي عظيم سياستدان راڻا چندر سنگهه جي آڱر پڪڙي هن دنيا ۾ هلڻ سکيو هو.
هن ننڍپڻ جي نازڪ وهيءِ ۾ بلورن سان کيڏڻ بدران تلوارن جا تجلا ڏٺا هئا، هن پنهنجي هاتڪ هٿن ۾ جتي، ڪتاب ۽ قلم کڻڻ سکيو هو، اُتي استر ۽ ششتر واري وڌي به وڏي شوق سان سکي ھئي، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ هڪ راجپوت اڌورو هوندو آهي، ڪنور ڪرني سنگهه جي علمي آبياري لاءِ کيس اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرايو ويو. 1997ع ۾ ابتدائي طور سينٽ مائيڪل اسڪول ڪراچي ۾ داخل ٿيو.جتان ميٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري پوءِ مڪسر ڪاليج ڪراچي مان انٽر ميڊيٽ اعليٰ نمبرن ۾ پاس ڪيائين، ان کان پوءِ گريجوئيشن جي لاءِ زيبسٽ ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان 2013ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪري هڪ قابل وڪيل بڻيو. روشنين جي شهر ۾ رهندي هن پنهنجي علمي ڪيريئر کي تمام روشن رکيو. هن قانون جي ڊگري وڪالت ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي موروثي سياست جي واهر ڪرڻ لاءَ ورتي.
هن پڙهڻ سان گڏ پرجهڻ ۽ پروڙڻ به سکيو. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي ناناڻن جو سير ڪيو، هندستان جي سفر دؤران هن جو گلابي شهر جئه پور وڃڻ ٿيو. جتي هن هوا محل جون هوائون کاڌيون، جتي سوائي مانسنگهه جي جوڙايل جنتر منتر جو به جائزو ورتو، هن کي گلابي شهر جي سُونهن کان وڌ اُنهن وشال نيڻن واري وجود موهيو، جنهن جي هٿان هي دل هارائي آيو. ڍاٽ جي هن شهزادي جي ساحر اکين جو سُرمون ٿيڻ لاءِ جئپور جي جوالا مُکين، سهسين سُکائون ڪيون پر هن جي ماڻينگر مُهانڍي جي سونيلي سُونهن ڪنوٺا ٺڪاڻي جي راج ڪماري اُن پدمڻي جي پلئه پيئي، جنهن کي هن پهرين نظر ۾ پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي هن سوڍي جي الستي عشق نه رڳو ٻن دلين کي ملايو، پر ٻن ديسن جي وچ ۾ نفرت جي وڇوٽين کي پڻ گهٽ ڪيو ۽ ٻنهي ديسن جي عوام کي محبت جو پيغام ڏنو.
ڪنور ڪرني سنگهه سوڍي جي مڱڻي وقت رِنگ سرمني 10 جون 2014ع تي جئه پور جي ڪنوٺا ٺڪاڻي ۾ ٿي ۽ رسم ٽيڪا سنڌ جي راڻا جاگير عمرڪوٽ ۾ ٿي. ڪنور ڪرني سنگهه جي پتا شري راڻا همير سنگهه سنڌ جي صدين پراڻي ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ لئه اها تاريخي رسم 7 ڊسمبر 2013ع جي ڏينهن ان ڪري رکي جو ان ڏينهن سموري سنڌ پنهنجا ويڇا وساري ايڪتا ڏهاڙو ملهائي رهي هئي.ايڪتا واري ڏينهن راڻا جاگير ۾ نوابن، راجائن ۽ مهاراجائن جي موجودگي ۾ ملهايل ان رسم ٽيڪا ۾ 20 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي.ياد رهي ته، ورهاڱي کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو جنهن ۾ ڪنهن ڍاٽ جي شهزادي لاءِ هندستان مان ٽيڪو پاڪستان آيو هو. جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي هئي. ٽيڪو رڳو گلاب جو تلڪ نه هو پر ان ۾ ڪيئي ٽپڙ سمايل هئا !
ڪنور ڪرني سنگهه لاءِ ڪنوٺا مان آيل ٽيڪي ۾ هي سامان شامل هو. 151 ٿال هئا، سون ۽ چاندي جو ناريل، بريسلٽ ۽ پير لاءِ سوني ڪڙي ۽ 18 يجمانن لاءِ اوڍاڻيون هيون.ڪنور ڪرني سنگهه سوڍي 20 فيبروري 2015ع جي شام جو ڪنوٺا ٺڪاڻي جي ٺاڪر مانسنگهه چمپاوت راٺوڙ جي گهر ۾ چونئري جا چار ڦيرا کائي پنهنجي سنساري زندگي جي شروعات ڪئي، ڪنور جي شاهي شادي ٻنهي ملڪن جي ميڊيا تي سمورو سال ڇانيل رهي، ڪنور صاحب جي ڄڃ ۾ پاڪستان جا نالي وارا سياستدان شامل هئا.جئه پور جي فائيو اسٽار هوٽل نارائڻ نواس پئليس ۾ ٿيل شادي واري آجياڻي تقريب ۾ هڪ اندازي موجب هندستان جا 02 ڪروڙ فقط هڪ ڏينهن ۾ کاڌي پيتي تي خرچ ٿيا هئا.ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ته هي شادي ڪيتري وڏي پيماني تي ٿي هئي!
شاديءَ جي لائيو ڪوريج لاءِ ڪي ٽي اين چينل طرفان ڄڃ ۾ ويل فيض کوسو لکي ٿو ته ”ڍاٽ جو شھزادو 2 سؤ کان وڌيڪ مهمانن سان گڏ جئه پور پهتو، سنڌ جي سوڍن جيان جئه پور جي ڪنوٺا ٺڪاڻي جي ٺاڪر مان سنگهه چمپاوت جي پريوار کي به شاهي حيثيت حاصل آھي. جئه پور ۾ رٿيل شاديءَ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جيسلمير، ڪڇ ڀُڄ، ٻاڙمير، جوڌپور ۽ اجمير شريف سميت ڀارت جي ٻين علائقن مان به هزارين ماڻھون پهتا هئا، جن ۾ راجا مهاراجا، راڻيون، راجڪماريون، نواب ۽ اجمير شريف جو گادي نشين سرور چشتي به شامل هئا. گهوٽ ڪنور ڪرني سنگهه کي هاٿيءَ تي سوار ڪري پالڪيءَ ۾ ويهاريو ويو هو، سندس ڄڃ ۾ پروٽوڪول جا وڌيڪ ٻه هاٿيءَ، گهوڙي ۽ اُٺ سوارن جا جٿا ۽ ثقافت جي اهڃاڻ طور هڪ ڏاند گاڏيءَ به شامل هئي. ڄڃ سان گڏ هلندڙ تلوارن، گرزن ۽ ڀالن سان هٿياربند راجستان جي راجپوتن ۽ سنڌ جي سوڍن جي جنگي روايتن جي ياد تازي ڪري رهيا هئا. ڄڃ جي آڏو هلندڙ عورتون ڳيچ ڳائي رهيون هيون ۽ ڏانڊيا ناچ به نچي رهيون هيون. گهوٽ ۽ ڪنوار پاران اگني ڦيرا ڏيڻ سميت شاديءَ جون سموريون رسمون هندو عقيدن پٽاندڙ ئي ادا ڪيون ويون.“
ڪنور ڪرني سنگهه سوڍي پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات تازو ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ بيهي ڪئي آهي.جنهن ۾ هن ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ تي پارڪر جي پيٿاپور يونين ڪائونسل ۾ چونڊ وڙهي اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪئي آھي. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي کٽي آيل هي ڍاٽ جو شهزادو هو ته ضلعي چيئرمني جو اميدوار پر پاڪستان پيپلز پارٽي هن جي مُڪٽ تي نائب چئرمني وارو تاج پارايو آھي. پنهنجي ڀومي ڇڏي ويل راڻي انچل سنگهه جي اباڻي يونين ڪائونسل جي غيور عوام هن کي سوڀارو ڪري نه رڳو پارڪر جي پت رکي آهي، پر انهن راڻن کان پنهنجي وارثي جو وچن ورتو آھي جن سان پارڪر جي سوڍن ڪڏهن به سياسي سمجهوتو نه ڪيو هو .
ڪرني سنگهه کي ڪنور جي پدوي ڪئين ملي.؟ ان جي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪنور جي پدوي (لقب) ان کي ملندي آهي جيڪو راڻي جو جاننشين هجي. راڻي جو جاننشين راڻي جو پُٽ ئي هوندو آهي، باقي هُئين عام راجپوتن ۾ ڪنور ان کي چوندا آهن جنهن جو پيءُ زنده هجي ۽ ڀنور ان کي چوندا آهن، جنهن جو ڏاڏو زنده هجي
، ۽ تنور ان کي چوندا آهن جنهن جو پڙ ڏاڏو زنده هجي.
ڍاٽ جي مستقبل جو راڻو ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو شاهي پوشاڪ پائڻ جو وڏو شوقين آهي، پر اڪثر تريٽو قميص پائي مٿي تي راجستاني ڦينٽو ٻڌندو آهي. سوير اُٿندڙ ۽ سوير سُمهندڙ ڪنور ڪرني سنگهه جديد خيالن جو ماڻهون آهي. پراڻين پرمپرائن کان وڌيڪ نئين دؤر جي جديد تهذيب ۽ رسمن رواجن جو حامي آهي، بلڪ پابند به آهي! ڪرپشن ۽ ڪوڙ جو سخت مخالف ۽ ڪفايت شعاري جو قائل آهي. فضول خرچن جي پاسي قطعي ڪونهي، راجپوتي روايتي ٻنڌاڻن مديرا ۽ امل ڪسونٻي کان انتهائي پري رهندڙ ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو هر نشي جي خلاف آهي. تاريخ جي وڏي ڄاڻ رکڻ سان گڏ هندو ڌرم جو وڏو گياني آهي. زراعت سان به وڏي دلچسپي رکي ٿو. سير و سفر جو تمام گهڻو شوقين آھي.انڊيا،ڪينيا ۽ تُرڪي جا دورا ڪري چُڪو آھي.
***