کينئراج سنگهه سوڍو
هُو جيڪو صدين جو سونهون هو، هن جي مهمت وجود جي واسنا سان هي وطن ڪنهن دؤر ۾ کٿوريءَ جئين کِليل هو. هُو جيڪو نرو سوڍو هو. سوڍا جيڪي هن ڌرتيءَ جا نه رڳو حاڪم هئا پر ٻانهن ٻيلي به هئا. سوڍا جن لئه خالد ڪنڀار جهڙي کاهوڙي ليکڪ چيو آھي ته ”ٿر جون ڀٽون سوڍن کان سواءِ سڃيون آھن“ اهڙن ڌرتيءَ جي ڌنش ڌاري سوڍن جي ڇٽيهه ڪُلن ۾ هڪڙو ڪُل نَرا سوڍا به آھي. انهن نَرن سوڍن جي ڪُل ديپڪ پرتاب سنگهه سوڍي جي پيڙھي ۾ هڪ اهڙو کُڙکٻيتو کڙيو هو جنهن جي سُھائي سموري سماج لئه سهانو سنديسو ثابت ٿي. اهو پرتاب جنهن جي باري ۾ ڪوي شڪتيڏان ڪويا پنهنجي شھر آفاق تصنيف ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ بيان ڪيو آھي ته:
نرا ونس ۾ نُور هو پهه سوڍا پرتاب
قرب ڏيو ڪويراج ني سو ڌجراج سماپ
(نرن سوڍن ۾ نُور جهڙو بادشاھ پرتاب سنگهه پيدا ٿيو هو جنهن چارڻن، شاعرن، ڀاٽن ۽ ڀانن کي تمام گهڻو ڪُرٻ (دان ڪرڻ جو قائدو) ڏنو.)
هُو جيڪو نَرن سوڍن جي پيڙھين پُراڻي سوڍڪي سڄ ڌڄ جو اهڙو ڪُنڍو نَڪ هو جنهن جي سونهن صدين تائين صحرا ٿر جي ناموس ۽ ننگ کي ڪوھ ڪارونجهر جئين بلند و بالا رکندي. هُو جيڪو تيجوان تُري جي رڪاب ۾ پير وجهي جڏھن ڪنجڪ کي ڪشي مٺي جي مور بازار مان لنگهندو هو تڏھن هن جي پٽڪي جي ڇُڳي جي لوڏ ڏسي هر ماڻھون هٿ ٻَڌي منجرو ڪندو هو. هن جي سورهيائي، سچائي، سونهن ۽ اَڪابري کي اڄ به هن وطن جو وڻ وڻ ياد ڪري ٿو.
هُو جيڪو نه رڳو نَرن جو ننگ هو پر هُو هر ان سوڍي جو شان هو جنهن جي دل جي ديس ۾ مٽيءَ جو مان مڙني پڌارٿن کان مٿي هو. هُو هر ان ماڻھون لئه مهان هو جنهن جي اندر ۾ ديسَ جي مريادا سڀني کان سڀاويڪ هئي. هُو ڪاري مٿي وارو اهڙو سفيد ماڻسيو هو جنهن جي رڳ رڳ ۾ رجپوتيءَ رت وانگي شامل هئي. هُو راڄ ڀاڳ جو ڀرجهلو ٿيندڙ اهڙو رحمدل راجپوت هو جنهن جي دياوان دل ۾ هر هيڻي لاءِ همدردي هر گهڙي موجود هئي. هُن نياڪاريءَ جي نيت ۾ ڪا به کوٽ نه هُئي.
هُو انهن اصول پرست راجپوتن مان هڪ هو جن جي باري ۾ ڪارونجهر جي عاشق مقيم ڪنڀار چيو هو ته ”راجپوت واسطا ۽ وڙ وساريندا ناهن. دوستيون ۽ دُشمنيون سيني ۾ ست پيڙھيون زباني وسيعت تحت نڀائيندا آھن.“
هُو هن دڙن سندي ديس جو اهڙو رکوالو هو جنهن جي سوچ ۾ پيڙھين پُراڻين پرمپرائن کي پارڻ کان وٺي جديد ريتن کي ترويج ۾ آڻڻ تائين جو شعور سمايل هو. هُو نه رڳو پٽڪي جي پت رکڻ ڄاڻيندو هو پر لانگوٽن جي لڄ جو به ڪُلن کان مٿي قدردان هو. هُو هڪ اهڙو ستوادي سوڍو هو جنهن جي ڏيهي ۾ شتريه سماج جا سڀئي گُڻ سمايل هُئا. هُو هن اڪن جي ديس جو اهڙو اڪابر انسان هو جنهن جي اندر جي مندر ۾ عقل جو اکنڊ جوت ڏينهن رات روشن هو.
هڪڙي چونئري، هڪڙي بندوق ۽ هڪڙي گهوڙي سان سڄي ٿر تي پنهنجي حُڪمراني جو سڪو ڄمائيندڙ اُن مردم شناس مرد جو اسم گرامي آھي کينئراج سنگهه سوڍو..!
کينئراج سنگهه ولد راوتسنگهه سوڍو پيشي جي لحاظ سان پوليس ڪانسيٽيبل هو. سندس ڊيوٽي نئون ڪوٽ ناڪي تي هُئي. ان وقت ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪڻڪ تي بندش ھُئي. صرف راشن تي مقرر ٿيل مقدار ۾ ملندي هُئي. هڪ دفعي ڀيل لاهيارن جو جَٿو ڪڻڪ جو لابارو ڪري بئراج مان واپس وريو هو. گڏھن جي قطار ڪڻڪ جي ڪٽن سان ڀريل هُئي. کينئراج سنگهه سوڍي تپاس دؤران ڪڻڪ جا ڀريل ڪٽا ڏٺا جيڪي پورهيت غير قانوني کڻي وڃي رهيا هُئا. اُنهن پورهيتن سان گڏ انهن جا معصوم ٻچا ۽ عورتون به هيون. سوڍي جي دل ۾ ديا جو درياءَ پلٽي پيو. کينئراج سنگهه ڏٺو ته هي معصوم لاهيارا پنهنجي حق حلال جي ڪمائي کڻي وڃي رهيا آھن انهن کي روڪي ڪهڙو محصول وصول ڪيان.؟ سوچي سوچي انهن کي اجازت ڏيئي ڇڏيائين. اها خبر جڏھن سندس بالا آفيسر کي پيئي تڏھن هڪدم هن سوڍي کي حاضر ٿيڻ جو حُڪم ڏنائين. سوڍو کينئراج بنان ڪنهن کُٽڪي جي ايس پي اڳيان حاضر ٿيو. ايس پي سبب پڇيو ته ڪڻڪ کڻي اچڻ جي ڇو ڇوٽ ڏني.؟ تڏهن ڌرتيءَ جي هن سپوت وارڻيو ته ” بُک قانون ناهي سمجهندي، مون کان انهن جي بُک ڏٺي نه ٿي“ ائين چئي پنهنجو پوليس وارو پٽو ۽ لٺ ايس پي جي ٽيبل تي رکي چيائين ته مون کي نه کپي اهڙي نوڪري جيڪا غريبن جي ارمانن جو قتل ڪري. ايس پي صاحب هن سوڍي جي بهادريءَ ۽ ديا دليءَ تي نه رڳو حيرت ۾ پيو پر فدا ٿي ويو. اھڙي ريت کينئراج سنگهه اها نوڪري ڇڏي عوام جي خدمت ڪارڻ باقاعده سياست ۾ پير پاتو ۽ ڪيئي ڀيرا ضلعي ڪائونسل جو ميمبر رهيو ۽ هڪ ڀيرو ضلع ٿرپارڪر (سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص) جو وائيس چئرمين به ٿيو.
کينئراج سنگهه سوڍي جي باري ۾ چون ٿا ته هُو وڏو ذھين ماڻھون هو. هن کي ٿر جي ماڻھن جي پيڙھياتي ڄاڻ هُئي. اڳي جڏھن لائوڊ اسپيڪر جو دؤر نه هو تڏھن شادين ۾ نيئنڊ جو هوڪو ڏيارڻ لئه ماڻھون مخصوص ٿيل هوندا هئا. اهي تمام طاقتور آواز جا مالڪ ۽ وڏي ذھين ۽ ڄاڻ پهچاڻ وارا هوندا هئا. کينئراج سنگهه به اهڙن ماڻھن مان هڪ هو. نيئنڊ لکائڻ مهل ماڻھون رڳو پنهنجو نالو ٻُڌائيندو هو ته کينئراج سنگهه ان جي پيءُ جو نالو ۽ ڳوٺ پاڻھي ٻُڌائيندو هو ايڏو وڏو ڄاڻون هو. ان کان سواءِ هُو وڏو گهوڙا پُري به هو. سئو گهوڙن مان ڀلو گهوڙو پرکي وٺندو هو. گهوڙن جو هر گُڻ سمجهندو هو. ائين چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هُو ”اَشوَ ديوتا“ هو.
کينئراج سنگهه سوڍي جهڙا سپوٽ ماڻھون صدين جون سوکڙيون هوندا آھن. اهي ڪنهن اهڙي وڄا واري ويلا جا امر ڦل هوندا آھن جنهن ۾ رب جي رحمت وڏ ڦُڙي جيان وسندي آھي. اهڙن منشن جو اُتپن ٿيڻ سماجن لئه شُڀ سماچار هوندو آھن ڇاڪاڻ ته اهي معاشري لئه شُڀ چنتت هوندا آھن. اهڙا مڻيادار ماڻھون ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪٿي ڪٿي پيدا ٿيندا آهن. اهڙا ماڻھون بڙ جي گهاٽي ڇانوَ مثل هوندا آھن. اهڙن ماڻھن جي ڇتر ڇايا ۾ انسان جي ڪايا ئي پلٽجي ويندي آھي.
کينئراج سنگهه سوڍي جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته ٿر جي هڪ ڳوٺ جي هڪ ٺاڪر سردار کي ڪنهن طعنو ڏنو ته اهڙو جيڪڏھن مهمانواز آھين ته کينئراج سنگهه سوڍي جي مهماني ڪري ڏيکار ته مڃون. چوندا آھن ته راجپوت کي مهڻو ماري وجهندو آھي. سو ان راجپوت مهڻي کي من ۾ رکي کينئراج سنگهه کي مدعو ڪيو، کينئراج سنگهه سندس دعوت قبولي هن جي اوطاري پهتا. جڏھن ماني کارائڻ جو وقت آيو تڏھن اُهو ٺاڪر ٻئي هٿ آسمان ڏي اُڀا ڪري پُڪارڻ لڳو ته ”هي پرماتما اڄ اسان جي پت رکجانءِ“ هُن جي خيال ۾ اهو هو ته کينئراج سنگهه وڏو ماڻھون آھي سو ٻه ٽي مڻ ماني کائيندو. ھُن ٻه مڻ ٻاجهر جو اٽو پيهايو ۽ ٻيو ان پيهڻ لئه ڳوٺ جي عورتن کي گهرٽين حوالي ڪيو. ماني پچائڻ واري رڌڻي کان وٺي دسترخوان واري ڇَني تائين ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪرن کي هڪ قطار ٺاهي بيهاريائين ته جيئن تئي مان مانيءَ نڪري تيئن هٿو هٿ کينئراج سنگهه واري دسترخوان تي پهچي. ڪٿي ماني ۾ رنڊڪ نه اچي. کينئراج سنگهه سوڍي کي ڀوجن جيمڻ لئه سڏ ڪيو ويو جڏھن سوڍي ماني جا دڙا ۽ ڇوڪرن جي قطار ڏٺي. تڏھن ان راجپوت پٽيل کي چيائين ته ”هي ڪهڙي ماجرا آھي“؟ تڏھن اُن وراڻيو ته ”ان ڳالهه کي ڇڏيو اڄ اسان وٽ کينئراج سنگهه سوڍو آيل آھي. بس ايشور پت رکي“ .اهو ٻُڌي سوڍي کينئراج کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيائين ته” چريا ته ناهيو. آئون انسان آھيان ڪو ڍڳو ته نه آھيان جو ايترو کائيندس. اڌ لولو ٻاجهر جو ۽ ڏھي جو گلاس ڏيو ته آجيڪار ڪيان.“
کينئراج سنگهه سوڍي پهرين شادي ڳوٺ ڀارو جو تڙ جي ڏوهٽن مان ڪئي. جنهن مان کيس ٻن ڇوڪرين جو اولاد ٿيو. ٻئي ڇوڪريون هندستان ۾ پرڻايون. هڪڙي راجستان ۾ ۽ ٻي واگڙ ۾. کينئراج سنگهه سندس پهرين گهر واريءَ جي گُذاري وڃڻ کان پوءِ ٻي شادي ڳوٺ هوٿيئر جي ڀٽين مان ڪئي جنهن مان کيس هڪ پُٽ لڇمڻ سنگهه سوڍو آھي.
ڪنهن دؤر ۾ هن اُديوڳيءَ انسان جي هشاش بشاش حياتيءَ واري دهشت ۽ دٻدٻي گهڻن نام ڪٺين نيتائن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. هن جي حُڪم کان سواءِ مٺي ۾ ڪو به فيصلو نه ٿيندو هو. هن جو عروج گهڻن جي زوال جو سبب بڻيو، اها ڳالهه گهڻن جي من ۾ ميخ وانگي چڀي ٿي سو انهن بدلي جي ڀاونا ۾ اچي ويساگهاتي ذريعي هن هيري جي هتيا ڪرائي ڇڏي. مٺي جي ماڻھن تي اک پُور اعتبار ڪندڙ هن با ضمير سوڍي کي آخرڪار 1963ع ڌاري مٺي جي مهمان نوازي ئي مهانگي پيئي.
***