سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

ڪيسُو ڀاءُ سوڍو

ڪيسُو ڀاءُ سوڍو

ننگر جي نزديڪ آباد ڳوٺ پورڻ واءَ جي پٽيل ڪارو ڀاءُ سوڍي جي ڪنور ڪيسوڀاءُ سوڍي کي ڀلا ڪير وساري سگهندو. هُو جيڪو هن ڌرتيءَ جو اهو حلالي فرزند هو جنهن جي جلالي جوڀن ۾ ملڪ سان ڪيل محبت ڪنهن به ذي فهيم کان ذرو به لڪيل ناهي. هُو جنهن جي منشور ۾ ملڪ جي مٽيءَ کان مٿي ڪو به نُڪتو اهم نه هو.هن لئه ڪارونجهر جو جبل ئي عظمت جو اهڃاڻ هو.هُو جيڪو ڪنهن به ڏاڍي اڳيان ڏرڻ سکيو ئي نه هو. هن سُتي ۾ ئي اهڙي سُرڪ ڀري هُئي جنهن ۾ وطن سان محبت جو خمار اپرم پار هو.ڀوڏيسر جاگير جو مالڪ ڪيسوڀاءُ سوڍو پهريون گهر هندستان مان پرڻيو هو. ڪيسوڀاءُ جي قسمت ۾ اُن راجپوتاڻي راڻيءَ جو ساٿ بس چند سالن تائين لکيل هو. ڪيسُوڀاءُ وڏو رومانٽيڪ سوڍو هو. ننگر جي هڪ ناريءَ جي نيرين اکين جو هي عاشق مزاج سوڍو اسير بڻجي ويو. ڪارونجهر جي عشق هن کي قيد ڪري ڇڏيو. ڪيسُوڀاءُ جي عشق جي جڏھن سندس ساهُوواڙي کي سنڪ پيئي تڏھن اُھا ناراض ٿي هميشه لئه پنهنجن مائٽن ڏي هندستان هلي ويئي ۽ ڪيسُوڀاءُ کي سمجهائي هندستان وٺي وڃڻ لئه اُتان وقت جي مشھور ڌاڙيل ٻلونت سنگهه ٻاکاسر واري کي موڪليائين جنهن ننگر ۾ اچي هن ڌرتيءَ جي دادلي کي چيو ته هل هندستان هلون. تڏھن ڪيسُوڀاءُ سوڍي پنهنجي مُڇن کي تاوَ ڏيئي وراڻيو ته ٻليا..! تنهنجي هٿيارن ۾ ايڏي همٿ ئي ناهي جو پورڻ واءَ جي هن ڪيسرئي کي ڪيرائي سگهن. دنيا ۾ اڃان اهڙي گولي ئي ايجاد ناهي ٿي جو ڪيسُوڀاءُ جي ڇاتي مان پار ٿي سگهي. سو ماٺ ڪري موٽي وڃ. منهنجو جيئڻ مرڻ هن ڀومي جي ڀاڳ سان واڳيل آھي. مون کي جيڪڏھن وٺي هلڻ چاهين ٿو ته ڪارونجهر کي ڪوري کڻي هل. ڪارونجهر کي ڏسڻ کان سواءِ آئون پل به جيئرو رهي نه سگهندس. چون ٿا ته اهڙي ارڏي ورندي ڏيڻ تي ٻلونت سنگهه ماٺ ڪري واپس هليو ويو ۽ هي ڌرتيءَ جو سپوت پُٽ هميشه لئه ملڪ جي مٽيءَ ۾ رهي پيو.
پنهنجي ڪُٽنب جي جُدائي جي ڳاراڻي ۾ ڳرندڙ ڪيسُوڀاءُ سوڍي نيٺ هتان ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پُٽ ۽ ست نياڻين جو اولاد ٿيو. پُٽ جو نالو بابُو هو. بابُو به گُذاري ويو آھي. بابُو جو پُٽ يعني ڪيسُوڀاءُ جو پوٽو بادشاهه آھي جيڪو هن وقت پورڻ واءَ ۾ رهي ٿو. ڪيسُوڀاءُ جي پُراڻي اوطاق کي بادشاهه اڄ به آباد رکيو اچي.
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ سان ساھُن جي آخري هچڪي تائين وفا جو وچن نڀائيندڙ هي البيلو عاشق پهرين اپريل 1978ع تي هن دنيا مان هميشه لئه الوداع ڪري ويو. پارڪر جي پهاڙن سان بي انتها محبت ڪندڙ هن مهان ماڻھون کي ڀوڏيسر تلاءَ جي ڀر ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. ڪيسُوڀاءُ ڌرتيءَ خاطر پنهنجي ڪُٽنب مان جدا ٿي ويو پر وطن مان جدا نه ٿيو. نه پاڻ جهُڪيو نه ڪارونجهر کي جهُڪڻ ڏنو. ڪارونجهر جو ڪنڌ اڄ به فخر ۾ اوچو آھي، جنهن کي ڏسي ڪيسُوڀاءُ جو روُح ڀوڏيسر جي ڀر ۾ اڄ به مور جيان رقص ڪري ٿو. ڪيسُوڀاءُ جي قبر پرائمري اسڪول ڀوڏيسر جي ڏکڻ ۾ هڪ ڇاتليءَ ڄار هيٺ ٺھيل آھي. جنهن تي هندي ۽ سنڌي ٻنهي زبانن ۾ ڪيسُوڀاءُ جو نالو لکيل آھي ته: ڪيسر سنگهه ولد ڪاروڀاءُ سوڍو ڀوڏيسر ۽ جوڙائيندڙ جو نالو لکيل آھي ته: بابُو ولد ڪيسر سنگهه سوڍو ڀوڏيسر ۽ ديهانت جي تاريخ به لکيل آھي ۽ سندس قبر تي اهو به لکيل آھي ته، هن جي پسگردائي ۾ موجود هڪ ايڪڙ ٻني گئوچر ڇڏيل آھي جنهن جي پوکي منع ٿيل آھي. ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آھي جو هزارين ايڪڙ ڀوڏيسر جاگير جي مالڪ جي حصي ۾ آخرڪار هڪ ايڪڙ زمين آئي. وطن خاطر پنهنجو اهل و ايال ڇڏي ڏيندڙ اهڙي محب وطن سوڍي جي پنهنجن جي مساڻن کان الڳ قبر ڏسي اکيون ڀرجي اچن ٿيون. هن وطن خاطر هيڏي وڏي قرباني ڏني جو جيئري ته جدايون ڀوڳيون پر مُئي پُڄاڻان به پنهنجن سان ملي نه سگهيو. حيف هُجي اسان جي سوڍڪي سماج کي جنهن اهڙي ساير سوڍي جي ڪڏھن ورسي به نه ملهائي جنهن کي ڌرتيءَ جي شاعرن ۽ ليکڪن پنهنجي تخليقن جون شالون اوڍائي سماج ۾ سُرخرو ڪيو آھي. جس هجي مالسرئي جي مور، ننگر جي نامور شاعر ناشاد سمي کي جنهن پنهنجي نخريلي نثر ۾ ڪيسُوڀاءُ جي قدرشناسي هن ريت ڪئي آھي ته،” ڪيسوڀاءُ سوڍو سُونهن سيرت رومانس ۽ وطن دوستي جو اهڙو ڪردار آهي جنهن جي هاڪ ڪارونجهر جيئن اڄ به ڏيهان ڏيهه ڏيئو بڻجي اتهاس جي اڱڻ تي چمڪي ٿي. ڪيسوڀاءُ ميران جي اکين ۾ اهو وطن مرڪندي ڏٺو هو جنهن ۾ مورن جو هر ٽھوڪو چنديرام ڀاٽ جو دوهو محسوس ٿيندو هو. جنهن ۾ ڀٽياڻي ڪنهن ستي جو روح بڻجي سُڏڪندي رهندي هئي. جنهن ۾ ڪجلاسر جي ڪجل - ريک ڇر ۾ رڳو ڪنوارين ڪجلين اکين جا سپنا ئي نه هوندا هئا پر ڳاڙھن ڳڀروئن جي اها آخري نهار به ترندي رهندي هئي جيڪا هو ڌرتي دروهين سان سينو ساهڻ لاءِ وڃڻ مهل پنهنجي پريمڪائن جي نشيلن نيڻن ۾ صدين جي سار طور سوکڙي ڪري ڇڏي ويندا هئا. جنهن ۾ پپيهن جي هر پُڪار سارنگا جو سڏ محسوس ٿيندي هُئي. جنهن ۾ هر اڀرندڙ سج اڌيسينگهه سوڍي جي تلوار جي چمڪي جيئن چمڪندو هو. هر رات چندن گڍ جي چاوي ٿيڻ جي گواهي ڏيندي هئي هر شام روپلي جي انڪار جو وچن ورجائيندي محسوس ٿيندي هئي. هُن ان ڪري ئي پنهنجو ولهار جهڙو وطن ڇڏڻ نه ٿي چاهيو ۽ ٻلونت سنگهه (ٻليئي) ڌاڙيل کي سينو کولي چيو هو ته منهنجو انڪار ڪارونجهر اٿئي ڪارونجهر کي پنهنجي مقرر ماڳ تان ڪير جيئن هٽائي نه سگهيو آهي ايئن مونکي به منهنجي انڪار تان ڪير پوئتي پير ڪرائي نه ٿو سگهي.“
شابس هُجي خليل ڪنڀار کي به جنهن پنهنجي لاجواب ڪويتا ۾ هن کي صدين لئه امرتا بخشي ڇڏي. ڪيسُوڀاءُ سوڍي کي خليل ڪنڀار نظم ۾ هن طرح ڀيٽا ڏني آھي ته:

ٻليا تو ۾ ٻل ئي ڪهڙو،
تو وٽ موت اجل جون ڳالهيون،
تون آن ڦورو، ڌاڙا مارين،
تو وٽ سون پتل جون ڳالهيون
ماڻهو منجهه مٽي ڪيئن مهڪي،
توکي ڪونه سمجهه ۾ ايندو.
رت اُٻڙڪا کائي ٽهڪي،
توکي ڪونه سمجهه ۾ ايندو
مونکي ساڻ وٺڻ ٿو چاهين،
ڪارونجهر کي ڪوري کڻ تون،
۽ هي سارو ديس کڻي هل،
جنهن ۾ ٽاڪ منجهند جو اڪثر،
موکئي وارو رڻ گجي ٿو،
ڪجلاسر تي ريک ڪجل جي،
ڀوڏيسر جو ڀر سُجهي ٿو،
ناريل جو وڻ نشاني,
سارنگا جو گهر سُجهي ٿو،
اُڀيسنگهه جو امل به تازو،
ڄام خان جي اوتاري ۾،
مون لئه تازي چانهه چڪي آ
ڪولهي اٺ ڪپاريئي جا ۽‘
هڪ حسيني چانڊيو آهي،
ذات ۽ پات جو ويڇو ڪونهي،
ڌرتي دين ڌرم جيئن آهي‘
صابوسڻ جي پاڻهيارين جي،
هڪڙي ڇيل ڇٻيلي ٽولي،
سانوڻ ڪنهن ڀرپور جيان آ‘
ٽلندي مور ٽڪور جيان آ‘
ڪارونجهر جي سونهن جواني،
ڪولهي ڄڻ ته ڪڇي ٿو ڪاتر،
گهرٽياري گهاٽ مٿان ڪو،
ناتر جو ٽڪساٽ به ڪونهي‘
ڌرتي هڪڙي جاٽ به ڪونهي،
پو ءِ به منهنجو ديس ڪڏهن هي،
پرديسن ۾ ڪين نه پني ٿو،
رُت سنڀاري، ڪڪريون کائي‘
مور به ناتو ڪين نه ڇني ٿو،
هي نظارا ۽ هر منظر،
هينئڙي بار جيان ٿي بيهندو،
توسان جيڪر هلندس آئون،
منهنجو ديس اڪيلو ٿيندو،
تون نه کٿيرو کيس به ڪونهي،
ٽونئر، ٽڪون ۽ ويس به ڪونهي،
ها پر توکي ديس به ڪونهي
ماڻهو منجهه مٽي ڪيئن مهڪي،
توکي ڪونه سمجهه ۾ ايندو.
توکي ڪونه سمجهه ۾ ايندو.

ڪيسُوڀاءُ سوڍي جي حُب الوطنيءَ کي نه رڳو خليل پنهنجي کُڙکُٻيتي جهڙن خيالن ۾ چٽيو آھي پر عبدالواحد آريسر جي نثر جون سڪون لاهيندڙ ننگر جي نامور ليکڪ ساگر خاصخيلي به پنهنجي نرالي نوعيت ۽ انوکي انداز ۾ ڪيسُوڀاءُ کي ڪمال جي ڀيٽا ڏني آھي.ساگر لکي ٿو ته”ڪيسو ڀاءِ سوڍو جيڪو مردانه حُسن جو اَمُلهه ماڻڪ هو ۽ جيڪو پنهنجي ڌرتي سان دل لڳي جو انتهائي انوکو ۽ حَسين حوالو هو. ڪيسو سوڍو جنهن جي اندر ۾ مٽيءَ جي مريادا ڦوڳ جي ڦولار جيئن هر ويل هُڳيل هوندي هئي. هُو سچي ڪيسر جي سڳنڌ جهڙو ڪيسو ڀاءُ راجپوت جنهن جي شهپرن جي موڙ کان وٺي ڦينٽي جي هر ور ۾ راجپوتي روايتن جا من موهيندڙ رنگ رقص ڪندا هئا.هُن مٽيءَ جي سورهيه سپوت راجپوت پٽ کي ثقافت، تهذيب ۽ اصولن جو ڀرم سُتي ۾ پياريل هو. هُو رومانوي رنگ جو رسيا راجپوت جنهن سدائين جنم ڀومي جي ڀاڪرن ۾ رهي خزائن ۽ بسنتين کي ڀليڪاريو هو. پارڪر جي پٿريلي ڀونءِ جي اتهاس جي سفر تي جڏھن به ڪنهن مورخ پنهنجي قلم جو ڪرهو پلاڻيو ته کيس ڪيسوڀاءُ سوڍي جي ڪردار کي اڳئين قطار ۾ جاءِ اَوس ڏيڻي پوندي!.“
منهنجي ساڃاھ وند سوڍن کي مؤدبانه گُذارش آھي ته مهرباني ڪري اهڙن هيرن جو قدر ڪيو جن کي ڌرتيءَ جا ساڃاھ وند پنهنجي تخليقن جا تاج پارائي صدين لئه دوام بخشي رهيا آھن. اوهين به گهٽ ۾ گهٽ هنن جي نالي ڪو يادگار جوڙايو. ڪڏھن ڪڏھن ورسيون ملهايو. صفا وساري نه ويهو. صفا وسارڻ واجب ناهي.

***