سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

اُڌيسنگهه سوڍو

اُڌيسنگهه سوڍو


پهاڙن سان پيار ڪندڙ سوڍا هن ڌرتي جا اُهي سپوٽ پٽ آهن جن جي تاريخ سندن رت جي مس سان وقت جي نبض تي لکيل آهي. اهڙي تابناڪ تاريخ جنهن جو ورق ورق ڌرتي جي پيار سان سرشار آهي. پراڻ ڏيئي پنهنجو پرڻ پاريندڙ اهڙن ڀومي جي ڀلماڻِسين جا ڪردار هن ڌرتي جي ماٿي تي سندور جيان سجايل آهن.
هُو به انهن سورهيه وير سوڍن مان هڪ هو جيڪي ننگر جو ننگ هئا. جن پنهنجي ڀومي جي ڀلي لاءِ حياتن جا ٻليدان ڏنا. جن پنهنجي سر زمين سنڌ جي مٽيءَ جي سنڀال ڪندي دجلا جي لهرن وانگي رت وهايو. هُو ويرا واھ جي وڏ ڌڻي حاڪم لڌو سنگهه سوڍي جو اهو موڀي پٽ هو جنهن پنهنجي پراڪرمي پيءَ جي ” سُت “ جي لڄ رکندي، ڌرتي تان ٻلهيار ٿي پنهنجي راجپوتاڻي ماتا جي ٿڃ ملهائي.
هُو جيڪو اماوس راتين جو ويرا واھ جي کيتن ۾ کُڙکٻيتن جي پويان ڊوڙندي وڏو ٿيو هو. هُو جيڪو سانگا جي ڇوليون هڻندڙ ڇر ۾ ڪنهن وينگس جي ڇتن کي ڇاڇولي ڇڙواڳ بڻيو هو. هُو صفا ارڏو هو. هن پارڪر جي پٽن تي ڪيئي ڪُميت ڊوڙايا هئا. هن جئيڻ چاهيو ٿي، آزاد فضائن ۾ ڪنهن اڏامندڙ پکي جيان پر قسمت ۾ ڪجهه ٻيو ئي لکيل هو. اُڌيسنگهه عرف اُڌمل سنگهه سوڍو هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي من پسند سُرخي گهوڙيءَ تي چڙهي پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڀر واري ڪنهن ڳوٺ ويو هو. 1853ع وارو سال هو. هُو ننگر کان الاهي دور وڃي چڪو هو. هن کي ڪائي ڪل نه هئي ته سندس ڌرتي پيرن هيٺيان ڇني ويندي. هُو امل ڪسونٻي جي خمار ۾ گهوڙيءَ کي سراڙا ڏياريندو هليو ويو ۽ پويان ننگر ٻري پيو هو. 1853ع ۾ ڪنهن خود دار سوڍي جي هڪ ڪلارڪ سان ٿيل معمولي ڏند اوٿل غير معمولي موڙ اختيار ڪندي وڏو ممڻ مچائي ويئي.
شانت سوڍن جي وسيع سينن ۾ بغاوت جي جوار ڀاٽا اٿلي پيئي. سورهيه وير سوڍن سرعام سرڪاري نافرماني ڪندي پنهنجي آزاد وطن جي گهر ڪئي. سرڪاري دفترن کي دکائي، روڊن کي اکيڙي ۽ ٽيليفون تارن کي ڪٽي سڄي ننگر جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيائون. ڪرنل تروٽ حيدرآباد مان اسپيشل فوج گهرائي ۽ ٽي ڏينهن کان پوءِ حالتن تي ڪنٽرول ڪري سگهيو. پنج هزار ڪولهين جي فوج سان گڏ سوين سوڍن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. انهن ۾ اُڌيسنگهه سوڍي جو پيءُ حاڪم لڌوُسنگهه صاحب ۽ روپلو ڪولهي به گڏ هئا.
اُڌيسنگهه سوڍو پنهنجو ضروري ڪم ڪار لاهي جڏهن سندس اباڻي ڳوٺ ويرا واھ موٽي رهيو هو. تڏهن گهرٽياري ڳوٺ وٽ سندس گهوڙيءَ ڳوٺ ۾ وڄندڙ دهول تي ناچ ڪرڻ لڳي. گهوڙيءَ جي نرالي نرت تي هي شهسوار سوڍو تمام گهڻو سرهو ٿيو هو. هُو گهوڙيءَ تي چڙهيل هو ۽ گهوڙيءَ نچي رهي هئي. اها ماجرا ڏسي ڀر مان لنگهندڙ هڪ ارڏي ڪولهي ڪڙو ويڻ آڇيندي چئي ڏنو ته اي وطن جا وارث ! ” تون هتي گهوڙيءَ پيو نچائين ۽ تنهنجو پيءَ جيل ۾ پيو آهي“ ڪولهي جي هن ڪَک جيڏي ويڻ سَت فوٽ سوڍي کي آريءَ وانگي وڍي ڇڏيو. ڪولهي جي ٻار ڄڻ باھ تي تيل هاريو. اُڌيسنگهه سوڍي لغام کي ڪَشي سڌو ننگر جو رخ ڪيو. مينهن واءُ ڪندي پلڪ جهپڪ ۾ ننگر پهچي پهرين جيل جو دروازو ٽوڙيو، پنج هزار ڪولهين جي لشڪر سميت پنهنجي پيءَ کي به آزاد ڪرايو ۽ پوءِ تروٽ جي ڪڍ لڳو. تروٽ کي ڊوڙائيندو بندوق جا فائر ڪندو ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته تروٽ پنهنجو ساھ بچائيندي هڪ موچيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو ۽ ڍڳيءَ جي کل اوڍي لڪي ويو. ڍڳيءَ جي کل ۾ لڪيل هئڻ ڪري هن ست وادي سوڍي رحم ڪري معاف ڪيو. هن بابت هڪ دوهُو ملي ٿو ته:

اُڌيسنـگهه آيو جي ڀورو ڀڄايو
ڀوري را ڪر ڪنپيا جي نان موچيءَ بچايو

(اڌيسنگهه سوڍو آيو جنهن انگريز کي پنهنجي ڀونءَ تان ڀڄائي ڇڏيو. انگريز جو انگ انگ ڏڪڻ لڳو، ميگهواڙ پنهنجي رڱڻ جي کلن ۾ لڪايو.)

اُڌيسنگهه سوڍي جي اڏولتا ۽ سورهيائي بابت انيڪ ڍاٽڪيءَ دوها ملن ٿا. جن کي پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته، واقعي هن مرد مجاهد ۾ اها مڻيا هئي. تڏهن ته ڪوين ساراهيو آهي.

ڪارونجهر ري ڪارڻي آيو اُڌيسنگهه آپ
سوڍي آگڙ ڪوڻ لڙي ويريئي ڪيڌا ورلاپ

(ڪارونجهر جي ڪري اُڌيسنگهه پاڻ جنگ جي ميدان ۾ آيو.دُشمنن اچي دانهون ڪيون ته، هن وير بهادر سوڍي سردار اڳيان ڀلا ڪير بيهي سگهندو.؟)

اڌمل ري انگ انگ جوت جهڙڪا ڪري
ڏيکي روپ ڏهيت رو فرنگي ڀاگو ڦري

(اڌيسنگهه سوڍي جي سرير مان باھ جا اُلا نڪري رهيا آهن. هن ڏهيسر جو روپ ڏسي فرنگي ننگر جي رستن تي وائڙن وانگي ڊوڙي رهيو آهي.)

اڌمل اهڙو روپ جهڙو ڏونگر مٿي ڏيئو
راکيو ڀرم ڀومي نو جُگ جُگ سوڍا جيئو

(اي! اُڌيسنگهه سوڍا تنهنجي سونهن ائين آهي جيئن جبل مٿي ڏيئو، تون ڌرتي جي لڄ رکي آهي، شل جڳا جڳ جيئرو هجين.)

اڌمل سوڍا ويراواھ نان ڀومي ٿانرو ننگ
مت گنواڙي ماتر دروهيان ري سنگ

(اي! ويرا واھ جا سوڍا اڌيسنگهه هي ڌرتي تنهنجو ننگ ۽ ناموس آهي. غدارن سان گڏجي پنهنجي ماءُ کي نه وڃائج.)

تلوار اُڌيسنگهه ري ثابت ويڄ سڙاڪ
ٻگتر وار واڍي ٻيوڙا ڏاڪڻ بڻڪي ڏڙاڪ

(اُڌيسنگهه جي تلوار هُوبهو وڄ وراڪن جهڙي آھي.هر وار تي ٻيڻا وڍي ويرين کي ڏائڻ وانگي کپائي رهي آھي.)

پنهنجي راجپوتاڻي آڻ، ماڻ ۽ شان کي برقرار رکندي، هن تيجوان سوڍي انگريزن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. ڪارونجهر جي پهاڙن جيان اٽل ارادن جي مالڪ اڌيسنگهه کي انگريز سرڪار ڪيئي لالچون ڏنيون پر هن آڻ نه مڃي. انگريزن هن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. نيٺ هو ننگر جي راڻن سان گڏ ڪارونجهر جي غفائن ۾ روپوش ٿي ويو. جتي هن کي ۽ سندس ساٿين کي ماني ڳڀي سان گڏ روزانو حال احوال روپلو ڪولهي ڏيندو هو. روپلو سوڍن جو وفادار سپاهي ۽ هڪ محبت وطن شهري هيو. روپلي ڪولهي کي انگريزن نيٺ مقامي غدارن مهاوجي لهاڻي ۽ هنس پُري ٻاووي سان گڏجي گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿن مقدمو هلائي ڦاهي ڏني ويئي. روپلي جي ويرگتي پراپت کان پوءِ سوڍي اڌيسنگهه ۽ سندس پيءَ لڌويسنگهه کي جيل ۾ وڌو ويو. ٻنهي کي 14 سالن جي سزا ڏيئي انڊمان ڪوبر جي جهنگلي ٻيٽن ۾ ڪاري پاڻي اُڪاريا ويا. ڌرتي خاطر طرحين طرحين جون تڪليفون ڀوڳي نيٺ هو مٽيءَ جي مٺ پنهنجي مٽيءَ سان ملي امرتا پائي ويا.
پنهنجي مٽي منجهه ملان جي آئون امرتا پايان.
شيخ اياز

ايڪ نان اُڌيسنگهه جيسا پارڪر جڻيا پُوت لاک
ڪر ڀوري را جڏ ڪانپيا سورج اُگتي ڀري ساک

(پارڪر جي ڀاڳوند ڀوميءَ لکين سورهيه پُٽ ڄڻيا آھن، پر هن جهڙو هڪ به نه ٿيو. اُڌيسنگهه جڏھن تروٽ تي حملو ڪيو تڏھن اُن فرنگيءَ جو روم روم کڙو ٿي ويو هو.هن جو بدن ڏڪڻ لڳو هو.جنهن جي شاهدي اُڀرندڙ سج ڀري ٿو.)

ڪنهن مڌ ڀري ماڻڪيءَ جي اکين جهڙي ننگر جي مٽيءَ ۾ ملي امرتا پائي ويندڙ اڌيسنگهه کي اڄ ڪلهه جا تعصب پرست مؤرخ ڀلي کڻي ياد نه ڪن پر سانگا هن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هُوءَ هر ڇولي ۾ هن جو نالو ڇُلڪائيندي رهندي. ڪجلاسر جي هر ڪجلي هن جي پرجلال نهار کي پنهنجي اکين ۾ ڪجل ڪري پائيندي رهندي. ويرا واھ جو هر وڻ هن جي سمادي کي جُهڪي سلام ڪندو. ننگر جي ناسي پٿرن تي هلندڙ وقت جو هر سياح وسڪاري ۾ هن جي تجليدار تاريخ پڙهي نه رڳو واھ واھ ڪندو پر هن جي اوڏل ۽ سچي ڪردار تي ڪجهه لکڻ لاءِ بار بار سوچيندو. ڇاڪاڻ ته هي ديس جو اهڙو هيرو هو جنهن کي وسارڻ وس کان مٿي آهي. افسوس جو اسان جي سرڪار اهڙن املهه ڪردارن کي صفا وساري ڇڏيو آهي. ورسي به نٿي ملهائي، حڪومت کي گهرجي ته اهڙن تاريخي ڪردارن جي ياد ۾ ڪي يادگار جوڙائي ۽ انهن تي هر سال ورسي ملهائي، ڌرتي جو حق ادا ڪري..ننگر ۾ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ هن مهان سوڍي کي ڏنل سندم ڀيٽا هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو.

ڪُروشيتر ۽ ڪربلا ۾
رڻ گجڻ جي راڙي جهڙو
ڪَتيءَ جي ڪنهن ڪاڙھي جهڙو
ارڙھين صدي سجُ اُڳي ٿو
نيرو نيرو نُڀ لڳي ٿو
ماتم جهڙي موسم پسندي
ننگر ۾ هڪ نار چوي ٿي
اولهه کان ڪا آڦٿ ايندي
منهنجو ڏونگر ڏاري ويندي
ماروئڙا سڀ ماري ويندي
کيت اسان جا کاري ويندي
مون کي ڳڻتي ڳاري ويندي
فرنگي ڦُرندا ڏوٿيءَ پوٿيءَ
ڪير بچائي منهنجي ڀوميءَ
ننگ لتاڙي نيرا ناسيءَ
ڀورا ڀيلي ڌرتيءَ ويندا
ناريءَ جا هي ويڻ ٻُڌي ٿو
ويرا واھَ جي واٽ مٿي ڪو
اُڌمل مُڇ وٽيندي چئي ٿو
لاڌي جو مان ”سُت“ سڏايان
لعنت آ جي ڪنڌ جهُڪايان
ناريءَ تنهنجي سامهون سامهون
سانگا جو اڄ سَونهنَ کڻي مان
ڌرتيءَ سان وردان ڪيان ٿو
سِر لٿي جو ڌڙ لڙي ٿو
اهڙو منهنجو وڙ لڙي ٿو
توکي سيس کپي جي سنڌڙي!
پهرين ڪنڌ ڪپي وڃ منهنجو
پوءَ ڀي جي ڪو توسان وڙهندو
هانسو دودي ڀيڙو هوندو
ڪرنل سان ڪو ڪرن به لڙندو
سهتا سوڍا سنگ سنگ مرندا
سارنگ سان گڏ رڻمل سوڍو
ٽلٽيءَ ۾ ٽاڪوڙا وجهندو
تلوارن سان ڏينهن جا تارا
تروٽ کي ڪو ڪلجي ڏَسندو
منهنجي ڪُل جو رت انوکو
پراڻ وڃائي پرڻ بچائي
تنهنجو ڀرم جڳن لئه رکندو!
ڪارونجهر جئن ڳاٽ وڏي سان
پنهنجو ڌرم جڳن لئه رکندو!

***