سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

وينجهراج سنگهه سوڍو

وينجهراج سنگهه سوڍو

مڪواڻا راجپوتن جي راڄڌاني ڪيرٽي ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي. ڪيرٽي جنهن ڪيسر مڪواڻي جهڙي مهاوير بهادر جي سورهيائي کي پنهنجي تاريخ جي سيني ۾ سنڀالي رکيو آھي. ڪيرٽي جنهن جي ”پڳ واءِ“ جي پيڍلين تي پير رکي پاڻي ڀريندڙ پاڻھيارن جي گلاب رنگ پيرن جا پدم اڄ به صحرا ۾ ساھ کڻن ٿا. پارڪر جي پرمار راڻي گووند راءِ جي ڪنور راڻي چندڻ جي ناناڻڪي نگري طور تاريخ ۾ مشھور ڪڙلي نگر کي مختلف وقتن تي مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي. ڪريم فقير جهڙي ڪوئل ڪنٺ راڳي جي هن جنم ڀومي کي ڪڏھن ڪڏھن ڪيرنٽي گڊ جي نالي سان سُڃاتو ويو آھي. نٻن سوڍن جي هن نامور نگري ۾ ڪيئي ماڻينگر مرد مجاهد پيدا ٿيا آھن. ڪيئي ڪوپا ڪونڌر ۽ سُورا پورا راجپوت هن ڌرتيءَ جي ڪُک مان اتپن ٿيا آھن.مگهجي، وجئه سنگهه، اڻندسنگهه خانجي، اوناڙ سنگهه سوڍو ۽ وينجهراج سنگهه سوڍو گڻن ڀريئي هن ڳوٺ جا جڳ مشھور ڪردار هئا.جن جا جيون چريتر اڄ به سماج ۾ رول ماڊل واري حيثيت رکن ٿا.
پهرين مئي 1933ع تي سردار سنگهه سوڍي جي گهر ۾ اک کوليندڙ وينجهراج سنگهه سوڍو عقل جو وِير هو. انتهائي گهڻ پڙھيو هئڻ ڪري تعليمي ۽ تدريسي نظام کي پنهنجي نرالي نوعيت ۽ انوکي اک سان ڏسندو هو. هُن جي دورانديش ذهين ۾ هر وقت اها ئي ڳالهه گردش ڪندي هُئي ته ڪنهن به سماج جي ترقي ۾ تعليم لازمي آھي. تعليم کان سواءِ ڪو به سماج، ڪو به ملڪ ۽ ڪا به قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي. ترقي جي لئه تعليمي نظام کي سُڌارڻ انتهائي ضروري هوندو آھي. زندگيءَ ۾ سدائين سچ جو ساٿ ڏيندڙ، ڪوڙ کان ڪوهين ڏُور ڀڄندڙ هن مردم شناس مرد جي روشن جيون چريتر تي ڪو به بدگماني جو داغ نه هو. نه ته اسان وٽ اڪثر ڪامورا ڪرپشن جي الزام وارن اڱارن سان ڪارا ٿيل هوندا آھن. هن سموري عُمر تعليم لئه پاڻ پتوڙيو. جڏھن استاد هو تڏھن هُن استاد ٿي ٻارن کي پڙھايو. جڏھن هو آفيسر ٿيو تڏھن هڪ ايماندار آفيسر وانگي تعليمي نظام ۾ سُڌارا آندا. هن تعليمي معاملي ۾ ڪڏھن به، ڪنهن سان به سمجهوتو نه ڪيو. پنهنجن ويجهن رشتيدارن کي به تعليمي معاملي ۾ بخش نه ڪيو. هُو هڪ بهترين انتظاميه ۽ انتهائي ڪڙڪ قسم جو عملدار هو. هُو وقت جي ڪنهن به چڱي مُڙس جي سفارش نه مڃيندو هو. هن تي ڪنهن به سياستدان جي چٺي چپاٽي اثر نه ڪندي هُئي. هُن جي زندگيءَ جو اهم مسئلو هو ته ڪنهن جو به ٻار هُجي، ڪهڙي به ذات سان، ڪهڙي به مذھب سان تعلق رکندڙ ھُجي پر تعليم پرائي. هُو ته انهن کي به چوندو هو جيڪي هن سان نه ٺھندا هئا ته پنهنجا ٻار ڏيو ته سُڌاري ڏيان ۽ هن الئه ڪيترن غريبن جا ٻار پنهنجي ذاتي خرچ سان سُڌاريا. وينجهراج سنگهه جا پڙھايل الئه ته ڪيترا هونهار شاگرد اڄ تمام وڏن عهدن تي ويٺل آھن.
مهمان نوازي سندس ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل هُئي. مهمان جو آدر ڪرڻ هن جي رت ۾ شامل هو. راجپوتي ريتن، روايتن ۽ پُراڻين پرمپرائن کي پارڻ ۾ به هي سوڍو مڙني کان مٿي هو. ڪنهن وقت ۾ سوڍن ۾ ٽي ماڻھو انتهائي سُپيريئر طاقت رکندڙ ماڻھون هُئا، ائين کڻي چئجي ته هنن جي چوڻ کان سواءِ سوڍن ۾ پن به ڪون چُرندو هو. اُھي هُئا، وينجهراج سنگهه سوڍو ڪيرٽي، خانجي سوڍو ڪيرٽي ۽ پيرڏان سنگهه سوڍو پاٻُوهر. هي اُها ٽمورتي هُئي جيڪا سوڍڪي سماج ۾ ڪا نئين روايت به ترويج ۾ آڻڻ جي سگهه رکندي هُئي. هنن جي گڏيل فيصلي کي سمورو سماج سويڪار ڪندو هو.
وينجهراج سنگهه سوڍي شروعاتي تعليم مٺي مان حاصل ڪئي. 1949ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ تُرت ئي 26 جون 1954ع تي پرائمري ماستر طور سرڪاري ملازمت ملي ۽ مٺي ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيائين. ان کان پوءِ اڳتي تعليم جاري رکندي گريجوئيٽ (B.A) ۽ پوسٽ گرجوئيٽ (M.A) جا امتحان پاس ڪيا. گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي ۾ (J.S.T) طور تعليمي خدمتون سر انجام ڏيڻ کان پوءِ مڊل اسڪول اسلامڪوٽ ۾ به (J.S.T) طور ڪم ڪيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول آھو ۾ هيڊ ماستر طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. ان کان پوءِ پروموشن ٿي ۽ بيٽ آفيسر جي عهدي تي مٺي ۽ ڏيپلو جي مختلف بيٽن تي ڪم ڪيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول ميرپورخاص، رسول آباد، جيمس آباد (ڪوٽ غُلام محمد) ٺري نظاماڻي ۽ ڪيرٽي ۾ هيڊ ماستر طور H.ST واري عهدي تي تعليمي ۽ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. وينجهراج سنگهه سوڍو ڪجهه وقت بدين ضلعي جي پنگريو ۽ نندو شھر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪولن ۾ به هيڊ ماستر ٿي رهيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ ۾ به ڊيوٽي ڪيائين. 1985ع ۾ تعليم کاتي ۾ ترقي ملي ۽ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفسير (S.D.E.O) واري عهدي تي شروعات ۾ ٽنڊو محمد خان سب ڊويزن ۾ نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ 1988ع ۾ سب ڊويزن مٺي ڏيپلو ۾ فرائض سرانجام ڏنائين. ان کان پوءِ وري پروموشن ملي ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (D.E.O) طور مٺي ضلعي ۾ ڪم ڪيائين جتان 30 اپريل 1993ع تي رٽائرٽمينٽ وٺي پنهنجي شاندار ڪيريئر جي شاندار پڄاڻي ڪيائين.
وينجهراج سنگهه سوڍي ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي مان ڀوڄراج سنگهه ولد سردار سنگهه ڀٽي جي ڌيءَ ڍيلان ٻائي سان شادي ڪئي. ان مان کيس پنج نياڻين ۽ ٽن پُٽن جو اولاد ٿيو. پُٽ هر هڪ نالي ڀورجي (نگجي) ، هيمراج سنگهه ۽ ٻهادر سنگهه آھن. ڀورجي زرعي ريونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان (B.E) ڪئي آھي. هيمراج سنگهه (B.Com) ڪيو آھي ۽ ٻهار سنگهه (M.A.....English) جو امتحان پاس ڪيو آھي. سڀئي پڙھيا لکيا ۽ سورها سُکي پنهنجي مڇي ماني وارا آھن ۽ هن وقت سڀ هندستان جي رياست گجرات جي ڀڄ ضلعي جي نکتراڻي تعلقي ۾ ڳوٺ نيترا ۾ سڪونت پذير آھن.
وينجهراج سنگهه سوڍي جي هونهار شاگرد ۽ ويجهي ماضي ۾ ٿر جي مشھور ڊاڪٽر ڪانجي ڳوٺ ڏونٺار حال ۾ نکتراڻا ڪڇ ڀڄ کان مون وينجهراج سنگهه سوڍي بابت راءِ پُڇي تڏھن ڊاڪٽر ڪانجي آر سوڍي لکي موڪليو ته”وينجهراج سنگهه سوڍو رعبدار چهرو، مضبوط جسم، سندر سڀاءُ، اڻٿڪ محنت ڪش، نسوارٿ، سماج شيوڪ، ستيه وادي، مهمانواز، سخت انتظاميه، ڪڙڪ عملدار ۽ تعليم يافته انسان هئا.مهمان نوازي سندس خانداني گُڻ هو پر چاپلوسي ۽ مکڻ پاليسي ڪڏھن به نه ڪندا هئا. اتفاق سان ڪڏھن ڪنهن سان تڪرار به ٿي ويندو هو ته چاهي دنگ جو هُجي يا سيڙھي سنڌي جو، گئوچر جو هجي يا سياسي هجي پاڻ هميشه پريم سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.اگر ڪير نه سمجهندو هو ته سرعام سامهون اچي مرد مجاهد طور مقابلو ڪندا هئا. پرپُٺ گلا ڪري مُک ۾ رام بغل ۾ ڇُري وارو ڪم نه ڪندا هئا.
رهي ڳالهه سخت انتظاميه جي سو ڪنهن به ٿرواسي کان لڪيل ناهي. مون وٽ ڪيئي مثال آھن پر مختصر طور هڪڙو ئي مثال ڏيندس ته ڪيرٽي جي اسڪول جي وزٽ دؤران سندس سڳو ڀائٽيو چندن سنگهه غير حاضر هئڻ ڪري معطل ڪري ويا.سدائين چوندا هئا آفيس جي ٽائم آئون هڪ آفيسر آھيان ۽ گهر گرهستي ۾ اوهان جو مائٽ ۽ دوست آھيان. سندس جسماني سگهه سان گڏ منوٻل يعني ذهني طاقت به ايشور اپرم پار ڏني هئي. ڌارمڪ گُڻ ۽ سهڻا سنسڪار کيس وڏڙن کان وراثت ۾ مليل هئا. سندس والد صاحب محترم سردار سنگهه اڻپڙھيل هئڻ باوجود نيڪ دل ۽ ڄاڻون ماڻھون هو. سندس چاچو اوناڙ سنگهه سوڍو راڄنيتيءَ ، صلح پسندي ۽ محبت جو ڀنڊار هو. اڄ به ڪيرٽي جو نالو اوناڙ سنگهه جي نالي سواءِ اڌورو آھي.“ ڊاڪٽر ڪانجي واري راءِ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته وينجهراج سنگهه سوڍو هڪ مثالي اُستاد، هڪ مثالي بيوروڪريٽ ۽ هڪ مثالي مهمان نواز سان گڏ پنهنجي ڪم سان سو سيڪڙو ڪميٽيڊ هڪ مهان ماڻهون هو، جنهن جي ڪمي اڄ نه رڳو ڪيرٽي کي محسوس ٿئي ٿي پر سمورو ٿر هُن کي ساري ٿو. هُن جي دؤر ۾ رهندڙ اُستادن جي ڪنن ۾ اڄ به هن جو ڪڙڪ آواز گونجي ٿو ۽ هن جي گهوڙي جي ٽاپولي اڄ به ڊُگ ڊُگ ڪري پيئي. سنڌڙيءَ جو هي سپوٽ سوڍو 1994ع ۾ وطن کي جدائي جو تحفو ڏيئي هميشه لئه هند هليو ويو، جتي سندس ساھ جو سڳو سنڌ کي ساريندي تاريخ 26 جون 2007ع تي ٽُٽي پيو.

***