سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

راڻا همير سنگهه سوڍو

راڻا همير سنگهه سوڍو

هُو جنهن جي ارجمند اکين جو اوجيس سواءَ نيزي تي اڀريل سج وانگي تيز آهي. جنهن جي نيڻن ۾ نيڻ وجهي ڳالهائڻ وقت جي ڪنهن به واڳ ڌڻي جي وس جي ڳالهه ناهي. هُو جنهن جي رنگين پٽڪي جي ور ور ۾ وطن سان وفا جا وچن ائين ويڙهيل آهن جئين ٻوٿارين ڄارين سان پينجولا پيوند ٿيل هوندا آهن. جڏهن به ڪو اوڇلو پاڙيسري سندس محبوب وطن ڏي ميري اک کڻي ڏسي ٿو، تڏهن هي محب وطن سوڍو ڇاتي ٺوڪي ديس جي دشمن کي چيتاوڻي ڏيندي وڏي واڪي چوي ٿو ته، ”ديس ران دنگان آن ننگان ري حفاظت سارون مرڻ آن مارڻ جاڻون تا. متان ڪو ويري مانجي ملڪ نان ميلي اک سين جوئي“ سندس انهي شعلا بياني ۾ ديس ڀڳتي جا سمورا درس سمايل آهن. هُو جنهن کي ڍاٽ جي تراب واري تخت گاهه جو طنطنه وشال وشو جي ڪنهن به طائوسي تخت کان مٿي لڳي ٿو. هُو جنهن جو هن ڀاڳوند ڀومي سان ازلي ارتباط ائين آهي جئين ڀاروڙين جو ڀٽن سان.! هُو جڏهن هٿ ۾ سِلور جو سفيد ڪڙو پائي، مٿي تي ڪيسريو ڦينٽو ٻڌي تريٽي ۽ قميص واري راجپوتي روايتي لباس ۾ هزارين ماڻهن جي ميڙ ۾ پنهنجي منفرد انداز ۾ پڄندو آهي تڏهن راڻن جي ريت جُگن جي جيت لڳندي آهي. هُجوم ۾ موجود سڀئي ماڻهو اٿي بيهي استقبال ڪندي ڪورس جي انداز ۾ مجروسا ڪندا آهن ۽ سندس هڪڙِي ادا تان فدا ٿيڻ جا وچن ورجائيندا آهن. هُو جڏهن تاڙين جي گونج ۾ رنگ منچ تي چڙهي ڪنهن رائوڊي راٺوڙ جيان مُڇن کي تاوَ ڏيئي مُنجرو ڪندو آهي تڏهن سوڍن جي صاحبي وارا پيڙهين جا پنڌ سجايا ٿيندي نظر ايندا آهن. هُو پنهجي ڀلسر ڀومي جي ڀرم ۽ ڪرم کي قائم ۽ دائم رکندي ڪيهر جهڙي انداز ۾ ڀاشڻ ڏيندو آھي. عوام بي صبري سان هن جي هڪ هڪ لفظ کي ٻڌڻ لاءِ اُتاولي ٿي انتظار ڪندي آهي ۽ هُو ڪنهن ليجنڊ فلمي اڀينيتا جيان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، عوام جي دلين ۾ لهي ويندو آهي. ڍاٽ جي ڍولڻ جنتا پنهنجي پڳدار ۽ ڪندرا راڻي جي تابش ڀري تقرير ائين ياد ڪندي آهي جيئن ڪو ذهين شاگرد نصاب ۾ موجود نظم ياد ڪندو آهي. راڻا همير سنگهه ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان پرائي ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان انجنيئرنگ جي ڊگري پاس ڪندڙ راڻو اعليٰ تعليم لاءِ هندستان به ويو.
راڻا همير سنگهه اجمير شريف (راجستان) جي ٺڪاڻي ٽانٽوٽي جي جوڌا راٺوڙ راوَ گهنشام سنگهه جي گهران شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ پُٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. پٽ جو نالو ڪنور ڪرني سنگهه آهي. راڻا صاحب پنهنجي وڏي راجمڪاري راجستان جي ٺڪاڻي اَؤئا جي چمپاوت راٺوڙ ۾ پرڻائي آهي. وچيٽِ راجڪماري آواگڊ اُتر پرديش جي جادو (يڌو ونسين) ۾ پرڻائي آهي. ۽ ننڍي راجڪماري ٻلرام پُر، اُتر پرديش جي جنور (تنورن) ۾ پرڻائي آهي.
11 مارچ 1957ع تي راڻا چندر سنگهه جي گهر ۾ اک کوليندڙ، جاگير جي هن مردم شناس مرد پنهنجي سحر آميز سياسي ڪيريئر جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي هئي. جداڳانه اليڪشن ۾ پاڪستان هندو پارٽي جي ٽڪيٽ تي 1991ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. ٻيو ڀيرو 1993 ۾ ساڳي پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاھ واري دؤر حڪومت ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وٿ ايگريڪلچر اينڊ ريسرچ جو صوبائي وزير ٿي رهيو.
سندس دؤر وزارت ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ هن تمام اهم ڪم ڪيا، جيڪي واکاڻ جوڳا آهن. 1997ع ٽيون ڀيرو پاڪستان هندو پارٽي جي ٽڪيٽ تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ سازدا سنڌ جو وائيس چئرمين ٿيو. 12 آڪٽومبر 1999ع تي آمر مشرف جي راتاهي هڻڻ سان سندس سياسي ڪيريئر به ڪجهه سالن لاءِ خاموش ٿي ويو. راڻا همير سنگهه جي سياسي زندگي ۾ وري هڪ موڙ تڏهن آيو جڏهن مشرف بلدياتي نظام بحال ڪندي اختيار عوامي نمائيندن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 2004ع ۾ راڻا همير سنگهه عمرڪوٽ ضلعي ناظم لاءِ پُر اميد هو پر ڪنهن شاطر دماغ سياستدان جي چال هن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ويئي ۽ مجبورن هن کي ضلعي نائب ناظم ٿيڻو پيو. هن هيڏي ساري سياسي ڪيريئر ۾ سندس شخصيت تي ڪو به داغ نه لڳو. هي ڪرپشن کان پلر جئين پاڪ هو. راڻا چندر سنگهه جي حياتي ۾ هن جي ڪُلهن تي ڪو به بار نه هو. سياست ۾ سرگرم هئڻ جي باوجود هي عوامي رابطي کان بلڪل ڪٽيل هو انڪري هن جي عوامي مقبوليت تڏهن ايتري قدر نه هئي، جيتري راڄ تلڪ وٺڻ کانپوءِ وڌي آهي، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي عوامي رابطي ۾ آهي. هن سان ٿر جي جنتا پل پل ڳنڍيل آهي ۽ هو ان عوامي طاقت جو ڀرپور سياسي فائدو وٺي رهيو آهي
2002ع واري عام اليڪشن ۾ جڏهن سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (ايس_ڊي_اي) نالي پارٽي ٺاهي تڏهن راڻا همير سنگهه ان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اربابن جو اتحادي هئڻ ڪري 62 پي ايس مٺي تان صوبائي سيٽ لاءِ (ايس ڊي اي ) جي ٽڪيٽ تان فارم ڀرايو پر سندس سياسي حريف اشوڪ رتناڻي جي سياسي چال سبب فارم بحال نه ٿي سگهيو. ڪورٽ سڳوري ۾ جج جي سوالن جا جواب ڏيندي راڻو پنهنجي راجپوتاڻي جذباتي جزي کي قابو ۾ رکي نه سگھيو ۽ شعلا بياني ڪئي. جج چيو:’’آهستي ڳالهاءِ هي ڪورٽ آهي.‘ تڏهن وراڻائين: ’’منهنجو آواز فطرتن اهڙو آهي.‘‘ جج چيو: ’’اکيون نه ڏيکار‘‘ چيائين:” منهنجون قدرتن اکيون اهڙيون آهن“. اهو ٻڌي جج ڪروڌ ۾ اچي ويو ۽ سندس ڊگري ڀارت جي هئڻ جو جواز ڄاڻائي فارم رد ڪري ڇڏيو ۽ همير سنگهه سندس سؤٽ راجوير سنگهه سوڍي کي اها سيٽ ڏيئي ڇڏي. اشوڪ ته نه کٽي سگهيو پر راڻا همير سنگهه چوٿون ڀيرو ايم پي اي نه ٿي سگھيو. جيڪو تازو 2018ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کيس اقليتين جي مخصوص سيٽ تي پهرين نمبر تي نامزد ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ چوٿون ڀيرو پهچايو آھي.
2008ع وارين چونڊن ۾ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم راڻن جي ٿر تي راڄ کي ماضي جي قصي ۾ تبديل ڪرڻ خاطر سياسي چال سان انهن کي ريجهائي ٿر مان بلڪل ڪلين ڪري عمرڪوٽ تائين محدود ڪري ڇڏيا ته جيئن اهي راجپوتن جي رابطي کان ڪٽيل رهن ۽ عمرڪوٽ ۾ هميشه هارائيندا رهن. 2008ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر سيد علي مردان شاھ جي سامهون راجوير سنگهه کي بيهاريو ويو. اربابن جي سياسي سوچ رنگ لاٿو ۽ راجوير سنگهه سوڍو اها سيٽ وڏي مارجن تان هارائي ويو.
پهرين آگسٽ 2009ع تي راڻا چندر سنگهه جي ديهانت ٿي ويئي ۽ 2 آگسٽ تي راڻا چندر سنگهه جي انتم سنسڪار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنور همير سنگهه کي راج تلڪ ڏيئي راڻو بڻايو ويو. راڻن جي اها پرمپرا رهي آهي ته، راڻي جو جان نشين راڻي جي ديهانت بعد ترت راج گدي تي ويهندو آهي ۽ اهو راڻي جي انتم سنسڪار ۾ به شامل ناهي ٿيندو.
2 آگسٽ 2009ع تي ڍاٽ جي 36 هين تاجدار راڻي جي پدوي پائيندڙ همير سنگهه 2013ع واري عام چونڊن تائين جاگير ۾ خاموش رهيو. 2013 ع واري عام چونڊ راڻا همير سنگهه جي حياتي ۾ حيرت انگيز تبديلي آندي. عوامي لهه وچڙ کان پري رهندڙ ۽ خاموش طبه راڻو سياسي آکاڙي ۾ ڪيهر شينهن بڻجي ڪڙڪي پيو. ٿيو هينئين جو راڻو همير سنگهه ڀارت جي دوري تي ويل هو ۽ پويان عام انتخابات جو اعلان ٿيو، پير سائين پاڳاري راڻا صاحب کي فون ڪري فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني بلڪ ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ مخصوص سيٽ تي پهريون نمبر ڏيڻ جو به واعدو ڪيو. راڻي ڪنگري جي ڪنگ راجا سائين جي دعوت اکين تي رکي. جلد واپس وطن اچڻ جو واعدو ڪيو. وطن واپس اچي فنڪشنل جي ٽڪيٽ تي پي ايس 62 مٺِي واري صوبائي سيٽ تي فارم ڀرايو. سندس حريف هئا، مهيش ملاڻي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ۽ ارباب نعمت الله ارباب گروپ جي پليٽ فارم تان. ٿيو ڇا جو ارباب غلام رحيم کي راڻي جو فارم کُٽڪڻ لڳو ۽ هن سياسي راند رچائيندي پير پاڳاري سان ٺاھ ڪري هڪ اتحاد جوڙي ورتو. اهو ان ڪري ته جيئن راڻا هميرسنگهه کي پاڳارو صاحب هٿ کڻڻ تي مجبور ڪري. ٿيو به ائين پر راڻا هميرسنگهه هٿ کڻڻ کان نه رڳو صاف انڪار ڪيو، پر مڙس ٿي منهن مقابلو ٿيڻ جو به عزم ڪيو. اسلامڪوٽ ۾ رٿيل فنڪشنل ليگ واري جلسي کي ملتوي ڪرائڻ ۾ جڏهن اتحادي ڪامياب ٿيا تڏهن راڻي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن رنجور دل سان جيڪا ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي تنهن نه رڳو گهڻن جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا پر ٿر جي سياسي تاريخ ۾ اهڙي تاريخي تبديلي آندي جيڪا صدين تائين عوام کي ياد رهندي جنهن جي ڇاپ امٽ رهندي. پريس پڌرائي ۾ چيل راڻي صاحب جا جوشيلا جملا اڄ به ٿر جي ماڻهن کي ياد آهن. ”پنان سُوڌي موڙي چٽ ڪو ڪرڻ ڏيان“ ”کاڌو نه تو پڻ ڍوڙائي پرو ڏئيس“ ”يي ناني ويڙها نهين چلي گا“ ” ڊرائنگ روم ڪي سياست ڇوڙ دو“ جهڙا ڪيئي جملا ماڻهن کي بر زبان ياد آهن. راڻي صاحب هارائڻ پسند ڪيو پر پنهنجو ننگ ۽ ناموس برقرار رکيو. راڻا همير سنگهه جي ڪيل ان گرم جوشي واري پريس ڪانفرنس جي پڌرائي کي ممتاز نهڙئي تمام وڏي پذيرائي ڏني. ٿر جي بي روح سياست ۾ دلچسپي پيدا ڪندڙ راڻي همير سنگهه فنڪشنل وارن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ساڳي نشان گل تي اليڪشن لڙيو. ”ٺڪرن جا آهن ئي ٽي هزار ووٽ“ ائين چئي اربابن کي گمراھ ڪندڙ اڌ پڙهيل دانشورن ۽ بليڪ ميلر صحافين ٿر جي ٻن سپر پاور ذاتين نهڙين ۽ راجپوتن کي پاڻ ۾ وڙهائي ٽئين ڌر کي فائدو رسايو. سڀني جون اکيون تڏهن ٿيون جڏهن راڻاهمير سنگهه نه رڳو 15 هزار ووٽ کنيا پر سندس ٽارگيٽ کي ٿر مان 90 سيڪڙو ڪليئر هارائي ڇڏيائين. پ پ جي عظيم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري سيلاب ۾ به ٿر مان اربابن کي ڪير لوڏي نه سگهيو هو. پر راڻي جي رسامي ڌونئري ڏينهن لوڏي ڇڏيا. ”ست ويهين سوڍڪي سو ۽ ڏهين هجارين لک “ واري هميراڻي حساب کي سياست ۾ ڪير سمجهي نه سگھيو. پ پ جي سخت مخالف ڪندڙ ۽ وري ان کي کٽرائڻ لئه اربابن جي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ وارا سڀئي گُر آواز ٽي _ وي ٽاڪ شو ۾ سرعام پ پ وارن کي ٻڌائيندڙ راڻا همير سنگهه نيٺ پيپلز پارٽي جو سرگرم ڪارڪن ٿي ويو. سياسي قلابازيون ته ڪير هن کان سکي 2014ع ۾ پ پ جوائن ڪيائين ۽ 2016ع ۾ سندس فرزند پارٽي جي ٽڪيٽ تي نه رڳو ضلعي ڪائونسلر ٿيو پر ٿرپارڪر جو وائيس چيئرمين به ٿي ويو. ڪنهن پارٽِي ۾ شامل ٿِيڻ کان پوءِ ترت ايترو سياسي فائدو وٺڻ يقينن وڏي ڳالهه آهي. اهو فائدو ڏسي گهڻن گمنام سياستدانن کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ جي ”گوماڦيري“ ٿي پر ڪنهن جي به دال نه ڳري. 2013ع واري هار ۾ ئي جيت سمجهي جدوجهد برقرار رکندي راڻو صاحب اڄڪلهه ٿر جي سرگرم سياستدانن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن جا ڳڻ رڳو انجنيئر گيانچند نٿو ڳائي پر فقير کان وٺي مخدوم تائين هڙئي حب مان ٿورا مڃين ٿا. راڻي همير سنگهه کي مون حياتي ۾ پهريون ڀيرو تڏهن روبرو ڏٺو هو جڏهن هُو شاهي سواري بگي ۾ براجمان ٿي مٺي جي هاءِ اسڪول گرائونڊ ۾ پهتو هو. جتي راسوڙن جي گيتن ۽ تلوارن واري رقص جي ريتن سان ڍاٽ جي جنتا سندس والهانا استقبال ڪيو هو. 23 مئي 2010ع تي آچر جي شام جو ملهايل جشن تاج پوشي تاريخ جي ورقن ۾ سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته هي جشن ڪنهن ميلي يا تماشي ۾ ڪٺي ٿيل آوارھ ۽ اوباش ماڻهن جو هجوم نه هو، پر هي ته سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جي راڄ کي ڏسڻ واري تمنا ۾ آيل انهن قدر شناس ماڻهن جو ميڙ هو جيڪي پنهنجي راڻن سان ائين محبت ڪن ٿا جئين گلن سان ڀونئرا ڪندا آهن. جئين پوپٽن سان ٻار ڪندا آهن.! ان جشن تاج پوشي ۾ راڻا همير سنگهه کي راجپوت برادري پاران سونو تاج ، پير پٿوري جي گادي نشين پير لڌوسنگهه پنهنجي شڀ هٿن سان پارايو هو. هن تاريخي تقريب ۾ رنگ منچ تي ميزباني وارا فرض پياري شيواڻي سرانجام ڏنا هئا ۽ هن تقريب کي ولي محمد راهمي، فقير مقيم ڪنڀار، وڪيل رائسنگهه سوڍي، ڀوري مل ڪولهي، ڪامريڊ پونجي ڀيل، راڻا همير سنگهه ۽ راجوير سنگهه سوڍي خطاب ڪيو هو. راجپوتن جي مُڇن جا وار ته سولا وري سگهندا آھن، پر سندن ٻار ڏاڍا ڏنگا هوندا آهن. راجپوتن کي وس ۾ آڻڻ ۽ انهن کي متحد ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي، جيترو ڪُمندا پيرون آڻڻ. اهڙن ڏنگن ۽ وڻ وڻ جي ٽاري بڻجي ڇڙوڇڙ ٿيل راجپوتن جي الڳ الڳ نظرين کي هڪ جهنڊي جي هِيٺ آڻي انهن جي حمايت حاصل ڪرڻ واقعي غير معمولي ڳالهه آهي ۽ اها ڳالهه همير سنگهه ڪري ڏيکاري آهي. بي تحاشا مخالف جي باوجود مابعد جديديت جي ڪڙين حقيتين کي ترويج ۾ آڻي تبديل ڪري راڻا همير سنگهه واقعي تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.
21 هين صدي جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي راڻا همير سنگهه نه رڳو سياست ۾ وڏيون تبديليون آنديون پر سماجي طور به گهڻو ڪجهه تبديل ڪيو آهي. خاص ڪري راجپوت سماج ۾ تبديليون آڻي انهن کي سڌارڻ جي دلي ڪوشش ڪئي آهي. ڀيلن، ڪولهين ۽ ميگهواڙن جي مرڻي پرڻي ۾ پاڻ شامل ٿي راجپوتن کي اهو پيغام ڏنو ته انسان سڀ برابر آهن. راڻي جي انهي نظريي کي ماڻهن سويڪار ڪيو آھي ۽ سماج ۾ گهڻي قدر ڇوت ڇات ختم ٿي ويئي آھي .
ڍاٽ جي راڻن جون شاديون هميشه پردي پويان ٿينديون هيون، جن جي عوام الناس کي ڪائي پروڙ نه هئي. چارديواري ۾ پس پرده ٿيندڙ شاندار شادين جي اعليٰ رسمن ۽ رواجن کان ماڻهن کي آگاھ ڪرڻ خاطر راڻا همير سنگهه پنهنجي فرزند ڪنور ڪرني سنگهه جي شادي ست راڄي ۾ سر عام ڪئي. سمورو سال ميڊيا جو موضوع بڻيل سندس فرزند جي شادي وارن گهوٽ ڪنوار جي فوٽيج کي ميڊيا تي ڏسي هند سنڌ جا راجپوت ڪجهه قدر رنج به ٿيا پر راڻي صاحب ڪنهن جي به نه ٻڌي، قدامت پسند ۽ ترويٽي دؤر جي حامين کي اهو سنديش ڏنو ته عورتن کي پردي پويان قيد ڪري انهن جي حقن تي راتاها هڻڻ انصاف نه پر ظلم آهي ۽ آئون اهڙي انياءُ جي خلاف آهيان. راڻي جي انهي فيصلي کان پوءِ گهڻن راجپوتن پنهنجي فيميليز جا فوٽو سوشل ميڊيا تي رکيا ۽ عورتن کي ڪجهه قدر آزادي ملي. راڻا هيمر سنگهه ان کان به وڏي تبديلي اها آندي جو ريگستان جي راجپوتن ۾ عورتاڻي سياست کي متعارف ڪرايو. ٿرپارڪر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2016ع ۾ عورت ڪائونسلر شريمتي لڇمي ٻائي ( عالمسر ) ضلعي اسيمبلي ۾ پهتي آهي. ان اتهاسڪ تبديلي تي نه رڳو آئون راڻا همير سنگهه جي بلند و بالا حوصلي کي سلام ڪيان ٿو پر اهي سوين عورتون ساراهين ٿيون، جيڪي آزادي سان جڳ ۾ جيئڻ چاهين ٿيون. راڻا همير سنگهه هڪ احساس وند آدرش وادي انسان آهي. هُو هر جاندار جو قدردان آهي.سندس مخير هئڻ جي شاهدي هر ماڻهو ڏي ٿو. مهمان نوازي ۾ هي سندس پيءَ کان به گوءَ کڻي ويو آهي. مٺي واري ڪوٽڙي کان وٺي چندن گڊ ننگر واري چندن هائوس تائين مهمانن جي مان لاءِ سندس دل جيڏا دستر خوان هر ويل کليل آهن. ڇاڇري ۾ لڇمڻ سنگهه ڀوجراج واري ڪوٽڙي کي تعميرِ نو ڪري ان جي وارثي ڪندڙ راڻا همير سنگهه هڪ فطرت پسند انسان به آھي. سندس جاگير ٻنيءَ جي موڪرن ٻَنن تي بيٺل ٻٻرن جون قطارون، آڪاش ڏي هٿ اُڀا ڪري ڌونئري ڏينهن جهڙي گواهي ڏيئي چون ٿيون ته، اسان جو ڌڻي وطن جي هر وڻ جو محافظ آهي. راڻا همير سنگهه جو سندس هارين ۽ ڪمدارن کي چوڻ آهي ته، ٻني ۾ بيٺل ٻٻر جي هڪ ٽاري کي به ڪنهن ٽڪو ڏنو ته ان کي سزا آئون پنهنجي هٿن سان ڏيندس. باقي اناج کپي ته ڀلي کڻي وڃو، پر منهنجي وڻن کي ويجها نه وڃجو. راڻن جي پرمپرا مطابق شڪار ڪرڻ هر راڻي جي رت ۾ شامل هوندو آهي، پر مون هن فطرت پسند راڻي بابت ڪڏهن به شڪار جي شڪايت نه ٻڌي آھي.
راڻا همير سنگهه راجائي ٻار هئڻ ۽ اڌ صدي تائين راج گدي جي ذميواري کان آجو هئڻ جي ڪري سُوم رس جو شوقين ضرور آهي، پر کاڌي پيتي جي معاملي ۾ بنهه سادڙو آهي. ڪنهن ڪاڄ يا ڪنهن دعوت ۾ جيڪڏهن دهي ۽ کچڻي ملي وئي ته ڄڻ ڀڳوان جا 36 ڀوجن ملي ويا. ناشتي کان وٺي ڊنر تائين سادڙا کاڌا کائيندو آهي. گوشت به سندس فيوريٽ ڊش ۾ شامل آھي. هميشه پنهنجي ئي ڳالهه کي وزن ڏيندو آهي اها خوبي يا خامي چئو، پر پنهنجي موقف کي ئي سؤ سيڪڙو صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مُڇن کي تاوَ ڏئي گرهوڙي نظر سان گهُوري حاضرين تي هر طرح سان حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس اها ادا موکي ڏاڍي وڻندي به آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ به هڪڙو فن شامل هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ڪنهن جي قسمت ۾ ڏاتار وٽان ڏات طور مليل هوندو آهي. ٿر جي ٻين سياستدانن ۽ راڻا همير سنگهه جي سياست ۾ عرض و سَمان جو تفاوت آهي. ٻين سياستدانن جي منهن تي ايرو گيرو هزل گوئي ڪري برملا شعلا بياني ڪندي ويرم ئي نه ڪندو آهي، پر هي جڏهن ڪنهن جلسي جلوس ۾ پڄندو آهي تڏهن وڏن وڏن بتن کي ارتعاش وٺي ويندي آهي...
”پراڻ جائي پڻ پرڻ نه جائي“ واري پُراڻي راجپوتي پرمپرا پاريندڙ ڍاٽ جي هن مدبر مسيحا 2018ع واري عام اليڪشن ۾ گهڻن جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا. هن جي شاندار سياسي ڪيريئر تي تنقيدن جا تير وسائيندڙن ۽ هن جي پُراڻي چيتواڻي ”وڙھيس وڙھيس اينڊ وڙھيس“ تي چڙ کائي هزل گويون ڪندڙ هلڪڙن کي هن پُرامن جهموري جواب ڏيئي سموري ڍاٽ جون دليون کٽي ورتيون آھن. هاڻي هن کي مُڇون وٽڻ جو حق آھي. هن کي ست سؤ ۽ اٺ سؤ ووٽن جون پٽيون پڙھائيندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته سياست رُڳو ووٽن تي ناهي هوندي پر ان جا ڪجهه گُر پيچ به هوندا آھن جيڪي فقط ڪن ڀاڳوند سياستدانن وٽ ھوندا آھن.هن تي ڏيول جي ڏيا آھي. شل سدائين ڪيسري ڌوج جي جئه جئه ڪار ۾ هن جي جيت کي جڳن تائين دوام ملي. هن جي هشاش بشاس حياتيءَ جو سج سدائين شل ڍاٽ جي ڌوڙن تي پوري آب و تاب سان چمڪندو رهي...!
***