سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

جُوجهار سنگهه ساڏوُر

جُوجهار سنگهه ساڏوُر

سوڍن جي صاحبي واري دلربا دؤر ۾ چارڻ ڪوين جي دعائن ۽ آيل (ماتا جي) جي ڪرپا سان چمڪندڙ چيلهار جي ڀر سان اکاڻي ڍاڻي وارو ڳوٺ به عروج تي پهتل هو. اهو عروج زوال ۾ تڏهن تبديل ٿيو جڏهن بر ضمير جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي کان به وڏا وڍ انهن ٻن جنگين ڏنا. جن ۾ ڀومي جا ڀلماڻسيا هميشه لاءِ هتان هليا ويا. 71ع ۽ 65ع جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ ست راڄيا سوڍا ڇڙوڇڙ ٿي هندستان هليا ويا. انهن ۾ ”آنٻجي ري گان“ جي املهه هيري سخي ڏاتار جُوجهار سنگهه ساڏور جو ڪُٽنب به هندستان هليو ويو. جُوجهار سنگهه جنهن جي باري ۾ ڪوي چمن چارڻ چوي ٿو ته:

هل هنيا ڪر هام هلي جوجهو جانچسان
منگتان رو وسرام موٽو ست مهاسينگهه رو

(اي دل جلدي ڪر اتي هل جتي جُوجهار سنگهه رهي ٿو.جيڪو ڏيجوانن لاءِ ڏڍ آهي. مهاسنگهه جو سپوٽ پٽ آهي.)

جاچڪ پاتو جوجهو آمڇ پالتو مهراڻ
سوڍو سورج سريکو آپڻي گڊ امراڻ

(امراڻي گڊ وارو سج جهڙو تيج رکندڙ جُوجهار سنگهه ساڏور منگتن لاءِ ڏاتار آهي. هُو اسان کي ائين پالي ٿو جئين مڇين کي سمنڊ پالي ٿو.)

ساڏورڪي جي ٻارنهن تڙن ۾ مُک ڪردار نڀائيندڙ پنهنجي ڪل جي پت ۽ نڪ رکندڙ جُوجهار سنگهه ساڏور جو جنم مهاسينگهه سوڍي جي گهر ۾ ٿيو. جُوجهار سنگهه جهڙي مها پرش جو نالو سخاوت ۽ مهمان نوازي واري تاريخ ۾ هميشه لاءِ سنهري شٻدن ۾ لکيو ويندو. انتهائي ڪسمپرسي واري هيبتناڪ حالت ۾ به هن ڪڏهن به سخاوت جو سج لهڻ نه ڏنو. ڏاتار طرفان مليل هر آزمائش ۽ امتحان کي پاس ڪيو.چيلهار جي چؤرنگ نگري ۾ نشانبر سندس ڄار واري ڪوٽڙي (اوطاق) ڪنهن وقت ۾ ساڏورڪي جي سڃاڻپ هئي بلڪ سوڍن جو ننگ ۽ ناموس هئي. سوڍو جُوجهار سنگهه نيڪ نيت صاف سٿرو ۽ سچو پچو پُرش ھو. هميشه هرک جهڙو ويس پائيندڙ، ريتن ۽ روايتن جو امين هو. تڏهن ته چارڻ ڪوين هن جي سونهن، سخاوت ۽ سيرت کي شاعري ۾ چوراسي چنڊن جهڙي ڀيٽا ڏني آھي.
ٿي ڏهي وڙ ٿاٽ نت گرڻي امل گڙي
رنگ هو سگڙي ڍاٽ رنگ جُوجها راجوي

(جُوجهار سنگهه سوڍي جي اوطاري ۾ ماڻھون ڏھيءَ جون وٽيون ڀري پيئن ٿا. روز امل ڪسونٻا ٿين ٿا. اي ڍاٽ! تنهنجي سڀاڳي ڌرتيءَ جي دڳ دڳ کي جس هجي.جس هجي سوڍي جُوجهار سنگهه کي.)

مور ٽهو ڪي ون ۾ ڌيما پک کڻــــــي
موٽو ست مها سنگهه رو جُوجهو ڄگ وڻي

(جئين مور پکي بن ۾ ٽهوڪا ڪري آهستي آهستي هلندو آهي، ائين ئي مهاسنگهه سوڍي جو سپوٽ ڪنور جُوجهار سنگهه دنيا کي وڻي ٿو.)

ڪوٽان اوپر ڪوٽڙي گڊان اوپر ڄار
چڙهي چوٽي ڏونگري ڪران نائي نهار
جُوجها تانجي جاڙ چيلهاڻو چمڪايو

(وڏن قلعن تي هن جي ڪوٽڙي ڀاري آهي، ۽ گڊن کان هن جي ڄار مٿي آهي. جبل تان چڙهي ڏسان ٿو ته اي جوجهار سنگهه سوڍا! تنهنجي ڄار چيلهار کي چمڪائي رهي آهي.)
روايت آهي ته جُوجهار سنگهه سوڍو روزمره واري روايتي رهاڻ هڪ ڄار هيٺ رچائيندو هو. جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو ايندا هئا ۽ امل ڪَسُونٻا ٿيندا هئا. چارڻن ڀاٽن ۽ منڱڻهارن کي دان پُڃ ڪيا ويندا هئا.

چيلاڻي ري چارڻي گايا گڻ اپار
جُوجهي رو جهار ڪرسين پيا ڪلجگ ۾
(چيلهار جي چارڻن هن سوڍي جا تمام گهڻا گڻ ڳايا آهن ۽ دعا ڪئي اٿس ته جُوجهار سنگهه جي پوجا ڪلجگ ۾ به ڪئي ويندي.)

مذڪوره دوهي کي مد نظر رکندي ڏسنداسين ته، سو سيڪڙو سچ ثابت ٿيندو ته، چارڻن جي ڪويتائن ۾ ڪيل اڳڪٿي ڪڏهن به ڪوڙي ناهي ٿيندي آهي. ان جو مثال هي آهي ته، جُوجهار سنگهه جو جُهار اڄ به ڪيو ويندو آهي. بڊي ۽ مانگهه جي سائي سومر تي هن سخي ڏاتار جي قبر تي خيراتون ڪيون وينديون آهن نه رڳو ايترو پر برسات جي منٿ پوري ڪرڻ لاءِ آکو پايو واري رسم به هن جي آخري آرام گاھ تي ڪئي ويندي آهي.
راوي روايت ڪن ٿا ته، جڏهن برصغير جي بهادر راڻي وڪٽوريا امرڪوٽ قلعي تي گولڊن جوبلي وارو جشن ملهائڻ لاءِ پراڻين توپن جا منهن کولي تڙاڪا ڪرايا هئا تڏهن ڍاٽ جي سمورين مهان هستين کي هن مها اُتسو ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مدعو ڪيو هو. انهن عظيم شخصيتن ۾ چيلهار جو چتر سخي سُورمو جوجهار سنگهه ساڏور به شامل هو. جُوجهار سنگهه راڻي وڪٽوريا کي چيو هو ته اسان راجپوتن لاءِ سڀ ڪجهه اسان جي عزت، آڻ، ماڻ ۽ ملڪ هوندو آهي.
ڄُڳن جا جهونا اڄ به ڪنهن مچ ڪچهري يا رهاڻ رس ۾ ماضي جي ڳالهين جي ڳوٿرين جو مُنهن کوليندا آهن ۽ ذڪر جيڪڏهن سخاوت جو نڪرندو آھي ته، اول ۾ هن انسان کي ضرور ياد ڪندا آهن. هي مهان پرش ڍاٽ جي ماٿي جو موڙ هو. هن سخاوت ۽ اصول پرستي سان پنهنجو جيون چريتر سُڌاري ڍاٽ جو ڳاٽ صدين لئه اوچو ڪري ڇڏيو آھي.
عمرڪوٽ جا جهونا اڄ به هن سخي کي ساري ٿڌا ساهه ڀريندا آهن. سندس سمي جا ساٿاري ته مٽيءَ جو کاڄ بڻجي ويا آھن پر انهن جي پيڙهين مان موجود ڪي جهوني نسل جا ساڃانهه وند هن سوڍي جي سخاوت جا سبق دل جي درسگاهن ۾ اڄ به پڙهندا اچن ٿا ۽ ٻين کي به پڙهائيندا اچن ٿا. آکاڙي مندر واريون ڳالهيون اڄ به تاريخ جو طويل باب بڻجي چُڪيون آهن. عمرڪوٽ جي آکاڙي مندر ۾ ڪنچن ورني ڪايا ۽ سندرتا جي مايا سان سرشار ست راڄيا سوڍا روايتي رهاڻ رچايندا هئا تڏهن ڏِس ڏِس جا چارڻ ڪوي ،ڀاٽ ۽ منگتا اُنهن جي امل ڪسونٻن واري رهاڻ کي رنگ (سلام ) ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. هي رنگ ڏيندا هئا ۽ راجپوت مُڇن کي تاوَ ڏيئي امل ڪَسُونٻن جا ڪٽورا ڀري پيئندا هئا. يجمانن کي دل سان دان ڏيندا هئا. چوڻ وارا چون ٿا ته هڪڙي ڀيري انهن ڀومي جي ڀلماڻسين جي رهاڻ رچيل هئي، انهي رهاڻ ۾ چارڻ ڪوي سخين ۽ سُورمن کي رنگ ڏيئي رهيا هئا. آکاٽي جي شڀ پرٻ جو ڏينهن هو. چاندي جي ڪٽورن ۾ ڪسُونٻو وڄ تي نانگ وانگي چلڪي رهيو هو. تلوارن کي مياڻن مان ڪڍي رت جا تلڪ ڏيئي پُراڻي پرمپرا پاري پي ويئي. مڇن کي ڇلي وانگر گول وٽئيندڙ راجپوتن جي اکين ۾ خمارن جا کيپ چڙهيل هئا. غنودي طاري ٿيل اهڙي رس ڀري رهاڻ ۾ ڪيئي سخي ۽ سورما پنهنجن پوروجنن کي ساري هشاش بشاش ٿي رهيا هئا. تڏهن راڻي ڀڀوت سنگهه سوڍي رڙ ڪري چارڻ ڪوي کي چيو ته اي ڪبيشر! تو چيلهار جي هڪ غريب جُوجهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جو اسان جا ڪوٽ قلعا ۽ سونا روپا دان پڃُ وساري هن جي ڄار کي ياد ڪرين ٿو.؟ تڏهن ٻارٽ جي بي اختيار چئي ڏنو ته:

ڪوٽان اوپر ڪوٽڙي گڊان اوپر ڄاڙ
جُوجها ٿانري جات نه جنميو نه جنمسي

جُوجهار سنگهه ساڏور راجستان جي هڪ مشهور ڳوٺ ڪوٽڙي مان شادي ڪئي هئي. جُوجهار سنگهه جو پٽ چهنسنگهه هو. چنهسنگهه جو آنٻجي ٿيو. جيڪو 1965ع واري جنگ ۾ ڀارت لڏي ويو. جُوجهار سنگهه جو پوٽو آنٻجي پنهنجي وقت جو ننگ دڙنگ سوڍو ٿي گذريو آهي، جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته هو جڏهن هندستان ويو تڏهن اتي ڪنهن کوھ تي گهوڙو پيارڻ ويو تڏھن ڪنهن نام نهاد ۽ بي وڙي عورت هن کي تنڪو ڏنو ته جيڪڏهن ايترو تڪڙو آهين ته، پنهنجي گهوڙي لاءِ الڳ کوھ کوٽائي پيار هئنير هليو وڃ. اسين پاڻي ڪون پيئڻ ڏينديوسين . ان ئي طعني ۾ هن ڍاٽ جي مور جو هانوَ ٽُٽي پيو ۽ ستت ئي ان ڳاراڻي ۾ ڳري مري ويو. آنٻجي سوڍي کي اڄ به چيلهار جو ٻچو ٻچو ياد ڪري ٿو. هن جا فيصلا هن جا ٺٺ باٺ ،هن جي چال چلت تي اڄ به ٿر فخر ڪري ٿو.
جوجهار سنگهه سوڍي جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته، هو ڪابه ڪرپيل شيءِ (پٽ تي ڪريل) نه واپرائيندو هو. هڪ ڀيري سندس ساهورڪي ڳوٺ ڪوٽڙي ويو جتي ساهورن سندس پرک خاطر هڪڙي وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو. ڇا ڪيائون جو جڏهن جُوجهار سنگهه ضروري حاجت خاطر ڪڙسيو (لوٽو) کڻي جهنگ ڏي روانو ٿيو. تڏهن پويان انهن آفيوم جي دٻلي کٽ تان ڪيرائي ڇڏي. جُوجهار سنگهه آفيوم جو ٻنڌاڻي هو ۽ هن جو سمورو آفيم ان دٻلي ۾ هو. ڪوٽڙي ۾ ان وقت ٻيو آفيم ملڻ مشڪل هو. جڏهن هُو ضروري حاجت ڪري موٽي رهيو هو، تڏهن رستي ۾ هن کي هڪ چارڻ ڪوي مليو، جنهن چيو ته، ’’تنهنجي نالي تمام گهڻي نيڪي ٻُڌي آهي، تون وڏو ڏاتار آهين، مون کي توتي ناز آهي، اڄ تنهنجي ڏسان ڏاتارپي.‘‘ تڏهن جُوجهار چيو ’’گهر جيڪي گهرڻو اٿئي ..‘‘ چارڻ چيو ’’مون کي هينئر هتي جو هتي اُٺ کپي.‘‘ جُوجهارسنگهه چيو ’’هتي جهنگ ۾ اُٺ ڪٿان ڏيان.؟ تون هل منهنجي ڳوٺ جهڙو کپي تهڙو اُٺ ڪاهي وڃ.‘‘ چارڻ وراڻيو ته ’’پوءِ هارمڃ.‘‘ جُوجهار سنگهه سوچيندو رهيو ۽ پرڀو کي پت رکڻ لاءِ پڪاريندو رهيو. چون ٿا ته ڪڙسيو واري سان ماڃيندي ان مان سوراخ ٿي ويو. (اڳي رواج هوندو ھو ته، جهنگ مان واپسي تي ڪڙسيو واري سان ماڃيو ويندو هو.پتل ۽ ٽامي جو ڪلش هوندو.) ڪلش مان جڏهن سامهون هٿ نڪري ويو تڏهن هن سخي سوڍي جو سڏ پرماتما ٻڌو ۽ ان مهل اتان جوڙئو جي نهڙين جي اُٺن جي قطار گذري جيڪي پَن کڻي وڃي رهيا هئا. ان قافلي ۾ جُوجهار سنگهه جا دوست به موجود هئا. جُوجهار سنگهه انهن کي چيو ته هڪ اُٺ کپي ٿو، ڏيو هن چارڻ ڪوي کي ڏيڻو آهي. نهڙي سردارن وراڻيو حڪم کپي سوڍا سڄي قطار حاضر آهي. ائين هي سوڍو پنهنجي پت رکي واپس اوطاري پهتو ته ڏسي مار! امل جي دٻي ته پٽ تي پئي آهي. اُٺ واري امتحان جي پيڙا ۾ هن جو امل اڳي ئي اُتريل هو، سو تمام گهڻي تڪليف ٿي. هن کي ماجرا سمجهه ۾ اچي ويئي ته چارڻ کي ڪنهن موڪليو هو ۽ آفيم ڪنهن پٽ تي ڪيرايو آهي. سو ناراض ٿي اتان اٿيو ۽ چيائين ته اڄ کانپوءِ منهنجي پيڙهي مان ڪير اوهان جو پاڻي نه پيئندو. سوڍي جو سراپ سچو ثابت ٿيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس پٽ ناناڻي ويو. ۽ اتي ئي مري ويو. هن ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، ڏاتار کي رنجائڻ معنيٰ رب کي رنجائڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته سخي خدا کي به پيارا هوندا آهن. چوڻ وارا چون ٿا ته، جوجهار سنگهه سوڍي سندس ڳوٺ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ جوڙوئي جي نهڙين کي اُٺ جي عيوض پنهنجي ست اڪڙ ٻني ڏيئي انهن جا ٿورا مڃيا هئا.
جُوجهار سنگهه ساڏور جي باري ۾ هڪ روايت آهي ته، هڪ ڀيري اوطاق تي مهمان آيا هئا پر هن مولائي وٽ گهر ۾ ڪا شيءِ نه هئي. ڏاڍو پريشان ٿيو. سندس ساهوواڙيءَ هن جي پريشاني ڏسي روئڻ لڳي ۽ پرڀو کي پُڪارڻ لڳي ته اي مالڪ! اسان کي ايترو ڏي جو اسين ڪنهن آيل جو آدر ڪري سگهون. ٻيئي پتي پتنيءَ ڏاڍا پريشان ٿيا. چون ٿا ته شام جو ٽاڻو هو، جُوجهار سنگهه ڇا ڪيو جو شنان پاڻي ڪري هڪڙي چونئري ۾ در بند ڪري هڪڙي پير تي بيهي اتر طرف مهاڙ ڪري پنهنجي مرشد پير پٿوري کي پڪارڻ لڳو ته اي مرشد! اسان جو ڀرم رک. چون ٿا ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ چاندي جي سڪن جي ڇڻڻ جو آواز ٿيو. جُوجهار سنگهه اک کولي ڏسي ته کوڙ سارا چاندي جا سڪا پيا آهن. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهن کي جلدي وڪڻي، آيل مهمانن جو آدر ڪيو. اهڙا هئا اسانجي ٿر جا ڏاتار جيڪي اڻ هوند ۾ به هوند جهڙو آدر ڪندا هئا. جُوجهار سنگهه کي اڄ به منهنجو صحرا سڏڪي سلام ڪري ٿو.
***