پير لڌُو سنگهه سوڍو
هُو جيڪو ڪُتاني جو ڪُل ديپڪ هو. جنهن جي عقل جا ڏيئا اڄ به پيڙھي در پيڙھي ذهنن کي منور ڪندا اچن. هُو جيڪو ڪڏھن نه رنج ٿيو نه ڪنهن کي رنج ٿيڻ ڏنو. هُو جيڪو پير پٿوري جو پُھتل پنڌرهون گادي نشين هو، جنهن جي چهري تي بيٺل چانپوئي ڏاڙھي درويشي جي ديد پسائيندي هُئي. سدائين هرک جهڙي سفيد لباس ۾ ملبوس هي مها پُرش اڇي پٽڪي ۽ تريٽي سان راجپوتي ريتن کي سڄي ڄمار برقرار رکندو آيو. نيڪ دل ۽ منصف مزاج جو مالڪ هئڻ ڪري سوڍڪي سماج ۾ انتهائي سُرخرو رهيو.
پير لڌو سنگهه ۾ پيراڻا پرڪار پري کان پرکندي نظر ايندا هُئا. هُو مرشد پير پٿوري جي ڏسيل مارڳ تي هلندي سموري عمر سِڌ پُرش ٿي رهيو. هُو اهو نيڪ نامي مها پُرش هو جنهن ڪڏھن ويرين سان به وير نه رکيو. انسانيت جي اُتم گڻن سان ڀريل هن املهه ماڻھون جو ڪو مَٽ ئي نه هو. هر ويل منهن تي مُرڪ سجائي هلڻ هن جو لاکيڻو لڇڻ هو. هُو ڪچهرين جو ڪوڏيو هو.
هُو هن دور جو اُهو درويش صفت انسان هو جنهن جي اڇي ڪبوتر جهڙي اُجري دل کي ڪو ڪپهه جهڙي ڪنئوري من جو مالڪ ئي سمجهي سگهيو ٿي. هُو ڪنهن ٻالا ڀولي ٻالڪ جي ڳالهه تي به اک پوري اعتبار ڪندڙ اهو ڀورڙو ماڻھون هو جنهن سان وقت وڏيون ڀورايون ڪندو رهيو. هُو غريبن جي اکين ۾ مري ويل اڌورن سپنن کي غور سان ڏسندي ڪيئي ڀيرا ڀُريو به هو. هُو ته پکين کي پياسا ڏسي پنهنجي اُڃ وساري انهن لئه سوچيندو هو. هُو ته ڪنهن معصوم ٻار جي ميلي ۾ رهجي ويل اڌوري حسرت تي به اڌ ٿي پوندو هو. هُو حق ۽ سچ تي هلندي هن ساڙولي سماج ۾ هر وقت سرخرو رهيو.
هن جي من ۾ ڪنهن لئه به منڌي نه هُئي. هُو هر هڪ لئه هڪجهڙو هو. هُو ته صاف شفاف چشمي جهڙو چٽو ماڻھون هو. سڄو ڏينهن ٻين جا عيب ڳوليندڙ ھن ايبنارمل سماج جي سينوريل سسٽم ۾ رهندي به هُو نيل ڪنول جي گُل وانگي نيارو ۽ پاڻي وانگي پويتر رهيو.
هُو ڪُتاني جي ڳوٺ جو اُهو ڪُلديپ هو جنهن جي سُهائي ۾ سامروٽي هر وقت ٽيڙو وانگي ٽڙي هُئي. هُو عقل جي آڪاش ۾ چمڪندڙ اُهو درو تارو هو جيڪو ماڻھون کي دلربائي ۽ ديداوري جا دڳ ڏسيندو هو. ڪانب ڪڍي اڌ اڌ رات تائين اوطارن ۾ سچ جو مچ مچائيندڙ ڪچهرين جو ڪوڏيو پنهنجي هشاش بشاش حياتيءَ جي گج کي ٽھڪن ۾ ٽانڪي آبشارن جهڙي الوڪڪ بڻائي ڇڏيندو هو. هُو جيڪو دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ پوئجڻ کان پوءَ ”ڇنڻ مُور نه سکيا“واري سٽ تي سڄي عمر عمل پيرا رهڻ جو هُنر هيڪاندو ڄاڻيندو هو. هُو جيڪو هميشه هڪ ئي رنگ ۾ رهڻ خُوب ڄاڻيندو هو. ڀري ۾ ھُوندو هو يا ڀاڪر ۾ پر سدائين سرهو نظر ايندو هو. ڪڏھن به سندس منهن جي مرڪ ميري نه ٿي هُئي. پر سندس موڀيءَ پُٽ جو وڇوڙو هن جي مقدر ۾ اڻ دعوتي اتٿي وانگي اچي ويو. جنهن هن جي ڏياونت ڏيل کي جهُرئي ڏونگر وانگي جهوري وڌو. پُٽ جي جُدائي جي پيڙا ۾ پل پل پڄري ھُو گهڻو وقت زنده نه رهيو. تُرت ئي ابدي سفر ڏي روانو ٿي ويو. سندس موڀي پُٽ جي اچانڪ موت کان پوءِ ھوُ فقط نو مهينا زنده رهي سگهيو. هُو پنهنجي پُٽ سان بي انتها محبت ڪندو هو. ائين لڳندو ڄڻ انهن ٻنهي ۾ ساھُ هڪڙو ئي هجي. ڄڻ هڪڙي ئي دل جي ڌڙڪن تي ٻئي هلندا هئا. هڪ ٻئي جو جيستائين منهن نه ڏسندا هئا تيستائين انهن کي ماني ڪونه وڻندي هُئي. مالڪ جي قدرت سان سرگواسي جي مرتيو وقت پير لڌو سنگهه گهر ۾ موجود نه هو. ڀر واري ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪم سان ويل هو. رام سنگهه جي فوتگي جو اطلاع ڏيڻ لئه اُتي جڏھن ڪنهن ٻُڌايو ته توهان جي پُٽ رام سنگهه جي طبيعت ٺيڪ ناهي هلو ڪُتاني. تڏھن هن دورانديش درويش دل انسان جا آنڊا ساري ويا ته ٻڳلا اُڏري ويا آھن. ٿڌو ساھ ڀري هن صرف ايترو چيو ته ”مالڪ جي شيءَ مالڪ وٺي ويو.“ منهنجي والد صاحب ماستر ڪاروجي وجاڻي سان پير لڌو سنگهه جي تمام گهڻي شناسائي هوندي هُئي. هڪڙي ڀيري بابا پير صاحب کي چيو ته ”پاڳارا ڏيو خبر پير پٿوري جي هاڻوڪي ماڙيءَ مان اڳوڻو ساءُ نه ٿو اچي. جيڪو پُراڻي ماڙيءَ مان اڌڀُت چمتڪاريءَ احساس ايندو هو.“ تڏھن پير صاحب لڌو سنگهه مُرڪندي وراڻيو ته ” او سنچا اي گڙي گيا او لڏي گيا لوهار“
ڪامل درويش پير پٿوري جو پنڌرهون گادي نشين پير لڌُو سنگهه ولد مها سنگهه صاحب تاريخ 12 جنوري 2012ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. جنهن جي ڪريا ڪرم کان پوءِ تاريخ 23 جنوري 2012ع جو شام ڇهه بجي سندس لاڏلي پوٽي پير ڪانجي سنگهه ولد رام سنگهه کي سورهين گادي نشين طور چانديءَ جو تاج پارائي، پير پٿوري جي گودڙي واري ڪاري لوئي ڪلهن تي وجهي پاڳارو مقرر ڪيو ويو. هن جشن تاج پوشي ۾ سوڍڪاريءَ سميت سمورو راڄ گڏ ٿيو هو. موجوده گادي نشين پير پٿورو پاڳارو ڪانجي سنگهه پير تمام اصول پرست، سادي طبيعت، نيڪ دل، بردبار ۽ راجپوتيءَ گڻن سان سرشار آھي. ننڍڙيءَ وهي ۾ وڏي ذميواري ملڻ کان پوءِ هُن ان ذميواري کي خوب نڀايو آھي.پير ڪانجي سنگهه ڳوٺ رڙيارو راٺوڙ مان ماستر لڌُو سنگهه راٺوڙ جي گهران شادي ڪئي آھي.
پير لڌو سنگهه کي اولاد ۾ ٻه پُٽ ٿيا.پير رام سنگهه ۽ پير صوڀراج سنگهه. پير رام سنگهه پيشي جي لحاظ سان ماستر هو، جيڪو حاضر سروس دؤران هارٽ اٽيڪ ۾ تاريخ 16 اپريل 2011ع تي ڇنڇر جي ڏينهن صبح سوير گُذاري ويو.سدائين منهن تي مُرڪ سجائي هلندڙ پير رام سنگهه وڏو ڀڳتي ڳائڪ به هو. سندس آواز ۾ وڏو سوز سمايل هو. ڪنول جي گُل جهڙو هي مهان ماڻھون وقت کان اڳ وڇڙي ويو. رام سنگهه کي اولاد ۾ ڇهه پُٽ آهن. پير ڪانجي سنگهه (موجوده گادي نشين پير پٿورو) ارجڻ سنگهه، اندر سنگهه، دليپ سنگهه، لڇمڻ سنگهه، نارائڻ سنگهه. هي سڀ پنهنجو ڪاربار هلائن ٿا. پير لڌُو سنگهه جو ٻيو پُٽ پير صوڀراج سنگهه ڪاروبار سان وابسته آھي. صوڀراج سنگهه جا پنج پُٽ آھن. ڪيسر سنگهه، کيت سنگهه، خانجي سنگهه، سميڙ سنگهه، اُوگم سنگهه. ڪيسر سنگهه ڏيپلو شھر ۾ ڪاروبار هلائي ٿو. تمام پيارو ماڻھون آھي. حق ۽ سچ تي هلندڙ آھي. ڪوڙ ۽ ڪُپت جي سخت خلاف آھي. دوستن لئه سر ڏيندڙ سوڍو آھي. کيت سنگهه مادر علمي سنڌ ۾ شوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ گريجوئيٽ ڪري رهيو آھي.هي الفُقرا ۽ يار ويس ماڻھون آھي. هن جو ته هئين ڪو مُلهه ئي ناهي. خانجي پڙھيو لکيو ۽ ادب ذوق ماڻھون آھي. سميڙ سنگهه ڏيپلو ۾ دڪان داري ڪري ٿو. اُگم سنگهه زير تعليم آھي. پير لڌو سنگهه جو سمورو پريوار سورهو سُکي آھي. مهمان نوازي هنن جي رت ۾ شامل آھي. اڱڻ آيل جي عزت ڪرڻ ته ڪو هنن ڪُتاني جي پيرن وٽان سکي.مهمان جي لئه نيڻ وڇائي دلي آدر ڪرڻ هنن جو اهڃاڻ آھي.
***