سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

سوائي سنگهه سوڍو

سوائي سنگهه سوڍو

ڪوي شڪتيڏان ڪويا ”ڌرا سرنگي ڍاٽ“ ۾ ڀڏيليءَ جي سوڍن کي هن ريت ساراهيو آھي.
سوڍا ڀڏيلي را سري رتن هرا ڪُل روپ
ڀير سون ٻھُون ڀرات رو اوجل سُجس انوپ

(ڀڏيليءَ جا سوڍا سڀني کان سرس آھن. رتن سنگهه جي پيڙھي ۾ جنم وٺندڙ ڀيرجي ۽ سون سنگهه ٻنهي ڀائرن جي وڌ ۾ وڌ واکاڻ ٿئي ٿي.)

سوڍاڻ ڌرتيءَ جي سُريلي ڳوٺ ڀڏيليءَ جي سُرتاڻ سوڍن جو ٿر جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آھي. انگريزن کي رُڪ جا چڻا چٻائيندڙ رتن سنگهه سوڍي کان وٺي سروپ سنگهه سوڍي تائين سڀئي مڻيادار ماڻھون هن وطن جا اُهي املهه ڪردار هُئا جن کي تاريخ ڪڏھن به وساري نه ٿي سگهي. تاريخ ڀلا اُنهن بهادر ڀُوپن ۽ ڪونڌر ڪُوپن کي ڪيئن ٿي وساري سگهي جن رت ڏيئي پنهنجي ڌرتيءَ جي پت رکي. اهڙن وطن جي وڏماڻسين کي ڪو وطن جو ويري ئي وساري سگهي ٿو. باقي هن مٽيءَ سان محبت ڪندڙ هر ماڻھون جي دل جي ديول ۾ انهن لاءِ پيار جا ديپ هر ويل جڳمڳائيندا ئي رهندا.
راڻي رتن سنگهه جا ٽي پُٽ هئا. موهڙجي، رڻجيت سنگهه ۽ جيوراج سنگهه. موهڙجي ۽ رڻجيت سنگهه بنان اولاد جي ئي فوت ٿي ويا. ٺاڪر جيوراج سنگهه کي ٻه پُٽ ٿيا هر هڪ ڀيرجي ۽ سون سنگهه، جن امرڪوٽ ڇڏي اچي سون پور ديهه ۾ ڀڏيليءَ نالي ڳوٺ جو بنياد وڌو. ٻنهي ڀائرن ڏُکين حالتن ۾ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي محنت ڪئي. محنت ۽ لگن سان ٻه هزار ايڪڙ پوکي لائق زمين هٿ ڪرڻ کان پوءِ ان کي آباد ڪيائون. زمين جي اُپت مان پنهنجي اُدر پالنا عزت سان ڪرڻ لڳا. تُرت ئي انگريز سرڪار سندن والد صاحب ٺاڪر جيوارج سنگهه کي ڍاٽ جو بينئچ ماجسٽريٽ مقرر ڪيو. جيوراج سنگهه سوڍي کي شڪتيڏان ڪوي هن طرح ڀيٽا ڏني آھي.

ساير سوڍو رتن سنگهه جيوراج سُت جيڻ
ڀٽياڻي جايو ڀلو تور سوايو تيڻ

(رتن سنگهه سوڍو انتهائي سپوت هو. جنهن جو پُٽ جيوراج سنگهه آھي. ڀٽياڻي جي ڪُک مان پيدا ٿيندڙ هن سوڍي جا تيور ئي پنهنجا آھن.)

سوائي سنگهه سوڍي جي جيون چريتر تي روشني وجهڻ کان پهرين جيوارج سنگهه جي وڏي پُٽ ۽ سوائي سنگهه جي سڳي چاچي ڀيرجي جي پريوار جو ذڪر ڪرڻ آئون ضروري ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته ان جو به ٿر جي سوڍن جي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ وڏو اثر رهيو آھي. جيوراج سنگهه جو وڏو پُٽ ڀيرجي وڏو ادب ذوق انسان هو. هُن کي سنڌيءَ، هنديءَ ۽ گُجراتيءَ ٻولين تي وڏو عُبور حاصل هو. هُو ڍاٽ ۽ مارواڙ جي راجپوتن جي تاريخ جو وڏو ڄاڻون هو. ڀيرجي گونر جو درٻاريءَ ۽ لوڪل بورڊ آف امرڪوٽ جو اڳواڻ به رهيو هو. سوڍڪي سماج ۾ ھن مهان ماڻھون جي وڏي عزت هوندي هُئي. هي 1958ع ۾ گُذاري ويو. ٺاڪر ڀيرجي جو هڪ پُٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. ڀيرجي جي پُٽ جو نالو کُماڻ سنگهه هو.جيڪو وڏو زميندار ٿي گُذريو آھي. هي سندس والد صاحب ڀيرجي کان اڳ ۾ 1949ع ۾ گُذاري ويو.کُماڻ سنگهه جا ٻه پُٽ ٿيا.پرٿوي سنگهه ۽ جيتمال سنگهه.پرٿوي سنگهه جي شادي گڊسيسر (بيڪانير) جي ٺاڪر شوڏان سنگهه جي راجڪماري سان ٿي ھُئي. پرٿوي سنگهه جا چار پُٽ آھن. رڻوير سنگهه، رامچندر سنگهه، مهاوير سنگهه ۽ دليپ سنگهه. هن وقت هي سڀ هندستان جي صوبي راجستان جي شھر جوڌپور ۾ رهن ٿا. پرٿوي سنگهه 1975ع ۾ گُذاري ويو.
کُماڻ سنگهه سوڍي جو ٻيو پُٽ جيتمال سنگهه سوڍو گهڻ پڙھيو ماڻھون هو. 1927ع ۾ جنم وٺندڙ جيتمال سنگهه سوڍي انگريزي ادب ۾ ماسٽر (ايم- اي) ۽ سائنس ۾ بيچلر (بي -ايس-سي) ڪرڻ سان گڏ قانون جو امتحان (ايل-ايل - بي) به پاس ڪيو هو. اولهه پاڪستان جي سُپريم ڪورٽ ڪراچي-سنڌ ۾ وڪالت ڪرڻ سان گڏ امرڪوٽ تعلقه ۽ ٿاڻا ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. يونين ڪائونسل کاروڙو جو چئرمين ۽ فيڊرل ايڊوائيزري ڪائونسل آف مينارٽي افيئرس آف پاڪستان اسلام آباد به رهيو.سنڌ ايگريڪلچر پاليسي ڪميٽي گورنمينٽ آف سنڌ جو ميمبر به رهيو. جيتمال سنگهه سوڍي راجستان سيشن ڪورٽ جي جج شري ڀڳوت سنگهه چانپاوت (هرياڍاڻا) جي راجڪماري سان شادي ڪئي. جيتمال سنگهه سوڍو ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي پريوار سميت هندستان لڏي ويو. جتي هينئر جوڌپور ۾ رهي ٿو. اُتي پاڻ آسٿا نالي اسپتال به کولي آھي. جيڪا سندس پُٽ ڊاڪٽر ڪيلاش سنگهه هلائي ٿو. جيتمال سنگهه جا ٽي پُٽ ۽ ٽي ڌيئرون آھن. پُٽ هر هڪ مهيپال سنگهه، پرهلاد سنگهه ۽ ڊاڪٽر ڪشور عرف ڪيلاش سنگهه. جيتمال سنگهه جي وڏي راجڪماريءَ جو وهانءَ مهاراجا چندروير سنگهه راٺوڙ (رتمال ايم. پر) سان ٿيو. وچيٽ راجڪماريءَ جو وهانءَ يادويندر سنگهه راٺوڙ گهنٽيل(بيڪانير) سان ٿيو ۽ ننڍي راجڪماريءَ جو وهانءَ مهاراجا ڪرڻ سنگهه جهالا بڙي سادڙي (ميواڙ) سان ٿيو. جيتمال سنگهه سوڍي جو وڏو پُٽ مهيپال سنگهه سوڍو آسٿا اسپتال جوڌپور جو ڊاريڪٽر آھي. ٻئي پُٽ پرهلاد سنگهه ڪمپيوٽر سسٽم ۾ بي-اِي ڪئي آھي. هن وقت پنچمهل سٽيل لميٽڊ ڪلول(بڙودا) ۾ اي-جي-ايم ڪمپيوٽر سسٽم واري عهدي تي ڪم ڪري رهيو آھي. ننڍي پُٽ ڪنور ڪيلاش سنگهه لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد سنڌ مان ايم-بي-بي-ايس جو امتحان پاس ڪيو هو. هن وقت آسٿا اسپتال پاوٽا جوڌپور ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ مينيجنگ ڊاريڪٽر آھي. سڄو پريوار سُک ۽ سنمپتي سان رهي پيو. هاڻ اچون ٿا سوائي سنگهه جي جيون چريتر ۽ ان جي پريوار جي حال احوال ڏانهن.
انگريز حُڪومت پاران اعزاري طور مقرر ڪيل آنرري پوليس پٽيل سون سنگهه سوڍي کي اولاد ۾ هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿي. سون سنگهه سوڍي پنهنجي راجڪُماريءَ جي شادي ڪنور چمن سنگهه (داسپان-ڀينمال) سان ڪئي.
سون سنگهه سوڍو 1927ع ۾ گُذاري ويو. سندس اڪيلي پُٽ جو نالو سوائي سنگهه سوڍو هو. سوائي سنگهه سوڍي ٻاکاسر جي مشھور ڌاڙيل ٻلونت سنگهه چوهاڻ جي ڀيڻ سان شادي ڪئي هُئي. جنهن جي شاهدي ڪوي شڪتيڏان ڪويا جي هي ڪويتا به ڏي ٿي ته:
سروپ سنگهه رگهوير سنگهه ھري دلپت ات هيج
ٻاکاسر ٻلونت را ڀڙ چيارون ڀاڻيج.

ٺاڪر سوائي سنگهه سوڍو سنڌي، هندي ۽ گُجراتي جو ماهر هو. ادب، سياست، تاريخ ۽ ثقافت سان انتهائي دلچسپي رکندو هو. مهمان نوازي هن جو وڏو گُڻ هئي. هُو مهمان کي ماني کارائڻ بنان پاڻ ڪڏھن ماني نه کائيندو هو. ائين ڪڏھن اتفاقن ڪو مهمان وٽن نه ايندو هو ته لنگهڻ سمهي رهندو هو. اوطاق تي آيل هر ماڻھون هن لئه مهان هو. راجا ۽ رنڪ کي هڪڙو ئي طعام کارائيندو هو. مهمان کي ماني پاڻ پنهنجي هٿن سان وڌي ڏيندو هو. هُن وٽ اوچ ۽ نيچ جو ڪو تصور ئي نه هو. هُو هر روز نيم انوسار صبح جو سويل اوطاري ۾ وڃي ٻنڌاڻين کي امل ڪسونٻي جون وٽيون ڀري پياريندو ۽ پيئندو هو. کار ڀنڃڻي لئه آنٿڻي واري ڏھي مان تاسريون ڀري پياريندو هو. هن سوڍي جهڙي مهمان نوازي ويجهي ماضي ۾ شايد ئي ڪنهن ڪئي هُجي. ھُو چارڻ ڪوين کي دان ڏيڻ مهل ايڏو خوش ٿيندو هو جو هُن جي اکين مان خوشي ڏياريءَ جي ڏيئن جيان ڏيک ڏيندي هُئي.
ڪوي شڪتيڏان ڪويا چوي ٿو ته:
سوڍ سوائي سون سُت رکي سوائي ريت
پريت سوائي پالڻان ڪرب سوائي ڪريت


(سون سنگهه سوڍي جي پُٽ سوائي سنگهه سوڍي سڀني کان مٿي ريت رکي. هُن آيل کي عزت ۽ پيار به سرس ڏنو. چارڻن کي قائدي موجب دان ڏيڻ وارو ڪُرب به هن تمام سُٺو ڪيو.)

ڀيماويري جي ڀلوڙ ڪوي کومڏان لانگيڏان ٻارٽ سوائي سنگهه سوڍي کي پنهنجي نرالي ڪويتا ۾ هن طرح ڀيٽا ڏني آھي ته:
اڙ سُڀ ڀڏيلي اوپرا سوڍا نرپ سونيس
اڊگ ڏيس جامين امل وڌتي ڀاگ وسيس

(ڀڏيليءَ جي ڀاڳوند ڀومي تي سون سنگهه جو پُٽ سوائي سنگهه سوڍو راڄ ڪري ٿو جيڪو عام جنتا کي امل ڪسونٻن جا ڪٽورا پياري هن ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪري ٿو.)

اوپي نيلي اڙا پر ٿانڪ سوڍان ٿير
آپڪا سنڌُو اوجلا نهران کڙڪي نير

(سائي سرزمين سنڌ تي سوڍن جو راڄ سُونهي ٿو. توهان جو سنڌُو ڪيڏو صاف شفاف آھي جنهن جو پاڻي نهرن ۾ ڇُلڪي رهيو آھي.)
سوائي سنگهه سوڍو سياست ۾ به انتهائي سرگرم ماڻهون هو. هُو سن 1952ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به ٿيو هو ۽ ”جسٽس آف پيس“ به رهيو هو. سوائي سنگهه سوڍي کي اولاد ۾ چار پُٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون. پُٽ هر هڪ نالي سروپ سنگهه، رُگهوير سنگهه، هري سنگهه ۽ دلپت سنگهه آھن. وڏو پُٽ سروپ سنگهه سياسي طور انتهائي سرگرم رهيو هو. سُونهن ۾ سروپ سنگهه سوڍو پنهنجو مَٽ پاڻ هو. ماڻينگر منهن تي سدائين مڇن جا ونگ وريل هوندا هُئا. هُن کي ڏسي ماڻھون سوائي سنگهه سوڍي جون سڪون لاهيندا هُئا. ڪوي شڪتيڏان ڪويا سروپ سنگهه سوڍي کي ساراهيندي ”ڌرا سرنگي ڍاٽ“ ۾ هن ريت فرمايو آھي ته:
جنگي آڻ جبان ۾ انگ مٺُوٺ انُوپ
سوڍ سوائي سنگهه رو سُت پاٽوي سروپ

(هن جي شيرين زبان مٺاس سان ڀري پيئي آھي. هُو هر ڪنهن سان حُب مان ملي ٿو. سوائي سنگهه جو پُٽ سروپ سنگهه گادي دار راڻي جهڙو گُڻن ڀريو لڳي ٿو.)

ڀيماويري جي ڀلوڙ ڪوي کومڏان لانگيڏان ٻارٽ سوائي سنگهه سوڍي جي پُٽ سروپ سنگهه سوڍي کي پنهنجي دلربا دوهي ۾ هيئن ڀيٽا ڏني آھي.
سُتن سوائي سنگهه رو سروپ سنگهه سُڄاڻ
داني اديڪ دلير ڀڙ وڌ وڌ رنگ وکاڻ.

(سوائي سنگهه جو سپوٽ پُٽ سروپ سنگهه سوڍو تمام وڏو ڏاتار آھي. دليري هن جي رت ۾ شامل آھي. هن جا ڪهڙا واکاڻ ڪري ڪهڙا ڪيان.)
سروپ سنگهه سوڍو ٻه ڀيرا ٿرپارڪر ضلع ڪائونسل جو ميمبر به رهيو. آخر ۾ عام اليڪشن ۾ صوبائي سيٽ تي چونڊ به وڙهيو. کٽي به ويو پر سياستدان جي چرچ تي ري ڪائونٽينگ ڪرائي ويئي ۽ ان ۾ سنڌ جي سپوت پُٽ کي زوري هارايو ويو. ان ڏينهن ڀڏيليءَ جي هن ڀُوپ جي دل ٽُٽي ويئي. ڀڏيليءَ ڀُري پيئي. ڀرم ڀڄي پيو. هُو ملول من سان هي ملڪ ئي ڇڏي ويو. ڇاڇرو ڇورو ٿي پيو. سنڌ سُڏڪو ڀريو. ٿر يتيم ٿي ويو.

***