سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

راڻا چندر سنگهه سوڍو

راڻا چندر سنگهه سوڍو

اڪبر بادشاھ جي جنم ڀومي عمرڪوٽ جي اُتر طرف چوڏنهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آباد ” راڻاجاگير “ ڍاٽ جي راڄڌاني آهي. جنهن جي گادي تي براجمان راڻن جي امراڻي گڍ ۾ آمد وقت لانٻي گرائونڊ جا لانٻا وڻ جُهڪي سلام ڪندا آهن. انهن راڻن جي رهاڻ به مڙني کان منفرد ۽ دنيا لئه دلچسپ هوندي آهي جنهن کي هندستان جي ڪوي بانڪيداس هئين بنان ڪيوآهي ته:

ڪيهر لنڪي گوريان سوڍو چتر سڄاڻ
بڙ جهڪيا لانٻي تڻان آيو گڍ امراڻ

شاھ سُوري کان شڪست کائي سنڌو ڏي سام کڻي آيل مغل بادشاھ همايون کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ راڻي پرشاد واري پريوار جو چوٽيهون چنڊُ ارجن سنگهه هو، جنهن بر صغير جي ورهاڱي وقت ڪانگريس جي ٽڪيٽ کي ٿُڏي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي وطن سان وفاداري جو بهترين مثال قائم ڪيو هو.جنهن کي اليڪشن اسپاٽ دوران سياسي حريفن سکيو ڏئيي شهيد ڪيو هو. اهڙي محب وطن راڻي جي الوڪڪ اڱڻ تي جنوري 1931ع ۾ هڪ مها تيجسوي چنڊ نروار ٿيو هو، جنهن جو نالو راڻاچندر سنگهه هو. راڻي صاحب جا ننڍي هوندي ”ٻالڪ اوستا “ ۾ ئي اهڙا اُٿياڳ هئا جو نه رڳو پنهنجي ماتا ۽ پتا شري کي وڻيا ٿي. پر جڳ کي به وڻيا ٿي. راڻي صاحب ابتدائي تعليم ڌيراڌون مان پرائي. ڇٽي وڌاتا جي لکئي موجب 1947ع ۾ راڻا ارجن جي امر پدوي (لاڏاڻي) کان پوءِ راج گدي وارو سمورو بار ڪنچن وهي ۾ راڻا چندر سنگهه جي ننڍڙن ڪلهن تي اچي ويو.
ڍاٽ جي 8 صدين واري تاريخ ۾ صرف راڻا چندر سنگهه ئي 16 سالن جي عمر ۾ گادي سنڀاليندڙ راڻو بڻجي ويو. سياست جي سُتي پي ساماڻيل هن روپاڙي راڻي وٽ لوڪ کي پرچائڻ وارا ھڙئي هنر هٿيڪا هئا. رعبدار اکين ۽ وڇون ونگ شهپرن ۾ سدا سُونهندڙ هي ڍاٽ جو دلبر راڻو ريتن ۽ روايتن جو امين هو. ڍاٽي دلين جي دڙڪن هو. ست رنگيلي راجستاني ڦينٽي (پٽڪي) جا ست ور ڏيئي راجپوتي وڙي ٻڌي، سفيد تريٽي جو لانگوٽو واري جڏهن پنڊال ۾ پهچندو هو، ته رڳو ڪسونٻن جا ڪٽورا پيئندڙن جي چهرن تي خوشيءَ جا تاثر ڪونه کڙندا هئا، پر سموري ڍاٽ جي جنتا جهومي جمالا ڳائي، هٿ جوڙي آجيان ڪندي هئي. اها عوام جنهن لاءِ ڀٽائي هئين بيان ڪيو آهي ته:

مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا چڪندڙا اچن
کڙيون کيهه ڀڪليون پگهر سر پيرن
اي وڙ ويڙهيچن ،مون لوڏان ئي لکيا،

راڻا چندر سنگهه تقرير ڪري عوام کي الفاظن ذريعي موهي وجهندو هو. هن کي اها ڏات تحفي ۾ مليل هئي ڪهڙو به سياسي حريف يا پرجا جو پٽيل رٺل هوندو هو، راڻي جي روايتي رهاڻ ۾ پاڻهي پرچي پوندو هو.
راڻي جو سياسي سفر انتهائي شاندار رهيو. راڻي سياست ۾ باقاعده 1955ع ۾ پير پاتو هو. صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. هن کي وزارت جو قلم دان به مليو هو.23 سيپٽمبر 1957ع تي هن کي ويسٽ پاڪستان وزارت ۾ ڊپٽي وزير بڻايو ويو. راڻو صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي ميمبر رهيو ۽ 1977 ع ۾ عمرڪوٽ ،ڇاڇرو ۽ ننگر جي گڏيل صوبائي سيٽ تي پير علي حيدر شاھ کي شڪست ڏنائين. انهي کان پوءِ ضياءِ جي آمريت ۾ 11 سال پنهنجي اباڻي جاگير ۾ خاموش رهيو.! 1988ع ۾ ضياءَ جي حادثاتي موت کان پوءَ اليڪشن ۾ پهريون ڀيرو جداگاھ اليڪشن ۾ اقليتي سيٽ تي قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو. 1988ع واري چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ راڻي صاحب کي نگران سيٽ اپ ۾ سنڌ ڪابينا ۾ روينيو منسٽر بڻايو ويو. 1990ع ۾ پاڻ آزاد اميد وار طور اليڪشن لڙيو ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. انهي نواز حڪومت ۾ نارڪوٽيڪس جو وفاقي وزير ٿي رهيو. 1993ع واري چونڊ ۾ هن پنهنجي هڪ الڳ پارٽي ٺاهي جنهن کي پاڪستان هندو پارٽي جو نالو ڏنائين جنهن جي جنهڊي جو رنگ ڪيسريو هو ۽ ان ۾ مهاديو جو ترشول به هو. ان پارٽي ٽڪيٽ تي به قومي اسيمبلي ميمبر ٿيو. ان کان پوءِ 1997ع ۾ ايم اين اي بڻيو . راڻا چندر سنگهه پنهنجي ڪيرئر ۾ ست ڀيرا قومي اسمبلي ۽ ٻه ڀيرا صوبائي اسمبلي جو رڪن بڻيو.
راڻا چندر سنگهه جا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان تمام گهڻا واسطا هئا. 1971ع واري جنگ ۾ هجرت ڪري ويل هندُن کي واپس پاڪ وطن ۾ آڻڻ ۾ وڏو هٿ راڻا چندر جو هو. راڻا صاحب محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي پُتري سمان سمجهندا هئا. راڻي صاحب جي سياسي سفر ۾ تمام اهم سياستدان هم سفر هئا. انهن ۾ خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي نواب اڪبر بگٽي، پير غلام رسول شاھ جيلاني، مير علي بخش ٽالپور، پير پاڳارو شاھ مردان شاھ شامل هئا. راڻا چندر ڌرتي سان بي پناھ محبت ڪندڙ شخص هو. پنهنجي اڪثر تقريرن ۾ چوندو هو ته آئون حياتي ۾ صرف هڪ شخص جي اڳيان جهڪيو آهيان ۽ اهو آهي ڀٽائي هن جيجل جو ڌڻي!
سائين جي ايم سيد جڏهن بيماري جي بستري تي هو تڏهن راڻو صاحب عيادت ڪرڻ ويو، تڏهن ميڊيا وارن سوال ڪيو ته راڻا صاحب توهان ڪئين هلي آيا.؟ راڻي وراڻيو ته ”سنڌ سڪرات ۾ آهي، آئون سنڌ کي سلام ڪرڻ آيو آهيان“. ڇو ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان پيار هو ۽ محبت هئي.
عمرڪوٽ جي راڻن بابت ڪجھه دلچسپ حقيقتون به آهن. راڻي کي گادي تي ويهارڻ واري وقت ڪيلهڻ راجپوت پنهنجي آڱر وڍي رت جو تلڪ ڏيندو آهي تڏهن راڻي جو رنگ شينهن جهڙو بڻجي ويندو آھي.رت جي تلڪ جو مطلب جيڪڏهن عوام کي رت جي ضرورت پئي ته راڻا اول سر ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. ڍاٽ جو راڻو عمرڪوٽ شهر جو پاڻي ناهي پيئندو ۽ مختيار ڪار جي آفيس ڪو نه ويندو آهي، اهو ان ڪري جو انگريز سرڪار جڏهن راڻي رتنسگهه کي ڦاهي ڏني ٿي، تڏهن ڍاٽ جي عوام انگريز سرڪار خلاف دانهون ڪيون، احتجاج ڪيا تڏهن گورنمينٽ معافي نامي واري تار موڪلي ڏني، پر اها تار مختيار ڪار ۽ هڪ برهمڻ جي ملي ڀڳت جي ڪري مختيار ڪار جي دفتر ۾ ايستائين روڪي وئي جيستائين راڻي رتن سنگهه جي ڪنڌ ۾ ڦاهي جو ڦندو وڌو ويو. انهي ڪري اڄ تائين راڻا اهو روايت جاري رکندا اچن، ڍاٽ جو راڻو رتي ڪوٽ جي مڙهي تي به نه ويندو آهي. ڇو ته انهي مڙهي جي مالڪ ٻاووي جو سراپ (بددعا) ڏنل آهي. ڍاٽ جي راڻن جي ولهي سوڍن سان اڻبت آهي ۽ سنگراسي سوڍن کي وڌيڪ چاهيندا آهن. اهو به راڻي رتن سنگهه جي ڪري.ڇاڪاڻ ته ولهي سوڍن دوکو ڪيو هو ۽ ڀڳو جي سنگراسي سوڍي رتن سنگهه جو ساٿ ڏنو هو.
راڻا چندر سنگهه تمام وڏو اصول پرست انسان هيو. هُن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. ان جا تاريخ ۾ ڪيئي مثال ملندا. نومبر 1989ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي خلاف اپوزيشن بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي هئي، تڏهن پيپلز پارٽي جا به ڪجهه ميمبر اپوزيشن وٽ وڪجي ويا هئا. ان ڪري محترمه سڀني کي گهرائي حلفيه بيان ورتو هو. ان موقعي تي محترمه ، راڻا چندر سنگهه کي به چيو ته ’’راڻا صاحب! توهان گيتا تي هٿ رکي پڪ ڏيو ته مخالفت ۾ ووٽ نه ڏيندا.‘‘ راڻا صاحب ٽهڪ ڏيندي وراڻيو ته ’’آئون راجپوت آهيان. راجپوت جي زبان قسمَ کان مٿي هوندي آهي.‘‘ ٿيو به ائين. اڳئين ڏينهن قسم کڻندڙ سڀ ڦري ويا پر هي ڍاٽ جو راجپوت راڻو پنهنجي پَرڻ َکان انچُ به نه ڦريو. اِهو ڇا آهي؟ اُهو ڪردار آهي. اهڙا هوندا آهن امر ڪردار.
دلچسپ ڪٿائن جي وارث راڻا چندرسنگهه ڍاٽ جي عوام لاءِ پنجاھ سال پاڻ پتوڙيندي ، پنهنجي غريب جنتا تي آنچ اچڻ نه ڏني. ماڻهن کي تحفظ ۽ امن سان گڏو گڏ روزگار به ڏنو، حياتي ۾ ڪڏھن به هار نه کائيندڙ هي منفرد راڻو موت جي اڳيان جيون جي جنگ هارائي ويو. اگني ونس پرمار ڪل جو ڏيئو، سُرتاڻ سوڍو چتر سڄاڻ پنهنجي سموري سُهائي هن دورنگي دنيا ۾ ڇڏي پهرين آگسٽ 2009ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ هميشه لاءِ گل ٿي ويو. 02 آگسٽ 2009ع تي وئڪوٽي واري پالڪي ۾ ويهاري وڏي شان مان سان آخري سفر جو سانڀاهو ڪيو ويو. راڻي جي ارٿي جڏهن عمر ڪوٽ شهر مان گذري تڏهن عورتون پار ڪڍي رنيون هيون، ٻارن سرد آهون ڀريون هيون، وڏڙن جي چهرن تي يتيمي جا تاثر اڀري آيا هئا، عوام پنهنجي دلبر راڻي جو آخري درشن ڪرڻ خاطر گهرن مان نڪري آيو هو.گڊ امراڻ جا مارڳ گلال سان گلابي ٿي ويا هئا، ٻه آگسٽ تي ٻنپهرن جو سوڍن جي شمان گهاٽ ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو. راڻي صاحب هندستان جي ٺڪاڻي راوتسر جي راوت تيج سنگهه (راڻي صاحب جي ساسُو ماتا پدم شري لڪشمي ديوي هندستان جي مشھور ليکڪه ۽ پارليامينٽيرن هئي جنهن کي پدم شري جو اعزاز مليل هو.) جي راجڪماري سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ۽ چار پُٽن جو اولاد ٿيو. پُٽ راڻا همير سنگهه، جنگ وجئه سنگهه، پرتيپال سنگهه، (گُذاري ويو) ۽ ڀوپال سنگهه (آمريڪا ۾ رهي ٿو.) آھن. ڌيءَ سنگيتا ٻائي سوڍا راجسٿان جي ٺڪاڻي شاهپورا ضلع ڀيلواڙا جي مشھور ٺاڪر پرتاپ سنگهه جي پُٽ نرپت سنگهه سان پرڻايل آھي.
انهن راڻن جي رهاڻ جي ڪوڏيئي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ تپيدار تيجسنگهه سولنڪي جي ڪتاب مان معلوم ٿيو ته 5559 ايڪڙ راڻا جاگير جنهن جا سڀ لوازما ڍل ۽ آبيانو انگريز سرڪار طرفان معاف ٿيل هئا، اُها هئير موجوده راڻي راڻا همير سنگهه جي هٿ هيٺ آهي.
موجوده راڻو راڻا چندر سنگهه جو ٻيو نمبر فرزند آهي، جنهن کي راڻي صاحب جي ديهانت بعد راج گدي تي ويهاريو ويو آهي. ڍاٽ جي 36 هين راڻي جو جشن تاج پوشي مٺي ۾ ملهايو ويو، جيڪو دنيا ڏٺو. جنهن ۾ 25 تولا سونو تاج ڍاٽ جي عوام راڻا همير سنگهه کي پارايو. راڻو همير سنگهه ٿر جو اهو اهم سياستدان آهي، جنهن 2013ع ۽ 2018ع واري عام اليڪشن ۾ ٿر جي وڏن وڏن گڙنگ سياستدانن کي نه رڳو ٽف ٽائيم ڏنو هو پر خطي جي بي روح سياست کي نئون جئيدان به ڏنو هو.
هي ڍاٽ جا اُهي راڻا آهن جيڪي 8 صدين کان هتي جي عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آيا آهن، انهن ڪڏهن به ”هن پار“ وڃڻ جي حامي ناهي ڀري. اهي وطن سان وفاداري جو وڏو مثال آهن، ڍاٽ جا راڻا مذهب جي ٺيڪيدار ڪنهن به مودي جي مُنافقي واري مرض ۾ مبتلا ٿيڻ وارا ناهن. بقول ارباب نيڪڻ جي ته هي لڏڻ وارن مان نه پر اڏڻ وارن مان آهن. اڄ به اڏين پيا ۽ هميشه اڏيندا رهندا...!

***