وڪيل رائسنگهه سوڍو
هُو جيڪو ست راڄين سوڍن جو اهڙو شاندار اهڃاڻ آھي، جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ هن وطن جي واريءَ تان مٽائي نه ٿو سگهي. هُو جڏھن رنگ منچ تي چڙھي پنهنجي گرجدار لهجي ۾ ڪا گڻن ڀري ڳالهه ڪندو آھي تڏھن سندس سانورين اکين جي اوجيس مان سوڍڪي سُونهن جا هڙئي حوالا ڌونئري ڏينهن جيئن چٽا ڏسڻ ۾ ايندا آھن. هُو جيڪو ريگستان جي رڻ ڀومين راجپوتن جو اهڙو لاکيڻو لعل آھي، جيڪو ڌرتيءَ جي ماٿي تي ڳاڙھي تلڪ جيان سجايل نظر اچي ٿو.هُو جيڪو راجپوت سماج جو وارث آھي. جڏھن اسان جا ”اُٺي ويٺي وارا“ گهڻا تڻا راجپوت وطن سان وفا جا هڙئي وچن بريف ڪيسن ۾ بند ڪري، روھ مچي سيما جي هُن پار هليا ويا، تڏھن هن مرد مجاهد، رنگ رسئي راجپوت پنهنجي تريٽي جي لانگوٽي جو پلو واريندي، مايوس راجپوتن کي چيو هو ته، آئون اوهان جي وارثي ڪندس.۽ هُن وارثي ڪري به ڏيکاري.
ھُن ڍاٽ جي ڇٽيهين راڻي جي جشنِ تاج پوشي وارو ڪارج ڪري اُنهن گهڻن جي ڪنن مان ھوا ڪڍي ڇڏي هُئي، جيڪي هر وقت چوندا هُئا ته راجپوت هاڻي ٿر ۾ رهيا ئي ناهن. جشن تاج پوشي واري ڏينهن جڏھن رنگين ڦينٽن سان هاءِ اسڪول وارو گرائونڊ چمڪڻ لڳو تڏھن بي بي سي جي نمائيندي علي حسن چيو هو ته، ”ايسي لگ رها هي جيسي آسمان زمين پي آگيا هي.“ جشن تاج پوشي واري ڪاريه ۾ مڃون ٿا سڀني راجپوتن جو وڏو ساٿ هو پر ان جي سرواڻي ڪري ان کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ هن سوڍي جو وڏو هٿ هو. جنهن کي تاريخ ڪڏھن به نه وساريندي. هن نه رڳو اتي دنگ ڪيو. هن ٻيا به راجپوتن لئه ڪيئي ڪم ڪيا. جيڪي سڀ سماجي ڀلائي جي زمري ۾ آيا ٿي. هُن تعليمي طور پُٺتي پيل راجپوتن کي تعليم پرائڻ لئه سُٺو پليٽ فارم مهيا ڪري ڏنو. المهراڻ پبلڪ اسڪول مٺي (جيڪا هاڻي هاير سينڪڊري اسڪول جو درجو رکي ٿي) کي کولرائڻ ۽ ان جي رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ وڪيل رائسنگهه سوڍي جو وڏو ڪردار شامل هو. ان اسڪول کلڻ سان راجپوتن کي تمام وڏو تعليمي ۽ تدريسي فائدو ٿيو ۽ ٿي رهيو آھي. ماڻھون مڃن نه مڃن تاريخ ڪڏھن به اهڙن ڪردارن جو پورهيو رائگان ٿيڻ ناهي ڏيندي. هُن چاهيو ٿي ته ٽڙ پکڙ ٿيل راجپوتن کي هڪ مُٺ ۾ آڻي ڪا اهڙي مالها ٺاهجي جيڪا جڳ کي وڻي پر اها ڪامنا مها راڻي پرتاپ سنگهه کان به پوري نه ٿي ته رائسنگهه جهڙي صُلح پسند ماڻھون کان ڪٿان ٿيندي.
چوندا آھن ته،”ڀِت سواءِ چِٽ ئي ناهي ٺھندو“ سو هُن سوڍي جو بُڻ بنياد انتهائي مضبوط آھي. هُو جيڪو پاٻُوهر واري ڪاروڀاءُ نَري سوڍي جي ڪنور راڻسنگهه سوڍي جو پوٽو آھي.اُھو راڻسنگهه جنهن جي ڪڙڪ آواز کي اڄ ڏينهن تائين ڪير به وساري ناهي سگهيو.
اُھو راڻسنگهه جنهن پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اھڙي ايمانداري سان نوڪري ڪئي جو هن کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو.هن نوڪري دؤران قانون کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو. قانوني معاملي ۾ ھُن پنهنجي سيڻن کي به بخش نه ڪيو.راڻسنگهه سوڍي جي عقلمند پُٽ مهاسينگهه سوڍي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ وڪيل رائسنگهه سوڍو انتهائي صوبر قسم جو ماڻھون آھي. ڌيرجوان، دورانديش، قانوني ماهر هئڻ سان گڏ وڏو مهمان نواز به آھي. هُن جي اوطاري جو دسترخوان سدائين کليو ئي پيو آھي جتي هر مڪتب فڪر جي ماڻھون جي هي دلي آجيان ڪندو آھي. هُو جيڏو قد جو قداور آھي ايڏو ئي وڏو مهمان نواز ۽ عظيم ماڻھون آھي.
12 آڪٽوبر 1976ع ۾ جنم وٺندڙ رائسنگهه سوڍي شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پرائي. مڊل ۽ ميٽرڪ کان وٺي انٽر تائين مٺي ۾ پڙھيو. بعد ۾ بيچلر ڊگري لاءِ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. جتان 2005ع ۾ ايل-ايل-بي جو امتحان پاس ڪيو. ڪجهه وقت ميرپورخاص ۾ نامياري وڪيل وٽ وڪالت جي پريڪٽس ڪرڻ کان پوءِ هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو. شيشن ڪورٽ کان وٺي هاءِ ڪورٽ تائين جا ڪيس وڙھي ٿو.
وڪيل رائسنگهه سوڍو کلڻو، ملڻو ۽ انتهائي محبتي مزاج وارو ماڻھون آھي. ڪچهري ۾ طنز و مزاح سان دوستن جي دلي تربيت ڪندي، سُٺيون صلاحون به ڏيندو آھي. دوستن جا پنهنجا هٿرادو نالا به رکندو آھي اصلي نالي سان ڪنهن هڪ اڌ کي سڏيندو آھي نه ته هر ڪنهن جو نقلي نالو رکندو آھي، ان ئي نالي سان سڏيندو آھي. اهو به مزاح سان ڀرپور. اهو به ان جو هڪڙو فن آھي.
سُوم رس جي سُرورن ۾ سؤ فيصد سچ منهن تي چئي ڏيڻ وارو هي نيت جو صاف ماڻھون آھي. پرپُٺ ڪنهن جي گلا ڪرڻ هن جو وڙ ئي ناهي. جيڪو چوڻو هوندو منهن تي چئي ڏيندو پوءِ ڀلي ڪير ناراض ٿئي ته پنج پچائي وڃي کائي. ٻار جي ڳالهه تي به اعتبار ڪري ويندو آھي. دوستن ۾ خرچ ڪرڻ ۽ کارائي خوش ٿيڻ به هن جو وڏو گُڻ آھي.
راجپوتي ثقافت ۽ راجپوتي پرمپرا سان هُو وڏي محبت ڪري ٿو. جڏھن به ڪو سنڌ جي ثقافت جو ڏھاڙو ايندو آھي تڏھن هُو مٿي تي راجپوتي ڦينٽو ٻڌي، تريٽو ۽قميص پائيندو آھي. پيرن ۾ راجائي اسٽائل واري رنگين موجڪي جتي پائيندو آھي. هن وٽ ثقافت جو وڏو قدر آھي. هُو هر ڳالهه ۾ پهرين راجپوت آھي پوءِ ٻيو. هُو راجپوتيءَ تي سمجهوتو ڪڏھن به نه ٿو ڪري سگهي. وڪيل رائسنگهه سوڍو راجپوتن جي تاريخ تي تمام بهترين دسترس رکندو آھي. راجپوتن جي بهادري، قرباني ۽ محبت جا قصا مون ڪيئي ڀيرا هن جي واتان ٻُڌا آھن. هن جو حافظو به ڪمال جو آھي. هڪ دفعو ٻُڌل ڳالهه هن کي تقريبن زندگيءَ ڀر وسرندي ناهي.
ھُو اڪثر ڪري ڪچهرين ۾ چوندو آھي ته سنڌ جي عظيم شاعر شاھ عبدالطيف جي ڳايل ست سُورمين ۾ ٽي راجپوت آھن. مومل،سورٺ ۽ ليلان.آھي ته مارئي به راجپوتاڻي پر ان کي اڃان سنڌ جي تاريخدانن راجپوت طور مڃيو ناهي. هُن کي راءِ ڀاري سمي جي وارتا به برزبان ياد آھي ته سندس پيڙھي ۾ سپوت ٿيل صوڀارسنگهه سوڍي جي سڳي ماسي موندري جي ستي ڦُول ٻائي واري ڪربناڪ ڪٿا به هُن جي هردي ۾ هر وقت ڏيئي وانگي ٻري ٿي. هُو راجپوتن جي تاريخ کي بيان ڪندي عجيب ڪيفيت ۾ پئجي ويندو آھي.
ڊگهي قد ۽ ڪاري ڪوٽ وارو هي نوجوان اڄ ڪلهه مٺي جو نامور ۽ ننگ دڙنگ وڪيل آھي. هُو گولڊ ليف سگريٽ جا ڊگها ڪش هڻندي جڏھن سياست ۽ قانون تي وڏا وڏا بحث ڪندو آھي تڏھن ڪنهن فاتح سپه سالار جيان سُھڻو لڳندو آھي. هُو سُھڻو ته تڏھن به لڳندو آھي جڏھن ڪنهن پنچائتي فيصلي ۾ سماج جي مُنجهيل سُٽ جهڙي مامري کي راڄوڻي ريت سان پريت ۾ حل ڪندو آھي. وڪالت واري پيشي سان وابسته هئڻ ڪري شايد ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڪوڙا قسم به کڻندو هُجي پر مُنافقي هن جي من ۾ ئي ناهي. هُو جهڙو ٻاهر آھي اهڙو ئي اندر آھي. مڃون ٿا ته ڪا ڪمي ڪوتاهي هن ۾ به هوندي، هي به ماڻھون آھي فرشتو ناهي پر مجموعي طور ائين ئي چوندس ته هي اهو ماڻھون آھي جنهن جي زندگيءَ جي قمر ۾ ڪوتاهين جا داغ آھن به ته ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن.ڇاڪاڻ ته ماڻھون چنڊُ جي چانڊوڪيءَ ڏسندو آھي ان جا داغ نه.وڪيل رائسنگهه سوڍي ڳوٺ مورانتلي مان اڳوڻي ايم پي اي رام سنگهه سوڍي جي ڀيڻويي تپيدار هيمراج سنگهه جي راجڪماري ڀٽياڻيءَ سان شاديءَ رچائي آھي.کيس اولاد ۾ ٻه پُٽ آھن جن جا نالا ڪُلديپ سنگهه ۽ منديپ سنگهه آھن.
***