ٽيلات راڻسنگهه سوڍو
هُو جيڪو نه رڳو صاحبِ اقبال آھي پر صاحبِ جمال به آھي. ھُو هن وطن جي تَن تي هڪ اهڙو وفا جو تمغو آھي جنهن کي تاريخ صدين تائين سيني تي سجائي رکندي. هو هڪ اهڙو سور وير سوڍو آھي جنهن جي ساراھ هن واريءَ جو ڪڻ ڪڻ ڪري ٿو. هُو جيڪو نٻَن سوڍن جو ٽيلي ڌڻي ٽيلات آھي. هُو جنهن جي هر حڪم کي لبيڪ چئي نه رڳو نٻا هن تان نثار ٿين ٿا پر هر سوڍو هن جو وڏو آدر ڪري ٿو. هُو جنهن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين جي ڪينجهر ۾ هن وطن سان ولا جو نير اڄ به انڇر آھي. هُو جنهن جي خاڪي پوتئي جي ور ور ۾ هن ٿر ديس سان دل لڳيءَ جا ڪيئي دليل ويڙھيل آھن. هن جي سفيد شھپرن جي وار وار ۾ رجپوتيءَ جا ڪيئي سِڌانت ونگيل آھن. هُن وٽ ايتري پونجي هُئي جو هُو چاهي ها ته اڄ هندستان جي ڪنهن ميٽروپوليٽن شھر ۾ حوا محل ٺھرائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڀڳوان جي مالا جپي گُذاري ها پر هن ائين نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن جي من ۾ وطن جي مٽيءَ مروي وانگي مهڪي رهي هُئي. ھُن پنهنجي ڏاڏا شري محبت سنگهه جي گواڙي مئو اکيراج جي سيمن کي سُڃو ڪرڻ نٿي چاهيو. هُن نه ٿي چاهيو ته ڪو سڀاڻي اچي اهو چوي ته محبت سنگهه جو پوٽو راڻسنگهه ٽيلات هن وطن کي ٽِڪو ڏيئي ويو آھي.
وطن قرباني گهرندا آھن ۽ ھُن وڏي قرباني ڏيئي هن وطن جو قرض لاٿو آھي. پنهنجي ماتا جي ٿڃ جو صحيح حق ادا ڪيو آھي. هن پنهنجي سموري پريوار جو تياڳ ڪري وطن کي ترجيح ڏني. هن جو سڄو ڪٽنب هندستان ويو هليو پر هُو نه ويو. هُن کي اڪيلو ڇڏي ويا پر هُو اڄ به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه ٿو سمجهي. هُو چوي ٿو ته مون سان سمورو وطن گڏ آھي ۽ جنهن سان وطن گڏ ھوندو آھي ان کي وقت جي ڪا به ڀوڪنپ لوڏي نه ٿي سگهي. وطن کان بنان ماڻهون بي پاڙي ول جيان هوندو آھي.
هُو حياتيءَ جو باقي حصو جيئڻ چاهي ٿو هن ڌرتيءَ جي دل ۾..هُو مرڻ چاهي ٿو هن مٽيءَ ۾. هُو هر هر جنم وٺڻ چاهي ٿو هن جند جهڙي سنڌ ۾. هُو چاهي ٿو ته هن جون هڏيون هن ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي ڪا شانتيءَ پراپت ڪن.
هُن کي جڏھن سندس اڪيلي پُٽ حاڪم سنگهه حُڪم ڪندي چيو ته ”ٻاپُوجي هلو هندستان هلون“ تڏھن هُن هڪڙو ٿڌو ساھ کڻي، اڇين مُڇن کي تاوَ ڏيئي چيو”ڏڪرا منهنجو ته هاڻ جيئڻ مرڻ هن مروسٿل ملڪ سان آھي“
ائين چئي هُو هڪ ٽُٻي ۾ پئجي ويو. شايد سوچي رهيو هو ته ڪيئن ڇڏيان اُھو وطن جنهن جي ڌڙن ۾ منهنجي ڄائي جون جرون دفن ٿيل آھن. ڪيئن ڇڏيان اُنهن مساڻن جي مٽيءَ جن ۾ منهنجي وڏن جا جسد ِخاڪي اگني سنسڪار ٿيل آھن. ڪيئن ڇڏيان اُنهن سيمن ۽ سيڙھن کي جن جي وڻ وڻ ۾ منهنجي روح جو ريشمي ڌاڳو وچڙيل آھي. آئون ڪيئن ڇنيان اُنهن رکين سان رشتا جيڪي اڄ به مون کي پنهنجو داتا ڪري مڃن ٿا. آئون اُنهن ارڙنهن يجمانن کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان جن جون آسون منهنجي وجود سان وابسته آھن ڇاڪاڻ ته آئون ست راجي سماج جي سونپيل سنگهاسن تي براجمان سوڍو آھيان. آئون ويندس ته منهنجي ڪوٽڙي سُڃي ٿي ويندي، اُها رتل رهاڻ ڦٽي ويندي جنهن ۾ امل ڪسونٻا ڪري سينگوڙن جي سٽڪي سان کار ڀنڃڻا ڪيا ويندا آھن. جنهن رهاڻ جي رس ۾ چارڻ ڪوين جي ڪَٿيل دُوهن سان منگتا راجپوتن جي ريتن کي رنگ ڏيندا آهن.
امليان اُڏ مليان سيڻي هندا سيڻ
تجهه بن گهڙي نه چين آوي ولکا لاگين نيڻ
آئون ڪيئن وساريان اُنهن ڄارين کي جن جي ٽارين کي آنٻليو ڪندي ٽوڙيو هو. ڀلا ڪيئن ڀُلايان منهنجي ڳوٺ جي اُنهن ڀِٽُن کي جن جي چوٽين تي چڙھي ڦُوھ جواني ۾ بانسري وڄائيندي ڪيئي گوپيون دل جي ساهيوال ۾ قيد ڪيون هيون. آئون ڪيئن وساريان اُن طائوس جي تنوار جنهن جي پُڪار تي سَحاب سر جهُڪائي پنهنجا شاور کولي ڇڏيندا آھن. آئون ڇو ڇڏي وڃان منهنجون سوئيڪڙو ٻنيون جن جي سيڙھن تي چرندڙ ڀٽارين جي ڳچين ۾ وڄندڙ چنگن ۽ چڙن سان گڏ منهنجي دل وڄي ٿي. آئون جي هتان لڏي وڃان ٿو ته منهنجي ڌرا لڄي ٿي. آئون سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو پر ڌرا لڄائي نه ٿو سگهان ڇاڪاڻ ته هُوءَ منهنجي ماءُ آھي ۽ ماءُ کي پُٽ ڪڏھن به لڄائيندو ناهي.
سوڍن جي سورويرتاھ کي سچي دل سان ساراهيندڙ ڪوي شڪتيڏان ڪويا پنهنجي شاهڪار تخليق ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ نٻن سوڍن جي ٽيلات ڪُل جي شان ۽ مان کي هن ريت بيان ڪيو آھي.
سوڍو محبت وچن سِڌ سُت ڀوپت سُڀياڻ
سلام ڪوٽ نَٻان سري جالم هر گهڻ جاڻ
(وچن پاريندڙ مُحبت سنگهه سوڍو ڀوپت سنگهه جو سُپاتر آھي.اسلام ڪوٽ نٻن جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو.جالم سنگهه جي هر ماڻھون وٽ پنهنجي ڇاپ آھي.)
محبت سُت چهنو مُدي پانچ پُتر تڻ پيک
سوڍو ٽيلات سُڀٽ ٻلونت نٻا وسيک
(محبت سنگهه جا پنج پُٽ آھن انهن ۾ موڀيءَ چهنسنگهه آھي جنهن جي پنهنجي ڏيٺ ويٺ آھي.اهو ئي ٽيلات آھي.نٻن جي ڪُل جو ننگ رکندڙ آھي.)
ڪنهن وقت ۾ ٿر جي هڪ وڏي حصي تي نٻن سوڍن جي حُڪمراني هُئي جنهن کي ”نٻڪيءَ “چوندا هئا.اسلام ڪوٽ کان وٺي ڪيرٽي تائين نٻن جو ”جالنگ“ هلندو هو.نٻن ۾ جالم سنگهه، اڻندسنگهه ۽ محبت سنگهه تمام سپوٽ ٿي گُذريا آھن.انهي نٻڪي رجواڙي بابت مڪمل معلومات ڏيندي ڪڪراڙئي جي معزز شخص ماستر منگل سنگهه ورڻ ٻُڌايو ته ” ننڍو کنڊ انگريزن جي قبضي کان اڳ ننڍين ننڍين رياستن ۽ رجواڙن م ورھايل ھو، جن کي انگريز سرڪار اصل رياستن جي والين کي جاگيرن طور واپس ڏيئي صلح ڪيو ھو.اھي رجواڙا ۽ رياستون آگسٽ 1947ع تائين قائم رهيا ۽ پوءِ پاڪستان يا ڀارت ۾ ضم ڪيا ويا. انھن رجواڙن مان ٿر جو ھڪ قديم رجواڙو "نٻڪي" به هو جيڪو نٻن سوڍن جو مشھور رجواڙو ھو.اھو رجواڙو ھاڻوڪي اسلام ڪوٽ تعلقي ۽ مٺي تعلقي جي ڪجهه اوڀر وارن ڳوٺن تي مشتمل ھو.گوڌيار، ويساسر، رنگيلو، ڌوڙيو، اکيراج "مئو" ساڪريو، سلام ڪوٽ، ڪيرٽي ۽ ڀاڏاري وغيرہ نٻڪي جا اھم ڳوٺ آھن جتي ھن وقت پڻ نٻا سوڍا آباد آھن. بزرگن جي بقول نٻڪي جي راجا جئه سنگهه جي وفات کانپوءِ ڀائرن ۾ پگ تي اندروني اختلاف برپا ٿيا، اکيراج جي وڏي ڀاءُ جو مبھم موت ٿيڻ کانپوءِ سندس ماتا اکيراج کي پنهنجن مائٽن ۾ واگڙ ديس وٺي وڃي اتي رھڻ لڳي. ڪيترائي سال گذري وڃڻ کان پوءِ جڏھن اکيراج پور جوان ٿيو تڏھن ڪجهه وفادار برادري جي مکيه ماڻھن اکيراج کي واپس آڻي پڳ ٻڌائڻ جو ويچار ڪري درويش پاتوجي جاڳو "ھريار " وٽ اکيراج جي فتح لاءِ دعا خاطر پھتا جيڪو مالھڻ ديوي ماتا جو شواڌاري ھو. جيڪو ھاڻوڪي لالڻ فقير وانگر مشھور ھو. درويش جي پڇڻ تي ٻڌايائون ته دعا ڪريو ته اکيراج واپس اچي ۽ نٻڪي جو راڻو ٿئي. درويش راضي ٿي آشيرواد ڏني ته اکيراج ديوي مالھڻ ماتا جي ڪرپا سان ست پيڙھيون نٻڪي تي راج ڪندو. ھتي اکيراج کي خواب ۾ ازغيبي آواز آيو ته واپس وڃي نٻڪي جو راڻو ٿي. انهي آڪاش واڻي آڌار اکيراج پنھنجي ماتا سان اھا حقيقت ڪري واپس وطن موٽي آيو. واقعي درويش جي دعا ۽ ديوي مالھڻ جي ديا سان ست پيڙھيون راج ڪيائون ۽ ستون ٽيلات راڻسنگهه آھي جيڪو ھن وقت پڻ پنھنجي رجواڙي جو ٽيلات ۽ اکيراج ڳوٺ ۾ آھي.ھڪ درويش صفت ۽ ھردلعزيز ماڻھو آھي. نٻڪي جا فيصلا MPA, MNA نه ڪري سگھيا اُھي ھن بزرگ حل ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو، جنھن جو مثال ٻاراچ جو تڪرار اسان سڀني جي سامھون آھي، اھا آھي دعا جي ڪرامت.
پيڙھين جو شجرو ھن ريت آھي. راڻسنگهه ولد چھن سنگهه ولد محبت سنگهه ولد ڀوپت سنگهه ولد جالم سنگهه ولد مھاسنگهه ولد اکيراج سنگهه.“
راڻسنگهه هن وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ مئو اکيراج ۾ رهي ٿو. پنهنجي ٻنين جي سار سنڀال پاڻ ڪري ٿو. سندس موروثي هارين جي هٿ جي پچايل ماني کائي ٿو. پريوار جي جُدائي هن کي جهوريو ضرور آھي پر ڌرتيءَ سان اٽُوٽ پريم ڀاونا جي ڪري غمگين هوندي به ڏاڍو خوش آھي. راڄ ڀاڳ ۾ وڃي ماڻھن جا فيصلا به ڪري ٿو. هُو راجپوتن جي روايتي شان امل ڪسونٻي جو به عادي آھي ته دارون کي درپن ڪندي ساجن صحيح سُڃاڻڻ واري روايت کي به برقرار رکيو اچي. خاڪي پٽڪي ۽ اڇي تريٽي وارو لباس پائي ٿو. هر سُپرٻي پرب تي پنهنجي اوطاري ۾ رهاڻ رچائي پنهنجي شاندار ريتن کي قائم رکيو اچي. دل جو صفا ڏاتار آھي. آيل جو آدر ڪرڻ هن جي سُگڻي عادت آھي. وطن کي پنهنجو پريوار سمجهي اُن جي خوشيءَ ۾ پنهنجي خوشيءَ سمجهي ٿو. هُن کي خوش ڏسي سنڌ هر وقت سرهي ٿئي ٿي.
***