پيرڏان سنگهه سوڍو
پاٻوهر جي رجواڙي ۾ راوت سنگهه سوڍو انتهائي نيڪ دل سخي ۽ مهمان نواز ماڻھون هو جنهن انتهائي ڪسمپرسي واري قهري حالتن ۾ اڻھوند جي باوجود پنهنجي روايتي پرمپرا کي پيٽ تي پٿر ٻڌي به پاريو هو. چون ٿا ته راوت سنگهه سوڍو پنهنجي ٻني پاڻ پوکيندو هو. صبح جو سوير ٻاجهر جي ماني ۽ جهڻ کڻي ٻني ڏي ويندو هو اُتي ايستائين ماني نه کائيندو جيستائين ڪو مهمان اچي. ڪڏھن ڪڏھن مهمان جي انتظار ۽ اُلڪي ۾ سج لهي ويندو هو ماني ڪون کائيندو هو واپس گهر کڻي ايندو هو. رڳو ان الڪي ۾ ته متان ڪو ناسيٽو يا ڪو عزيز اچي وڃي ۽ ماني نه هجي ته منهنجي پت ڇا رهندي. ان ڪري پاڻ لنگھڻ ويهي رهندو.ڇا ته سوڍي جي سخي دل هُئي. اُن ڏاتار جي گهر ۾ ٻه پُٽ پيدا ٿيا. هڪڙو وينجهراج سنگهه سوڍو ۽ ٻيو پيرڏان سنگهه سوڍو. وينجهراج سنگهه جا ٻه پُٽ ٿيا تپيدار سوائي سنگهه سوڍو ۽ منگل سنگهه سوڍو. شريمان راوت سنگهه سوڍي جي گهر ۾ 4 جون 1930ع تي جنم وٺندڙ پيرڏان سنگهه سوڍو به پنهنجي دؤر جو دلبر ماڻھون هو. راجپوتن ۾ انتهائي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندڙ پيرڏان سنگهه سوڍو نرن سوڍن ۾ نامور سوڍو ٿي گُذريو آھي. جنهن جي عقل ۽ ڏاهپ جا گُڻ اڄ به راجپوتي رجواڙن ۾ ڳائجن پيا.
پيرڏان سنگهه سوڍي شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ پاٻوهر ۾ پرائي ۽ ثانوي تعليم گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مٺي مان حاصل ڪئي. جتي هُو پوزيشن هولڊ هو. اڄ تائين سندس نالو مٺي هاءِ اسڪول ۾ بورڊ تي لکيل آهي. 1952ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان سيڪنڊ ڪلاس ۾ يونيورسٽي آف سنڌ حيدرآباد مان پاس ڪيو. 28 جون 1952ع تي سرڪاري ملازمت ملي ويئي ۽ ٿرپارڪر جي روينيو کاتي ۾ جونيئر ڪلرڪ طور ڊيوٽي جوائن ڪئي. سرڪاري ملازمت ملڻ کان پوءِ شاھ عبدالطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ شام واري سيشن ۾ بي-اي جي داخلا ورتي جتان 1956ع ۾ بي-اي فائنل پاس ڪيو. تعليم کي اڳتي جاري رکندي 1966ع ۾ قانون جو امتحان ايل-ايل-بي پاس ڪيو.آڪٽوبر 1958ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو روينيو کاتي وارو ڊپارٽمينٽل امتحان ڏنو ۽ ڪواليفاءِ ڪري سينئر ڪلرڪ طور ترقي ماڻي. 1966ع ۾ اسسٽنٽ طور پروموشن ملي.
پيرڏان سنگهه سوڍو ڪجهه عرصو هيڊ منشي/ سب ٽريزري آفيسر ۽ ٿرڊ ڪلاس ماجسٽريٽ طور ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص جي مختلف تعلقه آفيسن ۽ برانچن ۾ ڪم ڪيو. 1972ع ۾ مختيارڪار طور 16هين گريڊ ۾ ترقي ملي. 1974ع ۾ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جا پاور مليا ۽ ٿرپارڪر،ٺٽو،دادو ۽ بدين ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ مختيارڪار ۽ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيو. 1979ع ۾ ڊويزنل مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طرفان بهترين ڪارڪردگي جو ايوارڊ حاصل ڪيو. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مختيارڪار طور ڪم ڪندي اي-ڊي-بي-پي جي بهترين رڪوري تي ٻه ڀيرا ڪيش انعام (هڪ هزار روپيا) ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽن سميت ڪمشنر حيدرآباد هٿان وصول ڪيا. 1983ع ۾ 17هين گريڊ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر (A-C) طور ترقي ملي ۽ ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ جي حيثيت سان حيدرآباد ۾ ڪم ڪيو.گڏو گڏ مليٽري ڪورٽ حيدرآباد ۾ ميمبر طور پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. اسسٽنٽ ڪمشنر طور چار سال حيدرآباد ڪمشنر جي ماتحت ڪم ڪندي آخر ڪار اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سب ڊويزنل ماجسٽريٽ طور ماتلي ضلع بدين ۾ ڊيوٽي ڪئي جتان 4 جون 1990ع تي رٽائرڊ ٿيو.
پيرڏان سنگهه سوڍو گڙنگ زميندار ۽ وڏو مهمان نواز ٿي گُذريو آھي. ماتلي تعلقي جي شھر مالڪاڻي شريف جي ويجهو سندس ٻني ۾ وهندڙ پنهنجي نالي سان واٽر اڄ به موجود آھي. سندس ٻني تي موجود پڪسري اوطاق اڄ به اٿتين لئه وڏي آسائش آھي جتي سندس سپوت پوٽو نرپت سنگهه سوڍو مهمانن جي آجيان ۾ اڄ به پنهنجا نيڻ وڇائي ڏاڏي جي دُکايل ڏيئي جي وٽ کي وسامڻ نه ٿو ڏي. پيرڏان سنگهه سوڍي جي دوستي جو دائرو انتهائي وسيع هو. سنڌ جا وڏا وڏا زميندار، جاگيردار، ڪامورا، سياستدان، شاعر، ليکڪ، فنڪار مطلب هر مڪتب فڪر جي ماڻھون سان هن سوڍي جي دوستي هوندي هُئي. پيرڏان سنگهه سوڍي جو هڪڙو اهم اصول هوندو هو ته هُو روز ڊيلي ڊائري لکندو هو. پيرڏان سنگهه سوڍي جي لکيل ڊائري ۾ هڪڙو دؤر محفوظ ٿيل آھي. اهو دؤر جيڪو سوڍڪي شان جو عروج وارو دؤر هو. پيرڏان سنگهه سوڍي جي ڪيرٽي واري خانجي سوڍي سان وڏي دوستي هوندي هُئي. خانجي سوڍو ۽ پيرڏان سنگهه نه رڳو هڪ ٻئي کي ڀائرن وانگي ڀائيندا هُئا پر هڪ ٻئي جو وڏو آدر ڪندا هئا. سماج ۾ هڪڙي جي ڪيل ڳالهه تي ٻيو اک پوري اعتماد ڪندو هو.
پيرڏان سنگهه سوڍو انتهائي دوُر انديش ماڻھون هو. هن وٽ ماڻھون ماڻهون جي پرک هوندي هُئي. هُو پري کان سُڃاڻي وٺندو هو ته همراھ ۾ ڪيترا ڪَڻ آھن. مالڪ هن کي هن انوکي ڏات سان نوازيو هو. عقل هُن وٽ ڄائي ڄم کان هٿيڪو هو. عقل، ڏاهپ، فهم ۽ فضيلت جي ڪري ئي هن کي ڍاٽ جي راڻي راڻا چندر سنگهه وزير اعظم نواز شريف جي شفارش سان ري امپلائيمينٽ وارو آرڊر ڪرائي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو هو نه ته ٿر ۾ پڙھيل لکيل ته ٻيا به جام هئا.پر هن ۾ ڪا اهڙي انوکي ڏات هُئي جو راڻي صاحب جو هن تي وڏو وشواس هو.
23 نومبر 1992ع تي پيرڏان سنگهه سوڍي جو فيڊرل منسٽري ۾ راڻا چندرسنگهه جي پرسنل اسسٽنٽ طور ري امپلائمينٽ آڊر ٿيو ۽ سرڪاري ملازمت ملي. راڻا چندر سنگهه ان وقت نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جو وفاقي وزير هو.
رٽائرمينٽ کان پوءِ راجپوتن جي سماجي ڀلائي لئه پاڻ پتوڙيندي آخرڪار17 آگسٽ 2012ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پيرڏان سنگهه سوڍي ننگر پارڪر جي ڳوٺ ميگهه مالڻھور مان کاوڙيه راٺوڙن مان شادي ڪئي هئي.پيرڏان سنگهه جا چار پُٽ ٿيا.پريم سنگهه ،هٺيسنگهه ،ڪانجي ۽ ڌنجي سنگهه .پريم سنگهه ايگريڪلچر کاتي ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر ٿي رهيو آھي. ڪانجي تپيدار هو رٽائرٽمينٽ کان پوءِ هندستان ويو هليو. هٺيسنگهه فوڊ انسپيڪٽر هو. ھٺيسنگهه گُذاري ويو آھي.ڌنجي اسسٽنٽ مختيارڪار ٿي رهيو آھي. سمورو اولاد پڙھيو لکيو ۽ وڏن عهدن تي رهيو. پريم سنگهه جو هڪڙو پُٽ آھي نرپت سنگهه سوڍو جيڪو انتهائي بهترين انسان يار ويس ماڻھون ۽ دلڙي دوست آھي.هن جي من ۾ مون ڪڏھن به ڪنهن لئه به مندي نه ڏٺي. هر ڪنهن لئه سدائين سُٺو سوچيندڙ نرپت سنگهه سوڍو انتهائي سادگي سان ڀرپور ۽ انسان دوست ماڻھون آھي.هن جي منهن تي سدائين مرڪن جا پوپٽ پرواز ڪندا رهندا آھن.
***