سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

راڻو رتن سنگهه سوڍو

راڻو رتن سنگهه سوڍو


”همروٽ ڇَتيسيء“َ جي خالق ڪوي بانڪيداس پنهنجي امر ڪويتا ۾ امرڪوٽ جي سوڍن راڻن کي تمام وڏي ڀيٽا ڏيندي چيو آھي ته:

سوڍا امرڪوٽ را سر ڪٽيان شمشير
ٻانهين هيڻا ويرهر بانڪا ڀارت وير

(امرڪوٽ جا سوڍا سر ڏيئي سرها ٿيندا آھن. وڏا ڏيالو ۽ ڏاتار آھن. هيڻن جي همراهي ڪندڙ آھن. دُشمنن لئه تمام ڀاري آھن.)

ايڪ ايڪ سون آگلا راڻا امرڪوٽ
پرگهٽ هوئا پرماروي ماڻينگر من موٽ

(امرڪوٽ جا راڻا هڪ ٻئي کان مٿي آھن. بهادري، سخاوت ۽ سُلڇڻائي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھن. پرمار ونس کي اجاگر ڪندڙ آھن..)

ڍاٽ پرڳڻي جي پراچين راڻي کيمراج سنگهه جي ڪنور ٺاڪر وجئه سنگهه جي ٽئين پيڙھيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اڻند سنگهه سوڍي جي گهر ۾ اک کوليندڙ راڻو رتن سنگهه ڪو راڄ تِلڪ راڻو نه هو پر پنهنجي انوکي ڪرم جي انوسار رعيت هُن کي راڻي جي لقب سان نوازيو هو. سوڍڪي شان ۽ ڌرتيءَ جي مان خاطر پنهنجا پراڻ ڏيئي پرڻ پاريندڙ راڻو رتن سنگهه انتهائي جوشيلو جوان هو. هُن لئه وطن ئي سڀ ڪجهه هو. هُن ڪنهن طرح وطن کي وڃائڻ نه ٿي چاهيو. ڍاٽ پرڳڻو هُن جو اباڻو وطن هو. هن ڍاٽ تي سوڍن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به حُڪمراني پسند نه ٿي ڪئي.
1843ع ۾ جڏھن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪري ورتو هو تڏھن امرڪوٽ پرڳڻو به انهن جي هٿ هيٺ اچي ويو هو. انگريزن جي راڄ شاهي ۾ سوڍن جو زور گهٽجي ويو هو. رعيت انگريزن جي غُلامي پسند ٿي چُڪي هُئي. ڪراڙن ۽ مهيشورين وٽان ملندڙ ساڙھي ۽ ٻنڌياڻ به بند ٿي ويا هئا. سوڍن جو راڄ بس نالي ماتر رهيو. اُن وقت جو گاديدار راڻو مهراج ”مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ“ واري ڪار ڪنن تان وار ڍاري ويهي رهيو پر هن سورهيه وير سپوت سوڍي”اي نه وڙ ويڙھيچن“ وانگي ويهڻ وھُ سمجهي سندرو ٻڌي سامهون ٿيڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. هن جي سانتيڪي وجود جو وولڪنو بغاوت جي باھ ۾ ڦاٽي پيو ۽ هن امن پسند انگريزن جي شانتي واري راڄ ۾ اشانتي ڦھلائي ڇڏي جيڪا انگريز بهادر کي انتهائي ناگوارا لڳي. امراڻي جي هن وير بهادر جي لَڪ لَڪ تي للڪار گورن جا بُت لرزائي وڌا. ڪرنل ٽائر وِٽ راڻي رتن سنگهه کي راضي ڪرڻ خاطر هر طرح جا هُربا هلايا پر راڻو راضي نه ٿيو. نيٺ رتن سنگهه جي ويجهي ساٿي جي وسيلي ڪرنل ٽائر وِٽ ساڻس ملاقات ڪئي. اُن ملاقات ۾ رتن سنگهه سوڍي انگريز اڳيان پنهنجي پنج نڪاتي ايجنڊا رکي هُئي. تپيدار تيج سنگهه سولنڪي پنهنجي اتهاسڪ ڪتاب ”امرڪوٽ -سنڌ جو اتهاس“ ۾ لکي ٿو ته ”تروٽ صاحب امرڪوٽ جي قلعي ۾ راڻي کي چڱي ريت ذھن نشين ڪيو ته فساد پکيڙڻ مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو تنهن ڪري کيس (راڻي کي) اُبتا پير کڻڻ نه گهرجن. تروٽ صاحب ائين به چيو ته ”جيڪڏھن اسان جي حُڪومت ۾ اوهان کي ڪو اهنج ايذاءُ هجي ته اُهو بيشڪ کولي ورنن ڪيو. آئون هر ممڪن ڪوشش سان ان جو تدارڪ ڪندس. “
رتن سنگهه اهڙي وجهه کي هٿان نه ڇڏيو ۽ چيائين ته:
پهريون: اڪبر بادشاھ جي ڏينهن کان ٿر ۾ ڍل جو نالو ڪونهي سا ڍل هاڻ به نه ورتي وڃي.
ٻيو: اسان جون زمينون اسان کي واپس ڏنيون وڃن.
ٽيون: ڪراڙن کان ساڙھي وارو ٻنڌياڻ وري اسان کي ملڻ گهرجي.
چوٿون: ڪراڙن جو قرض وصول ڪري ڏيڻ وقت هر هڪ سؤ تي هڪ رپيو ۽ تحفي ۾ لوئي يا شال ملندي هئي. اُها توهان بند ڪرائي، اها به واپس ملي.
پنجون: ڪراڙن وٽ لنگر انداز ٿيڻ تي اسان جي گهوڙي جي گاھ پاڻي جو بندوبست ٿيندو هو اهو وري به بحال ٿيڻ گهرجي.
ڪرنل تروٽ نه رڳو رتن سنگهه جا اهي سڀ شرط قبوليا پر ڪسٽم ڊيوٽي جو حصو به راڻن کي ڏياريائين. تروٽ صاحب سنڌ جي اُن وقت گورنر سر چارلس نيپيئر سان لکپڙھ ڪئي ان سڀ شرط منظور ڪيا. ”امرڪوٽ سنڌ جو اتهاس“ ۾ بيان ڪيل آھي ته حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي حُڪم سان 14 مئي 1847ع تي راڻي کي فرسٽ ڪلاس پوليٽيڪل جاگير ڏني ويئي. تُرت ئي ناري ڊويزن جي ڍل جو مقاطعو پنج سالن لاءِ سن 1850ع کان 1854ع تائين به راڻي رتن سنگهه وارن کي ڏيئي تروٽ سندن دل خوش ڪري ملڪ ۾ شانتي قائم ڪئي.
راڻن کي ساڙھي وارو ٻنڌياڻ ۽ ڪسٽم ڊيوٽي وارو حصو به ملڻ لڳو. هاڻي ڪراڙ راڻن کي راڄ جا مالڪ سمجهڻ لڳا هر طرف سُڪون ٿي ويو. سوڍا پنهنجي اباڻي پرڳڻي ۾ اڳوڻي شان سان رهڻ لڳا.
پر بدقسمتيءَ سان اها شرطيه شانتي گهڻو وقت هلي نه سگهي. پنج سالن تي راڻن جي مقاطعي جو مدو پورو ٿيو. چوڻ وارا چون ٿا امرڪوٽ جي پاڙيسري ڳوٺ کيجراري جي سيد محمد علي شاھ اهو ناري ڊويزن واري ڍل جو مقاطعو انگريز سرڪار کان وڏي رقم عيوض پنهنجي نالي حاصل ڪري ورتو. مقاطعي جي حاصلات کان پوءِ محمد علي شاھ ڍل جي وصولي وقت صفا رڻ ٻاري ڏنو هو. بنهه بي رحمي سان رعيت کان ڍل وصول ڪرڻ لڳو هو. راڻي رتن سنگهه وارا ايڏي رقم نه ڏيئي سگهيا. ان ڪري مقاطعو انهن جي هٿ مان هميشه لئه نڪري ويو. محمد علي شاھ جي اهڙي جرئت ڪرڻ ۽ چڙھت ڪري مقاطعو وٺڻ سوڍن جي غيرت ۾ ڏيئي ۾ تيل وارو ڪم ڪيو. راڻي رتن سنگهه جي هڪ ڏينهن امرڪوٽ شھر ۾ محمد علي شاھ سان ڏند اوٿل ٿي. ان ڏينهن هن سوڍي پڪو پهه ڪري ورتو هو ته ان کي ڪنهن به حالت ۾ زنده نه ڇڏبو. انگريز سرڪار جي امن امان واري دؤر ۾ اهڙي ڪٺن ڪم ۾ هٿ وجهڻ لئه به دل کپي ٿي. مجال آھي جو ڪير اهڙي جرئت به ڪري، پر هن سوڍي پنهنجي سوڍڪاريءَ انا خاطر اهو ڪري ڏيکاريو. هن جو ساٿ ڏنو ٿانجي جي تڙي جي ڀڳوجي سنگراسي جيڪو تازو پرڻيل هو. ٻئي ڄڻا گڏجي تيز گهوڙين تي سوار ٿي هڪ شام ويلا جو محمد علي شاھ کي هڪڙي ٻني ۾ وڃي رسيا. جتي هُو ڍل وصول ڪري رهيو هو. رتن سنگهه هڪل ڪري چيو ھوشيار ٿي.! آئون ڀڏيليءَ جي اڻند سنگهه جو پُٽ رتن سنگهه توکي مارڻ آيو آھيان. ائين چئي گولي ٺڪاءَ ڪيائين. محمد علي شاھ پڙ تي مري ويو. هي ٻئي سوڍا موقعي واردات تان فرار ٿي روپوش ٿي ويا. انگريز سرڪار کي اهڙي فسادي واقعي تي ڏاڍي چڙ لڳي. حُڪومت جوابدارن کي پڪڙڻ لئه رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيا. چون ٿا ته رتن سنگهه سوڍي وٽ تمام تيز رفتار ۽ وفادار گهوڙي هوندي ھُئي. رتن سنگهه ان گهوڙي تي چڙھي راجستان پرڳڻي ڏي هليو ويو. گهڻو وقت روپوشي واري حالت ۾ گُذاريائين نيٺ هڪڙي ڏينهن امرڪوٽ کان سوين ڪوھ پري هڪڙي هند پڪڙجي پيو. ان رات هن کي سندس گهوڙي هڻڪارون ڪري سجاڳ ڪيو هو پر هُو گهوڙي جي پُٺي ٺپري ائين چئي سمهي رهيو ته ”ڀٽاري هاڻ گهڻو ڀڳاسين“ ٿوري ئي دير مس ٿي پوليس پڪڙي ورتو. تُرت پوءِ ڀڳوجي سنگراسي به پڪڙجي ويو. رتن سنگهه جو ڪيس امرڪوٽ ۾ هليو. آخرڪار 1923وڪرمي سنبت جو رتن سنگهه کي امرڪوٽ واري قلعي ۾ سوين ماڻھن جي وچ ۾ سرعام ڦاهي تي لٽڪايو ويو. چون ٿا ته راڻي رتن سنگهه کي مٿان کان انگريز سرڪار معافي نامو موڪليو هو ته اهڙي وير بهادر کي ڦاهي نه ڏني وڃي، پر افسوس جو اهو معافي نامو ڪاردار آفيس ۾ شرمالي برهمڻن جي چرچ تي تيستائين روڪيو ويو جيستائين راڻي جي ڪنڌ ۾ ڦاهي جو ڦندو وڌو ويو. جڏھن رتن سنگهه جي ڪنڌ ۾ ڦاهي جو ڦنڌو وڌو ويو تڏھن ڪو پنو کڻي ڊوڙندو آيو ته سرڪار راڻي کي معاف ڪيو آھي. چون ٿا ته راڻي رتن سنگهه مُڇن کي تاوَ ڏيندي چيو ته معافيون مرد ناهن وٺندا. مون کي ڏسڻ لئه هيڏي جنتا گڏ ٿي آھي آئون معافي وٺي ان جي دل نه ٿو ٽوڙي سگهان باقي شرمالي برهمڻ اڄ کان پوءِ امرڪوٽ ۾ رهي نه سگهندا. منهنجي ڪُل جو ڪو به ماڻهون امرڪوٽ جي ڪاردار آفيس جو پاڻي نه پيئندو. ائين چئي هي سوڍو مرڪندي وطن تان وارجي ويو. ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ ڪوي شڪتيڏان ڪويا راڻي رتن سنگهه بابت ڪيڏو نه خوبصورت ڇهه سٽو ڏنو آھي.
ڇپايو ڇهه سٽو
اکان سمت اُگڻيس ورس تيئيسو وڪرم
راڻ گيو امراڻ رتنسي برهم مائين رَم
ولکا هاٽ باجار نار نر آنسو نيڻي
ڍاٽ پارڪر ڌرا سوڪ ڇايو ڪُل سيڻي
پمنگي مُونئي سُم سِر پٽڪ راج فرنگي روليو
منڊيو رتن راڻي مُلڪ امر نام رو اوليو.

راجسٿان جي باراني ڳوٺ ٻرائي جي مها ڪوي شڪتيڏان ڪويا پنهنجي شھر آفاق تصنيف ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ ڀڏيلي جي سُرتاڻ سوڍن جو ذڪر ڪندي اول ۾ راڻي رتن سنگهه جي شان ۾ هي خوبصورت دُوها لکيا آھن.
رنگ سوڍا راڻا رتن امراڻي ڌر آءِ
ديا پراڻ هِت ديس ري گيتڙلا جس گاءِ

(اي سوڍا راڻا رتن سنگهه! توکي جس هُجي جو امرڪوٽ جي ڌرتي تي جنم ورتو ۽ ديس جي ڪارڻ سر ڏيئي سرهو ٿي ويئن. تنهنجي ساراھ ۾ اڄ گيت ڳائجن پيا.)
سنڌ تڻو ايجنٽ سو ايڪ تريوٽ انگريج
سمپي ڌرتي ليج سُون تور دکاوڻ تيج
(سنڌ ۾ انگريزن جو مقرر ڪيل هڪ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل ٽائر وِٽ هو جنهن ڌرتيءَ ليز تي ڏيئي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.)

انيتي ڪي محمد علي ڏڪر وصولي ڏاڻ
هڻيو وير هٿنال سُون راڻ رتن امراڻ

(محمد علي شاھ کيجراري واري ڍل وصول ڪرڻ وقت رعيت سان وڏو ظلم ڪيو هو. جنهن کي راڻي رتن سنگهه پنهنجي هٿن سان ماري مساڻ ڪيو هو.)

ريو ساٿ رتنيس ري سوڍو ڀڳُو سُچنگ
سنگراسي ڀڙ اُنڙ سُڻ ريڻو آکي رنگ

(رتن سنگهه سان ساٿ نڀائيندڙ ڀڳوجي سنگراسي وڏو بهادر ماڻھون هو. اي وير بهادر سنگراسي سوڍا! تون ٻُڌ توکي چارڻ ڪوي رنگ (شاباس) ڏي ٿو.)

لاکو هيڪو لکان جيُون سنگراسي ري ساک
توان ٿانجي رو تڙو ڀڳو سُتن جس ڀاک

(لاکو هڪڙو لکن جهڙو“ وانگي سنگراسي سوڍو هو جيڪو ڳوٺ ٿانجي رو تڙ جي ڀاکرسنگهه جو پُٽ ڀڳوجي هو.)

ڦنڦيڙڻ فرنگي ني راڻ رتن ري ستٿ
سميڙو امرو رامسي سوڍا تينهون سمتٿ

انگريز سان اٽڪڻ لاءِ رتن سنگهه سان گڏ وڙھيا هئا سميڙ سنگهه، امر سنگهه ۽ رامسنگهه. ٽيئي سوڍا هڪ ٻئي کان مٿي هئا.)
ڀوجاڻي رجوٽ ڀلي سام ڌرم سر موڙ
رتن راڻا منتري رکيو رنگ ڏيسل راٺوڙ

(ڀوڄاڻي ۾ راجپوتي گُڻ تمام گهڻيرا هئا. تڏھن ته راڻي رتن سنگهه کيس وزير مقرر ڪري رکيو هو. اي ڏيسل راٺوڙ توکي جس هجي.)

گهوڙي چڙھ ڏي گهومرا راجس ڪرتو راڻ
سولي چڙتان رتن سنگهه پمنگي تجيو پراڻ.

(گهوڙيءَ قلعي جي ديوارن تي چڙھڻ لاءِ ڦيرا ڏيندي رهي. ڏسندي رهي ته اهو راڻو ڪٿي آھي جيڪو هتي راڄ ڪندو هو. رتن سنگهه جي ڦاهي چڙھڻ کان پوءِ گهوڙيءَ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويئي.)

رتن سنگهه جي مارجڻ کان پوءِ سندس گهوڙيءَ کي سرڪار نيلام ڪئي جيڪا هڪ سوناري خريد ڪئي. سوناري گهوڙيءَ جي جام خدمت چاڪري ڪئي پر گهوڙيءَ رتن سنگهه جو منهن ڏسڻ بنا ان پاڻي نه کائيندي هُئي. نيٺ هڪڙي ڏينهن اڳياڙيون پوياڙيون ٽوڙي اُڃايل بُکايل امرڪوٽ واري قلعي جي ديوارن سان مٿو هڻي هڻي ڦٿڪي ڦڪي مري ويئي. گهوڙيءَ جي سُنبن جا نشان اڄ به امرڪوٽ واري قلعي ۾ نمايان نظر اچن ٿا. چون ٿا ته سندس ساٿي ڀڳوجي سنگراسي کي ڪاري پاڻي(انڊمان ڪوبر جا جهنگليءَ ٻيٽ) واري سزا ڏني ويئي...!!
***