سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

هانسو سوڍو

هانسو سوڍو

وطن تان وارجڻ سوڍن جي صفت ۾ شامل آھي. اگني ونس پرتاپي سوڍن جي اندر ۾ هر وقت ”هلدي گهاٽي“ واري جوالا ڀڙڪيل هوندي آھي. ديس جي دنگن ۽ ناموسي ننگن ڏي ڪنهن ميري اک کنئي ته سوڍن جو رت ٽامڻي ٿي ويندو آھي. سنڌ جي سورهيه وير دودي سومري سان دوستيءَ نڀائيندڙ هانسيسر جي هانسي سوڍي جي حُب الوطنيءَ جا گُڻ سنڌ جو روح ڳائي ٿو. ريگستان جي ريتن ۾ دفن ٿيل تاريخ کي تخليق ڪندڙ رائچند راٺوڙ هانسي سوڍي جي حوالي سان لکي ٿو ته ”سلطان علاوالدين جي لشڪر جڏھن دودي تي ڪاهيو، تڏھن امرڪوٽ جي هانسي سوڍي، دودي جي يار ست ويهون (140) سوڍن جو لشڪر وٺي وڃي دودي جي مدد ڪئي هُئي. ٿر ۾ علاوالدين ۽ دودي جو داستان اڄ تائين ڪچهرين ۾ مڱڻهار ۽ ٻيا سُگهڙ کڻندا آھن، جنهن ۾ به هانسي سوڍي جي همٿ ۽ مدد جو ذڪر اچي ٿو.“
راوي روايت ڪن ٿا ته هانسو سوڍو جڏھن پنهنجي پتني ميگهاوتيءَ سان هٿڙيا جوڙي چونئري جا چار ڦيرا ڦري رهيو هو تڏھن هڪ گهوڙي سوار خاطي روپا ماڙي جي راوَ دودي سومري جو خط کڻي آيو هو. خط ڏيندي هڪل ڪري چيو هو ته سوڍا ! ڌرتيءَ جو سڏ ٿيو آھي. ڇا تون سرتيءَ کي تياگي ڌرتيءَ جي پت رکڻ واري پريڪشيا مان پاس ٿي سگهندين.؟ هانسي سوڍي مک تان موڙ ھٽائيندي ترڌاري تلوار سان چونئري جو پلو ڪٽي گهوڙي سوار خاطي ڏي ناهر واري نگها ڪندي وراڻيو هو ته ”مون جنم راجپوت جي گهر ورتو آھي. راجپوت کان مٿي تپسيا ۽ تياگ ڀلا ڪير سمجهي سگهندو.؟“ ائين چئي هُن خط کولي پڙھڻ شروع ڪيو جنهن ۾ لکيل هو.
اي منهنجا وفادار دوست منهنجو ڀاءُ مون سان ويري بڻجي ويو آھي. تخت جي نشي ۾ انڌي چنيسر جي چُغلي تي دهلي جو بادشاھ علاؤالدين خلجي روپا ماڙي تي رڻ ڪرڻ آيو آھي. هُن منهنجي ڀيڻ ٻاگهل ۾ نظرون وڌيون آھن. منهنجا سپوت سوڍا هي گهڙي سر ڏيئي سرهو ٿيڻ جي آھي. تون سوڍو آھين مون کي پڪ آھي پوئتي نه هٽندين. تنهنجي وڏڙن جي اها پرمپرا رهي آھي ته اُھي مرڻ ۽ مارڻ کان ڪڏھن به ڪيٻائيندا نه آھن. ڪيسريا وڳا ڪري رڻ ڀومي ۾ آتم سمرپڻ ڪرڻ اوهان جو اوچ ڪرم آهي. مون کي ان ڪرم جي اڄ اوس ضروت آھي. سوڍا هي ڌرتيءَ ماءُ آھي پاڻ ٻنهي جي ماءُ آھي. ماءُ جي مريادا رکڻ هر حلالي فرزند جو اولين فرض آھي. پاڻ ٻنهي هڪ ئي ٿڻ (سنڌُو درياءَ) مان ٿڃ ڌائي آھي اُن ٿڃ جو قرض چُڪائڻ جو موقعو مليوآھي. اهو هٿان نه وڃاءِ اچ ته ٻئي گڏجي آخري ساهُن تائين وطن لئه وڙھون.

هل هانسا چڙھ گهوڙي ڌرتيءَ هيلا ڪري
ڪَس تُري رو تنگڙو پيو دودو ڌيان ڌري

(اي هانسا! جلدي ڪر گهوڙي جو تنگ ڇڪي ڀر ۽ هلي روپا جي ميدان تي پهچ، تنهنجو دوست دودو تنهنجي راھ تڪي پيو.)

هانسا ڪر همت آوَ هلي کيلان يُڌ گهمساڻ
ڀجاڙي ويري ڀومي تڻون راکان ڪُل رو ماڻ

(اي هانسا! همٿ ڪري هليو اچ ته ميدان جنگ ۾ پاڻ ملهايون. دُشمن کي ڌرتيءَ جي دنگن مان ڀڄائي پنهنجي خاندان جي لڄ ۽ پت کي قائم ۽ دائم رکيون.)

هانسي خط پڙھي دنگ ڪيو ۽ قاصد کي چيائين.

دودي هندا دُوت هيڪ سنديسو ڏيجو
ڌرتيءَ هَندو پُوت هانسو آوي هستو

(اي دودي جا قاصد! دودي کي هڪ نياپو ڏجانءِ ته ڌرتيءَ جو پُٽ هانسو کلندي ڪُڏندي يُڌ لئه اچي پيو.)

مت هاري هينوڙو مت جهُڪائي سِيس
سوڍو ٿانري سنگ ويري وڍسي وِيس.

(اي دودا! دل مَ لاهيج نه ئي دُشمن اڳيان سر جهُڪائج، هي سوڍو توسان گڏ آھي. اهو ته هڪڙو دشمن آھي اهڙا ويهه خلجي هُجن تڏھن به ماري مساڻ ڪري ڇڏيان.)

هانسي ميگهاوتيءَ کان موڪلايو. هن جي اکين مان هڪ ڳوڙھو نڪتو جيڪو ميگهاوتيءَ جي مانگ ۾ پيل سندُور کي صاف ڪندي ڳلن تان ڳڙي ويو. هن ميگهاوتي جو منهن به نه ڏٺو ۽ ڌرتيءَ جو سڏ ورائڻ لئه سنڀري پيو. رُخصتيءَ ۾ ڏوري بدران رزميه شاعري جا رنگ اُٿلي پيا. هڪ سهاگڻ ناريءَ جون ھڙئي حسرتون سهاگ رات ۾ سيج رمڻ وارو سُک ماڻڻ کان اڳ ۾ ئي وطن تان وارجي ويون. ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا“ واري ڪار هانسي ميگهاوتي جي نرڙ تي چُمي ڏيئي اهو چيو ”اي ستوتي! آئون هاڻ هلان ٿو. وري ٻئي جنم ۾ ملنداسين.هن جنم ۾ پنهنجو ساٿ بس ايترو ئي لکيل هو.“
چونئري ڦيرا چار سوڍو سُندري سانگ
ميگها ٿانري مانگ سُوني ڪر گيو سوڍيو

چونري جي چئن ڦيرن تائين هانسو پتنيءَ سان گڏ هُيو. اڃان چونئري لٿو ئي ڪون تيستائين ڌرتيءَ جو سڏ ٿيو. سوڍو ميگهاوتيءَ جي مانگ سُڃي ڪري ويو.

مت جهلي مارگيا مت جهلي تُري ري واگ
ملسان ٻيجي ماگ اڄ لکيوڙو اتو هَتو

(اي ميگهاوتيءَ! منهنجو رستو نه روڪج ۽ نه ئي گهوڙي جي لغام کي جهلج. هاڻ ٻئي جنم ۾ ملنداسين. هن جنم ۾ بس ايترو ئي ميلاپ لکيل هو.)

نهين گونگهٽ کوليو نهين سيج رماڙيو سُک
ميگها ٿانرو مُک هون جوئيس ٻيجي جنم ۾

(نه گونگهٽ کولي تنهنجي ديد جو ديدار ڪيم ۽ نه ئي سهاگ رات ورو سُک ڏنم. اي ميگهاوتيءَ ! هاڻ تنهنجو منهن ٻئي جنم ۾ ڏسندس.)

ڌن ڌن ٿانري مات پتا ڌن هو سوڍاڻ ڌرا
ست جنم ٿي سونپيا وهيلا وڙجو ڀمرا

(شابس تنهنجي ماءُ پيءُ کي هجي ۽ شابس ان سوڍاڻ (ڍاٽ) جي ڌرتيءَ کي هجي جنهن تو جهڙو سپوٽ پٽ ڄڻيو. مون منهنجا ست جنم تنهنجي حوالي ڪيا آھن. جلدي ڪنهن جنم ۾ ملجانءِ.)

هون سڀاگڻ سوڍيا هون ٻلهياري ٿانري نام
ٿي جائو جنم سُڌارڻ مانري پت راکسي پرسرام

(اي سوڍا! آئون ڪيڏي نه ڀاڳن واري آھيان جو منهنجو ور ڌڻي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ دوستيءَ جو فرض نڀائڻ پيو وڃي. آئون تنهنجي نالي تان نهال ٿيان. منهنجي لڄ مالڪ رکندو)

چونئري پلو ڪاٽتي هانسو هليو رڻ کيت
سومري سنگ سوڍي ڏيڌو سِيس ڏيس ري هيت

(هانسو چونئري جو پلو ڪٽي ميدان جنگ ڏي روانو ٿي ويو. روپا ماڙي جي ميدان ۾ سومري سان گڏ سوڍو به سِر ڏيئي سرهو ٿيو هو.)

***