سنڌ شناسي

سوڍا چتُر سڄاڻ

هي ڪتاب شاعر ۽ ليکڪ امر رائيسنگھ راجپوت جي لکيل خاڪن جو مجموعو آھي جيڪي سنڌ جي سوڍن بابت آھن. ھو لکي ٿو:
”ھن ڪتاب لکڻ پويان منهنجو مقصد اھو آھي ته ويجهي ماضي ۾ وکريل سوڍن جي هيرن کي هٿ ڪري، تاريخ جي تاج ۾ سجائي، صدين جي سونهن پيدا ڪجي. مون پنهنجي وس کان مٿي ڪوشش ڪئي آھي ته سوڍن جي تاريخ کي سُٺي نموني سان سهيڙي سُڌاري لکان. سوڍن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جو اتهاس ئي اڌُورو آھي. ان اتهاس جي مڪملتا ڪارڻ مون پنهنجي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. ماضي ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ ڪجهه اهڙا اهم سوڍا ٿي گُذريا آھن جن جي جيون چريتر تي ڪنهن هڪڙو حرف به ناهي لکيو. ان ڪري مون انهن جي زندگين جا پنا سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون انهن تي به دل کولي لکيو آھي جن جو حال ۾ ڪجهه حال آھي.“
Title Cover of book سوڍا چتُر سڄاڻ

دليپ سنگهه سوڍو

دليپ سنگهه سوڍو

هُو جيڪو جَر تي ڏيئي جهڙو خوبصورت هو. هُن جي للاٽ جي ويڪرائي ڏسي هڪ طبيب حيرت ۾ پئجي ويو هو. وڏو ماڻھون ٿيڻ هُن جي نصيب ۾ ھو. هُو جيڪو ابهم وهي ۾ ئي وڏو ٿي هليو ويو. جنوري ۾ آيو ۽ جنوري ۾ هليو ويو. لطيف جي نانءُ کي بڙ جي گهاٽيءَ ڇانوَ سمجهندڙ هي رابيل روپ رونکڙو ڏھيلا ڏار پکيڙي ڪو ڇانوَدار جهاڙ نه بڻجي سگهيو.
ھُن جو جنم پهرين جنوري 1982ع تي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ آروکي ۾ رامسنگهه سوڍي جي گهر ۾ ٿيو. رامسنگهه سوڍو جيڪو نه رڳو ٿر جو مشھور سياستدان هو پر راڄنيتيءَ جو به تمام ماهر هو. هُن جي هندستان وڃڻ کان پوءِ ٿر جي راجپوتي سماج ۾ راڄوڻيءَ سياست سماپت ٿي ويئي.
دليپ سنگهه سوڍي شروعاتي تعليم K.G اسڪول ڪراچي مان ورتي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان حاصل ڪئي. ڪاليج مخدوم بلاول سائنس ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪئي. ان کان پوءَ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ لئه پرڏيهه پلاڻي ويو. هندستان جي شھر ڀُڄ ۾ قيام پذير هو. قدرت جو قهر ڪڙڪيو ۽ تاريخ ڇويهه جنوري 2001ع تي جمعي جي ڏينهن 8:27 منٽن تي انجار شھر مان اُٿيل زلزلي جي زد ۾ هنڌ سنڌ لُڏي ويون ۽ ڀُڄ جي شھر ۾ هي سنڌ جو ڏهڳُڻي ڏيئو گُل ٿي ويو. ڪارونجهر جي ڇاتيءَ مان اوڇنگار نڪتي، آروکي اوسارا ڪڍي رُني. مارئي جو ماڳ سوڳ ۾ سراپجي ويو. ڪنهن راجڪماري جي جي للاٽ جي لالڙيءَ ڪري پيئي. ڪا چُوڙيءَ بنان ڇڻڪڻ جي سمهي پيئي. ڪا ڇير وڄڻ کان اڳ ڇني پيئي. ڪي ڳيچ ڳَلن ۾ اٽڪي پيا. ڪا مينڌي رنگ ڇڏي ويئي.
سوڍا! تو وڃڻ ۾ ايڏي جلدي ڇو ڪئي.؟ توکي ته اڃان ادب جو طور سينه سر ڪرڻو هو. توکي ڪنهن ٻيگهي تي ٻھڪندڙ ٻاون وير ٻانهياريءَ جي لوڏ جهڙا اُھي لاکيڻا نظم لکڻا هُئا جيڪي تنهنجي روح ۾ تڏھن رمندا هُئا جڏھن ڪنهن ڀنڀيءَ جي ڀنڀن تان آنچل اُڏار ڪري ڪو بادل بڻجندو هو. توکي ڪنهن نو ورنيءَ ناريءَ جي گهُور جهڙا اُهي غضبناڪ غزل به لکڻا هُئا جيڪي تنهنجي اکين ۾ تڏھن ترندا هُئا جڏھن ترائي ۾ ترندي ڪا جل پريءَ پنهنجي غزال اکين سان گهوري هوائن جا هوش اڏائيندي هُئي. توکي اڃان پئماني ۾ رهجي ويل ووڊڪا جي پڇاڙڪي پيگ جي خُمار جهڙو نشيلو نثر لکي گهڻن تي اثر ڇڏڻو هو. توکي ”سوڍائڻ“ جا صفحا سنڌي ۾ اُتاري سوڍن جي صحيح تاريخ سنڌورش ۾ متعارف ڪرائڻي هُئي.
دِلُو تون ڪيڏو نه دُور انديش ماڻھون هُئين! ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ ائين چئي وئين ته ”انسان جي عمر بي بقا آھي. جنهن وقت مالڪ ياد ڪيو، اُن وقت وڃڻو پوندو. ان ڪري اهو ضروري آھي ته هُو ٿوري وقت ۾ جيترو ٿي سگهي ته اوترو ڀلائي ۽ نيڪي ڪري“. متان زندگيءَ جو سج لهي وڃي.
تو تمام ننڍڙيءَ ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه سوچيو. تو سخاوت ۾ سنسار جي سونهن تي سوچيو، تو اُتم اخلاق ۽ ان جي اثر تي نوخيز نثر لکيو، تو علم جي اڻاٺ ۽ ان جي اهميت تي قلم کنيو، بهادري ۽ ان جو شان به تنهنجو ادبي ذوق بڻيو، تو سماج ۽ ان جا حق ۽ فرض به سمجهايا، تو صاحب جي صاحبي کي عجب جي اک سان ڏٺو ۽ اهو به تو سمجهايو ته اولاد کي سُڌارڻ مائٽ جو پهريون فرض آھي. تو جانان کي ميارن جا تحفه مُڪيا، تو آتم هتيا ڪندڙ انسانن جي لاءِ آواز اُٿاريو، تو بيروزگار عوام جو بارود سان تحفظ جهڙا عالمي اشوز اُٿاريا، تو ٿر ۾ آيل طوفاني تباهي تي به بنهه بي باڪيءَ سان قلم کنيو.
مڃون ٿا تو تمام ننڍي عمر ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. تون ”روشن راھون“ جهڙو ادبي گُٽڪو سنڌي ساهتيه جي جهولي ۾ وجهي امرتا پائي وئين. پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪتب خانو کولي علم جي لاٽ ٻاري پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري وئين پر يار اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو. توکي پارڪر جي اُنهن پرمارن جي ونين جي وکريل سينڌن تي شاعري ڪرڻي هُئي جيڪي ڀومي جي ننگ ۽ ناموس تان نثار ٿي ويا. جن جا پاڙيا اڄ به پنهنجي ماروپٿر جهڙي مٽيءَ ۾ کُتل آھن. توکي لاڙ پٽن ڏي ويندڙ لاهيارن جي لاڏن ۾ رهجي ويل سهيلين جي سُڏڪن تي ڪي ليک لکڻا هُئا.
توکي مورن جي ميگهه تڙپنا کي تحريرن جا روپ ڏيئڻا هئا. توکي ٻاٻهين جي ٻولين، جيجلن جي لولين ۽ شڪارين جي گولين تي به قلم ڪميت ڊوڙائڻو هو. ريتن جي پريت پاريندڙ سوڍن جي شان ۽ مان جو ڪارڻ بڻجي سنڌ ڇڏي ويندڙ ڌرتيءَ ڌيئارين لئه وڇوڙن جي ٻوليءَ ۾ سهرا سرجڻا هُئا.
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ تنهنجي مطالعي واري ميز ڪتابن لئه سڪي ويئي آھي. تون اچانڪ هليو وئين. توکي اڃان ”رهجي ويل منظر“ جهڙي محبوب ناول تي دل کولي ڳالهائڻو هو. توکي سارا شگفتا جو سُور نامون ”آنکين“ ضرور پڙھڻو هو. ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪه ”ميگها“ کي پڙھڻ به تنهنجي مقدر ۾ نه هو. ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کي پڙھڻ به تنهنجو نصيب نه بڻيو. توکي امرتا پريتم جي آپ بيتي” رسيدي ٽڪيٽ“ مان رس وٺڻو هو. توکي”آگ ڪا درياءَ“ اک مان ڪڍڻو هو. توکي ”ميرا داغستان“ واري حُب الوطني مان سُرڪ ڀرڻي هُئي. يار تو وڃڻ ۾ وڏي تڪڙ ڪئي.تو ”پيغام لطيف“به ڪونه پڙھيو ۽ نه وري ”ديار دل دستان محبت“ کي دل سان پڙھيو ۽ توکي ته اڃان”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ مان چس وٺڻو هو. اي سنڌ وطن جا سپوت ڪوي! تون جيڪڏھن ڪرشن چندر جي قلم مان رت بڻجي وهيل ورهاڱي جا وڍ ’’غدار‘‘ ناول پڙھين ها ته ايڏانهن ڪوچ نه ڪرين ها.
ڪنهن گُل اندام گُجر جي ڳچي جو هار ٿيڻ کان اڳ ۾ هليو وئين. ٿورڙو ته ترسين ها يار! ڪن ڪڻڪ رنگين ٻانهُن تولئه عاج جو اڇو چوڙو پاتو هو، اُن ۾ پنهنجي پريم رس جو ٽونئر ته ٽانڪين ها. اگني ونس سوڍا اگني ديو کي ساکي سمجهي چونئري جا چار ڦيرا ڦري، ڪنهن راول ديس رجواڙي جي روُپونتيءَ رجپوُتاڻيءَ راجڪُماريءَ جي مانگ ۾ سِندُور سجائڻ کان اڳ ۾ ئي الوداع ڪري هليو وئين. ايڏي تڪڙ ڇو ڪيئي.؟ توکي ته اڃان ڪنهن ڪونج ڳچي ۾ ھٿن کي هنسليءَ ڪرڻو هو. توکي ته اڃان ڪن پرسڌ پيرن لاءِ نظمن جا نورا ٺاهڻا هئا. ڪنهن وڏور وينگس جي ڪارن وارن ۾ سينڌ ڦُل ٿيڻ کان اڳ ۾ مُرجهائجي وئين. ڪنهن دلپذير دوشيزه جي ڪنول ڪَت جو ڪمربند ٿيڻ به پسند نه ڪيئي. اي هن ڀومي جا ڇيل ڀمريا! هن ڌرتيءَ جي ڪنهن دادليءَ جي نصيبن جي الي مٿان ٻوريو ته ٿئين ها. ان جيجل جي هٿن جا سينگاريل سهرا ته مک تي سجائين ها جنهن جيجل توکي نو مهينا پنهنجي ڪُک ۾ پاليو هو. جنهن جي هر ڪامنا تنهنجي ڪاميابي سان سلهاڙيل هئي.اُن ماتا جو هردو تنهنجي وڇوڙي تي هيرڻ پن وانگي ڦارون ڦار ٿيل آھي. پنهنجي اُن پتا شري رامسنگهه سوڍي جي روح کي ابدي فراق جا فٽ ڪهڙي ڏوھ ۾ ڏيئي ويئن جنهن ڪڏھن ڪنهن ماڪوڙي جو به من نه رنجايو هو. هُو دل جو دياونت هو. هر پراڻي جو آدر ڪرڻ هن جو وڏو گُڻ هو. هُو عقل جو وير تنهنجي وڇوڙي تي صفا جهُري پيو هو. هُو توسان اتيت پريم ڪندو هو. هُو تنهنجي ارٿيءَ جي رک کي اوڏو ٿيڻ لئه هي وطن ئي ڇڏي ويو. الا آروکي اداس ٿي ويئي. اُها آروکي جنهن جي ڪنهن وقت ۾ سامروٽي واري خطي ۾ وڏي هاڪ هوندي هُئي. مالديو سوڍن جي پنجن ڳوٺن ۾ پرمک ڪردار نڀائيندڙ هي نگري صفا سرو ٿي ويئي. تنهنجي والد صاحب جي وڃڻ کانپوءِ اسان جي ڪميونٽي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آھي. جنهن جي ڀرپائي شايد صدين تائين ٿي نه سگهي.
اي سُگُڻي سوڍا! تنهنجي مهمير وجود جي واسنا لاءِ آروکي جو آسڻ واجهائي رهيو آھي. اُھي ڀٽون توکي ڀاڪر پائڻ لئه لُڇن ٿيون جن جي چوٽين تي چڙھي تو مورن سان گڏ ملهاريون ڳايون هيون. تنهنجي ڳوٺ جي ڏھر واري اُها ترائي تنهنجي ڪنچن ورني تن کي ڇُھڻ جي تؤنس ۾ تڙپي رهي آھي جنهن جي اجهاڳ پاڻي ۾ تون پونئري وانگي ترندو هُئين. تولئه ته اُن ڄار جا ٽار به پار کڻي رُنا آھن جنهن جي لامن تي آنٻليو ڪندي، ڪنهن جي ڇاتلن ڇتن کي ڇيڙيو هو.
توکي خبر آھي تنهنجي وڃڻ کانپوءِ تنهنجا دوست ڪيترا دُکي ٿيا آھن.؟ چيلهار جو چلولو شاعر ڀارو مل امراڻي تنهنجي المناڪ الوداعي تي لنپ وانگي جليو آھي. هُو لفظن جون اوڇنگار ڏيندي چوي ٿو ته ”ڪارونجهر جي چوٽيءَ تان آئون پڇمائي جي پڻڇائي کي ڏسان ٿو، جتي تنهنجي مٽيءَ پيل آھي. پر منهنجا محبوب دوست! چئن ڏينهن جي بيقراري آھي، سامروٽيءَ جي سڪ تنهنجي ارٿي رک کي ڏکڻ واءُ ۾ اُڏائي اچي آروکي جي آسڻ ۾ رکندي. ماڪ ڀنل مٺي جون هوائون تنهنجون سلامي ٿينديون.“ تنهنجي اچانڪ اولاڪي ۾ پريت پال جو اندر پروڻ ٿيل آھي. ھُو دُکي دل سان دانهن ڪري چوي ٿو” دليپ ڪارونجهر جي ڪور تي جڏھن مور ٽھوڪا ڪري پيار ۽ پريت جو اهڃاڻ ڏيندا تڏهن تنهنجون يادون اسان جا وڻ ئي وڄائي وينديون.“ميوارام ٻالاڻي جو ادب تان ارواح ئي کڄي ويو آھي.هو گمنامي جي تاريڪي ۾ گُم ٿي ويو آھي.عبدل بجير جي اک مان هڪ ڳوڙھو اڄ به تولئه ڳڙي ٿو.جتي تون جوڀن جا ٽھڪ ڏيئي سنگت کي چانهه جون چسڪيون پياريندو هئين اُتي هاڻي منڪر ماٺ واسو ڪيو آھي.مٺي وارو سوڍا هائوس هاڻي ميواڙ هائوس ۾ تبديل ٿي چُڪو آھي.تنهنجن پراڻن پڊن جي پاسي مان گُذر ٿئي ٿو ته روح رڙ ڪري اوهان سوڍن کي ساري ٿو. پر گيهلوتن جي گهٽي ۾ ھاڻي ڪو اهڙو سوڍو رهيو ئي ناهي جيڪو حُب مان هٿ ڏي. تنهنجي چوياريءَ وارو باغ ڀيلاڙجي ويو آھي. تون ڪاليداس جي ديس ۾ ميران جو سُرندو ٻُڌندي سڪون جي ننڊ سُتو آھين.
تولئه ڀٽائي جي تنبوري جي هر تند تڙپي ٿي. تولئه سنڌ سُڏڪي ٿي.
***