ٺاڪُر راجوير سنگهه سوڍو
لانٻي سرور جي تروٽي ترورن جي ساکي امراپُري جهڙي امراڻي ۾ هڪڙو سوڍو چَتُر سُڄاڻ هُو به آھي. هُو جيڪو همروٽ ڇَتيسيءَ جهڙي حَسين سوڍي هانسي جو پاڙيسري آھي. اُھو هانسو جنهن پنهنجي نو ورنيءَ ڪنوار جو مُنهن ڏسڻ کان پهرين ڌرتيءَ ۽ دوست جو سڏ ورائي شھادت ماڻي هُئي. جنهن سهاڳ رات جو سُندريءَ سان سيج رمڻ واري سُک کي تياگي وطن تان وارجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني هُئي. هُو جنهن جي تيجسوي اکين جي ترورن ۾ جهانسيءَ جي راڻيءَ جي تلوار جا تجلا جرڪن ٿا. هُو جنهن جي لاکيڻي لوڏ جي هوڏ ڪرڻ ڪنهن به ويڪتي جي وس جي ڳالهه ناهي. هُو جيڪو هن ديس جو دلبند فرزند آھي. هن جي ويرپال وجود جي دولان ديهي جي ڪارونجهر ڏاڍن اڳيان ڪڏھن جهُڪڻ سکيو ئي ناهي. هن جي اڏول ڇاتيءَ جو ڇھُٽڻ سدائين آڪاش جئين اُڀو آھي. هرڻ ڇال جهڙي هن جي هر ڳالهه ۾ مٽيءَ جا منطق ۽ ڌرتيءَ جا دليل هوندا آھن. هُو هن وطن سان ائين محبت ڪري ٿو جيئن موري مڇي ڦاڙھي جي سڱ سان ڪندي آھي. هُو هن محبوب وطن جو اُهو باوقار سياستدان آھي جنهن تي ڌرتيءَ ماءُ مَرڪ ڪري ٿي. هن جي پٽڪي جي ور ور ۾ رڳو راجپوتيءَ جو رنگ ۽ ننگ ناهي پر هن سموري ساڻيهه جي سونهن سمايل آھي. اُها سونهن جنهن جي هر جهلڪ ولهار تي وٺل چيٽي چانڊوڪي جهڙي موهي ماريندڙ هوندي آھي. هُو جنهن جي هلڻ سان لانٻي جا بڙ ڀلي کڻي نه به جهُڪن پر ساڻس پيار ڪندڙ دوستن جون دليون مجروسا جا هٿ ٻڌي ان سوڍي جي شان ۾ ضرور جهُڪنديون آھن. جيڪو دوستن تان ساھُ صدقي ڪرڻ وارو گُر اڄ به چڱي ريت ڄاڻي ٿو. جنهن لئه مهمان ڀڳوان جو درجو رکي ٿو. هُو کائي خوش ٿيڻ وارن مان ناهي پر کارائي خوش ٿيڻ هُن جو سُگڻ آھي. هُو ڀڏيلي جي وير بهادر رتن سنگهه سوڍي وانگي ديس واسين جي دلين تي راڄ ڪندڙ بي تاج راڻو آھي. هُو جيڪو پَٽڪو ۽ تريٽو به پائي سگهي ٿو پر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کي سندس شان سمجهي ٿو. هُو جيڪو دوستي کي اتم ڌرم سمجهي ٿو.هن لئه سياست کان مٿي انسايت آھي. هُو سياسي شطرنج جو به وڏو کلاڙي آهي. پر بي رحم سياسيت جي آکاڙي ۾ اقتدار لئه سندرا ٻڌي لهي پوڻ کي هُو اهميت قطئي نه ٿو ڏي. هُو اهميت ڏي ٿو سوڍڪي شان آن ۽ مان کي. هُو چاهي ها ته سياست ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهيو پي پر هُن ائين نه ڪيو. هُو سياست ۾ پهريون ڀيرو 2002ع ۾ آيو هو. تڏھن جڏھن ڪن شاطر دماغ سياستدانن جي هٿ ناٽڪ سبب ڪنور همير سنگهه (موجوده وقت راڻو) جا نامزدگي فارم رد ٿيا هئا. هُن کي سياست جو ڪو ايڏو شوق نه هو پر هن نه ٿي چاهيو ته صفا ميدان سُڃو ڇڏجي ۽ عوام ڪنهن واپاري جي ور چڙھي وڃي. تنهن ڪري هُو مٺي واري تڪ تان چونڊ وڙھيو ھو ۽ سوڀارو ٿي سنڌ اسيمبلي جي سنسد ڀون ۾ پهچي ويو هو. ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ به هُو انتهائي سادگي ۽ نرم مزاجي واري حيثيت سان عوام ۾ مقبول رهيو. هُو روايتي سياستدانن واري اجائي آڪڙ کان هميشه پري رهيو آھي.ٻيون ڀيرو سياسي ميدان ۾ هن 2008ع واري عام اليڪشن ۾ قسمت آزمائي هئي پر محترما بينظير ڀُٽو صاحبه واري شھادت جي سيلاب سموري سنڌ سان گڏ هن سوڍي کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. عمرڪوٽ جي ننگ دڙنگ سياستدان علي مردان شاھ کي هي سوڍو هارائي نه سگهيو.
راجوير سنگهه سوڍو مزاجن کلڻون ملڻون تمام پيارو ماڻھون آھي. منهنجي هن سان ڪڏھن به ملاقات ناهي ٿي پر چوندا آھن ته ڀلن جا واکاڻ وطن ڪندا آھن سو هن سپوٽ سوڍي جي ساراھ به گهڻن ماڻھن جي واتان ٻُڌي آھي. سنڌ جي موجوده سي ايم مراد علي شاھ جو هم ڪلاسي هُئڻ سان گڏ انتهائي ويجهو دوست به آھي.
7 آڪٽوبر 1960ع تي راڻا ارجڻ سنگهه جي ننڍي پُٽ ٺاڪر ٻلوير سنگهه سوڍي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٺاڪر راجوير سنگهه سوڍي شروعاتي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ڪامرس ۾ بيچلر جي ڊگري B.COM سينٽ پيٽرڪس ڪاليج مان 1982ع ۾ حاصل ڪئي. راڻا جاگير جي هن روپاڙي سوڍي ٺاڪر راجوير سنگهه راجستان جي ٺڪاڻي بيگُو- چتوڙ (ميواڙ) مان چونڊاوت شيشودين جي سرواڻ سرگواسي راوَ هريسنگهه جي گهران شادي ڪئي.
راجوير سنگهه کي اولاد ۾ هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ آھي.پُٽ جو نالو تيجوير سنگهه سوڍو آھي.تيجوير سنگهه هن وقت سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۾ جاب ڪري ٿو.تيجوير سنگهه راجستان جي ضلعي جئپور جي ٺڪاڻي پهاڙيا مان شادي ڪئي آھي. ٺاڪر راجوير سنگهه جي راجڪماري سونل سوڍي گجرات جي ٺڪاڻي لمڙي ۾ پرڻايل آھي. سونل ٻائي ملائيشيا مان گريجوئيٽ ڪيو آهي. سنڌ جي سُوڍين ۾ هيءَ پهريون سُوڍي آهي، جنهن گريجوئيٽ ڪيو آهي.
راجوير سنگهه سوڍو وڏو زميندار ماڻھون آھي.سندس زرعي فارم آڏتيو نالي سان عمرڪوٽ شھر کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. راجوير سنگهه سوڍو هڪ ماحول دوست ۽ فطرت پسند شخص آھي. سندس زرعي فارم آڏتيو تي موجود اوطاري وارو چونئرو ٺاهڻ وقت موزون جڳهه تي ڪنڊي جو وڻ بيٺل هو جيڪو چونئري جي اڏاوت ۾ رُخنو وجهي رهيو هو. ان ڪري ماڻھن صلاح ڏني ته ان کي وڍي ڇڏيو پر وڻن سان پيار ڪندڙ ھن ماحول دوست سوڍي وڻ وڍڻ بدران ان وڻ اندر چونئرو ٺاهي ڇڏيو آھي جيڪو ڏسڻ وٽان آھي. ان کي دنيا جو اٺون عجوبو چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڪنهن به دوست کي اهو چونئرو ڏسڻو هجي ته راجوير سنگهه سوڍي جي زرعي فارم آڏتيو ۾ وڃي ڏسي اچي. اهڙو ٿڌو چونئرو آھي جهڙو ايئرڪنڊيشنڊ. چونئري اندر ڪنڊي جو ٿُڙ آھي ۽ ٽار ٻاهر آھن. هڪ وڻ کي بچائڻ سموري فطرت کي بچائڻ جي مترادف آھي ۽ اهو سوڍي ڪري ڏيکاريو آھي.
ٺاڪر راجوير سنگهه سوڍو هن وقت پنهنجي سموري پريوار سان گڏ سُکيو ستابو پنهنجي ٺٺ باٺ ۽ راجپوتي آن مان شان ۽ شوڪت سان سندس جنم ڀومي جاگير ۾ سڪونت پذير آھي. سندس هڪڙو ڀاءُ ٺاڪر وڪرم سنگهه سوڍو پاڪستان ايوي ايشن اٿارٽي ۾ وڏي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آھي ۽ ٻيو ڀاءُ ٺاڪر تڻيراج سنگهه سوڍو ڪراچي ۾ جئز بئنڪ جو ڊاريڪٽر آھي.سڀئي ڀائر سکيا ستابا پنهنجيون هشاش بشاش حياتيون گُذاري رهيا آھن
***