آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

ٻہ اکر

پنھنجي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو ”جوھي منجهہ جھان“، توھانجي آڏو آھي جيڪو پڻ ساروڻين جي پھرين ڀاڱي ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ جيئن ڊجيٽل صورت ۾ شايع ڪيل آھي. پھرين ڀاڱي تي ڪجهہ تجويزون بہ آيون تہ تنقيد بہ ٿي. تجويزون اھي تہ، ڪتاب ۾ ڪافي پروف جون غلطيون آھن جڏھن تہ تنقيد اھا ٿي تہ پنھنجي سفر جي کوڙ ساٿين، دوستن، سندن متعلق ساروڻين کي اڻپورو قرار ڏنو ۽ ڪجهہ واقعا وسارڻ جي ڳالھ بہ ٿي جيڪي درست آھن. ليڪن ھي ساروڻيون بھر حال منھنجون ساروڻيون آھن، جيڪو ياد ھيو اھو ئي لکيو. ڪجهہ ذاتي دوستن، سنگتين، سياسي، سماجي شخصيتن جو سرسري ذڪر ڪيل آھي جيڪا ڳالھ پڻ درست آھي. پھرين ڀاڱي ۾ صرف انھن ساٿين، دوستن، ڪردارن جو تفصيلي ذڪر ڪيو جيڪي ھن دنيا ۾ نہ رھيا آھن جڏھن تہ جيڪي حال حيات ۽ زندہ آھن انھن تي خاڪن جي صورت ۾ آئيندہ ڪجهہ عرصي ۾ ضرور قلم ڪشائي ڪبي. مون پنھنجي طور تي ڪوشش ڪئي آھي تہ جيڪو لکجي اھو ذاتي پسند ناپسند کي پاسيرو رکي پنھنجي فھم مطابق سچ لکجي، باقي ساروڻين ۾ ڪجهہ رھجي بہ سگهي ٿو جنھن جو ڪارڻ منھنجي ويسر ۽ عمر جي تقاضا بہ آھي. ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو، “جوھي منجهہ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي مون پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا جتان شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيو جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون آھن جن سان منھنجو تعلق رھيو، جيسين مون 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو، انھي شھر جوھي ۾ جيڪومنھنجي ساھ ۾ ھاڻي بہ ساھ کڻي رھيو آھي جتي ھاڻي مھمان بڻجي وڃڻ ٿئي ٿو، جيڪا وري ھڪ ٻي اذيت آھي. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن، جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيل آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن جن مان سڪندر سرواڻ جي شاعري تي لکيل تبصرو سندس ڪتاب ۾ مھاڳ طور ڇپيل آھي. ڪتاب جي آخر ۾ ”آخري اکر“ پڻ لکيل آھن جيڪي منھنجي سوچ ۽ من اندر جي مانڌاڻ جو تت آھي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ منھنجي دوست شبير نظاماڻي لکيو آھي جڏھن تہ ”جوھي جيئن مون ڏٺي“ جي سري سان ليک، منھجي ڀاءُ عزيز سومري جو لکيل آھي جيڪي وري 1999ع کانپوءِ روزانہ “ ڪوشش“ ۽ روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ ۾ ڪيل ڪالم نگاري واري عرصي ۾منھنجي لکڻين کي سنوارڻ ۽ مونکي ھمٿائڻ جوڪم سرانجام ڏيندا رھيا. شبير نظاماڻي ۽ عزيز سومري جي ليکن ھن ڪتاب جي ضخامت ۾ نہ صرف اضافو ڪيو آھي بلڪہ مثبت تنقيد بہ ڪئي آھي جنھن کي آءُ ڀليڪار ڪندي سندن شڪريو ادا ڪيان ٿو. ھر باب جي آخر ۾ ليک سان لاڳاپيل سرگرمي ۽ ڪردارن جون تصويرون ڏنل آھن جڏھن تہ ڪتاب جي آخر ۾ پنھنجي زندگي سان جڙيل يادن تي مشتمل تصويرون پڻ شامل آھن. ڪتاب ۾ شامل گهڻيون تصويرون منھنجي پنھنجي ذاتي ڪمپيوٽر ۾ موجود ھيون جڏھن تہ ڪافي تصويرون منھنجي مرحوم دوست سائين بخش رند جي فرزند آفتاب رند ۽ ڪجهہ تصويرون سائين اشرف امر لاشاري، ڊاڪٽر علي نواز سومري ۽ منھنجي محسن سائين محمد حسن پنھور جي فرزند سائين ابوذر پنھور موڪلي ڏنيون، جن لاءِ آءُ سندن تھ دل سان ٿورائتو آھيان.
آخر ۾ سنڌڙي گرافڪس جي نوجوان، خالد سومري جو شڪر گذار آھيان جنھن ڊجيٽل ڪتاب آڻڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي جنھن ڪارڻ ھي ڪتاب ھن وقت توھان جي آڏو آھي.

حميد سومرو
اربع ، 17 سيپٽمبر 2025ع
حيدرآباد