آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

ٻوڏ منجهہ جيون جي جنگ (چوماسي جي برساتي ٻوڏ 2022ع)

خيرپور ناٿن شاھ شھر جي باءِ پاس تي کونھارو پيٽرول پمپ جي ڏکڻ ۾ قائم پٺاڻ ھوٽل تي ماڻھن جو ڳاھٽ ۽ غيرمعمولي چھل پھل آھي. ھوٽل جي نسبتن صاف سٿري ڊائيننگ ھال ۾ ٻوڏ متاثرين جي واھر لاءِ علائقي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ماڻھو، سفيد پوش جڏھن تہ ٻاھر شٽر ھيٺان روڊ تائين ڦھليل ڪرسين تي شيو وڌيل، ميرن ڪپڙن، اٻالن حالن ۾ ماڻھوئي ماڻھو ويٺل آھن. ڪرسين ميزن تي پيل جڳن، گلاسن، چانھ جي ڪوپن، ڀاڄي جي خالي پليٽن، رڌڻيءَ ۽ چانھ ٺاھڻ واري جاءِ تي مکِيُن جو راڄ آھي ۽ ھوٽل سميت پوري ماحول ۾ گندي پاڻي جي اڻ وڻندڙ بوءِ ڦھليل آھي جڏھن تہ ڊٺل گهرن جي چوڦير پري پري حد نگاھ تائين سائو ميرو گندو پاڻي بيٺل آھي. خيرپورناٿن شاھ جي باءِ پاس تي مسترين جا دوڪان، ٽائر ٽيوب پنچر لڳائڻ وارا دُوڪان، ھوٽل، پيٽرول پمپ کليل آھن ۽ روڊ جي ٻنھي پاسي ٽريفڪ جاري، ساري آھي. خيرپور ناٿن شاھ باءِ پاس تي ٽي مھينا اڳ 28 آگسٽ تي بہ ٽريفڪ جاري ھُئي ليڪن ان ڏينھن ساڳي پٺاڻ ھوٽل سميت باءِ پاس تي راڪاس گهمي ويو ھيو. پڇا ڪرڻ تي ھوٽل جي بيري ٻڌايو ھيو تہ ٻوڏ جي ڊپ کان ماڻھو شھر خالي ڪري ويا آھن جڏھن تہ ماڻھن جو ڪافي انگ ڪاري موري وٽ احتجاج ڪندي ڌرڻي تي ويٺل آھي تہ جيئن جوھي برانچ کي ڪٽ ڏيارجي، ٻوڏ جي پاڻي کي رستو ملي ۽ خيرپورناٿن شاھ شھر تان ٻوڏ جو خطرو ٽري . ان شام ڪاري موري وٽ جوھي برانچ کي ڪٽ بہ آيو ليڪن پوءِ بہ خيرپور ناٿن شاھ شھر ٻُڏي ويو. ٽن مھينن جي دربدري کانپوءِ خيرپور ناٿن شاھ واسي ٻوڏ جي گندي پاڻي ۾ گهيريل پنھنجي ڊٺل گهرن ڏانھن موٽي پاڻي لھڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن. پٺاڻ ھوٽل جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود شھباز ڪالوني بہ ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري ۾ آھي انھن گهرن ۾ ئي روڊ کي ويجهو ھڪ گهر جي وچ ۾ ڳاڙھي چولي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس نوجوان ناري چيلھ ۾ پوتي جو سندرو ٻڌي ڪوڏر سان ڊٺل گهر جو ملبو تغاري ۾ ڀري رھي آھي. وڄ جيئن وراڪو ڏئي پاسي ۾ بيٺل ھڪ اڌڙوٽ عورت جي مٿي تي تغاري رکرائي وري ڪوڏر سان ڪجهہ کوٽڻ شروع ڪري ٿي. شھباز ڪالوني ۾ باءِ پاس تان اھو منظر پسندي ڪنھن ڊرامي جو سين پئي لڳو ڄڻ ڊائريڪٽر جي اشاري تي ھڪ ئي وقت سڀ ماڻھو پاڻي جي گهيري ۾ آيل ڊٿل گهرن جي قطار ۾ پنھنجي ڪم سان لڳي ويا آھن. ڪولاچي واھ کان جوھي برانچ وچ ۾ موجود انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي ڊٺل گهرن جي چوطرف ٻوڏ جو پاڻي ڦھليل آھي. انھن گهرن ۾ بہ ڪوڏرن، بيلچن، ڪھاڙين، ٽريڪم، ٽيانگُھن، کھِيُن سان ماڻھو حرڪت ۾ آھن جيڪي بہ شھباز ڪالوني واري ساڳي اسڪرپٽ مطابق ساڳي ڊراما ڊائريڪٽر جي اشاري تي ڪوئي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. خيرپور ناٿن شاھ کان دادو ايندي ” لڌاڻ “، ” لُولجا “، ”نانگڻ “، ”يوسف نائچ “، جوھي برانچ جي اترين ڪنڌي تي آباد ڳوٺ ” کاٿڙي “ ۾ ماڻھو ٻوڏ منجهہ جهيڙيندي ھڪ نئين زندگيءَ جي شروعات لاءِ جُنبيل آھن. جوھي برانچ ۾ پاڻي جي ٺِنڀ بہ ڪونھي جڏھن تہ ٻوڏ جو پاڻي ڪڍي جوھي برانچ ۾ وجهڻ لاءِ ڪجهہ ڏينھن اڳ جيڪي ”ڊي واٽرنگ مشينون “ ڪتب پئي آيون انھن جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ڪونھي. ڪولاچي واھ کان جوھي برانچ وچ۾ ھن مند ۾ انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي” دخل “ تي پٻڻ ۽ بھ رکي ھر ايندڙ ويندڙ گاڏي کي ڏسي بھ پٻڻ جا ھوڪا لڳندا آھن ماضي جي اھڙي منظر جو ھن وقت ڪو نالو نشان ڪونھي جڏھن تہ ڳوٺ يوسف نائچ جي اتر ۾ ھميشه پٻڻن جي ويڪرن ساون پنن سان سر سبز رھندڙ کڏ ۾ پٻڻ جي ٻُوڙن جون صرف سُڪل چوٽيون ئي نظر اچن ٿيون. لولجا ڳوٺ جي اتر ۾ ٻوڏ جي ڇڏي ويل پاڻي واري ذري گهٽ آلي زمين تي ٻار ڪرڪيٽ کيڏي رھيا آھن. انڊس ھائي وي تي ئي ڪڪڙ جي وسندي لڳ ڳوٺ جاکرو ۾ قائم خيمہ بستي ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ عورتون ۽ ٻار موجود آھن جنجا مرد ماڻھو ”لڌاڻ “، ” لولجا“، ”ميرحسن گاڏھي “، ”ڪنڊي چُکيءَ “، ”بيد“، ”مٺي جو ڳوٺ “ ۾ پنھجي ٻڏي ويل گهرن ۾ شايد ٻوڏ جو پاڻي لھڻ جي جاچ تي نڪري ويا آھن .
ٽيپھري ڌاران جڏھن خيرپور ناٿن شاھ کان واپس ٿيندي اسانجي گاڏي دادو کان جوھي موڙ ڏي مُڙِي تہ ٽريفڪ روان دوان ھئي. اسان جي گاڏي آڏو يوريا ڀاڻ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ جوھي وڃي رھي ھئي جنھن کي ڪراس ڪيو تہ ٻہ ٻيون يوريا ڀاڻ جون ٽرڪون ۽ ھڪ پي ايس او جو آئل ٽينڪر بہ جوھي طرف روان دوان ھيا جڏھن تہ اناج جي ٻورين سان سٿيل ڊاٽسنون وري دادو ڏانھن پئي آيون جن ۾ تازو ڪاڇي ۾ لٿل جوئر جو فصل لڏيل ھيو جنھن جو مطلب اھو ئي ھيو تہ جوھي ۾ معاشي سرگرمي جاري آھي. ڇنڊڻ جنھن مان اٿل کاڌل ٻوڏ جي پاڻي جوھي دادو روڊ ڪٽي ڇڏيو ھيو ان ۾ پاڻي ڪر ھڻي لھي چڪو ھيو جڏھن تہ ٽي سي ايف اسڪول وٽ لڳل روڊ ۾ پائيپ ۽ نول وجهي جوھي دادو روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آھي. روڊ جي ڏکڻ ۾ ٻوڏ ۽ گهر ٻڏڻ کان بي نياز ڇوڪرا نُولن، مورين ۾ منڇر ڏانھن رووان دوان تيز وھندڙ پاڻي ۾ ڄار ذريعي مڇي ماري رھيا آھن. ڀڳل روڊ تي موجود گهرا کڏا کٻا سفر جي غير محفوظ ھئڻ جي چغلي کائي رھيا ھيا. جوھي کان ڪجهہ ڪلوميٽر اوڀر ۾ روڊ جي ڏکڻ اتر ۾ ڳوٺ محبت لنڊ ۽ شھمير گاڏھي جي آلي زمين ۾ ڇٽيل ڪڻڪ زمين کي سائو ڪري ڇڏيو ھيو. روڊ سان لڳ ڳوٺ علي محمد مغيري جي اتر ۾ خالي ميدان تي ٻارڙا ڪرڪيٽ جي راند ۾ بيٽ جي مالڪي تان ھٿين پيل آھن، سرائيڪي ۾ ھڪ ٻئي کي گار جا ڌوڙيا ۽ ٻارن ۾ ٽھڪن جا ھوڪرا پيل آھن. جوھي ڪاليج جيڪو سيپٽمبر جي شروع ۾ مڙس تار پاڻي ۾ ٻڏل ھيواتان پاڻي لھي چڪو آھي جڏھن تہ انجي ڊھي پيل ڪمپائونڊ وال واري ھنڌ وڻن جون ٽاريون پناھ طور ڏنل ٻڌائي رھيون ھيون تہ ڪاليج انتظاميہ پنھنجي ڪاليج جي حدن جي سنڀال کان باخبر آھي. ڪاليج سامھون ئي قائم چانھ جي ھوٽل تي روڊ جي ٻنھي پاسي ڪرسين تي جوھي واسي نوجوان پڪا پوڙھا نومبر جي آخري ڏينھن جي ٿڌڙي اس ۾ گرم گرم چانھن جي چسڪين مان مزو وٺي رھيا آھن. رنگ بند جنھنجي ٻوڏ جي پاڻي کان سنڀال ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ماڻھن جو ھجوم رھندو ھيوانتي پھر بہ ڪانھي جڏھن تہ انجي پاڙ ۾ وھندڙ چنجاڻي شاخ پاڻي کان وانجهيل ھئي . دادو کان جوھي ۾ داخل ٿيندڙ روڊ تي شھر واري حد ۾ بيٺل گندو پاڻي ميونسپل ڪميٽي جي ڪارڪردگي جو قصو بيان ڪري رھيو ھيو. جڏھن تہ فاضل راھو ۽ مُک چوڪ جيڪي شام جو عام حالتن ۾ پڪوڙن، سمبوسن، مرغي جي سوپ، مڇي، مرغي، ميون جو مرڪز ھوندا آھن اتي ماڻھن، ٻارن، موٽر سائيڪلن، رڪشائن جي ٻيگهي متل ھئي. شھرجي مٽي ھاڻي آلودہ فضا ۾ معمول کان وڌيڪ رش معاشِي ريل پيل جي علامت طور موجود ھئي، جوھي شھر ۽ ان مان نڪرندڙ روڊن رستن تي موٽر سائيڪلن، سائيڪلن، رڪشائن ۽ پيدل ماڻھن جي ڪلھن تي ڄانڀي، سرنھن جو ساڳ ھجڻ اھڃاڻ ھيو تہ ڪاڇي سميت پڪي ۾ بہ ڄانڀو ۽ سرنھن جو فصل ٿيو آھي ۽ اناج کان پھرين قسط ساڳ جي صورت ۾ ھاري ناري جي گهر پھچي ويئي آھي جيڪو مليريا، موسمي بخارن، بک، غذا جي کوٽ جي ماريل جوھي جي ماڻھو لاءِ سوکڙي ۽ نعمت کان گهٽ ناھي. جوھي جي ھڪ مشھور حڪيم جي دعوي آھي تہ جڏھن بہ ساڳ لھندو آھي تہ بخار ۽ مليريا ختم ٿي ويندو آھي ڇوتہ ان ۾ مليريا ڪش دوا ڪوئنين موجود آھي. جوھي واسين چواڻي ڪاڇي ۾ جوئر جو فصل جهجهو ٿيو آھي ليڪن في ايڪڙ پيداوار گهٽ ٿيڻ ٻُڌائي ٿي تہ ھميشه جيان ھن وقت بہ زراعت کاتو آبادگار ۽ ھاري جي رھنمائي لاءِ موجود ناھي جيڪو مند ۽ حالتن آھرفصل ۽ ٻج جي چونڊ ۾ سندن مدد ڪري.
صبح سان جڏھن سيھوڻ ٽپي ٻوڏ جي حد ۾ داخل ٿيا ھياسين تہ انڊس ھاءِ وي وٽان ان ڪٽ ڀرسان بہ گذرڻو ٿيو جتي ڪجهہ ڏينھن اڳ دائود ڦلپوٽو ڳوٺ مان سُکا کڻي ايندڙ وين ڪلٽي ٿي ھئي ۽ 20 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا ھيا. انتھائي اونھي ڪٽ ۽ کاھي کي پٿر جي روڙي سان ڀريو پئي ويو جڏھن تہ ڪٽ جي اتر ۾ پٿر سان لوڊ ٿيل ٽرڪن جي قطار لڳل ھئي ۽ روڊ جي انھي پاسي خبرداري لاءِ رڪاوٽون کڙيون ڪيل ھيون. اھڙي ھلچل ڏسندي ذھن ۾ پھريون سوال اھو ئي پيدا پئي ٿيو تہ ڪاش، اھو سڀ ڪجهہ 17 نومبر کان اڳ ٿئي ھا تہ ڳوٺ دائود ڦلپوٽو قيامت جھڙي ڪرب مان نہ گذري ھا. ڀان ۽ سيھوڻ وچ ۾ 17 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ ۾ ” آراضيءَ “، ”بختيار پور“، ”ٽنڊو شھبازي “، ”پڪا چنا “ جي مٿاھين وسندين کان سواءِ شايد ئي ڪوئي گهر سلامت ھجي ليڪن ٻوڏ جو پاڻي پري پري تائين لھي ويل نظر آيو، جڏھن تہ ڊٿل گهرن وارن ڳوٺن جي چوطرف سائي زمين ۽ نئين ڦُٽل ڪڻڪ انھي جو اھڃاڻ ھئي تہ سيوھڻ جي نگري جو ماڻھو ڪنھن آسري ۾ ويھڻ بدران پنھجي ھمت، حوصلي سان ٻوڏ ۽ مصيبت سان جهيڙيندي ھڪ نئين زندگي جي سفر تي نڪري پيو آھي.
26 اپريل 1986 ۾ يوڪرين جي چرنوبل ائٽمي بجلي گهر ۾ حادثو ٿيو ھيو، ائٽمي تابڪاري اثرن ڪارڻ ماڻھو مئا، تابڪاري اثرن جي ڪارڻ ڪينسر سميت خطرناڪ لاعلاج بيماريون ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا، چرنوبل سميت آسپاس جا شاد آباد خوشحال علائقا ماڻھن کان خالي ڪرايا ويا. 2016 ۾ ھڪ رپورٽ مطابق تابڪاري اثرن جي ڪري ٻہ صدين تائين اتي انساني زندگي جو پروان چڙھڻ ناممڪن ھيو. ليڪن صرف ٻہ ڏھائين ۾ زندگي، فطرت جو سينو چيري ٻاھر نڪري آئي. چند سالن جي برساتن کان پوءِ چرنوبل جي ڇڏي ويل شھر سميت عمارتن ۾ ساوڪ ٿيڻ شروع ٿي، ڪيڙا ماڪوڙا، جيت جڻيا، پکي پکڻ ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا اڄ انھي چرنوبل جي ترڪ ڪيل، ناقابل رھائش عمارتن، روڊن، رستن تي، آسپاس موجود جهنگ جي ھر جانور، ماڻھو ڇيڻھُون جي پھر نہ پسندي اچي ديرو ڄمايو آھي. ائين ئي خيرپورناٿن شاھ جي شھباز ڪالوني جي ناري جيان پنھنجي پوتي سندرو ڪري جوھي، ميھڙ سميت سنڌ جو ٻوڏ سٽيل ماڻھو مصيبتن جي مزار تي متولي بڻجي ماتم ڪرڻ بجاءِ زندگي بڻجي اٿي کڙو ٿيو آھي. ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ، ٻوڏ جو پاڻي لھڻ کانپوءِ، ٻج، ڀاڻ، فصل جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهربل حُڪومتي سھڪار ملي وڃي تہ ھوند ھتانجو ماڻھو ڏھائين بجاءِ تمام ٿوري عرصي ۾ نہ صرف پاڻ بلڪہ پنھنجي وسندين، شھرن ۽ خيرپورناٿن شاھن کي پنھنجي پيرن تي بيھاري سگهي ٿو.