آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

امان راڄل، پيار ۽ ارپنا جو نرالو مثال

بابا جي يادگيرين ۾ لکي آيو آھيان تہ بابا ﷲ بخش ڇٺي جو ڇورو ھيو ۽ پنھنجي مامي ڪريم بخش عرف ڪرمو ڊکڻ سان پيرعلي شاھ ڳوٺ لڳ ڪمال خان ۾ رھندو ھيو. جڏھن 1942ع جي ڪاري ٻوڏ آئي تہ بابا پنھنجي مامي سان ڪاڇي جي ڳوٺ ”بري“ لڏي ويو جتي ئي بابا ﷲ بخش جي امان راڄل سان شادي ٿي. منھنجي امان بري لڳ جوھي جي تاريخي ڳوٺ ھيرو خان جي رھندڙ ھئي. ھيرو خان ڪاڇي جي مشھور وسندي آھي جنھن ۾ پراڻو ٺل خستہ حال ۾ ھاڻي بہ موجود آھي جنھن کي اسان جو محقق دوست عزيز ڪنگراڻي ٻڌ مت جي عھد سان ڳنڍيندو آھي، اھو ٺل ٻڌ مت جي عھد جي نشاني ۽ ھزارين سال پراڻو آھي، باقي ھيرو خان جي وسندي ڪيتري پراڻي آھي سا خبر ناھي. امان ٻڌائيندي ھئي تہ سندن ٻاروتڻ ۾ ھيرو خان ۾ تمام گهڻا ھندو رھندا ھيا جن سان اچڻ وڃڻ رھندو ھيو. ھيرو خان شھر ۾ اڪثر دوڪان ھندن جا ھوندا ھئا. جن ۾ مٺائين جا دوڪان بہ ھوندا ھيا. ھيرو خان شھر جي مشھور مٺائي ”ميسو“ انھي دور جي نشاني آھي. اگهي سگهي ھيرو خان جا ھندو مسلمانن سان گڏ ھوندا ھيا ۽ ائين مسلمان بہ ھندن کي پنھنجو سمجهندا ھيا. عيد ڏياري ھولي گڏجي ملھائبي ھئي. مسلمانن جي گهرن ۾ ڪير بيمار ٿيندو ھيو تہ ڪنھن نہ ڪنھن ھندواڻي کي ضرور ڏيکاربو ھيو. منھنجي امڙ راڄل جي والد جو نالو محراب ڊکڻ ھيو جيڪو پنھنجي ڳوٺ ۾ ڊکاڻڪي ڪرت سان لاڳاپيل ھيو، کيس ٽي نياڻيون ٿيون جن ۾ امان راڄل سڀني کان وڏي ھئي، امان جي امڙ ھڪ ڏينھن سندس چواڻي ”سر سام“ جي مرض سبب فوت ٿي ويئي. نانا کي جيئن تہ پٽ جو اولاد ڪونہ ھيو انڪري ھن ناني جي موت کان پوءِ ٻي شادي ڪئي جنھن مان بہ کيس گهڻيون نياڻيون ڄايون ۽ آخرڪار کيس پٽ ڄايو، سڪيلڌو ھجڻ ڪري انجو نالو الھبچايو رکيو ويو. نانو محراب اسان جي گهر ايندو ھيو تہ اسانجو ننڍڙو مامو ﷲ بچايو بہ سندس ساڻ ھوندو ھيو جنھن کي ھو پاڻ کان پري نہ ڪندو ھيو. ھڪ ڏينھن الھبچايو بہ بخار کان پوءِ اھڙو بيمار ٿيو جو فوت ٿي ويو. نانا سان پاڻ کان ننڍي عمر واري زال، حاجران چرچائڻ ۽ وات جي ڇڙيل ھئي ۽ نانا تي ٽوڪون پئي ڪندي ھئي. ناني ھڪ دفعي اسان جي ڳوٺ امان وٽ آيل ھئي تہ ھڪ ڀولائي فقير رڇ ڪاھي اسانجي ويڙھي ۾ لنگهي آيو. ناني حاجران امان کي چرچي ۾ چيو، “ راڄل ! ڏس تہ سھي اھو رڇ صفا تنھنجي پيءَ جھڙو ٿو لڳي“ جنھن تي امان کيس ڦڪي کل کلندي ڪجهہ نہ چيو. ناني محراب کي ٽي ڀائرعمر، عثمان، ڪوڙو خان ھوندا ھيا جيڪي کيس ڀائيندا ھيا ۽ انھن جو اولاد بہ امان کي پنھنجي ”اديءَ“ سڏي احترام سان پيش ايندو ھيو. بابا وڏي عمر ۾ شادي ڪئي، امان کي ڪافي عرصو اولاد نہ ٿيو نيٺ بابا جي خواھش پوري ٿي ۽ امان کي پٽ ڄايو جنھن جو نالو غلام علي رکيو ويو جيڪو بدقسمتي سان ٻاروتڻ ۾ فوت ٿي ويو. بابا کي سڪيلڌي پٽ جي موت تي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ امان چواڻي ھو ھميشه ڏکارو رھڻ لڳو. امان کي ڪافي عرصي کان پوءِ وري پٽ ڄايو جنھن جو نالو بابا پنھنجي پيءَ جي نالي تي واليڏنو رکيو، انکان بعد نياڻي تنھن بعد پٽ وري ٻہ نياڻيون ڄايون. مان بابي امان جو ڇھون ٻار ھيس. مون جڏھن ھوش سنڀاليو تہ پاڻ کي امڙ جي گود بجاءِ ٽن ڀينرن جي ڪڇ تي ڏٺم جيڪي مونکي سڄو ڏينھن کنيون، کيڏارينديون وتنديون ھيون جڏھن تہ منھنجي امڙ ڦڦي خيري جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ھوندي ھئي جيڪا اسان جي گهر جو نظام ھلائيندي ھئي. جڏھن وڏي ڀاءُ جي شادي ٿي تہ گهر جو نظام امان کي باءِ پاس ڪري سڌو اسانجي وڏي ڀاڄائي جي حوالي ڪيو ويو. امان جھڙي اڳ ۾ بي اختيار ھئي اھا ھاڻي سمورا اختيار ننھن جي ھٿن ۾ ڏسندي رھجي ويئي. اسان ڀائرن ڀينرن سميت امان کي ڪجهہ بہ کپندو ھيو اھو ڀاڄائي کان گهرڻو پوندو ھيو، اسانجي گهر ۾ امان جي اھڙي ڪردار جو اھو تعين ڪنھن ڪيو انجو اصل سبب بابا ۽ امان وچ ۾ رشتو ھيو. بابا امان کي ڪونہ ليکيندو ھيو ۽ کيس ڪڏھن پاڻ سان گڏ ڪونہ ويھاريائين نہ گهر ۾ ”وڏڙِيءَ“ جا اختيار کيس ڏنائين بلڪہ اسان جو نانو جڏھن اسان جي گهر ايندوھيو تہ انکي بابا گڏ ويھاري ڪچھري نہ ڪندو ھيو. گهر ۾ امان جي اھڙي حيثيت سبب امڙ جو ڪنھن بہ ڪم يا شئي ۾ عمل دخل نہ ھوندو ھيو، گهر جي وڏي جو وٽس اسٽيٽس ڪونہ ھيو، کيس جيڪو ملندو ھيو اھو کائيندي ھئي ۽ کيس ڪپڙو لٽو مليو نہ مليو تہ انھي تي کيس ڪا ارھائي نہ ٿيندي ھئي. منھنجي ٻيون نمبر ڀاءَ غلام محمد کي شايد انھي جو اندازو ھيو تہ امان کي گهر ۾ گهربل حيثيت ناھي. جڏھن ھو ڪمائڻ جھڙو ٿيو تہ امان کي ڪپڙا بہ وٺي ڏيندو ھيو تہ کيس پئسا بہ ڏيندو ھيو ۽ پاڻ سان ويھاري ڪچھري بہ ڪندو ھيو. امان جي گهر ۾ گهٽ اسٽيٽس جو ھڪ مظھر اھو بہ ھيو تہ ھو ڪنھن جي سامھون ويھي ماني نہ کائيندي ھئي ۽ جيڪڏھن ماني کائيندي کيس ڪنھن ڏسي ورتو تہ اھا ھيٺ رکي کائڻ بندڪري ڇڏيندي ھئي. امان جي مون سان گهٽ ويجهڙائي ٻاروتڻ کان ئي عجيب لڳندي ھئي جڏھن آءُ پاڻ ڀرو ٿيس تہ کيس ڀوڳن ۾ چوندو ھيس تہ امان تو مونکي ڪڏھن ڀاڪر پائي چمي ڏني ھجي مونکي ياد ناھي تہ ويڙھجي سيڙھجي چوندي ھئي تہ “ ھا ابا تون ڄڻ پاڻھي وڏو ٿي ويو آھين“. امان کي مونکان پوءِ ٽي ٻار ٻيا بہ ٿيا جيڪي پڻ اسان جي ڀيڻين جي ڪڇ تي کڄي پليا ۽ وڏا ٿيا، . منھنجون ٽي وڏيون ڀيڻيون پرڻيون تہ اسان ڇڙھن ڀائرن جو خيال اسانجي ننڍي ڀائر ذُلي ڪندي ھئي. ٻاروتڻ ۾ آءُ رندن جي گهرن ۾ کيڏندو وتندو ھيس ليڪن پوئتي گهر ۾ ڪنھن کي منھنجي سار نہ ھوندي ھئي شايد انھي ڪري مان پاڻ کي رند سڏرائيندو ھيس. مان جڏھن پڙھڻ لاءِ پرائيمري اسڪول جوھي پھتس تہ اڪثر ٻار صاف سٿرا ڪپڙا پائي تيل ڦليل ڪري سينگارجي ايندا ھيا ليڪن انھن ۾ آءُ مختلف ھوندو ھيس. جڏھن آءُ ھاءِ اسڪول ۾ ويس تہ گدلائپ، ڇيڳرائپ سبب مونکي استاد نذير سومري مانيٽري تان ھٽائي ڇڏيو. امان جو ھڪ مختلف روپ مون تڏھن ڏٺو جڏھن آءُ لاڙڪاڻي پڙھڻ لاءِ ويس. ڪجهہ ڏينھن گهر رھي جڏھن منھنجي ڪاليج وڃڻ جي تياري ٿيندي ھئي تہ آمنا کان اڳ امان منھنجي ٿيلھي جي جاچ ڪندي ھئي تہ ڪٿي ڪو سامان رھجي تہ نہ ويو آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪڏھن حيدرآباد وڃڻ ٿيندو ھيو تہ صبح سوير نڪرڻو پوندو ھيو امان نہ صرف مونکي اٿاريندي ھئي بلڪہ مونکي تيار ٿيڻ، سامان جي سنڀال ۾ مدد ڪندي ھئي. انھي موقعي تي امان جا حال ڏسڻ جھڙا ھوندا ھيا ھو کٽ جي پيراندي تي ويھي منھن ۾ چتائي پئي ڏسندي ھئي جنھن ۾ عجيب سادگي محبت ۽ اٻالڪائي شامل ھوندي ھئي، آءُ ماني کائيندو ھيس، آمنا ڪم سان ھوندي ھئي تہ امان سامھون ويھي منھن ۾چتائي پئي ڏسندي ھئي. پيار جو اھڙو انداز مونکي گهڻو پوءِ سمجهہ ۾ آيو. ٻھراڙي ۾ اسان وٽ گهر ۾ سس ننھن جا جهيڙا معمول ھوندا آھن جنجو بنيادي ڪارڻ گهر ۾ مالڪي جتائڻ ھوندو آھي اسان جي گهر، ويڙھي ۽ شايد پوري ڳوٺ ۾ راڄل اھا اڪيلي عورت ھئي جنھن پنھنجي ننھن سان ڪڏھن جهيڙو نہ ڪيو، اھو بہ مونکي دير سان سمجهہ ۾ آيو تہ انھي رويئي جو ڪارڻ گهر ۾ سندس بي اختيار ھجڻ ھيو، جيڪي اختيار بابا کيس ڄاڻ يا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪڏھن بہ ڪونہ ڏنا. آءُ جڏھن ڊاڪٽر ٿي آيس ۽ پاڻ ڀرو ٿيس تہ امڙ مون سان گڏ رھي، آءٌ امان سان چرچا بہ ڪندو ھيس. اسان ڊکڻ مرد توڙي عورتون خوشي جي موقعي تي گڏجي نچندا آھيون. مون بابا جي ماروٽن چاچي عثمان ۽ پھلوان کي نچندي ۽ شادي تي ”ڏاڪا“ راند تي جهمر پائيندي ڏٺو. انھي دوران اسانجون عورتون بہ ساڻن گڏ ھونديون ھيون، جيڪا ڇڪ مون ۾ بہ ھئي. ڪجهہ سوجه بوجه کان پوءِ مونکي احساس بہ ٿيو تہ ماڻھو لاءِ راڳ ۽ ناچ ضروري آھي، . نتيجي ۾ مون شعوري طور ڪوشش ڪئي ۽ پنھنجي ٻارن، ڀائرن ڀينرن جي ٻارن کي ھمٿايو تہ خوشي جي موقعي تي ڇوڪرا ڇوڪريون گڏجي ناچ ڪن. ھڪ ڀيري امان کي مون چيڙائن لاءِ ڀوڳ ھنيو تہ، ”امان جڏھن دھل وڄي ٿو تہ منھنجي دل چوي ٿي آءُ نچان. . . مان ڀلا ڪنھن مڱڻھار جو پٽ آھيان ڇا؟“ مون سوچيو تہ امان کي چرچو ھنيو اٿم سو اڄ ضرور ڪاوڙبي ۽ بجو ڏيندي ليڪن منھن جي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا جڏھن امان کلي چيو تہ“ ابا تون تہ ”حاجي“ جو پٽ آھين باقي ”پڻھين “ جي پيءَ جي مونکي خبر ڪانھي. ؟“. امان بابا کي حاجي ڪري مخاطب ٿيندي ھئي. امڙ راڄل بابا جي بيرخي تي ڪڏھن شڪايت نہ ڪئي، سندس پاڙي ۾ رھندڙ ٽي نياڻيون مڙسن ھٿان ڪٽبيون، مارون کائينديون رھيون، امان ڪڏھن مداخلت نہ ڪئي، امان ڪنھن ننھن سان جهيڙو نہ ڪيو بلڪہ ھن ويڙھي ۽ ڳوٺ ۾ ڪنھن سان تيز ٿي نہ ڳالھايو. . پنھنجي ڪنھن بہ اولاد کي ٿڦڙ مار موچڙو تہ پري رھيو، سندس پاران ڪنھن ٻار کي ٻن آڱرين جو بجو بہ نہ ڏيڻ ٻڌائي ٿو تہ ھو ڪيڏي نہ وڏي ۽ غيرمعمولي خصلت جي مالڪ ھئي. 1995ع جي ٻوڏ ۾ جڏھن ڳوٺ ڇڏي جوھي آياسين تہ ٻن ننڍن ڀائرن سان گڏ امان بہ مون سان اچي رھي، . جتان ڪجهہ عرصي بعد منھنجا ننڍا ڀائر عزيز ۽ غفور حيدرآباد شفٽ ٿيا. ٻارن ۾ امان جي سڀ کان گهڻي دل غفور سان ھئي جيڪو امان جو سڀني کان ننڍو ٻار بہ ھيو. جڏھن غفور حيدرآباد شفٽ ٿيو تہ امان کيس روڪي نہ سگهي ليڪن کيس اھوڏاڍو ڏکيو لڳو. تنھن وقت اسانجي گهر ۾ ڪڏھن ”ويڙھو ويران ٿي ويو“ ڪلام ھلندو ھيو تہ امان پڇندي ھئي تہ ابا اھو گانو تو ھلايو آھي، منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ پاڻ چئي ڏيندي ھئي تہ، ”تو اھو گانو نشاط وارن جي لڏي وڃڻ ڪري ِ ھلايو آھي. “، نشاط غفور جي نياڻي جو نالو آھي. اھا ڳالھ بہ اصل ۾ امان جي دل جي ھئي جيڪا ھو منھنجي کاتي ۾ ڪري پنھنجو درد لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. اسانجو ڀاءُ غلام محمد جڏھن سعودي ڪمائڻ ويو تہ امان جو ڏاڍو خيال ڪندو ھيو، ھوکيس الڳ پئسا ڏياري موڪليندو ھيو. اسان پٽ کيس ڪپڙا وٺي ڏيندا ھئاسين تہ اھي امان نياڻين يا ننھن کي ڏيئي ڇڏيندي ھئي. 2012ع جي سانوڻ ۾ امان ھڪ صبح رڌڻي ڀر سان منجي رکي ويٺل ھئي جتي آمنا نيرن تيار پئي ڪئي. امان اچانڪ انھي منجي تان ترڪي ڪري پئي ۽ سندس دُڏ واري جاءِ تان ھڏ ڀڄي پيو. کيس حيدرآباد نيو ويو جتي رئيس پرويز سندس علاج ڪيو۽ ھڪ آپريشن بہ ٿيو، ڪجهہ بھتر ٿيڻ کان پوءِ امان جوھي واپس موٽي آئي. ھڪ ڏينھن ِ 24 جنوري شام تي امان جي حالت خراب ٿي پئي ۽ انھي رات 25 تاريخ مٽجندي صرف 45 منٽ ٿيا ھيا تہ امان جو ساھ کڄڻ بند ٿي ويو ۽ پوءِ اھو آواز ھميشه لاءِ ٻڌجڻ بند ٿي ويو جيڪو ڪڏھن ڪنھن لاءِ تکو مٺو ڪونہ ٿيو. سادي سٻاجھڙي عورت راڄل جنھن کي پنھنجي مڙس گهر ڌياڻي جا اختيار نہ ڏنا، جنھن پنھنجي ڪنھن ننھن سان رھڙ ڏئي ڪونہ ڳالھايو، جنھن پنھنجي ڪنھن ٻار کي ڪڏھن اف نہ چيو، ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو نہ ڏنو، جنھن کي روايتي پيار ڪرڻ ۽ جتائڻ بہ نہ آيو ليڪن املھ اجهاڳ پيار کي الڳ معني ڏئي، پنھنجو انمول يادون ڇڏي ھلي وئي. بيشڪ راڄل جھڙي ماءُ ڪنھن خوشنصيب کي ملي ھوندي. سال 2012ع کان پوءِ ھر سال 24 جنوري تي منھنجي من اندر مان ڪو آواز اڀرندو آھي جيڪو ياد ڏياريندو آھي تہ انھي ڏينھن جي پڄاڻي جي 45 منٽن کانپوءِ آءُ سچ پچ يتيم ۽ دنيا جو غريب ترين ماڻھو ٿي ويو ھيس.