آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

ٽي بي ڊاٽس پروگرام

قابل علاج مرض سلھ يعني “ٽي بي“ ٽيوبر ڪلوسز جومرض دنيا ۾ خطرناڪ نموني سان وڌندڙ آھي، ليڪن مرض جي بدلجندڙ نوعيت سبب اھو مرض ھر سال ڪروڙين ماڻھن جي مرض ۽ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. سلھ جي مرض سبب سال 2023ع ۾ دنيا ۾ سوا ڪروڙ ماڻھو مري ويا جڏھن تہ انھي مرض ڪري ھن وقت بہ پاڪستان ۾ ھر سال ذري گهٽ پنجاھ ھزار ماڻھو مري وڃن ٿا. انھي مرض کي منھن ڏيڻ لاءِ، نظرداري ھيٺ دوا کارائڻ جي حڪمت عملي 1990ع ۾ اپنائي وئي. جنھن کي صحت جي عالي اداري فريم ورڪ طور 1994ع ۾ اپنايو. ”ٽِي بي ڊاٽس واري حڪمت عملي“ پاڪستان سميت سنڌ ۾ بہ 1995ع ۾ شروع ڪئي ويئي ۽ انھي ڏس ۾ تعلقي اسپتال جوھي ۾ پڻ تشخيصي ۽ علاج جو مرڪز 2002ع ۾ شروع ٿيو، جتي تنھن عرصي ۾ مان نوڪري ڪندو ھيس. تعلقي اسپتال جوھي ۾ انھي پروگرام جو آءُ انچارج ٿيس. انھي ٽي بي ڊاٽس پروگرام جي تشخيصي ۽ علاج جي مرڪز ۾ ٽي ماڻھو مقرر ۽ مختص ٿيل ھوندا ھيا جن ۾ ھڪ انچارج ڊاڪٽر، ھڪ ليباريٽري ٽيڪنسيشن، ھڪ ڊاٽس فيسيليٽيٽر شامل ھيو. ٽي بي ڊاٽس ڪلينڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر کي باقي ڊيوٽيون معاف ھونديون ھيون. جيئن تہ آءُ ”ھائيپر ٿائيرائيڊزم“ جي مرض مان تازوعلاج ڪرائي بھتر ٿيو ھيس ۽ رات جو ڊيوٽي پنھنجي صحت لاءِ نا مناسب ھجڻ سبب اھا پوزيشن مونکي بھتر لڳي. اھا ذميداري مون ڊبليو ايڇ او ۾ ٽي بي ڊاٽس سان نيشنل پروگرام آفيسر طور ڪم ڪندڙ پنھنجي لاڙڪاڻي واسي دوست ڊاڪٽر مظفر کونھاري جي چوڻ تي سنڀالي. ٽي بي ڊاٽس ٽيم جي تربيت ٿي ۽ انھي ڪم کي مچائڻ ۾ لڳي وياسين. ٽي بي ڊاٽس جي طريقہ علاج ۾ مرض جي تشخيص جو دارمدار بلغم جي چڪاس تي رکيل ھيو، تشخيص کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پھريان ٻہ مھينا مريض کي ٽي بي جي دوا ڪنھن مددگار جي ذريعي کارائي ويندي ھئي، جنھن ۾ صحت ڪارڪن خاص طور ليڊي ھيلٿ ورڪر، ڪائونسلر، پاڙي جي پڙھيل سمجهدار ماڻھو شامل ھوندا ھيا. مريض کي پنھنجي نظرداري ۾ ٽي بي جي دوا کارائيندڙ جونالو رڪارڊ ۾ لکيو ويندو ھيو. سلھ جي مرض جا سوين مريض ڏسڻ کان پوءِ اھا ڳالھ ڏسڻ ۾ آئي تہ اھو مرض غذا جي کوٽ جي شڪار ماڻھن غريبن ۽ ھڪ گهر ۾ گهڻا ڀاتي رھڻ وارن خاندانن ۾ وڌيڪ ھيو ليڪن اھو مرض خوشحال ماڻھن ۾ بہ نظر آيو. اھي ماڻھو جيڪي سگريٽ سان گڏ، چرس واپرائيندا ھيا انھن ۾ پڻ اھو مرض گهڻو ڏٺو ويو. جوھي شھر جي غريب، ڳتيل آبادين سميت منڇر ۾ رھندڙ مھاڻن ۾ پڻ اھو مرض ڪافي ڦھليل ھيو. جيئن تہ ٽي بي جي مريض کي توجھہ ڏيڻ جي حڪمت عملي ھئي ان ڪري اھڙن مريضن سان پنھنجائپ وارو خاص تعلق بہ جڙيو تہ ساڻن لاڳپيل ڪافي ڪھاڻيون بہ سامھون آيون. منڇرجو نوجوان سليمان نالي ھڪ مھاڻو تمام خراب حال ۾ اسپتال آيو، ھو جنھن مھل ھليو پئي تہ ڪڏ ڏئي پئي ھليو، مون کانئس پڇيو تہ تون سڌو ٿي ڇو نٿو ھلين تنھن تي وراڻيائين تہ سموري ڄمار ”گاليئي“ ۽ ”ٻيڙي“ ۾ گذري آھي، زمين تي پنڌ ئي نہ ڪيواٿم انڪري زمين تي ھلڻ اولو ٿو لڳي. اھا منھنجي لاءِ حيراني جھڙي ڳالھ ھئي ليڪن پوءِ ٻين مھاڻن کان پڇڻ ۽ منڇر ۾ وڃي مھاڻن سان ملڻ کان پوءِ خبر پئي تہ واقعي ائين ئي ھيو. منڇر جا مھاڻا چون ٿا تہ اڳ ۾ منڇر جي اوج ۾ ائين ھيو تہ ڪي ڪي ماڻھو فوتگي جي نتيجي ۾ ئي ٻيڙي مان ڪڍي پورڻ لاءِ ٻاھر آندا ويندا ھيا. ھڪ اڌڙوٽ منڇر واسي مھاڻي، رب رکيو کي کنگه ۾ رت اچڻ جي شڪايت سان اسپتال کٽ تي کڻي آيا، جيڪو ھڪ مھيني جي علاج ۾ ٺيڪ ٿي ويو، رب رکئي جي زال مونکي روئي پيرن تي ھٿ رکي چيو تہ ادا اڄ کان وٺي تون منھنجو ڀاءُ ۽ آءُ تنھنجي ڀيڻ سڏرائيندم، مون وٽ ڪو آپشن ڪونہ ھيو کيس مٿي تي ھٿ رکي ڳوڙھا اگهيم ۽ ادي ڪري سڏيم. جيسين جوھي ۾ ھيس منھنجي اھا ڀيڻ مون سان ملڻ ضرور ايندي ھئي ۽ منھنجي روڪڻ باوجود ڪڏھن ڪڏھن مڇي ۽ پکي پڻ کڻي ايندي ھئي. منڇر جا مھاڻا ڳالھائڻ جا صفا ڇُڙيل آھن، ھڪٻئي سان گار ڏئي ڳالھائيندا آھن ۽ ائين ٽي بي ڪلينڪ تي منھنجي آڏو پاڻ ۾ ڳالھائيندا ھيا . ھڪ لڱا منڇر جا مھاڻا ھڪ نوجوان ڇوڪري کي انتھائي خراب حالت ۾ کڻي آيا، علاج شروع ٿيندي اھا ڇوڪري ٻن مھينن ۾ نوبنو ٿي پئي، انھي جي امڙ مونکي چيو ادا ڏس منھنجي ڇوري ڪيڏي نہ سھڻي ٿي پيئي آھي. نون مھينن جي علاج پوري ٿيڻ تي اھا ڇوڪري جڏھن تيل ڦليل ڪري سامھون آئي تہ انھي جو صحت مند ڏيک، سانورو رنگ ۽ ڊگها وار ڏسي مونکي بہ پاڻ تي فخر ٿيو تہ ھڪ مرندڙ نينگر منھنجي علاج ذريعي چاڪ ٿي ڪيئن زندگي سان ٻھڪي رھي آھي. واھي پانڌي جو ھڪ نوجوان شفيع برھماڻي پڻ ھڪ ڏينھن کنگهندي کنگهندي مون وٽ پھتو، جنھن نموني ھن کنگهيو پئي مونکي پڪ ٿي تہ انھي جي بلغم ۾ سلھ جا جراثيم ھوندا ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، شفيع برھماڻي جو علاج ٿيو ۽ نو مھينن ۾ نوبنو ٿي ويو. اھو شفيع برھماڻي، گهڻو عرصو پوءِ حيدرآباد ۾ دوست جامي چاندئي وٽ ملازم ٿي رھيو ۽ ھڪ ڏينھن شبير نظاماڻي وٽ مليو. ھڪ دلچسپ قصو ھڪ زال مڙس جو بہ آھي. ھڪ ڏينھن جوھي شھر جو ھڪ ڪوري مون وٽ ٽي بي جي مريض طور رجسٽر ٿيو سندس علاج ٿيو ۽ اھو چاڪ بہ ٿيو. ٽي بي جا مريض مون سان ڪچھري ڪندا ھيا ۽ پنھنجا ڏک سک بہ ونڊيندا ھيا، ائين ڳالھين ٻولھين ۾ مون انھي ڪوري مريض کان گهر جا حوال بہ پڇيا. چيائين غريب ھيس، بيمار جو ٿيس تہ ڪمائڻ کان بيھي ويس سو زال مونکي ڇڏي پنھنجي مائٽن ڏي ھلي ويئي آھي. مون کيس چيو تہ ڪنھن طريقي زال کي مون ڏي موڪل تہ سمجهانيانس. ھڪ ڏينھن ٽي بي ڪلينڪ ۾ آيو تہ مون ھڪ عورت مريض کي پئي ڏٺو، جيڪا پڻ ٽي بي جي مريض ھئي ۽ علاج بعد ٺيڪ ٿي رھي ھئي. ھن مون وٽ ويٺل مريض عورت ڏانھن کلندي اشاروڪيو، مون کيس چيو ڇا ٿو چئين. چيائين ڊاڪٽر اھا منھنجي زال آھي. مون سندس زال کي چيو تہ تنھنجومڙس چڱوڀلوٿي ويو آھي ھاڻي توکي ڪمائي کارائيندو، گهر ٻار سنڀاليندو انڪري ساڻس ناراضگي ختم ٿيڻ گهرجي. پوءِ تہ انھي عورت رڙيون ڪندي سرائيڪي ۾ چيو تہ” سائين تيڏي آفيس نہ ھووي ھا تہ انھن ذليل ڪون مئين ايڏي مھل پادر ماران ھا. “ پوءِ تہ اسپتال ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو، مون سوچيو تہ ٺاھ پئي کڏ ۾ ھاڻي رڳو ڦشري ٽري. ائين ڪجهہ سالن ۾ سوين اھڙا مريض تشخيص ٿي رجسٽر ٿيا، چاڪ بہ ٿيا ۽ شھر ۽ ڀرپاسي منھنجي سڃاڻ ٽي بي ڊاڪٽر طور مشھور ٿي ويئي. سال 2007ع ۾حاجي خان سان واسطو رکندڙ يونين ڪائونسل ڊرگهہ بالا جي ناظم سڪندر خان لغاري جي فرمائش تي منھنجو آرڊر بنيادي صحت مرڪز حاجي خان ٿيو، ليڪن منھنجي دل ۾اھا خواھش ھئي تہ ھاڻي ٽي بي پروگرام ۾ ڪم ڪبو جنھن کي آءُ سمجهي بہ ويو ھيس ۽ علائقي ۾ منھنجي سڃاڻ بہ اھا ٿي چڪي ھئي. سال 2008ع ۾ جڏھن پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي تہ انھي پروگرام جو آءُ ضلع ڪوآرڊينيٽر ٿيس، اھو آرڊر بہ مون پنھنجي دوست ڊاڪٽر مظفر کونھاري جي چوڻ تي ڪرايو تہ جيئن ھڪ صحت مرڪز بجاءِ سموري ضلعي جي ٽي بي جي ڪم کي ڏسي سگهجي. ضلع ڪوآرڊنيٽر ٿيڻ سان ڪم وڌيو تہ ذميواريون بہ وڌيون. انھي عرصي ۾ ”برج ڪنسلٽنٽ“ پڻ ٽي بي ڊاٽس سان آگاھي ۽ رابطہ ڪاري ۾ بھتري لاءِ ڪم پئي ڪيو جنھن ذريعي سموري ضلعي ۾ مختلف اسٽيڪ ھولڊرس سان ملاقاتون ڪيون، کين آن بورڊ رکيو ۽ سندن آگاھي سيشن پڻ رکيا ويا. ھر سال 24 مارچ تي سلھ جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. 2008ع ۾ بہ اھو عالمي ڏھاڙو پوري ضلع ۾ ملھايو ويو ليڪن سال 2009ع ۾ سول اسپتال دادو کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي ٽي بي جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو جنھن ۾ جوھي ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور لغاري جي سھڪار سان ڪاليج ۾ شاگردن جي بس انھي ڏھاڙي ۾ شرڪت لاءِ ڀرجي آئي، دادو مان پڻ مختلف اين جي اوز جي ڀرپور شرڪت رھي. انھي ريلي ۾ منھنجي زال آمنا ۽ منھنجا ٻاڙا پڻ شريڪ ٿيا. سال 2010ع ۾ جوھي ۾ خطرناڪ برساتن کانپوءِ ٻوڏ آئي ۽ جوھي شھر کي چوطرف پاڻي وڪوڙي ويو، ڪيترن ڏينھن تائين جوھي دادو وچ ۾ رستو ڪٽيل رھيو ۽ ٻيڙي ذريعي ڇنڊڻ تائين اچڻو پوندو ھيو. ٻوڏ جي خاتمي کان ڪجهہ ڏينھن بعد ڊي ايڇ او دادو ھڪ رات مونکي فون ڪري چيو تہ سڀاڻي توکي ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ جي آفيس ۾ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد وڃڻو آھي، اتي جڏھن پھتس تہ خبر پئي تہ گڏجاڻي بجاءِ يونيسيف جي ٽيم صحت کاتي سان گڏجي ٻوڏ ۾ ھيلٿ ڪميونيڪيشن جي پروگرام ھيٺ ڪميونيڪيشن ڪو آرڊينيٽر طور آفيسر پئي کنيا. منھنجي ضلع مان آيل ٽن آفيسرن جي پئنل ۾ ھڪ دوست ايم پي ايڇ ھيو، ٻيو ھيلٿ ايجوڪيشن آفيسر ھيو. انٽرويو ڪندڙ جرمني مان آيل ڪنسلٽنٽ مونکان پڇيو تہ توھان کي ڪميونيڪيشن جي خبر آھي تہ اھو ڇا آھي؟ مون رواني سان ابتي سبتي انگريزي ۾ ڳالھائيندي چيو تہ بحيثيت ٽي بي ڪوآرڊينٽر ۽ ٽي بي ڊاٽس انچارج مون ڪميونيڪيشن جو ڪم پئي ڪيو آھي. سياست سان ماضي ۾ وابستگي ۽ سنگت ساٿ ۾ بي حجاب ۽ واتڙيو ھجڻ سبب مونکي ڪابہ ھٻڪ نہ ٿي ۽ مونکي سليڪٽ ڪري ٻن ڏينھن کان پوءِ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ھلائڻ واري يو ايس بي ڏني ويئي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ھيڏانھن ھوڏانھن پڇا ڳاڇا ڪري، ”ورڊ“، ”پاور پوائنٽ“، ”ايڪسل“ جي ڪم سميت گراف ٺاھڻ سکي ويس. ڊي ايڇ او آفيس دادو ۾ ڪلھي تي لڙڪندڙ ليپ ٽاپ مون تڏھن ڦٽي ڪيو جڏھن 31 مارچ 2021ع تي نوڪري مان ريٽائر ٿيس.