آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

سال 2010ع واري ٻوڏ سان جوھيءَ جو جهيڙو

سال 2010 جي سانوڻ ۾ سنڌ سميت جوھي ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون ۽ آگسٽ مھيني جي آخر ۾ سنڌو درياھ کي ”ٽوڙي“ بند وٽ ڪٽ ڏنو ويو. ٻوڏ جو پاڻي بيگاري بند جو ڪنارو ڏيئي ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شھداد ڪوٽ ضلعن کي ٻوڙيندي اچي ايم اين وي ڊرين ۾ پيو. جڏھن پاڻي ضلع قمبر شھدادڪوٽ جي حدن ۾ ھيو تڏھن پيپلزپارٽي جو شھدادڪوٽ تر جو ايم اين اي نادر مگسي چوندو ھيو تہ پاڻي کي ھن مھل ئي رستو ڏيو جيئن اھو بنا ڪنھن دٻاءَ جي منڇر ۾ پئي ۽ ضرورت آھر منڇر کي ڪٽ ڏيئي سنڌو درياھ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي. نادر مگسي جي حوالي سان سندس اھو چوڻ مشھور ٿيو تہ سندس ضلع ۾ ميلن تي ڦھليل علائقي مان جڏھن پاڻي نڪرڻ بجاءِ علائقا ٻوڙي رھيو آھي تہ پوءِ جوھي جي علائقي “ جتي ايم اين وي ڊرين ۽ ايف بند ۾ فاصلو گهٽ آھي اتي جوھي ڪيئن بچندي. اھو درست آھي تہ جوھي رنگ بند ۽ ايم اين وي ڊرين وچ ۾ دادو روڊ تي فاصلو 8 ڪلوميٽر آھي ليڪن بخش علي وٽ ايم اين وي ڊرين وچ ۾ فاصلو ٻہ ڪلوميٽر کان بہ گهٽ آھي. ٻوڏ جو پاڻي قمبر شھداد ڪوٽ جي حدن کي ٻوڙي جڏھن خيرپور ناٿن شاھ مٿان خدا واھ وٽ پھتو تہ بند ڪمزور ھجڻ سبب انھي ۾ گهارو پيو ۽ 80 ھزار آبادي وارو شھر ٻڏي ويو. پاڻي جو دٻاءَ وڌيو تہ ھڪ ڏينھن ڪاري موري وٽ ڪٽ ڏيئي پاڻي کي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇڏيو ويو. ٻوڏ جو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ منڇر طرف ڇوڙ ڪئي ۽ ائين پاڻي جوھي دادو وچان رستو ڪٽي ڇڏيو. جوھي شھر اڳ ۾ ئي نئين گاج جي پاڻي سبب اولھ ۾ ٽٻ ٽار ٿيل ايف بند جي نشاني تي ھيو. ھڪ ڏينھن اھڙو آيو جو جوھي جي حدن ۾ چوطرف پاڻي ھيو صرف جوھي شھر واري ٽڪري ۽ آسپاس رندن جا ڳوٺ، حاجي قاسم جمالي جو ڳوٺ، شير خان لنڊ رنگ بند اندر ھجڻ سبب محفوظ ھيا . جڏھن ٻوڏ جو پاڻي جوھي دادو روڊ کي پار ڪري رھيو ھيو تہ ھڪ ڏينھن، ڊپٽي ڪمشنر اقبال ميمڻ جوھي آيو ۽ پاڻي جي مقدار ۽ آبپاشي ماھرن جي راءِ جي نتيجي ۾ ائين چيائين تہ جوھي شھر جو ٻڏڻ اڻ ٽر آھي انڪري شھر کي خالي ڪيو وڃي. پوءِ تہ جوھي شھر مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي، گهڻا ماڻھو حيدرآباد، ڪراچي، دادو شفٽ ٿيا، ڪجهہ خاندان ڪاڇي جي محفوظ ۽ مٿانھن علاقن ڏانھن، مٽن مائٽن، دوستن ڏانھن منتقل ٿيا. انھي موقعي تي، بي اين ٽي جي دوستن ۽ منھنجي ھم سفرن صلاح ڪئي تہ ماڻھن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ھڪ مھم ھلائجي تہ جيئن پنھنجي پنھنجي حد ۾ رنگ بند جي سنڀال ڪن. ھڪ شام، بي اين ٽي جي دوستن سان گڏجي علامتي موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ويئي. جوھي جي اتر طرف ڦلجي ويندڙ روڊ تي شھر جي واپاري رمضان لغاري جو ڪارخانو ۽ دڪان ھيا، اتي وياسين ۽ کيس چيوسين تہ نوجوانن کي گڏ ڪري پنھنجي حصي واري چينجاڻي شاخ جي ٻانھين سنڀالي ان کي بند ڏين. ائين ٻٻر محلہ ۾ ٻٻرن جي نوجوانن وٽ وياسين. بخش علي رند وارو پاڻ ئي متحرڪ ھيا. ائين ھڪ مھم ٺھي پئي. جوھي شھرجي پسگردائي ۾ 1995ع ۾ پڻ ٻوڏ آئي ھئي جنھن کي روڪڻ لاءِ چينجاڻي شاخ کي ھلڪو مٽي جو بند ڏئي مٿي ڪيل ھيو. شھر جي اولھ ۾ ٻوڏ کان بچاءَ بند اڳ۾ موجود آھي، جڏھن تہ ٻوڏ جي پاڻي جي منھن ۽ ھيٺاھين تي بخش علي رند جو ڳوٺ آھي. 2010ع ۾ آيل ٻوڏ پاڻي چينجاڻي شاخ کي ٽڪرايو تہ بخش علي رند جي ڳوٺاڻن پاڻ ھرتو چنجاڻي شاخ جي ڪڙ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. پاچڪا، ٽوئا، ٻوريون گڏ ڪيون ويون ۽ بند تي چوڪسي رکي وئي. ڳوٺاڻن ۾ صلاح مشوري سان بند تي رات ڏينھن ڪم جون ذميواريون ورھايون ويون. ڏسندي ڏسندي بخش علي رند جي ڀرپاسي بچل رند ۽ خان جي ڪور جي لنڊن پڻ پنھنجي ڳوٺن کي لڳندڙ چينجاڻي شاخ جي رنگ بند واري حصي جي سار سنڀال شروع ڪئي. جوھي شھر کي اتر واري گورک باءِ پاس کان گل محمد گنب جي ڳوٺ تائين ڪڙو چڙھي ويو ۽ پوءِ انھي ڪڙي مٿان ڪڙو چڙھندو ويو ۽ پاڻي ۾ چاڙھ سان بند بہ مٿي ٿيندو ويو. تنھن وقت سوشل ميڊيا جي آمدآمد ھئي جنھن کي رابطي لاءِ استعمال ڪيو ويو. نوجوان، شھري، ساڃاھ وند، سياسي ڪارڪن ھر وقت انھي بند کي وقت ڏيندا رھيا. جڏھن تہ انھي بند جي ڀر پاسي وارا ڳوٺ ۽ جوھي واسي پنھنجي بند جي حفاظت ۾ لڳي ويا. حڪومت جوھي واسين جي ھمت ڏٺي تہ ايم اين اي رفيق جمالي تي بہ دٻاءَ پيو، جنھن پنھنجي پارٽي جي سمجهدار ماڻھن جي چوڻ تي ھڪ چنبي واري مشين ۽ ڪجهہ ٽريڪٽر، ٽراليون رنگ بند جي حفاظت لاءِ موڪلي ڏنا. جن کي يامين کوسو جي پيٽرول پمپ تان تيل مھيا ڪيو پئي ويو جنھن ڪم جي نظرداري وري امداد سومري ۽ عبدالمجيد جمالي پئي ڪئي. جيئن جيئن پاڻي وڌندو ويو تيئن بند کي مضبو ط ڪرڻ لاءِ سڪل مٽي جي ضرورت پئي آئي جيڪا آخر ۾ اريگيشن بنگلي وٽ موجود خالي جاءِ تان کنئي ويئي. لڪڙا، ٽوئا، تڏا ڏيڻ ۾ شھرين وڌي چڙھي حصو ورتو. ڊاڪٽر محبوب رند جي رابطہ ڪاري ۾ گهٽ ۾ گهٽ پندرنھن ڏينھن تائين منجهند جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪا رنگ بند تي ڪم ڪندڙ رضاڪارن تائين پھچائي پئي ويئي. رنگ بند تي ماڻھن جو حوصلو ڏسندي ڪيترا صحافي جوھي واسين پاران وڙھي ويندڙ نرالي قسم جي جنگ کي ڏسڻ ۽ رپورٽنگ ڪرڻ آيا جن ۾ ”جيو“ ٽي وي حيدرآباد جو احمد ڪمال ۽ ”اي آر واءِ“ نيوز جو ارباب چانديو شامل ھيا. انھي دوران تمام گهڻين سياسي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ ٻيڙين ذريعي جوھي آيا ۽ جدوجھد سان سھڪار ڪيو. ڪامريڊ لال خان لاھور مان سيڙھجي ڇنڊڻ تائين آيو ليڪن اسان جي منع ڪرڻ تي اتان واپس موٽي ويو. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سربراھ جلال محمود شاھ ڪھي آيو. ڪجهہ ڏينھن ۾ بخش علي رند جي ڪيترن گهرن ۾ راشن جي کوٽ ٿي پئي جن جي گهر ۾ اٽي جي کوٽ ٿي اتي پڪل ماني کانسواءِ اٽو چانور پھچايا ويا جنھن ڪم کي سنڀالڻ، ڏسڻ ۾ مک ڪردار ڳوٺ جي سرائين ادا ڪيو. انھي وقت راشن جي کوٽ سان گڏ پيٽرول جي کوٽ بہ ٿي پيئي. حيدرآباد مان اشتياق انصاري ۽ عزيز رانجهاڻي پڻ ٻوڏ دوران جوھي آيا جن منھنجي فرمائش تي پيٽرول جي ڊمڙي ڀري آندي. اھو پيٽرول گاڏي ۾ وجهي رنگ بند جي مانيٽرنگ ڪئي ويئي. ان وقت ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ھيو جيڪو پڻ ٻيڙي ذريعي ادبي سنگت جوھي جي دوستن سان ملڻ آيو. ان وقت ٿر ديپ ۾ ظفر جوڻيجو ڪم ڪندو ھيو، سندس ڪوشش سان اداري جي طرفان چانورن جي گاڏي موڪلي وئي جيڪا مرحوم سائين بخش رند جي اڳواڻي ۾ متاثرين ۾ ورھائي وئي. انھي ڏکئي موقعي تي حيدرآباد جي دوست شبير نظاماڻي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جنھن دوستن کان فنڊ گڏ ڪري روڪ پئسا موڪليا جيڪي پڻ ڪامريڊ امين لغاري جي ھٿ ھيٺ ٺھيل ٽيم ذريعي ٻوڏ متاثرين ۾ ورھايا ويا. ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ ۾ تہ ڳوٺ ۽ جوھي واسي خوب وڙھيا ليڪن مينھن بند ٿيڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو. اھورمضان جو مھينو ھيو۽ 27 روزي تي جوھي سميت رنگ بند مٿان نہ صرف خوفناڪ برسات پئي بلڪہ رنگ بند ھنڌان ھنڌان ڇيھون ڇيھون ٿي رھيو ھيو جنھن ۾ ھيٺاھين ھجڻ ڪري ڪمزور ۽ نازڪ ترين، بخش علي رند واري پوائنٽ ھئي. بخش علي رند جي ڳوٺاڻن اصل ھمت نہ ھاري جنھن جو ھڪ سبب رندن جو ڳوٺ مان لڏ پلاڻ نہ ڪرڻ ھيو. ھي ٻوڏ جي گهيري ۾ آيل جوھي جي واحد وسندي ھئي جتان جي رندن جي ڪاني جيتري ٻار بہ ڳوٺ ڪونہ ڇڏيو ۽ ويٺا رھيا. الائي ڇو کين پڪ ھئي تہ ٻوڏ کي منھن ڏئي وڃبو. ٻوڏ سان جهيڙي ۾ سرموڙ ڪردار سرائي محمد رند جو ھيو جنھن جي ھڪلن نوجوانن کي ويھڻ ئي نہ پئي ڏنو. 27 رمضان واري طوفاني برسات جي شام تي سائين بخش رند مايوسي مان چيو تہ“ يار لڳدا پيائي سڄي محنت اجائي ڳئي. ، بس ھڻي ڪجهہ ڪونہ ٿيسين. ، ڄاڻ ٻُڏسي“. سومھڻي ويل طوفان ۽ برسات بند ٿي ۽ لڙي رات پاڻي چاِڙھ بجاءِ ٽڪ ٻڌي بيھي رھيو. صبح جو رنگ بند تي ويٺل سرائي محمد اھا خوشخبري ڏني تہ ڏھن ڏينھن ۾ پھريون ڀيرو پاڻي لھڻ شروع ڪيو آھي. ٻہ ڏينھن کانپوءِ پاڻي جا ڪر وڌيڪ ھيٺ لھي ويا. عيد جو ڏھاڙو آيو ۽ عيد نماز بچل رند ۾ قائم عيد گاھ بجاءِ بخش علي رند ڳوٺ ۾ رنگ بند جي اولھ پاسي ميدان صاف ڪري پڙھي ويئي جنھن ۾ جوھي شھر جا مون جھڙا کوڙ بي نمازي، نماز ۾ شريڪ ٿيا. ائين جوھي دادو روڊ واري پاسي پڻ رنگ بند مٿان نماز پڙھي ويئي. جوھي پنھنجي ويجهي تاريخ جي وڏي اوکي، اڻانگي، صبر آزما، اعصاب شل ڪندڙ جنگ وڙھي ۽ کٽي بہ ڏيکاري جنھن مثالي جدوجھد کي اڄ بہ عوامي مزاحمت جي مثال طور ياد ڪيو وڃي ٿو