آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

طبقاتي جدوجھد

جيئن مان ٻڌائي چڪو آھيان تہ 1997ع ۾ ٿيل ٿائرائيڊ جي مرض کانپوءِ منھنجي دماغ جي سليٽ بلڪل ميسارجي ويئي ھئي ۽ ياداشت کي واپس آڻن لاءِ مون نئين سر نہ صرف پنھنجي ميڊيڪل جي ڪتابن بلڪہ سياست ۽ ادب کي بہ پڙھڻ شروع ڪيو. پڙھڻ جو اھو سلسلو اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ٺھڻ کانپوءِ وڌيڪ مستقل ٿي ويو. شام جو لئيبرري وڃڻ وقت ڊان اخبار سميت ڪافي انگريزي اخبارون نطر مان گذرنديون ھيون. ائين ليون ٽراٽسڪي جي آتم ڪھاڻي ”ميري زندگي“، متعلق تبصرا پڙھيم تہ اھو ڪتاب گهرائي پڙھيم. ڪتاب انتھائي ضخيم ۽ دلچسپ ھيو جنھن ۾ ڪجهہ جملا تہ ياد ڪرڻ جھڙا ۽ اتساھيندڙ ھيا، ڪتاب جي آخر ۾ ليون ٽراٽسڪي لکي ٿو تہ، ”انقلاب ھڪ نئون سماجي تجربو آھي، ھڪ اھڙو تجربو جيڪو ھر بار نين تبديلين مان گذري پنھنجا بنياد نئين سر تعمير ڪري ٿو. “. انھي ڪتاب تي مون پوءِ تبصرو بہ لکيو، جيڪو روزاني ”ڪوشش“ اخبار ۾ پڻ ڇپيو جنھن ۾ آءُ 1999ع کان مسلسل لکي رھيو ھيس. ٽراٽسڪي جي انھي ڪتاب کان پوءِ مون سندس ڪتاب ”انقلاب سان غداري“ پڙھيو. ڪامريڊ سوڀو چوندو ھيو تہ انقلاب روس تي سڀ کان بھترين ڪتاب ليون ٽراٽسڪي جو لکيل ”روسي انقلاب جي تاريخ“ آھي، سو پڻ گهرائي پڙھيم. ائين ٽراٽسڪائيٽ سوچ کي سمجهڻ جو اتساھ بہ وڌيو. تن ڏينھن ۾ انھي سوچ جو پاڪستان ۾ اھم نالو ڊاڪٽر لال خان ھيو، جنھن سان طبقاتي جدوجھد جي سينيئر دوست ڪامريڊ انور پنھور ذريعي رابطو ٿيو ۽ انکي جوھي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ گذارش ڪيم جيڪا ھن قبول ڪئي. انھي دوران لال خان جو ڪتاب ”پارٽيشن، ڪين اٽ بہ ان ڊن“، سندس 1967ع 1968ع جي انقلابي تحريڪ تي ڪتاب، ٽيڊ گرانث جو ”انقلاب کان رد انقلاب “، ”بالشويزم راھ انقلاب“ ايلن ووڊز جو ”مارڪسي فلسفو“ پڻ پڙھيم ۽ انھن ڪتابن تي تبصرا لکيم. ھڪ ڏينھن دعوت مطابق لال خان منھنجي ڪلينڪ تي اچي پھتو. ھن جي ھٿ ۾ سگريٽ جو پاڪيٽ ھيو جنھن مان ھن سگريٽ مان سگريٽ پئي دکايو مون کيس لائيٽ لائيٽ موڊ ۾ چيو تہ ڪامريڊ توھان جي زندگي قيمتي آھي ۽ سگريٽ زندگي جو دشمن آھي سو توھان کي نہ پيئڻ گهرجي. لال خان چيو تہ ”ِيار ڊاڪٽر، اب ڇوڙو ڀي سگريٽ پيني دو زندگي ڪا ڪيا پتہ ھي ڪب ڪيا ھوجائي. “. لال خان کي پرائيمري اسڪول جي پراڻي عمارت جنھن ۾ ان وقت ھڪ اين جي او جو دفتر ھيو وٺي وياسين، جتي ليڪچر رکيل ھيو. ليڪچر جو عنوان کاٻي ڌر جي سياست ھيو. لال خان برصغير جي انقلابي سياست تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ رکندي چيو تہ انقلابي سياست جي ناڪامي جو ڪارڻ انقلابي بجاءِ اصلاحي راھ وٺڻ آھي. ڪچھري ۾ ڪافي سوال ٿيا جنھن جا جواب ھن خندہ پيشاني سان ڏنا. لال خان جي سياست سان منھنجو اختلافي نڪتہ نظر پيپلزپارٽي ۾ انٽرزم ذريعي سياست ھئي، جنھن جو جواب بہ ھن ڏنو تہ محنت ڪش طبقي جي روايتي پارٽي پيپلزپارٽي آھي ۽ ايندڙ وقت ۾ ماڻھو انھي روايت ذريعي ئي جڙبا ۽ انقلاب برپا ٿيندو، جنھن سان منھنجي تشفي نہ ٿي. ان وقت لال خان جي طبقاتي جدوجھد رجحان ۾ ڇڪ جو ڪارڻ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي مخالفت ڪرڻ ھيو، جنھن مونکي اپيل ڪيو. پروگرام ۾ خاتمي تي لال خان ڪجهہ ڏينھن ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانگريس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا مون قبول ڪئي ۽ ان ۾ شرڪت بہ ڪئي. انھي ڪانگريس ۾ مونکي پنھنجي اڳوڻي سياست جا رفيق بہ مليا، ڪانگريس ۾ ذري گهٽ 2000 ماڻھو شامل ھيا جن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر قمرزمان ڪائرہ، پيپلزپارٽي پنجاب جو صدر غلام عباس ۽ منڊي بھاءُ الدين جو ضلع ناظم محمد نوازگوندل شامل ھيا. ان وقت طبقاتي جدوجھد جو رجحان ملڪ اندر کاٻي ڌر جو سڀ کان اھم رجحان ھيو، انھي تنظيم جو اھم اڳواڻ چوڌري منظور پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان رڪن قومي اسيمبلي ھيو. لال خان جو کاٻي ڌر ۾ پنھنجو مرتبو ھيو، ھو نہ صرف ٽيليويزن ٽاڪ شوز ۾ ايندو ھيو، اخبارن ۾ لکندو ھيو بلڪہ کيس پڙھيو پڻ ويندو ھيو. انھي تنظيم جي ڪشمير ۾ سياسي اثر رسوخ جو چرچو ھيو. ان رجحان پنھنجو پرچو مستقل ڪڍيوپئي ۽ سندس پارن قائم ڪيل جدوجھد پبليڪشنز پارن ڪيترا ئي ڪتاب ڇپرايا ويا، جنھن ۾ ”انقلاب روس جي تاريخ “، ”1976ع 1968ع جو انقلاب ھڪ ٻي ڪھاڻي“ قابل ذڪر آھن. انھي وقت وينزويلا ۾ ھوگو شاويز جي 21 صدي جي سوشلزم جو چرچو پڻ ھيو. ٿوري عرصي ۾ انھي تنظيم ۾ ڄام ساقي شامل ٿيو ۽ حميدہ گهانگهرو بہ شامل ٿي. انھي تنظيم پاران منھنجي رول ماڊل نذير عباسي جا ورسي پروگرام پڻ ملھايا ويا. انھي تنظيم جي دادو، خيرپور ناٿن شاھ ۾ سٺي تنظيمي سرگرمي ھئي انڪري مون سوچيو تہ واندو ويھڻ کان ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ بھتر آھي انڪري انھي ۾ پنھنجي حد اندر سرگرم ٿيس. جوھي ۾ طبقاتي جدوجھد جي برانچ قائم ٿي ۽ طبقاتي جدوجھد جي کليل محاذن ٽريڊ يونين ڊفينس ڪئمپين، بيروزگار نوجوان تنظيم جا يونٽ کليا ائين ٿوري عرصي ۾ ڪافي دوست سلھاڙجي پيا، جن ۾ سائين بخش رند، وفا برھماڻي، رزاق رند، امين لغاري، خادم کوسو، عزيز رودناڻي، نقاد ٿھيم، لياقت علي لياقت، جاويد رانجهاڻي، الھورايو سومرو، شبير روستماڻي، شبير شيخ، حسن ڏاھري شامل ھيا. طبقاتي جدوجھد جي تنظيم ڪاري ٿي جنھن ۾ ھڪ برانچ مان وڌي اھا ھڪ ايريا بڻجي ويئي. طبقاتي جدوجھد ڪرائي تي آفيس پڻ ورتي. طبقاتي جدوجھد جي پليٽ فارم تان ڪيترن ڪتابن ۽ موضوعن تي ويھڪون ٿيون. بي اين ٽي جي پليٽ فارم تان زوردار سيشن پڻ ٿيا. جڏھن تہ 2007ع ۾ طبقاتي جدوجھد، پي ٽي يو ڊي سي، بي اين ٽي جي پليٽ فارم تان جوھي جي تاريخ جو تاريخي مئي ڊي ملھايو ويو جنھن ۾ سون جي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ بہ يوم مئي جا پروگرام ٿيڻ معمول رھيو. انھي پليٽ فارم تان نذير عباسي شھيد جا ورسي پروگرام پڻ جوھي ۾ ٿيا. بيروزگار نوجوان تحريڪ پاران نوجوانن جي مسئلن تي احتجاج ۽ سيشن ڪرايا ويا. بيروزگار نوجوان تحريڪ جي سڀ کان اھم سرگرمي سال2010ع جي ٻوڏ دوران رھي جنھن ۾ ٻوڏي جي خطري کان ماڻھن کي باخبر ۽ شامل ڪرڻ لاءِ بي اين ٽي جي دوستن شھر جي چوطرف ھڪ موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي ماڻھن کي پنھنجي پنھنجي حد ۾ رنگ بند ٻڌڻ تي اتساھيو. رنگ بند جي تحريڪ ۾ طبقاتي جدوجھد ۽ بي اين ٽي جي دوستن رنگ بند جي مختلف حصن جي نظرداري جو ڪم پڻ سنڀاليو ۽ رابطہ ڪاري رکي. بي اين ٽي سميت شھر ۾ موجود سياسي تنظيمن جي پھلڪاري شھر ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ سمورو جوھي شھر سندرو ٻڌي شھر کي بچائڻ لاءِ نڪري پيو ۽ ٻوڏ جي اجهاڳ پاڻي سان جهيڙندي جوھي ھڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. جيئن تہ طبقاتي جدوجھد ۽ بي اين ٽي جا ساٿي سنڌي ادبي سنگت سان پڻ لاڳاپيل ھيا تنھن ڪري انھي جي سرگرمين ۾ پڻ شرڪت ڪئي ويندي ھئي، ائين سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ پڻ طبقاتي جدوجھد جا دوست سرگرم ھيا جتي پڻ جوھي جا ساٿي شرڪت ڪندا ھيا. انھي دوران طبقاتي جدوجھد جي پيپلزپارٽي ۾ انٽرزم تي سوال ٿيندا رھيا تہ ماضي ۾ پيپلزپارٽي سينٽر ليفٽ جي پارٽي ھئي انھي ۾ اھڙو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي تہ پوءِ ھاڻي اھو بيانيو رکڻ تہ پيپلزپارٽي جي روايت مان ئي عوامي اڀار اٿندو سو ڪيئن درست آھي ۽ اھو تہ ڊسيپلين ھڪ پارٽي جو ھجي ۽ ويھجي پيپلزپارٽي ۾ اھو ڪيئن مناسب آھي. اڳتي ھلي طبقاتي جدوجھد رجحان جو سرگرم اڳواڻ منظور چوڌري انھي تضاد سبب طبقاتي جدوجھد کان الڳ ٿيو، ھڪ ٻيو وڏو تڪرار لال خان ۽ ايلن ووڊز ۾ ٿيو ۽ اھا تنظيم ٻہ ٽڪر ٿي پيئي. پاڪستان مان آدم پال ۽ پارس جان ايلن ووڊز سان شامل ھيا. ”ڏٻري تي مڇر گهڻا“وري ائين تہ لال خان جي موت کان پوءِ انھي رجحان ۾ ھڪ ٻيو جهِيڙو گذريل سال ٿيو ۽ سنڌ مان تمام گهڻا ڪارڪن طبقاتي جدوجھد کان الڳ ٿي منظور چوڌري سان گڏ بيٺا يا وري گهر ويھي رھيا، جنھن جا جوھي ۾ پڻ اثر پيا. انھي تنظيم کي ٺاھڻ، ھلائڻ ۾ لال خان جي ڪرشماتي شخصيت جو وڏو ھٿ ھيو، جنھن جي ويئي پڃاڻان کاٻي ڌر جو ھڪ اھم رجحان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ کاٻي ڌر وٽ اڄ بہ اھو سوال حل ڪر کنيون بيٺل آھي تہ مارڪسزم جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ھر ڌڙو آخرڪار ڇو ٽٽي وڃي ٿو. طبقاتي جدوجھد جي رجحان جا کاٻي ڌر جي سياست تي اچڻ جا پنھنجا محرڪ آھن. 1991ع ۾ سوويت يونين ٽٽڻ پڄاڻان کاٻي ڌر جون اڪثر تنظيمون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويھي رھيون جنھنجي نتيجي ۾ سينٽرليفٽ جي پارٽي پيپلزپارٽي بہ پنھنجون سموريون چڱيون روايتون ختم ڪري سينٽر رائيٽ جي بڻجي ويئي جيڪا بينظير ڀٽو جي وئي پڄاڻان وڌيڪ چٽي ٿي سامھون آئي. انوقت کاٻي ڌر جي سياست جي خلا کي لال خان ۽ سندس طبقاتي جدوجھد جي رجحان ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ سنڌ مان وطن دوست انقلابي پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪن جي شموليت اھميت جوڳي آھي. طبقاتي جدوجھد، رجحان جي سياست جو پروگرام سوشلسٽ انقلاب ھيو جيڪو ملڪ ۾ سياست ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي، وطن دوست انقلابي پارٽي ۽ ڪافي کاٻي ڌر جي ڌڙن کان مختلف ھيو. تنھن وقت بوليويا، برازيل چلي سميت لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن جو زور ھيو جيڪي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ جا جتن ڪري رھيون ھيون انھي جو ھڪ مظھر وينزويلا ۾ ھيوگو شاويز جو چونڊ عمل ذريعي اقتدار ۾ اچڻ ھيو جنھن عالمي انقلابي تحريڪن کي مھميز ڏني. شاويز جي اقتدار ۾ اچي عوامي فلاحي پروگرام لاڳو ڪرڻ کي ايڪويھين صدي جو سوشلزم سڏيو ويو. سوويت يونين جي انھدام ۽ ديوار برلن جي ٽٽڻ کانپوءِ، “ قومي جمھوريت“ ۽ ”عوامي جمھوريت“ بجاءِ جڏھن سوشلزم جي پروگرام جي ڳالھ کاٻي ڌر ۾بحث ھيٺ ايجنڊا تي آئي تہ ليون ٽراٽسڪي کي نئين سر پڙھڻ جي ڳالھ بہ آئي نتيجي ۾ طبقاتي جدوجھد جي سرگرمي واري دور ۾ ٽراٽسڪي ۽ ٽراٽسڪائيٽ فڪر سان لاڳاپيل دانشورن جا ڪتاب جهجهي تعداد ۾ شايع ڪيا ويا. انھي رجحان کي جوڙڻ، ترويج ڏيڻ ۾ لال خان جي ڪرشماتي شخصيت جو وڏو ھٿ ھيو جيڪو عالمي صورتحال، خطي ۽ پاڪستان جي سياست، معيشت مان مرضي جا انگ اکر ڪڍي بيانيو ۽ تناظر ٺاھي وٺندو ھيو جنھن کي پيش ڪرڻ ۾ کيس ملڪو حاصل ھيو. 1991ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ ۽ کاٻي ڌر جي زوال کانپوءِ کاٻي ڌر جي سياست سان چاھ ڪندڙ سياسي ڪارڪن طبقاتي جدوجھد ڏانھن ڇڪجي آيو، جن ۾ ڄام ساقي جھڙو مشھور ڪميونسٽ رھنما ۽ ھڪ ٻئي ڪميونسٽ ھيرو نذير عباسي جي گهر واري حميدہ گهانگهرو جھڙا پراڻا ڪارڪن شامل ھيا. ڄام ساقي ۽ حميدہ گهانگهرو جون قربانيون ھيون تہ سڃاڻ بہ ھئي. طبقاتي جدوجھد، ڪميونسٽ پارٽي جي لڏي کي پاڻ ڏانھن متوجہ ڪرڻ لاءِ سوڀي گيانچنداڻي کي بہ مھمان ڪري پنھنجي پروگرامن ۾ گهرائڻ شروع ڪيو ۽ لال خان پاڻ بہ سوڀي گيانچنداڻي ڏانھن ڪافي پنڌ ڪيا جنھنجي ڪري بہ طبقاتي جدوجھد جي رجحان کي انھي حلقي مان موٽ ملي ۽ سندس صفن ۾ عددي واڌ ٿي ليڪن مرضي جون شيون ۽ انگ اکر جوڙي تناظر ٺاھڻ سان وقتي ٻاڙ تہ پوري ڪري سگهجي ٿي، ڪارڪن جو خون تہ گرم ڪري سگهجي ٿو، حقيقي تحريڪ نٿي جوڙي سگهجي نہ وري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙي سگهجي ٿو. پاڪستاني رياستي ڍانچي کي ڪمزور سمجهڻ ۽ سرمائيدارنہ نظام جي خاتمي جي نويد لال خان پڻ ڏني، جيڪا ماضي جي ڪميونسٽ سياست جي سوچ جو شاخسانو ۽ فاش غلطي ھئي. طبقاتي جدوجھد ۾ تنظيم ۽ محاذ جي سياست کي نہ سمجهڻ واري کاٻي ڌر جي روايتي علت بہ طبقاتي جدوجھد ۾ نظر آئي. طبقاتي جدوجھد تنظيم ۾ اھي ماڻھو ھوندا ھيا جيڪي انجي کليل محاذن تي ھوندا ھيا، ايستائين جو تنظيم ۽ محاذن ۾ سياست ۽ نعرا بہ ساڳيا ھوندا ھيا، نتيجي ۾ بي اين ٽي، پي ٽي يو ڊي سي، طبقاتي جدوجھد ۾ ڪو فرق نہ رھيو، انجي سماجي بنياد ۾ واڌ نہ ٿي سگهي ۽ آخرڪار سڪڙجي ويئي. طبقاتي جدوجھد کي پھريون گهاءُ چوڌري منظور جي نڪرڻ، ٻيو انھي رجحان جو آءِ ايم ٽي کان الڳ ٿيڻ ۽ ٽيون گهرو گهاءُ لال خان جي بيماري کان پوءِ انجي وفات سبب لڳو. لال خان وئي پڄاڻان انھي رجحان جو بہ اھوئي انجام ٿيو جيڪو ماضي ۾ باقي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ کاٻي ڌر جو ٿيو. سوال ساڳيا بحث ساڳيو آھي تہ ڪميونسٽن، مارڪسسٽن ۾ ٻہ مان چار ۽ اٺ ٿين ٿيا ليڪن پوءِ رورس گيئر لڳي ٿو وڃي ۽ ٽٽڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو تہ بند ئي نٿو ٿئي. ھن وقت بہ طبقاتي جدوجھد رجحان جا ڌڙا پنھنجي توانائي انقلابي سياست جوڙڻ بجاءِ ھڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ صرف ڪن ٿا ۽ وقت جو واءُ کاٻي ڌر جي سياست تي واڇون پٽي کلي رھيو آھي.