آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي جي چونڊ سياست

پنھنجي روز مرھ جي معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جو نالو سياست آھي. انھن مسئلن جي حل لاءِ سياست جي ميدان ۾ بہ اچڻو پوي ٿو. سياست مزاحمتي بہ ٿئي تہ سياست جي روايتي عمل ۾ شريڪ ٿي چونڊ وڙھجي ٿي تہ اقتدار جي ايوانن ۾ بہ رسائي ڪجي ٿي. ھن ملڪ ۾ مزاحمتي سياست جي تمام ڊگهي تاريخ آھي انھي سياست ذريعي بہ ھڪ وقت ۾ روز مرھ جا مسئلا حل ڪيا ويندا ھيا. احتجاج ۽ ڌرڻا لڳندا ھيا تہ ردعمل ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي پوندو ھيو ليڪن اھڙو واءُ وريو آھي جو احتجاج براءِ احتجاج تي، رياست ۽ انجي ادارن تي ھاڻي جونءِ بہ ڪونہ ٿي چري اھو دور جديد جو نئون مظھر بہ آھي نتيجي ۾روز مرھ جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ احتجاج ڪرڻ طرف وڃڻ کي ھاڻي اجايو ۽ وقت جو زيان سمجهيو وڃي ٿو. اھا سوچ پختي ٿي رھي آھي تہ اڄ جي عھد ۾ جيڪا سياست روزمره جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ آخري سبيل بڻجي ٿي اھا اقتدار جي ايوانن ۾ پھچڻ واري سياست آھي انھي لاءِ وري ملڪ جي روايتي چونڊ عمل جو حصو ٿيڻو پوي ٿو. ٻئي طرف اھڙي سياست مزاحمتي انقلابي سياست وٽ صبح شام ٿڪ لعنت ھيٺ رھي ٿي ليڪن ٿڪ لعنت ڪرڻ وارن جا مسئلا بہ اتفاق سان اھڙي سياست ڪندڙن طفيل ئي حل ٿين ٿا. مزاحمتي سياست تي تہ پيو لکبو آھي ۽ ڳالھائبو آھي ليڪن اقتدار تائين رسڻ لاءِ چونڊ وڙھڻ جي سياست ڪيتري اھم آھي انتي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي ضرورت آھي. جوھي تعلقي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ جيڪو دادو تعلقي سان جڙيل آھي، صوبائي اسيمبلي جو تڪ ۽ بلدياتي ادارن جي چونڊ اليڪشن ڪافي دلچسپ پئي رھي آھي. ماضي ۾ جوھي جي اليڪشن سياست جا، رئيس علڻ خان لغاري، حاجي محمد بخش جمالي، غلام شاھ جيلاني مھندار رھيا. علڻ خان لغاري ۽ سندس پٽ، ننھن، پوٽا، اسيمبلي ميمبر ۽ بلدياتي ادارن جا چيئرمين، ناظم رھيا جڏھن تہ حاجي محمد بخش جمالي قومي اسيمبلي جو ميمبر رھيو ۽ سندس پٽ رفيق احمد جمالي سڀ کان پھرين پيپلزپارٽي ضلع دادو جو صدر ۽ 2002ع کان ھاڻوڪي اسيمبلي تائين قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي. سندس ڀائر ضلع ڪائونسل، تعلقي ميونسپل ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي چونڊبا پئي رھيا آھن. رفيق احمد جمالي 2008ع ۾ پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت ۾ مملڪتي وزير ۽ گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽي جوچيئرمين پڻ رھيونتيجي ۾ رفيق جمالي جوھي جي سياست جو سرخيل بڻجي ويو. ائين نئيگ جو گادي نشين غلام شاھ جيلاني 1990ع کان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رھيو، دادو ضلع جي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو سربراھ رھيو، سموريون اسڪيمون سندس ھٿ ھيٺ ٺھنديون رھيون. سيد غلام شاھ جيلاني جنرل ضياءَ جي دور ۾ ضيا حمايت تحريڪ جو ضلع ۾ مک اڳواڻ رھيو. 1988ع جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ليڪن ڪڻو نبن خان لنڊ جو نڪتو. 1990ع ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ کيس ملي کيس 2002ع واري عام چونڊ ۾ مشرف جي حمايت يافتہ ڌڙي جي اڳواڻ، ڊاڪٽر منظور لغاري، فاروق لغاري جي ملت پارٽي جي پليٽ فارم تان شڪست ڏني. غلام شاھ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ صالح شاھ سنڌ اسيمبلي جوميمبر آھي جيڪو سنڌ حُڪومت ۾ غلام شاھ جيترو اثر رکندڙ آھي ڇوتہ ھو سنڌ جي وڏي وزير جو ماسات بہ آھي ۽ غلام شاھ جي ڀيٽ ۾ پنھنجي ھلائڻ وارو بہ آھي. حاجي خان جو مرحوم علڻ خان لغاري پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل ھيو سندس پٽ اڪبر خان لغاري پڻ پيپلزپارٽي سان وابستہ رھيو. جڏھن جنرل ضياءَ جي مارشلا خلاف 1983ع ۾ مزاحمت ٿي تہ اڪبر خان ايم آر ڊي تعلقي جوھي جو ڪنوينر ھيو. مارشلا جي مارا ماري ۾ ھڪ وقت اھڙو آيو جو اڪبر خان پيپلزپارٽي کان پاسيرو ٿي ويو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊ جو پيپلزپارٽِي بائيڪاٽ ڪيو ليڪن حاجي محمد بخش جمالي قومي اسيمبلي ۽ اڪبر خان لغاري صوبائي اسيمبلي تڪن تي چونڊ وڙھيا. اڪبر خان سنڌ اسيمبلي جي تڪ تان ڪامياب ٿيو جڏھن تہ حاجي محمد بخش جمالي جيڪب آباد مان آيل خير محمد پنھور کان چونڊ ھارائي ويو. بينظير جي ملڪ واپسي کانپوءِ 1988ع ۾ جڏھن چونڊون ٿيون تہ اڪبر خان کي پيپلزپارٽي ٽڪيٽ نہ ڏني ليڪن محمد بخش جمالي کي قومي اسيمبلي جي سيٽ ڏني ويئي ائين جوھي جي اقتداري سياست ۾ جمالي خاندان حاوي ٿي ويو. لغاري خاندان مان ڊاڪٽر منظور لغاري جي چونڊ سياست ۾ زوردار انٽري ٿي ۽ ھو 2002غ واري عام چونڊ ۾ غلام شاھ کي ھارائي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ليڪن سندس اڻ مندائتي موت لغاري خاندان جا سياست ۾ پير روڪي ورتا. ڊاڪٽر منظور لغاري جي گهر واري ڊاڪٽر سجيلا لغاري بعد ۾ پيپلزپارٽي سان جڙي ويئي ليڪن اڪبر خان جو پٽ ڊاڪٽر بندہ علي لغاري ضلع دادو ۾ پيپلزپارٽي جي مک مخالف لياقت جتوئي سان جڙيل رھيو. ڊاڪٽر بندہ علي تعلقہ ميونسپل ائڊمنسٽريشن جوھي جو ناظم رھيو ليڪن بعد جي مسلسل ھار ۽ وسيلن جي کوٽ سندن آپشن محدود ڪري ڇڏيا ۽ اھي مجبور ٿي ھڪ ڏينھن جوھي جي سياست ۾ رفيق جمالي، صالح جمالي جا جونيئر پارٽنر ٿي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا. پيپلزپارٽي ۾ شموليت کان پوءِ ڊاڪٽر بندہ علي لغاري وزير اعلي جو مشير پڻ رھيو. ھن وقت سندس ڀاءُ علڻ خان لغاري ميونسپل ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ۽ عورتن جي سيٽ تي ڊاڪٽر منظور جي گهر واري ڊاڪٽر سجيلا لغاري سنڌ اسيمبلي جي ميمبر آھي. لغاري برادري جي چونڊ عمل ۾ گهٽ اثرائتو ھجڻ جو ڪارڻ مسلسل ھارائڻ ۽ وسيلن جي کوٽ تہ آھي ليڪن ٻيو اھم ڪارڻ سندن اتحادين جو ڇڏي وڃڻ آھي. سموري سنڌ جيان جوھي ۾ بہ پيپلزپارٽي ھر بااثر ماڻھو جنھن سان چار ماڻھو گڏ آھن انکي پاڻ سان ملائڻ جي ڪرت سان لڳل آھي. لغاري برادري جوھي تعلقي سميت جوھي شھر جي وڏي ۾ وڏي ۾ وڏي برادري آھي. جوھي شھر جي اٺن وارڊن مان ٽن ۾ انھن جا جام ووٽ آھن، تعلقي ۾ ڦلجي وليج ۽ بھاولپور يونين ڪائونسل جا ٻٻر، ساوڙو جا رودناڻي، ڪمال خان جا لنڊ، سولنگي، ڊرگهہ بالا جا ڏاھري سندن اتحادي ھئا. ڊاڪٽر منظور لغاري جي منفرد يار ويس شخصيت لوڪ پسند ھئي ۽ ھو پنھنجي مرضي بہ ھلائيندو ھيو. سندس مئي کان پوءِ لغاري برادري جي سياست لياقت جتوئي جو پڇ بڻجي ويئي. لياقت جتوئي پڻ مسلسل ھارائڻ اقتدار کان پري رھڻ سبب ڪمزور ٿيندو رھيو ۽ انجون پڻ پيپلزپارٽي سان جوڙ توڙ لاءِ پس پردہ ڳالھيون گرم رھيون جنھن پڻ ٻين برادرين جي چڱن ۽ وس وارن کي مجبور ڪيو تہ اھي پنھنجو رستوچونڊين متان گهڻي دير ٿي وڃي. ھن وقت جوھي جي اقتدار جي سياست تي پيپلزپارٽي سان جڙيل وس وارن جو قبصو اھي جنجا مشترڪ مفاد کين پاڻ ۾ جوڙي ويٺا آھن. پيپلزپارٽي مخالف سياست جي ڪمزوري جو اھو مامرو گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ وڌيڪ چٽو ٿيو. جوھي جي بلدياتي سياست جي ھڪ تاريخ آھي. منھنجي يادگيري ۾ جوھي ۾ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ واري سال بلدياتي ادارن جون چونڊون ٿيون جنجو پيپلزپارٽي بائيڪاٽ ڪيو. ان وقت ضياءَ حمايت تحريڪ ٺھي ھئي جنھن جو ضلع سربراھ غلام شاھ جيلاني ھيو. پيپلزپارٽي پاران بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ ضِياءَ حمايت تحريڪ سان لاڳاپيل سمورا ماڻھو کٽي آيا، غلام شاھ جيلاني ضلع ڪائونسل دادوجو چيئرمين ۽ دين محمد ٿھيم ٽائون ڪميٽي جوھي جا چيئرمين ٿيا. پٽ گل محمد مان دريا خان لغاري ۽ ٽوڙ مان بخشل خان لغاري ڪاميابي ماڻي آيا جڏھن تہ اسانجو سوٽ حڪيم غلام قادر سومرو پڻ درياءَ خان سان واسطيداري سبب ضلع ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. 1986ع جي ايم آر ڊي تحريڪ، بينظير جي وطن واپسي، ملڪ جي سياست ۾ نئون ماحول پيدا ڪيو ائين 1987ع ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون جن ۾ بشير ٿھيم ۽ حسين رند جھڙا جيالا پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي رڪارڊ ووٽ کڻي سرندي وارن ماڻھن کي ھارائي چونڊجي آيا. بشير ٿھيم جوھي ۾ رڪارڊ ووٽ کنيا جڏھن تہ مٺ تي سگريٽ پيئندڙ، غريب ڪارڪن حسين رند جيڪو پيپلز ھاري ڪميٽي جوھي جو صدر ھيو جنھن کي ”حسين صدر“ سڏيو ويندو تنھن جمالي برادري جي واپاري ۽ سرندي واري شخص حاجي در محمد جمالي کي شڪست ڏني. انھي اليڪشن جي نتيجي ۾ وڏيرو ميرل باھوٽو ٽائون ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. 1992ع جي بلدياتي چونڊ ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومرو ٽائون ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. انکان پوءِ بلدياتي چونڊون جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيون. تڏھن نئين اکاڙ پڇاڙ تحت جوھي ٽائون ختم ڪري يونين ڪائونسل قائم ٿي جنھن ۾ ھڪ ڀيرو ناظم عثمان جمالي، بعد ۾ غلام قادر ٻٻر ٿيو. تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن جو ناظم ڏاتل خان، ڊاڪٽر بندہ علي رھيا جڏھن تہ 2016ع ۾ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين عبدالمجيد جمالي ۽ ھاڻي ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين علڻ خان لغاري آھي. اڄڪلھ جي جوھي جي بلدياتي سياست، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جيان پيپلز پارٽي جي سگهارو ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿي. موجودہ بلدياتي چونڊ کان اڳ ٿيل چونڊ ۾ تعلقي جوھي جي گهٽ ۾ گهٽ ڏھن مان پنج يونين ڪائونسلن ڊرگهہ بالا، ٽوڙ، پٽ گل محمد، ساوڙو، ڪمال خان(جوھي ٽو) ۾ لغارين جي قيادت ھيٺ پيپلزپارٽي مخالف اميدوار چونڊبا ھيا ائين جوھي جي اٺن وارڊن مان ٽن وارڊن تي پيپلزپارٽي مخالف اتحاد جا ماڻھو چونڊبا ھيا ليڪن لغارين ۽ سندن اتحادين جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ صرف ڪبير ٻٻر واري وارڊ ۾ پيپلزپارٽي مخالف صرف ھڪ ڪائونسلر آھي. بلدياتي اليڪشن ۾ باقي تعلقي جو چونڊ نقشو بہ اھڙو ئي سامھون آيو آھي. ھن وقت جوھي تعلقي ۾ اڪثر برادريون ۽ اليڪٽ ايبل سڏيا ويندڙ ماڻھو پيپلزپارٽي جي جمگهٽِي ۾ شامل آھن نتيجي ۾ پيپلزپارٽي جي تعلقي جي سياست تي بادشاھي قائم ٿي ويئي آھي. ھن وقت رفيق احمد جمالي کي چيلينج صرف سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد صالح شاھ مان لاحق آھي ۽ اھا ئي سندس مخالف ڌر بہ آھي. باقي چونڊ سياست انھن ٻن ڌرين جو پڇ بڻيل آھي. ائين بہ ڪونھي تہ پيپلزپارٽي خلاف چونڊ وڙھڻ لاءِ ماڻھو ناھن. ھاڻي بہ قومي اسيمبلي تي لياقت جتوئي جو پٽ ۽ صوبائي اسيمبلي تي امداد لغاري صوبائي اسيمبلي تي چونڊ وڙھي ٿو ۽ کين اسٽيٽس ڪو مخالف ووٽ ملي ٿو جيڪو ٿورو ناھي ليڪن موجودہ حالتن ۾ جڏھن پيپلزپارٽي کي مٿان آشيرواد مليل آھي تنھن ۾ ڪي نوان نتيجا اچن سو في الحال ڏکيو ٿو لڳي. 2008ع جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي عوامي حمايت گهٽِ ٿي آھي ليڪن چونڊ عمل ۾ سرگرم ڌڙن ۽ برادري سياست ۾ سندس حمايت وڌي آھي. چوڻ لاءِ تہ سولو آھي تہ عوام سان رابطي ۾ رھڻ لاءِ ھر چونڊ عمل ۾ شرڪت ضروري آھي ليڪن ڊگهي عرصي تائين اقتدار جي ايوان مان ٻاھر رھي چونڊ وڙھڻ انتھائي مشڪل ٿي ويو آھي. چونڊ عمل ڪو ھڪ ڏينھن جو قصو ناھي، انھي عمل ۾ رھڻ لاءِ سال جا ٻارنھن مھينا ماڻھن سان رابطي ۾ رھي جهيڙو جوٽڻو پوي ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي انھي سلسلي ۾ گهڻُو سکيو آھي تہ اقتدار کان ٻاھر رھي چونڊ عمل ۾ اثرائتو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهجي. پيپلزپارٽي جڏھن بہ اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي عوام سان جڙت رکندي آھي ۽ سينٽر ليفٽ طرف لڙندي آھي. اھو جنرل ضياءَ جي وقت ۾ بہ ٿيو. پيپلزپارٽي اقتدار کان ٻاھر ھئي ايم آر ڊي جدوجھد جي نتيجي ۾ انھي قبول ڪيو تہ اقتدار ۾ اچي مرڪز کي صرف چار کاتا ڏبا ۽ اھڙي پيش رفت ارڙھين آئيني ترميم جي صوورت ۾ سامھون آئي. جنرل مشرف جي وقت ۾ پڻ ائين ٿيو جڏھن بينظير 2007ع ۾ چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ واپس موٽي آئي تہ اھا سينٽر ليفٽ جي پارٽي جو ڏک ڏيندي نظر ھئي، جوھي ۾ 2007ع جي چونڊ مھم ۾ پيپلزپارٽي جا چونڊ وڙھندڙ ماڻھو درزين ۽ محنت ڪشن جي دعوت تي سندن پروگرام ۾ شريڪ ٿيندا ھيا ۽ انھي وقت ۾ ملڪ سميت ۽ سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي رجحانن کي پذيرائي ھئي. رفيق احمد جمالي لاءِ مشھور ٿيوتہ اھو دلير اڳواڻ آھي جنھن 2002ع واري اسيمبلي ۾ پنھنجو ووٽ وڪجڻ نہ ڏنو ھيو. 2008ع ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي تہ ھن وقت چوٿون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جي وڏي پارٽي ۽ حڪمران جماعت آھي جيڪا گهربل ڪارڪردگي نہ ڏيکارڻ ۽ ڪرپشن ۾ گار ٿيڻ باوجود پنھنجو مادي ۽ سماجي بنياد وسيع ڪري رھي آھي ۽ سندس خلاف چونڊ وڙھندڙ ڌريون ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿي رھيون آھن. گذريل بلدياتي ۽ عام چونڊون پيرپاڳاري، جي ڊي اي جي خاتمي جي نويد بڻيون ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي سمورن بلدياتي ادارن تي مالڪي حاصل ڪري ورتي جتان جا فنڊ ڪٿان جو ڪٿي استعمال ٿين ٿا ۽ اھي فنڊ ۽ اقتدار اعلي جا مزا آھن جيڪي سنڌ جي روايتي وڏيري جي لاءِ تمام ضروري آھن. جنھن طريقي سان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ قومي سوال تي سياست ڪندي نظر اچي ٿي ۽ وري اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻيل آھي سو ٻڌائي ٿو تہ پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم جي سياست کي بہ ھڪ ڏينھن کائي ويندي. پيپلزپارٽي عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ اقتدار مان ٿڏي ڪڍي ويئي ھئي اھا ٻئي طريقي سان اقتدار جي ايوانن کي وڻ ويڙھي جيئان چنبڙي پيئي آھي ۽ اھو سبق پيو ملي تہ ھن ملڪ جي سياست جا پنھنجا رموز ۽ اسرار آھن جن تي ھلي اقتدار ۾ رھي سگهجي ٿو ۽ عوام جي نالي ماتر خدمت بہ ڪري سگهجي ٿي. اھڙي اقتدار ۾ عوام جي خدمت جا رستا ڪيئن نڪري سگهن ٿا تنھن جو ماڊل ضررور زرداري اسٽائيل سياست جي من ۾ بہ ھوندو ليڪن وقت ضرور بدلبو آھي ۽ ناقابل شڪست نظر ايندڙ سامري جادوگر جي ڪا نہ ڪمزوري نيٺ ظاھر ٿي پوندي آھي ۽ پوءِ ڳالھ، ”ھو ھوا“ ٿي ويندي آھي تہ “ سامري جادوگر جي حڪم جي غلام، ديو جو ساھ ڪنھن طوطي ۾ آھي“ ۽ پوءِ اھو طوطو ھٿ اچي ويندو آھي ۽ سامري جادوگري جو طلسم ٽٽي پوندو آھي، ائين باقي جھان سميت جوھي جي سياست ۾ بہ اوس ٿيڻو تہ آھي.