آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

بي نام لائيبرري کان، اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري تائين، فڪر جو ھڪ سفر

پنھنجي عمر کان وڏن، پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن ۽ ساڃاھ وندن کان ٻڌبو ھيو تہ 1961ع ۾ جوھي ۾ پھرين اخبار نواءِ سنڌ، سيھوڻ کان ايندي ھئي، جيڪا حسن خاصخيلي عرف ”گپو“ کڻي ورھائيندو ھيو، تنھن کانپوءِ ھلال پاڪستان اچڻ شروع ٿي. انھي کان اڳ اخبار پوسٽ ذريعي جوھي ۾ جنھن وٽ ايندي ھئي انھن ۾ پيپلزپارٽي جو جوھي ۾ شروعاتي ڪارڪن ڳوٺ بچل رند واسي اعظم رند سر فھرست آھي. اھي اخبارون پڙھيل ڳڙھيل ماڻھن ۾ ونڊ ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثريت استادن يا فرسٽ ييئر انٽر جي شاگردن جي ھوندي ھئي، انھن استادن ۽ شاگردن جي ميل جول منجهان ڪتاب گڏجي پڙھڻ ۽ لائيبري ٺاھڻ جي سوچ جنم ورتو، ائين ھڪ بي نام لائيبرري سال 1964ع ۾ بشير پنجابي جي ھوٽل جي اوڀر ۾ ھڪ دوڪان ۾ قائم ٿي. انھي گمنام لائيبري قائم ڪرڻ وارن ۾ ماستر غلام محمد راجپوت، محمد بخش پنھور، الھورايو پنھور، احمد خان مدھوش، محمد ڇٽل رند، مشتاق باھوٽو ڪئنال، عثمان باھوٽو، محمد ھاشم ممتاز سومرو ۽ ڊاڪٽر علي نواز سومرو شامل ھيا. جيئن تہ ڄاڻايل جوھي جي محسنن منجهان صرف ڊاڪٽر علي نواز سومرو حال حيات آھي انڪري سندس بقول اھا لائيبرري لنڊ برادري جي ھڪ شھري جي دوڪان ۾ قائم ٿي جنھن جو ان وقت ماھوار ڪرايو ڏھ روپيہ ھوندو ھيو. انھي لائيبرري ۾ سون جي تعداد ۾ ڪتاب رکيل ھيا جن ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومري چواڻي ھن اڪيلي سر ٻہ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا، جن ۾ شيخ اياز جو ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ شامل ھيو. بي نام لائيبرري ۾ ڪتاب ”ڪلھي پاتم ڪينرو“، رکڻ تي ڪجهہ دوستن شديد اعتراض ڪيو تہ شيخ اياز دھريو آھي انڪري انجو ڪتاب لائيبرري ۾ نہ ھجڻ گهرجي. ان تنازعي، دوستن پاران ڪتاب گهر کڻي وڃڻ واري ڳالھ سميت ڪجهہ ٻين تڪرارن سبب اھا لائيبرري غير فعال ٿي ويئي ۽ ھڪ ڏينھن بند ٿي ويئي. بي نام لائيبرري کان اڳ 1958ع 1959ع ۾ ڳوٺ پيرعلي شاھ ۾ جوھي جي ھڏ ڏوکي ۽ محسن، ”سپرينٽينڊنگ انجنيئر“، عزيز سولنگي المعروف، اي سي صاحب، پنھنجي اوطاق ۾ لائيبرري کولي ھئي جتي اوڙي پاڙي جا ٻار، نوجوان، ڪتاب پڙھڻ ايندا ھيا. ڊاڪٽر علي نواز سومري چواڻي انھي لائيبرري ۾ ھن پاڻ، پشو پاشا ۽ بلو کوکر ڪھاڻين جا مجموعا پڙھيا. انومان ڪري سگهجي ٿو تہ جوھي ۾ لائيبرري کولڻ جي اتساھ، شايد اتان جنم ورتو. انھي ڳوٺ پير علي شاھ ۾ قائم اسڪول ۾ دادو واسي نواز قريشي نالي استاد ھوندو ھيو جنھن انھي لائيبرري کي مچائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، نواز قريشي اڳتي ھلي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ٿيو.
جوھي ۾ لائيبرري جي ھڪ سنجيدہ ڪوشش اڪبر جسڪاڻي ۽ ٿھيم ڀائرن پاران ٿي. جنرل ضياءَ جي مارشلا دوران اھا لائيبرري ساٿي ٻارڙا سنگت لائيبرري جي نالي سان قائم ٿي جنھن ۾ شريف ٿھيم جي ذاتي لائيبرري جا انمول ڪتاب آڻي رکيا ويا. انھي لائيبرري کي ھلائڻ واري ٽيم ۾ خادم ٿھيم، فاروق سومرو، حيدر سيال، عاجز جمالي شامل ھيا جنکي اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم جي سرپرستي حاصل ھئي. انھي لائيبرري کي ٽائون ڪميٽي جوھي پاران جڳھ پڻ مليل ھئي. اھا لائيبرري نہ صرف ڪافي سالن تائين سرگرم رھي بلڪہ انھي لائيبرري ۾ سياسي ادبي موضوعن تي ڳالھ ٻولھ بہ ڪئي ويندي ھئي ليڪن ٽيم ليڊر خادم ٿھيم سميت ڪجهہ نوجوانن پاران تعليم سانگي جوھي ڇڏڻ، باقي سنگت جي روزگار جي تلاش ۾ نڪرڻ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڊي ايس ايف جي غير سرگرم ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪجهہ سالن کانپوءِ اھا لائيبرري بند ٿي ويئي ۽ لائيبرري جي عمارت ٽائون ڪميٽي پنھنجي عملداري ۾ واپس ورتي. آءٌ جڏھن 1988ع ۾ ڊاڪٽر ٿي واپس جوھي آيس تہ اھا لائيبرري بند ٿي چڪي ھئي.
جوھي ۾ لائيبرري جي ھڪ ڪوشش جوھي جي ساڃاھ وندن پاران 3 جولائي 1999ع ۾ ٿي، جنرل ضِياءَ جي دور ۾ سياست تي لٺ پئي وسي تہ انھي وقت سنڌ جي نوڪري پيشہ ماڻھن ۽ گريجوئيٽس، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي نالي سان سماجي ڪم ڪار پئي ڪيا جنھن ۾ روشن تارا اسڪول، مفت طبي ۽ اکين جون ڪئمپون لڳايون ويون. گهوٽڪي کان ڪراچي تائين سنڌ جا گريجوئيٽ سگا سان سلھاڙيل ھيا. جوھي ۾ سائين الھرکيو کوسو جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ منھنجو استاد رھي چڪو ھيو سگا جو مرڪزي عھديدار ھيو تنھن جي اتساھ تي ٻين نوجوانن سان گڏ مون سميت جوھي جا ڊاڪٽر سگا جي طبي ڪئمپن، اکين جي مفت ڪئمپن جو حصو رھيا. تنھن وقت منھنجي ڊيوٽي رات جو تعلقي اسپتال جوھي ۾ ھئي ۽ سڄو ڏينھن ڪلينڪ تي فارغ ھوندو ھيس. منھنجي ڪلينڪ تي صبح جو ڪوشش ۽ شام جو ڊان اخبار ايندي ھئي جوھي جي نوجوانن ۾ ڊان اخبار پڙھڻ جو شوق ھوندو ھيو انڪري اھي شام جو اھا اخبار پڙھڻ لاءِ منھنجي ڪلينڪ تي ايندا ھيا. ان وقت جوھي ۾ ڊان اخبار ٿورن ماڻھن وٽ ايندي ھئي. انھي عرصي ۾ سگا جي پليٽ فارم سميت ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ سرگرمين ۾ شريڪ ٿيندو ھيس انڪري منھنجي جوھي جي نوجوانن، ساڃاھ وندن سان ڊيگه بہ وڌيڪ ھوندي ھئي. انھي عرصي ۾ اڪبر جسڪاڻي مون وٽ صبح شام ويٺو ھوندو ھيو. ڪاليج جا نوجوان ڊان اخبار مون وٽ پڙھڻ ايندا ھيا ۽ آءُ پنھنجي ڪلينڪ ھلائيندو ھيس ليڪن ڪڏھن ڪڏھن اھي نوجوان ٻاھران ئي ڪلينڪ تي گهڻا ماڻھو، مريض ڏسي واپس موٽي ويندا ھيا، اتان ذھن ۾ ھڪ خيال پيدا ٿيو تہ ڇو نہ پڙھڻ کان پوءِ اھا اخبار اھڙي جاءِ تي رکجي جيئن جوھي جا نوجوان انھي مان مستفيد ٿي سگهن جيڪا ڳالھ سڀ کان پھرين اڪبر جسڪاڻي بعد ۾ شريف ٿھيم، سائين بخش رند سان رکي. آخر ۾ اھا راءِ جڙي تہ ھڪ جڳھ ڪرائي تي وٺجي جتي ڊان سميت ڪجهہ ٻيون اخبارون جيڪي مختلف دوست اڳ۾ ئي وٺن ٿا پڙھڻ کان پوءِ اتي رکجن تہ جيئن سڀ ڪو انھي مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. جيئن تہ انوقت سگا ۾ تحرڪ ھيو ۽ ان سان آءُ بہ جڙيل ھيس، شريف ٿھيم، سائين بخش رند، غلام قادر ٻٻر، محمد بخش پنھور، طارق عالم رند، ظفرﷲ ڏاھري، عبدالجبار ڏاھري جيڪي سڀ سگا جوھي شاخ جا سرگرم ڪارڪن ھيا جي مشاورت سان سگا جي پليٽ فارم تان گاج نالي لائيبرري قائم ڪئي ويئي. مون سميت انھن دوستن تي مشتمل انتظامي ڪميٽي ٺھي، پراڻي ٽيڪسي اسٽينڊ وٽ ”کدڙن جي مڙھي“ سامھون ڊاڪٽر سڪندر جمالي کان ڪرائي تي جڳھ ورتي ويئي ۽ پھرين فرصت ۾ اتي اخبارن سان گڏ ڪجهہ ڪتاب پڻ رکيا ويا. جيئن تہ منھنجي ويجهڙائي ڊاڪٽرن سان ھوندي ھئي ۽ اھي سرندي وارا بہ ھيا انڪري اخبارن ۽ فنڊ جو گهڻُو تڻو انھن تي وزن رکيو ويو جيڪي نہ صرف ماھوار في ڏيندا ھيا بلڪہ روزاني ڊان، ڊيلي ٽائيمز، دي نيوز، دي نيشن، ايڪسپريس ٽربيون، جنگ، ايڪسپريس اردو سميت اخبارون ڏيندا ھيا، سموريون سنڌي اخبارون پڻ اينديون ھيون. انھي سان گڏ اخبار جھان، عبرت ميگزين سھڪاري دوست ڏيندا ھيا، ٽائيم، ھيرالڊ، نيوز لائين جي سالانہ سبسڪرپشن ٿيل ھئي جنھنجو مڪمل رڪارڊ رکيل ھيو. لائيبرري ۾ روز ايندڙ جي حاضري ٿيندي ھئي ۽ جيڪو ڪتاب کڻي پڙھندو ھيو انجو نالو پڻ درج ٿيندو ھيو. لائيبرري جو وقت شام پنجين کان اٺين وڳي تائين ھوندو ھيو. صرف 300 روپيہ ماھوار جي معمولي اعزازيہ تي جوھي جي نوجوان حامد لاشاري کي لائيبرري سنڀالڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪو لائيبرري کلڻ کان اڳ مختلف ڪلينڪن ۽ جاين تائين اخبارون گڏ ڪري ”پنچ“ ڪري پوءِ رکندو ھيو، نتيجي ۾ اخبار سنڀالجڻ بہ لڳي. لائيبرري کلڻ جي ھڪ مھيني کان پوءِ اڪبر جسڪاڻي مونکي چيو تہ گاڏي ڪري ھل تہ حيدرآباد پيل ڪتاب لائيبرري لاءِ ڏيائين. 9، آگسٽ 1999ع تي اسان گڏجي سندس سحرش نگر واري جاءِ تي پھتاسين جتي ھن سمورا ڪتاب منھنجي حوالي ڪيا ۽ پاڻ وٽ صرف شاھ جو رسالو رکيائين، بدقسمتي سان اڪبر جسڪاڻي سان اھا آخري ملاقات ثابت ٿي ۽ 13 آگسٽ تي مبينہ طور سندس موت ٿيو۽ سندس لاش سحرش نگر واري گهر مان مليو. گاج لائيبرري انتظامي ڪميٽي جي دوستن اڪبر جسڪاڻي جي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ ڪيل خدمتن ۽ لائيبرري ٺاھڻ، مچائڻ جي ڪردار جي پيش نظر کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ لائيبرري جو نالو اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري رکيو. ھتي اھو بہ ياد ڏيارجي تہ لائيبرري قائم ٿيڻ کان ڪجهہ ڏينھن پوءِ سگا جو چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ جوھي آيو تہ سائين الھرکئو کوسو کيس لائيبرري ڏيکارڻ وٺي آيو، ڊاڪٽر سليمان شيخ وزٽ دوران چيو تہ لائيبرري کي ڪارگل جي شھيدن جو ڏينھن ملھائڻ گهرجي، ڊاڪٽر سليمان شيخ جي انھي ڳالھ تي آء سائين الھرکيو ۽ موجود دوست ھڪٻئي کي ڏسندا رھجي وياسين. اڪبر جسڪاڻي جي نالي ٿيڻ سان لائيبرري ۾ ڪجهہ وڌيڪ چاھ وڌيو، شروعات ۾ مون پاڻ ڪتاب ۽ رسالا عطيہ طور ڏنا، شريف ٿھيم، ڊاڪٽر جمن باھوٽو، عزيز ڪنگراڻي، محمد علي ماجد، سائين بخش رند، ڊاڪٽر علي نواز سومري، ڊاڪٽر غلام مصطفي سومري، محرم سومري، اڪبر جسڪاڻي جي استاد فتاح ھاليپوٽي سميت تمام گهڻن ماڻھن پڻ ڪتاب ڏنا جن جو رجسٽر ۾ اندراج ٿيل آھي. نتيجي ۾ ٿوري عرصي ۾ ڪتابن جو انگ پنج ھزار ٿي ويو. ڊان، دي نيوز، نيشن، ڊيلي ٽائيمز، ايڪسپريس ٽربيون، جنگ، ڪاوش، عوامي آواز سميت سڀني اخبارن جا ماھوار جلد ٻڌرائي رکيا ويندا ھيا. ڪجهہ عرصو تہ لائيبرري ۾ حيدرآباد ۾ رھندڙ جوھي جا صحافي دوست ھڪ اڌ ڏينھن پراڻي ” خليج ٽائيمز“ ۽ “گلف نيوز “ بہ موڪليندا ھيا جيڪا پڻ رڪارڊ ۾ موجود ھئي. انھي وقت ۾ انٽرنيٽ ڪونہ ھئي نہ اخبارون آن لائين ھيون، لائيبرري ۾ ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون محفوظ ھيا جتان جوھي کان سواءِ ڪافي شھرن جا نوجوان، محقق ريفرنس طور اخبارون ڏسڻ ايندا ھيا ۽ کين ڪيئي مھينا ۽ سال پراڻي اخبار، رسالو ملي ويندو ھيو. سال 2001ع ۾ ھڪ ڏينھن سب جيل جوھي جو جمعدار لطيف پنھور لائيبرري آيو تنھن سائين بخش رند سان ڳالھ ڪئي تہ کيس 1999ع سال جي ڪنھن تاريخ جي ڊان اخبار کپي ٿي جيڪا دادو واري لائيبرري سميت ڪٿي نٿي ملي. انھي اخبار ۾ خبر لڳل آھي تہ ”جوھي سب جيل ۾ قيدي کي ھٿ ڪڙيون ھڻي رکيو ويو آھي. “ نتيجي ۾ مونکي ۽ سب جيل انچارج سب جيلر کي ڪورٽ سڳوري شوڪاز نوٽيس اماڻيو آھي. اصل ۾ اھا ڳالھ ”جوھي“ بجاءِ ”جاتي“ سب جيل جي ھئي جنھن ۾ جاتي بجاءِ جوھي لکجي ويو ھيو. لائيبررين حامد لاشاري جلد ٻڌل فائيل مان کيس گهربل ڊان اخبار ڪڍي ڏني. ٽي جولاءِ لائيبرري قائم ٿيڻ جو ڏينھن ۽ تاريخ آھي جيڪو ھر سال لائيبرري جي سالگرھ طور ملھايو ويندو ھيو جنھن ۾ لائيبرري جي سالانہ ڪارڪردگي، فنڊ جو مڪمل وچور پيش ڪيو ويندو ھيو، انھي تقريب ۾ سھڪار ڪندڙ دوستن کي گهرايو ويندو ھيو ۽ سندن نالو کڻي شڪريو ادا ڪيو ويندو ھيو. لائيبرري جو شروعاتي ماھوار فنڊ 20 روپيہ ھيو جيڪو بعد ۾ 50 رپيه ڪيو ويو. لائيبرري جو فنانس سيڪريٽري عبدالجبار ڏاھري، محنتي ۽ ڪمٽيڊ نوجوان ھيو جيڪو فنڊ جو باقائدي حساب ڪتاب رکندو ھيو. ماھوار فنڊ ھر ميمبر کان ورتو ويندو ھيو، اھو فنڊ اڪثر حامد لاشاري، عبدالجبار ڏاھري، سائين بخش رند وصول ڪندا ھيا ۽ ڪجهہ ميمبرن کان آءُ پاڻ فنڊ وصول ڪندو ھيس جڏھن تہ ڪافي ميمبر پاڻ لائيبرري اچي لئيبررين وٽ ماھوار فنڊ جمع ڪرائيندا ھيا. لائيبرري جو گهڻو عرصو چيئرمين سائين غلام قادر ٻٻر رھيو جيڪو 2001ع ۾ جوھي يونين ڪائونسل جو ناظم ٿيو تہ سندن يوسي پاران مالي سھڪار پڻ رھيو. اھڙوئي سھڪار تعلقہ ميونسپل ائڊمنسٽريشن جوھي جي ناظم بندہ علي لغاري پڻ ڪيو جنھنجو وچور پڻ لائيبرري جي رڪارڊ ۾ درج ٿيل آھي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ مقامي سماجي تنظيم”جارڊن“ پاران تجويز آئي تہ لائيبرري سندن تنظيم حوالي ڪجي تہ بھتر انتظام، سنڀال ذريعي بھتر سرگرميون ڪري سگهجن ٿيون. لائيبرري انتظامي ڪميٽي غور ويچارکانپوءِ انھي تجويز کي مان ڏيندي منظور ڪيو. جارڊن، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري بجاءِ انھي کي ”اڪبر جسڪاڻي رسورس سينٽر“ طور ھلايو. انھي کان پوءِ وري ڪاڇو فائونڊيشن لائيبرري کي سنڀاليو، جنھن کي وري بي ايڇ پي بليٽن جي فنڊنگ ھئي. ھڪ عرصو ھلائڻ کانپوءِ اھا لائيبرري واپس انتطامي ڪميٽي حوالي ٿي، لائيبرري تڏھن مختيار ڪار آفيس آڏو ھڪ ڪرائي جي خانگي جاءِ ۾ ھلي پئي جنھنجي مالڪ ڪجهہ عرصو تہ ڪرايو وڌائڻ جي ڳالھ ڪئي ليڪن بعد ۾ مورڳو جڳھ خالي ڪرائڻ لاءِ چيو ويو ۽ لائيبرري کي تالو ھڻي ڇڏيائين. لائيبرري انتظاميہ، نوجوانن سان گڏجي سرڪار کي لائيبرري لاءِ متبادل جڳھ ڏيڻ لاءِ مھم ھلائي، نيٺ ھڪ ڏينھن ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙو لائيبرري انتظاميہ سان رابطو ڪري مختيارڪار آفيس گهرايو. ڊي سي دادو سليم رضا کھڙو لائيبرري گهمي ڏسڻ کانپوءِ ٻاھر آيو ۽ پڇيائين تہ توھان کي ڪا جاءِ ذھن ۾ آھي تہ ٻڌايو، مون کيس سامھون ٽائون ڪميٽي جي اجاڙ ۽ خالي پيل جاءِ ڏيکاري جيڪا بينظير جي شھادت جي نتيجي ۾ ٿيل وڳوڙ ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ھئي، جنھن تي ڊي سي دادو چيو تہ اھا تہ خراب حالت ۾ آھي ۽ ڪنھن ڪم جي نہ آھي. مون کيس چيو تہ جوھي جو شھر وڏو آھي چندو ڪري عمارت ٺاھينداسين ھن کلي منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي مختيار ڪار آفيس آڏو چاوڙي جي نئين سفيد عمارت ڏي اشارو ڪري چيو تہ لائيبرري لاءِ اھا عمارت ڪيئن رھندي. انڌي ھڪ اک پئي گهري ھي جو ٻيئي اکيون مليون تہ موجود دوستن ۽ پڙھندڙن کڻي ھا ڪئي ۽ موقعي تي موجود نوجوانن سرھائي جو اظھار ڪيو. ڊي سي دادو چيو تہ اڄ ئي ٽپڙ کڻي ويھو، انتظامي ڪميٽي جي سنگت سميت نوجوانن دير ئي نہ ڪئي ۽ لائيبرري نئين عمارت ۾ منتقل ٿي جنھن ۾ ٻہ وڏا ڪمرا، ھڪ اسٽور، ورانڊو ۽ وڏو اڱڻ موجود ھيا، جنھن ۾ نہ صرف شام جو اڱڻ تي ويھي نوجوان اخبار پڙھندا ھيا بلڪہ اتي لائيبرري جا پروگرام بہ ٿيا. سال 2010ع ۾ جوھي ۾ تمام گهڻيون برساتون پوڻ ڪري لائيبرري جي عمارت ڪري پئي ۽ صرف ھڪ خستہ حال حصو بچيو جنھن ۾ ويھي شاگرد ڪتاب ۽ اخبارون پڙھندا ھيا. انھي دوران انتظاميہ سان رابطا ٿيندا رھيا ليڪن ڪٿان آسرو ئي نہ پئي مليو. سال 2008ع کان منھنجي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس دادو بدلي ٿيل ھئي ۽ نوڪري جي مصروفيت ۽ شام جو دير اچڻ ڪري لائيبرري کي وقت نہ ڏئي سگهندو ھيس. لائيبرري جوچيئرمين تہ سائين غلام قادر ٻٻر رھيو ليڪن لائيبرري جي سار سنڀال لائيبررين سان گڏ ڪتابن جي پڙھاڪو نوجوان گلشير پنھور ۽ نوجوان ڊاڪٽر عزيزﷲ لغاري رضاڪارانہ طور ڪئي جنھن دوران غلام قادر ٿھيم ۽ يونس سولنگي پڻ انھي ٽيم جو حصو رھيا. 2010ع ۾ جوھي ۾ پيل برساتن سبب لائيبرري ٿيل نقصان جي پيش نظر، انتظامي ڪميٽي حُڪومتي نمائندن سان مسلسل رابطي ۾ رھندي آئي، آخرڪار 31 آگسٽ 2016ع جي بلدياتي چونڊن ۾ عبدالمجيد جمالي ميونسپل ڪميٽي جوھي جو چيئرمين ٿيو. عبدالمجيد جمالي سان نہ صرف سٺا تعلقات ھيا بلڪہ ھن ۾ جوش جذبو ڏسي مون کيس لائيبرري جي مدد لاءِ گذارش ڪئي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مونکي چيائين تہ لائيبرري جو پروپوزل ٺاھيو آھي سو توھان ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙو کي چئو تہ گهربل مدد ڪري. ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙو پاڻ ادب دوست، پڙھاڪو ۽ پڙھڻ پڙھائڻ جي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ ھيو، ڊي ايڇ او آفيس ۾ ھجڻ دوران ساڻس پوليو ۾گڏ ڪم ڪرڻ معمول ھيو، نتيجي ۾ ساڻس ويجهڙائي بہ ٿي. ڊي سي دادو کي جوھي لائيبرري متعلق چڱي خاصي آگاھي ھئي ڇو تہ سندس مامي، اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙي لائيبرري کي عمارت ڏني ھئي جيڪا ھاڻي ڊٺل حالت ۾ موجود ھئي. ھڪ ڏينھن پوليو جي مھم دوران سندس جوھي اچڻ ٿيو تہ کيس خستہ حال لائيبرري ڏسڻ جي درخواست ڪيم جنھن دوران ميونسپل چيئرمين عبدالمجيد جمالي سان رابطو ڪري کيس ڊي سي دادو پاران دوروڪرڻ بابت ٻڌايم. ٻنھي کي لائيبرري ۾ موجود سھوليتن ۽ سرگرمين متعلق ٻڌايو ويو جيڪي لائيبرري جي خستہ حالي سبب ذري گهٽ معطل ھيون. ڊي سي دادو کي ڳالھ دل سان لڳي سو انھي اسڪيم ٺھڻ ۾ دير ئي ڪونہ لڳي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ڊي سي دادو راجا شاھ زمان کھڙي مونکي فون تي ٻڌايو تہ لائيبرري جي عمارت جون چريون کوٽجي رھيون آھن سو وڃي ڏسو ۽ ڪم ڪار جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا رھو. مان لائيبرري واري جاءِ تي ويس ۽ عمارت جو ڪم شروع ٿيندي ڏسي منھنجي خوشي جي انتھا نہ رھي، ھڪ اھڙو ڪم جيڪو جوھي جي ڪجهہ دوستن 17 سال اڳ گڏجي ھٿ ۾ کنيو ھيو انکي منزل ملي رھي ھئي. جوھي لائيبرري جي عمارت جي تعمير دوران اسسٽنٽ مختيار ڪار جوھي جو بنگلو بہ سامان رکڻ لاءِ لائيبرري انتطاميه کي مليو جنھن ۾ نہ صرف سامان رکيو ويو بلڪہ اتي ھر ھفتي پروگرام بہ شروع ڪيا ويا. سال 2016، 2017ع ۽ 2018ع ۾ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري پاران تمام گهڻيون سماجي، ادبي، تعليمي سرگرميون ٿيون، ھفتيوار ٿيندڙ پروگرامن ۾ دادو، خيرپور ناٿن شاھ، ميھڙ، شاھ پنجو ۽ راڌڻ جا نوجوان پڻ شريڪ ٿيندا رھيا. لائيبرري جي نئين عمارت 2017ع جي آخر ڌاري تيار ٿي ۽ منجهس سامان منتقل ڪيو ويو. انھي لائيبرري کي ميونسپل ڪميٽي جوھي حوالي ڪرڻ وقت ھڪ ”ميمورينڊم آف انڊر اسٽينڊنگ“، ايم او يو بہ صحيح ٿيو، جنھن مطابق لائيبرري جو انتظام ۽ خرچ ميونسپل ڪميٽي ھلائيندي، جڏھن تہ لائيبرري انتظامي ڪميٽي وقت بوقت مشورا ڏيندي رھندي. لائيبرري جو نئون نالو ”اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري جوھي“ رکيو ويو.
سال 1999ع جي 3 جولاءِ تي قائم ٿيندڙ لائيبرري جو پھريون چيئرمين محمد شريف ٿھيم، ٻيون محمد بخش ٿھيم، بعد ۾ غلام قادر ٻٻر ٿيو. انھي دوران انتظامي ڪميٽي جو آءُ سيڪريٽري ۽ عبدالجبار ڏاھري خزانچي ھيا. جڏھن لائيبرري جارڊن حوالي ٿي تہ انجو چيئرمين طارق عالم رند ٿيو، لائيبرري انتظامي ڪميٽي کي واپس ٿي تہ انجو چيئرمين غلام قادر ٻٻر ٿيو جڏھن لائيبرري ميونسپل ڪميٽي جي حوالي ٿي تہ انھي وقت لائيبرري عبدالفتاح جوکئي جي نظرداري ھيٺ ڪم پئي ڪيو جڏھن تہ ميونسپل ڪميٽي وٽ ”ايم او يو“ صحيح ڪرڻ وقت عبدالفتاح جوکيو، سائين غلام قادر ٻٻر ۽ آءُ شامل ھئاسين. لائيبرري جو شروعاتي لائيبررين، ڪافي سالن تائين حامد لاشاري رھيو جڏھن تہ ان کانپوءِ وقار سرھيو، محمد بخش مستوئي، ساجد جوکيو، حسن ٿھيم، لائيبرري جي سار سنڀال ڪئي. الھورايو سومري پڻ لائيبرري ۾ گهڻو عرصو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڏکئي حال ۾ لائيبرري جي ڪم کي ڏسندو رھيو، ڄاڻايل سڀني نوجوانن ذري گهٽ رضاڪارانہ طور لائيبرري جي سار سنڀال ڪئي.
اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ۾ جڏھن ھفتيوار پروگرام شروع ٿيا تہ سنڌ ۾ پنھنجي مدد پاڻ ھيٺ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ انھي کي پذيرائي ملي. لائيبرري ۾ سھيل سانگي، شبير نظاماڻي، قربان بلوچ، اسحاق مڱريو، پروفيسراعجازقريشي، ظفر جوڻيجو، احسان عرساڻي، جاويد راڄپر، ڊاڪٽر جمن باھوٽو،. ڊِپٽي ڪمشنر راجا شاھ زمان کھڙو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نصرﷲ عباسي، پروفيسر ممتاز قمبراڻي، شاھ زمان ملڪاڻي، طفرﷲ ڏاھري، عاشق سومرو، اياز کوسو سميت ڪافي عالمن، صحافين، ڏاھن ۽ تعليمي ماھرن پاران لاتعداد ليڪچر ٿيا، جن ۾ ادبي، سماجي، سياسي موضوعن سميت سي ايس ايس امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ پڻ سيشن ٿيا. ميونسپل ڪميٽي پاران لائيبرري ۾ ملٽي ميڊيا پڻ فراھم ڪيو ويو جنھن جي نتيجي ۾ مختلف موضوعن تي دستاويزي فلمون ھلايون ويون جن ۾ ڪئناڊا ۾ رھندڙ سڄاڻ دوست، سنڌ ۾ سائنس پڙھو ۽ سائنس پڙھايو جي مھم تي نڪتل نواز سومري پاران ”ڪاسموس“ تي دستاويزي فلم تي ڳالھ ٻولھ پڻ ڪرائي ويئي. دستاويزي فلمن ھلائڻ، ماڊريٽ ڪرڻ ۾ مک ڪردار امجد سومري، عاشق سومري ۽ خادم کوسي جو رھيو. لائيبرري ۾ ”اچو تہ ڪتاب پڙھون“ سلسلي ۾ لاتعداد سيشن ٿيا جن ۾”واءِ نيشنس فيل“، ”اسپاءِ ڪرانيڪلس“، ”قليله و دمنہ“، ”منٽو جون سئو ڪھاڻيون“، ”سر لوھيڙا ڳڀيا“، عزيز ڪنگراڻي پاران ترتيب ڏنل ڪتاب، ”دادو ائٽ گلانس“ سميت لاتعداد ڪتابن تي پر مغز پروگرام ٿيا. لائيبرري ۾ ”پنھنجن جي پچار“ سلسلي ھيٺ جوھي جي پنجن عورتن، پنجن استادن ۽ پنجن آبادگار اڳواڻن سان پڻ مڃتا پروگرام ٿيا. ھڪ نسل آھي جيڪو انھي لائيبرري ۾ پڙھي پروان چڙھيو آھي جنھن کي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري اخبار، ڪتاب، ڪرسي، سميت آشياني جيئن پناھ ڏني. سھڪار ڪندڙ ۽ پڙھندڙن لاءِ سال 2009ع ۾ ھڪ مڃتا پروگرام ٿيو جنھن۾ لائيبرري کي سال 2008ع ۾ نئين عمارت ڏيندڙ ڊپٽي ڪمشنر دادو سليم رضا کھڙي خصوصي شرڪت ڪئي. انھي مڃتا پروگرام ۾ گلشير پنھور کي ”بيسٽ ريڊر“ جو حقدار قرار ڏنو ويو. لائيبرري جي ھڪ سالگرھ تقريب تي سنڌ ۽ جوھي جي سدا بھار شاعر سائين احمد خان مدھوش ”اجمل“ ( اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري) جي قافئي ۽ تڪرار سان ھڪ خوبصورت غزل لکيو جيڪو سائين لائيبرري جي ھڪ پروگرام ۾ پڙھيو ھيو جيڪو سندس لکڻين جي ذخيري ۾ ڪٿي پيل ھوندو جنھن ۾لائيبرري جي لاڀ جونقشو چٽيل آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ميونسپل ڪميٽي جي انتظام ھيٺ ڪم ڪري پئي جنھن ۾ ھاڻي بہ اڪثر شاگرد ۽ نوجوان اچن ٿا، اچڻ وقت حاضري لڳائڻ جي روايت جاري آھي جيڪا مون 26 جولائي تي پڻ ڏٺي ۽ ان ڏينھن لائيبرري اچي صحيح لڳائڻ وارن ۾ مان بہ شامل ھيس انھي ڏينھن تي اياز رند ايڊووڪيٽ جو ليڪچر پروگرام رکيل ھيو. منھنجي پھچڻ وقت ھال کچا کچ ڀريل ھيو ۽ گهڻا نوجوان ھال کان ٻاھر بيٺل ھيا. ان ڏينھن اندازو ٿيو تہ جوھي جي نوجوانن لائيبرري کي سنڀالي ورتو آھي، جن ۾ منير ملاح، منصور ٿھيم، شازم رند، منير مستوئي عرف خاڪ نشين ۽ دانش راجپوت شامل آھن جنکي سائين گل شير پنھور، امين لغاري، وفا برھماڻي، جنيد عباسي، عاشق سومري سميت اڳوڻي ميونسپل ڪميٽي چيئرمين عبدالمجيد جمالي جھڙن ماڻھن ۽ نوجوانن جو سھڪار ۽ دست شفقت حاصل آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري 26 سال پورا ڪري ستاويھين سال ۾ داخل ٿي ويئي آھي، لائيبرري جي گيٽ ٻاھران گل ٻوٽا ڦوٽھڙو ڪري وڌي ويجهي رھيا ھيا جيڪي جوھي جي زندہ جاويد ھجڻ، مشڪل حالتن ۾وڌڻ ويجهڻ جي علامت محسوس ٿيا ۽ اھو پيغام ڏين پيا تہ جوھي ۽ جوھي جي نوجوانن جا خواب مرڻا ناھن. اڃا بہ ائين چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ انھي لائيبرري ۾ جوھي جي نوجوانن جي دلچسپي نہ ھجي ھا تہ اھا لائيبرري گهڻُو عرصو اڳ بند ٿي وڃي ھا. اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جو ڪو اڪيلو ماڻھو، ڪا اڪيلي ڪميٽي، ڪا اڪيلي تنظيم مالڪ نہ ھئي، بلڪہ جوھي جا سڀ نوجوان، سمورا ساڃاھ وند، لائيبرري جو پاڻ کي مالڪ، لائيبرري کي پنھنجي ملڪيت سمجهندا رھيا جنھن لائيبرري کي بند ناھي ٿيڻ ڏنو ۽ شايد جوھي جي مخصوص مزاحمتي ڪردار بہ انھي لائيبرري کي زندہ جاويد رکيو آھي. اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائيبرري جو قيام، انجي ڦوھ جواني کي رسڻ ۽ سال 2010ع ۽ 2022ع واري ٻوڏ خلاف وڙھي ويل ”رنگ بند تحريڪ“، جوھي جي ساڃاھ جي قابل فخرميراث ۽ جوھي جي شاندار مزاحمت جو آئينو آھي جنھنجو ڪريڊٽ کڻڻ ھر جوھي واسي کي سونھين ٿو.