آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي جو مزاحمتي، ادبي، ثقافتي، صحافتي منچ

سال 1988ع کان 1995ع جي وچ ۾ منھنجي زندگي منھنجي ذات جي روايت کان مختلف ڊگر تي ھلي پئي. سياست جي ڀڃ ڊاھ، جنھن تنظيم سان منھنجو تعلق ھيو انجو ويھي وڃڻ، ذاتي گهرو مسئلا غربت سان جنگ، مونکي پنھنجي ذات ۽ خاندن ۾ گم ڪري ڇڏيو ۽ منھنجو ڪردار پنھنجي ذات ۽ پنھنجي پيشہ جي ماڻھن سان ئي اٿڻ ويھڻ رھيو. ليڪن سال 1995ع جي ٻوڏ کانپوءِ لڳندڙ ٿائيرائيڊ جي مرض ۽ 2000ع ۾ شوگر جي بيماري مون وٽ اھو سوال کڻي آيا تہ ڇا منھنجي زندگي اھا ھئي جيڪا مون گذاري، اھو تہ ھاڻي بيمار رھي مونکي اڌ ماڻھو ٿي رھڻو آھي ۽ ھڪ ڏينھن مري وڃڻو آھي. ائين ھڪ ڏينھن پاڻ سان ڳالھائيندي ذري گهٽ 10 سالن جي وقفي کان پوءِ سياسي سماجي دنيا ۾ واپس موٽي آيس. جوھي ۾ انوقت سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ”سگا“ سرگرم ھيون، انھن ٻنھي ۾ منھنجي واپسي کي مقصد وري1999ع ۾ لائيبرري جي قيام ڏنو، پنھنجي ھمعصر دوست، ساٿي اڪبر جسڪاڻي جي ناگھاني موت ھڪ نئون سبق ڏنو. جنھن حلقي ۾ ۾ منھنجو اٿڻ ويھڻ ھيو انھن جي ساٿ سان سال ۾ ھڪ ڀيرو لائيبرري جي سالگرھ، ھڪ دفعو اڪبر جسڪاڻي جي ورسي ٿيڻ لڳي. جوھي اچڻ کان اڳ منھنجو واسطو ڪميونسٽ پارٽي جي اقليتي ڌڙي سان ھيو جيڪو اڳتي ھلي قومي انقلابي پارٽي بڻيو جيڪا نہ ھلي سگهڻ سبب آھستي آھستي بي عمل ٿي ويئي ۽ ائين مان بہ سياسي طور بي عمل ئي رھيس. انھي دوران ڪميونسٽ پارٽي ۽ انجي محاذن جي دوستن سان ميل جول پيو ٿيندو ھيو. سياست کي نئين سر پڙھڻ ۽ سمجهڻ دوران منھنجو واسطو طبقاتي جدوجھد جي دوستن سان ٿيو جيڪي دادو، ڀان، خيرپور ناٿن شاھ ۾ سرگرم ھيا. لائيبرري ٺھڻ کانپوءِ، روزاني ڊان سميت ڪيئي انگريزي اخبارون ڏسڻ جو موقعو ملندو ھيو. انھن ڏينھن ۾ ڊان سميت ڪجهہ انگريزي اخبارن ۾ ليون ٽراٽسڪي جي آتم ڪٿا تي لکيل ڪتاب” منھنجي زندگي“ تي ڪافي تبصرا شايع ٿيا. ڪتاب تي تبصرا پڙھي اھو ڪتاب مون بہ گهرائي پڙھيو. اھو ڪتاب پڙھي انھي تي تبصرو پڻ لکيم جيڪو ڪوشش اخبار ۾ شايع بہ ٿيو. ڪجهہ نہ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ ڪرڻ جي ھر کر جي نتيجي ۾ فيصلو ڪيم تہ ڪنھن نہ ڪنھن سان جڙيل ھجڻ گهرجي ائين طبقاتي جدوجھد سان واڳجي ويس. انھي تنظيم جوھي جي سياست ۾ سياسي آگاھي ڏيڻ ۾ چڱو ڪردار ادا ڪيو. جوھي جي سياست ھونئن تہ پيپلزپارٽي جي ھٿ ھيٺ رھي آھي ليڪن 2008ع کان پوءِ مسلسل اقتدار ۾ رھڻ سبب جوھي جي سياست جو مزاحمتي رنگ سدائين ان جي مخالف ڌرين وٽ رھيو جنھن ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد ۽ مزاحمت اھميت جوڳو رھيو. انھي جدوجھد جا سرواڻ شينھن رند، بشير ٿھيم، پيارو خان روستماڻي، امام علي روستماڻي، ميرمحمد لغاري، ميھر گاڏھي، قادو لنڊ ۽ سندن آبادگار ساٿي رھيا انھي مزاحمت ڪاري ۾ حُڪومت مخالف تنظيمن سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن شامل رھيا ۽ حڪومتي ڌر کي ساھ کڻڻ نہ ڏنائون. انھي مزاحمت جوھي جي روڊن رستن تي جدوجھد کي زندھ رکيو جيڪا وري گهڻو تڻو علامتي رھي، مزاحمتي تحريڪ کي جوھي جي صحافت پڻ مھميز ڏني جنھن ۾ روزاني ڪوشش، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، ايڪسپريس اردو، عوامي آواز، تعمير سنڌ، سميت سنڌي ۾ نڪرندڙ اخبارن، رسالن جي رپورٽرن جو اھم ڪردار رھيو آھي. 2010ع جي ٻوڏ دوران ڪاوش ۽ انجي رپورٽر جي خبرن جي ٻيگهي متل رھي ۽ ڪاوش جوھي جو رپورٽر حاڪم لغاري بي بي سي تائين جوھي جي ٻوڏ جو ڪيس رکندو رھيو، ڪاڇي ۾ چمڙي جي بيماري ”ليشميينياسز“ ڪر کنيو تہ روزاني ڪوشش جي رپورٽر اشرف امر لاشاري ”ھل واھي“ جھڙي اسٽوري لکي عوامي مفادن جي مالڪي ڪئي، ائين جوھي جا مسئلا کڻڻ سبب کاھوڙي صحافي وفا برھماڻي جي پورھئي سان سنڌايڪسپريس جوھي جي تمام وڏي اخبار ٿي سامھون آئي. جوھي مان ڪافي نوجوان صحافي اسلام آباد، لاھور، ڪراچي، حيدرآباد ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ رھي ڪري جوھي جي مزاحمت ۾ پنھنجو حصو وجهندا رھيا ۽ جوھي جي زندگي ۽ موت جھڙن مامرن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھيا. جوھي جي صحافتي منچ کي ماضي ۾ مينھون خان کوسو، توقير عالم، نواز علي رند، عثمان جمالي، غلام قادر ٿھيم، غلام رسول ٿھيم مچايو ھيو جنھن کي اڄ جو نئون نسل موجود حالتن ۽ گهرجن ھيٺ مڃائيندو اچي پيو. جوھي جي صحافت نہ صرف جوھي ۾ ٿيندڙ سرگرمين کي اجاگر ڪيو، بلڪہ مقامي وڏيرن ۽ مفاد پرست سياست جي ارھ زوراين کي پڻ وائکو ڪيو آھي جيڪو جوھي جھڙي ڏاڍ مڙسي واري ماحول ۾ اوکو ڪم آھي. اھڙي اوکي ڪم ۾ روزاني ڪوشش جي رپورٽر، ايم بي ٻٻر جو اخبار سميت گاج نيوز ۾ ادا ڪيل ڪردار نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ وجهڻ جھڙو رھيو. سوشل ميڊيائي صحافت ۾ اسلم سومري جي سوشل ميڊيا چئنل ”سنڌ آءِ“ مقامي معاملن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪمال جو ڪم ڪيو جنھن جي چئنل جا ھزارن جي تعداد ۾ فالوئرس انجي اھميت ۽ لوڪ پذيرائي جو داستان ٻڌائين ٿا.
جوھي ۾ منھنجي ادبي سرگرمين ۾ شرڪت جو سھرو سائين بخش رند جي سر تي آھي، جنھن ادبي پروگرامن ۾ مدعو ڪري ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو ۽ منھنجي سنڌي ادبي سنگت جي دوستن نقاد ٿھيم، جاني ملاح، لياقت علي لياقت سان ڊيگه ڪرائي جنجا اڳ وارا تعلق گهڻي قدر ويجهڙائپ وارا نہ ھيا. ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ ڳالھائڻ کان اڳ شاگردي واري دور ۾ مونکي تقرير ڪرڻ بہ نہ ايندي ھئي. اھي سڀ دوست شام جو منھنجي ڪلينڪ تي ويٺا پروگرامن جو سٽاءُ ڪندا ھيا. ان وقت ادبي سنگت مٿي ڄاڻايل چئن دوستن جي اردگرد ڦري پئي. سنڌي ادبي سنگت منڇر تي زوردار سيمينار، لياقت علي لياقت، طالب لغاري، جاني ملاح جي شاعري تي ويھڪن سيمت ڪافي پروگرام ڪرايا. انھي دور ۾ ئي جوھي ۾ وليج شاد آباد، جارڊن، سجاڳ سنسار، ڪاڇو فائونڊيشن، چائلڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي دوستن سان ويجهڙائي ٿي.
جوھي جو ادبي منچ پنھنجي ھڪ تاريخ رکي ٿو جيڪا ڪافي پراڻي آھي. احمد خان مدھوش شاعري جي دنيا جو شھسوار ٿي اڀريو. سندس غزل ”جڏھن کان چاڪ ڪئي دل تو تڏھن کان چاڪ ٿي ناھي“ سميت لاتعداد غزل لوڪ پسند ٿيا. محمد ھاشم سومرو ”نجار“ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھيو، عربي ٻولي ۾ ”نجار“ مان مراد ڊکڻ آھي، جيڪو سائين ھاشم سومري جو اباڻو پيشو ھيو. محمد ھاشم سومري جي ”ممتاز“ جي تخلص سان ”نئين زندگي“ رسالي ۾ پڻ شاعري ڇپندي رھي. سائين الھورايو ”عقاب “ پنھور جي طنزيہ شاعري مشھور ھوندي ھئي، ھن ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيون، جوھي جي زورآور شخص ٻانھي خان ٻبر جي ڪردار تي ڪھاڻي لکيائين جنھن ۾ ﷲ کي مخاطب ٿيندي ٻانھي خان کي سڌارڻ جي استدعا ٿيل ھئي، سائين الھورائي جي دوستن ۾ مزو وٺي انھي ڪھاڻي جو ذڪر ڪيو ويندو ھيو. سال 1962ع 1963ع دوران محمد ھاشم ”ممتاز“ سومري ۽ احمد خان مدھوش جي ڪوشش سان ھڪ ادبي ويھڪ” انجمن آفتاب ادب“ جي عنوان سان پڻ ٿي جنھن ۾ اديبن، شاعرن، ساڃاھ وندن، پنھنجون لکڻيون ونڊ ڪيون. ان وقت استاد محمد ڇٽل رند، محمد ڇٽل ”مشتاق“ جي تخلص سان شاعري ڪندو ھيو اسانجو دوست ڊاڪٽر علي رند ڪوشش ڪري تہ ڪٿي نہ ڪٿي کيس پنھنجي والد سائين محمد ڇٽل رند جي پراڻن ڪتابن ۽ ڪاڳرن ۾ اھا شاعري ضرور ملندي. 1962ع ۾ ايوب کھڙي جي نظر ڪرم ھيٺ سنڌ نيوز اخبار نڪرندي ھئي، جنھن جي ”ٻارن جي ٻاري“، صفحي ۾ ڊاڪٽر علي نواز سومرو مختصر ڪھاڻيون لکندو ھيو. ڊاڪٽر علي نواز سومري شاعري پڻ ڪئي، جيڪا سندس چواڻي رسالي روح رھاڻ ۽ سوجهري ۾ شايع ٿي. سال1964ع ۾ جوھي جو ادبي منچ واضح طور ترقي پسند وطن دوست ۽ پراڻ پرست روايت پرست ۾ ورھائجي ويو، جڏھن سائين احمد خان مدھوش بزم فيض بخشاپوري سان جڙيو. ترقي پسند وطن دوست لڏي ۾ ڊاڪٽر علي نوازسومرو، محمد بخش پنھور، اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، غلام قادر ٿھيم، سڪندر سرواڻ، عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند سميت ادبي سنگت جي روايت شامل ھئي، جڏھن تہ قدامت پسند سوچ يعني بزم فيض سان سائين احمد خان مدھوش سلھاڙيل ھيو، بزم فيض بخشاپوري جي فڪر جون پاڙون محمد بن قاسم جي ورثي سان سلھاڙيل ھيون. ڪجهہ عرصي کانپوءِ سائين احمد خان مدھوش بہ ادبي سنگت جي سٿ سان سلھاڙجي ويو. ستر جي ڏھاڪي ۾ جڏھن جوھي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کلي تہ انھي جو پھريون سيڪريٽري راھي چنا ٿيو، جيڪو پاڻ بہ ڀلوڙ شاعر ھيو راھي چنا جو نظم، ”اچو اچو ۽ اچو، مشعل مان ٻي مشعل ٻاريون، سورج کي رستو ڏيکاريون“ ڪافي مشھور ٿيو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان محمد بخش ٿھيم، غلام قادر سومرو عرف ھوچي منہ، جوھي جي ادبي کيتر ۾متحرڪ رھيا. ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياسي اڀار دوران جوھي واسي بخشل مڱڻھار بہ عوامي شاعر طور سامھون آيو جنھن، “ ذوالفقار، ڌو ڀار، ڪيل اقرار پاريندو. . . !“ جھڙي شاعري ڪئي جنھن جي جواب ۾ ٻيڙي ڪاريگر ۽ مزاح جي بادشاھ ميرڻ کوسي پيروڊي ٺاھي تہ، “ بخشل وڃي سڏايم، ڪُتن اچي ورايم“. اھڙي پيروڊي ٻيڙي جي ڀانڊن ۾شاعرن تي ٿيندڙ پيروڊي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سنڌي ادبي سنگت جي سفر ۾ اڪبر جسڪاڻي، عزيز ڪنگراڻي خلاف ڪردار ڪشي مھم ھلائي ويئي ۽ مٿن فتوائون پڻ جاري ڪيون ويون ليڪن اھڙيون حرڪتون، مستقبل جي نويد بڻيل وطن دوست فڪر آڏو بيھي نہ سگهيون. اڪبر جسڪاڻي جي موت کان پوءِ جوھي ۾ ھر سال گهٽ ۾ گهٽ چار پروگرام ضرور ٿيندا رھيا جن ۾اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جي سالگرھ، اڪبر جسڪاڻي جي ورسي تہ باقاعدگي سان ٿيندا رھيا، جن لاءِ سھڪار جو طريقہ ڪار اھو ھيو تہ خرچ جو سمورو وزن اڪبر جسڪاڻي جي دوستن تي رکيل ھوندو ھيو ۽ باقي ڪم ڪار پاڻھي ٿي ويندو ھيو.
ملڪ ۾ 1977ع ۾ مارشلا لڳو تہ سنڌ جي پڙھيل ماڻھن 1981ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ”سگا “ ٺاھي جنھن جي شاخ جوھي ۾ بہ قائم ٿي. سگا جو پھريون صدر محمد بخش پنھور ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر علي نواز سومرو ٿيا. سگا جي پليٽ فارم تان سال 1983ع ۾ تعلقه اسپتال جوھي ۾ اکين جي ڪئمپ ھڻائي ويئي، جنھن ۾ ذري گهٽ اڍائي سئو اکين جا آپريشن ٿيا. انھي فلاحي ڪم ۾ جوھي نوجوان تنظيم ”جنت“، پڻ ھٿ ونڊايو. سنڌي ساڃاھ وندن جي سگا ذريعي ٿيندڙ زوردار سرگرمي مان خطرو محسوس ڪندي 1983ع ۾ جنرل ضياءُ انھي تنطيم ۾ سرڪاري ملازمن جي ميمبر ٿيڻ تي بندش وجهي ڇڏي، جنھن کانپوءِ سگا ذري گهٽ بي عمل ٿي ويئي ليڪن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت اچڻ سان انھي تان پابندي ھٽائي ويئي. سگا جوھي جو مک ڪم روشن تارا اسڪول ھيو جنھنجو چيئرمين ڊاڪٽر علي نواز سومرو ۽ غلام قادر ٻٻر رھيا، منھنجون پنھنجون ٻئي نياڻيون ڪنول ۽ صبا روشن تارا اسڪول جوھي ۾ پڙھيون. اسان واري سنگت ۾ اڪبر جسڪاڻي سميت شريف ٿھيم، سائين بخش ۽ مون پڻ سگا ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انھي جي برانچ عھدن تي اليڪشن وڙھياسين. شريف ٿھيم کي سگا جي صدارت ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھيو جنھن لاءِ ھو اليڪشن بہ وڙھيو ليڪن سگا ۾ استادن جي عددي اڪثريت شريف ٿھيم کي ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏنو. جوھي جي سماجي منچ ۾ وليج شاد آباد، جارڊن، ڪاچو فائونڊيشن، سجاڳ سنسار، چائلڊ ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن، ڪاڇو بچايو تحريڪ، ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جو ڪم بہ رھيو، جن نہ صرف سماجي ڪمن ڪارين، بلڪہ ادبي آگاھي جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وڌو تہ ثقافتي منچ کي پڻ مچائي رکيو. وليج شاد آباد آرگنائيزيشن، لياقت علي لياقت، يامين غمگين ٻٻر جا شعري مجموعن جا ڪتاب ڇپرايا ۽ انھن تي پروگرام سميت ڪيترا موسيقي جا پروگرام ڪرايا ۽ 2007ع ۾ گورک ميلو ڪرايو جنھن ۾ پوري سنڌ مان ماڻھو ڪٺا ڪيا ويا. سجاڳ سنسار آرگنائيزيشن آرٽ، موسيقي ۽ نون فنڪارن کي اڳتي آڻڻ ۾ ڪافي ڪم ڪيو. سائين بخش رند جي ڪھاڻين جي مجموعي” ڪارو پاڻي“ تي ويھڪ ڪرائي جنھن ۾ ڪراچي مان مشھور ليکڪ رئوف نظاماڻي ڪھي آيو. ڪاڇو بچايو تحريڪ، سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر عبدالحميد آس ٻٻر سان ھڪ تاريخي رھاڻ رچائي جنھن ۾ امداد حسيني، اسحاق سميجي ۽ فاروق سومري شرڪت ڪئي. ائين لياقت علي لياقت سان پڻ زبردست محفل ڪئي ويئي جنھن ۾ حاڪم علي شاھ، حفيظ ڪنڀر شرڪت ڪئي. ڪاڇو بچايو تحريڪ، ڪاڇي ڪنڌي جي مشھور شاعر طالب لغاري سان شام ملھائڻ سميت ڪيئي مچ ڪچھريون ڪرايون. جارڊن اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري کي سنڀاليو ۽ انجا اخراجات برداست ڪيا ائين ڪاڇو فائونڊيشن پڻ لائيبرري کي سنڀالڻ اڳتي وڌائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. سماج ڪاري ڪندڙ انھن تنظيمن ۾ شامل دوست وري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري جي ڪم ۾ سھڪاري رھيا. بلڪہ ھڪ وقت اھڙو بہ آيو تہ لائيبرري جي انتظامي ڪميٽي ۾ ڄاڻايل سماجي تنظيم جا دوست پڻ شامل رھيا.
جوھي جو ثقافتي منچ مچائڻ ۾ مک ڪردار تہ سجاڳ سنسار جو رھيو ۽ ڪوشش رھي تہ فن، فنڪار، ٿيئٽر جي حوصلہ افزائي ڪجي. جوھي جي ھڪ نوجوان حامد لاشاري پڻ آرٽ ڪلبن جي پليٽ فارم تان مختلف وقتن تي اسٽيج ڊراما ڪرايا جنھن ۾ حڪيم غلام قادر سومري جا ڊراما قابل ذڪر آھن. ان سان گڏ فن جي دنيا جي شخصيتن، استادن سان مڃتا پروگرام ڪيا ويا . جنھن ۾فنڪارن، آچرمشڪري، نزاڪت فقير، استاد مجنون، ديدار مڱڻھار، ملنگ فقير، ادبي شخصيتن احمد خان مدھوش، طالب لغاري، خليل عارف سومرو، شمن لاشاري، مير محرم لغاري، اشرف امر لاشاري، محرم راز سومرو، گلزار لاشاري، تعليم جي دنيا جي اھم شخصيتن احمد خان لاشاري، ظفر ﷲ ڏاھري، جيئندو خان کوسو، سماجي شخصيتن الھيار رودناڻي، رياض چانديو، حڪيم غلام قادر سومري سان رھاڻيون رچايون ويون. ٿيئٽر ڊراما لکڻ وارن ۾ وري حڪيم غلام قادر سومري جو ڪم ڳڻائڻ جھڙو آھي، جنھن کي توڙي جو سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ شوبز ۾ جاءِ نہ ملي ليڪن ھن لوڪل ٿيئٽر ۽ ڊرامي ۾ پاڻ ملھايو. ائين آرٽ جي دنيا ۾ ماضي جي ھڪ زبردست آرٽسٽ غلام محمد سولنگي جو يادگار ڪردار پڻ آھي جنھن حڪيم غلام قادر سومري سان گڏجي جوھي ۾ ٿيئٽر ۽ ڊراما ڪيا. غلام محمد سولنگي مزاحيہ شاعري پڻ ڪئي. سوشل ميڊيا ۽ شوبز جي دنيا ۾ اصغر کوسو ڪافي مشھور ٿيو۽ اياز ڀٽو پڻ مزاح جي دنيا جو اھم نالو ٿي اڀريو. سنڌ جي لوڪ ساز چنگ وڄائڻ ۾ مرحوم ماستر قيصر باھوٽي جو نالو پڻ ياد رکڻ جھڙو آھي.