آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

سائين بخش رند، هڪ منفرد ڪھاڻيڪار

سائين بخش رند گُذريل 23 فيبروري تي خوفناڪ بيماري سان جهيڙِندي هي دنيا ڇڏي ويو ۽ هاڻي سندس چاليھو ٿي رهيو آهي. سائين بخش رند ڪمال جو شخص هو جنھن جا تمام گهڻا تعارف آهن هو هڪ بھترين استاد هو، ڪمال جو ڦوٽو گرافر هو، ماضي جي انقلابي سياست جو هڪ سرگرم ڪردار هيو، جوهي جي لڳ ڀڳ چاليھ سالا ادبي، سياسي، سماجي سرگرمين جي جان بہ هيو، نوجوانن ۽ خاص طور شاگردن جي غيرنصابي سرگرمين ۾ هو اتساه ڏيندڙ هي، بھترين ڪالم نگار سان گڏ ڪنھن بہ تصوير کي چند سٽن ۾ بيان ڪرڻ ۾ کيس خاص ڏانءُ حاصل هيو. هو زبردست ۽ نرالي سڀاءُ وارو ڪھاڻيڪار هيو ۽ بحيثيت ڪھاڻيڪارئي اڄ جي ڪالم جو موضوع بہ آهي.
سائين بخش رند جي سنڌي ٻولي تمام سگهاري هئي انجو هڪ ڪارڻ ادب، سياست ۾ سندس گهري دلچسپي ۽ غيرمعمولي مطالعو آهي. هن جي لکڻي جا موضوع حقيقت جو ڏِک پيا ڏيندا هئا انجو سبب وري سندس غيرمعمولي مشاهدو هيو.
سائين بخش هونئن تہ تمام گهڻو لکيو آهي ليڪن سندس ڪھاڻين جو صرف هڪ مجموعو ڪارو پاڻي جي نالي سان 2005 ۾ اچي سگهيو. توڙي جي سائين بخش رند جي ادبي ۽ قلمي پورهئي کي صرف انھي ڪتاب ذريعي تورڻ انصاف نہ ٿيندو ليڪن انھي ۾ شامل 15 ڪھاڻيون ٻُڌائين ٿيون تہ هو ڪيڏو نہ ڪمال جو ليکڪ هيو. هنجي ڪھاڻين جا موضوع عام زندگي جا موضوع هوندا هيا جنمان سماج جي اونچ نيچ ۽ انجون برايون جهلڪا پيون ڏينديون هيون .
ڪتاب ”ڪارو پاڻي “جي پھرين ڪھاڻي”دردمندي جو ديس“ جو موضوع ڪاڇي ۾باز جو شڪار ڪندڙ عرب شڪاري ۽ انسان جهيڙيندڙ ڪاڇي جو پڙهيو لکيو نوجوان آهي جيڪو سنڌ سميت ملڪ ۾ جاري سياسي هلچل کان متاثر ٿي عرب واٺن سان جهيڙي ٿو، تڪرار ڪري ٿو ۽ انھن موضوعن تي ڳالھائي ٿو جنتي انھن سان ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھو جو ڳالھائڻ ڪنھن گناه ڪبيره کان گهٽ ڪونھي. ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي ”گٽر جو ڍڪڻ“ ۾ ڪھاڻيڪار سماج جي ٻُوث تي پاتل ماسڪ کي چيري ڦاڙي ٿو ڇڏي جنھن مان ايس ڊي او قاسم شاه جو بدبودار چھرو ظاهر ٿئي ٿو ۽ خبر پوي ٿي تہ ڪيئن سعيد جھڙا نوجوان ۽ سادا ماستر ڪامورن هٿان مسلسل بليڪ ميل ٿين ٿا. ڪتاب ۾ هڪ ٻي ڪھاڻي ”پوياڙي جا پاڇا“ آهي جنھنجو موضوع پنھنجا ڳوٺ ڇڏي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لا۽ ڪراچي جو رخ ڪندڙ مختيار سميت لاتعداد اهي نوجوان ۽ انھن جي ڇڙهائپ واري جيون ڪٿا آهي جيڪي ڪراچي جھڙي شھر جو رُخ انڪري ٿا ڪن تہ جيئن پنھنجي گهر وارن جي زندگي جو گاڏو گهلڻ ۾ مدد ڪن ليڪن ٿئي ائين ٿو تہ اهي پنھنجو پاڻ ئي پيٽ ڀري ماني نٿا کائي سگهن ليڪن جڏهن ڪنھن پاڙي واري تي مھل اچي ٿي تہ انجي مدد کان نٿا ڪيٻائن ۽ جتي وري اتفاق سان محبت جون ڪھاڻيون بہ جنم وٺن ٿيون. موضوع جي حساب سان رونءُ رونءُ ڪانڊاريندڙ ڪھاڻي ”ٻُسي ٻانھن “به آهي جنھن ۾ تنوير ڊرائيور کي سندس جيپ جي ڪرائي جي مد ۾ جڏهن ڪوئي ادا چوندي سونا ڪنگڻ ٿو آڇي تہ هنکي پنھنجي نوجوان ڀيڻ ياد اچي ٿي جيڪا سونوڪنڱڻ پائڻ جي حسرت کڻي بيماري وگهي وقت کان اڳ ازل جو شڪار ٿي وڃي ٿي. ”رات بہ مينھڙا وُٺا“ موضوع جي اعتبار سان سائين بخش رند جي زبردست ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ميرل هاري مقامي زوراور وڏيري جي برسات ۽ نئين وهي اچڻ جي نتيجي ۾ ڀريل ٻني کي جڏهن ڪوڏر سان پنھنجي ٻني ۾ لوڙهي ٿو تہ لڳي ائين ٿو تہ پوري سماج ۾ وڏيرڪي ڏاڍ کي کاٽ لڳي ويو آهي ۽ هزارين ڪوڏرون، هزارين ڏاٽا اُڀا ٿي وڃن ٿا. ”پاتال جو موتي“ نوجوان صحافي ۽ جديد صحافت جو قصو آهي جيڪو عوام سان جڙيل آهي، جنھن مرڪزي ڪردار جي من اندر ۾ آزادي جي امنگ، ظلم نانصافي خلاف بغاوت جا طوفان آهن جيڪو وڏيرڪي نظام خلاف بہ آهي تہ پاڙيسري ملڪن سان جنگين جي خلاف بہ تہ انھي زرد صحافت جي خلاف بہ جيڪا جنم جنم کان حُڪمرانن جي ڪاسه ليسي ۽ ڏاڍن جي چمچاگيري جي روايت رکي ٿي، جيڪا اشتھارن جي سھاري ئي جيئڻ ۽ مرڻ جي ريت رکي ٿي. اها صحافت عوام جي درد جو درمان ٿيڻ جي جنگ ۾ جوٽڻي تہ جوٽي ٿي ليڪن ظفر جي گهر جوگاڏو گهلڻ جو ڪارڻ نٿي بنجي. هڪ ٻي ڪھاڻي ”اُماوس رات جي ڪارنھن“ ۾ ٻُڌايل آهي تہ ڪيئن ڪنھن لاورث کي ماري پوليس ڪيترن جا وارث پڪڙي عيد جو خرچ ڪڍندي آهي. ”جنازا جنازا زندگي“ان دور جو اولڙو آهي جڏهن ايڊز جو مرض هڪ پراسرار وچڙندڙ ۽ لاعلاج بيماري ۾ ظاهر ٿيو هيو. انھي ۾ گهر جو ڌنوان وڏو ڀاءُ وٺجي وڃي ٿو ۽ ننڍي ڀاءُ کي پنھنجي جنسي بي راه روي مان اهو اچي گمان ٿئي ٿو تہ هو بہ انھي موتمار، گهراُجاڙ ايدز ڪلب جو ميمبر بنجي ويو آهي ۽ پوءِ پنھجي نوجوان ڀائٽئي لاءِ سوچي ٿو جنھنکي وقت کان اڳ پنھجي پيءُ ۽ چاچي جي گهر جا بار کڻڻا آهن. ”نذراني جي پيتي“ڪھاڻي جي صورت ۾ ليکڪ جي سماج تي هڪ چٿر آهي جنھن ۾ هڪ گادي نشين رشوت ۾ ٿاڻي جي نئين صوبيدرا کي ڌاڳي ڦيڻي جي بھاني زنجيرن ۾ ٻڌل هڪ نوجوان چوڪري آڇي ٿو ليڪن هڪ رات اڳ ساڳي پوليس عملدار وٽ هڪ اپسرا اچڻ واري ڳالھ متعلق جڏهن اهو انڪشاف ٿئي ٿو تہ اها انھي ئي گادي نشِين جي حق بخشرايل ڀيڻ آهي تہ پوليس وارن جي کل ڪونہ ٿي بيھي، پڙهندڙ پگهرجي ٿو وڃي. ”ڌُريان ئي ڌار“سنڌ جي هڪ مڱڻھار خاندان جو ئي داستان آهي جيڪو پنھنجي سموري ڪٽنب سميت ڳوٺ جي وڏيري جي خدمت ڪري ٿو ليڪن سونھارو فقير مڱڻھار جڏهن مري ٿو تہ انجي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻ ۾ وڏيري کي تپ چڙهي وڃي ٿو. ڪتاب جي آخري ڪھاڻي ”ڪارو پاڻي“ آهي جيڪا سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جي منڇر جي بحالي جي اها جدوجھد آهي جنھن بيوس سنڌ ۾ اهو سڏ ڏنو آهي تہ ساڃاه جڏهن سندرا ٻڌندي آهي تہ جوهي ادبي سنگت ٿي پوندي آهي ۽ سائين بخش رند، عزيز ڪنگراڻي، جاني ملاح ۽ نقاد ٿھيم جا ڪردار عيسو ۽ خانو ملاح ٿي پنھجي منڇر جي بحالي جو نعرو ٿي پوندا آهن.
سائين بخش رند جي ڪھاڻين جا موضوع ئي طاقتور ناهن بلڪہ اهي جڏهن ڳالھائين ٿا تہ متڀيد واري سماج جي لوڻي تي لپاٽ ٿي لڳن ٿا. ”رات بہ مينھڙا وٺا“ ۾ منظر نگاري ۾ ڇا تہ جان آهي، ”ليڪن تڪليف جي باوجود بہ ميرل ڪوڏر وهائيندو رهي ٿو۽ جڏهن آخري لپو هڻي ٿو تہ هن جي ٻني سان اولھ ۾ بھادر خان جي ڀريل ٻني جو پاڻي تيزي سان هن جي ٻني ۾ وهڻ شروع ٿئي ٿو. هن کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پاڻي بہ اوڏانھن وڃڻ چاهيو پئي. “. ايڊز جي موضوع تي لکيل ڪھاڻي “جنازا جناز زندگي “جو انوکو ڪلائيميڪس آهي، ”شاباس پٽ، شاباس لمبو . . پنھجي نازڪ ڪلھن تي وزن کڻڻ جي مشق هينئر ئي شروع ڪري وٺ ڇو تہ ايڊز جي ڪاري اڏوهي تنھنجي بابا کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ خدا نہ ڪري جيڪڏهن مان بہ انھي ڪاري اڏوهي جي ور چڙهي ويس تہ زندگي جي هن بنواس م تو اڪيلي کي ئي جهيڙڻو آهي. “. ”اماوس رات جي ڪارنھن“ جي شروعات آهي تہ . . ، ” شام کان شروع ٿيل برسات بس ٿيڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو جنھن تيزي سان برسات اوهيرا ڪري آئي هئي ان ۾ ڪمي ضرور اچي وئي هئي شھر تہ روز جي معمول کان گهڻُو اڳ بند ٿي چڪو هيو ليڪن رات جي سناٽي ۽ هلڪي برسات سبب پورو شھر سنسان ۽ پراسرار لڳي رهيو هو نہ رولو ڪتن جا اوناڙ ٻڌڻ ۾ ٿي آيا نہ وري چوڪيدارن جون هوڪرون. پوري شھر ۾اهڙي خاموشي طاري هئي جو برسات جون ڪڻيون، دڪانن جي ڇاپرن، روڊ تي وکريل پنن ۽ ڪچري تي پوڻ جو آواز نہ اچي ها تہ زندگي ۽ دنيا جي جامد ٿي وڃڻ جو گمان ٿئي ها. “
سائين بخش رند جي ڪھاڻي جا موضوع اسانجي سماج جا موضوع آهن ۽ ان سماج خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ وارا بہ هتان جا ماڻھو نوجوان، شاگرد، صحافي ۽ هاري آهن جنکي هن زبان بہ ڏني آهي تہ جوت بہ ڏني آهي جيڪي هر وقت جهيڙيندا ئي رهن ٿا. جيسين هي مت ڀيد جو سماج آهي تيسين اهي جهيڙيندا ئي رهندا، انڪري هنجي ڪھاڻين، انھن جي ڪردارن ۾ جان بہ آهي تہ جوت بہ آهي ۽ اها جوالا بہ آهي جيڪا سائين بخش رند جي ذات ۽ ڏات جو خاصو آهي. سائين بخش رند جي موت کي چاليھ ڏينھن ٿي ويا آهن ليڪن جوهي جي ادبي، سياسي، سماجي چُرپرُ اڄ بہ تڏي تي ويٺل آهي.
سائين بخش رند جي موت سان ابراهيم رند ۽ ڳوٺ ۾ ڊکڻن جي ويڙهي جي اوڀر۾ هڪ گهر جي کٽ خالي ٿي آهي سو تہ سچ آهي ليڪن اها خالي کٽ جوهي ۾ خاص طور ۽ سنڌ ۾ عمومي طور مسلسل وڌندڙ خال کي اڃا وسيع ڪري وئي آهي جيڪا سنڌ جي مزاحمت سان عبارت آهي.
جوهي شھر جي اوڀر ۾ چينجاڻي شاخ جي اولھندي ڪنڌي تي آباد ڳوٺ ابراهيم رند جا رند پنھجي پيءءُ، ماءُ، پٽ، ڌيءُ جي موت تي تڏو ڪندا آهن ليڪن عمومن روئيندا ناهن. 23 فيبروري 2022ع واري شام، حسن درويش جي قبرستان ۾ عجيب منظر ڏٺو. ابراهيم رند ڳوٺ جا ڪجهہ پڪا پوڙها رند بہ ٻارن وانگي ٻاڪاريندي رُنا، ان شام نقصان ڪو وڏو ٿي ويو هيو شايد. . . . !