آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

2022 جي ٻوڏ ۽ وقت سان جهيڙيندڙ سنڌ

منھنجا گهر ڀاتي اباڻي وطن جوھيءَ گهمڻ ويا، ٽن ڏينھن کانپوءِ واپس حيدرآباد پھتا تہ سندن سامان ۾ سرنھہ جي ڪچڙي ڪچڙي ساڳ سان گڏ تازي تازي پالڪ بہ ھئي. ساڳ ۽ پالڪ جي تازي تازي ھُٻڪار پلازا جي ننڍڙي فليٽ کي مھڪايو پئي. ھن مُند ۾ ھر سال جڏھن ڳوٺان ٿي اچبو آھي تہ گهر ڀاتي ائين ئي سرنھہ، ڄانڀي جو ساڳ ۽ باقي سبزيون ترڪاريون کڻي ايندا آھن. ڪاڇو وُٺو آھي انڪري ڪاڇي جي سرنھہ جي تہ توقع ھئي ليڪن سامان جي ڳنڍڙين ۾ پالڪ جو ھجڻ منھنجي لاءِ غير متوقع ھيو ڇو تہ منھنجي گهر جوھي مان ايندڙ پالڪ ۽ باقي ترڪاريون تہ سائين سليمان رند جي ٻنيءَ مان اينديون آھن جيڪا رنگ بند کان ٻاھر ھئي ۽ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ ۽ گپ ھجڻ ڪري اتي پالڪ ٿيڻ جو امڪان نہ ھيو انڪري مون گهر وارن کان سوال ڪيو تہ ڇا ھيل، ڪاڇي ۾ پالڪ بہ پوکي ويئي آھي ؟، جنھنجو جواب مليو تہ اھا پالڪ سائين سليمان رند جي ٻني ۾ ئي ٿي آھي جتان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي جڏھن تہ چينجاڻي شاخ جي اوڀر ۾ ڪڻڪ پوکڻ جي تياري ٿي رھي آھي. جوھي تعلقي جو ذري گهٽ اسي سيڪڙو علائقو ۽ 70 سيڪڙو آبادي ڪاڇي تي مشتمل آھي ۽ جوھي جي مارڪيٽ جي ريل پيل جو گهڻو تڻو دارومدار بہ ڪاڇي جي زراعت سان وابستہ آھي ڪاڇي ۾ ھن وقت جوئر، گوار، ڄانڀو، سرنھن، تر جهجهي مقدار ۾ پوکيا ويا آھن ۽ پڪي ۾ ٻوڏ ھجڻ ڪري گهڻا خاندان ڪاڇي جي ڪکاون گهرن، پنھجي فصل واري ٻني ۾ ئي رھيل آھن. جوھي شھر ۽ انجي باقي ننڍن شھرن ۽ وسندين کي دادو ۽ انڊس ھائي وي سان ملائيندڙ رستا اڃا پاڻي ۾ ٻُڏل آھن ڇوتہ ٻوڏ جو پاڻي ھنوقت بہ ڇنڊڻ يعني ايم اين وي ڊرين جي الھندي ڪڙ سان گڏ منڇر ڏانھن وھي رھيو آھي. سامان سڙو، سبزيون، دوائون، روزمره جو سامان، دادو مان ٻيڙي يا ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي گهرائڻو پوي ٿو جيڪو انتھائي مھانگو پوي ٿو ۽ مھانگو وڪرو ٿئي ٿو. ليڪن جوھي جي زندگي جي آزمائش وارين گهڙين ۾ ڪاڇي جو سرسبز آباد ٿيڻ ۽ ڪجهہ بيراج ايريا ۾ ڪي سبزيون ترڪاريون ٿيڻ ۽ شايد مقامي بوسي طريقي سان ڪڻڪ ٿيڻ جي اميد ڪنھن نعمت کان گهٽ ناھي.
اڄوڪي 31 آڪٽوبر واري سنڌ ايڪسپريس کي انٽرنيٽ تي ڏسندي خيال آيو تہ ڇونہ ٻوڏ ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل سنڌ جي علائقن جون خبرون ڏسجن. سنڌ ايڪسپريس جي ٻئي صفحي تي ذري گهٽ ٻاويھ خبرن ۾ ٻوڏ ۽ انجي پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪا خبر ڪونہ ھئي، جاتي ۾ فلٽر پلانٽ متعلق احتجاج، لاڙڪاڻي ۾ پيرسن جوڙِي جي نياڻي جي مبينہ قتل تي احتجاج، دادو ۾ دوڪان تي مبينہ قبضي، مورو ۾ ڪوٽا تي نوڪريون نہ ملڻ، نصيرآباد ۾ صحافي کان ڦر، خيرپورميرس ۾ بااثر جوابدار خلاف احتجاج، ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني، حيدرآباد ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ۽ باڊھ کي تعلقي جي حيثيت ڏيڻ جون خبرون ھيون جنھن مان اندازو ٿئي پيو تہ سنڌ جو ماڻھو ٻوڏ ۾ برباد ۽ دربدر ٿيڻ باوجود پنھنجي مدد پاڻ ھيٺ پنھنجي روزمره جي ڪرت سان لڳي ويو آھي. اخبار جي بيڪ پيج تي سنڌو دريا جا قدرتي لنگهہ، رستا بحال ڪرڻ جي حوالي سان ميرپور خاص ۾ ٿيدڙ ھڪ سيمينار جي خبر آھي، ھڪ ٻي خبر ٽنڊو آدم شھر مان سانگهر جي ڊپٽي ڪمشنر پاران روڊ جي ڪٽ مان پاڻي نيڪال ٿيڻ واري ھنڌ گُندڙا ھڻي رستو بحال ڪرڻ جي آھي جڏھن تہ اڳئين صفحي تي سنڌ جي وزيراعلي جي بيان جي خبر آھي تہ سنڌ مان 70 سيڪڙو برساتي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي ۽ باقي پاڻي بہ جلدي نيڪال ڪرائي ربيع جو فصل ڪرايو ويندو. انھي خبر سان گڏ اسلام آباد مان خبر آھي تہ ھن سال ڪڻڪ جو پيداواري حدف 28 ڏھائي 37 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو آھي. ساڳي ڏينھن واري انگريزي روزنامي ڊان اخبار ۾ پوئين صفحي تي اھم خبر اقوام متحدہ جي ھڪ اداري جي حوالي سان ھيٺين سرخي طور ڏنل آھي تہ “ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي 98 سيڪڙو زرعي زمين ايندڙ فصل لاءِ تيار آھي انڪري ڪوشش ڪري آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت مھيا ڪئي وڃي. “
ڪجهہ ڏينھن کان چيو پئي ويو تہ سنڌ ۾ ھن سال ڪو بہ فصل نہ ٿيندو تنھن کي سنڌ جي ماڻھن جي حيران ڪندڙ خودرو سرگرمي غلط ثابت ڪيو آھي ۽ اھو انھي ڳالھ کي بہ ثابت ٿو ڪري تہ رياستون ۽ ادارا ٺھڻ کي تہ 200 سال بہ نہ ٿيا آھن ليڪن اھڙين ٻوڏن ۽ برساتن سان منھن ڏيڻ، سنڌ ۽ سنڌ واسين جي جاکوڙ ۽ جدوجھد جُڳن کان ۽ گهڻي پراڻي آھي. سنڌ جو زرخيز خطو اولھ ۾ کيرٿر ۽ اوڀر ۾ ٿر جي صحرا وچ ۾ پنھجي ئي زرخيز لٽ جو تحفو آھي جيڪو سنڌو درياءُ جي ٻنھي پاسي گڏائي 150 کان 200 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ تقريبن پنج کان ست سئو ڪلوميٽر ڊگهو آھي. گُڊو کان مٿي جتان اڄ جي سرزمين سنڌ شروع ٿئي ٿي سو ماڳ سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي سئو فوٽ مٿي آھي . جنھنجو مطلب تہ ايتري ڊيگه ۾ موجود پاڻي کي صرف ساڍا ٽي سئو فوٽ ھيٺ سمنڊ ۾ ڪرڻو آھي تہ پوءِ ايتري معمولي لاھندي ۾ پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ تہ تمام گهڻو وقت وٺندو جنھنکي ھاڻي تہ الائي ڪيترا روڊ رستا وسنديون رڪاوٽ جي صورت ۾ موجود آھن انڪري انھي پاڻي سان نڀائڻ بہ سنڌ سکي ورتل آھي جنھنجا ڳولھا ڦولھا کانپوءِ تاريخ ۾ گس ۽ پيرا ملي پوندا. ڪچو، ڪاڇو، ٿر، ڪوھستان جو ماڻھو سال ۾ ھڪ دفعو ھڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ طرف ويندو پئي رھيو آھي. سانوڻ وسندو آھي، ڪچو ٻڏندو آھي تہ سنڌو جي الھندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو ڪاڇي ۽ ڪوھستان ڏي ھليا ويندا ھئا ۽ اڀرندي ڪچي ۽ ڪنڌي وارا ماڻھو بدين ذريعي ٿر جو رخ ڪندا آھن. سانوڻ ۽ درياءُ ۽ ڪچي ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ اھي ماڻھو درياءُ جي ٻوڏ لھڻ کانپوءِ ڪچو ۽ بيراج علائقو آباد ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي پوکي جي مند ۾ واپس پنھنجي اڳين ماڳن ڏانھن موٽي ايندا آھن. انھي وقت جي سنڌ واسي جا ڪچي ڪاڇي، ٿر ڪوھستان ۾ ڪکاوان گهر ھوندا ھئا جنتي ڪو گهڻو کشٽ ۽ ڪشٽ ڪونہ ٿيندو ھيو ۽ ٿوري لم ٺپ کانپوءِ اھي گهر رھائش لاءِ تيار ھوندا ھئا. ھن دفعي جڏھن برساتي ٻوڏ اچانڪ قھر کڻي آئي تہ ھيڪر ماڻھو روڊن رستن بندن ۽ ٽينٽن ۾ ويھي رھيا ۽ ڪجهہ انتظار بہ ڪيو ويو تہ متان ڪا سرڪاري واھر ٿئي ليڪن اھو سمجهڻ ۾ سنڌ واسين کي ڪو گهڻو وقت ڪونہ لڳو تہ پنھنجي مڙسي نہ ڪبي تہ نہ واپس پنھجي ماڳن ڏي وڃي سگهبو نہ وري ايندڙ فصل ئي ٿي سگهندو ماڻھن پنھنجي مقامي لوڪ ڏاھپ کي ڪتب آڻيندي، پنھجي ماضي ڏي موٽ کائيندي، تاريخ دھرائيندي آسپاس جي ماڻھن، وسندين سان پراڻا رابطا بحال رکيا ھڪٻئي کان معلومات بہ ورتي ۽ سرڪار جي مدد ۽ انتظار ۾ ويھڻ بجاءِ پنھجون ٻنيون، دنگ ھڪٻئي جي مدد سان پاڻي کان خالي ڪيا ويا بلڪہ پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽي پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ جي منصوبه بندي بہ ٿي رھي آھي، جڏھن تہ سنڌ حڪومت اڃا تائين پنھنجون اوليتون طئي ڪرڻ ۾ پوري آھي تہ پھريان روڊ رستا بحال ڪجن، پوءِ پاڻي نيڪال ڪجي، پوءِ زمين جي ريج ھيٺ ٿئي ۽ پوءِ ڪھڙو ۽ ڪيئن فصل ھجي انجي تياري ڪجي.
ھڪڙو سبق ھن ٻوڏ ۾ سامھون آيو آھي تہ جتي عوامي سرگرمي ۾ سگهہ ھئي اتي حُڪومت کي ماڻھن سان گڏ بيھڻو پيو آھي ليڪن جتي صرف ۽ صرف سرڪار تي ڀاڙيو ويو اتي نہ صرف شھر وسنديون ٻُڏيون بلڪہ اتي ھن وقت تائين پاڻي نيڪال نہ ٿي سگهيو آھي. ھن ٻوڏ جي دلخراش داستان خيرپورناٿن شاھ، جهڏو ۽ ٺري ميرواھ شھرن جي آھي. خبرن مطابق 28 آگسٽ جي ڏينھن چند ڪلاڪن جي سرگرمي سان خيرپور ناٿن شاھ جي ماڻھن 32 لک روپيہ چندو ڪري ورتو ليڪن سرڪاري ڪارندن جي ھٿ ھمراھي نہ ڪرڻ ۽ عوامي نمائندن جي غيرسرگرمي جي نتيجي ۾ اھا پھل ڦلدائڪ نہ ٿي سگهي ۽ ذري گهٽ ھڪ لک آبادي جو خوبصورت شھر گندي پاڻي جي ڍنڍ ۾ تبديل ٿي ويو. ليڪن پوءِ خيرپور ناٿن شاھ سکي ورتو جتي غيرمعمولي ۽ ڪمال جي انفرادي توڙي باھمي سرگرمين جنم ورتو نتيجي ۾ خيرپور ناٿن جو شھر ڪافي شھرن کان اڳ روڊ رستي بحال ٿيو آھي انھي ۾ شھرين جي خودرو سرگرمي جو اھم ڪردار آھي ائين ساھتيه پرڳڻي جون جيڪي وسنديون گندي پاڻي مان آزاد ٿي فصل لائق ٿي رھيون آھن انھي ۾ بہ مقامي ماڻھن جو پورھيو ۽ ڦوڙيءَ اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ماڻھو پنھجي حال سارو چندا، ڦوڙيون ڪري گندو پاڻي نيڪال ڪري ربيع جي فصل جي لاءِ زمين تيار ڪري رھيا آھن جڏھن تہ انھي معاملي ۾ حُڪومت جو ڪردار اھو ناھي جيڪو جديد رياست جي دين آھي جيئن اھڙين آفتن جي نتيجي ۾ ڪيوبا سميت ڏکڻ آمريڪا، فلپائين، جاپان ۽ آسٽريليا ۾ ٿيو آھي اھو سڀ ڪجهہ انھي ڳالھ جو مظھر آھي تہ پراڻي پنچائتي نظام، ڀائپي . برادري، پاڙيگيري جي ھاڻي بہ اھميت موجود آھي جنھن کي استعمال ڪري گهڻو ڪجهہ ڪري سگهجي ٿو. اقوام متحدہ جي ھڪ اداري جي مٿي ڄاڻايل رپورٽ مطابق سنڌ جي 98 سيڪڙو زمين فصل لاءِ تيار آھي تہ پوء گهٽ ۾ گهٽ اھو ڪجي تہ جتان پاڻي نڪري ويو آھي اتي ڀڳل واھ ٻڌجن، آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ جي سھولت بہ ڏجي.
2010ع جي ٻوڏ بہ درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ جي ڇھن ضلعن کي تاراج ڪري لکھا ماڻھو دربدر ڪري ڇڏيا ھيا ۽ خيرپورناٿن شاھ شھر تڏھن بہ گندي پاڻي جي ڍنڍ بڻجي ويو ھيو ليڪن پوءِ ماڻھو پنھنجي پيرن تي بہ بيٺا ۽ انھي علائقي ۾ ربيع جي مند ۾ فصل بہ ٿيا جن ۾ انھي علائقي ۾ وسيع پيماني تي تازو وارد ٿيل، سورج مکي جو پيلو فصل تہ نظر ۾ ئي نہ پئي ماپيو ۽ خيرپور ناٿن شاھ جي ھڪ لک آبادي جو شھر زندگي جي بھار سان واسجي ويو ھيو.
ھاڻي بہ سنڌ جا ماڻھو ضرور آباد ٿيندا، سرنھہ جا پيلا گل ڦلھار بڻجي ھر وسنديءَ کي واسي بہ ڇڏيندا ۽ سورج مکي جي پيلي گل ۾ موجود تيل سنڌ جي سينڌ جو سيندور بڻجي کيس خوشحالي جي ھڪ نئين سفر ڏي وٺي ويندو، ڇو تہ ٻُڏي، تري، اٿي، بيھڻ سنڌ جي تاريخ آھي. ليڪن پوءِ اھو بہ ياد رھندو تہ انھي مشڪل، اذيت، آزمائش جي گهڙي ۾ کيس جديد رياست، انجا گهربل وسيلا، انجا ادارا نہ مصيبت کان اڳ خبردار ڪرڻ ۾، نہ دربدري ۾، اٽي لٽي اجهي لاءِ نہ وري، بحالي ۾ ھٿ ھمراھي ٿيا، جنتي ملڪ جي آئين قانون ۽ ماڻھن جي ڀروسي ذميواريون عائد ڪيون ھيون. اھي ذميواريون جنجي نڀائڻ سان قومي قيادت بڻبي آھي ۽ قومون بہ بڻبيون آھن جيڪي دنيا آڏوغيرمعمولي عظيم قوم جو مثال ٿي سامھون اينديون آھن.