آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

مھاڳ

ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين تي ٻڌل ٻئي ڀاڱي "جوهي منجهہ جھان" جي متن تي ٻہ اکر لکڻ کان پھرين ڪجهہ ذڪر جوهي جو ڪجي، جنھن جي ڊاڪٽر حميد سومري جي لفظن ۾ ڪا آڳاٽي تاريخ لکت ۾ موجود ناهي. جوهي لفظ ڪٿان آيو؟ مطلب ڇا اٿس؟ ان جو بہ ڪو مستند اتو پتو موجود ناهي. پر تنھن رڪاوٽ هجڻ باوجود جوهي بابت ڪجهہ حوالن، ڪجهہ قصن ۽ ڪجهہ اندازن آڌار ٻہ ٽي ڳالھيون ڪري سگهجن ٿيون.
مون کي اجازت ڏيو تہ آئون پھرين ڪرشن چندر جو ذڪر ڪريان جنھن جي ڪھاڻي "يرقان" پڙهندي جڏهن جوهي جو لفظ اکين اڳيان آيو ۽ زبان اچاريو تہ خوشگوار حيرت منھنجي چپن تي مرڪ جي صورت وٺي بيھي رهي. ڪرشن چندر، جيڪو اردو فڪشن ۾ ڪھاڻيڪارن مان اعجاز منگي جو سڀني کان وڌيڪ پسند وارو ڪھاڻيڪار آهي. سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ اعجاز مون کان پڇيو هو تہ تو کي ڪھڙا ڪھاڻيڪار وڻن ٿا؟ مون منٽو، چيخوف ۽ موپاسان جا نالا ورتا هئا. ورندي ۾ اعجاز ٻڌايو هو تہ هن کي ڪرشن چندر وڻي ٿو ڇو تہ هن وٽ نياپو آهي ۽ هو پورهيتن جو طرفدار آهي. هن ٻيو نالو چنگيز اعتماتوف جو ورتو هو. اها تہ ٿي ڪنھن جي پسند جي ڳالھ. ڪنھن کي ڪجهہ بہ پسند اچي سگهي ٿو.
مون کي جوهي لفظ بابت ڪرشن چندر جي ڳالھ ڪرڻي آهي. ڪرشن چندر جا انمول افسانا نالي ڪتاب عبدﷲ اڪيڊمي لاهور طرفان 2010ع ۾ ڇاپيو ويو آهي. ڪتاب جي صفحي 91 تي هو شاما نالي هڪ ڇوڪريءَ جي ڪردار بابت لکي ٿو تہ "مون هن کي پھريون ڀيرو باواجي جي باغيچي ۾ ڏٺو هو. هن جوهي جا گل وارن ۾ لڳائي رکيا هئا ۽ پوتيء ۾ گل چونڊي چونڊي رکي رهي هئي.. آه جوهي جا گل." ڪھاڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ آئون جوهي تي سوچڻ لڳان ٿو جيڪا مون کي جاڙڪي ۽ ماتلي جيتري ئي وڻي ٿي. آئون پاڻ کي جاڙڪي ۽ ماتلي سان گڏ جوهي جو بہ ڀاتي سمجهان ٿو. جوهي سان منھنجو واسطو گذريل صدي جي نائين ڏهاڪي جي آخر ۾ تڏهن پوي ٿو جڏهن آئون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان ٿو. عزيز سومرو منھنجو سينيئر آهي، قربان رودناڻي ڪلاس ميٽ ۽ مجيد ٿھيم جونيئر آهن. عزيز سومري جي ماتلي سان دوستي نثار سومري ذريعي ٿئي ٿي ۽ پوءِ ماتلي ۽ جوهي ۾ ڪو فرق نٿو رهي. ٻنھي شھرن جي دوستي کي چوٿون ڏهاڪو هلي رهيو آهي ۽ ڪيتريون ئي پيڙهيون هن دوستي جي سڳي ۾ پوئبيون ان کي سڳنڌ ڀري مالھا جو روپ ڏئي ويون آهن. مون کي لڳي ٿو تہ شايد جوهي تي اهو نالو ان ٻوٽي ۽ ان جي گلن جي ڪري پيو هجي جنھن کي پاڻ وٽ ياسمين، چنبيلي، موتيو جي نالن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جنھن جي اڇن گلن جي سڳنڌ ماڻھو کي محبوب جي ياد ڏياريندي آهي. شايد جتي جوهي آهي، اتي ڪنھن آڳاٽي سمي ان گل ٻوٽي جا باغ هجن ۽ ڇوڪريون انھن جا گل پٽي وارن کي سينگارينديون هجن ۽ نوجوان ڇوڪرا ڀئونرن جيان ڀنڀليا انھن ڏانھن ڇڪبا ايندا هجن. جوهي جي باغن جو ذڪر ڊاڪٽر حميد پنھنجي هن ڪتاب ۾ تہ ضرور ڪيو آهي پر هو اهو ٻڌائڻ کان رهجي ويو آهي تہ جوهي جي انھن باغن ۾ گل ڪھڙا ٿيندا هئا؟ جوهي جي زرخيز مٽيءَ ۾ جوهي جا گل ڪيئن نہ ٿيندا هوندا!
قصي کي تاريخ ڏانھن وٺي هلجي. منھنجي هٿن ۾ اي ڊبليو هيوز جي سنڌ گزيٽيئر جو سنڌي ڇاپو موجود آهي. حسين بادشاھ جي ترجمو ڪيل گزيٽيئر جي صفحي نمبر 320 تي جوهي بابت ڏھ کن سٽون لکيل آهن. هي 1874ع جي جوهي آهي. اي ڊبليو هيوز لکي ٿو، "جوهي سيوهڻ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي دادو ۾ شھر آھي، جيڪو دادو جي اولھ ۾ ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، جيڪو انھي شھر سميت رستي ذريعي ڀان، ڦلجي، ڇني، هئيرو خان ۽ حاجي خان سان بہ ڳنڍيل آهي. اهو اڳي مختيارڪار جو هيڊڪوارٽر اسٽيشن هوندو هو پر هينئر اهو تپيدار ۽ ڪوٽوال جو اسٽيشن آهي، جن مان ڪوٽوال ماتحت مئجسٽريٽ بہ آهي، جيڪو پنھنجي حدن ۾ ايندڙ سمورن مقدمن جو فيصلو ڪري ٿو ۽ مختيارڪار جي روينيو ذميوارين ۾ مدد بہ ڪري ٿو. هتي هڪ ماتحت جيل، ڊاٻو بنگلو، ڌرمشالا، ٽپال گهر ۽ ڍڪ آهي. هتي پوليس چوڪي بہ آهي، جنھن ۾ سورهن سپاهين جي رهائش جي گنجائش آهي، جن مان ٽي سپاهي سوار آهن. رهواسين جو ڪل تعداد 4419 آهي، جنھن ۾ 2637 مسلمان آهن، جن ۾ گهڻائي سيد، ڪوري، خاصخيلي ۽ سومرا قبيلن جي آهي. هندو 1782 آهن، جن ۾ گهڻا لوهاڻا، سونارا ۽ سک ذات وارا شامل آهن. هنن جو مک روزگار زراعت ۽ واپار آهي. هتي ڪنھن بہ اهميت جو ڪو واپار يا دستڪاري نٿي ٿئي."
گزيٽيئر ۾ جوهي بابت ڏنل ڄاڻ منجهان بہ هن ماڳ جي قدامت جو پتو نٿو ملي. ان ڪري پاڻ ان کي آئندي جي مورخ تي ڇڏي ڪتاب تي اچون ٿا. جيئن تہ آئون مٿي شروعات ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان تہ ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو آهي. ساروڻيون جنم ڪٿا نہ، پر ان جو هڪڙو حصو هونديون. ساروڻيون مڪمل آپ بيتي نہ هونديون آهن. آپ بيتي جي هڪ ترتيب هوندي آهي جيڪا جنم، ٻاروتڻ کان شروع ٿي، ان وقت تائين هلندي آهي، جڏهن اها لکي وئي هجي. ساروڻيون اڳتي پوئتي ٿي سگهن ٿيون. زندگي جو جيڪو قصو جنھن وقت ياد آيو، اهو لکي ڇڏيو. ان ۾ ڪافي واقعا ياد نہ رهندا آهن، وسري ويندا آهن. جيڪو ڪجهہ وسري ويو، اهو سڀ ڄڻ تہ ماڻھو جيئو ئي ڪونہ. مٿان وري جيڪڏهن لکندڙ کي ويسر جو مرض لاحق ٿي پئي تہ هو ويچارو ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر حميد سان بہ ايئن ئي ٿيو آهي. ان جو هو پاڻ بہ اقرار ڪري ٿو تہ ٿائيرائڊ جي ڪري هن کان طب جا ڪتاب وسري ويا، مريضن جا نالا وسري ويا، دوائون وسري ويون ۽ تاريخ ۽ ادب جا ڪتاب وسري ويا. ان ويسر هن کان سندس زندگي جا ڪيترائي باب، ڪيترائي قصا ۽ انيڪ واقعا وساري ڇڏيا هوندا. آئون ڀانيان ٿو تہ اهو ئي سبب آهي جو ساروڻين جي هن ڪتاب ۾ واقعا بيحد گهٽ ڏنل آهن. مون تازوئي برٽرينڊ رسل ۽ پابلو نيرودا جون جنم ڪٿائون پڙهيون آهن، جيڪي واقعن سان، ڪٿائن، قصن سان ڀرپور آهن. يا ميڪسم گورڪي، لڇمڻ ڪومل، منڊيلا، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، حفيظ ڪنڀر جون سندن زندگين بابت سوانح عمريون آهن. انھن ۾ واقعا کٽڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پر ڊاڪٽر حميد جي هنن ساروڻين ۾ واقعا نہ هجڻ جي برابر آهن. هنن ساروڻين جو اسلوب بہ تاريخي ۽ اڪيڊمڪ وڌيڪ آهي. جيئن جوهي ۾ لائبرري جي قيام جي جستجو آهي. اهو سڄو باب تاريخن سان ڀريو پيو آهي. ها، البت اهو باب ٻڌائي ٿو تہ جيڪڏهن ڪنھن مقصد جي حاصلات لاءِ اڻ ورچ ٿي جھد ڪجي ۽ ٿڪجڻ جو نالو نہ وٺجي تہ گهربل مقصد ماڻي سگهجي ٿو.
حميد سومري جي ساروڻين جو هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پھرئين ڀاڱي ۾ يارهن باب آهن. اتي ئي هي ڪتاب مڪمل ٿئي ٿو. ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو جوهي بابت اڳي شايع ٿيل مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. ترتيب سان پيرائتي ڳالھ رکجي تہ اها اتان کڻبي تہ ساروڻين واري حصي جي پھرئين باب جو عنوان "جوهي مکڻ موهي" ڏنو ويو آهي. ليکڪ پاڻ چئي ٿو تہ هن کي اها چوڻي سمجهہ ۾ نہ آئي تہ ان جو مطلب ڇا آهي. ان جو هڪڙو حل اهو هو تہ ليکڪ کي جوهي جي جهونن/جهونين وٽ وڃي تن سان ڪچھريون ڪرڻيون هيون. شايد اتان هن چوڻي جي ڳنڍ کلي پئي ها. آئون ڀانيان ٿو تہ هن چوڻي جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو تہ جوهي مکڻ جھڙي آهي.. سفيد، چاندي جھڙي، نرم ۽ سوادي. مکڻ آسودگي جو اهڃاڻ بہ آهي. مکڻ جو مطلب آهي تہ ان علائقي جا ماڻھو مالوند هئا، خوشحال هئا. ان ڪري ئي جوهي بابت اها چوڻي وجود ۾ آئي هوندي. هن باب ۾ ئي جوهي جي خوشحالي جا ڪجهہ اشارا ليکڪ پاڻ ڏنا آهن. مثال طور، جوهي جي هڪ پاسي درياءَ، ٻئي پاسي نئن گاج ۽ انھن جي وچ تي لٽاسيون ٻنيون. مونکي وفا برهماڻي جي هڪڙي ڳالھ ياد اچي ٿي جيڪا هو فقير محمد لاشاري جي حوالي سان ڪندو آهي. وفا چواڻي تہ فقير محمد لاشاري هتي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو هو تہ ڪاڇي جي زمين ايتري زرخيز آهي جو جيڪڏهن هن ۾ ماڻھو پوکجي تہ اهو بہ ڦٽي اچي. ماڻھو ڦٽائڻ جي سگهہ رکندڙ ڪاڇي جي موتي جھڙو شھر ماضيءَ ۾ شاندار اوج تي هو جنھن جو پتو انھن کوهن، باغن، نارن مان ملي ٿو جيڪي جوهي جي ٽن پاسن کان موجود هئا. ٽن پاسن کان نار هجن ۽ چوٿين پاسي گاج جو وهڪرو هجي، تہ اتي کير ۽ مکڻ ئي هوندا. آئون اڄ کان ڪجهہ ڏهاڪا اڳ، ايئن سمجهو تہ ورهاڱي کان پھرين واري جوهي جو تصور ڪريان ٿو تہ مون کي هڪ اهڙي ننڍڙي پر آسودي وسندي جو خيال اچي ٿو جتي کوهن تي نارن کي اٺ/ڏاند ڇڪي رهيا آهن. لوٽيون پاڻين سان ڀرجي نيسر ۾ ڪرن ٿيون. اڏون تارو تار پاڻي کڻي ٻنين کي سيراب ڪري رهيون آهن. باغ آهن. باغيچا آهن. طرحين طرحين جا ميويدار وڻ آهن. گل، گلڪاريون آهن. هٻڪارون آهن. ڌڻ آهن. کير آهي. ڌئونرا آهن. ڪچن پر صاف شفاف گهرن ۾ گهر ڌڃاڻيون ماٽين ۾ ڌئونرو ولوڙي لسي ٺاهي رهيون آهن ۽ ماٽين مان مکڻ چاڻا ڪڍي رهيون آهن. تازي جوئر ۽ ٻاجهر جي ماني پچي رهي آهي. ان کي مکڻ سان مک ڏئي لسي سان سڀ گهر ڀاتي کائي رهيا آهن. اوتاڪون آباد آهن. سگهڙ آهن. قصا گو ڪو داستان ٻڌائي رهيو آهي. ميلا آهن. ملھ، ملاکڙا آهن. اٺن، گهوڙن، ڏاندن جي گوءِ آهي. ونجهہ وٽي، ڪوڏي ڪوڏي جون رانديون آهن. جهنگ، ٻيلا آهن. پکي، جهنگلي جانور آهن. زندگيءَ جو هڪ توازن آهي. عيدون آهن. تھوار آهن. مذهبي ڀيد ڀاو جو نانءُ نشان ناهي. هندو مسلم جا ويڇا خوشيءَ جي ڏڻن ۾ ڪي رڪاوٽون نٿا وجهن. عيد جي ماني گڏجي پئي کاڄي ۽ مبارڪون پيون ڏجن ۽ وٺجن. هولي جا رنگ ۽ ڏياري جا ڏيئا گڏجي پيا هڪ ٻئي کي هنيا وڃن ۽ ٻاريا وڃن.
۽ پوءِ پردو مٽجي ٿو. اسٽيج ساڳيون جوهي، پر ڪردار ۽ انھن جا ڪم مٽجن ٿا. ڇو تہ ليکڪ ۽ هدايتڪار نوان، اوپرا اچي ويا آهن. جيئن ڊاڪٽر حميد سومرو ڪتاب ۾ لڏپلاڻ جو سرسري ذڪر ڪري ٿو، تہ سڀ کان پھرين مون کي اي ڊبليو هيوز جي گزيٽيئر ۾ اهي هندو ۽ سک سامھون اچن ٿا. ورهاڱو ٿئي ٿو ۽ ڌرتي ڌڻين جي دلين ۽ دماغن تي خوف ۽ نفرت جا ڪارا پاڇا ڇانئجي وڃن ٿا. هندو ۽ سک اباڻا پڊ ڇڏي، آب هاڻيون اکيون جهڪائي، پنھنجي جوهي کي آخري ڀاڪر پائڻ کان سواءِ ئي الوداع ڪن ٿا. سنڌي ماڻھو ويندو آهي تہ چوندو آهي "چڱو موڪلاڻي ناهي." پر آئون نٿو ڀانيان تہ ويندڙن ايئن چيو هجي ۽ ويٺلن کين ترسڻ جو چيو هجي. ڇو تہ ڪڏهن ڪڏهن ڪي دور پاڳل پڻي جي ور چڙهي ويندا آهن. سنڌ کي 1939ع ڌاري چريائپ جو دورو پيو. مسجد منزل گاھہ سکر کان شروعات ٿي. علي محمد راشدي پنجاب مان ويھي هشيون ڏنيون. هڪ ديس کي باھ لڳي. ۽ ماڻھو سڙندا، مرندا، رڙيون ڪندا، ڀڄندا رهيا. جوهي منجهان اها پھرين ڀاڄ هئي. ان ڀاڄ هڪ خال پيدا ڪيو، جنھن کي اوپرن ماڻھن ذريعي ڀريو ويو. حميد ان ڀاڄ کان پوءِ بہ ٻن وڌيڪ ڀاڄن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيءَ ڀاڄ جا بنياد اردو ميڊيا وڌا ۽ ان کي ضياء الحق جي منحوس پاڇي پروان چاڙهيو. ايم ڪيو ايم جي دهشگردي واري سياست ان کي مٿي کڻي آئي ۽ پوءِ جوهي منجهان ٻي لڏپلاڻ ٿي. لڏپلاڻ جو ٽيون دور بدامني، ڌاڙيل گردي جو نتيجو هو. انھن سڀني عنصرن جوهي جي زندگي، ڪاروبار، سياست تي لازمي اثر ڇڏيا. نتيجو اهو آهي جو جوهي جي آسپاس نہ باغ رهيا، نہ بھاريون رهيون ، نہ گل رهيا، نہ گلڪاريون رهيون ۽ نہ هولي جا رنگ رهيا ۽ نہ ئي ڏياري جا ڏيئا رهيا. پويان باقي وڃي رهي ڏاڍن جي ڏاڍائي ۽ سرڪاري بدانتظامي ، جنھن اها بتي بہ اجهائي ڇڏي، جيڪا بتي جوهي جي هڪ امڙ ٻاريندي هئي ۽ جيڪا کڻي ھوء مک چوڪ جو فانوس روشن ڪندي هئي.
حميد سومري پنھنجي يادگيرين ۾ جوهي تي قبضن جو سرسري ذڪر ڪيو آهي. هن ڇاپري تي، مندر تي، ڌرمشالا تي قبضن کي هڪ ٻن سٽن ۾ ئي اڪلائي ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو تہ اهو انصاف نہ ٿيو. اهو جوهي جي ڪک کي لڳل خنجر آهي جنھن منجهان رت ڦڙا اڃان بہ ٽيپو ٽيپو ٿي ڪري رهيا آهن. قبضا ئي تہ آهن جيڪي قومن، نسلن کي هڪ کاهي ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. قبضا گير قوتن جي منھن ڏيکائي بيحد ضروري هئي پر خبر ناهي ڇو رڳو انگ اکر ڏنا ويا تہ جوهي جي هيترن ايڪڙن تي قبضو ڪيو ويو آهي. اڻپوري، اڌوري ڳالھ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪندي آهي. مونکي اميد آهي تہ جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ايندو تہ اسان کي قابض ٽولي جي سڃاڻپ ٻڌائي ويندي. پر جيڪڏهن هاڻي ئي، ان کي صاف چٽو ڪيو وڃي تہ ويتر ڀلو ٿيندو.
جيئن پھرين زماني جي ڳالھ ڪبي آهي ۽ پوءِ ڦري گهري حاصل مطلب تي اچبو آهي، ايئن ئي ڊاڪٽر حميد جوهي کان ٿي پنھنجي پاڻ ڏي اچي ٿو. ان ڏس ۾ هو سندي، گهرڀاتين جي ڳالھ ٻن حصن ۾ ڪري ٿو. هڪڙو حصو "جوهي واپسي" آهي ۽ ٻئي حصي کي عنوان ڏنو ويو آهي "امان راڄل." ان کي جيڪڏهن "امان راڄل جي اڪيلائي" جو عنوان ڏجي ها تہ ويتر ٺھڪي اچي ها. پھرين ٽارزن جي "جوهي واپسي" تي ڪچھري ٿا ڪريون. ان جي شروعات "بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري" واري چوڻي سان ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر حميد جو دليل اهو آهي تہ بک ۽ غربت سندس ڪٽنب کي پريشان تہ ضرور ڪيو ۽ تڪليف بہ ڏني، پر سندن ويڙھو ديوانگي کان بچي ويو. ديوانگي ڇا آهي؟ دانائي ڇا آهي؟ انھن ٻنھي سوالن جو ڪو حتمي جواب شايد نہ هجي. پر معاشي حالتن ۽ سماج ۾ ڪنھن فرد، ڪٽنب جي اهميت مان دانائي ۽ ديوانگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها بک ۽ بدحالي ئي هوندي آهي جيڪا هڪ ڪٽنب جي وڏي کان اهي ڪم ڪرائيندي آهي جن ۾ اجورو نہ هجڻ جي برابر هجي. اها بک نالي بڇڙي ٽول جي بڇيل ناداني هوندي آهي، جيڪا ماڻھو کان اهڙا ڪم ڪرائيندي آهي، جيڪي الھہ بخش ڊکڻ جي ڪٽنب جي ڀاتين ان وقت ڪيا جڏهن هن گهر کان سک منھن موڙيا. ڊاڪٽر حميد لکي ٿو: "بک بڇڙو ٽول، داناء ديوانا ڪري جو اصطلاح پاڻ ٻڌو آهي. اسان جي گهر ۾ 1977ع ايندي غربت بہ آئي ۽ بک بہ آئي. مايوسي، بيوسي بہ آئي. ليڪن اسان جي گهر ۾ ڪوبه ديوانو پيدا نہ ٿي سگهيو." ڪتاب ۾ اڳيون جملو هي آهي: "اسان جو وڏو ڀاءُ واليڏنو سمورو ڪاروبار ۽ ملڪيت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو." پورهيو ڪو بہ گهٽ، وڌ ناهي، پر وسيلن، صلاحيتن آڌار پورهئي جي چونڊ اهو طئہ ڪندي آهي تہ ماڻھو ڪٿي بيٺل آهي. آئون نٿو سمجهان تہ جيڪڏهن هڪڙو ڪٽنب غربت ۽ بک جي گهيري ۾ نہ هجي ۽ ان ڪٽنب جو وڏو پيش امام ٿيڻ واري پيشي جي چونڊ ڪري جنھن ۾ اجورو نہ هجڻ برابر آهي. اها مجبوري بہ آهي، تہ ٻي حالت ۾ فراريت ۽ ديوانگي بہ آهي. پر اڳتي هلي، هن ئي باب ۾ ﷲ بخش ڊکڻ جو ڪٽنب غربت سان جهيڙو جوٽي ٿو ۽ ان کي شڪست ڏئي، آسودگي جي واٽ تي وک وڌائي ٿو. غربت مان ڇوٽڪاري جي اها ويڙه بيحد اتساهيندڙ آهي. اها جنگ تعليم جي ذريعي کٽي وئي. پر اها تعليم رڳو گهر جي ڪجهہ ڇوڪرن تائين محدود رهي. ڇوڪرين کي ان کان پري رکيو ويو. ان ۾ گهر جي ۽ جوهي جي قدامت پسند ماحول بنيادي ڪردار ادا ڪيو. پر آئون قدامت پسندي کي فرد جي چونڊ نٿو سمجهان. اها ان سماج جي پيداوار هوندي آهي جنھن سماج جي جوڙجڪ رياست ۽ ان جا ادارا ڪندا آهن. سنڌ جي سماج کي صحيح نموني اسرڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي واٽ تي هلڻ ئي نہ ڏنو ويو. ڊگهي قومي غلامي، بيٺڪيت، طبقاتي جوڙجڪ ان کي اهڙو تہ سوگهو ڪري ڇڏيو جو مٿين سطح تي پوري سنڌي قوم، ۽ هيٺ ان جو پورهيت عوام ۽ عورت ان ۾ جڪڙيل آهن. ان مان نجات حاصل ڪرڻ جي ويڙھہ صحيح معني ۾ وڙهي ئي نہ وئي آهي. ڇاڪاڻ تہ تعليم ڏيڻ جا وسيلا رياست /حڪومت وٽ ئي وڌيڪ هوندا آهن، ۽ بنيادي ذميواري بہ ان جي آهي، پر جڏهن رياست آهي ئي مٿئين طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽڪساٽ، تہ اها ڪيئن چاهيندي تہ ان رياست جا سڀ فرد تعليم حاصل ڪن. ۽ پوءِ ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو مجموعي طور تي سڄو پورهيت عوام ۽ خاص ڪري ان جي عورت کي تعليم جي حق حاصل ڪرڻ کان پري رکيو ويندو آهي. اهو الميو رڳو ان وقت جي جوهي جي ﷲ بخش ڊکڻ جو نہ هو، پر اهو سڄي سنڌ جي لڳ ڀڳ هر گهر جو هو، ۽ اڃان بہ آهي. نجات جي هڪڙي راھ ڇوڪرين جي تعليم مان بہ نڪري ٿي. ڇاڪاڻ تہ هن گهراڻي جي اڳين پيڙهي جون عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رکيون ويون، تہ اهي پنھنجي جوڙ جي چونڊ جي حق کان بہ محروم رهيون. ان المئي کي ڊاڪٽر حميد پنھنجي ساروڻين جي آخري باب "امان راڄل" ۾ انھن دردناڪ لفظن ۾ چٽيو آهي تہ هوءَ پنھنجي پاڙي ۾ پنھنجي ڌيئرن کي مڙسن جي مار کان بچائي نہ سگهي جيڪي روز ڪٽبيون هيون.
امان راڄل بابت جيڪو ڪجهہ هن ڪتاب ۾ لکيل آهي، اهو سچ ۾ بيان ڪرڻ جي مون ۾ سگهہ ناهي. پاڻ کان وڏي ڄمار واري مرد سان پرڻجي هوءَ هڪ گهر ۾ تہ اچي ٿي، پر هوءَ ڪڏهن بہ ان گهر جي مالڪياڻي نہ ٿي سگهي. هن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي پل لاءِ بہ گهر ڌڃاڻي جي حيثيت نہ ملي. اتان ان عورت جي ڊگهي، ڪڏهن بہ نہ ختم ٿيندڙ اڪيلائي جي شروعات ٿئي ٿي. مڙس هن سان گڏ ويھي ماني بہ نٿو کائي. ان عورت کي ڪيترائي ورهيہ ٻار نٿو ٿئي. تصور ڪريو تہ جنھن کي مڙس بہ نہ ڀانئي ۽ ورهين تائين ان جو پير وزني نہ ٿئي تہ ان سان ان گهر ۾ ڇا ڇا نہ ٿي گذريو هوندو. هوءَ هڪ پورهيت جيان ان گهر ۾ هلندي رهي. ۽ وري جڏهن ڪيترائي سال پوءِ هوءَ پٽ ڄڻي ۽ اهو پٽ ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وڃي! رڳو ان تي تصور ڪريو. پٽ ڄائو تہ هن پاڻ کي ڀاڳوان سمجهيو هوندو. ۽ جڏهن اهو پٽ سرد جسم بڻجي هن جي جهولي ۾ پيو هجي! آئون تہ هي لکندي ڏڪي رهيو آهيان. ڏک جي هڪ ٿڌي لھر منھنجي جسي ۾ لھي وئي آهي، جيڪا نڪري نٿي. هڪ عورت جي اڪيلائي کي هڪ پٽ اچي ختم ڪرڻ جي نويد ٻڌائي هوندي پر پوءِ جڏهن اهو بہ هليو وڃي! قيامت ان کي ئي چئبو آهي.
هلو اڳتي ٿا وڌون ۽ اتي ٿا اچون جتي هن ماءُ جي جهوليء ۾ اولاد جي صورت گلابن ۽ موتين جا گل ملندا ويا. سنڌ جي سماج ۾ زرخيز زمين، اولاد واري عورت ۽ کير ڏيندڙ مينھن جي وڌيڪ اهميت آهي. زرخيزي، اولاد ۽ کير آسودگي جا اهڃاڻ آهن. سنڌ ۾ کيڪار جي روايت ۾ کير، ڀت، پٽ، ٻارن ٻچن جي پڇا ڪئي ويندي هئي. اوڙي پاڙي جي بہ خبر چار وٺڻ سان گڏ سفر ساٿ جي بہ پچار ٿيندي هئي. سفر ساٿ جو حال احوال گهڻي معنا ٿو رکي. هڪڙو سفر ۽ ان جو ساٿ گهر، ڪٽنب کان ٻاهر جو هوندو هو. اهو دوستي کان اڳتي تنظيم سان بہ ڳنڍيل هو. حال احوال ڏيڻ وٺڻ جو اهو طريقو رڳو عام زندگي بابت نہ هوندو. آئون ڀانيان ٿو تہ سنڌ تي ٻاهرين ماڻھن جي قبضي خلاف جهيڙيندڙ ماڻھن هڪ ٻئي سان رابطي، سلامتي، خيريت، نياپي ۽ صف بندي لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هوندو. پر ساڳي وقت سفر ساٿ جو ٻيو مفھوم جيون ساٿي هو. سفر ساٿ خوش، عافيت سان هجي، کير ڀت ۾ پاڻ ڀرائپ هجي، ٻار ٻچا خيريت سان هجن، تہ ان کان وڌيڪ خوش نصيبي ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. هاڻي بظاهر تہ هڪ گهراڻي جي زندگيءَ سکي ۽ سھنجي آهي، ۽ سڄو ڪڙم هڪ ٻئي سان سلھاڙيل آهي، پر امان راڄل جي زندگيءَ جو جيڪو خاڪو هتي هن ڪتاب ۾ چٽيو ويو آهي، اتي هن جو ساٿ ڌڻي هن سان ڪڏهن بہ سلھاڙيل نظر نٿو اچي. ڊاڪٽر حميد بہ امان راڄل جي اڪيلائي جو اهوئي مک سبب ڄاڻايو آهي. ان ۾ هن جي گهر واري کي بہ ڏوهي قرار ڏئي نٿو سگهجي. ڇو تہ جنھن ماحول ۾ هو نپجي وڏو ٿيو ۽ جنھن سماج هن جي تربيت ڪئي، اهو زال کي برابر تہ ڇا، ڪا بہ حيثيت ۽ اهميت ڏيڻ کان انڪاريت تي ٻڌل هو. زال کي گوڏي هيٺان رکڻ ۽ ان تي هر وقت نظر رکڻ وارو سبق ايڏو تہ پڪو ڪرايو وڃي ٿو جو ڪو مڙس زال کي ڀانئي ۽ ان جو خيال رکي تہ ان ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو. مڙس ۽ ڪمزور! مڙس ۽ هيڻائي ڏيکاري! ايئن ٿي ئي نٿو سگهي. ان ڪري مڙس تي آڪڙ وڻ ويڙهي جيان چڙهي وڃي ٿي، ۽ اها ان مان ٻاجهہ، رحم، نرمي ۽ پيار جھڙا گڻ چوسي، ان کي سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏي ٿي. ان جو اثر ڊاڪٽر حميد بيحد خوبصورتي سان بيان ڪيو آهي ۽ جيڪو ايئن سامھون اچي ٿو تہ هڪ ماءُ اولاد کان بہ ڇرڪي ٿي، ان کي ڪجهہ چوڻ جي همت نٿي ساري ۽ ايتري قدر جو اولاد لاءِ پنھنجو پيار بہ اظھاري نٿي سگهي. بس رڳو ڏسندي رهي ٿي ۽ ڏسندي ئي رهجي وڃي ٿي ۽ هڪ ڏينھن منجيء تان ڪري، پاڻ کي زخمي ڪري، پيڙائون سھي سھي، اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي.
ڪتاب ۾ ٻيو حال احوال لائبريري جي قيام، طبي پيشي جو سفر، گاج ندي ۽ گورک هل اسٽيشن جي سفر سان سلھاڙيل يادن، ادبي ثقافتي منچ جي جھان، سياسي جدوجھد ۽ جوهي سميت سنڌ جي وڏي حصي تي ٻين پارٽين کان پوءِ ڪجهہ عرصي کان پيپلزپارٽي جي وڏيرڪي طبقي جي پاتل پنجوڙ جي حال احوال تي ٻڌل آهي. ان کان سواءِ 2010ع واري ٻوڏ سان جوهي جي تاريخي ويڙھہ ۽ نتيجي ۾ مليل سوڀ جي ڪٿا بہ هن ڪتاب جو اهم باب آهي. اهو باب ٻڌائي ٿو تہ ڪنھن بہ منزل جي حاصلات لاءِ تنظيم ۽ مقصد جي چٽائي بيحد ضروري آهي. طبقاتي جدوجھد واري باب ۾ ليفٽ جي سياست جو هڪ ماهر ڊاڪٽر جيان بھترين تجزيو ڪيو اٿس. هن ليفٽ جي سياست جي هڪ المئي يعني ڀڃ ڊاھہ تي پنھنجي راءِ چٽي طرح رکي آهي. ايئن ئي هو پيپلزپارٽي جي مقامي ۽ مجموعي سياست بابت پڻ سڌي ڳالھ ڪندي نظر اچي ٿو.
جوهي ۽ سنڌ بابت هي هڪ اهم ڪتاب آهي. بھتر اهو ٿيندو تہ هن ڪتاب کي سندس پھرئين ڀاڱي سان گڏ پڙهيو وڃي. ان سان سڄي ڳالھ چڱي ريت سمجهڻ ۾ مدد ملندي. پنھنجي ڳالھ ٻولھ ڊگهي ٿي وئي آهي، ان ڪري پاڻ وڌيڪ ڪونہ ٿا ڳالھايون.

ساٿ سلامت.
سدائين گڏ.

شبير نظاماڻي
اڱارو، سورهين سيپٽمبر، 2025 ع
ڳوٺ ٽنڊو سومرو