آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جوھيءَ منجهہ جَھان ساروڻيون (ڀاڱو ٻيو)

حميد سومري جي ساروڻين جو ٻيون ڀاڱو “جوھي منجھ جھان“، جوھي جي ساروڻين تي مشتمل آھي جتي ھن پنھنجي جيون جا پنجاھ سال کان وڌيڪ گذاريا، جتان  شرڻارٿي بڻجي نڪرڻو پيس جنھنجو سبب ھڪ مئي 2015ع وارو اندوھناڪ واقعو آھي جنھنجو ھن ڪتاب ۾ ذڪر آھي. ھن ڪتاب ۾ اھي سموريون ادبي، سياسي، سماجي سرگرميون ڄاڻايون ويون آھن جن سان ليکڪ جو تعلق رھيو، جيسين ھن 2018ع ۾ جوھي کي الوداع ڪيو. ڪتاب ۾ ڪجهہ اڳ ڇپيل مضمون آھن،  جيڪي 2022ع واري ٻوڏ دوران لکيل ۽ ڇپيل آھن. ھڪ اڻ ڇپيل تاثر ليکڪ پنھنجي نوجوان ساٿي مريد کوسي جي پٽ جي ڏکوئيندڙ موت تي لکيو آھي، جڏھن تہ ٽي مضمون سائين بخش رند، لياقت علي لياقت ۽ سڪندر سرواڻ جي تخليقن تي لکيل آھن. 

Title Cover of book Johi Manjh Jahan

جوھي رنگ بند 2010 کان 2022 جو سفر

جوھي شھر جي وسنديءَ بچل رند جي اوڀر۽ حاجي خير محمد رند جي باغ جي اولھ ۾ بند تي ھڪ شامياني ۾ ڪجهہ ماڻھو وِيٺل آھن جيڪي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن. بچل رند واسي مشھور زمانہ جيالي مرحوم اعظم رند جي نياڻي، سرائي قربان رند جي گهر واري ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويئي انجو تڏو نہ ڪراچي ۾ ٿيو نہ اھو ڳوٺ بچل رند ۾ ڪيو ويو بلڪہ اھو تڏو بچل رند جي اوڀر ۾ جوھي جي رنگ بند تي ڪيو ويو. ھي رنگ بند جي اھا انتھائي نازڪ پوائنٽ آھي جنھنکي بچل رند واسي گذريل ڏھ ڏينھن کان سنڀاليو ويٺا آھن. بند تي پاڻي جو چاڙھ ٿئي، ان ۾ ڪا رُوڻ لڳي رندن ۾ رُومڙ پئجي ويندي، ”جوھي رنگ بند “ نالي ٺھيل وآٽس اپ گروپ تي وائيس ميسيجن ذريعي سرائيڪي ۾ ھڪ ٻئي کي سڏ شروع ٿي ويندو، راڙا پئجي ويندا ۽ پوءِ رُوڻ تي ائين حملو ٿيندو جيئن چيتو شڪار تي حملو ڪندو آھي ۽ چند منٽن کان پوءِ اھي سڀ سرائي انھي رنگ بند جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ سگريٽ پيئندي، تاڙا ملائيندي نظر ايندا ۽ ھر طرف سڪون ٿي ويندو. ”تڏي“ جو رنگ بند تي ڪرڻ ھنگامي صورتحال جي احساس جي علامت آھي تہ جيئن ڪيرعذر خواھي جي نالي پنھنجي حوالي ٿيل رنگ بند جي ٻانھِين ۽ دنگ کي ڇڏي نہ وڃي. پنھنجي ڳوٺ، جوھي شھرکي بچائڻ جو احساس ذميداري کين نہ صرف ٻوڏ جي پاڻي سان جهيڙڻ تي مجبور ٿو ڪري ھو انھن لُنڊين، نانگ بلائن سان رات جو ڪنھن ڪاٺي سان کيڏندي، انھيءَ جو مٿو چٿيندي ملي ٿو جنھن کي ڏسڻ سان شھري بابوئن جو شايد ساھ ئي نڪري وڃي. ھي منظر نامون صرف بچل رند جي سامھون رنگ بند جو ناھي بلڪہ ساڍا ست ڪلوميٽرتي ڦھليل جوھي شھر کي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ ڏنل انھي رنگ بند جو آھي جيڪو جوھي جي ماڻھن اجهاڳ ٻوڏ کان پنھنجي جوھي شھر کي بچائڻ لاءِ ڏنو آھي تہ جيئن سندن ڳوٺ بچي شھر بچي، ٻار ٻچا محفوظ ھجن، ھتان جو روزگار بچي، ڌنڌا ڌاڙي بچن تہ جيئن در در جي ٺوڪر کائڻ لاءِ سرڪار سميت ڪنھن جو ڳيجهو نہ ٿيڻو پوي. اھو احساس جيڪڏھن گهرو ٿي وڃي تہ پوءِ اھو ماڻھو پنھنجي دنگ ۾ موجود پنھجا ننگ بہ ٻاھر نہ ڪڍندو آھي تہ دنگ بہ نہ ڇڏيندو آھي، پنھجا بند ٻڌي جوھي بچائي ڏيکاريندو آھي تہ مشھور زمانہ آبپاشي ادريس راجپوت سميت 2010 جي ٻوڏ ۾ جوھي جي لازوال ڪردار تي دنيا دنگ بہ رھجي ويندي آھي.
ساڍا ست ڪلوميٽر ڊگهي رنگ بند تي ڪوئي چند ڪلاڪ گهمي ڏسي تہ انساني، شھري دماغ دنگ رھجي ٿو وڃي. رنگ بند جي 10 کان 15 فوٽ گھري ٻوڏ واري پاڻي جي پاسي سڀ کان اڳ لڪڙن جي ڊگهي قطار لڳل آھي جنھن کان پوءِ پلاسٽڪ جي ڪلي وڇايل آھي جيڪا ڪناري تي لڳل پلاسٽڪ جي پاچڪن کان مٿان آيل آھي، انکانپوءِ مٽي جو تقريبن 15 فوٽ ڊگهو بند آھي. جنھن جي ٻئي ڇيڙي تي مٽي سان ڀريل پلاسٽڪ جا پاچڪا پيل آھن. جيئن ئي پاڻي چڙھڻ شروع ڪري ٿو ڊگهي رنگ بند تي تہ ھڪ ئي وقت پاچڪا لڳي وڃن ٿا ۽ انھن جي پويان اڳ۾ ئي ڪنھن جاءِ تي موجود مٽي سان ڀريل ڊمپر جي انجڻ ۾ چرڙاٽ ٿين ٿا ۽ سڄي بند تي ٻوڏ جي پاڻي کان بچاءَ لاءِ لڳل پاچڪن کي پندرھن فوٽ بند کي مٽي جي سپورٽ ڏين ٿا. انھن جو ڪم ختم ٿئي ٿو تہ ڪيڻ لڳل ٽريڪٽر اچن ٿا ۽ انھي مٽي کي ليول ڪري ڇڏين ٿا تيسين سموري رنگ بند تي ھڪ ئي وقت پاچڪن جي ھڪ ٻي کيپ مٽي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ صورتحال وري نارمل ٿي وڃي ٿي. اھو سمورو ڪم ھڪ ئي وقت کن پل ۾ ٿيو وڃي ٿو انھي ڪم ۾ ڪو انجنيئر ڪونھي، ڪوئي آبپاشي کاتو ڪونھي ڪوئي روينيو کاتو شامل ناھي جيڪي ٻوڏ جي پھرين ڏينھن کان رنگ بند تان گڏھ جي مٿي تان سڱ جيان گم آھن. انھي سڄي رنگ بند تي غيرمعمولي روشني ڏيندڙ سرچ لائيٽون لڳل آھن جيڪي غائب رھندڙ بجلي ڪارڻ جنريٽر تي ھلايون وڃن ٿيون جنھن کي لڳائڻ سميت ھلائڻ جو ڪم بہ رنگ بند تي ڪم ڪندڙ شھرين ۽ نوجوانن جو آھي. ائين ئي رنگ بند تي موجود رضاڪارن جي ماني کاڌ خوراڪ چانھن پاڻي جو ڪم شھرين ۽ مخير حضرات سنڀالي ورتو آھي. رنگ بند تي ھڪ ئي وقت موجود ھزارين رضاڪارن جي ايڏي غيرمعمولي سرگرمي ڪا معمولي سرگرمي ناھي بلڪہ تحريڪ بڻيل آھي جنھن ۾ جوھي شھر ۾ موجود صحافين سميت جوھي شھر سان واسطو رکندڙ قومي، مقامي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل اسلام آباد ڪراچي حيدرآباد لاھور ۾ موجود صحافين جي جوھي جي ٻوڏ ۽ رنگ بند جي تحريڪ کي توانائي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار آھي. ھن ٻوڏ جي ڪارڻ جوھي تعلقي جون اڪثر اسپتالون ٻوڏ ۾ ٻُڏل آھن انڪري مريضن جو سمورو وزن تعلقي اسپتال جوھي تي اچي پيو آھي جيڪا اڳ۾ ئي وسيلن جي اڻاٺ ۽ شھر کان ٻاھررھندڙ عملي جي ٻوڏ ڪارڻ نہ پھچڻ جي ڪري گهربل سھوليتون ڏيڻ کان قاصر آھي. جيئن ٻوڏ آئي ۽ ماڻھو پنھجا اجها ٻوڙائي اچي جوھي شھر جوھي شھر جي روڊن رستن، ايف پي بند تي بي يار و مددگار اچي ويٺا تہ جوھي شھر ۾ موجود ھڪ شادي ھال کي ان ھال جي مالڪ مھرﷲ جمالي ڪجهہ پنھنجي ھڙان وڙان ڏيئي فري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جتي روزانہ ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ مريضن جو مفت علاج ٿي رھيو آھي جنھنجي دوائن جو روزانو خرچ 4 کان پنج لک آھي ۽ اھو سمورو خرچ جوھي شھر سميت ٻين علائقن جا مخير حضرات برداشت ڪري رھيا آھن ائين ئي انھن ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن سميت باقي عملو بہ گذريل ڏينھن کان رضاڪار طور ڪم ڪري رھيو آھي. انھي ڪيمپ ۾ مريضن جو گهڻو تعداد عورتن ۽ ٻارن تي مشتمل آھي جيڪي جوھي جي باءِ پاس ۽ بچاءُ بند تي بنا پناھ جي ويٺل آھن. اھي ٻوڏ متاثر ماڻھو نہ صرف ڪنھن پناھ ۽ خيمي کانسواءِ ويٺل آھن بلڪہ انھن کي صاف کاڌو بہ ميسر ناھي جڏھن تہ اھي سيلاب جو گندو پاڻي پي رھيا آھن نتيجي ۾ دست الٽين پيچش تيز بخار ليس کنگه جھڙيون بيماريون ماڻھن کي موت جي منھن ۾ ڌڪي رھيون آھن. ائين ئي جوھي شھر جيڪو چئوطرف ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيريل آھي ۾ ھر طرف گندگي جا ڍير پيل آھن ۽ ھر گهٽي، پاڙي، روڊ رستي ۾ بدبو ڦھليل آھي جنھن سان بہ بيماريون وڌي رھيون آھن جڏھن تہ شھر ۾ ميونسپل ڪميٽي، روينيو سميت ٻيا حُڪومتي ادارا گم آھن. نتيجي ۾ جوھي ۾ انتھائي ننڌڻڪائي واري صورتحال آھي.
ھن سموري روداد ۾ جوھي سميت آسپاس جي شھرين جي ڪاوشن ڪوششن جو ذڪر آھي ليڪن انھي سموري قصي ۾ رياست انجا ادارا جھڙوڪ ميونسپل ڪميٽي، آبپاشي کاتو، روينيو کاتو سميت ٻيا ادار گم نظر ايندا توڙي جو جوھي کي ڏنل رنگ بند تي ٿيندڙ ڪم ۾ آبپاشي کاتي ۽ انجي انجنيئير جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي ليڪن ڪوئي موجود ڪونھي، جوھِي شھر گندگيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آھي انھي جي صفائي لاءِ عملو بہ مقرر ٿيل آھي ليڪن آفيسرن ۽ ڪم وٺڻ واري مجاز عملي جي غيرموجودگي ۾ شھر جي صفائي جو برو حال آھي جنھنجي ڪري دستن پيچش کان پوءِ ٽائيفائيڊ، سائي جھڙين مھلڪ بيمارين جي منھن ڪڍڻ ۾ ڪا دير نہ لڳندي. توڙي جو شھري جي حيثيت ۾ حُڪمران پارٽِي جا ڪارڪن ھر جڳھ ڪم ڪار ۾ نظر بہ اچن ٿا ليڪن جنھن شئي جو نالو حُڪومت ۽ حُڪومتي ادارا آھن اھي ڪٿي بہ ناھن.
ھتي اھو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو تہ ھي رياست جيڪا ھن ملڪ جي شھرين جي جان ۽ مال جي رکوال آھي ھتي قائم حُڪومت جيڪا اھڙي ناگھاني ۽ المياتي صورتحال ۾ بي يار و مددگار بڻيل شھرين جي بچائڻ، مدد ڪرڻ ۽ بحال ڪرڻ جي ذميدار آھي انکي ڇونہ انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي. اھي ادار ڇو حرڪت ۾ ناھن جيڪي روز روز جي مسخري تي دنيا جھان کي ڪٽھڙي ۾ بيھاري ٿا ڇڏين.
2010 جي مھا ٻوڏ ۾ پنھنجي شھر کي جان جي بازي لڳائي جوھي واسين جوھي کي بچائي مثال قائم ڪيو ھيو ۽ پنھنجا دنگ ۽ رنگ بند نہ ڇڏي رمضان شريف جا روزا بہ رنگ بند تي رکيا ۽ ڇوڙيا ھيا ۽ عيد نماز بہ رنگ بند تي پڙھي ھئي. اڄ بہ سرائي اعظم رند جي نياڻي جي موت تي قربان رند، بالو رند، سعيد رند، سرور رند، منير رند ڳوٺ بچل رند ۾ تڏو ڪرڻ بجا۽ رنگ بند تي تڏو وڇائي عذر خواھي وصول ڪري رھيا آھن تہ پنھنجي رنگ بند جي چوڪسي بہ ڪري رھيا آھن. اھو تڏو سرائي اعظم رند جي نياڻي جو تڏو ناھي شايد اھو سنڌ حُڪومت جي ڪارڪردگي جو تڏو بہ آھي جيڪا 2010 ۾ ڪونہ ھئي ۽ ھاڻي بہ غيرموجود آھي. جوھي واسين 2010 ۾ ڏسي ورتو ھيو ۽ ھاڻي بہ سمجهي ورتو آھي تہ ھي رياست، ھتي قائم وفاقي ۽ سنڌ حُڪومتون سندن حال ڀائي ناھن ٿيڻيون. اھائي سوچ ھر گذرندڙ پل ھر ايندڙ آفت کان پوءِ وڌيڪ گهري ٿي رھي آھي. جنھن طريقي سان ڪشمور گهوٽڪي کان حيدرآباد ۽ نئون ڪوٽ تائين سنڌ لُڙھي ويئي آھي ۽ لوڙھائي ويئي آھي تہ پوءِ نتيجي ۾ اھو ٿيڻ ۾ بہ دير ناھي لڳندي جيئن مرتضي ڀٽي جي موڀي پٽ ذوالفقار جونيئر ڪجهہ ڏينھن اڳ چيو آھي، “ھونئن بہ جنگيون ۽ سيلاب انقلابن کي جنم ڏيندا آھن يا انارڪي کي، ٻي عالمي جنگ آڪتوبر انقلاب کي جنم ڏنو ۽ اڀرندي بنگال جي سيلاب بنگلا ديش کي. “
ڏسجي 2022 جي مھا ٻوڏ جي وچ سِير ۾ گذرندڙ پل ۽ وقت سنڌ، ھن ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي وڃي ٿو.